سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 6

فصل ٽيون

جلال الدين فيروز خلجي

        ائين جڏھن بادشاھھ بلڪل بيڪار ٿي پيو، تڏھن سندس نائب جلال الدين فيروز خلجي بغاوت ڪئي، ۽ شھر کان ٻاھر نڪري، قبي حبيشانيءَ جي ڀرسان جيڪو دڙو آھي، تنھن تي وڃي خيما کوڙي ويھي رھيو، معزالدين پنھنجن اميرن کي لڙائي لاءِ موڪليو، جيڪو بھ امير لڙائي لاءِ ويو ٿي، سو جلال الدين فيروز جي ھٿ تي بيعت ڪري، ساڻس ملي ٿي ويو، پوءِ جلال الدين شھر ۾ داخل ٿي، محل کي گھيرو ڪري ويھي رھيو، بادشاھھ بک کان مرڻ لڳو، ھڪ شخص مون سان ڳالھھ ڪئي تھ سندس پاڙي ۾ ھڪ شريف ماڻھو جو گھر ھو، جيڪو کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.

        آخر لشڪر محل ۾ داخل ٿي، کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين، ان کانپوءِ جلال الدين بادشاھھ ٿيو، ھيءُ بادشاھھ وڏو بردبار ۽ عقلمند ھوندو ھو، ليڪن ھن جي بردباري ئي سندس موت جو سبب ٿي پئي، جڏھن ھيءُ مستقل طرح سان بادشاھھ ٿي ويو، تڏھن ھن پنھنجي نالي تي ھڪ محل ٺھرايو، جيڪو بعد ۾ سلطان محمد تغلق پنھنجي ناٺيءَ عذابن مھنيٰ کي ڏيئي ڇڏيو ھو، ھن بادشاھھ کي ھڪ پٽ ھو، جنھن جو نالو ھو رڪن الدين، ۽ علاءُ الدين نالي ھڪ ڀائٽيو پڻ ھئس، جيڪو سندس ناٺي بھ ھو، جنھن کي بادشاھھ ڪڙا ۽ ماڻڪ پور جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھيءُ علائقو ھندستان ۾ تمام گھڻو آباد ۽ زرخيز ليکيو ويندو آھي، ھتي ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي پيداوار جام ٿيندي آھي، اتي ڪپڙو بھ تمام قيمتي ٺھندو آھي، ۽ دھليءَ ۾ وڪامڻ لاءِ ايندو آھي، شھر ڪڙا دھلي کان ارڙھن منزلون دور آھي.

علاءُ الدين جي زال کيس ھميشھ ستائيندي رھندي ھئي، تنھن جي شڪايت ھو پنھنجي چاچي سان ڪندو رھندو ھو، جنھن ڪري ٻنھي زال ۽ مڙس جي دلين ۾ ھڪٻئي کان نفرت پيدا ٿي پئي، علاءُ الدين ھڪ بھادر، دانشمند ۽ خود حڪومت قائم ڪرڻ جي طاقت رکندڙ جوان ھو، پر ھن جي مالي حالت تمام خراب ھئي، ھڪ دفعي ھن ديوڳڙھھ تي حملو ڪيو، ھيءُ شھر مالوا جي مرھٽن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، اتي جو راجا انھن ڏينھن ۾ ھندستان جي سڀني راجائن کان وڏو سمجھيو ويندو ھو، رستي تان ھلندي، علاءُ الدين جي گھوڙي جو پير ھڪ ھنڌ زمين ۾ گھڙي ويو، تھ اتان ٺڙڪي جو آواز نڪتو، انھيءَ ھنڌ کوٽائي ڪرائي، تھ اتان بيشمار مال ھٿ لڳس، جيڪو سڄو پنھنجي فوج ۾ ورھائي ڇڏيائين.

        پوءِ اتان ديو ڳڙھھ ڏانھن روانو ٿيو، اتي جي راجا بنان لڙائي جي آڻ مڃي ۽ گھڻو ئي مال ڏيئي کيس واپس ڪيائين، علاءُ الدين واپس ڪڙا ۾ آيو، پر بادشاھھ ڏانھن انھي مال مان ڪجھھ بھ نھ موڪليائين، درٻارين بادشاھھ کي گھڻو ڀڙڪايو، جنھن تي بادشاھھ کيس پاڻ وٽ سڏايو، پر ھو سڏ تي بھ نھ ويو، جنھن تي بادشاھھ خود وڃي کيس وٺي اچڻ جو ارادو ڪيو، جو کيس پنھنجي اولاد وانگر ڪري ڀائيندو ھو، بادشاھھ لشڪر ۽ سفر جو سامان تيار ڪري، ڪڙا ڏانھن روانو ٿيو، ھو درياءَ جي ڪناري تي، جتي اڳي معزالدين لٿو ھو، ترسي پيو، ٻيڙي ۾ ويھي، ڀائٽي ڏانھن وڃڻ لڳو، ٻئي طرف کان علاءُ الدين پڻ ٻيڙي ۾ ويھي، کيس ملڻ لاءِ ويو، ھن پنھنجي نوڪرن کي سمجھائي ڇڏيو ھو تھ ، جنھن وقت مان بادشاھھ سان ڀاڪر پائي ملان، تنھن وقت توھان ھڪدم کيس ختم ڪري ڇڏجو، ۽ ھنن واعدي مطابق ائين ئي ڪيو.

سلطان علاءُ الدين محمد شاھھ خلجي

بادشاھھ جي اوچتي قتل ٿيڻ تي سندس لشڪر جو ڪجھھ حصو تھ علاءُ الدين سان ملي ويو ۽ ڪجھھ دھليءَ ڏانھن واپس ڀڄي ويو، اتي اچي ھنن بادشاھھ جي پٽ رڪن الدين کي پنھنجو بادشاھھ ڪيو، جڏھن رڪن الدين انھن کي پاڻ سان وٺي علاءُ الدين سان لڙائي ڪرڻ لاءِ وڌيو، تڏھن اھي بھ علاءُ الدين جي لشڪر سان وڃي مليا، رڪن الدين جان بچائي سنڌ ڏانھن ڀڄي ويو، تنھن کانپوءِ علاءٌ الدين دارلخلافھ ۾ داخل ٿيو ۽ ويھن سالن تائين بادشاھي ڪيائين.

علاءُ الدين بھترين بادشاھن مان ھڪ ڳڻيو ويندو آھي ۽ ھندستان جا باشندا اڃا تائين بھ سندس تعريف ڪندا آھن، حڪومت جي ڪمن ۾ ھو گھڻي دلچسپي وٺندو ھو ۽ ڪيترائي ڪم پنھنجي سر ڪندو ھو، ھر روز شين جي اگھن جي پڇا ڪندو ھو  ۽ محتسب کان اھڙي رپورٽ وٺندو ھو، محتسب کي ھن ملڪ ۾ ”رئيس“ چوندا آھن، ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪ ڀيري محتسب کان پڇيائين تھ گوشت جي مھانگي ٿيڻ جو سبب ڇا آھي؟ ھن ٻڌايس تھ ڳئن ۽ ٻڪرين تي زڪوات(محصول) ورتي ٿي وڃي، بادشاھھ انھي ئي ڏينھن کان اھڙي قسم جا محصول معاف ڪري ڇڏيا، نھ رڳو ايترو، پر واپارين کي گھرائي پنھنجي خزاني مان کين رپيا ڏنائين تھ انھن جون ڳئون ۽ ٻڪريون خريد ڪري، انھن جو گوشت وڪڻي، قيمت خزاني ۾ جمع ڪن ۽ سندن ڪجھھ ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح سان جيڪو ڪپڙو دولت آباد کان ايندو  ھو، تنھن جو بھ مناسب انتظام ڪيائين.

        ھڪ دفعي اناج سخت مھانگو ٿي ويو ھو ۽ بادشاھھ يڪدم سرڪاري گدام  کولائي ڇڏيا، نتيجو اھو ٿيو جو اگھھ سستو ٿي ويو، بادشاھھ اناج جو ھڪ واجبي اگھھ مقرر ڪري ڇڏيو ھو، تھ انھي مطابق خريد و فروخت ڪئي وڃي، اناج جي واپارين انھي اگھھ تي اناج وڪڻڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھھ جواب ۾ پنھنجو  گدام کولائي ڇڏيو ۽ کين وڪڻڻ کان بلڪل منع ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح پاڻ ڇھھ مھينا وڪرو ڪندو رھيو، جڏھن ذخيره اندوزن ڏٺو تھ سندن اناج ڪيڙي لڳڻ ڪري خراب ٿو ٿئي، تڏھن اھو بادشاھھ کي وڃي پيش ڪيائون، بادشاھھ وري کين اھڙو اگھھ مقرر ڪري ڏنو، جيڪو اڳي کان بھ سستو ھو، جو لاچار کين قبول ڪرڻو پيو.

        ھيءُ بادشاھھ نھ تھ جمعي ڏينھن سواريءَ تي ٻاھر نڪرندو ھو، نھ عيد جي ڏينھن، ۽ نھ ئي وري ڪنھن ٻئي اھڙي ڏينھن. ان جو سبب اھو بيان ڪيو ٿو وڃي تھ ھن کي ھڪ سليمان نالي ڀائٽيو ھوندو ھو، جنھن سان ھن (علاءُ الدين) کي تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي، ھڪ ڏينھن بادشاھھ شڪار تي ويو تھ ھن کي بھ ساڻ وٺي ويو، سليمان ارادو ڪيو تھ مان بھ بادشاھھ سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريان ، جھڙو ھن پنھنجي چاچي جلال الدين سان ڪيو ھو، جڏھن ناشتي ڪرڻ لاءِ ھڪ جاءِ تي لٿا، تڏھن سليمان بادشاھھ کي اھڙو تير ڪسي ھنيو، جو لڳڻ سان بادشاھھ اونڌو ٿي وڃي ڪريو، سندس غلامن مان ڪنھن ھن تي ڍال رکي ڇڏي، سليمان ڀرسان آيو تھ بادشاھھ کي صفا ختم ڪري ڇڏي، پر غلامن ٻِڌايس تھ ھو مري چڪو آھي، سندن ڳالھھ سچي سمجھي، سليمان دارلخلافھ ڏانھن راھي ٿيو ۽ حرم ۾ ھليو ويو.

        ھوڏانھن بادشاھھ ھوش ۾ اچي ويو، سڄو لشڪر اچي اتي گڏ ٿيو، آخر سندس ڀائيٽيو جيڪو ڀڄي ويو ھو، تنھن کي گرفتار ڪري ھن وٽ وٺي آيا، علاءُ الدين کيس اتي ئي قتل ڪرائي ڇڏيو، انھيءَ واقعي کانپوءِ ھو ڪڏھن بھ سوار ٿي ٻاھر نھ نڪتو، بادشاھھ جا پنج پٽ ھئا، خضر خان، شادي خان، ابوبڪر خان، مبارڪ خان(جنھن جو ٻيو نالو قطب الدين خان ھو) ۽ شھاب الدين، انھن مان قطب الدين کي بادشاھھ ڪم عقل، بدنصيب ۽ بيڪار ڪري سمجھندو ھو، ھن جي ٻين ڀائرن کي وڏا وڏا عھدا، علم ۽ طبل عطا ٿيل ھئا، پر ھن(قطب الدين) کي ڪجھھ بھ نھ ڏنو ويو ھو. ھڪ ڏينھن بادشاھھ کيس چيو تھ مون کي  اھا تعظيم ۽ اھي مرتبا توکي بھ ڏيڻا پيا، جيڪي تنھنجي ٻين ڀائرن کي ڏنا اٿم، تنھن تي قطب الدين جواب ڏنس تھ مون کي منھنجو خدا ڏيندو، ھن جواب تي بادشاھھ خوفزده ٿي ويو ۽ کانئس وڌيڪ ناراض ٿي پيو.

        ھن واقعي کانپوءِ بادشاھھ بيمار ٿي پيو، سندس وڏي راڻي خضر خان جي ماءُ ھئي، جنھن جو نالو ھو ماھڪ، ان رانيءَ جو سنجر(١) نالي ھڪ ڀاءُ ھو، جنھن کان قسم ورتو ھئائين تھ بادشاھھ جي مرڻ کانپوءِ ھو سندس پٽ خضر خان کي حڪومت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو، اھا خبر بادشاھھ جي ھڪ نائب کي پھتي، جنھن کي الفي ڪري چوندا ھئا، ڇو تھ بادشاھھ کيس ھڪ ھزار دينار ڏيئي خريد ڪيو ھو، ھن اھا خبر وڃي بادشاھھ کي پھچائي، تھ ھن قسم جو واعدو ٿيو آھي، بادشاھھ يڪدم پنھنجن خاص ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ جڏھن سنجر مون وٽ اچي ۽ مان کيس خلعت ڏيان، جيڪا اڃا ھو پھرڻ شروع ڪري، تھ توھان سندس مشڪون ٻڌي، کيس زمين تي ڪيرائي، ساڙي ڇڏجو، حڪم جي بجا آوري ڪئي وئي.

ان ڏينھن خضر خان سندپت(2) ڏانھن شھيد جي زيارت لاءِ ويو ھو، ھي جڳھھ دھليءَ کان ھڪ منزل پري آھي، خضر خان اھا باس باسي ھئي تھ پيرين اگھاڙو وڃي زيارت ڪندو ۽ پنھنجي پيءُ جي صحتيابي لاءِ وڃي دعا گھرندو، جڏھن ھن کي اھا خبر پھتي تھ سندس پيءَ ھن جي مامي کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، تڏھن پنھنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيائين، ھندستانين ۾ اھا رسم آھي تھ جڏھن ڪو سندن عزيز مرندو آھي، تھ پنھنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندا آھن، بادشاھھ کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس. خضر خان جڏھن ھن وٽ ويو، تڏھن مٿس ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ کيس لعنت ملامت ڪري حڪم ڪيائين تھ ھن جا ھٿ پير ٻڌي، کيس ملڪ نائب (ملڪ ڪافور يعني الفي خان) جي حوالي ڪيو وڃي، جنھن کي حڪم ڪيائين تھ ھن کي گاليور(گواليار) جي قلعي ۾ وڃي قيد ۾ رکي.

        ھيءُ قلعو ھندن جي رياستن جي وچ ۾ آھي ۽ دھليءَ کان ڏھھ منزلون پري آھي، ھيءُ ھڪ نھايت مضبوط قلعو ڪري سمجھيو ويندو آھي، مان بھ ھن قلعي ۾ ڪجھھ عرصو رھيو آھيان خضر خان کي ھت آڻي، ڪوٽوال ۽ قلعي جي محافظين جي سپرد ڪيو ويو ۽ قلعي جي عملدارن کي چيو ويو تھ توھان ھن کي بادشاھھ جو پٽ ڪري نھ سمجھجو، بلڪھ ھن جي اھڙي طرح چوڪسي ڪجو، جھڙي بادشاھھ جي سخت دشمن جي ڪئي ويندي آھي، ان کانپوءِ بادشاھھ جي بيماري وڌندي وئي، آخر بادشاھھ حڪم ڪيو تھ خضر خان کي گھرائي وٺو تھ کيس ولي عھد مقرر ڪريان، نائب چيو تھ حاضر، کيس جلد گھرائي ٿا وٺون، پر ڄاڻي واڻي گھرائڻ ۾ دير ڪيائين، بادشاھھ جي وري پڇا ڪرڻ تي کيس چيو ويو تھ اجھو آيو ڪي آيو، پر ايتري ۾ بادشاھھ مري ويو.

سلطان شھاب الدين

        جڏھن علاءُ الدين مري ويو، تڏھن ملڪ نائب (الفي) سندس سڀ کان ننڍي پٽ شھاب الدين کي تخت تي ويھاريو ۽ ماڻھن کان ان جي بيعت ڪرائي ڇڏيائين، ھينئر ملڪ جو سڄو ڪاروبار ملڪ نائب جي ھٿ ۾ رھيو، ھن شادي خان ۽ ابوبڪر خان جون اکيون ڪڍرائي کين گواليار جي قلعي ۾ موڪلي ڏنو، خضر خان لاءِ حڪم ڪيائين تھ ھن کي بھ انڌو ڪيووڃي، قطب الدين کي بھ قيد ڪيائين پر سندس اکيون ڪو نھ ڪڍايائين، سلطان علاءُ الدين جي خاص غلامن مان بشير ۽ مبشر نالي ٻھ غلام ھوندا ھئا، انھن کي بادشاھھ بيگم، جيڪا سلطان معزالدين جي ڌيءُ ھئي، ھيءُ پيغام موڪليو تھ ملڪ نائب الفي جيڪو سلوڪ منھنجي پٽن سان ڪيو آھي، سو توھان ڄاڻو ٿا، ھينئر ھو قطب الدين کي بھ قتل ڪرڻ ٿو چاھي، غلامن جواب ۾ چوائي موڪليس تھ اسان جيڪي ڪرڻ وارا آھيون، سو توکي سگھوئي معلوم ٿيندو.

        ھنن جي عادت ھئي تھ ھو رات جو نائب وٽ رھندا ھئا ۽ کين نائب وٽ ھٿيارن سان اچڻ جي پڻ اجازت مليل ھوندي ھئي، ان رات بھ ھو اھڙي طرح سان آيا، نائب ان رات ڪاٺ جي بالاخافي ۾ ويٺو ھو، ھيءُ بالاخانو سڀ کان مٿينءَ ڇت تي ھو، جنھن کي ھن ملڪ ۾ خرمقھ ڪري چوندا آھن، نائب ھڪ غلام کان تلوار وٺي اھا اونڌي پاسيري ڪري، ڏسي، وري کيس موٽائي ڏني، ان وقت يڪدم انھن مان ھڪ تلوار جو وار ڪيو ۽ پوءِ ٻئي بھ تلوار ھلائي، ٿوري دير بعد ٻئي ھن جو سر قطب الدين وٽ قيدخاني ۾ کڻي آيا ۽ اچي اڳيان ڦٽي ڪيائونس، پوءِ قطب الدين کي ٻاھر ڪڍي آيا، قطب الدين ڪجھھ ڏينھن تائين پنھنجي ڀاءُ شھاب الدين جو نائب ٿي ڪم ڪندو رھيو، پر آخر کيس تخت تان لاھي پاڻ بادشاھھ ٿي ويٺو.

سلطان قطب الدين

        قطب الدين تخت تي ويھڻ سان شھاب الدين جون آڱريون وڍائي ھن کي بھ ٻين ڀائرن ڏانھن گواليار جي قلعي ڏانھن موڪلي ڏنو ۽ پاڻ دولت آباد ڏانھن ھليو ويو، دولت آباد دھلي کان چاليھن ڏينھن جي پنڌ تي آھي ۽ سڄي رستي جي ٻنھي پاسي قسم قسم جا ڊگھا وڻ سڌين قطارن ۾ اھڙي طرح لڳل آھن جو اتان لنگھندي ائين پيو ڀانئجي ڄڻ تھ ڪنھن باغ جي وچ مان پيو لنگھجي، ھر ھڪ ميل تي ٽپال جي ھر ڪارن جون ٽي چونڪيون آھن جنھن جو اسين مٿي بيان ڪر ي آيا آھيون. ھر چونڪي تي مسافرن جي ضرورت جي ھر شيءِ موجود ملي سگھي ٿي، ڄڻ تھ ھو بازار مان پيا ويندا آھن اھڙي طرح سان ھي رستو تلنگانا ۽ معبر جي ملڪ تائين ھليو ٿو وڃي،  جو دھلي کان ڇھن مھينن جو پنڌ آھي، ھر ھڪ منزل تي بادشاھي محل ۽ مسافرن لاءِ سراءِ آھي، مسافرن کي رستي لاءِ سيڌي وغيرھ کڻڻ جي ڪا بھ ضرورت ڪا نھ ٿي پوي.

سلطان قطب الدين رستي ۾ ئي ھو، تھ ڪن اميرن سندس خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سندس ڏھن سالن جي عمر جي ڀائٽي کي ”جيڪو خضر خان جو پٽ ھو“ تخت تي ويھارڻ چاھيائون، قطب الدين پنھنجي ڀائٽي کي پيرن کان جھلي سندس مٿو زور سان پٿر تي ھڻي، سندس مغز ڀڃي کيس ماري وڌو ۽ پنھنجي ھڪ امير کي، ”جنھن جو نالو ملڪ شاھھ ھو“ گواليار ڏانھن موڪليائين ۽ کيس حڪم ڏنائين تھ ڇوڪري جي پيءُ ۽ سندس سڀني چاچن کي قتل ڪري ڇڏي، قاضي زين الدين مبارڪ، گواليار جي قاضي مون کي ٻڌايو ھو  تھ جنھن ڏينھن ملڪ شاھھ قلعي ۾ پھتو، ان وقت مان خضر خان وٽ ويٺو ھوس، ملڪ شاھھ جي اچڻ جي خبر ٻڌي، سندس رنگ اڏامي ويو، ملڪ شاھھ جڏھن خضر خان وٽ آيو، تڏھن پڇائينس تھ ڪيئن آيو آھين؟ جنھن تي امير جواب ڏنس تھ آخوند عالم، ڪنھن ضروري ڪم سان آيو آھيان، جنھن تي خصر خان وري بھ پڇيس تھ منھنجي جان جو خير تھ آھي؟ امير چيو تھ ھائو. پوءِ ھن ڪوٽوال کي گھرايو ۽ قلعي جي عملدارن”جيڪي ٽي سئو شخص ھئا“ مون کي ۽ ٻين شاھدن کي گھرائي ، سڀني جي روبرو بادشاھھ جو حڪم پڙھايائين.

        ھو پھريائين شھاب الدين وٽ آيا ۽ ھن کي اچي ماريائون، ھن ڪنھن قسم جو ڊپ يا بي قراري ظاھر نھ ڪئي، پوءِ ابو بڪر ۽ شادي خان جا سر جدا ڪيا ويا، پر جڏھن خضر خان جو وارو آيو، تڏھن ھو  وٺي رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو، ھن جي ماءُ بھ ھن سان گڏ ھئي، جنھن کي گھر ۾ بند ڪيو ويو، پوءِ خضر خان کي ماري، انھن سڀني جا لاش بنان ڪنھن ڪفن دفن جي ھڪ کڏ کوٽي  ان ۾ پوري ڇڏيائون ، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ کين اتان ڪڍي سندن خانداني مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، خصر خان جي ماءُ دير تائين زندھ رھي، جو مون کيس ٧٢٨ھھ ۾ مڪي معظم ۾ ڏٺو ھو.

        گواليار جو قلعو ھڪ جبل جي چوٽي تي اھڙي طرح  ٺھيل آھي جو ڄڻ تھ پٿر کي تراشي ٺاھيو ويو آھي، ان جي آس پاس ايڏو بلند جبل ٻيو ڪو بھ ڪونھي، قلعي جي اندر  پاڻي جو ھڪ تلاءُ ۽ ويھارو کن کوھھ آھن، ھر ھڪ کوھھ تي پناھھ جي ديوار آھي، جنھن تي منجنيق ۽ عراده رکيل آھن، قلعي جي چاڙھي جو رستو ايترو تھ ڪشادو آھي جو ھڪ ھاٿي آساني سان اچي وڃي  سگھي ٿو. قلعي جي دروازي تي پٿر جو تراشيل ھاٿي جو ھڪ مجسمو فيلبان سميت ٺھيل موجود آھي، جيڪو پري کان جنسي ھاٿي پيو لڳي ، قلعي جي ھيٺان وري شھر آباد آھي، جيڪو تمام خوبصورتي سان اڏيل آھي، سڀ عمارتون  ۽ مسجدون سفيد پٿر جون ٺھيل آھن، دروازن کان سواءِ ڪاٺ ڪٿي بھ استعمال ڪيل نھ آھي، رعيت گھڻو ڪري ھندو آھي، اتي بادشاھھ جي طرفان ڇھھ سئو سوار رھندا آھن جيڪي گھڻو ڪري لڙائي ۾ مشغول رھندا آھن، ڇو تھ ھي قلعو ھندن جي رياستن جي بلڪل وچ ۾ آھي.

        جڏھن قطب الدين پنھنجي سڀني ڀائرن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس حريفن مان ڪو بھ باقي نھ رھيو، تڏھن خدا تعاليٰ وري ھن تي ھڪ قاتل مقرر ڪري ڇڏيو، جو سندس نھايت دادلو امير ڪبير ھو، آخر انھيءَ امير قطب الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کي وري خدا تعاليٰ سلطان تغلق جي ھٿان قتل ڪري ڇڏايو، ھينئر تفصيل سان ان قاتل امير ڪبير جو بيان ٿا ڪريون.

 

سلطان خسرو خان ناصر الدين جو بيان

        خسرو خان(1) قطب الدين جي اميرن مان ھڪ وڏو بھادر ۽ خوبصورت جوان ھوندو ھو، چندبري ۽ معبر وارو ملڪ ھن ئي فتح ڪيو ھو، ھي ملڪ ھندستان ۾ نھايت سرسبز ۽ آباد ليکيو ويندو آھي ۽ دھليءَ کان ڇھن مھينن جي پنڌ تي آھي،  قطب الدين خسرو ملڪ سان تمام گھڻي محبت رکندو ھو.

        قطب الدين جو استاد قاضي خان(2) صدر جھان امراءُ عظيم الشان مان ھڪ ھوندو ھو، جنھن کي ڪليد داري جو عھدو بھ مليو ھو، يعني تھ بادشاھي محل جي ڪنجي ھن وٽ رھندي ھئي، ھن جي ڊيوٽي ھوندي ھئي تھ ھو رات جو بادشاھي محل جي دروازي تي رھندو ھو ۽ ھڪ ھزار ماڻھو سندس زيردستي ۾ ڪم ڪندا ھئا، ھر رات اڍائي اڍائي سئو ماڻھو پھري تي رھندا ھئا، ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين اھي پھريدار رستي جي ٻنھي پاسي قطار ٻڌي، ھٿيارن سان بيٺا ھوندا ھئا، تنھن ڪري جڏھن ڪو بھ ماڻھو محل جي اندر ايندو ھو، تھ ھن کي انھن قطارن جي وچ  مان لنگھڻو پوندو ھو، انھن پھريدارن کي ”نوبت وارا“ بھ ڪري چوندا ھئا، انھن جي مٿان آفيسر ۽ منشي ھوندا ھئا، جيڪي گشت ڪندا رھندا ھئا، ۽ سندن حاضري بھ وٺندا ھئا تھ ڪو غير حاضر نھ ھجي، رات وارا جڏھن پھرو ڏيئي بس ڪندا ھئا، تڏھن ڏينھن وارا سندن جاءِ تي پھري لاءِ اچي بيھي ويندا ھئا.

        قاضي خان خسرو ملڪ کان تمام گھڻي نفرت ڪندو ھو، ڇو تھ ھو اصل ۾ ھڪ ھندو ھو ۽ ھندن جي تمام گھڻي پاسخاطري ڪندو ھو، تنھن ڪري قاضي خان ھن کان ناراض رھندو ھو. ھر موقعي تي قاضي خان بادشاھھ کي عرض ڪندو رھيو تھ ھن کان خبردار رھڻ گھرجي، پر بادشاھھ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو ھوس، ڪڏھن ھيئن چئي ٽاري ڇڏيندو ھوس تھ اھڙي ڳالھين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تھ خدا تعاليٰ ھن لاءِ اھا قضا مقرر ڪري ڇڏي ھئي تھ ھن جي ھٿان قتل ڪيو وڃي، تنھن ڪري ئي بادشاھھ اھڙي بي رخي اختيار ڪندو رھيو.

        ھڪ ڏينھن خسرو خان بادشاھھ کي چيو تھ ڪي ھندو مسلمان ٿيڻ ٿا چاھين، ان وقت اھو دستور ھوندو ھو تھ جيڪڏھن ڪو ھندو(1) مسلمان ٿيڻ چاھيندو ھو تھ ھو پھريائين بادشاھھ کي سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندو ھو ۽ بادشاھھ جي طرفان کيس خلعت ۽ سونا ڪنگڻ انعام ۾ ملندا ھئا، بادشاھھ خسرو خان کي چيو تھ ”انھن ھندن کي اندر وٺي اچ“  جنھن تي خسرو ملڪ عرض ڪيو تھ ”ھو رات جو اچڻ ٿا گھرن، ڇو تھ ڏينھن جو پنھنجي عزيزن ۽ مذھب وارن کان کين شرم ٿو اچي“  بادشاھھ چيو تھ ”چڱو رات جھو ئي کين وٺي اچج“ خسرو ملڪ سٺا سٺا بھادر ھندو چونڊي ھن ڪم لاءِ کنيا ھئا، جن ۾ سندس ڀاءُ خان خانان پڻ ھو ھو.

        گرميءَ جي موسم ھئي، بادشاھھ سڀ کان مٿيئن ڇت تي ھو ، ان وقت بادشاھھ وٽ سواءِ ڪن ٿورن غلامن جي ٻيو ڪو بھ موجود ڪو نھ ھو، اھي ھندو جڏھن چئن دروازن کان لنگھي پنجين دروازي تي پھتا تھ انھن کي ھٿيارن سان ڏسي، قاضي خان کي شڪ پيدا ٿيو، ھن کين روڪيندي چيو تھ ”ترسو، جيستائين مان آخوند عالم(بادشاھھ) کان اجازت وٺي اچان،“ جنھن تي يڪدم انھن حملو ڪري قاضي خان کي ماري وڌو، گوڙ گھمسان تي بادشاھھ پڇيو تھ ”اھو سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟“ ايتري ۾ خسرو خان بادشاھھ تائين پھچندي چيو، تھ .ھو ھندو اچي رھيا آھن  ۽ قاضي خان کين روڪيو، تنھن ڪري ڪجھھ تڪرار ٿي پيو آھي“ ھي ٻڌي بادشاھھ خوفزده ٿي محل ڏانھن ڀڳو پر دروازو بند ھو، ھن دروازو کڙڪايو پر اوچتو پٺيان خسرو ملڪ اچي جھليس، بادشاھھ زبردست ھو، تنھن کڻي کيس دسيو ۽ مٿان چڙھي ويٺس، ايتري ۾ ھندو اچي ويا، خسرو خان رڙ ڪري ٻڌاين تھ بادشاھھ مون کي ھيٺان دسيو ويٺو آھي، ڪا واھر ڪريو، ھنن يڪدم بادشاھھ کي قتل ڪري وڌو، ۽ سندس سر ڪپي کڻي اڱڻ ۾ ڦٽو ڪيو.

ھن ڪم کان پوءِ خسرو خان يڪدم اميرن ۽ آفيسرن کي گھرايو، انھن کي ھن واقعي جي ڪا بھ خبر ڪا نھ ھي، تنھن ڪري ھو جيئن اندر آيا تيئن خسرو خان کي تخت تي ويٺل  ڏٺائون ، انھن سڀني سندس بيعت ڪئي ۽ صبح تائين اتي ئي ترسيا، صبح ٿيڻ سان ھن پڙھو ڏياريو ۽ دارالخلافھ کان ٻاھر جيڪي بھ امير ھئا تن جي نالي پروانا ۽ قيمتي خلعتون روانيو ڪيائين سڀني سندس اطاعت مڃي، پر ديال پور(1) جي حاڪم تخلق شاھھ سندس خلعت کي ڦاڙي پٽ تي ڦٽي ڪري ان جي مٿان چڙھي ويھي رھيو، خسرو خان پنھنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن تي چاڙھي موڪليو؛ جنھن کي تغلق شاھھ شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو.

خسرو ملڪ جڏھن بادشاھھ ٿيو تڏھن ھندن کي وڏا وڏا عھدا ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين تھ سڄي ملڪ ۾ ڪو بھ ڳئون نھ ڪھي، ھندو ڳئون کي مارڻ ناجائز سمجھندا ھئا ۽ جيڪڏھن ڪو ڳئون ڪھندو ھو تھ ان کي سزا طور انھي ڳئون جي کل ۾ سبارائي، ساڙي ڇڏيندا ھئا، ھي ماڻھو ڳئون جي تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا ۽ ان جو پيشاب ثواب لاءِ يا دوا طور استعمال ڪندا ھئا از انسواءِ ان جي ڀائخاني سان پنھنجي گھرن کي ليپو پڻ ڏيندا آھن، خسرو خان چاھيو ٿي تھ مسلمان بھ ائين ڪن، تنھن ڪري اھي کانئس نفرت ڪرڻ لڳا ۽ سڀني گڏجي تغلق جي طرفداري ڪئي، اھڙي طرح سندس  دور حڪومت  وڌيڪ ھلي نھ سگھيو، جنھن جو ھيٺ بيان ٿا ڪريون.

  

فصل چوٿون

سلطان غياث الدين تغلق شاھھ

       

 شيخ امام صالح عالم عامل عابد رڪن الدين بن شيخ صالح شمس الدين ابي عبدالله ابن ولي امام عالم عابد بھاءُ الدين زڪريا قرشي(قريشي) ملتاني مون کي ٻڌايو تھ تغلق اصل قرونھ(1) ترڪن جي قوم مان ھو، ھن قوم جا ماڻھو ترڪستان ۽ سنڌ جي وچ وارن جبلن ۾ رھندا آھن. تغلق ھڪ تمام مفلس ماڻھو ھو، ۽ پھريائين جڏھن سنڌ ۾ آيو، تڏھن  ھڪ سوداگر وٽ مال چاريندو ھو، ھي ءَ سلطان علاءُ الدين جي وقت جي ڳالھھ آھي تھ انھن ڏينھين بادشاھھ جو ڀاءُ اولو خان (الف خان) سنڌ جو حاڪم ھو، تغلق آخر اچي سندس نوڪري ۾ داخل ٿيو، پھريائين پيادل جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو، پر پوءِ جڏھن الغ خان کي سندس بھادريءَ ۽ شرافت جي خبر پئي ، تڏھن کيس ترقي ڏيئي سوارن ۾ داخل ڪيائين. ترقي ڪندي، ھو آفيسر ٿيو. ان کان پوءِ ھن کي مير آخور (طبيلن جو داروغو) ڪيو ويو ۽ آخر ڪار وڃي امراءِ عظيم الشان مان ھڪ ٿيو.

مون ملتان ۾ تغلق جي ٺھرايل مسجد ۾ ھڪ ڪتبو لکيل پڙھيو آھي، جنھن ۾ لکيل آھي تھ ”ھن اٺٽيھھ دفعا تاتارين (منگولي) سان وڙھي، کين شڪست ڏيئي، ”ملڪ غازي“ جو خطاب حاصل ڪيو ھو.“ آخر سلطان قطب الدين ھن کي دبال پور جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ سندس پٽ جونا خان کي مير آخور جو عھدو ڏنائين، خسرو خان بھ سندن اھيئي عھدا قائم رکيا، جڏھن تغلق خسرو خان جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو تنھن وقت ھن وٽ رڳو ٽي سو کن سپاھي ھئا، جن تي ھن کي پورو ڀروسو ھوندو ھو. ھن ڪشلو خان کي لکيو ، جو ان وقت ملتان جو حاڪم ھو، تھ منھنجي ھن ڪم ۾ ضرور مدد ڪر ۽ پنھنجي پياري بادشاھھ جي خون جو بدلو وٺ، ڪشلو خان جواب موڪليس تھ جيڪڏھن منھنجو پٽ خسرو خان وٽ نھ ھجي ھا تھ مان ھر صورت ۾ تنھنجي مدد ڪريان ھا. ملڪ غازي غياث الدين تغلق تنھن تي يڪدم پنھنجي پٽ جونا خان کي لکيو تھ منھنجو ارادو ھي آھي، تنھن ڪري ڪيئن بھ ڪري تون ڪشلو خان جي پٽ کي ساڻ ڪري نڪري، مون وٽ ھليو اچ.

        جونا خان سوچيندو رھيو تھ ڪھڙي تجويز ڪجي، آخر کيس موقعو ملي ويو. ھڪ ڏينھن خسرو خان کيس چيو تھ گھوڙا تمام ٿلھا ٿي پيا آھن ۽ وڃن ٿا بدن تي گوشت چاڙھيندا، تنھن ڪري ھنن کان ڪم وٺ. اھڙيءَ طرح سان جونا خان ھر روز انھن کي گھمائڻ وٺي ويندو ھو، ھو ڪڏھن ڪلاڪ ۾ واپس موٽندو ھو تھ ڪڏھن ٻھ يا ٽي ڪلاڪ بھ لڳي ويندا ھئس. ھڪ ڏينھن ظھر جي وقت تائين ڪو نھ موٽيو. مانيءَ جو وقت ٿي ويو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ھن جي خبر ورتي وڃي. ماڻھو ھن جي تلاش ڪري موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون تھ اسان کي معلوم ٿيو آھي تھ ڪشلو خان جي پٽ سوڌو پنھنجي پيءُ ڏانھن ڀڄي ويو آھي.

        ھوڏانھن تغلق پٽ جي پھچندي ئي بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪشلو خان جو لشڪر گھرائڻ شروع ڪري ڏنائين. خسرو خان پنھنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن سان لڙائيءَ لاءِ چاڙھي موڪليو، پر ھو شڪست کائي موٽي آيو ۽ سندس سڀ ساٿي مارجي ويا، ھن لڙائي: مان تغلق کي تمام گھڻو خزانو ۽ ٻيو  مال ھٿ لڳو. تغلق دھلي -انھن وڌڻ لڳو. ھوڏانھن خسرو خان پنھنجو لشڪر ساڻ ڪري مقابلي لاءِ شھر کان ٻاھر نڪتو ۽ اچي(1) آصيا آباد(آسيا آباد) جي جاءِ تي خيمھ زن ٿيو. ھن دل کولي خزانو لٽايو، لشڪر کي ڳوڻين جون ڳوڻيون رپين سان ڀريل بخشش طور ڏنائين. ھندو جيڪي خسرو خان جي لشڪر ۾ ھئا تن اھڙي تھ بھادري ۽ ھمت سان مقابلو ڪيو جو تغلق جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندن سڄو سامان لٽجي ويو، تغلق ڇا ڪيو، جو انھن پنھنجن ٽن سو جانباز سپاھين کي گڏ ڪري چيائين تھ ھينئر اسان جي ڀڄڻ جي ڪا بھ جاءِ ڪا نھ آھي، تنھن ڪري وارو ڪريو، ان وقت خسرو خان لٽ مار ۾ مشغول ھو ۽ ان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا ھئا، تغلق پنھنجي ماڻھن کي وٺي يڪدم اچي ھن تي حملو ڪيو.

ھندستان جي بادشاھھ جي جاءِ سندس ڇٽ جي وسيلي سڃاڻي سگھبي. مصر ۾ ڇٽ کي طريا قبھ چوندا آھن ۽ بادشاھھ رڳو عيد جي ڏينھن مٿي تي رکندا آھن. پر چين ۽ ھندستان ۾ بادشاھھ سفر ۾ ھجن يا وطن، ڇٽ ضرور ھوندو اٿن. جڏھن تغلق بادشاھھ تي حملو ڪيو، تڏھن تمام سخت لڙائي لڳي، جنھن ۾ بادشاھھ جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندس ھڪ ساٿي بھ ھن سان نھ رھيو. بادشاھھ پنھنجي گھوڙي تان لھي پيو ۽ ھٿيار ۽ ڪپڙا ڦٽا ڪيائين، پوءِ ڇا ڪيائين، جو پنھنجي مٿي جا وار کولي کڻي پوئتي ڇڏيائين، جيئن ھندستان جا فقير ڪندا آھن ۽ ڀڄي وڃي ھڪ باغ ۾ لڪو.

        سڀ ماڻھو اچي تغلق وٽ گڏ ٿيا، جن سان گڏجي ھو شھر ۾ آيو . ڪوٽوال شھر جون ڪنجيون اچي سندس حوالي ڪيون. پوءِ ھو محل ۾ ويو ۽ انجي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. تنھن کانپوءِ تغلق ڪشلو خان کي چيو تھ بادشاھھ ٿي ، جنھن تي ڪشلو خان چيو تھ تون بادشاھ ٿي . ھن ڳالھھ تي ٻنھي جو پاڻ ۾ جڏھن تڪرار ٿيو ،تڏھن ڪشلو خان آخر ۾ چيو تھ  جيڪڏھن تون  بادشاھ نٿو ٿين، تھ اسين تنھنجي پٽ کي ٿا بادشاھ ڪريون . ھي ڳالھھ تعلق منظور نھ ڪئي ۽ پاڻ بادشاھ ٿيڻ قبول ڪيائين . سڀني  عام ّخاص  ماڻھو سندن بيعت ڪئي . خسرو خان ٽن ڏينھن تائين باغ ۾ لڪو ويٺو ھو، ٽئين ڏينھن جڏھن بک ڇتو ڪيس تڏھن ٻاھر  نڪتو ، تھ مالھيءَ ڏسي ورتس. ھن مالھيءَ کان ڪجھھ کائڻ لا۽ گھريو ، پر مالھيءَ وٽ  ڪجھھ بھ ڪونھ ھو ،  جو ڏئيس . آخر مالھيءَ کي پنھنجي منڊي ڏيئي چيائين تھ ھيءَ ڪٿي  گروي رکي ، منھنجي لا۽ کاڌو وٺي اچ. مالھي بازار ۾ ويو ۽ منڊي وڃي ماڻھن کي ڏيکاريائين ، جن ھن تي شڪ ڪيو تھ اھڙي قيمتي  منڊي ھن وٽ ڪٿان آئي ، سو پڪري کيس ڪوٽوال وٽ وٺي آيا. ڪوٽوال وري ھن کي تغلق  وٽ وٺي آيو . تغلق ھن سان گڏ پنھنجي  پٽ جوجونا خان کي موڪليو  تھ وڃي  خسرو خان کي گرفتار  ڪري اچي . جونا خان اچي خسرو ملڪ کي پڪڙيو ۽ ھن کي زچر تي چاڙھي ، بادشاھ جي سامھون وٺي آيو . جڏھن ھو بادشاھ جي روبرو آيو، تڏھن دانھن ڪري چيائين تھ مان ڏاڍوبکايل آھيان . جنھن تي بادشاھ حڪم ڪيو تھ کاڌو ۽ شربت آندو وڃي. پوءِ بادشاھ ھن کي کارائي پياري کائڻ لا۽ پان ڏنو .جڏھن کائي بس ڪيائين ، تڏھن تغلق بادشاھ کي چيائين تھ “ او  تغلق – مون کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار نھ ڪر ، ٿي سگھئي تھ مون سان شانائتو سلوڪ ڪر “ تغلق  چيس تھ  اکين سان پوءِ  حڪم ڪيائين  تھ ھن کي  انھيءَ جاءِ تي وٺي وڃو جتي ھن قطب الدين کي قتل ڪيو ھو ۽ سندس سر لاھي، انھيءَ سر ۽ ڌڙ کي ھيٺ ڦٽي ڪريو، جيئن ھن قطب الدين سان ڪيو ھو! ان کانپوءِ حڪم ڏنائين تھ ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي، قطب الدين جي مقبري ۾ دفن ڪريو. ھن واقعي کان پوءِ تغلق چار سال حڪومت ڪئي، ھيءُ نھايت انصاف وارو، عالم ۽ فاضل بادشاھھ ھو.

سندس پٽ جي ناڪام بغاوت

جڏھن تغلق مڪمل طرح سان بادشاھھ ٿيو، تڏھن پنھنجي پٽ کي تلنڪ (تلنگانھ) نالي ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين. ھيءُ ملڪ دھليءَ کان ٽن مھينن جي پنڌ تي آھي، تغلق پنھنجي پٽ کي وڏو لشڪر ڏنو، جنھن ۾ وڏا وڏا امير، ۽ ملڪ تيمور، ملڪ تگين ۽ ملڪ ڪافور مھردار جھڙا پڻ ھن سان گڏ موڪليائين، جڏھن ھو تلنگ جي ملڪ ۾ پھتو، تڏھن ھن بغاوت جو ارادو ڪيو، ھن سان گڏ ھڪ مصاحب عبيد نالي ھو، جيڪو وڏو شاعر ۽ فقيھھ ھوندو ھو، تنھن کي چيائين تھ تون ماڻھن کي وڃي ٻڌاءِ تھ بادشاھھ (تغلق شاھھ) مري ويو. ھن جو خيال ھو تھ اھا خبر ٻڌي، لشڪر جا ماڻھو ھڪدم اچي منھنجي بعيت ڪندا. پر ھن خبر کي ڪنھن بھ سچ نھ سمجھيو ۽ ھر ھڪ امير سندس مخالفت ڪئي ۽ ويا ھن کان ڇڄندا. انھيءَ حد تائين جو جونا خان سان ڪو بھ ماڻھو نھ بچيو ، ماڻھن ھن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ملڪ تيمور کين منع ڪئي.

        جونا خان پنھنجي ڏھن ھمراھن سان (جن کي ھو پنھنجو رازداري سمجھندو ھو (دھليءَ ڏانھن ڀڄي نڪتو. بادشاھھ ھن کي رپيا ۽ لشڪر ڏيئي، وري تلنگانھ ڏانھن واپس موڪليو. پوءِ جڏھن بادشاھھ کي ھن حقيقت جي خبر پيئي، تڏھن ھن عبيد کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ملڪ ڪافور مھردار لاءِ ھڪ نوڪدار سڌي ڪاٺي زمين ۾ کوڙائي، ھن جو منھن زمين جي طرف ڪرائي، ان ڪاٺيءَ جي نوڪ سندس گردن ۾چڀائي، پاسرين مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين، باقي رھيل باغي امير خوف کان سلطان ناصرالدين جي پٽ سلطان شمس الدين وٽ، جو غياث الدين بلبن جو پوٽو ھو ڀڄي ويا.

تغلق جو لکنو تي ڪاھڻ ۽ موٽندي سندس اچانڪ موت

اھي ڀڳل امير اتي رھجي ويا، تانجو سلطان شمس الدين وفات ڪري ويو ۽ سندس ولي عھد سلطان شھاب الدين لکنوتيءَ جو بادشاھھ ٿيو. پر سندس ننڍو ڀاءُ غياث الدين بھادر (ڀورو) ، کيس تخت تان لاھي، پاڻ بادشاھھ ٿي ويٺو ۽ پنھنجي ٻئي ڀاءُ قطلو خان کي مارائي ڇڏيائين. سندس باقي ڀائر شھاب الدين ۽ ناصرالدين تغلق شاھھ ڏانھن ڀڄي ويا. تغلق سندن مدد لاءِ ھنن سان گڏجي لکنو تي ڪاھي ويو ۽ پنھنجي پٽ کي پنھنجو نائب مقرر ڪري، دھليءَ ۾ ڇڏي ويو. تغلق ، غياث الدين بھادر (ڀوري) کي قيد ڪري ، پاڻ سان گڏ وٺي واپس موٽيو.

        دھليءَ ۾ ھڪ ولي، نظام الدين براؤني نالي، رھندو ھو. جونا خان ھميشھ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو رھندو ھو ۽ ھن ۾ تمام گھڻو عقيدو رکندو ھو. ھڪ ڏينھن پنھنجن خادمن کي چئي ڇڏيائين تھ جنھن وقت شيخ جذبي ۽ وجد جي حالت ۾ اچي تھ ھڪدم مون کي خبر ڏجو، اھڙي طرح سان جڏھن اھو موقعو آيو تڏھن ھنن وڃي جونا خان کي ٻڌايو، جو يڪدم اچي حاضر ٿيو، شيخ کيس ڏسي چيو تھ اسان توکي سلطنت بخشي ۽ پوءِ انھيءَ ئي وجد واريءَ حالت ۾ دم ڏنائين، پوءِ جونا خان سندس جنازي کي ڪلھو ڏنو.

        ھيءَ خبر جڏھن بادشاھھ کي پيئي، تڏھن گھڻو ناراض ٿيو. انھي کان سواءِ جونا خان جي ماڻھن جي دلين جي خبر رکڻ (علم قانيھ) بيجا سخاوت، غلامن جي گھڻي انداز ۾ خريداري ۽ ٻين اھڙي قسم جي ڪمن سبب بادشاھھ اڳ ۾ ھن کان ناراض رھندو ھو. ھينئر ھن خبر تي ويتر سندس ناراضگي وڌي، کيس اھا بھ خبر ملي تھ جونا خان کي ڪنھن نجوميءَ اھو بھ ٻڌايو آھي تھ ھن سفر تان بادشاھھ زندھ واپس ڪين موٽندو. بادشاھھ جڏھن دارالخلافھ جي ويجھو پھتو، تڏھين پنھنجي پٽ کي چوائي موڪليائين تھ ھن جي لاءِ ھڪ نئون محل”جنھن کي ڪشڪ ڪري چوندا آھن“ افغان پور ۾ تيار ڪرائي ڇڏي. جونا خان ٽن ڏينھن ۾ اھو محل تيار ڪرائي ڇڏيو، جنھن جو بنياد ڪاٺ جي ٿنڀن تي زمين کان مٿي رکايائين، جنھن ۾ گھڻو ڪري ڪاٺ جو ڪم ٿيل ھو، احمد بن اباس، جيڪو پوءِ خواجھ جھان جي لقب سان مشھور ٿيو ۽ محمد تغلق جي وڏن وزيرن مان ٿيو، سو انھن ڏينھن بادشاھھ جو مير عمارت(انجنيئر) ھوندو ھو، تنھن ھن محل جو بنياد اھڙي تھ ڪاريگريءَ سان رکيو ھو، جو جيڪڏھن ھڪ ھاٿي ان جي اندر ھڪ خاص طرف بيھاريو وڃي تھ محل اچي پٽ تي ڪري.

        بادشاھھ بھ ان محل ۾ اچي ترسيو ۽ ماڻھن جي مھماني ڪيائين ، جڏھن ماڻھو کائي پي ھليا ويا، تڏھن جونا خان بادشاھھ کان اجازت گھري تھ مان خدمت ۾ ھڪ ھاٿي پيش ڪندس. ٿوري دير بعد ھڪ ساز ۽ سامان سان سينگاريل ھاٿي آندو ويو، شيخ رڪن الدين ملتانيءَ مون کي ٻڌايو تھ ان وقت مان بادشاھھ وٽ ويٺو ھئس ۽ بادشاھھ جو لاڏلو پٽ محمود بھ اتي موجود ھو، جونا خان مون کي ٻڌايو تھ آخوند عالم وچينءَ جي نماز جو اچي وقت ٿيوآھي، اچ تھ نماز  پڙھڻ ھلون ، اسان جنھن وقت محل کان ٻاھر نڪتاسون، تنھن وقت ھاٿي(ان مقرر جاءِ تي ) آندو ويو، ھاٿي اڃا محل جي (ان طرف) پھتو مس تھ سڄو محل اچي بادشاھھ ۽ شھزادي مٿان ڪريو.

        شيخ رڪن الدين قصو جاري رکندي چيو تھ جڏھن مون گوڙ ۽ آواز ٻڌا تڏھن نماز پڙھن کان سواءِ  واپس موٽي آيس ۽ اچي ڏٺم تھ محل ڪريو پيو ھو، جونا خان حڪم ڪيوتھ ڪوڏريون ۽ بيلچا کني اچي بادشاھھ کي کوٽي ڪڍو، ۽ اھو بھ اشارو ڪري ڇڏيائين تھ ڪجھھ دير سان اچن، آخر انھيءَ وقت کوٽڻ شروع ڪيائون، جڏھن سج لھي چڪو ھو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڏٺو ويو تھ بادشاھھ پنھنجي ننڍڙي پٽ جي مٿان جھڪيو پيو ھو، ڄڻ تھ ھن کي موت جي چنبي مان چوائي ٻاھر ڪڍي اچڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. ڪي ماڻھو چون ٿا تھ بادشاھھ انھي وقت تائين بھ زندھ ھو پر پوءِ سندس ڪم ختم ڪيو ويو. پوءِ راتو واھھ کيس انھي مقبري ڏانھن جيڪو بادشاھھ پنھنجي لاءِ تغلق آباد ۾ ٺھرايو ھو، کڻائي ويا ۽ اتيئي کيس دفن ڪيائون.

        تغلق آباد شھر ٻڌائڻ جو سبب مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان تھ ان ۾ بادشاھھ جو محل ۽ خزانو ھوندو  ھو. ھن قلعي ۾ بادشاھھ ھڪ وڏو شاندار محل تيار ڪرايو ھو، جنھن جي سرن تي سون جا پٽ چاڙھيا ويا ھئا، جو جڏھن سج اڀرندو ھو، تڏھن سندس چمڪ جي تيزي اھڙي تھ ھوندي ھئي، جو ڪو بھ ماڻھو ان ڏانھن نظر ڄمائي ڏسي ڪين سگھندو ھو، ھن محل ۾ بادشاھھ جو تمام گھڻو قيمتي سامان گڏ ڪيل ھو. چون ٿا تھ ان ۾ ھڪ حوض ٺھرائي ، سون پگھاري ان جي اندر وڌو ويو ھو، جو اتي ڄمي ھڪ چڪو  ٿي پيو ھو. آخر سندس پٽ (جونا خان) اھو سڄو سون کپائي چٽ ڪري ڇڏيو.

خواجھ جھان انھيءَ ڪشڪ محل ٺاھڻ ۾ ، جيڪو بادشاھھ جي مٿان ڪريو ھو، ڏاڍي ڪاريگري ڏيکاري ھئي؛ تنھن ڪري بادشاھھ جي دل ۾ جھڙي ھن لاءِ جڳھھ ھئي، تھڙي ٻئي ڪنھن بھ ماڻھو لاءِ ڪا نھ ھئي، ۽ ھو سڀني وزيرن ۽ اميرن کان بلند مرتبي وارو ليکيو ويندو ھو.


(2) سندپت اسان جي خيال  موجب ابن بطوطھ جو اشارو سوني پت ڏانھن آھي، جيڪو موجودھ شھر دھلي کان اٺاويھھ ميل پري لاھور جي پراڻي رستي تي آھي، ڪنھن زماني ۾ جمنا ندي شھر جي ڪوٽ ھيٺان وھندي ھئي، ھن وقت ان جي پيٽ کي ٻيو نالو ڪري سڏيندا آھن، ھيءُ شھر تمام پراڻو آھي ۽ چون ٿا تھ يڌشٽڙ راجا دريوڌن کان جيڪي  پنج پٽ گھريا ھئا تن ۾ ھي بھ ھڪ پٽ ھو“ ۽ ائين بھ چيو وڃي ٿو تھ ھيءُ شھر راجا سوني ، ”جيڪو ارجن جي تيرھين پيڙھي مان ھو“ ، تنھن ٻڌايو ھيو، موجوده شھر جي ايراضي ھڪ ميل کن ٿيندي، جنھن ۾ اٽڪل چوڏھن يا پندرھن ھزار کن ماڻھو رھن ٿا. -مترجم

(1) خسرو خان؛ ھي اصل گجرات جو باشندو ھو، ڪن تاريخ نويسن سندس ذات پروار لکي آھي ۽ ائين بھ لکيو آھي تھ ھي ھڪ گھٽ ذات ٿيندي آھي، بداوني ھن کي برائو ٿو لکي، پوءِ ھو مسلمان ٿيو ھو ۽ سندس نالو حسن ھو. مترجم

(2) قاضي خان صدر جھان؛ مولانا ضياءُ الدين بن مولانا شھاب الدين خطاط جو اھو لقب ھوندو ھو، ھن بادشاھھ کي خوش نوبسي سيکاري ھئي ۽ ڪليد داريءَ جي عھدي تي مامور ھو. -مترجم

(1) بادشاھھ جي ھن طرح قتل جي واقعي جو بيان سواءِ ابن بطوطھ جي ٻئي ڪنھن بھ مورخ ڪو نھ لکيو آھي، بلڪھ اصل حقيقت ھن ريت ھئي تھ خسرو خان کي بادشاھھ نائب مقرر ڪري، چنديري ۽ معبر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏھن اميرن کي سندس سرداري ناگوار لڳي، تنھن ڪري ھن کي ھميشھ منجھائن ڊپ رھندو ھو، ھڪ دفعي بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ ”مون کي اجازت ملي تھ پنھنجي قوم جا ڪجھھ ماڻھو گھرائي وٺان“ ان بھاني سان ھن چاليھھ ھزار گجراتي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا، ھڪ ڏينھن بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ مان گھڻو ڪري رات جو توھان جي خدمت ۾ ٿو رھان ۽ ڏينھن جو گھڻئي ڪم ڪاريون آھن، تنھن ڪري منھن جا وطني ماڻھو شڪايت ٿا ڪن تھ کين ملي نٿو سگھان، بادشاھھ چيس تھ پنھنجي دوستن کي ڀلي رات جو ھتي ئي گھرائيندو ڪر، اھڙي طرح محل جي ننڍي دروازي جي ڪنجي بھ ھن کي ڏيئي ڇڏيائين اھو ئي سبب ھو، جو ھو ڪن بدمعاش ۽ آواره قسم جي ماڻھن کي گھرائي، بادشاھھ ۽ پاڻ کي وندرائيندو رھندو ھو ۽ آخر بادشاھھ جو ڪم ختم ڪرائي ڇڏيائين. مترجم

(1) دبال پور؛ پاڪستان ۾ مانٽگمري جي ضلعي ۾ پاڪ پٽن کان ٢٨ ميل اوڀر طرف ، اوکاڙا جي اسٽيشن کان ١٧ ميل ڏکڻ طرف ھي شھر موجود آھي، ۽ چڱو  مشھور آھي  جنرل ڪننگھام جي تحقيقات موجب ھي شھر اصل ۾ راجا ديپال آباد ڪيو ھو، پر اھو معلوم ٿي نٿو سگھي تھ اھو راجا ڪھڙي وقت جو حڪمران ھو.

(1) قرونھ: مارڪوپولو جي لکڻ موجب قرونھ انھن ماڻھن کي چيو وڃي ٿو، جن جا پيءُ تاتاري ۽ مائرون ھندستاني ھجن. انھن ماڻھن جو گذران، ڦرمار ۽ راه زنيءَ تي آھي.

(1) آسيا باد – ھن جڳھھ جو پورو پتو پئجي نٿو سگھي، پر ھيءَ جڳھھ اسان جي گمان موجب ضرور ڪٿي دھليءَ جي ويجھو ھوندي.- مترجم

آسيا – چڪي، باد – ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org