سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 18

 ڳالھھ

جڏھين ھندستان ۾ وڏو ڏڪار پيو ھو تڏھين بادشاھھ تلنگانا ۾ ھو ۽ سندس حڪم ٿيو ھو تھ دھليءَ جي ھر ھڪ باشندي کي ڏيڍ رتل روزانا جي  حساب سان کاڌي لاءِ ڏنو وڃي. وزيرن ماڻھن جي آدمشماري ڪري، اميرن ۽ قاضين کي ماڻھن جي ھڪ جماعت سپرد ڪئي تھ انھن ۾ کاڌو ورھائين. منھنجي حوالي پنج سئو ماڻھن جي جماعت ھئي، جن جي لاءِ مون پنھنجي گھر ۾ صفحا ٺھرائي ڇڏيا ھئا جن ۾ ھو رھندا ھئا ۽ پنجن پنجن ڏينھن جو اناج ھنن کي ڀيري ڀيري سان ورھائي ڏيندو ھوس.

        ھڪ ڏينھن ھو مون وٽ ھڪ عورت کي وٺي آيا، ۽ مون کي ٻڌايائون تھ ھيءَ ڏائڻ آھي ۽ پنھنجي پاڙي واري گھر جي ماڻھوءَ جي ٻار جي دل ڪڍي کاڌي اٿس ۽ ٻار مري ويو آھي. مون کيس حڪم ڏنو تھ ھن کي نائب سلطان وٽ وٺي وڃو، جنھن سندس آزمائش جو حڪم ڏنو. اھا آزمائش ھيئن وٺندا آھن، جو چار دلا پاڻيءَ جا ڀري ھن جي چئني ھٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌي کڻي کيس جمنا نديءَ ۾ وجھندا آھن، تھ پوءِ جيڪڏھن ھوءَ نھ ٻڏي، تھ سمجھندا تھ ڏائڻ آھي، پر جي ٻڏي ويئي تھ ڏائڻ نھ آھي. آزمائش کان پوءِ نائب حڪم ڏنو تھ ھن کي باھھ ۾ ساڙيو وڃي، پوءِ شھر جا مرد ۽ زالون ھن جي سڀ خاڪ ميڙي کڻي ويا، ڇو تھ ھنن جو خيال آھي تھ جيڪو ماڻھو انھيءَ خاڪ کي لڳائيندو آھي، اھو ھڪ سال تائين ڏائڻ جي نظر کان محفوظ رھي سگھندو.

ڳالھھ

مان داراخلافھ ۾ ھوس تھ ھڪ ڏينھن بادشاھھ مون کي گھرايو. مان وڃي حاضر ٿيس تھ بادشاھھ خلوت ۾ ويٺو ھو. خاص خاص امير اتي موجود ھئا، ۽ اھي ٻھ جوڳي بھ ويٺا ھئا جيڪي رليءَ ۾ پاڻ کي ڍڪي  ويھندا آھن. ھو پنھنجن مٿن کي ڍڪي ڇڏيندا آھن، ڇو تھ ھو مٿي جا وار خاڪ لڳائي پٽي ڇڏيندا آھن. بادشاھھ مون کي ويھڻ جي اجازت ڏني. مان ويھي رھيس تھ بادشاھھ ھنن کي چيو تھ ھي شخص(مان) تمام ڏورانھين ملڪ کان آيو آھي، تنھن ڪري ھن کي ڪا اھڙي نئين شيءَ ڏيکاريو، جيڪا ھن اڳ ۾ ڪڏھن بھ نھ ڏٺي ھجي. ھنن چيو تھ چڱو. پوءِ ھنن مان ھڪ جوڳي پلٿي ماري ويھي رھيو ۽ آھستي آھستي ويو زمين کان مٿي ھوا ۾ بلند ٿيندو، تان جو ھو اسان جي مٿان ھوا ۾ بيھي ويو، مون کي ڏاڍو عجب لڳو، مٿو ڦرڻ لڳم ۽ زمين تي ڪري پيس، جنھن تي بادشاھھ مون کي دوا پياري تھ ڪجھھ فرحت ٿيم، ۽ ويھي رھيس، پر ھو شخص ائين ئي ھوا تي ويٺو رھيو، پوءِ ٻئي جوڳيءَ پنھنجون چاکڙيون کڻي ھٿن ۾ کنيون ۽ غصي ۾ اچي گھڻيئي دفعا انھن کي زمين تي سٽ سٽ ڪري ھنيائين. پوءِ اھي چاکڙيون بھ ھوا تي مٿي چڙھي وييون ۽ جيڪو جوڳي مٿي ھوا تي ويٺو ھو، تنھن جي ڪنن تي اھي وسڻ لڳيون جنھن تي ھو ٿورو ٿورو ھيٺ ٿيندو ويو ۽ اچي اسان جي ڀرسان ويٺو.

        بادشاھھ مون کي ٻڌايو تھ چاکڙيون موڪلڻ وارو استاد ھو ۽ ھوا ۾ اڏامڻ وارو سندس شاگرد، ۽ ائين بھ چئي ڏنائين تھ جيڪڏھن تنھنجي عقل چرخ ٿي وڃڻ جو انديشو نھ ھجي ھا، تھ جيڪر اسان تو کي ان کان وڌيڪ تماشو ڏيکاريون ھا، تنھن ھوندي بھ مون کي سوداءُ ٿي پيو ۽ بيمار ٿي پيس، بادشاھھ مون ڏانھن ھڪ شربت موڪليو، جنھن جي پيئڻ سان ڪجھھ ٺيڪ ٿيس. شھر برون کان پوءِ اسان امواري(1) وياسين جتان ھلي اچي ڪچراد (ڪجراويتھ)* جي شھر ۾ پھتاسين. ھت ھڪ وڏو حوض آھي، جنھن جي ڊيگھھ ھڪ ميل آھي ۽ ان جي ڪناري تي ھڪ مندر آھي، جنھن ۾ بت رکيل آھن ۽ مسلمانن انھن بتن جو اکيون، نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيا آھن، ھن حوض جي وچ ۾ ڳاڙھي پٿر جا ٽي قبا ٺھيل آھن، ان جي چئن ڪنڊن تي چار ٻيا قبا بيٺل آھن، جن ۾ جوڳي رھندا آھن، انھن جي وارن ۾ ڌوڙ پيل آھي ۽ پيرن تائين ڊگھا وار رکيل اٿن، رياضت جي ڪري ھنن جو رنگ زردو ٿي ويو آھي. ڪيترا مسلمان بھ انھن جي پٺيان ڦرندا وتندا آھن تھ من انھن کان ھي فن سکي سگھن.

ماڻھون ڳالھھ ٿا ڪن تھ ڪوڙھھ جي بيماڙيءَ وارا ماڻھو ھنن جوڳين وٽ اچي ترسندا آھن، تھ خدا جي حڪم سان چڱا ڀلا ٿي ويندا آھن، پھريون دفعو مون جوڳي ماوراءَ النھر جي بادشاھھ طرمشرين جي ڪئمپ ۾ ڏٺا ھئا، جيڪي تعداد ۾ پنجاھھ ھئا ۽ انھن جي لاءِ زمين جي ھيٺان ھڪ غار کوٽايو ويو ھو. ھو رات ڏينھن ان ۾ رھندا ھئا ۽ رڳو ضروري حاجت لاءِ ٻاھر نڪرندا ھئا. ھنن وٽ سڱ جي شڪل جھڙي ھڪ شيءَ ھوندي ھئي، جيڪا ھو صبح ۽ شام وڄائيندا رھندا ھئا.

        ھنن جا عجيب عجيب طريقا ھوندا ھئا، انھن مان ھڪڙي معبر جي بادشاھھ، سلطان غياث الدين دمغانيءَ جي لاءِ جماع ۽ قوت باھھ واسطي ھڪڙا حب ٺاھيا ھئا، جنھن ۾ فولاد جو جزو بھ ھو. جڏھن انھن جو اثر سٺو ظاھر ٿيو، تڏھن معبر جو بادشاھھ ان مان وزن کان ڪجھھ وڌيڪ کائي ويو ۽ مري ويو، ان کان پوءِ ھن جو بادشاھھ ناصرالدين ٿيو، جو انھيءَ جوڳيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ان کان پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪيو ۽ اچي جنديري (چنديري)* ۾ پھتاسين. ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ سندس بازارين ۾ ڏاڍي رونق لڳي پئي ھئي.

ھنن ملڪن جو امير الامراءَ، عزالدين بنتاني (ملتاني)، جيڪو اعظم ملڪ جي لقب سان مشھور آھي، پڻ ھن شھر ۾ آھي، ھو ڏاڍو نيڪ ۽ فاضل شخص آھي ۽ عالمن سان صحبت رکندڙ آھي، فقيھھ عزالدين زبيري، وجيھ الدين بيانوي جيڪو بيانا جو آھي، جنھن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آھيان، فقيھھ قاضي جيڪو قاضي خاصھ ڪري سڏبو آھي، ۽ امام شمس الدين ھن جي مجلس جا خاص رڪن آھن، ھن جو نائب خزانھ قمرالدين نالي آھي ۽ سندس نائب فوج سعادت تلنگي آھي،جيڪو ھڪ وڏو مشھور بھادر آھي، اھو ئي لشڪر جي ڪمن ڪارين جي خبر لھندو آھي، ملڪ اعظم رڳو جمعي جي ڏينھن ٻاھر نڪرندو آھي يا ڪنھن ڏينھن اتفاقن ظاھر ٿيندو آھي.

        پوءِ اسان چنديريءَ مان ھلي اچي ظھار (ڌار) جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر مالوه جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن ملڪ ۾ زراعت جام ٿيندي آھي، جنھن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گھڻي ٿيندي آھي، ھتان  دھليءَ، جيڪا چوويھھ منزلون پري آھي، تائين پان موڪليا ويندا آھن، سڄي رستي تي پٿر جا ٿنڀ بيٺل آھن، جن تي مفاصلو بھ لکيل آھي، جيئن ڪو مسافر اھو معلوم ڪري سگھي تھ ھو اڄ ڪيترو پنڌ ڪري آيو آھي يا منزل تائين ڪيترو پنڌ باقي آھي يا جنھن شھر ڏانھن وڃي رھيو آھي سو ڪيترو پري آھي.

        ھي شھر شيخ ابراھيم (زيتالمه جي رھاڪو) سالديپي جي جاگير ۾ آھي. ھي شيخ ابراھيم پھريائين شھر جي ٻاھران اچي ويٺو ھو ۽ اتي گدراپور جي غيرآباد زمين کي آباد ڪيو ھئائين. ھن جا گدرا تمام مٺا ھوندا ھئا، پر ھن جي آسپاس ٻيا ماڻھو جيڪي گدرا پوکيندا ھئا سي اھڙا مٺا ڪيئن ٿيندا ھئا، ۽ ھو فقيرن ۽ غريبن کي کاڌو بھ کارائيندو ھو. جڏھن بادشاھھ معبر ڏانھن ٿي ويو تھ ھن ھڪ گدرو اچي بادشاھھ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ھو، جيڪو بادشاھھ کائي ڏاڍو خوش ٿيو ھو. ھي شھر ظھار(1) ھن کي ان ڪري جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو ھئائين. کيس حڪم ڏنو ھئائين تھ ھڪ دڙو، جيڪو شھر کان ڪجھھ مٿيرو ھو، تنھن تي ھڪ خانقاه ٺھرائي. پوءِ ھن اتي ھڪ نھايت سٺو خانقاه ٺھرايو، جنھن ۾ ھو غريبن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائيندو ھو ۽ ڪن سالن تائين ائين ڪندو رھيو.

        ھڪ دفعي ھن بادشاھھ وٽ اچي، تيرھن لک دينار کيس نذرانو ڏنو، ۽ چيائين تھ غريبن کي کاڌي کارائڻ کان پوءِ بھ ھيءُ مال بچيو آھي، جيڪو شاھي خزاني جي ملڪيت آھي، بادشاھھ کانئس اھو مال تھ ورتو، پر سندس انھيءَ ڪم کي تھ ھن سڀ ڪجھھ غريبن کي ڇو نھ کارايو،  پسند نھ ڪيائين. ھن شھر ۾ وزير جي ڀاڻيجي (حسن شاھھ) پنھنجي مامي ”خواجھ جھان“ کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، تھ جيئن سندس سڄو خزانو ھٿ ڪري، باغي معبر ڏانھن ڀڄي وڃي،  پر ھن جي مامي کي بر وقت خبر پئجي ويئي، جنھن يڪدم ھن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ھن ۽ ھن جي رازدار اميرن کي بادشاھھ ڏانھن موڪلي ڏنو، بادشاھھ انھن اميرن کي تھ مارائي ڇڏيو، باقي وزير جي ڀاڻيجي کي وزير ڏانھن واپس موڪلي ڏنائين، جنھن ھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

ڳالھھ

        جڏھن وزير جي ڀاڻيجي کي واپس وزير وٽ آندو ويو، تھ ھن کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھن وٽ (وزيرجي ڀاڻيجي وٽ) ھڪ ٻانھي ھوندي آھي، جنھن تي ھو عاشق ھوندو ھو، ۽ درخواست ڪيائين تھ انھيءَ کي سندس سامھون گھرايو وڃي. پوءِ ان ٻانھيءَ جي ھٿان ھڪ پان وٺي کاڌائين، ۽ پاڻ ھڪ پان ٺاھي ھن کي ڏنائين، ۽ کيس گلي سان لڳائي، کانئس موڪلاڻي ڪيائين، ان کان پوءِ ھن کي ھاٿيءَ جي اڳيان اڇلايو ويو، ۽ سندس کل لھرائي، ان ۾ بھھ ڀريو ويو. جڏھن رات پئي، تڏھن اھا ٻانھي ٻاھر ۽ سندس قتل ٿيڻ واريءَ جڳھھ جي ڀرسان، ھڪ کوھھ ۾ ٽپو ڏيئي مري ويئي، ٻئي ڏينھن ھن کي مرده ڏٺو ويو، ۽ ھن کي اتان ڪڍي، ٻنھي کي ھڪڙيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ان قبر کي گور عاشقان ( عاشقن جي قبر ) ڪري سڏيندا آھن.

ان کان پوءِ اسان ظھار جي شھر مان ڪوچ ڪري اچي اجين(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ سھڻو شھر آھي جنھن ۾ وڏيون وڏيون عمارتون آھن، ۽ ملڪ ناصرالدين بن عين المالڪ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل، عالم ۽ شريف النفس انسان ھوندو ھو، بھ ھن شھر ۾ رھندو ھو، ھو سنداپور جي ٻيٽ (گوا) جي فتح وقت شھيد ٿي ويو، مون سندس قبر جي زيارت ڪئي ھئي، جنھن جو بيان ڪري آيو آھيان، فقيھ ۽ طبيب جماالدين مغربي غرناطي بھ ھن شھر ۾ رھندو ھو.

پوءِ اسان اجين مان ھلي اچي، دولت آباد ۾ پھتاسين، جو تمام وڏو شھر آھي ۽ دھليءَ جو مقابلو ٿو ڪري، ھن جا ٽي حصا آھن؛ ھڪ حصي کي دولت آباد ٿاچون، جنھن ۾ بادشاھھ ۽ ان جو لشڪر موجود آھي، ٻئي حصي کي ڪتڪھ چوندا آھن، ۽ ٽئين حصي کي ، جيڪو ھڪ قلعو آھي، ديوگير چوندا آھن. ھي قلعو تمام مضبوط آھي، ايتري قدر جو سندس جھڙو ٻيو مضبوط قلعو سڄي ملڪ ۾ ڪونھ آھي. بادشاھھ جو استاد خان اعظم قتلو خان بھ ھن ئي قلعي ۾ رھندو آھي. ساگر ۽ تلنگانا بھ ھن جي ماتحت آھن ۽ سندس علائقو ٽن مھينن جي پنڌ تائين پکڙيل آھي. ھن جي طرفان ھر جڳھھ نائب ۽ حاڪم رھندا آھن. ديوگير جو قلعو، زمين جي سطح کان مٿي ھڪ ٽڪر تي ٺھيل آھي، جنھن جي کوٽائي ڪرائي، ان جي چوٽيءَ تي ھي قلعو ٺھرايو ويو آھي.

        ھن قلعي تي چمڙي جي ڏاڪڻين جي ذريعي چڙھي ويندا آھن ۽ رات جو اھي ڏاڪڻيون مٿي ڇڪي وٺندا آھن. ھن قلعي جا محافظ پنھنجي اھل اولاد سميت ان ۾ رھندا آھن. ھن قلعي ۾ ھڪڙا غفار ٺھيل آھن، جن ۾ وڏن وڏن ڏوھارين کي قيد ڪندا آھن. ھنن غارن ۾ وري ايڏا تھ وڏا ڪئا رھندا آھن، جن کان ٻلي بھ ڊڄندي آھي ۽ اٽڪل ۽ چلاڪيءَ کانسواءِ انھن کي ڦاسائي نھ سگھندي آھي.

        ”ملڪ خطاب“ افغان مون کي ٻڌايو تھ ھڪ دفعي ھن قلعي جي ھڪ غار ۾ ھو قيد ڪيو ويو ھو، جنھن کي ڪئن جو غار ڪري چوندا آھن؛ ”پوءِ رات جو اھي ڪئا گڏجي، اچي مون تي حملو ڪندا ھئا ۽ مان سڄي رات انھن سان لڙائي ڪندي گذاريندو ھوس. ھڪ رات مان سمھيو پيو ھوس تھ ڪنھن خواب ۾ مون کي چيو تھ سورت اخلاص ھڪ لک دفعا پڙھھ تھ الله تعاليٰ توکي ھتان ڇڏائيندو. پوءِ مون ايترا ڀيرا سورت اخلاص پڙھي ، تھ منھنجي آزاديءَ جو حڪم اچي پھتو. منھنجي آزاديءَ جو سبب ھي ھو، جو منھنجي ڀر واري غار ۾ ملڪ مل قيد ھو، تھ سندس آڱريون ۽ اکيون اھي ڪئا کائي ويا ھئا، جنھن ڪري ھو مري ويو ھو، بادشاھھ کي جڏھن اھا خبر پھتي، تڏھن چيائين خطاب کي تھ وڃي ڪڍو متان ھن کي بھ ڪئا کائي وڃن!“

        ھن ئي قلعي ۾ ناصرالدين بن ملڪ مل ۽ قاضي جلال الدين جڏھن بادشاھھ کين شڪست ڏني ھئي، اچي پناھھ ورتي ھئي. دولت آباد جا اصل باشندا مرھٽا آھن، جن جون عورتون تمام سھڻيون ٿينديون آھن ۽ سندن نڪ ۽ ڀرون خاص طرح سان بي مثال ٿيندا آھن. اھي محبت ڪندڙ ۽ جماع ۾ لذت ڏيندڙ بھ مشھور آھن. ھن شھر ۾ گھڻو ڪري ھندو واپار ڪندا آھن ۽ جواھرات جي سوداگري بھ ڪندا آھن، تنھن ڪري ڏاڍا مالدار آھن. انھن کي شاھھ(شاھوڪار) ڪري چوندا آھن، جيئن مصر ۾ واپارين کي ”مڪارم“ چوندا آھن. دولت آباد ۾ انب ۽ انار جام ٿيندا آھن ۽ سال ۾ ٻھ دفعا ڦر جھليندا آھن. ھن ملڪ جي آمدني بھ سندس آباديءَ ۽ ڪشادگيءَ سبب ٻين علائقن کان وڌيڪ آھي. ھڪ ھندوءَ  مون کي ٻڌايو تھ ھن سڄي علائقي جو ٺيڪو ھڪ ھندو واپاريءَ تيرھن ڪروڙ دينارن ۾ کنيو ھو، پر ھو اھو پورو ڪري نھ سگھيو ۽ ان ڏانھن بقايائون رھجي ويون، تنھن ڪري ھن جو سڄو مال ضبط ڪيو ويو ۽ سندس کل لھرائي ويئي.

گاني بجاني جي بازار

دولت آباد ۾ ڳائڻ ۽ وڄائڻ وارن جي ھڪ بازار آھي، جنھن کي طرف آباد ڪري سڏيندا آھن. ھيءَ بازار تمام ڪشادي ۽ خوبصورت آھي، جنھن ۾ ڪيترائي دڪان آھن. ھر ھڪ دڪان جو ھڪ دروازو سندس مالڪ جي گھر ڏانھن کلندو آھي، ۽ ٻئي طرف، انھيءَ دروازي کان سواءِ، انھيءَ گھر کي ٻيو بھ دروازو ٿيندو آھي. دڪانن ۾ ڏاڍا عمدا فرش ھوندا آھن، ۽ ٺيڪ وچ تي ھڪ ھندوري جھڙي پينگھھ ٽنگيل ھوندي آھي، جنھن ۾ گاني واري عورت ويٺل يا ليٽيل ھوندي آھي ۽ سندس ٻانھيون انھيءَ پينگھھ کي پيون لوڏينديون آھن ۽ اھي پينگھون بھ تمام سينگاريل ھونديون آھن.

بازار جي وچ ۾ ھڪ وڏو گنبذ ٺھيل آھي، جيڪو فرش فروش سان تمام گھڻو سينگاريل رھندو آھي ۽ ان ۾ ھنن ڳائيندڙن جو چوڌري ھر خميس جي ڏينھن عصر جي نماز کان پوءِ اچي وھندو آھي. ھن جا غلام ۽ خادم بھ اتي حاضر ھوندا آھن. پوءِ ھر ھڪ گاني واري ھن جي سامھون اچي، واري واري سان ڳائيندي وڄائيندي آھي. اھا محفل مغرب تائين ھلندي آھي، جنھن کان پوءِ ھو اٿي، پنھنجي گھر ھليو ويندو آھي. ھن بازار ۾ مسجدون بھ آھن ۽ اتي رمضان شريف ۾ تراويح جي جماعت بھ ٿيندي آھي، گھڻو ڪري ھندو راجا، جيڪي ھيءَ بازار گھمڻ ايندا آھن، سي ان گنبذ ۾ اچي ترسندا آھن ۽ گاني واريون اچي، انھن جي سامھون ڳائينديون آھن. ڪي مسلمان بادشاھھ بھ ائين ڪندا آھن.

پوءِ اسان دولت آباد جي شھرن  مان ڪوچ ڪري اچي نذر بار(1) پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنھن ۾ گھڻو ڪري مرھٽا رھندا آھن. ھو دستڪاريءَ ۾ مشھور آھن ۽ انھن مان ڪي سٺا طبيب ۽ منجم بھ آھن. شريف خاندان جا مرھٽا، برھمڻ ۽ کتري آھن. ھنن جي غذا سايون ڀاڄيون ۽ سرنھن جو تيل آھي، ۽ ھو گوشت کي تھ اصل ويجھو بھ ڪين وڃن. ھو ڪنھن بھ جانور کي ايذاءُ نھ پھچائيندا آھن ۽ نھ وري انھن کي ذبح ڪندا آھن. جيئن جنابت کان پوءِ غسل ضروري ٿيندو آھي، تيئن ھو کاڌي کائڻ کان اڳ ۾ غسل ضروري ڪندا آھن ۽ پنھنجي ويجھن عزيزن مان اصل مائٽي نھ ڪندا آھن، بلڪ شادين ۾ ستن پيڙھين جي مائٽيءَ جو ضرور فرق ڪندا آھن. ھو شراب بھ ڪو نھ پين ۽ شراب پيئڻ کي عيب ڪري سمجھندا آھن.

        ھندستان ۾ مسلمان بھ شراب پيئڻ کي سخت عيب سمجھندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪو مسلمان شراب پيئندو آھي تھ ھن کي اسي درا لڳائي، ٽن مھينن تائين تھھ خاني ۾ قيد ڪندا آھن ۽ کاڌي جي وقت کان سواءِ ھن کي ڪڏھن بھ ڪو نھ کوليندا آھن.

        ان کانپوءِ اسان اتان ھلي اچي ساغر(ساگر)* ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ان نالي واري درياءَ ساگر تي ٻڌل آھي. ھن درياءَ جي ڪناري تي نار چڙھيل آھي، جن تي انب، ڪيلي ۽ ڪمند جا ڪيترائي باغ آھن. ھن شھر جا رھاڪو ڏاڍا ديندار ۽ نيڪ آھن. ھنن باغن ۾ خانقاھھ ۽ اوطاقون ٺھرائي ڇڏيون آھن، جن ۾ مسافر اچي رھندا آھن. جيڪو بھ شخص خانقاھ ٺھرائيندو آھي تھ ان سان گڏ باغ ضرور پوکائيندو آھي ۽ پنھنجي اولاد کي ان جو متولي ڪري ويندو آھي، پر جيڪڏھن اولاد نھ ھجيس تھ ان جو متولي قاضي ٿيندو آھي.

ھن شھر ۾ عمارتون تمام گھڻيون آھن، ۽ ڪيترائي ماڻھو ھتان جي ماڻھن سان ملڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ايندا آھن، ڇو تھ ھت ڪنھن بھ قسم جو خرچ يا محصول ڪو نھ ورتو ويندو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ھت تمام گھڻا مسافر  ايندا آھن. پوءِ اسان ساگر مان ھلي، اچي کنڀات ۾ پھتاسين، ھي شھر سمنڊ جي ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي، جيڪا ھڪ واديءَ جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي ۽ ان ۾ جھاز اندر اچي سگھندا آھن. ھن ۾ مدو جزر(چنڊ جي ڪشش جي ڪري، پاڻيءَ جو لھڻ ۽ چڙھڻ، جنھن کي ھنديءَ ۾ جوار ڀاٽا چوندا آھن) بھ ٿيندو رھندو آھي.

        پاڻيءَ جي لھڻ وقت، مون ڪيترائي ننڍا جھاز گپ ۾ گپيل ڏٺا،۽ جڏھن سمنڊ جو پاڻي چڙھيو، تڏھن اھي وري تري رھيا ھا. ھيءُ شھر، ٻين سڀني شھرن کان مضبوط ۽ خوبصورت ٻڌل آھي، ھن ۾ تمام سٺيون عمارتون ۽ مسجدون آھن، ۽ گھڻو ڪري، ھتان جا رھاڪو پرڏيھي سوداگر آھن، جيڪي گھڻو ڪري عاليشان گھر ۽ وڏيون وڏيون مسجدون ٺھرائڻ ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

        سڀني کان وڏو عاليشان گھر انھيءَ شري سامريءَ جو آھي، جنھن مون کي حلوي جي نالي ٻڌائن وقت بادشاھھ جي اڳيان شرمندو ڪرڻ ٿي گھريو. ان گھر ۾ جيڪو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي، تنھن کان وڌيڪ مضبوط ۽ ٿلھو ڪاٺ مون ٻئي ڪنھن بھ گھر ۾ استعمال ٿيل ڪو نھ ڏٺو. ھن گھر جو دروازو بھ ايترو وڏو آھي، جيترا شھر جا ٻيا دروازا آھن ۽ ان جي ڀرسان ھڪ وڏي مسجد آھي، جنھن کي سامريءَ جي مسجد ڪري چوندا آھن. ملڪ التجار گارزونيءَ جو گھر بھ تمام عاليشان آھي ۽ ان جي ڀرسان بھ مسجد ٺھيل آھي. ازانسواءِ شمس الدين ڪلاھ دوز، يعني ٽوپيون ٺاھيندڙ،  جوگھر بھ تمام وڏو آھي.

        جڏھن قاضي جلال جي بغاوت ٿي ھئي، تڏھن شمس الدين، ناخدا الياس، جيڪو پھريائين ھن ملڪ جو ھندو ھو ۽ ملڪ الحڪماءُ ھن شھر ۾ اچي پناھھ ورتي ھئي، ۽ شھرجي چوڌاري خندق کوٽائڻ شروع ڪئي ھئائون ، ھت شھر پنھا ڪار ھئي .جڏھن ناڪامياب ٿيا ۽ بادشاھھ جو لشڪر اچي شھر ۾  داخل  ٿيو ، تڏھن ٽيئي  ڄڻا وڃي  ھڪ گھر  ۾ لڪا ۽ گرفتار يءَ جي ڊپ کان ارادو ڪيائون تھ ھڪٻئ کي ڪٽار سان پورو ڪري ڇڏين ۽ اھڙيءَ طرح سان انھن مان ٻھ ڄڻا تھ مري ويا ، پر ملڪ الحڪماءَ ڪو نھ مئو .

ھن ئي شھر ۾ نجم الدين جيلاني ھڪ وڏو واپاري ھوندو ھو،جيڪو شڪل  ۾ سوچارو ۽ وڏو مالدار ھو. ھن بھ ھڪ وڏو گھر  ۽ مسجد  ٺھرائي  ھئي. بادشاھھ  ھن  کي پان وٽ گھرائي ،کيس کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري ، طبل ۽ علم بھ بخشيو ھو ، ۽ اھو ئي سبب ھو، جو ملڪ الحڪماءُ  باغي ٿيو ھو ۽ آخر پنھنجي  جان ۽ مال تان ھٿ ڌوئڻاپيس . جڏھن اسان کنڀات ۾ پھتاسين ، تڏھن اتي جو حاڪم مقبل تلگي ھو. بادشاھھ ھن جو ڏاڍو قدر ڪندو ھو . شيخ  زادو  اصفحاني ھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ ھن جي ملڪ جا معاملا شيخ  جي سپرد ھوندا ھئا. ھي شيخ امور  سلطنت مان  تمام گھڻو واقف  ھوندو  ھو، تنھنڪري  ھو  ڏاڍو مالدار ٿي  ويو  ھو ۽ پنھنجي  دولت  آھستي آھستي  پنھنجي  ملڪ ڏانھن موڪليندو رھندو ھو . آخر ھو ڀڄي  وڃڻ لا۽ ڪا ترڪيب سوچڻ لڳو ، تھ بادشاھھ کي خبر پئجي ويئي . ڪنھن وڃي بادشاھ کي وڃي ٻڌايو  تھ ھو ڀڄي وڃڻ ٿو چاھي ، تنھن ڪري  بادشاھ مقبل کي لکيو تھ ھن کي ٽپال(1) جي ذريعي  دار ا خلافھ  ڏانھن موڪلي  ڏيو . مقبل  ھن موڪلي ڏنو . جڏھن ھي بادشاھ جي روبرو وڃي حاضر ٿيو ، تڏھن  ھن تي پھرو مقرر ڪيو ويو ھن ملڪ جو  دستور آھي تھ جڏھن ڪنھن تي پھرو مقرر ڪيو ويندو آھي تھ ان جو بچڻ محال آھي ، ھن پھريدار سان سازش ڪري  ھن کي تمام گھڻو سامان ڏيڻو  ڪيو . پو۽ ٻيئي ڄڻا  ڀڄي  نڪتا . ھڪ معتبر ماڻھوءَ مون کي  ٻڌايو  تھ  مون ھن کي  شھر قلھت (قلات) جي مسجد ۾ ڏٺو  ھو، ۽ پو۽ ھو اتان پنھنجي  وطن ھليو ويو ۽ وڃي پنھنجو  سمورو مال ھٿ  ڪيائين  ۽ جان بھ بچايائين .

ڳالھھ

        جڏھن ملڪ مقبل اسان جي دعوت پنھنجي گھر ۾ ڪئي، تڏھن اتي ھڪ مزي جي ڳالھھ ٿي، ڇا ٿيو جو شھر جو قاضي، جيڪو ھڪ اک کان ڪاڻو ھو، تنھن جي سامھون شريف بغدادي ويٺو ھو، ھو شڪل ۾ ھوبھو قاضيءَ جھڙو پئي لڳو، پر کاٻيءَ اک کان ڪاڻو ھو. شريف، قاضيءَ ڏانھن ڏسي، پئي ھن تي کليو، قاضي تنھن تي ھن کي ڇڙپ ڏيڻ لڳو. شريف بھ ترڪي بھ ترڪي جواب ڏنس تھ ”ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ مان توکان وڌيڪ خوبصورت آھيان“ قاضيءَ پڇيس تھ سو وري ڪيئن؟ تنھن تي جواب ڏنائينس تھ منھنجي کاٻي اک ڪاڻي، پر تنھنجي  ساڄي اک ڪاڻي آھي. ھي ٻڌي امير ۽ سڀ حاضرين اچي کل ۾ پيا ۽ قاضي ڏاڍو شرمندو ٿيو، پر ھن کي ڪو بھ جواب ڏيئي نھ سگھيو، ڇو تھ ھندستان ۾ شريفن (سيدن)  جي تمام گھڻي تعظيم ۽ عزت ڪندا آھن.

        ھن شھر ۾ ھڪ بزرگ الحاج ناصر باربڪر جو رھاڪو جامع مسجد جي ھڪ قبي (حجري) ۾ رھندو آھي.اسان ھن جي زيارت لاءِ ھن وٽ ويا ھئاسين، ۽ ماني بھ ھن سان گڏجي کاڌي ھئيسين. جڏھن قاضي جلال کنڀات ۾ داخل ٿي، اچي بغاوت ڪئي ھئي، تڏھن ھن بزرگ وٽ اچي حاضر ٿيو ھو، بادشاھھ کي ڪنھن وڃي ٻڌايو تھ ھن بزرگ، قاضي جلال لاءِ دعا گھري آھي، تنھنڪري ھي ويچارو بزرگ، بادشاھھ جو ٻڌي، ڀڄي ويو ھو تھ ڪٿي ھن جو حال بھ شيخ حيدريءَ جھڙو نھ ٿئي!

        ھن شھر ۾ ٻيو بھ بزرگ خواجھ اسحاق نالي ھڪ تاجر آھي، جنھن جي خانقاه ۾ ھر مسافر کي کاڌو ملندو آھي ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي روڪ پئسا بھ  ڏنا ويندا آھن ۽ چون ٿا تھ ھن جي ايتري خرچ ھوندي بھ ھن جي مال ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو ٿو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري ڪاويءَ(1) ۾ پھتاسين، جيڪو سمنڊ جي ھڪ کاريءَ جي ڪناري تي آھي ۽ ھت بھ پاڻيءَ جو لاھھ ۽ چاڙه ٿيندو آھي ۽ راءِ جالينسي، ھندو راجا جي علائقي ۾ آھي، جنھن جو بيان اڳتي ڪنداسين. پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪري اچي، ” قندار“  جي شھر ۾ پھتاسين، جو ھندن جو ھڪ تمام وڏو شھر آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي.

اتي جي راجا جو بيان

        قندار جي ھندو راجا جو نالو جالينسي آھي. ھي اسلامي حڪومت جي ماتحت آھي ۽ ھر سال ھندستان جي بادشاھھ جي ڍل ڀريندو آھي. اسان جڏھن قندار ۾ پھتاسين تڏھن ھي اسان جي استقبال لاءِ ٻاھر آيو ۽ اسان جي ڏاڍي عزت ڪيائين. ھن پنھنجو محل اسان لاءِ خالي ڪري ڇڏيو ھو، جنھن ۾ اسان وڃي لٿاسين پوءِ  وڏا وڏا مسلمانن امير ھن جي طرفان اسان جي استقبال لاءِ آيا، جن ۾ خواجھ بھراه جا ٻھ پٽ ۽ ناخدا ابراھيم بھ ھو ؛ ھن شخص جا ڇھھ جھاز خاص سندس ملڪيت آھن، پوءِ اسان ھن شھر مان سمنڊ ۾ سفر شروع ڪيو.


(1) مري:- ھن نالي سان ھن وقت ھندستان ۾ ڪو بھ اھڙو مشھور شھر ڪونھي، پر ابن بطوطھ جي زماني ۾ ضرور ڪو شھر ھوندو جيڪو ھينئر ميٽجي ويو ھوندو يا ڪو ننڊڙو ٻوٺڙو رھيو ھوندو. مترجم

* ڪجراويتھ يا ڪچراد:- ھي ھندستان ۾ ھڪ شھر آھي، جيڪو ڇتر پور کان ٢٧ ميل پري اڀرندي طرف آھي، ۽ شھر پنا کان ٢٥ ميل پري ڏکڻ اولھھ ۾ آھي. مترجم

* چنديري:- ھي شھر ھينئر ننڍڙو ڳوٺرو وڃي رھيو آھي، جو دھليءَ کان ٢٨٠ ميل پري آھي. ان جي ڀرسان ٽڪريءَ تي اڃا ھڪ شڪستھ قلعو بيٺو آھي، جو تنھن زماني ۾ ھڪ مضبوط قلعو ھوندو ھو.

(1) شھر ظھار يا ڌار – ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر جو بيان آيل آھي تھ ھي شھر راجا ڀوڄ جي راڄ ڌاني ھوندو ھو، ھن وقت ڌار ھڪ ننڍڙي رياست آھي ۽ چڱي آمدشماري اٿس، مسلمانن جي وقت ۾ ھيءُ ھڪ وڏو شھر ھوندو ھو، ۽ اڃا تائين بھ ھن ۾ ھڪڙي ڳاڙھي پٿر جون مسجدون مرمت جي قابل موجود آھن.

(1) اجين- ھي ھندستان ۾ ھڪ قديمي شھر آھي، جيڪو سپيئرا نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھيءَ مالوه جو قديم داراخلافھ ھوندو ھو، پر ھاڻي گراليار جي رياست ۾ آھي، پراڻي شھر جا کنڊ رات اڃا تائين بھ نئين اجين جي ڀرسان اٽڪل ھڪ ميل جي ايراضيءَ ۾ موجود آھن، جنھن مان ثابت آھي تھ ھي تمام وڏو شھر ھوندو ھو. سنھ ١٤٥٨ع ۾ اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي لڙائي بھ ھن شھر جي ويجھو لڳي ھئي. سنھ ١٧٩٢ع ۾ ”ھولڪر“  ھن شھر کي ساڙيو ھو ۽ سنھ ١٨١٠ع تائين ھيءُ شھر سنڌ يا جو پايھ تخت ڪيو ويو، پر پوءِ “گواليار“ دارالحڪومت رھيو. مترجم

(1) نذر بار – ھن وقت ھن شھر کي نندو بار ڪري سڏيندا آھن، ۽ خانديش جي ڀرسان تاپتي نديءَ جي ڀرسان ڏاکڻي ڪناري تي آھي، تاريخ فرشتھ موجب جڏھن ملڪ ڪافور ديول ديويءَ جي وٺڻ لاءِ ويو ھو، تھ ان وقت ھن سلطان پور ۽ نذر بار ٻھ شھر آباد ڪيا ھئا. موجوده وقت ۾ ھيءُ ڪو اھڙو وڏو شھر ڪونھي، پر ڪنھن زماني ۾ ضرور ھي ھڪ وڏو شھر ۽ تجارت گاھھ ھوندو ھو، سنھ ١٦٦٦ع ۾ ھت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ھڪ ڪوٺي کولي ھئي، جيڪا پوءِ احمد آباد ۾ کڻي ويا. باجي راءِ جي وقت ۾ ئي ھيءُ شھر غيرآباد ٿي ويو، ھن ۾ اڃا تائين بھ ڪي جھونيون مسجدون ۽ عمارتون موجود آھن. مترجم

* ساگر – ھن نالي وارو ھن وقت ڪو بھ اھڙو  مشھور شھر ھندستان ۾ ڪو نھ رھيو آھي. مترجم

(1) شيخ کي “ٽپال “ ۾ موڪلڻ،  ھن کان اڳ ھندستان ۾ ٽپال جي  عنوان ۾ اين بطوط لکي  آيو آھي تھ رستي  تي اھڙيون چونڪيون  ٺھيل ھونديون ھيون ، جتي ٽپال  پھچائيندڙ ماڻھو ، تيار بيٺا ھوندا ھئا . ان ۾ جلد گھربل ماڻھو ءَ کي ٻھ  کٽ تي کڻي ، ڀڄندا ويندا ھئا ، وغيرا . مترجم

(1) ڪاوي (گادي) ۽ قندار- ھي ٻيئي بندر ھن وقت ڦٽي ويا آھن. قنڌار، ھي افغانستان وارو قندار ڪونھي، پر ھندستان ۾ ھڪ بندر جو نالو ھو، جيڪو نربداءَ ندي جي منھن وٽ ھوندو ھو. مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org