سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 13

 

باب ستون

فصل پھريون

ھندستان ۾ ڏڪار پوڻ

جڏھن بادشاھھ دارالخلافھ کان معبر ڏانھن ھليو ويو، تڏھن ھندستان ۾ اچي سخت ڏڪار پيو ۽ اگھھ ايترا تھ چڙھي ويا، جو اناج جو اگھھ وڌي وڃي ڇھھ درھم في مڻ ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ اگھھ چڙھي ويا ۽ مھانگائيءَ سبب ماڻھن جا حال ڏاڍا خراب ٿي ويا.  ھڪ دفعي مان وزير سان ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھوس، رستي تي ٽي عورتون ھڪ مئل گھوڙي جي کل لاھي ان کي کائي رھيون ھيون، ۽ ھيءُ گھوڙ ڪن مھينن کان اتي مئو پيو ھو. ماڻھو تھ جانورن جا چمڙا لاھي، ان کي رڌي، بازار ۾ وڪڻندا ھئا.

ڪن خراساني طالب علمن مون سان ڳالھھ ڪئي تھ ھو (اکروھھ)اگروه جي شھر ۾، جيڪو ھانسي ۽ سرستي جي وچ ۾ آھي، ويا تھ ڏٺائون تھ سڄو شھر سڃو لڳو پيو ھو، پوءِ ھو ھڪ گھر ۾ رات بسر ڪرڻ لاءِ گھڙي ويا. گھر جي ھڪ ڀاڱي ۾ ھنن ھڪ ماڻھوءَ کي ڏٺو، جنھن جي اڳيان باھھ پئي ٻري ۽ ھو ھڪ انساني ٽنگ پچائي کائي رھيو ھو، جڏھن ماڻھن کي ڏاڍي تڪليف پھتي، تڏھن بادشاھھ حڪم ڪيو تھ دھليءَ جي سڀني رھواسين کي ڇھن مھينن جو راشن ڏنو وڃي، پوءِ قاضي ، منشي ۽ امير شھر جي ھر ھڪ گھٽيءَ ۽ محلي ۾ گھمندا، ماڻھن جا نالا لکندا پئي ويا ۽ انھن مان ھر ھڪ کي ڇھن مھينن جو راشن، ڏيڍ رطل روزاني جي حساب سان ڏيندا پئي ويا. مون بھ ان وقت ۾ سلطان قطب الدين جي مقبري جي لنگر مان ماڻھن ۾ کاڌو پئي ورھايو. پوءِ آھستي آھستي ماڻھن جي حالت درست ٿيندي ويئي. خداوند ڪريم مون کي بھ منھنجي انھيءَ خدمت لاءِ جزاءِ خير ڏيندو.

        ھن وقت تائين مون رڳو بادشاھھ جي زماني جي واقعن جو بيان پئي ڪيو، پر ھاڻي مان صرف پنھنجي بابت بيان ڪندس. جنھن ۾ اسان جو دارالخلافھ ۾ پھچڻ جو احوال، بادشاھھ جي نوڪري ڪرڻ ۽ ڇڏي ڏيڻ، پوءِ بادشاھھ جي طرفان چين جو سفير ٿي وڃڻ ۽ آخر چين کان واپس پنھنجي ملڪ موٽڻ وغيره جو بيان ھوندو.انشاءَ الله تعاليٰ.

اسان جو بادشاھھ جي غيرحاضريءَ ۾

شاھي محل ڏانھن وڃڻ

جڏھن اسين دارالخلافھ دھليءَ ۾ پھتاسين، تڏھن سڌو شاھي محل ڏانھن ھليا وياسين. اسين اتي پھچي پھرئين دروازي مان لنگھياسين، پوءِ ٻئي دروازي مان، ٽئين دروازي تي نقيب موجود ھئا، جن جو اڳي ئي تفصيل سان بيان ڪري آيو آھيان. جڏھن اسان نقيبن وٽ پھتاسين، تڏھن انھن مان ھڪ نقيب اسان کي ھڪ ڪشادي اڱڻ ۾ وٺي آيو، جتي وزيرخو اجھ جھان، اسان جو انتظار ڪري رھيو ھو. اسان مان سڀني کان اڳيان خداوند زادو ضياءُ الدين ھو. ان جي پٺيان سندس ڀاءُ قوام الدين ، ان کان پوءِ انھن جي ڀاءُ عماد الدين، پوءِ مان ۽ منھنجي پٺيان ھنن جو ڀاءُ برھان الدين ، پوءِ امير مبارڪ سمرقندي، ان جي پٺيان ارن بغا ترڪي، پوءِ خداوندزادي جو ڀاڻيجو ملڪ زادو ۽ ان جي پٺيان بدرالدين فصال.

اھڙي طرح نمبر وار جڏھن اسان ٽئين دروازي سان  لنگھياسين تڏھن  اسان کي  ھڪ وڏو ديوان خانو  نظر آيو جنھن کي ھزار سطون (ھزار ٿنبن وارو ) ڪري  سڏيندا  آھن ھن ۾ بادشاھ عام مجلس ڪندو آھي .ھت پھچي  وزير جھڪي سلام ڪيو . ھو ايتري  قدر تھ جھڪيو ، جو ھن جو مٿو زمين جي بلڪل ويجھو ٿي  ويو . پو۽ اسان  بھ جھڪي سلام ڪيو ،پر اسان رڳو رڪوع جيترو جھڪياسين ،  تنھن ھوندي  بھ اسان جون آڱريون زمين کي ڇھي ٿي سگھيون . ھيءَ سلامي  بادشاھ  جي تخت  جي ھئي . پو۽  ٻيا ماڻھو جيڪي  اسان سان گڏ ھئا،تن بھ اھڙيءَ طرح جھڪي سلام  ڪيو . جڏھن اسان ھن طرح خدمت بجا آئڻ کان فارغ ٿياسين ، تڏھن  ٻاھر ھليا آياسين .

بادشاھ  جي   والدا  جي گھر   پھچڻ ۽     سندس   خصلتن جو    بيان

بادشاه جي والده کي مخدوم جهان ڪري سڏيندا  آهن . هيءَ تمام  نيڪ ۽ پرهيز گار زال آهي ۽ خير خيرات تمام گهڻو ڪندي رهندي  آهي  . هن ڪيتريون ئي خانقاهون ٺهرايون آهن. جتان مسافرن  کي  باقائدي کاڌو ملندو  آهي .  هوءِ  اکين  کان نابينا آهي ، جنهن جو سبب  اهو بيان ٿو وڃي ته جڏهن سندس پٽ بادشاهه ٿيو  ، تڏهن  سڀ  بيگميون ۽  امير زاديون  چمڪ دمڪ وارا ڪپڙا پهري  هن وٽ آيون هيون  ، ان وقت هوءَ هڪ سون جي تخت تي ، جنهن تي هيرن  ۽ جواهرنجو ڪم ٿيل هو، ويٺي هئي   . هيترين چڪڪندڙ شين  جي  تيزي ۽ چمڪاٽ اهڙو ته ٿيو ، جو انهيءَ ئي  وقت سندس نظر هلي ويئي . پوءِ ڏاڊا علاج ۽  حيلا  ڪيا ويا  ، پر ڪجهه فائدو ڪون  ٿيس.

        بادشاھھ ھن جي ڏاڍي عزت ڪندو آھي ۽ سندس فرمانبرداري پنھنجو فرض اولين سمجھندو آھي. چون ٿا تھ ھوءَ ھڪ دفعي بادشاھھ سان گڏ سفر تي ويئي، جتان بادشاھھ ھن کان ڪجھھ ڏينھن اڳ ۾ ھليو آيو پوءِ جڏھن ھوءَ دارالخلافھ ڏانھن آئي، تڏھن بادشاھھ ھن جي استقبال لاءِ آيو ۽ گھوڙي تان لھي پيو ۽ جنھن وقت ھوءَ پالڪيءَ ۾ سوار ٿي تنھن وقت ھن جا پير چميائين، جو ان وقت سڀ ماڻھو ڏسي رھيا ھئا. ھاڻي مان پنھنجي اصل مقصد تي ٿواچان.

        جڏھن اسان شاھي محل مان نڪتاسين تڏھن وزير ۽ اسان سڀ حرم سرا جي دروازي ڏانھن وياسين. مخدوم جھان بھ اتي ئي گھر ۾ رھندي آھي.اسان سندس دروازي تي پھچي سوارين تان لھي پياسين. اسان مان ھر ھڪ پنھنجي پڄنديءَ آھر مخدوم جھان جي لاءِ تحفو کڻي آيو ھو. اسان سان قاضي القضاة ڪمال الدين ابن برھان الدين بھ گڏجي آيو ھو. وزير ۽ قاضيءَ مخدوم جھان جي دروازي جي اڳيان اچي دستوري سلام ڪيو. پوءِ اسان بھ اھڙيءَ طرح سلام ڪيو. ھڪ منشي جيڪو دروازي تي موجود ھو تنھن اسان جا سڀ تحفا لکي ڇڏيا. پوءِ ڪي نوجوان ڇوڪرا آيا، جن مان جيڪو وڏو ھو، سو وزير ڏانھن وڌي آيو ۽ اچي آھستي سان ساڻس ڪجھھ ڳالھھ ٻولھھ ڪري محل ڏانھن ھليو ويو. اھڙيءَ طرح ھو وري آيا ۽ ساڳيءَ طرح ھليا ويا. ايترو وقت اسين اتي ئي بيٺا رھياسين.

        پوءِ اسان کي ھڪ ڇت واريءَ جاءِ ھيٺان ويھڻ جو حڪم ٿيو. انھيءَ کان پوءِ کاڌو کڻي آيا، جنھن سان گڏ سون جا مٽ، جن کي ”سين“ چوندا آھن ۽ ديڳين جھڙا ٿيندا آھن، آندائون. انھن جون گھڙامنجيون بھ سون جون ٺھيل ھيون. ازانسواءِ پيالا، رڪابيون ۽ ڪونئرا، جيڪي پڻ سون جا ھئا، آندا ويا. دستر خوان وڇائجي ويا ۽ ھر ھڪ دستر خوان تي ٻھ ٻھ صفون ھيون. صف ۾ سڀ کان اڳ اھو ماڻھو ويھندو آھي جيڪو ٻين سڀني کان مرتبي ۾ وڏو ھوندو آھي.

جڏھن اسان کاڌي ڏانھن وڌياسين، تڏھن حاجين ۽ نقيبن جھڪي آداب بجا آندا ۽ اسان بھ ائين ڪيو. شروع ۾ شربت آندو ويو، جنھن جي ختم ٿيڻ تي حاجين بسم الله چيو ۽ ان وقت اسان کائڻ شروع ڪيو. کاڌي کان پوءِ فقاع (مشروبات جو قسم) آندو ويو ۽ آخر ۾ پان ڏنا ويا. پوءِ حاجين بسم الله چيو، جنھن تي اسان وري آداب بجا آندا. ۽ پوءِ اسان کي ھڪ جاءِ ڏانھن وٺي ويا، جتي اسان کي ريشمي خلعتون، جن تي سوني زريءَ جو ڪم ٿيل ھو، ڏنيون ويون. ان بعد اسان سڀني محل جي دروازي تي پھچي، وري جھڪي، اڳئين وانگر سلام ڪيو.

حاجين وري بسم الله چيو تھ وزير اتي ترسي پيو. جنھن سان گڏ اسان بھ ترسياسين. ٿوري وقت کان پوءِ محل مان ريشمي، اوني ۽ سوتي ڪپڙي جا اڻ سبيل ٿان کڻي آيا، جن مان اسان مان ھر ھڪ کي ان جو حصو ڏنو ويو. ان کان پوءِ سون جا ٿالھھ آندائون، جن مان ھڪ ۾ سڪو ميوو ھو ۽ اھڙيءَ طرح سان ٻئي ۾ گلاب ۽ ٽئي ۾ پان ھئا. ھي سڀ شيون انھيءَ لاءِ آنديون ويون، جو ھن ملڪ ۾ اھو ئي دستور آھي. ھنن شين وٺڻ جو اھو طريقو آھي تھ ٿالھھ ھڪ ھٿ تي رکي، ٻئي ھٿ سان زمين ڇھي آداب بجا آڻبا آھن. وزير بھ اھو ٿالھھ ھٿ ۾ کڻي، پھريائين ائين ڪري مون کي ڏيکاريو، جيئن مان بھ ائين ڪريان. پو٣ مون بھ ساڳيءَ طرح ڪيو. پوءِ اسان ان گھر ڏانھن وياسين جيڪو دھلي شھر ۾ اسان لاءِ مخصوص ڪيو ويو ھو. ھيءُ گھر پالم دروازي جي ويجھو ھو، جتي اسان جي مھمانيءَ جو سڀ بندوبست ڪيو ويو ھو.

مھمانيءَ جو بيان

جڏھن مان انھيءَ گھر ۾ پھتس تڏھن اتي ضرورت جي ھر ڪا شيءِ مثلا گلم غاليچا، ٿانو، کٽون ۽ ھنڌ وغيره موجود ڏٺم. ھندستان ۾ کٽون اھڙيون تھ ھلڪيون ٿينديون آھن، جو ھڪ ماڻھو ھڪ کٽ ڏاڍيءَ سولائي سان کڻي سگھندو آھي. تنھن ڪري سفر ۾ ھر ڪو ماڻھو کٽ پاڻ سان کڻندو آھي جيڪا سندس غلام مٿي تي کڻي ھلندو اھي. ھن کي مخروطي قسم جا چار پاوا ھوندا آھن، جن جي ڊيگھھ ويڪر ۾ چار ڪاٺيون (ايسون ۽ اوپرا) ٺوڪيلون ھونديون اھن. ان کي ريشمي يا سوٽي واڻ سان واڻيندا آھن. جڏھن ان تي ڪو ماڻھو سمھندو آھي، تڏھن ان کي پسائڻو ڪونھ پوندو آھي، ڇو تھ اھا اڳ ئي ٿڌي ٿيندي آھي.

انھيءَ کٽ سان گڏ بھ پٿراڻيون، ٻھ وھاڻا ۽ ھڪ سوڙ بھ موجود ڪيون ويون ھيون. ھي سڀ ريشم جا ٺھيل ھئا ۽ ھن ملڪ جو رواج آھي تھ پٿراڻين ۽ سوڙين تي سوٽي يا اوني غلاف چاڙھي ڇڏيندا آھن، ۽ جڏھن اھي ميرا ٿيندا آھن، تڏھن انھن کي ڌوئي، وري انھن تي چاڙھي ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ طرح انھن جي اندران سوڙيون ۽ پٿراڻيون گھڻو وقت ھلي سگھنديون آھن.

        انھيءَ رات اسان وٽ ٻن ماڻھن کي آندو ويو، جن مان ھڪ اٽي وارو ھو جنھن کي خراص چوندا اھن ۽ ٻيو گوشت وارو جنھن کي قصاب ڪري چوندا آھن. اسان کي چيو ويو تھ انھن کان ھيتري انداز ۾ اٽو ۽ گوشت وٺندا رھو. اھو انداز مون کي ياد نھ آھي. ھن ملڪ ۾ اھو بھ رواج آھي تھ اٽو ۽ گوشت ھڪ جيترو ڏيندا آھن. ھيءَ مھمان نوازي بادشاھھ جي والده جي طرفان ٿي رھي ھئي ۽ ان کان پوءِ بادشاھھ جي طرفان ضيافت اچڻ شروع ٿي. جنھن جو بيان اڳتي ھلي ڪندس.

        انھيءَ کان پوءِ ٻئي ڏينھن اسان شاھي محل ڏانھن وياسين ۽ وڃي وزير کي سلام ڪيوسين. وزير مون کي ھزار ھزار دينارن جون ٻھ ڳوٿريون ڏنيون ۽ چيائين تھ اھا رقم تنھنجي سرسشي (يعني مٿي ڌئارڻ) لاءِ آھي. ۽ ان کان پوءِ مون کي ھڪ ريشمي خلعت ڏنائين. پوءِ وزير منھنجي ساٿين، غلامن ۽ نوڪرن جا نالا لکي، انھن جا چار درجا مقرر ڪيا، ۽ پھرئين درجي وارن مان ھر ھڪ کي ٻھ سو دينار، ٻئي درجي وارن کي ڏيڍ سو، ٽئين درجي وارن کي ھڪ ھڪ سو ۽ چوٿين درجي وارن کي منو سو دينار ڏنائين.

        مون سان گڏ ڪل چاليھھ ماڻھو ھئا، جن کي اھڙيءَ طرح سان اٽڪل ٤ ھزار دينار مليا. ان کان پوءِ بادشاھھ جي طرفان ضيافت جو حڪم ٿيو ۽ ھڪ ھزار رطل اٽو ۽ ھڪ ھزار رطل گوشت اسان کي ڏنو ويو. اٽي جو ٽيون حصو ميدو ھو ۽ باقي ٻھ حصا اڻ ڇڻيل اٽو ھو. ازانسواءِ ڪيترا ئي رطل (سڪر) کنڊ، گيھھ، سوپاريون ۽ ھڪ ھزار پنا پان جا اسان کي ڏنا ويا. ھيءُ ھندستاني رطل مغرب جي ويھن رطلن ۽ مصر جي پنجويھن رطلن جي برابر ٿيندو آھي. اھڙيءَ طرح خداوند زادي جي ضيافت ۾ بھ ھن کي چار ھزار رطل اٽو ۽ چار ھزار رطل گوشت ٻين ضروري شين سميت ڏنو ويو.

منھنجي ڌيءَ جي وفات ۾ منھنجي ھمدردي

        منھنجي ھت اچڻ کان ڏيڍ مھينو پوءِ منھنجي ھڪ ڌيءَ جنھن جي عمر سال کن ھئي، وفات ڪئي. ھن جي فوت ٿيڻ جي خبر وزير کي پيئي. ھن حڪم ڏنو تھ ھن کي پالم دروازي ٻاھران، شيخ ابراھيم قولوي جي مقبري ڀرسان ھڪ خانقاھھ ۾، جيڪا پاڻ ٺھرائي ھئائين، دفن ڪيو وڃي. وزير بادشاھھ کي لکيو، ۽ جيتوڻيڪ بادشاھھ ڏھھ منزلون پري ھو، تڏھن بھ ٻئي ڏينھن شام جو اچي ويو. ھن ملڪ ۾ رواج آھي تھ ٽئين ڏينھن صبح جو سوير ميت جي قبر تي ويندا آھن ۽ ان جي چوڌاري ريشمي ڪپڙا ۽ گديلا وڇائي قبر تي گل وغيره رکندا آھن.

        ھي گل ھر موسم ۾ ملي سگھندا آھن. مثلا ياسمين، گل شنيو، (ھي زرد رنگ جا گل ٿيندا آھن)، رابيل جيڪي سفيد ٿيندا اھن ۽ نسرين (ھي ٻن قسمن جا ٿيندا آھن – ھڪڙا سسفيد ۽ ٻيا زرد). ازانسواءِ نارنگي ۽ ليمي جون ٽاريون بھ ميون سميت قبر تي رکندا آھن. پوءِ جيڪڏھن انھن ۾ ميوا نھ ھوندا آھن تھ ڌاڳي سان انھن ميون جا داڻا سبي، اٽڪائي ڇڏيندا آھن؛ ۽ پاڻ سان گڏ ڪلام الله کڻي اچي اتي پڙھندا آھن. ختمو پورو ڪري، پوءِ ماڻھن کي گلاب آڻي پياريندا آھن ۽ ٻيو گلاب انھن جي مٿان ڇٽڪاريندا آھن، پان ۽ سوپاريون ورھائيندا آھن، تنھن کان پوءِ سڀڪو ھليو ويندو آھي.

        جڏھن ٽئين ڏينھن جو صبح ٿيو تڏھن دستور موجب مان قبر تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ۽ جيڪي ڪجھھ مون وٽ موجود ھو سو بھ کنيم، پر اتي وڃي ڏٺم تھ وزير اڳيئي موجود ھو، جنھن سڀڪجھھ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪ تنبو لڳائڻ جو بھ حڪم ڏنائين، جيڪو انھيءَ قبر تي لڳايو ويو. اتي حاجب شمس الدين فوشنجي، جيڪو اسان کي سنڌ ۾ مليو ھو، قاضي نظام الدين ڪرواني ۽ ٻيا شھر جا وڏا وڏا ماڻھو بھ آيا. ھي سڀ ماڻھو منھنجي اچڻ کان اڳ اتي آيل ھئا ۽ انھن جي سامھون حاجب بيٺو ھو. ھو سڀ قرآن شريف پڙھي رھيا ھئا.

        مان بھ پنھنجن ساٿين سميت اچي قبر تي ويٺس. جڏھن ختمو پورو ڪيائون تڏھن قارين نھايت سٺي آواز ۾ ڪلام الله پڙھڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ قاضي اٿي منھنجي ڌيءَ لاءِ مرثيوپڙھيو ۽ بادشاھھ جي ثنا ڪيائين. جڏھن بادشاھھ جو نالو ورتائين تڏھن سڀ اٿي بيٺا ۽ آداب بجا آندائون. پوءِ سڀ حاضرين ويھي رھيا ۽ قاضيءَ دعا گھري. ان کان حاجب ۽سندس مددگرن گلاب جو پاڻي ماڻھن تي ڇٽڪارڻ، نباتن جو شربت پيارڻ ۽ ان کان پوءِ پان ورھائڻ شروع ڪيا.

        جڏھن ھي سڀ ختم ٿيو تڏھن مون کي ۽ منھنجي ساٿين کي ٻارھن خلعتون ڏنيون ويون. پوءِ حاجب سوار ٿي بادشاھھ جي محل ڏانھن روانو ٿيو ۽ اسان بھ ان سان گڏ وياسين. شاھي تخت وٽ پھچي، دستوري آداب بجا آڻي، مان پنھنجي گھر ھليو آيس. اتي اچي معلوم ٿيو تھ انھيءَ ڏينھن جو کاڌو بادشاھھ جي والده وٽان آيل ھو. اسان سڀني اھو کاڌو ۽ غريبن، مسڪينن ۾ بھ ورھايو ويو، تنھن کان پوءِ بھ ڪيتريون ئي مانيون ، حلوو۽ نباتون بچي پيون ، جيڪي ڪيترن ڏينھن تائين پيون  ھيون. ھي سڀ ڪجھھ بادشاھھ جي حڪم سان ڪيو ويو ھو، ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ مخدوم جھان، بادشاھھ جي والده، جي گھران ھڪ دولت (ڏولي) ڪي جوان کڻي آيا. ھيءُ ھڪ قسم جو محفو ٿيندو آھي، جنھن ۾ عورتون چڙھنديون آھن، پر ڪڏھن انھن ئي مرد بھ چڙھندا آھن. ھيءَ کٽ جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي ۽ ريشمي يا سوٽي واڻ ساڻ واڻيل ھوندي آھي. ھن جي مٿان ھڪ مضبوط بانس جي لڪڙيءَ کي ڏنگو ڪري، ڇٽيءَ وانگر ٺاھي ڇڏيندا آھن، جنھن کي اٺ ماڻھو واري واري سان کڻندا آھن، يعني چار ماڻھو ان کي کڻي ھلندا آھن تھ چار وري ساھي کڻندا ھلندا آھن. ھي ڏوليون ھندستان ۾ اھڙوئي ڪم ڏينديون آھن جھڙو مصر ۾ گڏھھ.

 

ڪيترن ئي ماڻھن جو روزگار ھنن ڏولين تي منحصر آھي، جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ غلام ھوندا آھن، تھ اھي ڏولي کڻي ھلندا آھن، پر جيڪڏھن غلام نھ ھوندا اٿس تھ ماڻھو مزدوري تي ھلي سگھندا آھن. اھڙي قسم جا مزدور شھر م تمام گھڻا ملي سگھندا آھن، جيڪي بازارين ۾، شاھي محل جي دروازي وٽ يا ماڻھن جي دروازن تي بيٺل نظر ايندا آھن، تھ ڪو انھن کي ڏولي کڻائڻ لاءِ مزدوري تي وٺي وڃي، عورتن جي ڏولين تي ريشمي پردا لڳل ھوندا آھن. انھيءَ ڏوليءَ ۾ جيڪا بادشاھھ جي والده جي گھران سندس غلام کڻي آيا ھئا، پڻ ريشمي پردو لڳل ھو، جنھن ۾ منھنجي انھيءَ ٻانھيءَ کي ، جيڪا منھنجي فوتي ڌيءَ جي ماءُ ھئي، ويھاريو ويو، مون ان سان گڏ ھڪ ترڪي ٻانھي بھ تحفي طور موڪلي ڏني ھئي.

        اھا رات منھنجي ٻانھي (فوتي ڌيءَ جي ماءُ) ھنن وٽ رھي، ٻئي ڏينھن واپس  مون وٽ آئي، ھن کي بادشاھھ جي ماءُ جي طرفان ھڪ ھزار دينار، سون جا جڙادار ڪنگڻ، اھڙوئي سونو جڙادار ھار، سوني زريءَ جو ڀرت ڀريل ڪڙتو، زري دار ريشمي خلعت ۽ ڪيترن ئي قسمن جي ڪپڙن جا ٿان مليا، جڏھن ھوءَ اھي سڀ مون وٽ کڻي آئي تڏھن مون پنھنجي وقار ۽ عزت قائم رکڻ لاءِ، اھي پنھنجن دوستن ۽ سوداگرن ، جن جو مون تي قرض ھو، ڏيئي ڇڏيا. پوءِ اھا خبر بادشاھھ کي پئجي ويئي، ڇو تھ مخبر منھنجي سموري احوال کان کيس واقف ڪندا رھندا ھئا.

 

بادشاھھ ۽ وزير جا مون تي احسان

جڏھن منھنجي ھن خبر کان بادشاھھ واقف ٿيو، تڏھن حڪم موڪليائين تھ منھنجي لاءِ جاگير ۾ ايترا ڳوٺ مقرر ڪيا وڃن، جن جي آمدني پنج ھزار دينار کن سالياني ھجي، پوءِ وزير ۽ اھل ديوان منھنجي لاءِ ڳوٺ ”بدلي“ ، ڳوٺ ”سھي“ ۽ اڌ ڳوٺ ” بالره“ جاگير طور مقرر ڪيا. اھي ڳوٺ داراخلافھ کان سورنھن ڪوھن جي مفاصلي تي ھئا ۽ ھند پت جي صديءَ ۾ شامل ھئا.  صدي ھن ملڪ ۾ ھڪ سئو ڳوٺن جي مجموعي کي چوندا آھن ھر ھڪ صديءَ تي ھڪ چوطري (اڄڪلھھ جو چوڌري) ھوندو آھي، جيڪو ھندن ۾ وڏي مرتبي وارو ڪري ليکيو ويندو آھي، اتي ھڪ متصرف پڻ ھوندو آھي، جيڪو ڍل گڏ ڪندو آھي.

        انھن ڏينھين ڪيتريون ئي ھندو عورتون لٽ جي مال ۾ آيون ، انھن مان ڏھھ وزير مون کيڏياري موڪليون ھيون، جن مان ھڪ مون آڻيندڙ کي ڏني پر ھو ان تي بھ راضي ڪين ٿيو. انھن مان ننڍيون ننڍيون ٽي ڇوڪريون تھ منھنجن ساٿين کنيون، باقي خبر نھ آھي تھ ڪيئن ٿيون، اصل ۾ لٽ جي مال ۾ جيڪي بھ عورتون اينديون ھيون، سي ھن ملڪ ۾ ڏاڍيون سستيون وڪامنديون ھيو، ڇو تھ ھو سڀ تھذيب کان غير واقف ۽ نھايت گنديون ھيون. ھت سڌاريل ۽ سيکاريل ٻانھيون تمام سستيون ھونديون آھن، تنھن ڪري لٽ وارين عورتن کي ڪو بھ خريد ڪرڻ پسند نھ ڪندو آھي.

ھندستان ۾ ھندو ملڪ جي مسلمانن سان ملي جلي رھندا آھن ۽ مسلمان انھن تي ھر طرح غالب آھن. ڪيترائي ھندو تمام اڻانگن جبلن، غارن ۽ بانس جي ٻيلن ۾ لڪا رھندا آھن. ھت بانس پورو ڪو نھ ٿيندو آھي ۽ تمام ڊگھو ٿيندو آھي. ان جون ٽاريون ھڪ ٻئي کان ايتريون تھ پري ھونديون آھن، جو باھھ بھ انھن تي اثر نھ ڪندي آھي. ھي ھندو بانس جي جھنگلن ۾ گھڙي وڃي اتي رھائش اختيار ڪندا آھن، ھنن کي بانس ديوار جو ڪم ڏيندا آھن، جن جي اندر سندن چوپايو مال ۽ آباديون ھونديون آھن ۽ ڪھڙو بھ لشڪر انھيءَ بانس جي ديوار کي ضروري اوزارن سان ڪپڻ کان سواءِ انھن تي غالب اچي نھ سگھندو آھي.

بادشاھھ جي غيرحاضريءَ ۾ عيد

عيدالفطر بھ اچي ويئي پر بادشاھھ اڃا داراخلافھ ۾ ڪو نھ پھتو، جڏھن عيد جو ڏينھن ٿيو، تڏھن خطيب ھاٿيءَ تي سوار ٿيو ۽ ھاٿيءَ جي پٺيءَ تي ھڪ چوڪنڊيارو صندل تخت وانگر وڇايو ويو ۽ چار جھڊا انھيءَ جي چئني ڪنڊن ۾ لڳايا ويا. خطيب کي ڪارا  ڪپڙا پھريل ھئا ۽ موذن سندس اڳيان ھاٿين تي سوار، تڪبيرون ھڻندا ٿي ھليا. شھر جا فقيھھ ۽ قاضي بھ اھڙيءَ طرح سوار ھئا ۽ انھن سان گڏ صدقا بھ آيا  ھئا، جيڪي ھو عيد گاھھ جي رستي تي ورھائيندا پئي ھليا.

        عيد گاھھ تي سوٽي ڪپڙي جو شاميانو لڳايو ويو ھو، جنھن ۾ گلم ۽ غاليچا وڇايل ھئا، جڏھن سڀ نمازي گڏ ٿيا، تڏھن خطيب نماز پڙھائي خطبو پڙھيو، ان کان پوءِ سڀڪو پنھنجي گھر ڏانھن ھليو ويو، پر اسان شاھي محل ڏانھن وياسين، جتي سڀني اميرن ۽ غيرملڪين گڏجي کاڌو تناول ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي گھر ھليا وياسين.

اسان جو بادشاھھ جي استقبال لاءِ ٻاھر وڃڻ

شوال جي چوٿين تاريخ بادشاھھ، دارالخلافھ کان ست ميل دور، تلپت نالي مھل  ۾ اچي لٿو، وزير اسان کي حڪم ڏنو ھو تھ بادشاھ جي استقبال لاءِ اوڏانھن وڃو، تنھن ڪري اسان شھر کان ٻاھر نڪتاسين ۽ اسان سان ھر ھڪ کي تحفي طور پيش ڪرڻ لاءِ گھوڙا، اٺ، خراساني ميوا، مصري، تلوارون، غلام ۽ ترڪستان جي ملڪ جا دنبا ھئا، جڏھن اسان انھي محل جي دروازي تي پھتاسين، تڏھن اچڻ وارن ماڻھن جي سخت ڀيڙ لڳي ويئي، پوءِ سڀڪو پنھنجي مرتبي آھر اندر داخل ٿيندو ويو، جتي ھر ھڪ کي نفيس ڪپڙي جي زريدار خلعت پئي ملي.

        جڏھن منھنجي اندر وڃڻ جو وارو آيو، تڏھن مون اندر وڃي ڏٺو تھ بادشاھھ ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺو آھي، پھريائين مون سمجھيو تھ ڪو حاجب آھي، پر جڏھن ھن جي ڀرسان ملڪ النسا ناصر الدين ڪافي ھرويءَ کي بيٺل ڏٺم ، جنھن کي مان چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھوس، تڏھن پڪ ٿيم تھ اھو ئي بادشاھھ آھي. ھاجب نمي سلام ڪيو ۽ مون بھ اھڙيءَ طرح سلام ڪيو. تنھن تي امير حاجب جيڪو بادشاھھ جو سئوٽ فيروز ھو، سو اٿي منھنجي استقبال لاءِ آيو. مون وري ٻيو دفعو نمي سلام ڪيو، پوءِ ملڪ النسا چيو تھ بسم الله مولانا بدرالدين مون کي ھندستان ۾ بدرالدين چوندا ھئا ۽ اتي ھر ھڪ عالم عرب کي مولانا چوندا آھن.

        مان بادشاھھ جي ويجھو ٿيس تھ بادشاھھ مون سان ھٿ ملايو ۽ منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي، تمام نرمائيءَ سان پارسي زبان ۾ مون کي چوڻ لڳو تھ ”تون ڀلي ڪري آئين! يقين ڄاڻ تھ مان تو تي تمام گھڻي نوازش ڪندس، توکي ايترو تھ انعام ڏيندس، جو تنھنجا وطني اھو ٻڌي مون وٽ اچڻ شروع ڪندا“  تنھن کان پوءِ مون کان پڇيائين تھ ”تنھنجو ملڪ ڪھڙو آھي؟“ مون جواب ڏنو تھ ”مغرب“ تنھن تي چيائين تھ ”امير المومنين جو ملڪ!“ مون چيو تھ ”ھائو“.

ھو ڪا بھ ڳالھھ ڪري بس پيو ڪري، تھ مان سندس ھٿ پيو چمان، ايتري قدر جو گفتگو جي دوران ۾ مون سندس ست دفعا ھٿ چميو. آخر خلعت ملڻ کان پوءِ مان واپس وريس. جڏھن سڀ نوان ملاقاتي اچي گڏ ٿيا، تڏھن انھن جي لاءِ دستر خوان وڇايو ويو، جنھن جي مٿن کان قاضي القضات صدر جھان ناصرالدين خورازمي، جيڪو ھڪ وڏو فقيھھ ھو، قاضي القضات صدر جھان ڪمال الدين غزنوي، عماد الملڪ عرض الملڪ (آزاد) جلال الدين ڪبجي ۽ ٻيا ڪيترائي حاجب ۽ امير بيٺا ھئا.

        ان دستر خوان تي خدا وند زادو غياث الدين بھ موجود ھو، جيڪو خدا وند زادي قوام الدين ترفر جي قاضيءَ جو سئوٽ ھو، جنھن جي بادشاھھ تمام گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ کيس ڀاءُ ڪري سڏيندو ھو ۽ ھو پنھنجي ملڪ مان ڪيترائي دفعا بادشاھھ وٽ آيو ۽ ويو ھو. ان ڏينھن مسافرن مان ھيٺين مصاحبن کي خلعتون مليون. خداوند زادي قوام الدين  ۽ ان جي ڀائرن، ضياءُ الدين ، عماد الدين ۽ برھان الدين کي ۽ انھن جي ڀاڻيجي امير بخت بن سيد تاج الدين کي، جنھن جوڏاڏو وجيھھ الدين خراسان ۾ وزير ھو ۽ سندس مامون علاءُ الدين ھندستان ۾ امير وزير ھو، ۽ امير ھبتھ الله ابن الفلڪي تبريزيءَ کي ، جنھن جو پيءُ عراق ۾ نائب وزير ھو، جنھن تبريز ۾ مدرسھ فلڪيھ ٺھرايو ھو ۽ ملڪ ڪسريٰ کي جيڪو بھرام جور (چوبين) صاحب ڪسريٰ جي اولاد مان ھو ۽ بدخشان جي جبل جو رھاڪو ھو، جتان ياقوت بلخش (لعل بدخشاني) ۽ لازورد(لاجورو) آڻيندا آھن، ۽ امير مبارڪ شاھھ سمرقنديءَ کي، جيڪو ھڪ سوداگر ھو ۽ تبريز مان بادشاھھ جي لاءِ تحفو کڻي آيو ھو، پر رستي تي ڦرجي ويو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org