سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 2

بسم الله الرحمان الرحيم

فصل پھريون

 

دريا سنڌ

       

سنھ ٧٢٤ ھجري جي ماھ محرم  الحرام  جي پھرين تاريخ اسين سنڌو دريا تي اچي پھتاسين، ان درياءَ کي پنج آب (پنجاب) بھ ڪري چوندا آھن. ھيءُ درياءَ  دنيا جي تمام وڏن دريائن  مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. گرمي جي مند ۾ ھن کي چاڙھھ ٿيندو آھي ۽ جھڙيءَ طرح مصر جي باشندن جي زراعت جو مدار نيل نديءَ جي چاڙھھ تي آھي،  اھڙي طرح ھن ملڪ جي رھاڪن جي زندگي بھ ھن درياءَ جي چاڙھھ تي منتصر آھي. ھتان کان وٺي سلطان محمد شاھھ(1) ھندستان ۽ سنڌ جي مسلمان بادشاھھ جي حڪومت شروع ٿئي ٿي.

        جڏھن اسين ھن درياءَ تي  پھتاسين، تڏھن بادشاھھ جا اخبار نويس اسان وٽ آيا ۽ اسان جي اچڻ  جي خبر يڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏياري موڪليائين . بادشاھھ جي طرفان انھن ڏينھين سنڌ جو امير سرتيز(1) ھو. ھي شخص بادشاھھ جو  غلام ۽ فوج جو سپھھ سالار ھو ، جڏھن اسين سنڌ ۾  پھتاسين، تڏھن  شھر جو امير سيوستان(1) ۾ ترسيل ھو.

سيوستان کان ملتان تائين ڏھن ڏينھن جو رستو آھي ۽  ملتان کان دارلخلافھ دھلي تائين پنجاھھ ڏينھن جو  رستو  آھي. اخبار نويس جيڪا خبر  بادشاھھ کي لکندا آھن،  اھا ھن وٽ ٽپال  جي ذريعي پنجن ڏينھن ۾ پھچي ويندي آھي.

        ٽپال کي ھن ملڪ ۾ بريد(2) چوندا آھن جيڪا ٻن قسمن جي ٿيندي آھي، ھڪ گھوڙي واري ۽ ٻي پيادي . گھوڙي واري ٽپال کياولاق چوندا آھن  ۽ ھر چئن ڪوھن کانپوءِ  گھوڙو بدلايو ويندو آھي، ھي گھوڙا بادشاھھ جي طرفان مليل ھوندا آھن، پيادي ٽپال  جو انتظام وري ھيئن ٿيندو آھي، جو ھڪ ميل ۾ ، جنھن کي ھتي جا ماڻھو ”ڪروھھ(3) چوندا آھن  ، ٽي چونڪيون پيادن جون ھونديون  آھن، ان چونڪي کيداوھھ(4) ڪري سڏيندا  آھن وري ھر  ھڪ ميل جي ٽئين حصي جيتري فاصلي تي ھڪ ڳوٺ ٻڌل  ھوندو آھي  ۽ اھڙي  ھر ڳوٺ جي ٻاھران پيادن لاءِ ھڪ حاطو (چونڪي) ٺھيل ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ پيادي وٽ ھڪڙي ٻھ گز ڊگھي لٺ ھوندي آھي، جنھن جي ھڪ مٺئي تي تامي جا گھنگھرا ٻڌل ھوندا  آھن.

جڏھن شھر مان ٽپال نڪرندي آھي، تڏھن مقرر  ٿيل پيادو ھڪ ھٿ ۾ لفافو جھليندو آھي ۽ ٻئي ھٿ ۾ لٺ کني وٺي پنھنجي پوري طاقتسان ڊوڙندو آھي، ٻيو پيادو وري ھن جي گھنگھرن جو آواز پري کان ٻڌي، تيار ٿي بيھندو  آھي، ۽ ھن  کان لفافو وٺندي ئي يڪدم اڳتي ڊوڙندو آھي، اھڙي طرح سان جنھن طرح خط وغيرھ پھچائڻو ھوندو آھي، پھچايو ويندو آھي  ھن قسم جي ٽپال گھوڙن کان بھ جلد  پھچي ويندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن ٽپال جي ذريعي خراسان جا تارا ميوا پڻ رڪابين ۾ رکي، خاص بادشاھھ لاءِ پھچايا ويندا آھن ۽ ڪڏھن تھ ڪي سنگين مجرم کٽ تيھاري چوکنڀو ٻڌي اھڙي طرح  چونڪي بھ چونڪي پيادا کڻي وڃي پھچائيندا آھن . بادشاھھ  جڏھن دولت آباد ۾ ھو، تڏھن ان لاءِ گنگاندييڪا ھندن جو حج يعني  ياترا جي جڳھھ آھي،) جو پاڻي پڻ ٽپال ۾ موڪليو ويندو ھو، دولت آباد  گنگا ندي کان چاليھن ڏينھن جي مفاصلي تي آھي.

        اخبار نويس ھر ڪنھن مسافر جا احوال تفصيل وار لکندا آھن، مثلن ھن جي شڪلليو) ھيءَ آھي، لباس ھي پھريل اٿس، نوڪر، رفيق ۽ جانور ھن قسم جا ساڻ اٿس، اٿڻي ويھڻي ھن نموني جي اٿس، وغيرھ ، مطلب تھ ڪا بھ ڳالھھ باقي ڪين ڇڏيندا آھن، جڏھن  ڪو بھ مسافر ملتان جي شھر ۾ (جيڪو سنڌ جو دارالخلافھ آھي) پھچندو آھي، تڏھن جيستائين بادشاھھ جي طرف کان، ھن جي روانگيءَ، مھمان نوازي جي انتظام ٿيڻ ۽ اخراجات مقرر ٿيڻ جو حڪم نھ اچي ، تيستائين ھن کي اتي ئي (ملتان ۾) ترسڻو پوندو آھي، ھر ڪنھن مسافر جي آجيان، ھن جي ساز و سامان ۽ اٿڻي ويھڻي مطابق ٿيندي آھي، ڇو تھ ان وقت تائين سندس حسب ۽ نسب جي خبر پئجي ڪين سگھندي آھي.

        ھندستان جو بادشاھھ محمد شاھھ تغلق پرديسين جي عزت ۽ آبرو تمام گھڻي رکندو آھي ۽ انھن سان ڏاڍي محبت ڪندو  آھي، ايتري قدر جو کين وڏا وڏا عھدا پڻ بخشيندو اھي، سندس خاص درٻاري، حاجب (خط رکندڙ) وزير، قاضي  ۽ نائي گھڻو ڪري غير ملڪي ماڻھو ھوندا آھن ھن جو حڪم آھي تھپرديسيءَ کي ھميشھ عزيز ڪري سڏيو وڃي، انھي ڪري ٻاھريان ماڻھو سڀ عزيز جي لقب سان سڏيا ويندا آھن.

        جيڪو شخص بادشاھھ جي سلام تي  ويندو آھي، سو ھن لاءِ ڪو نھ ڪو تحفو  ضرور وٺي ويندو آھي، ڇو تھ اھو سڀني کي معلوم  آھي تھ بادشاھھ انھن تحفن جي عيوض ٻيڻو يا ٽيڻو انعام ضرور ڏيندو آھي، انھي ڪري سنڌ جي ڪن سوداگرن  جو اھو پيشو ٿي ويو آھي تھ ھو اھڙي شخص کي ھزارھا دينار قرض ڏيندا آھن، ان لاءِ تحفا  تيار ڪندا آھن، کيس نوڪرن گھوڙن ۽ (شانائتي) سواري جو انتظام ڪري ڏيندا آھن،  ۽ نھ رڳو ايترو بلڪھ پاڻ بھ نوڪرن  وانگر ان جي اڳيان ھٿ ٻڌيو بيٺا ھوندا آھن، پوءِ جڏھن اھو شخص بادشاھھ جي سلام کان شرفياب  ٿيندو آھي  ۽ کيس انعام ملندو آھي تڏھن ھو انھن سوداگرن جو سمورو قرض ادا ڪري ڇڏيندا آھن، اھڙي طرح ھي سوداگر تمام گھڻو نفعو حاصل ڪندا رھندا آھن.

         مان بھ جڏھن سنڌ ۾ پھتس تڏھن اھو ئي طريقو اختيار ڪيم ۽ اھڙن سوداگرن  کان گھوڙا، اٺ ۽ غلام خريد ڪيم، ھڪ عراق جو سوداگر جنھن جو نالو محمد دوري ھو ۽ تڪريت(1) جو رھواسي ھو، تنھن کان شھر غزنيءَ ۾ ٽيھھ گھوڙا ۽ ھڪ اٺ، جنھن تي تير ۽ ڪمان لڏيل ھئا، خريد ڪيم، ڇو  تھ اھڙيون ئي شيون بادشاھھ کي تحفي طور ڏنيون وينديون  ھيون، جڏھن اھو سوداگر خراسان کان واپس آيو، تڏھن اچي  مون کان پنھنجو فرض گھريائين  ۽ تمام گھڻو فائدو حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو ھو فقط منھنجي ڪري ئي ھڪ وڏو واپاري بنجي ويو. اھو ئي شخص ڪيترن سالن کانپوءِ وري مون ساڻ حلب جي شھر ۾ مليو. اتي جي ڪافرن(2) مون کان منھنجي تن جا ڪپڙا بھ ڦري ورتا ھئا، پر ھن شخص منھنجي ڪا بھ مدد ڪا نھ ڪئي.

 

فصل ٻيون

 

خوفناڪ گينڊو

جڏھن اسين سنڌو درياءَ، جيڪو پنج آب مشھور  آھي، پار ڪري ھڪڙي گھاٽي جھنگل ۾ گھڙياسين، جتان رستو ٿي لنگھيو، تھ اتي اوچتو اسان گينڊو ڏٺو، ھيءُ حيران رنگ جو  ڪارو ۽ وڏي جسم وارو ٿيندو آھي، ھن جو مٿو تمام  وڏو ٿيندو آھي، ڪن جو مٿو وڏو ۽ ڪن جو ننڍو پڻ ٿيندو  آھي. انھي لاءِ ھڪ مثال مشھور آھي تھ ” ڪر ڪردن(1) سربي بدن“، ھيءُ جانور ھاٿي کان ننڍو ٿيندو آھي، پر ان جو مٿو ھاٿي جي مٿي کان گھڻو وڏو ٿيندو آھي ۽ ٻنھي اکين جي ٺيڪ وچ تي، پيشاني جي مٿان ھڪ سڱ  ٿيندو  اٿس، جنھن جي ڊگھائي ٽي ھٿ ۽ ويڪرائي ھڪ گرانٽ کن ٿيندي، جڏھن  اھو گينڊو جھنگل مان نڪتو، تڏھن ان جي سامھون ھڪ سوار اچي ويو، گينڊو گھوڙي تيملو ڪيو) ۽ پنھنجو سڱ اھڙو تھ زور سان ھنيائين، جو سوار جي سڄي ران چيرجي پئي ۽ ھو ڌو وڃي زمين تي ڪريو، ان بعد اھو گينڊو جھنگل  ۾ ائين گم ٿي ويو، جو وري ان جو ڪٿي پتو بھ ڪين پيو.

انھيءَ رستي سان ھڪ ڏينھن عصر جي نماز کانپوءِ وري ٻئي دفعي مون گينڊو ڏٺو، جو ان وقت گاھھ چري  رھيو ھو. اسان ان کي مارڻ جو اردو ڪيو پر ھو ڀڄي ويو، ان بعد ھڪ دفعي اسان بادشاھھ جي سواري سان گڏ ھئاسين ۽ جھنگل مان وڃي رھيا ھئاسين، تھ وري بھ مون گينڊو ڏٺو، بادشاھھ ھاٿيءَ تي سوار ھو ۽ مان پڻ ٻئي ھاٿيءَ تي ويٺل ھوس، سوار ۽ پيادا گينڊي کي يڪدم گھيري ۾ وٺي آيا  ۽ ان کي ماري وڌائون، پوءِ سندس سر ڪپي ڪئمپ ۾ کڻي آيا.

        پوءِ اسان سنڌو نديءَ نديءَ کان ٻھ ڏينھن پنڌ ڪري اچي جناليءَ(2) جي شھر ۾ پھتاسين، ھيءُ سنڌو ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو ۽ سھڻو شھر آھي ۽ منجھس وڻندڙ بازاريون آھن ھن شھر ۾ سومرا قوم جا ماڻھو آباد آھن، جيڪي قديم زماني کان ھتي رھندڙآھن، جيئن ”سنڌ جي فتح“ ۾ مورخ لکن ٿا تھ ”حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، تھ ھنن جا وڏا ھن شھر ۾ رھندا ھئا.“

        شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بھاوالحق ذڪريا ملتاني(رح) مون کي  ٻڌايو تھ سندس پڙ ڏاڏو، محمد ابن قاسم قريشي فاتح سنڌ جي ان لشڪر ۾ موجود ھو، جيڪو حجاج بن يوسف عراق کان موڪليو ھو، پوءِ ھو ھن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ ھن جو اولاد وڌي ويو، ھيءَ شيخ رڪن الدين اھو  آھي، جنھن جي باري ۾ مون کي شيخ برھان الدين اعراج(1) اسڪندريا جي شھر ۾ چيو ھو تھ تون ان سان ملندين.

        ھي سومرا قوم جا ماڻھو ڪنھن سان بھ گڏ ڪين کائيندا آھن ۽ جڏھن بھ ھو کائيندا آھن تڏھن ڪو بھ شخص ھنن جي طرف ڏسڻ  جي  جرئت ڪري  ڪين سگھندو آھي. ھو پنھنجي  قوم وارن کان سواءِٻئي ڪنھن سان بھ مائٽي ڪين ڳنڍيندا آھن، ان زماني ۾ سندس سردارونار(2)نالي ھڪ شخص ھو جنھن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس، ان بعد شھر جناليءَ کان ڪوچ ڪري اسين شھر سيوستان ۾ اچي پھتاسين، ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي  ۽ اھڙي ھڪ ريگستان ۾ آباد آھي، جتي ڪرڙ کانسواءِ ٻيو ڪو بھ وڻ ڪو  نھ آھي.

 ھي جي واھھ(1) جي ڪناري تي، سواءِ گدرن جي پوک جي بھ ڪا بھ شي پوکي نٿي سگھجي، ھن شھر جا ماڻھو جوئر ۽ جلبان(1) جنھن کي مشنڪ بھ چوندا آھن جي ماني  ٺاھي کائيندا آھن، ھتي مڇي ۽ مينھن جو کير جام ملندا آھن . ھتي  جا ماڻھو اسقنقور(2) پڻ کائيندا آھن، ھيءَ جانور پيرن تي ھلندو آھي ۽ ڳوھھ جھڙو ٿيندو  آھي پر ان کي پڇ ڪين ٿئي،  ھتان جا ماڻھو ان کي واري مان کوتي ڪڍندا آھن ۽ ان جوپيٽ چيري گندگي صاف ڪري ان ۾ زعفران جي بدران ڪرڪم يعني زردچو (ھيڊ) ڀري پوءِ کائيندا آھن. مون ان جانور کي اصل ڪين کاڌو، ڇو تھ ٻين کي کائيندو ڏسي مون کي ڏاڍي نفرت ايندي ھئي.

        جڏھن اسين شھر ۾ پھتاسين تڏھن گرمي تمام گھڻي ھئي، ان ڪري منھنجا دوست گھڻو ڪري ننگا رھندا ھئا ۽ ھڪ وڏو رومال پاڻي ۾ ڀڄائي  لنگوٽ  ڪري ٻڌندا ھئا، اھڙي  طرح ٻيو رومال وري ڪلھن تي رکندا ھئا، پوءِ  ٿوري ٿوري دير کان پوءِ جڏھن اھي رومال خشڪ ٿي ويندا  ھئا تڏھن انھن کي وري اڳئين وانگر ڀڄائي ڍڪيندا رھندا ھئا، ھن شھر جو خطيب (جامع مسجدجو اما م ) شيباني آھي جنھن مون کي امير المومنين عمر بن عبدالعزيز رضي الله تعاليٰ عنھ جو اھو پروانو ڏيکاريو، جو سندس ڏاڏي کي خطيب ٿيڻ وقت مليو ھو. ھيءُ پروانو  ان جي خاندان ۾ پشت بھ پشت ھليو ٿو اچي ۽ ان تي ھي عبارت لکيل  آھي ھاذا مان امربه، عبدالله امير المومنين عمر بن عبدالعزيز بن فلان ان تي تاريخ تحرير سنھ ٩٩ ھجري لکيل آھي، ھن خطيب  جو  چوڻ ھو تھ اھي اکر خود خليفي جي ھٿ جا لکيل  آھن، ھن شھر ۾ مون کي ھڪ عمر رسيدھ شخص، شيخ محمد بغدادي  نالي مليو، جيڪو عثمان مرو ندي جي خانقاھھ ۾  رھندو ھو ۽ ڪنھن شخص مون کي ٻڌايو تھ ھن شيخ جي عمر ھڪ سئو چاليھھ ورھين کان   بھ  مٿي آھي،  ۽ ھو خليفي معتصم باالله(1) عباسين  جي آخري خليفي جي قتل ٿيڻ وقت ، جڏھن ھن کي ھلاڪو خان بن چنگيز خان مارايو ھو،  بغداد ۾ موجود ھو، ھي شخص ھيتري عمر ھوندي بھ جسم ۾ ڪافي مضبوط ھو ۽ چڱي  طرح سان گھمي ڦري ٿي سگھيو.

ھن شھر ۾ سومرا قوم جو سردار(2) (٢٩ امير ونار يا انڙ) ۽ امير قيصر رومي رھندا ھئا. اھي ٻئي سلطان  جا تابعدار ھوندا ھئا(1) ۽ انھن وٽ اٽڪل ١٨٠٠ سوار ھئا،  ھن ئي شھر ۾ ”رنن نالي ھڪ ھندوافر) پڻ رھندو ھو، جو حسابن ۽ لکپڙھھ ۾ ماھر ھو، پوءِ ھو ڪن اميرن سان گڏجي ھندستان جي بادشاھھلطان محمد شاھھ تغلق) وٽ ويو،  بادشاھھ کيس پسند ڪري سندس نالو ” سنڌ سردار رکيو ۽ کيس انھي ملڪ جو حاڪم بڻائي، سيوھڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور عطا ڪرڻ سان گڏ کيس سڀئي مرتبا جھڙوڪ لقارا، جھنڊو ۽ ٻيون سڀ اھي نشانيون جيڪي وڏن اميرن کي ڏنيون وينديون آھن ، عطا ڪيو،ن،  ھن جي ھتي پھچڻ تيونار“ (انڙ) ۽ قيصر کي ھڪ ھندوءَ جي اطاعت ڪرڻ مشڪل معلوم  ٿي، سو سندس قتل ڪرڻ جو منصوبو  سٽيائون، سندس اچڻ کان ٿورا ڏينھن پوءِ کيس حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ شھر جي آس پاس ۾ نڪرڻ جي صلاح ڏنائون، جنھن تي ھو ساڻن گڏ نڪتو.

        رات جي اونداھي ٿيڻ تي، وٺي محل ۾ شور کڙو ڪيائون ۽ چوڻ لڳا تھ انھيءَ تي ڪنھن شينھن حملو ڪيو آھي، پوءِ ان ھندوءَ جي تنبوءَ تي ڪاھي ويا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون، ۽ شھر ۾ موٽي اچي، اتي جيڪو سلطان جو مال ھو، تنھن تي قبضو ڪيائون، جو ٻارنھن لک دينار ھو ۽ مٿائين ونار(انڙ) کي پنھنجو سردار بڻائي، کيس ملڪ فيروز جو لقب ڏنائون.

        ھن سمورو مال لشڪر کي ورھائي ڏنو، پوءِ پنھنجي قبيلي کان پري ھجڻ ڪري اچي کيس ڊپ ورايو، سو جيڪي ساڻس مٽ مائٽ ھئا تن سوڌو نڪري پنھنجي قبيلي ڏانھن ھليو ويو، باقي بچيل لشڪر قيصر روميءَ کي پنھنجي سردار بڻايو، اھا خبر وڃي سلطان جي غلام عماد الملڪ سرتيز کي پھتي، جو انھن ڏينھين سنڌ جو اميرالامراءِ  ھو ۽  ملتان ۾ رھندو ھو، ھو لشڪر گڏ ڪري ، خشڪيءَ ۽ سنڌو ندي رستي تيار ٿيو، ملتان ۽ سيوھڻ جي وچ ۾ ڏھن ڏينھن جو پنڌ ھو.

        قيصر ھن جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ لڙائي لڳي، جنھن ۾ قيصر ۽ سندس لشڪر بري طرح شڪست کائي وڃي شھر ۾ قلع بند ٿيا، ھنماد الملڪ ) ھنن جو گھيرو ڪيو ۽ منجنيقون استعمال ڪيائون، جنھن ڪري گھيرو وڌيڪ سخت ٿيو، آخر چاليھن ڏينھن کان پوءِ انھن امان گھريو، جنھن تي ھن کين  امان ڏنو، پر جڏھن وٽس حاضر ٿيا تڏھن ساڻن واعدي خلافي ڪري، سندن مال ضبط ڪري، انھن جي قتل جو حڪم ڏنائين، پوءِ ھر روز انھن مان چونڊ ڪري ڪن کي قتل ڪرائيندو ھو ۽ ڪن جون  کلون لھرائي،ا ھي کلون بھھ سان برائي ، قلعي جي ديوار تي لٽڪائيندوھو ، جنھن ڪري قلعي جي اڪثر حصي تي اھي کلون لڙڪنديون ھيون، جن کان ڏسندڙ دھلجي ويندا ھئا،  انھن جون سسيون  وري وچ شھر ۾ گڏ ڪرايون ھئائين، جيڪي  ھڪ ٽڪريءَ وانگر پئي لڳيون، آئون ھن شھر ۾ ھن واقعي کان پوءِ وڃي، اتي جي ھڪ وڏي مدرسي ۾ رھيو ھوس ۽ ان جي ڇت تي سمھندو ھوس، جڏھن رات جو  جاڳندو ھوس تڏھن رات جو اھي لڙڪايل کلون ڏسندو ھوس، جن کان دل پريشان ٿيندي ھئي ۽ مدرسي ۾  ٽڪڻ دل کي نھ وڻيو، تنھن ڪري اتان (ٻئي ھنڌ) ھليو ويس.

        علاوءُ الملڪ فصيح الدين خراساني قاضي، رات جو ھڪ فاضل فقيھھ(مولوي) ھو، ٿورو  عرصو اڳ ھو بادشاھھ جي ملازمت لاءِ پنھنجي  وطن مان ھلي آيو ھو، بادشاھھ ھن کي لاھري(1) (سنڌ ۾) ان جي علائقي سميت جاگير ۾ ڏيئي ڇڏي ھئي، ھو پڻ سرتيز جي مدد لاءِ پنھنجو لشڪر وٺي آيو ھو،  ھو پنھنجو ساز سامانسنڌ و نديءَ رستي پندرھن جھازن ۾ کڻي آيو ھو، اتي مون  پڻ ھن سان لاھري وڃڻ جو ارادو ڪيو.


(1) ھيءُ، غياث الدين تغلق، جيڪو تغلق گھراڻي جو پھريون حاڪم ھو، تنھن جو پٽ ھو، سندس اصل نالو جونا خان ھو، ۽ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ محمد شاھھ تغلق جي لقب  سان تخت تي ويٺو.

(1) سرتيز ( عمادالملڪ)، پنھنجي قوم جو سردار ۽ بادشاھھ محمد شاھھ تغلق جو ناٺي ۽فوج جو سپھھ سالار ھو، سنھ ٧٤٨ ھجري ۾ ، ھو جڏھن دکن ۾ حسن  ڪاڪوئي بھمنيءَ جي بغاوت بند ڪرڻ ۾ مصروف ھو، تڏھن ھڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو.

(1) شھر  سيوستان مان بطوطا جو مطلب سيوھڻ (ضلعو دادو) آھي.

(2) عربي ۾ قاصد يا ٻارنھن ميلن جي مفاصلي کي بريد چوندا آھن. گب صاحب لکي ٿو تھ ھن قسم جي پوسٽل سروس رڳو سرڪاري ڪمن لاءِ مقرر ھوندي ھئي ۽ اھا عام ماڻھو خانگي طرح سان انھن وقتن ۾ ڪڏھن بھ استعمال ڪري  ڪين سگھندا ھئا.

(3) ڪروھھ ۽ ڪوھھ ھڪ ئي لفظ. سنڌ  ۾ ھن وقت ٻن ميلن جي مفاصلي کي ڪرھھ چوندا آھن.

(4) داوھھ دابه = ڊاٻه (من جانب مڪرمي جناب مھربان استاد صاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

(1) ) عراق ۾ بغداد  ۽ موصل جي وچ تي ھڪ وڏو شھر آھي.

(2) حلب جي ڪافرن مان ابن بطوطھ جو مطلب دريائي ڊاڪو ٿي سگھي ٿو، جيڪي ان وقت ڪٿي ڪٿي قابض ھئا.

(1) ڪرڪردن عربي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي گينڊو، ھيءُ ٻڻ قسمن  جو ٿيندو آھي، (١) ھڪ سڱ وارو(٢) ٻن سڱن وارو، ٻن سڱن وارو سوماترا ۽ جاوا ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آھي ۽ ڪڏھن چٽگانگ ۽ برما ۾ پڻ ٿيندو آھي، ھڪ  سڱ وارو گھڻو ڪري آفريقا ۾ ٿيندو آھي ، پر  ڪڏھن بر ھمپترا (ندي) جي ڪناري تي بھ ڏسڻ ۾ ايندو  آھي، گھڻو ڪري ھي جانور گب ۽ ڌٻڻ وارن ھنڌن تي رھندو آھي، وڏي مٿي  ۽ سڱ جي ڊگھائي ۽ ويڪرائي بيان ڪرڻ ۾ ابن بطوطھ  مبالغو ڪيو آھي،  انھي ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ ان جي جسم  جي مناسبت  کان ان جو  مٿو وڏو ٿو ٿئي، پر ان جو مٿو ھاٿي جي مٿي کان ڪڏھن وڏو ڪين ٿيندو آھي، ان جي کل جيڪا ڪاري ۽ ٿلھي ٿيندي آھي، تنھن مان  تکو خنجر  يا چاقو لنگھي ڪين سگھندو آھي، انھي ڪري ان جي کل مان ڍالون  ٺاھيون وينديون ھيون.      _ مترجم

(2) ھن شھر جو ھن وقت پتو نھ آھي تھ ڪٿي آھي پر گب صاحب جي تحقيقات موجب اھو شھر ضرور  سکر ، روھڙيءَ جي وچ تي ٻڌل ھوندو، جو ھن وقت ختم ٿي، زبون حالت تي پھچي ويو آھي، _ مترجم.

(1) شيخ برھان الدين اعرج ان بطوطھ  کي اسڪندريھ (مصر) ۾ مليو ھو ۽ کيس ٻڌايو ھئائين تھ سنڌ ۾ ھو شيخ رڪن الدين سان ملندو، ھن پيشنگوئي جو سچو بيان ” ابن بطوطھ جو سفر“ حصي پھرين ۾ آيل آھي.     مترجم

(2) ابن بطوطھ جو مطلب ”ڄام انڙ “ آھي، عربي ۾ انڙ کي ”ونار“  ڪري لکيو ويو آھي.  - مترجم

(1) سيوھڻ جي ڀرسان اڙل واھھ آھي، جنھن جي ڪناري تي گدرا  ۽ ڇانھيون پوکيون وينديون آھن، ابن بطوطھ  بھ شايد سيوھڻ جا گدرا  ۽ ڇانھيون ڏاڍا پسند ڪيا ھئا، جو انھن جو بيان خاص  طرح سان ڪيو اٿائين. ھن وقت تھ سيوھڻ چڱو آباد آھي ۽ ڪافي وڻ بھ اتي موجود آھن، باقي شايد انھي وقت ائين ھجي، جيئن ابن بطوطھ  ٻڌائي ٿو تھ ريگستان آھي،  وڻن جو نالو ئي ڪونھيس، باقي جابلو پاسو ھجڻ ڪري واري ھن وقت بھ ھتي جام  آھي، ۽ گرمي بھ اھا ئي بدستور ھتي  موجود آھي. مترجم

(1) جلبان  A certaion  plant or a certaion grain

(2) اسقنقور ريگ ماھي (گلوئي) - مترجم

(1) معتصم با الله عباسي خليفن ۾ آخري خليفو ٿي گذريو آھي سنھ ٦٥٦ ھجري م ھلاڪو خان، چنگيز خان جي پٽ، ھن کي کٿي ۾ ويڙھائي ، ڌڪن سان مارائي ڇڏيو ھو، تاريخ الخلفا ۾ ”قتل الخليفة رفا“ لکيل آھي، يعني ھن کي لتون ھڻائي مارائين، ھن خليفي تي بغداد جي خليفن جي حڪومت، جا ٥٢٠ سالن کان ھلي ٿي آئي، ختم ٿي. مترجم

(2) ڊاڪٽر صاحب عمر بن محمد مرحوم جي تحقيقات موجب، ابن بطوطھ ھت ڀل ڪئي آھي ۽ ونار يا انڙ سمن جي خاندان مان ھو پر انھن وقت کيس سامره يعني سومرن جو سردار مقرر ڪيو ھئائون.

(1) ھتان معلوم ٿو ٿئي تھ انھي زماني ۾ سومرا توڙي سما دھليءَ جي بادشاھن جي ھٿ ھيٺ ھئا، سلطان جو لفظ ھتي ”سلطان محمد شاھھ تغلق“ ڏانھن اشارو آھي. - مترجم

(1) لاھري (بندر) ھي ٺٽي  ضلعي ۾ ڳوٺ آھي، جنھن کي ھاڻي شاھھ بندر  جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ابن بطوطھ  جي وقت  ۾ ھي ءُ بندر  سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو بندر ڪري ليکيو ويندو ھو، ابو المقتل ان بندر جي آمدني ھڪ لک اٺٽيھھ ھزار لکي آھي ۽ ارڙھين صديءَ جي آخري تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھڪ تجارتي  ڪوٺي بھ اتي  موجود ھئي،مٿين  ڳالھين مان ثابت آھي تھ ھيءُ بندر ڪنھن وقت تمام مشھور ھوندو  ھو. -مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ