سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 24

قدم شريف

ھي قدم ڏاڏي آدم جي پير جو نشان آھي، جيڪو زمين جي سطح کان مٿي رکيل ھڪ سخت ۽ڪاري رنگ واري پٿر ۾ آھي. اھو پٿر انھيءَ ميدان تي پيل آھي. قدم مبارڪ انھي پٿر تي اچي پيو ھو، جنھن جو ان تي نشان ڄمي ويو ھو. قدم جي ڊيگھھ ٻارھن گرانٺ ٿيندي، جنھن مان چيني ماڻھن ، جيڪي شروع ۾ ھتي ايندا ھئا، سي آڱوٺي واري جاءِ پٿر مان ڀڃي کڻي ويا ھئا ۽ وڃي زيتون جي شھر ۾ ھڪ مندر ۾ رکي ھئائون اتي بھ چين جا ماڻھو سڄي ملڪ مان زيارت لاءِ ويندا آھن.

        قدم جي ڀرسان پٿر ۾ نو ننڍا کڏا  کوٽيل آھن، جن ۾  ھندو زيارتي سون، جواھرات ۽ ياقوت ڀري ويندا آھن، اھو ئي سبب آھي، جو فقير غار خضر تي پھچندي ئي جلدي جلدي سڀني کان اڳي اتي پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيئن جيڪي ڪجھھ انھن کڏن ۾ ھجي سو کڻي سگھن. اسان جڏھن اتي پھتاسين تڏھن تمام ٿورو سون ۽ جواھرات اتي موجود ھئي، جيڪا اسان پنھنجي رھبر کي ڏيئي ڇڏي. ھتي دستور آھي تھ عار خضر ۾ ٽي ڏينھن ترسڻو پوندو آھي، جتان ٽي ڏينھن برابر صبح ۽ شام قدم جي زيارت لاءِ وڃبو آھي. اسان بھ ائين ڪيو، جڏھين ٽي ڏينھن پورا ٿيا تڏھين اسان ماما حوا جي رستي مان واپس موٽياسين. اسان جي پھرين منزل”غار شيث“ ۾ ٿي، ۽ پوءِ ”درياءِ سمڪ“ تي پھتاسين، ان کان پوءِ”ڪرملھ“ جي ڳوٺ  ۽ ”جبر گاوان“ مان ٿي، ”دل دينوت“ جي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿياسين، جتان ”ات قلنجھ“ ۾ پھتاسين، ھتي شيخ ابو عبدالله بن خفيف گرميءَ جا ڏينھن گذاريندو ھو، ھي سڀ ڳوٺ ۽ منزلون جبل ۾ آھن. جبل جي پاڙ وٽ ھن رستي ۾ ھڪ درخت روان نالي آھي. ھيءٌ ھڪ وڏو وڻ آھي، جنھن جا پن ڪڏھن ڪو نھ ڇڻن ۽  نھ ڪنھن شخص ڪڏھن ان جو پن ئي ڏٺو آھي، ھن کي روان  ان لاءِ چوندا آھن، جو جيڪڏھن ان کي مٿان کان ڏسبو تھ اھو اتان کان پري ۽ پاڙي وٽ ويجھو معلوم ٿيندو آھي.

        ھتي ڪيترائي جوڳي ترسيل آھن، جيڪي ھن وڻ جي پنن جي ڪرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن. پر ھنن جي اھا اميد پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. ھن وڻ جي پنن بنسبت اھي جوڳي ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڳالھيون ٺاھي ٻڌائيندا آھن ۽ چوندا آھن تھ ڪو بھ شخص جيڪڏھين ھي پن کائي تھ کڻي يف ڪراڙو ڇو نھ ھجي، ھڪ وار وري جوان ٿي پوندو. ھن جبل جي ھيٺان اھو درياءُ آھي، جنھن مان ياقوت نڪرندا آھن ۽ ان جو پاڻي بلڪل نيرو نظر ايندو آھي.

        اتان ھلي اسان ٻن ڏينھن جي سفر بعد اچي دين ور(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي. جنھن ۾ سوداگر رھندا آھن“ ھتي ھڪ بت خاني ۾ ھڪ بت رکيل آھي، جنھن جو نالو دينور آھي. ان بت خاني ۾ ٽي ھزار کن برھمڻ ۽ جوڳي رھندا آھن. ازانسواءِ پنج سو ھندن جون ڌيئرون پڻ ھر روز بت جي سامھون نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ رھنديون آھن. ھن شھر جو سمورو محصول ھن بت خاني لاءِ وقف ٿيل آھي، جنھن مان بت خاني وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو آھي، ھيءُ بت سڄو سون جو ٺھيل آھي ۽ آدم قدم جيترو آھي، جنھن کي اکين جي جاءِ تي ٻھ وڏا ياقوت لڳل آھن، جيڪي رات جو قنديلن وانگر روشني ڏيندا آھن.

        پوءِ اتان اسان ”ڪالي“ جي شھر ۾ پھتاسين. ھي ”دينپور“ کان ڇھن فرسخن جي مفاصلي تي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنھن ۾ ناخدا ابراھيم نالي ھڪ مسلمان رھندو آھي، جنھن اسان جي مھماني بھ ڪئي ھئي، ان کان پوءِ اسان ڪنبو(ڪولمبو) ڏانھن وياسين. سرانديپ ۾ ھي سڀ کان وڏو ۽ سھڻو شھر آھي. ھتي راجا جو وزير ، جيڪو حاڪم بحر آھي ۽ جالستي سڏبو آھي، رھندو آھي. ھن سان گڏ پنج سو حبشي پڻ رھندا آھن. پوءِ اتان ھلي ، ٽن ڏينھن کان پوءِ اچي ”بطالھ ۾ پھتاسين ۽ اتي جي راجا جنھن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، سان ملياسين. ناخدا ابراھيم کي اتي موجود ڏٺم جيڪو منھن جو انتظار ڪري رھيو ھو.

        پوءِ اسان معبر(1) روانا ٿياسين، واٽ تي ھوا تمام تيز ٿي ويئي ۽ پاڻي جھاز ۾ چڙھڻ لڳو، اسان جي جھاز ۾ ڪو بھ  رئيس (ڪپتان) ڪو نھ ھو، تنھن ڪري اسين پٿرن ۾ وڃي نڪتاسين ۽ قريب ھو تھ جھاز انھن پٿرن سان ٽڪرائجي ڀڄي پوي ، پر اسان ھڪ ننڍڙيءَ کاريءَ ۾ (لڙھي) وڃي  پياسين. جھاز بھ آھستي آھستي ھيٺ ٿيندو ٿي ويو ۽ موت اسان جي اڳيان نچي رھيو ھو، پوءِ ماڻھن وٽ جيڪي ڪجھھ ھو، سو ڦٽو ڪري ڇڏيائون ۽ لڳا وصيتون ڪرڻ.

        اسان جھاز جا ستول بھ ڪپي کڻي ڦٽا ڪيا. ھوڏانھن جھاز وارن ڪاٺ جي ھڪ ٻيڙي ٺاھي ورتي. خشڪي اتان کان بھ فرسخ پري ھئي. مون پڻ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر مون سان جيڪي ٻھ ٻانھيون ۽ ساٿي ھئا تن مون کي چيو تھ ”اسان کي ڪيڏانھن ٿو ڇڏي وڃين“ ھنن جي ڳالھھ ٻڌي مون تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ چيو مان تھ توھان ۽ ٻانھي (جنھن کي مان پسند ڪندو ھوس)ھليا وڃو ۽ مان ھتي جھاز ۾ ٿو ترسان. تنھن تي انھي ٻانھيءَ چيو تھ ”مان چڱي تارو آھيان ۽ ٻيڙي سان ھڪ رسي ٻڌي ان کي جھلي ترندي وينديس.“ پوءِ محمد بن فرمان ،  ھڪ مصري شخص ۽ ھڪ بانھي ٻيڙي ۾ وڃي ويٺا ۽ ٻي ٻانھي  ترندي ويئي. ٻيا جھاز وارا پڻ ٻيڙي ۾ رسيون ٻڌي ترندا ويا. مون پنھنجو سمورو قيمتي سامان جواھرات ۽ عنبر وغيره انھن سان گڏ موڪلي ڏنو.

        ھوا بلڪل موافق پئي لڳي، تنھن ڪري ھو سڀ صحيح ۽ سالم وڃي ڪناري تي ڀيڙا ٿيا. جھاز جو مالڪ بھ ڏاڍي تڪليف سان وڃي خشڪي تائين پھتو، پر مان خود جھاز ۾ رھيس. جھاز وارن ٻيون ٻيڙيون ٺاھڻ شروع ڪيون، پر سندن ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ئي رات پئجي ويئي، پاڻي جھاز ۾ چڙھندو رھيو. مان وڃي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ويھي رھيس ۽ صبح تائين اتي ئي رھيس. صبح جي وقت ڪيترائي ھندو ھڪ ٻيڙي وٺي آيا، جن اسان کي کڻي وڃي ڪناري تي لاٿو.  مون ھن کي ٻڌايو تھ ”مان سندن بادشاھھ جو عزيز آھيان“ ھو سڀ بادشاھھ جي رعيت جا ماڻھو ھئا سو ھنن يڪدم بادشاھھ کي لکي موڪيلو.

        بادشاھھ اتان کان ٻن ڏينھن جي پنڌ تي غزو ۾ آيل ھو. مون پڻ ھن ڏانھن پنھنجو حال لکي موڪيلو. پوءِ اھي ماڻھو اسان کي ھڪ جھنگل ۾ وٺي آيا ۽ ھڪ گدري جھڙو ميوو کڻي آيا، جو(1) مقل جي وڻ ۾ لڳندو آھي.

        ان جي ميوي جي اندران ھڪ ڪپھھ جھڙي شيءَ نڪرندي آھي. ان پاڻيٺ کي ڪڍي ان مان کنڊ جھڙو (تل) نالي ھڪ حلوو ٺاھيندا آھن. ھو ھڪ عمدي قسم جي مڇي پڻ کڻي آيا ھئا.

        اتي اسان ٽي ڏينھن ترسياسين ۽ ٽن ڏينھن بعد بادشاھھ جي طرفان قمرالدين نالي ھڪ امير چند سوارن ۽ پيادن کي ساڻ وٺي آيو. ھنن ڏھھ گھوڙا ۽ ھڪ ڏولي بھ آندي ھئي. پوءِ مان ۽ منھنجا ساٿي، جھاز جو مالڪ ۽ ھڪ ٻانھي (گھوڙن) تي سوار ٿياسين ۽ پنھنجي ٻيءَ ٻانھيءَ کي ڏوليءَ ۾ سوار ڪيم. پوءِ اسان اچي ”ھر ڪاتوجي“ قلعي ۾ پھتاسين جتي رات گذاري، مون پنھنجون ٻانھيون، غلمان ۽ ساٿي اتي ڇڏيا ۽ ٻئي ڏينھن اچي بادشاھھ جي ڪئمپ ۾ پھتس.

فصل ٽيون

معبر ڪي ملڪ جو بادشاھھ

        معبر جو بادشاھھ غياث الدين دامغالي آھي، جيڪو پھريائين ملڪ مجيد بن ابي الرحمان جي سوارن ۾ نوڪر ھو ۽ ھي امير وري سلطان محمد تغلق جي خادمن مان ھڪ ھو، ان بعد ھي (غياث الدين دامغاني) سلطان سيد جلال الدين جي پٽ سيد حاجيءَ جي  نوڪريءَ ۾ آيو ھو، جتان بادشاھھ بنجي ويھي رھيو. ھن کي پھريائين سراج الدين ڪري چوندا ھئا، پر پوءِ جڏھن بادشاھھ ٿيو  تڏھن سلطان غياث الدين جو لقب اختيار ڪيائين. ھي ملڪ پھريائين دھليءَ جي بادشاھھ جي ماتحت ھوندو ھو.  جنھن کان منھنجي سھرو شريف جلال الدين احسن شاھھ باغي ٿي ويو ھو ۽ پنج سال خود مختيار ٿي حڪومت ڪيائين، ان بعدکيس قتل ڪيو ويو ۽ سندس ھڪ امير علاءُ الدين ان جي نالي بادشاھھ ٿيو.

        ھڪ سال کان پوءِ ھن ڪنھن ھندو راجا تي چڙھائي ڪئي، جتان ڪيترو ئي لٽ جو سامان ھٿ ڪري، پنھنجي ملڪ موٽي آيو،  وري بھ ان تي ڪاھي ويو ۽ ڪيترن ئي ھندن کي ماري انھن کي شڪست ڏنائين. ان لڙائي ۾ ھڪ ڏينھن پاڻي پيئڻ لاءِ جيئن ئي ( فولادي) خول مٿي تان لاٿائين تھ ھڪدم تير اچي لڳس ۽ مري ويو. ان کان پوءِ سندس ناٺي قطب الدين کي بادشاھھ بنايائون، پر ھن جون عادتون چڱيون ڪين ھيون، تنھنڪري چاليھن ڏينھن کان پوءِ کيس ماري ڇڏيائون ان کان پوءِ سلطان غياث الدين بادشاھھ ٿيو، جنھن سلطان شريف الدين جي ڌيءُ مان، جنھن جي ڀيڻ سان دھليءَ ۾ منھنجو نڪاح ٿيو ھو، شادي ڪئي ھئي.

منھنجو سلطان غياث الدين وٽ پھچڻ

جڏھن مان ڪئمپ جي ڀرسان پھتس، تڏھن ھن منھنجي استقبال لاءِ ھڪ حاجب موڪيلو ھو. (ان وقت) ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ ويٺو ھو. اتي دستور آھي تھ بادشاھھ جي سامھون ڪو بھ شخص بنان موزن پھرڻ جي وڃي نٿو سگھي.  مون وٽ موزا ڪو نھ ھئا، تنھن ڪري ھڪ ھندوءَ مون کي پنھجا موزا ڏنا،  جيتوڻيڪ اتي ڪيترائي مسلمان موجود ھئا ( پر ڪنھن کان بھ ڪين وريو). مون کي ان ھندوءَ جي مروت تي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ مان بادشاھھ جي سامھون ويس، جنھن مون کي ويھي رھڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪدم قاضي حاجي صدر زمان بھاءُ الدين کي گھرائي، سندس ڀرسان رھائش لاءِ مون کي ٽي خيما ڏياريائين. ازانسواءِ فرش (گلم وغيره) ۽ کاڌو يعني چانور ۽ گوشت بھ موڪليائين. ھن ملڪ ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر کاڌي کان پوءِ کير جي لسي پيئندا آھن.

        پوءِ مان بادشاھھ وٽ ويس ۽ ھن کي مالديپ ڏانھن لشڪر موڪلڻ جي صلاح ڏنيم. ھن ان جو پڪو ارادو ڪري، جھاز بھ مقرر ڪري ڇڏيا ۽ اتي جي ملڪ جي لاءِ تحفا ۽ اميرن ۽ وزيرن لاءِ خلعتون بھ تيار ڪرايائين، ۽ مون کي، ملڪ جي ڀيڻ سان نڪاح ڪرڻ لاءِ وڪيل مقرر ڪندي، حڪم ڏنائين، تھ ان ٻيٽ جي محتاجن لاءِ ٽن جھازن ۾ صدقو روانو ڪيو وڃي، پوءِ مون کي چيائين تھ تون پنجن ڏينھن کان پوءِ وري مون سان ملجانءِ، پر امير البحر خواجھ سرلڪ چيو تھ مالديپ ڏانھن ٽن مھينن تائين سفر ڪرڻ ناممڪن آھي، تنھن تي بادشاھھ مون کي چيو تھ تون بٽن ڏانھن ھليو وڃ ۽ جڏھن اھو عرصو ختم ٿئي تڏھن داراخلافھ مترا ۾ اچي اتان روانو ٿي وڃجانءِ. مان ڪجھھ وقت ھن وٽ ترسيس ۽ انھيءَ عرصي ۾ منھنجيون ٻانھيون ۽ ساٿي بھ اچي مون سان مليا.

اسان جو سفر زالن ۽ ٻارن جي قتل

جو وحشتناڪ نظارو ڏسڻ

        جنھن زمين تي اسان سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھن ۾ رڳو جھنگل پيو ھو ۽ منجھس وڻ ۽ بانس ايتري قدر گھاٽا ھئا، جو پيادو ھلڻ تمام ڏکيو ھو. تنھن لاءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ لشڪر جو ھر ھڪ ماڻھو پاڻ سان ھڪ ھڪ تير کڻي، جنھن سان جنھگل کي ڪپيندو وڃي، اسان جتي بھ لھندا ھئاسين تھ اتان ھو سڀيئي سوار ٿي جھنگل ھليا ويندا ھئا ۽ صبح کان شام تائين وڻ ڪپيندا رھندا ھئا.  پوءِ ھر ھڪ جماعت ( واري واري سان) ماني کائي وري وڻن ڪپڻ جو ڪم شروع ڪندي ھئي ۽ شام تائين ائين ڪندا رھندا ھئا. جيڪڏھن جھنگل ۾ ڪو ھندو ملندو ھو تھ ان کي گرفتار ڪري ھڪ ڪاٺيءَ  جنھن جا ٻئي منھن تيز گھڙيل ھوندا ھئا، ھن جي ٻنھي ڪلھن مان لنگھائي کيس ڪئمپ ۾ کڻي ايندا ھئا ۽ ھن سان گڏ ھن جي زال ۽ ٻار بھ ھوندا ھئا.

        ھنن جو دستور ھوندو ھو تھ ڪئمپ جي چوڌاري ڪاٺ جي ھڪ ڀت ٺاھي ڇڏيندا ھئا، جنھن کي چار دروازا ھوندا ھئا ۽ ان کي ” ڪٽ گھر“ ڪري چوندا ھئا، ان ۾ جيڪو بادشاھھ جو تنبو ھوندو ھو، تنھن جي چوڌاري وري ٻيو ڪٽ گھر تيار ڪندا ھئا ۽ ان ڪٽ گھر جي ٻاھران انساني قد جي اڌ جيترا اوچا چبوترا ٺاھي، رات جو انھن تي باھھ ٻاري روشني ڪندا ھئا. ازانسواءِ پيادا ۽ غلام جاڳندا رھندا ھئا، ۽ جڏھن رات جي وقت ھندو ڪئمپ تي حملو ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا، تڏھن ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ بانس جي لڪڻ ھوندي ھئي سا کڻي ٻاريندو ھو تھ انھن مان اھڙي تھ روشني نڪرندي ھئي جو ڄڻ تھ ڏينھن ٿي ويو آھي.

        پوءِ گھوڙي سوار يڪدم دشمن جي پٺيان نڪري پوندا ھئا ۽ شام تائين جيڪي قيدي پڪڙي ايندا ھئا، انھن کي چئن جماعتن ۾ ورھائيندا ھئا، ۽ ھر ھڪ جماعت کي ڪٽ گھر جي چئني دروازن تي وٺي ويندا ھئا. ھر ھڪ دروازي جي ڀرسان وري اھا ڪاٺي، جيڪا سڀيئي قيدي جھنگل مان پنھنجن ڪلھن تي کڻي ايندا ھئا،کوڙي ان ۾ ھر ھڪ قيدي کي پوئيندا ويندا ھئا، پوءِ ھنن جي زالن جا وار انھيءَ ڪاٺيءَ سان ٻڌي، سندن ڪڇن تي، جيڪي ٻار ھوندا ھئا تن کي اتي ئي ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا.

        ان بعد، انھن کي اتي ڇڏي، سڀ اچي ڪئمپ ۾ وڻن ڪپڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ھي بي رحميءَ جي ۽ قابل نفرت ڪارروائي، مون ڪنھن بھ ٻئي بادشاھھ کي ڪندي ڪانھ ڏٺي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن ظلم جي ڪري، ھي بادشاھھ جلد ئي مري ويو. ھڪ ڏينھن مان بادشاھھ جي ھڪ طرف ويٺو ھوس ۽ ٻئي طرف قاضي ھو. اسان ماني کائي رھيا ھئاسين، تھ ھڪ ھندو کي، زال ۽ پٽ سوڌو وٺي آيا. ھن جي پٽ جي عمر ست سال کن ھئي. ھن جلادن کي حڪم ڏنو تھ ھن قيديءَ کي ماري ڇڏيو ۽ ائين بھ چيائين تھ ھن جي زال ۽ پٽ کي بھ ماريو. پوءِ ھنن جون سسيون لاٿيون ويون. مون ان وقت پنھنجو منھن کڻي ٻئي طرف ڪيو ۽ جڏھن اٿيس تڏھن ڏٺم تھ ھنن جا سر مٽي ۾ پيل ھئا.  ٻئي ڏينھن پڻ مان ان وٽ موجود ھوس تھ وري ھڪ ھندو کي وٺي آيا. بادشاھھ ڪجھھ چيو پر مون نھ سمجھيو. يڪدم جلادن تلوارون کڻي ڪڍيون، مان جلدي جلدي اٿي ھلڻ لڳس. بادشاھھ مون کان پڇيو، ”ڪيڏانھن ٿو وڃين؟“  مون جواب ڏنو تھ اسر جي نماز پڙھڻ ٿو وڃان. ھو سمجھي ويو ۽ کلي ڏنائين. پوءِ ھنن جي ھٿن ۽ پيرن ڪپڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مان جڏھن واپس آيس تڏھن ڏٺم تھ ھو مٽيءَ ۽ رت ۾ ڦٿڪي رھيو ھو.

ڪافرن سان لڙائي ۽ اسلام جي شاندار فتح

ھن بادشاھھ جي آس پاس ۾، بلال ديو نالي ھڪ راجا ھوندو ھو. ھو ھڪ وڏي شان وارو راجا ھو ۽ اٽڪل ھڪ لک کن لشڪر ھوس. ھن وٽ ويھھ ھزار کن مسلمان پڻ ھئا. جن مان گھڻو ڪري چور، ڊاڪو ۽ رو پوش غلام ھئا، ان راجا معبر تي حملو ڪيو. ان وقت بادشاھھ وٽ فقط ڇھھ ھزار کن ماڻھن جي فوج ھئي، جن جو اڌ تعداد تھ تجربيڪار سپاھين جو ھو ۽ باقي سڀ فضول ۽ بي سامان ماڻھو ھئا، ڪيان، شھر جي ٻاھران مقابلو ٿيو، جنھن ۾ معبر جي لشڪر شڪست کاڌي ۽ سڀ ڀڄي اچي دارالخلافھ مترا کان نڪتا.

        ھوڏانھن راجا ”ڪيان “ کي گھيرو ڪيو. ھي شھر تمام وڏو ۽ مضبوط ھو. تنھن ڪري ھن ڏھن مھينن تائين گھيرو جاري رکيو، تان جو قلعي وارن وٽ وڃي فقط چوڏھن ڏينھن جو کاڌو رھيو. راجا ھنن کي پيغام موڪليو تھ ” جيڪڏھن توھان قلعو ڇڏي وڃو تھ توھان کي امان آھي.” پر ھنن چيو تھ اسان پنھنجي بادشاھھ کان ان جي اجازت گھرائينداسين، پوءِ ائين ڪنداسين، تنھن تي راجا چيو تھ ”چڱو“ انھن چوڏھن ڏينھن جي عرصي ۾ اجازت گھرائي وٺو. راجا بھ سلطان غياث الدين کي لکي موڪليو، جنھن جمعي جي ڏينھن اھو خط سڀني کي ٻڌايو. حاضرين ٻڌي روئڻ لڳا ۽ چيائون تھ اسان پنھنجيون جانيون خدا جي راه ۾ وقف ٿاڪريون، ڇو تھ جيڪڏھن راجا اھو شھر ورتو، تھ پوءِ يڪدم اسان جي شھر تي چڙھي ايندو، تنھنڪري گرفتار ٿيڻ کان تلوارن جي ڇانو ۾ مرڻ بھتر آھي.

        پوءِ ھڪ ٻئي سان واعدو ڪيائون تھ ڪو بھ نھ ڀڄندو. ٻئي ڏينھن سڀ ٻاھر نڪتا ۽ پنھنجا پٽڪا گھوڙن جي ڪنڌن سان کڻي ٻڌائون، جنھن مان ظاھر ھو تھ مرندا مگر پٺ تي نھ ھٽندا. ھنن مان جيڪي ٽي سو کن دلير ۽ بھادر ھئا، سي سڀني کان اڳي اڳتي وڌيا. ميمنھ (ساڄي)  پاسي سيف الدين بھادر کي کڙو ڪيائون، جيڪو ھڪ وڏو عالم، پرھيز گار ۽ بھادر شخص ھو، جنھن سان ھن جي ٽي ھزار فوج ھئي، باقي ٽي ھزار ماڻھو پنھنجي پٺيان بيھاريائون جن تي اميرالدين ڪيخسرو کي سردار مقرر ڪيائون.    

        شام جي مھل ھنن سفر شروع ڪيو، جنھن کان دشمن بلڪل غافل رھيو ۽ سندن گھوڙا پڻ چراگاھھ ۾ چرڻ لاءِ ويا ھئا. اوچتو ئي اچتو اميرالدين ھنن تي حملو ڪيو.  راجا سمجھيو تھ ڪي چور آھن، تنھنڪري بنا ڪنھن تياريءَ جي ھنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو. مقابلي ھلندي بادشاھھ غياث الدين بھ اچي پھتو. راجا سخت شڪست کاڌي ۽ ارادو ڪيائين تھ سوار ٿي ڀڄي وڃان، ان وقت ھن جي عمر اسي سال ھئي، ناصرالدين جيڪو غياث الدين جو ڀائيٽو ھو تنھن اچي ھن کي پڪڙيو ۽ کيس قتل ڪرڻ ٿي چاھيائين تھ سندس ھڪ غلام ٻڌايو تھ ھي راجا آھي، تنھنڪري ھن کي قيد ڪري پنھنجي چاچي وٽ وٺي آيو.  بادشاھھ ظاھر ۾ تھ ھن جي ڏاڍي تعظيم ڪئي ۽ خراج ۾ ھن کان ھاٿي،گھوڙا ۽ ٻيو سامان ورتائين، ڇاڪاڻ تھ ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو انجام ڏنو ھئائين، پر جڏھين ھن وٽ ڪجھھ بھ ڪونھ رھيو تڏھين کيس مارائي ڇڏيائين ۽ سندس کل لاھرائي، ان ۾ بھھ ڀرائي، مترا جي فصيل تي لٽڪارائي ڇڏيائين، جتي مون بھ ھن کي اتي لٽڪيل ڏٺو ھو.

        ھاڻي مان پنھنجي اصل مطلب تي ٿو اچان. مون ڪئمپ مان ڪوچ ڪيو ۽ اچي پٽن(1) شھر ۾ پھتس. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن جو  ھڪ عجيب بندرگاھھ آھي. ان جي بندرگاھھ ۾ ڪاٺ جو ھڪ وڏو برج ٺھيل آھي. جيڪو ٿلھن ۽ مضبوط ڪاٺ جي بنڊن تي ٺاھيو ويو آھي،  ان جي مٿان ڇت آھي ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ پڻ رکيل آھي. جڏھين دشمن جو خوف ٿيندو اٿن ۽ جھاز بندر ۾ ھوندا آھن تھ اھي ان جي ڀرسان آڻي پاڻ جھاز وارا، برج تي چڙھي، دشمن کان بي خوف ٿي وڃي ويھي رھندا آھن. ھن شھر ۾ ھڪ مسجد پٿر جي ٺھيل آھي، جنھن ۾ انگور ۽ ڏاڙھون جام ٿيندا آھن، اتي مان شيخ صالح محمد نشاپوريءَ سان مليس، جيڪو انھن مجذوب فقيرن مان آھي، جيڪي ڪلھن تائين وار رکائيندا آھن. ھن وٽ ست لومڙيون پڻ ھيون، جيڪي فقيرن سان گڏ کائينديون ھيون ۽ انھن سان گڏ ويٺيون ھونديون ھيون. ھن سان ويھارو کن ٻيا بھ فقير ھئا، جن مان ھڪ وٽ ھڪڙي ھرڻي ھئي جيڪا شينھن جي ڀر سان وڃي بيھندي ھئي، تھ شينھن کيس ڪجھھ بھ ڪو نھ چوندو ھو.

مان پتن جي شھر ۾ ترسيل ھوس تھ سلطان غياث الدين جي لاءِ ھڪ جوڳيءَ قوت باھھ جو گوليون تيار ڪيون ھيون، جنھن ۾ ھڪ جزو ڪشتو فولاد پڻ ھو، ان کي ھو وزن کان وڌيڪ کائي ويو، تنھن ڪري بيمار ٿي پيو؛۽ جڏھين پتن ۾ آيو تڏھين مان ساڻس ملڻ ويس ۽ ڪجھھ تحفا نذراني طور بھ پيش ڪيامانس، پوءِ ھو پتن ۾ ڪجھھ وقت ترسيو ۽ اميرالبحر  (خواجا سرور) کي گھرائي چيائين تھ جيڪي جھاز اسان مالديپ جي ٻيٽن ڏانھن موڪلڻ لاءِ مقرر ڪيا آھن تن کي ٻئي ڪنھن ڪم تي نھ لڳائجانءِ ۽ ارادو ڪيائين تھ مون کي منھنجن تحفن جي قيمت ادا ڪري ڇڏي، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو،  مان پنھنجي ان انڪار تي پوءِ ڏاڍو پشيمان ٿيس، ڇاڪاڻ تھ جلدي بادشاھھ مري ويو ۽ مون کي ڪجھھ بھ حاصل ڪو نھ ٿيو.

        بادشاھھ پتن ۾ اڌ مھينو ترسي ، پنھنجي دارالخلافھ ”مترا“(1)ڏانھن ھليو ويو، ان کان پوءِ مان پڻ اتي اڌ مينھو ترسي دارالخلافھ ڏانھن ھليو ويس. ھي ھڪ وڏو شھر آھي ، جنھن جون گھٽيون ۽ رستا تمام ڪشادا آھن. شروع شروع ۾ ھن شھر کي  منھنجي سھري سيد جلال الدين احسن شاھھ پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ڪيو ھو ۽ دھليءَ جي نموني تي ھن جو بنياد رکائي منجھس سٺيون سٺيون عمارتون ٺھرايون ھئائين. جڏھن مان اتي ويو ھوس، تڏھن وبا جو مرض پکڙيل ھو، ايتري قدر جو جڏھن ڪو ھن مرض ۾ مبتلا ٿيندو ھو تھ ٻئي يا ٽئين ڏينھن مري ويندو ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار ڏينھن دير لڳندي ھئي ۽ انھيءَ کان وڌيڪ ڪو بھ شخص بيماري ڪو نھ ڪاٽيندو ھو.

        مان جڏھن ٻاھر نڪرندو ھوس، تھ ڪو مريض يا جنازو ضرور نظر ايندو  ھوم. مون ھڪ ٻانھي خريد ڪئي ھئي. جيڪا بلڪل صحيح ۽ سالم ھئي، پر ٻئي ڏينھن مري ويئي، ھڪ ڏينھن مون وٽ ھڪ عورت آئي جنھن جو مڙس سلطان احسن شاھھ  جو وزير ھو. ھن سان گڏ ھڪ ستن سالن جو ڇوڪرو پڻ ھو. جيڪو ڏاڍو ذھين ۽ ھوشيار پڻ معلوم پئي ٿيو. ھن عورت اچي پنھنجي غريبيءَ جو حال ٻڌايو، جنھن تي کيس مون ڪجھھ ڏيئي روانو ڪيو. انھيءَ وقت ماءُ ۽ پٽ ٻئي بلڪل تندرست ھئا، ٻئي ڏينھن ھوءَ موٽي آئي ۽ پنھنجي پٽ جي ڪفن لاءِ ڪجھھ گھريائين، جنھن مان معلوم ٿيو تھ ھو موري ويو. مان ڏسندو ھوس تھ ھر روز سلطان جي محل ۾ سوين عورتون مرنديون رھنديون ھيون، اھي عورتون انھن چانورن ڇڙڻ لاءِ آنديون وينديون ھيون، جيڪي بادشاھھ جي کاڌي کان علاوه ٻين ماڻھن جي کاڌي ۾ بھ صرف ڪيا ويندا ھئا. ھو جڏھن مرض  ۾ مبتلا ٿينديون ھيون تڏھن وڃي اس ۾ ليٽنديون ھيون ۽ مري وينديون ھيون.

بادشاھھ جڏھن مترا ۾ آيو ، تڏھن سندس ماءُ، زال ۽ پٽ بيمار ھئا، تنھن ڪري فقط ٽي ڏينھن شھر ۾ ترسي ، پوءِ ھڪ نھر ڏانھن جيڪا شھر کان ٽي ميل پري ھئي، ھليو ويو. اتي ھندن جو ھڪ مندر پڻ ھو. مان بھ خميس جي ڏينھن وڃي اتي پھتس. مون کي حڪم مليو تھ تون وڃي قاضيءَ جي ڀر واري خيمي ۾ رھھ. ان وقت مون ماڻھن جي ڊڪڻ ۽ ڊوڙڻ جا آواز ٻڌا، جن مان ڪي چوندا ٿي ويا تھ سندس پٽ مري ويو. آخر صحيح خبر اھا ملي تھ بادشاھھ جو پٽ مري ويو ۽  ان کان پوءِ بادشاھھ جي ماءُ پڻ خميس جي ڏينھن مري ويئي.

 

بادشاھھ جو فوت ٿيڻ ۽ سندس ڀائٽئي جو تخت تي ويھڻ ۽ منھنجو اتان روانو ٿيڻ

        ٽئين خميس جي ڏينھن سلطان غياث الدين پڻ فوت ٿي ويو. مان اھا خبر ٻڌي فساد جي خوف کان شھر ۾ ھليو آيس، تھ بادشاھھ جو ڀائٽيو ناصرالدين شھر کان ٻاھر نڪري ڪئمپ ڏانھن ايندي مليم. بادشاھھ ھن کي پنھنجو ولي عھد بنائي ويو ھو، ڇاڪاڻ تھ بادشاھھ کي ٻيو ڪوبھ اولاد ڪو نھ ھو. ھن مون کي چيو تھ ”مون سان گڏ واپس ھل“ جنھن تي پھرين مون انڪار ڪيو ۽ اھا ڳالھھ ھن پنھنجي دل ۾ رکي ڇڏي. ھيءُ ناصرالدين دھليءَ ۾ بادشاھھ جو ملازم ھوندو  ھو. پوءِ جڏھن سندس چاچو معبر جو بادشاھھ بڻجي ويٺو. تڏھن ھي دھليءَ مان فقيرن جو ويس بدلائي ھتي ڀڄي آيو ھو. ھن جي تقدير ۾ ڪو غياث الدين جي مرڻ پڄاڻان  بادشاھھ ٿيڻ لکيل ھو.

        جڏھن ھن جي بيعت ڪئي ويئي، تڏھن شاعرن ھن جي تعريف ۾ قصيدا پڙھيا، جن لاءِ ھن ھنن کي وڏا انعام ڏنا، سڀ کان اڳ قاضي صدرالدين ھن جي مبارڪ بادي جا شعر پڙھيا، جنھن کي پنج سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. پوءِ وزير،  جنھن کي قاضي چوندا آھن، کي ٻھ ھزار دينار ۽ مون کي ٽي سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. ان بعد فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻي انداز ۾ خيرات ڏني ويئي، ۽ جڏھن خطيب سندس نالي جو خطبو پڙھيو تڏھن مٿس دينار ۽ درھم، جيڪي سون ۽ چانديءَ جي ٿاليھن ۾ پيل ھئا، نثار ڪياويا. ازانسواءِ  سلطان غياث الدين جي قبر تي قاضي مقرر ڪيا ويا، جيڪي ھر روز قبر تي قرآن شريف ختم ڪندا ھئا. پوءِ عشر خوان اچي پڙھندا ھئا ۽ ان بعد کاڌو ايندو ھو، جيڪو سڀ  ماڻھو کائيندا ھئا ۽ ان  بعد ھر ھڪ شخص کي سندس مرتبي آھر درھم ڏنا ويندا ھئا. ۽ اھڙي طرح سان چاليھھ ڏينھن ائين ڪندا رھيا. تنھن کان پوءِ ھر سال ھن جي وفات جي ڏينھن اھڙيءَ طرح ڪندا ھئا، جھڙيءَ طرح وفات واري ڏينھن ڪيو ھئائون.

        ناصر الدين تخت تي ويھڻ شرط پنھنجي چاچي جي وزير کي موقوف ڪري، ان جو سمورو مال ھن کان گھريو ۽ ملڪ بدرالدين کي پنھنجو وزير مقرر ڪيائين. ھيءَ اھو شخص ھو جنھن کي سندس چاچي منھنجي استقبال لاءِ پتن ۾ موڪليو ھو؛ پر ھو جلدي مري ويو، تنھن ڪري(خواجھ سرور) امير البحر کي وزير مقرر ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تھ ھن کي خواجھ جھان سڏيو وڃي، جيئن ديوي جو وزير سڏيو ويندو آھي ۽ جيڪو وزير کي خواجھ جھان نھ چوندو، ان تي ھيترو ڏنڊ ڪيو ويندو، ان کان پوءِ ناصرالدين پنھنجي پڦيءَ جي پٽ کي جنھن سان سلطان غياث الدين جي ڌيءَ پرڻيل ھئي، قتل ڪرائي، ھن جي بيواه سان  پاڻ شادي ڪئي. جڏھن ھن کي خبر ملي تھ ملڪ مسعود جيل ۾ ھن جي پڦيءَ جي پٽ سان ملاقات ڪئي ھئي تھ ان کي بھ مارائي ڇڏيائين. ملڪ بھادر جيڪو ھڪ وڏو سخي مرد ، فاضل ۽ بھادر ھو، تنھن کي بھ قتل ڪرائي ڇڏيائين.

        ھن منھنجي لاءِ حڪم ڪيو تھ جيڪي جھاز سندس چاچي مالديپ جي ٻيٽن لاءِ مقرر ڪيا ھئا، سي مون کي ساڻ ڏنا وڃن، انھي عرصي ۾ مون کي بھ اھو بخار ٿي پيو جيڪو خون خوار وبا جي ڪري پکڙيل ھو، مون سمجھيو تھ بس ھاڻي منھنجو زنده رھڻ ڪونھي، پر خدا تعاليٰ منھنجي دل ۾ ھيءَ ڳالھھ وڌي جو اڌ سير گدامڙي پائيءَ ۾ ڳاري، پي ڇڏيم، جنھن کان مون کي ٽي ڏينھن سانده دست ايندا رھيا ۽ پوءِ تندرست ٿيڻ لڳس، مون ھن شھر کي ڇڏڻ چاھيو ۽ سفر لاءِ بادشاھھ کان اھڙي اجازت گھريم، جنھن جواب  ڏنو تھ ”تنھنجي مالديپ وڃڻ ۾ فقط ھڪ مھينو وڃي رھيو آھي، تنھن ڪري تون ھتي ترسي پئو تھ جيئن مان آخوند عالم جي حڪم جي تعميل ڪري سگھان ۽ جيڪي تو ھان موڪلڻ جي لاءِ مقررڪري ويو آھي، سو  تنھنجي سپرد ڪريان.“ پر مون چيو تھ ”مان وڌيڪ ترسي نٿو سگھان.“  پر ھن پٽن ۾ پنھنجي عملدارن کي حڪم نامو لکي موڪليو تھ جنھن بھ جھاز   ۾ مان وڃڻ چاھيان ، تنھن ۾ مون کي وٺي وڃن.

        مان پٽن ۾ آيس تھ اتي يمن وڃڻ لاءِ اٺ جھاز تيار بيٺا ھئا، جنھن مان ھڪ جھاز ۾ مون سفر ڪيو. رستي ۾ اسان کي چار (ڊاڪن جا) جھاز مليا، جن سان ٿورو مقابلو ٿيو ۽ ھو واپس ھليا ويا، پوءِ اسان اچي ”ڪولم“ ۾ پھتاسين. اڃا تائين مون ۾ اھو مرض باقي ھو، تنھنڪري مان اتي ٽي مھينا ترسي پيس. پوءِ ھڪ جھاز ۾ چڙھي سلطان جمال الدين ھنوري ڏانھن روانو ٿيس، تھ ھنور ۽ فاڪنور جي وچ تي ھندن اسان تي حملو ڪيو.


(1) ھن شھر جو قديم نالو ”ديوان ديره“ لکيل آھي ۽ ھاڻي ھن کي ”ڊونڊا“ ڪري چوندا آھن، پر اڄڪلھھ ھتي ڪو بھ شھر آباد ڪين آھي ۽ فقط سمنڊ ۾ نڪتل ھڪ لاس آھي، سر وليم ٽيننٽ پنھنجي ڪتاب سيلان جلد ١ صفحو ١١٣ تي لکي ٿو تھ ڊونڊرا پھريائين ھڪ تمام وڏو مندر ھوندو ھو، جنھن جي ڪري ھيءُ شھر تمام متبرڪ ڪري ليکيو ويندو ھو، پر آخر سنھ ٥٨٧ع ۾ پورچوگيزن ھن کي لٽي برباد ڪري ڇڏيو.

(1) معبر؛ ھن کي ھاڻي ڪارو منڊل ۽ ڪرناٽڪ ڪري چوندا آھن. مترجم

(1) مقل:- ھنديءَ ۾ ھن کي ”گوگل“ پارسيءَ ۾ ”بوئي يھودان“ ڪري چوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ يھودي قوم ھن جو گھڻو استعمال ڪندي آھي. ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، جو گھڻو ڪري عمان حضر موت ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ ٿيندو آھي، باھھ ۾ وجھڻ سان خوشبوءِ ڏيندو  آھي ۽ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آھي (مخزن الادويھ)- ترجمھ

(1) اصل متن ۾ فتن آھي پر اصل پتن آھي، ڇو تھ عربيءَ ۾ پ حرف ڪونھي، تنھن جي بجاءِ ڪم آندل آھي. ھي ڪاويري نديءَ جي منھن وٽ ھڪ وڏو بندرگاھھ ھوندو ھو، جنھن جي باري ۾ ٻڌجي ٿو تھ سنھ ١٣٠٠ جي لڳ ڀڳ درياءَ جي چاڙھھ سبب بارباد ٿي  ويو ھو،  پر معلوم ٿو ٿئي تھ ان جي بربادي ابن بطوطھ جي زماني کان پوءِ ٿي، ڇاڪاڻ تھ سنھ ١٣٤٥ع يا سنھ ١٣٤٦ع ڌاري اھو شھر موجود ھو.

(1) مترا – ھن شھر کي ھاڻي متڊورا ڪري سڏيندا آھن، جو مدراس ۾ آھي ۽ اڃا تائين بھ ھڪ وڏو شھر آھي.-مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org