سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 20

 

ھتي جي بادشاھھ جو بيان

ھن شھر جي راجا جو نالو ڪويل آھي، جو ملبار جي وڏن راجائن مان ھڪ ليکيو ويندو آھي. ھن وٽ ڪيترائي جھاز آھن، جيڪي عمان ، فارس ۽ يمن جي ملڪن ڏانھن (واپار لاءِ) ويندا آھن. دھھ فتن(2) ۽ بدفتن جن جو اسان ھينئر بيان ٿا ڪريون ، پڻ ھن جا شھر آھن. ان کان پوءِ جرفتن کان دھھ فتن پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن ۾ باغ تمام گھڻا آھن، جن ۾ ناريل ، ڪارا مرچ، سوپاريون ۽ پان پيدا ٿيندا آھن.

ھتي قلقاص(1) بھ گھڻي پيدا ٿيندي آھي، جنھن کي گوشٽ سان گڏ پچائيندا آھن. ڪيلو تھ ھتي ايترو گھڻو پيدا ٿيندو آھي جيترو مون ڪنھن بھ ٻئي ملڪ ۾ نھ ڏٺو. ھن شھر ۾ ھڪ وڏي بائين(حوض) آھي ، جنھن جي ڊيگھھ پنج سئو قدم ۽ ويڪر ٽي سو قدم ٿيندي. اھا سڄي ڳاڙھي پٿر کي تراشي ٺاھي وئي آھي. ان جي ڪنارن تي اٺاويھھ وڏا وڏا قبا ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ قبي ۾ پٿر جون چار ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن. ھر ھڪ قبي تي بائين(حوض) جي ھيٺان ڏاڪڻيون ٿيون چڙھن ۽ ان جي وچ تي ھڪ وڏو قبو ٺھيل آھي، جنھن کي ٽي طبقا آھن. ھر ھڪ طبقي ۾ چار ويھڻ جون جايون آھن، چون ٿا تھ راجا ڪويل جي پيءُ ھيءَ بائين ٺھرائي ھئي.

انھيءَ بائين جي سامھون وري ھڪ جامع مسجد آھي، جنھن مان ھيٺ بائين ۾ ڏاڪڻيون ٿيون وڃن. ماڻھو انھن ڏاڪڻين تان لھي ھيٺ بائين ۾ وڃي وضو ۽ غسل ڪندا آھن. فقيھھ حسين مون کي ٻڌايو تھ ھيءَ بائين ۽ جامع مسجد،ر اجا ڪويل جي ھڪ ڏاڏي ٺھرائي ھئي، جيڪو مسلمان ٿيو ھو. ھن جي اسلام ۾ اچڻ جي متعلق بھ ھڪ عجيب قصو مشھور آھي، جيڪو بيان ھيٺ ٿا ڪريون.

 

جامع مسجد جي سامھون، عيجب شان وارو وڻ

        مون بھ ڏٺو آھي تھ جامع مسجد جي سامھون ھڪ وڏو وڻ بيٺل آھي، جنھن جا پن انجير جي پتن جھڙا آھن، پر انھن کان ڪجھھ قدر وڌيڪ نرم آھن. ھن وڻ جي چوڌاري ڀت ڏنل آھي. اتي ھڪ محراب بھ ٺھيل آھي، جنھن ۾ مون ٻھ رڪعتون نفل پڙھيو ھو. ھن وڻ کي ”درخت شھادت“ سڏيندا آھن. ۽ ڳالھھ ڪندا آھن تھ خريف جي موسم ۾ ھن وڻ جو ھڪ پن پھريائين زرد ٿي، پوءِ ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. ان کان پوءِ اھو پن ھيٺ ڪري پوندو آھي، جنھن تي قدرت جي قلم سان ”لاالله الاالله محمد الرسول الله“ لکيل ھوندو آھي.

فقيھھ حسين ۽ معتبر ماڻھن جي ھڪ  جماعت کان مون ٻڌو تھ ھنن اھو پن ڏٺو آھي، ۽ ان تي لکل ڪلمو بھ پڙھيو آھي. جڏھن اھو پن ھيٺ ڪري پوندو اھي، تڏھن ان جو اڌ مسلمان کڻي ويندا آھن ۽ باقي اڌ راجا جي خزاني ۾ رکيو ويندو آھي، ۽ ان مان ڪيترن مريضن کي شفا حاصل ٿيندي آھي. ھن ئي پن جي ذريعي سان اھو ڪويل راجا مسلمان ٿيو ھو،جنھن مسجد ۽ بائين ٺھرايون ھيون. ھو عربي اکر پڙھي سگھندو ھو، تنھن ڪري جڏھن ھن پن تي لکيل ڪلمو پڙھيو، تڏھن مسلمان ٿي ويو ۽ وري مسلمان بھ پڪو ٿيو. ھيءَ روايت سلسليوار ھلندي ٿي اچي. فقيھھ حسين وڌيڪ ٻڌايو تھ ان راجا کان پوءِ سندس ھڪ پٽ مرتد ٿي ويو ھو، جنھن ھن وڻ کي پاڙان پٽائي، ان  جو نشان بھ ڪو نھ ڇڏيو ھو، پر ھي وڻ وري ڄمي پيو ۽ اڳي کان بھ وڌيڪ سرسبز ٿيو ۽ وڌيو. پر اھو راجا جلدي مري ويو.

        ان کان پوءِ اسان بدفتن(1) جي شھر ۾ وياسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو پڻ ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن شھر کان ٻاھر سمنڊ جي ڀرسان ھڪ مسجد ٺھيل آھي، جنھن ۾ مسلمان مسافر اچي ترسندا آھن. ھن شھر جو بندرگاھھ ڏاڍو سھڻو ۽ پاڻي بھ تمام مٺو اٿس. ھتي سوپاريون تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿينديون آھن، جيڪي ھندستان ۽ چين ڏانھن موڪليون وينديون آھن، ھت جا باشندا اڪثر ڪري برھمڻ آھن، جن جي ھندو تمام گھڻي عزت ڪندا آھن، پر ھو مسلمان جا سخت دشمن آھن. ٻيو ھي سبب آھي، جو ھن شھر ۾ ڪو بھ مسلمان ڪو نھ ٿو رھي.

ڳالھھ

چون ٿا تھ ھنن ھن مسجد کي انھيءَ لاءِ برباد ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو آھي، جو اتي جي ھڪ برھمڻ ھن مسجد جي ڇت ڪيرائي، کڻي وڃي ان مان  پنھنجي گھر جي ڇت ٺاھي ھئائين، تھ ھن جي گھر ۾ اھڙي تھ باھھ لڳي، جو ان ۾ پاڻ ، سندس اھل اولاد ۽ مال متاع سڀ ڪجھھ سڙي خاڪ ٿي ويو، ان حادثي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو انھي مسجد جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ڪنھن بھ ان جي بي ادبي نھ ڪئي، بلڪ ان جي ٻاھران مسافرن جي  پاڻي پيئڻ لاءِ ھڪ حوض بھ ٺھرائي ڇڏيائون ۽ ان جي درين تي ڄاريون ھڻائي ڇڏيائون، جيئن پکي ان جي اندر نھ وڃي سگھن.

پوءِ اتان ھلي، اسان اچي فندرينا جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، منجھس بازارون ۽ باغ تمام گھڻا آھن. ھن ۾ مسلمانن جا ٽي محلا آھن ۽ ھر ھڪ محلي ۾ مسجد ٺھيل آھي،  سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ جامع مسجد ٺھيل آھي،جنھن ۾ سمنڊ جي طرف کان ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن، اتي عجيب نظارو لڳو پيو آھي، ان جو قاضي ۽ خطيب عمان جو رھاڪو آھي، جنھن جو ڀاءُ ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل شخص آھي، پڻ ھتي ئي رھندو آھي. ھت گرميءَ ۾ چين جا جھاز اچي ترسندا آھن. ان کان پوءِ اسان قالقوط* (ڪئليڪٽ) ڏانھن روانا ٿياسين. ھي ملبار جي ملڪ ۾ تمام وڏو بندر آھي، جتي چين، جاوا، ميلان، مھل(مالديپ) يمن ۽ فارس جا سوداگر بلڪ سڄيءَ دنيا جا واپاري اچي گڏ ٿيندا آھن. ھيءُ بندرگاھھ دنيا جي وڏن بندرگاھن مان ھڪ آھي.

 

ھتي جو راجا

ھتي جو راجا ھندو آھي، جنھن کي سامري ڪري چوندا آھن. ھو عمر ۾ گھڻو وڏو آھي ۽ اھڙي طرح ڏاڙھي ڪوڙائيندو آھي، جھڙيءَ طرح سان ھتي رھندڙ روم جي ملڪ جي ھڪ جماعت جا ماڻھو ڪوڙائيندا آھن. ھتي جا امير التجار جو نالو ابراھيم شاھھ بندر آھي، جيڪو بحرين جو رھاڪو آھي ۽ ھڪ وڏو عالم ۽ سخي مرد آھي. ھن وٽ ھر طرف جا سوداگر اچي گڏ ٿي سندس دستر خوان تي ماني کائيندا آھن، ھتي جو قاضي فخرالدين عثمان پڻ ھڪ وڏو سخي مرد آھي ۽ خانقاھھ جو شيخ ، شھاب الدين گازرونيءَ جي باس باسيندا آھن، سي ھن کي اچي اھو نذر ڏيندا آھن.

        ناخدا ”مثقال“ پڻ ھن شھر ۾ رھندو آھي، جيڪو ھڪ وڏو مالدار ۽ مشھوريءَ وارو ماڻھو آھي، جنھن جا جھاز ھندستان، چين، يمن ۽ فارس ۾ واپار ڪندا آھن. جڏھن اسان ھن شھر کي ويجھو پھتاسين ، تڏھن شيخ شھاب الدين، ابراھيم شاھھ بندر، وڏا وڏا سوداگر ۽ بادشاھھ جو نائب جنھن کي ”قلاج“ ڪري سڏيندا ھئا، اسان جي استقبال لاءِ آيا، ۽ ھنن سان گڏ جھازن ۾ نوبت، نغارا ۽ علم پڻ ھئا. ان ڪري اسان ھڪ وڏي جلوس سان بندرگاھھ ۾ داخل ٿياسين.

        ھيءُ بندر تمام  تمام وڏو ۽ ڪشادو آھي ۽ ھن جھڙو بندر مون ھن ملڪ ۾ ٻئي ھنڌ ڪٿي بھ ڪو نھ ڏٺو. اسان اچي اتي لنگر انداز ٿياسين. ان وقت چين جي ملڪ جا تيرھن جھاز اتي ترسيل ھئا. اسان جھاز تان لھي ، شھر ۾ ھڪ ھڪ گھر مسواڙ تي وٺي رھياسين ۽ ٽن مھينن تائين چين ڏانھن وڃڻ لاءِ مناسب موسم جو انتظار ڪندا رھياسين، ايتري وقت تائين اسان جي مھماني راجا جي طرفان ايندي رھندي ھئي. چين جي سفر ۾ جيستائين چين جا جھاز ساڻ نھ ھجن. تيستائين سفر ڪري نٿو سگھجي، جنھن جو اڳتي بيان ٿا ڪريون.

 

فصل ٻيو

چين جا جھاز

چين جي جھازن جا ٽي قسم ٿيندا آھن، وڏن جھازن کي ”جنوڪ“ جنھن جو واحد ٿيندو ”جنڪ“(2) وچولي درجي واري کي ”زو“ ۽ ننڍي جھاز کي ”ڪڪم“ ڪري سڏيندا آھن. وڏن جھازن کي ٻارھن قلعا مستول ٿيندا آھن ۽ ننڍن کي فقط ٽي، انھن جا قلعا (مستول)خيرزان (بيد) جي ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن. انھن جا باد بان وري ڳوڻين وانگر اڻيل ٿيندا آھن، جن کي ڪڏھن بھ ھيٺ نھ لاھيندا آھن ۽ انھن کي رڳو ھوا جي رخ تي ڦيرائيندا آھن، جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ وقت پڻ اھي باد بان اتيئي بيٺا ، ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رھندا آھن. ھر ھڪ جھاز ۾ ھڪ ھزار ماڻھو ھوندا آھن، جن مان ڇھھ سئو تھ جھاز کي ھلائيندا رھندا آھن ۽ باقي چار سئو سپاھي ھوندا آھن. انھن سپاھين مان ڪي تيرانداز ۽ جر خيا ھوندا آھن، جيڪي نفط(2) ڀري ھڻندا آھن. ھر ھڪ وڏي جھاز جي ھيٺان ٽي ننڍا جھاز ٿيندا آھن، جن مان ھڪ وڏي جھاز جي اڌ جيترو ٻيو ان جي ٽئين حصي جيترو ۽ ٽيون ان جي چوٿين حصي جيترو. ھي جھاز چين جي ھڪ شھر زيتون ۾ يا چين ڪلان ۾ ٺاھيا ويندا آھن، ۽ انھن جي ٺاھڻ جو ھي طريقو آھي؛ پھريائين ڪاٺ جون ٻھ ڀتيون ٺاھي، انھن کي ڪاٺ جي ٿلھن ٿلھن بنڊن سان ملائيندا آھن؛ انھن ڪاٺ جي بنڊن ۾ ٽي ٽي گز ڊگھيون ڪليون ھڻندا آھن، جڏھن اھي ڀتيون تيار ڪري، اھڙي طرح سان ڳنڍيون وينديون آھن، تڏھن انھن ڀتين جي مٿان وري فرش ٺاھي ڇڏيندا آھن، جيڪو جھاز جو سڀ کان ھيٺيون فرش ٿيندو آھي، پوءِ ان کي کڻي سمنڊ ۾ وجھندا آھن؛ ۽ ھڪ  پڃرو پاڻيءَ ۾ پاسي تي پيو ھوندو آھي، جتي ھو اچي غسل ۽ رفع حاجات وغيره ڪندا آھن؛ ۽ انھيءَ ڪاٺ جي پاسن تي انھيءَ جا ونجھھ ٿيندا آھن. جي ٿنڀن وانگر ڊگھا ھوندا آھن، انھن مان ھر ھڪ کي ڏھھ يا پندرھن ماڻھو پيرن تي بيھي ھلائيندا آھن.

        ھر ھڪ جھاز کي چار ڇتيون ٿينديون آھن، جن ۾ گھر، مصاري(1) (ڪمرا) ۽ سوداگرن لاءِ دريون ٺھيل آھن، ھي مصاري بھ رھڻ لاءِ ڄڻ گھر ھوندا آھن، جن ۾ پائخانو پڻ ھوندو آھي، ان کي دروازو پڻ ٿيندو آھي، جنھن ۾ تالو بھ لڳي سگھندو آھي. جو ماڻھو مصريو وٺندو آھي، سو اھو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پاڻ سان عورتون بھ رکي سگھندو آھي. بعضي مصري جي رھڻ واري کي جھاز وارا يا ٻيا ماڻھو سڃاڻي بھ ڪو نھ سگھندا آھن، جيستائين انھن جي ملاقات ڪنھن شھر ۾ جتي جھاز لنگر ھڻي، نھ ٿئي. ھي بحري ماڻھو(ملاح) پنھنجي اھل اولاد سميت جھاز ۾ رھندا آھن ۽ ڪاٺ جا حوض ٺاھي انھن ۾ ڀاڄيون ۽ ادرڪ وغيره پوکي ڇڏيندا آھن.

        جھاز جو وڪيل (ڪپتان) ھڪ وڏي امير جھڙو شان رکندو آھي. جڏھن ھو خشڪيءَ تي ويندو آھي، تڏھين تيرانداز ۽ حبشي ماڻھو ھٿيار کڻي ھن جي اڳيان ھلندا آھن ۽ نوبت نفيرين ۽ نقارن وارا بھ وڄت ڪندا ساڻس گڏ ھلندا اھن. جڏھن ھو ڪنھن منزل تي پھچندا آھن ۽ اتي ترسڻ ھوندو اٿن تھ پنھنجا نيزا ان جاءِ جي ٻنھي طرف کوڙي ڇڏيندا آھن، ۽ جيستائين اتي ترسيل ھوندا آھن، اھي اتي کتل ھوندا آھن. چين جا ڪي ماڻھو ڪيترن ئي جھازن جا مالڪ ھوندا آھن ۽ پنھنجا وڪيل (ڪپتان) انھن تي رکندا آھن. چين جي ماڻھن کان وڌيڪ شاھوڪار سڄيءَ دنيا ۾ ڪنھن بھ ملڪ ۾ ڪو نھ آھن.

اسان جو چين جي سفر تي سنبرڻ ۽ تباھيءَ جو اچڻ

        جڏھن چين ڏانھن سفر شروع ڪرڻ جو وقت آيو ، تڏھن راجا سامري اسان جي لاءِ انھن تيرھن جنڪ جھازن مان ھڪ جھاز تيار ڪرايو، جنھن جو وڪيل(ڪپتان) سليمان صفوي شامي ھو. منھنجي ساڻس واقفيت ھئي، تنھن ڪري چيومانس تھ ”مون کي ھڪ الڳ مصريي جي ضرورت آھي، جنھن ۾ ٻيو ڪو بھ شامل نھ ھجي، ڇو تھ مون وٽ ڪجھ ٻانھيون آھن، جن کان سواءِ مان سفر ڪري ڪين سگھندس.“ ھن جواب ڏنو تھ ”چين جي واپارين سڀئي مصريا اڳواٽ بڪ ڪرائي ڇڏيا آھن، جن جو ھنن اوٽ موٽ جو ڀاڙو بھ ڏيئي ڇڏيو آھي، پر منھنجي ناٺيءَ وٽ ھڪ مصريو آھي، جيڪو مان توکي ڏيئي سگھندس، پر ان ۾ پائخانو ڪو نھ آھي، جنھن جو بھ مان توکي ڪجھھ بندوبست ڪري ڏيندس. “

        پوءِ مون پنھنجي ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ منھنجو سامان کڻي ھلن، جي منھنجي غلامن ۽ ٻانھين سميت وڃي جھاز ۾ چڙھيا. اھو خميس جو ڏينھن ھو. مون ارادو ڪيو ھو تھ ٻئي ڏينھن جمعي جي نماز پڙھي، پوءِ وڃي جھاز ۾ چڙھندس. ظھيرالدين ۽ سنبل بھ وڃي جھاز ۾ چڙھيا ھئا، جن وٽ سفارت جو سڀ سامان ۽ جانور (گھوڙا وغيره) بھ ساڻ ھئا. جمعي جي صبح جو منھنجو غلام ھلال اچي مون کي چوڻ لڳو تھ ”جيڪو مصريو اسان ڀاڙي ڪيو آھي، سو تمام تنگ آھي، تنھن ڪري اسان جي ڪم جو نھ آھي.“

        مون ناخدا کي سڄي ماجرا ٻڌائي، جنھن جواب ڏنو نھ ”مجبوري آھي ۽ انھيءَ کان وڌيڪ انتظام ٿي نھ سگھندو، پر جيڪڏھن ڪڪم يعني سڀ کان ننڍي جھاز ۾ مصريو گھرجيو، تھ بھترين کان بھترين توھان کي ملي سگھندو“ مون سندس ڳالھھ منظور ڪندي، پنھنجي ساٿين کي چيو تھ منھنجي سامان ۽ ٻانھين کي جنڪ جھاز مان لاھي، انھيءَ ڪڪم جھاز ۾ وٺي وڃن ۽ تاڪيد ڪيومان تھ جمعي جي نماز کان اڳ وڃي اتي پنھنجي جاءِ وٺجو. ھن سمنڊ جو قاعدو آھي تھ عصر جي وقت کان پوءِ ھن ۾ تلاطم ٿيندو آھي، جنھن ڪري ان وقت ڪو بھ جھاز تي چڙھي ڪين سگھندو آھي.

        سڀ جنڪ جھاز اٿي ھليا ھئا، باقي اھو جنڪ جھاز، جنھن ۾ سفارت جا تحفا ھئا، ترسيل ھو. ھڪ ٻيو جنڪ جھاز، جنھن جو فندرين ۾ ترسڻ جو ارادو ھو ۽ ھڪ اھو ڪڪم جنھن ۾ مون گھر ورتو ھو، پڻ پوئتي رھجي ويا ھئا، ڇنڇر جي رات اسان سمنڊ جي ڪناري تي ترسي پياسين، ڇو تھ ڪڪم مان لھي ڪو ڪناري تي اچي نٿي سگھيو ۽ نھ وري اسان ان تي چڙھي ٿي سگھياسين. مون وٽ بستري کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪو نھ ھو.

        صبح جو جنڪ جھاز ۽ ڪڪم جھاز ٻيئي بندرگاھھ کان ڌڪجي ، وڃي پري پيا ھئا، ۽ اھو جنڪ جھاز جيڪو فندرينا ۾ ترسڻو ھو، سو موج سان ٽڪر کائي ڀڄي پيو ھو. ان جون ڪي سواريون ٻڏي ويون، تھ ڪي بچيون. ھڪ سوداگر جي ٻانھي بھ انھن ۾ شامل ھئي، جنھن سان ھن کي ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. ھن اعلان ڪيو تھ جيڪو انھيءَ ٻانھيءَ کي زنده ڪڍي ايندو، تنھن کي ھو ڏھھ ھزار دينار انعام ڏيندو. اھا ٻانھي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ھڪ تختي کي چنبڙي پيئي ھئي، جتان ھن کي ھڪ ھرمز جو خلاصي ڪڍي آيو. ھن ڏھھ ھزار دينار وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو تھ ”مون ھيءُ ڪم خدا واسطي ڪيو آھي.“

        رات جو سمنڊ جي موج انھيءَ جنڪ جھاز سان بھ ٽڪر کاڌو، جنھن ۾ سفارت جا تحفا ھئا. نتيجو اھو نڪتو، جو جھاز ڀڄي پيو  ۽ ان جا سڀ ماڻھو مري ويا. صبح جو اسان سڀني کي ڪناري ستي پيل ڏٺو، ظھيرالدين جو مٿو ڦاٽي پيو ھو ۽ سندس مغز بھ نڪري آيو ھو. سنبل جي وري ڪن ۾ اھڙي تھ سيخ چڀي ويئي ھئي، جو ٻئي پاسي کان آر پار نڪري آئي ھيس. اسان سندن جنازي نماز پڙھي ، کين اتي ئي دفنائي ڇڏيو.

        ڪئليڪٽ جو راجا بھ ڌوتي ٻڌي، ھڪڙي ننڍي پڳڙي مٿي تي پائي، پيرن اگھاڙو اچي رھيو ھو ۽ ھڪ غلام سندس مٿان ڇٽ کنيو ٿي آيو . سندس اڳيان باھھ ٻرندي پئي آئي ۽ سندس سپاھي ماڻھن تي مارڪٽ ڪري رھيا ھئا،تھ  متان سمنڊ جي ڪناري تي پيل ڪا شيءَ کڻن. ملبار جي ملڪ جو رواج آھي تھ اھڙو مال سرڪاري خزاني ۾ ويندو آھي. پر خاص ڪئليڪٽ جو اھو رواج آھي تھ اھو سڀ مال جھاز وارن جي ملڪيت ٿيندو آھي. انھيءَ ڪري ھيءُ شھر ڏاڍو آباد آھي ۽ ھت جھازن جي آمدرفت تمام گھڻي رھندي آھي.

        ڪڪم جي جھاز رانن جڏھن جنڪ جھاز جو اھو حال ڏٺو، تڏھن ھو جھاز جا بادبان چاڙھي اٿي راھي ٿيا، ان ۾ منھنجو سمورو سامان، ٻانھيون ۽ غلام بھ ھليا ويا ۽ مان اڪيلو ڪناري تي رھجي ويس. مون وٽ فقط اھي ڏھھ دينار وڃي رھيا ھئا، جيڪي جوڳيءَ مون کي ڏنا ھئا ۽ ھڪ بسترو ھوم، ماڻھن مون کي چيو تھ اھو ڪڪم ڪنھن بھ صورت ۾ ڪولم جي بندر تي ضرور وڃي بيھندو. تنھن ڪري مون خشڪيءَ جي رستي ڪولم وڃڻ جو ارادو ڪيو.

خشڪيءَ يا پاڻيءَ جي رستي سان ڪولم ڏھھ منزلون پري آھي، مون نھر جي رستي سفر ڪيو ۽ ھڪ مسلمان مزور پاڻ سان کنيم، جيڪو منھنجو بسترو کڻي ھلندو ھو. نھر ۾ سر ڪرڻ وارا رات جو خشڪيءَ جي ڪنھن ويجھو ڳوٺ ۾ وڃي ترسندا آھن ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو وري اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙھندا آھن اسان بھ اھڙي طرح ڪندا رھياسين. ٻيڙيءَ ۾ انھيءَ مزور کان سواءِ ٻيو ڪو بھ مسلمان ڪو نھ ھو. اھو مزور منزل تي پھچي، وڃي ھندن سان گڏ شراب پيئندو ھو ۽ اچي مون سان وڙھندو ھو، جنھن ڪري منھنجي طبيعت ڏاڍي خراب ٿيندي ھئي. پوءِ اسان اھڙيءَ طرح سفر ڪندي، پنجين ڏينھن اچي ڪنجيگريءَ(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر جبل جي چوٽيءَ تي آھي، جنھن ۾ يھودي رھندا آھن؛ ھنن کي پنھنجو الڳ امير آھي ۽ ڪولم جي راجا جي ڍل ڀريندا آھن.

دارچيني ۽ بقم

ھن نھر جي ڪناري تي دارچيني ۽ بقم(1) جا وڻ بيٺل آھن ۽ انھن وڻن جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اينديون آھن. پوءِ ڏھين ڏينھن اسان اچي ڪولم(2) ۾ پھتاسين.

        ملبار جي ملڪ ۾ ھيءُ شھر سڀ کان خوبصورت ليکيو ويندو آھي ۽ منجھس تمام سھڻيون بازاريون آھن. ھتي جي سوداگرن کي ”صولي“ ڪري چوندا آھن، جي ڏاڍا مالدار ٿيندا  آھن، ڪي سوداگر تھ جھازن جا جھاز (مال جا ڀريل) خريد ڪري، پنھنجي گھرن ۾ واپار لاءِ رکائي ڇڏيندا آھن. مسلمان سوداگر بھ ھن شھر ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، جن مان سڀ کان وڏو علاءَ الدين آوجي ،عراق جي شھر اوڌ جو رھواسي آھي. ھو رافضي آھي ۽ سندس سڀ ساٿي پڻ انھيءَ طريقي جا آھن ۽ ان طريقي جي تبليغ بھ ڪندا رھندا آھن.

        ھن شھر جو قاضي قزوين جي شھر جو ھڪ فاضل شخص آھي. مسلمانن ۾ تمام وڏو ماڻھو محمد شاھھ بندر آھي، جنھن جو ڀاءُ نقيءُ الدين ھڪ وڏو فاضل شخص آھي. ھن شھر جي جامع مسجد، جيڪا خواجھ مھزب ٺھرائي ھئي، پڻ عجيب آھي. ملبار جي شھرن ۾ ھيءُ شھر چين کي سڀ کان ويجھو آھي، انھيءَ ڪري چين جا ڪيترائي ماڻھو سفر سانگي ھت ايندا رھندا آھن. ھن شھر ۾ مسلمان جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آھي.

 

ھتي جو راجا

        ھتي جي ھندو  راجا کي تيروري ڪري چوندا آھن، ھو مسلمانن جو گھڻو احترام ڪندو آھي ۽ چورن ۽ بدمعاشن سان تمام گھڻي سختي ڪندو آھي، ھڪ واقعو مون ڪولم ۾ ڏٺو تھ عراقي تيراندازن مان ھڪڙي ٻئي کي ماري وڌو ۽ آوجيءَ جي گھر ۾ وڃي پناھھ ورتائين. اھو قاتل تمام مالدار شخص ھو. مسلمانن ارادو ڪيو تھ مقتول کي وڃي دفن ڪن، پر راجا جي نائب کين ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ چيائين تھ جيستائين قاتل اسان جي حوالي نھ ڪيو ويندو تيستائين مقتول دفن ڪري نٿو سگھجي.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪ ڏينھن ڪولم جو راجا شھر کان ٻاھر سواريءَ تي نڪتو، تھ سندس گذر باغن جي وچمان ٿيو، ھن سان گڏ سندس ناٺي پڻ ھو، جيڪو خود ڪنھن راجا جو پٽ ھو. ھن ھڪ وڻ جي ھيٺان ھڪ پيل انب وڃي کنيو. راجا يڪدم ھن ڏانھن ڏسي حڪم ڏنو تھ ”ھن جا ٻھ ٽڪرا ڪري ھڪ ٽڪر رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو ٽڪر رستي جي ٻئي طرف رکيو وڃي ۽ اھڙيءَ طرح سان انب جا بھ ٻھ اڌ ڪري، ھڪ رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو وري ٻئي طرف رکائي ڇڏيائين، تھ جيئن ڏسڻ وارا ھن مان سبق سکن.

        ھڪ ٻي ڳالھھ مشھور آھي تھ ھڪ دفعي ڪئليڪٽ ۾ راجا جينائب جي ڀائٽئي ھڪ مسلمان سوداگر کان سندس تلوار زبردستيءَ ڦري ورتي، جنھن تي انھيءَ سوداگر وڃي سندس چاچي سان ھن جي شڪايت ڪئي، جنھن واعدو ڪيس تھ مان تنھنجو انصاف ضرور ڪندس. پوءِ ھو پنھنجي گھر جي دروازي تي وڃي ويھي رھيو. جڏھين سندس ڀائٽيو اھا تلوار ٻڌي اتي آيو، تڏھين پڇيائينس تھ اھا فلاڻي مسلمان جي تلوار تھ نھ آھي؟ ھن جواب ڏنو تھ ھائو، پر مون اھا ھن کان خريد ڪري ورتي آھي. نائب يڪدم حڪم ڏنو تھ ھن کي گرفتار ڪري انھيءَ ئي تلوار سان سندس سر وڍيو وڃي.

        مان ڪولم جي شھر ۾ شيخ فخرالدين جي خانقاھھ ۾ وڃي رھيو ھوس. ھيءُ بزرگ شخص شيخ شھاب الدين گازرونيءَ جو پٽ آھي، جنھن جو  ڪئليڪٽ جي احوال ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ڪڪم جھاز جي ڪا بھ خبر ملي نھ سگھي ، پر انھيءَ عرصي ۾چين جي بادشاھھ جي سفارت جيڪا دھليءَ مان واپس آئي ھئي ۽ اسان سان گڏ ھئي، پر ٻئي جنڪ جھاز ۾ سوار ھئي، ڪولم پھچي ويئي. انھن جو جھاز پڻ ڀڄي پيو ھو. پوءِ چين جي واپارين ھنن کي مرد وغيره ڏيئي، اتان پنھنجي ملڪ ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ انھن سان وري چين ۾ منھنجي ملاقات ٿي ھئي.

        آخر مون ارادو ڪيو تھ ھتان دھليءَ واپس وڃي، جيڪو حال مون سان ٿي گذريو آھي، سو سمورو وڃي ٿو بادشاھھ کي عرض ڪيان پر مان ان ڳالھھ کان ڊڄي ويس تھ متان بادشاھھ مون کان ائين نھ کڻي پڇي تھ تون اسان جي موڪليل تحفن کان جدا ڇو ٿيو ھئين، تنھن ڪري مون پڪو ارادو ڪيو تھ جيستائين ڪڪم جھاز جي ڪا خبر پوي ، تيستائين وڃي ٿو ھنوز جي شھر ۾ سلطان جلال الدين وٽ ترسان. جيئن ئي مان ڪليڪٽ ۾ پھتس تھ اتي بادشاھھ(محمد شاھھ تغلق) جا ڪي جھاز بيٺل ڏٺم، جن ۾ ھن سيد ابو الحسن پرده دار کي گھڻو ئي مال ڏيئي موڪليو ھو. تھ ھرمن(1) ۽ قطيف ۾ وڃي ، اتان جيتري قدر بھ عرب ملي سگھن، (ھندستان ۾) وٺي اچي،  ڇو تھ بادشاھھ عربن سان تمام گھڻي محبت ڪندو ھو. 

        مان سيد ابو الحسن ڏانھن ويس تھ معلوم ٿيو تھ ھن جو ارادو ھو تھ گرميءَ جي موسم ڪئليڪٽ ۾ گذاري، پوءِ عربستان ڏي سفر ڪري. مون کانئس صلاح ورتي تھ بادشاھھ ڏانھن واپس وڃان يا نھ، جنھن تي ھن پڻ مون کي وڃڻ جي صلاح نھ ڏني، ان کان پوءِ مان وڃي ڪئليڪٽ جي ھڪ جھاز ۾چڙھيس، ھي انھيءَ موسم جو سڀ کان آخري سفر ھو، جنھن ۾ اڌ ڏينھن اسان سفر ڪندا ھئاسين ۽ باقي اڌ ڏينھن لنگر ھڻي بيھي رھندا ھئاسين. رستي ۾ اسان کي ڊاڪن جون چار ٻيڙيون مليون، جن مان اسان کي ڏاڍو خوف ھو، پر ھنن اسان کي ڪا بھ تڪليف ڪا نھ ڏني ۽ اسان سلامتيءَ سان ھنور جي شھر ۾ پھچي وياسين.

        پوءِ مان ھنور جي سلطان وٽ لنگھي ويس ۽ وڃي سلام ڪيومانس. ھن مون کي ھڪ شخص جي گھر ۾ ترسايو، ڇاڪاڻ تھ مون وٽ ڪوبھ نوڪر ڪو نھ ھو، ۽ اتي مون کي چوائي موڪليائين تھ مان ساڻس گڏجي نماز پڙھندو رھان. مان بھ گھڻو ڪري مسجد ۾ ويٺو ھوندو ھوس ۽ ھر روز ھڪ ڪلام الله ختم ڪندو ھوس. پوءِ ٻھ ڪلام الله ختم ڪرڻ شروع ڪيم، جن مان ھڪ صبح کان شروع ڪري ظھر جي وقت تائين ختم ڪندو ھوس ۽ ٻيو ظھر کان مغرب تائين، اھڙيءَ طرح سان ٽن مھينن تائين ڪندو رھيس، ۽ انھيءَ عرصي ۾ چاليھھ ڏينھن اعتڪاف ۾ بھ رھيس.

 

اسان جو سنداپور تي ڪاھي وڃڻ ۽ فتحياب ٿيڻ

سلطان جمال الدين ٻاونجاھھ جھاز تيارڪيا ھئا، ڇو تھ ھن جو ارادو سنداپور تي چڙھائي ڪرڻ جو ھو. اتي جي راجا ۽ سندس پٽ جي وچ  ۾ ڪجھھ اختلاف ھو، تنھن ڪري راجا جي پٽ سلطان ڏانھن لکي موڪليو تھ جيڪڏھن سلطان سندا پور کي فتح ڪندو تھ ھو مسلمان ٿيندو ۽ پنھنجي ڀيڻ کيس پرڻائي ڏيندو. جڏھن جھاز تيار ٿي ويا ، تڏھن منھنجي دل ۾ بھ آيو تھ مان بھ جھاد جي ثواب ۾ ڇو نھ شامل ٿيا، مون ڪلام الله کي کولي، فال(1) ڏٺي، تھ ھيءُ آيت نڪتي تھ ”يذڪر فيھا اسم الله کثيرا ولينصرن الله من ينصره“ جنھن ۾ فتح جي بشارت ھئي.

جڏھن سلطان عصر جي نماز لاءِ مسجد ۾ آيو، تھ مون کيس چيو تھ ”مان بھ ھن سفر ۾ شامل ٿيڻ ٿو چاھيان“ تنھن تي ھن جواب ڏنو تھ ”ڏاڍو چڱو، ۽ مان توکي ھن جھاد جو امير مقرر ٿو ڪريان“ تنھن تي مون ٻڌايو مانس تھ ڪلام الله مان بھ ھيءَ فال نڪتي آھي، ھي ٻڌي، ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خود بھ ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر پھريائين ھن جو اھڙو ارادو بلڪل ڪو نھ ھو. مان ۽ ھو ھڪڙي ئي جھاز ۾ سوار ھئاسين.

        اسان ڇنڇر جي ڏينھن روانا ٿياسين ۽ منگل جي ڏينھن سندا پور پھتاسين. کاريءَ ۾ داخل ٿيندي معلوم ٿيو تھ سندا پور جا باشندا لڙائيءَ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آھن ۽ منجنيقون بھ لڳائي ڇڏيون اٿن. رات جو اسان ترسي پياسين، صبح ٿيڻ شرط نوبت ۽ نقارا وڄڻ شروع ٿيا ۽ جھاز لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا، دشمن جھازن تي منجنيقن جي ذريعي پٿرا اڇلائڻ شروع ڪيا، ھڪ پٿر تھ سلطان جي ڀرسان بيٺل ھڪ ماڻھوءَ کي اچي لڳو، جھاز  وارا ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپي پيا ۽ بادشاھ پڻ ان ۾ ڏاڍي بھادري سان ٽپي پيو. مون بھ پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايو.

        اسان وٽ اھڙا جھاز بھ ھئا، جن جا پٺيان حصا کليل ھئا ۽ انھن ۾ گھوڙي سوار بيٺل ھئا. اھي جھاز اھڙي طرح ٺھيل ھئا جو انھن ۾ اندران ئي اندران ماڻھو گھوڙي تي سوار ٿي، زرھھ پھري، گھوڙي تي چڙھيل ئي ٻاھر نڪري ايندو. اسان بھ اھڙيءَ طرح ڪيو. خدا مسلمانن جي مدد ڪئي ۽ اسان تلوارون کڻي شھر ۾ گھڙي پياسين. ڪيترن ئي ھندن وڃي راجا جي محل ۾ پناھھ ورتي، اسان ھنن تي باھھ وسائي، آخر ھنن کي گرفتار  ڪري ورتو. پوءِ سلطان ھنن کي امان ڏنو ۽ سندس عورتن بھ کين واپس ورائي ڏنيون. ھي ماڻھو اٽڪل ڏھھ ھزار کن ھئا، تن کي شھر جي ٻاھران رھڻ لاءِ جڳھھ ڏني ويئي، سلطان محل ۾ وڃي رھيو ۽ ان جي آسپاس واريون جايون پنھنجن ملازمن ۽ اميرن کي ورھائي ڏنيون ۽ مون کي ھڪ مڪيءَ نالي ٻانھي ڏنائين. مون وري ھن جو نالو مٽائي کڻي مبارڪھ رکيو. ھن جومڙس مون کي فديو(عيوض) ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. سلطان مون کي ھڪ مصري فرجيھ* (چوغو) پڻ ڏنو، جيڪو راجا جي توشھ خاني مان مليو ھو، مان سندا پور ۾ سلطان وٽ  ١٣ جمادي الاول کان وٺي شعبان جي اڌ مھيني تائين رھيس، ۽ پوءِ سفر ڪرڻ جي اجازت گھريم. سلطان مون کان وعدو ورتو تھ مان وري ھن وٽ واپس ايندس. پوءِ مان جھاز ۾ سوار ٿي ھنور ، فاڪنور، منجرور، ھيلي، جرفتن، دھھ فتن، بدفتن، فندرينا ۽ ڪئليڪٽ ، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، کان ٿيندو اچي شاليات(1) جي شھر ۾ پھتس. ھي ھڪ خوبصورت شھر آھي. ۽ اھو ڪپڙو، جيڪو ان شھر ڏانھن منسوب آھي. ھتي ٺھندو آھي. مان ھن شھر ۾ ڪيترائي ڏينھن رھيس ۽ پوءِ ڪئليڪٽ ڏانھن موٽي آيس. اتي مون کي، منھنجا ٻھ غلام جيڪي ھڪ ڪڪم جھاز تي ويٺا ھئا،  انھن مون کي ٻڌايو تھ منھنجي اھا ٻانھي جيڪا حاملھ ھئي ۽ جنھن جي لاءِ مون کي تمام گھڻو فڪر رھندو ھو، مري ويئي. ۽ جاوا جي راجا سڀ ٻانھيون ۽ مال اسباب اسان کان ڦري ورتو ۽ منھنجا ساٿي، ڪجھھ جاوا ۾، ڪجھھ چين ۾ ۽ ڪجھھ بنگالھ ۾ ٽڙي پکڙي ويا.

        اھي خبرون ٻڌي مان ھنور ھليو ويس، جتان وري سندا پور واپس ھليو ويس. مان محرم جي آخري تاريخن ۾ اتي پھتس. ربيع الثاني جي ٻيءَ  تاريخ تائين اتي رھيس. اتي جو راجا جنھن کان اسان ھي شھر فتح ڪيو ھو، ڪٿان اچي اتي نڪتو، سڀ ھندو وڃي ھن وٽ گڏ ٿيا. سلطان جو لشڪر ان وقت ڳوٺن جي طرف ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، سو ھنن اچي سلطان کي گھيرو ڪيو ۽ سڀ آمدو رفت بند ڪري ڇڏيائون، مان ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان اتان کسڪي ڪئليڪٽ ڏانھن ھليو ويس، جتان ذيبتھ المھد* (مالديپ) جي ٻيٽن جي سفر جو ارادو ڪيم.

        مان ھنن ٻيٽن جون خبرون ٻڌندو رھندو ھوس ۽ ڪئليڪٽ کان سمنڊ رستي ھلي، ڏھين ڏينھن اچي ھنن ٻيٽن ۾ لٿاسين. ھي ٻيٽ دنيا ڀر ۾ عجيب آھن ۽ تعداد ۾ اٽڪل ٻھ ھزار کن ٿيندا، ھڪ ھڪ سئو يا انھن کان ڪجھھ گھٽ ٻيٽن جي ھر ھڪ مجموعي کي گول جي صورت ھوندي آھي، جنھن کي فقط ھڪ دروازو ٿيندو آھي، جتان جھاز اندر وڃي سگھندا آھن. جھازن جي رھبريءَ لاءِ ھڪ سونھين جي ضرورت ٿيندي آھي، تنھن ڪري جيڪڏھن ھنن ٻيٽن جي باشندن مان ڪو ھجي تھ سڀيئي ٻيٽ گھمائي سگھي ٿو. ھڪ ٻيٽن جو مجموعو ٻئي مجموعي کي ايترو تھ نزديڪ آھي، جو جيڪڏھن ھڪ مان نڪري تھ ٻئي جي کجين جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آھن. پر جيڪڏھن طرفن جي غلطي ٿي وڃي تھ اتي پھچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇو تھ ھوا جھاز کي کڻي وڃي سيلان يا معبر جي ملڪن ۾ ڇڏيندي.

        ھن ٻيٽ جا سڀ باشندا مسلمان آھن، جيڪي تمام نيڪ بخت ۽ ديانتدار آھن. ھنن ٻيٽن ۾ جدا جدا اقليمون آھن ۽ ھر ھڪ اقليم(ملڪ) تي جدا جدا والي آھي، جنھن کي ”ڪرودبي“ ڪري چوندا آھن. انھن اقليمن جا نالا ھي آھن : ”بالپور“(1)، ”ڪنلوس“، ”مھل“(مال)، جنھن جي نالي سان سڄو ٻيٽ مشھور آھي، ۽ ان ۾ اتي جو بادشاھھ پڻ رهندو آهي. ”نلاديب“، ”ڪرايدو“، ”نيم“، ”تلدمتي“، ”ھلديتي“، ”بريدو“ ، ”ڪندڪل“، ”ملوڪ“ ۽ ”سويد“ اھي ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ڪجھھ پري آھن. ھنن ٻيٽن ۾ سويد اقليم کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي بھ پوک ڪا نھ ٿيندي آھي.

سويد ۾ ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، جيڪو انلي (ڪنگڻي چانورن) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنھن کي اتان مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ کڻي ويندا آھن. ھتان جا باشندا ھڪ قسم جي مڇي کائيندا آھن، جيڪا ليرون (مڇيءَ جو قسم ) جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي، ان کي اتي جا ماڻھو قلب الماس(1) ڪري چوندا آھن. ھن مڇيءَ جو گوشٽ ڳاڙھو ٿيندو آھي، جنھن جي بوءِ اھڙي آھي، جھڙي چوپائي مال جي گوشت جي، ان کي ڦاسائي، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ٿورو پچائي، پوءِ کجيءَ جي ڦرھن جي ٺھيل تختي تي رکي ، ان کي ڌوئندا آھن. ان کان پوءِ ان کي ھلڪي باھھ تي ٽنگي ڇڏيندا آھن. جڏھن بلڪل خشڪ ٿي ويندي، تڏھن ان کي کائيندا آھن. ان کي ھندستان ، چين ۽ يمن ۾ بھ کڻي ويندا آھن.


(2) دھھ دفتن – ھنٽر صاحب جي لکڻ موجب ھيءُ بندر ، ”ٿيلي چري“ بندر جي ويجھو موجود ھو. ٿيلي چري ملبار جي اتر ۾ ھڪ وڏو بندر آھي. مترجم

(1) قلقاص – ھيءَ ھڪ قسم جي سائي ڀاڄي آھي. – مترجم

(1) ھن شھر جو پتو نٿو پوي تھ ھاڻي ڪٿي آھي. – مترجم

* قالقوط – جو مطلب ڪئليڪٽ آھي، جيڪو مدراس ۾ ملبار ضلعي جو ھڪ شھر آھي. – مترجم

(2) جنڪ – اڄ بھ چين ۾ جھاز کي جنڪ ڪري چوندا آھن. – مترجم

(2) نفط – ”بارود يا روغن سياه و سفيد، جيڪو شردان جي زمين مان نڪرندو آھي“ (لغات کشوري ، صفحو ٥٤٠ ) ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي اھو تيل (روغن ) جيڪو گرم ٿيندو آھي، پچڪارين ۾ ڀري دشمن جي لشڪر تي ڦٽي ڪندا ھئا، محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ پڻ اھڙا ماڻھو موجود ھئا، جن راجا ڏاھر جي ھاٿيءَ تي نفط ڦٽي ڪيو ھو، جو پاNيءَ ڏانھن ڀڄي وڃي راجا ڏاھر کي گپ ۾ ڪيرايو ھئائين. (تاريخ سنڌ، مصنف مولانا عبدالحليم شرر لکنوي) – مترجم

(1) مصريھ جو جمع آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ڪئبن، جيڪي اڄڪلھھ جي جھازن ۾ عام آھن. – مترجم

(1) ملبار جي ملڪ ۾ ھن وقت ھن شھر کي ڊنگ لور ڪري چوندا آھن. – مترجم

(1) ”مخزن الادويھ“ ۾ لکيل آھي تھ ھيءُ ھڪ وڏو وڻ ٿيندو آھي، جيڪو ملبار، زنزيبار ۽ سيلان ۾ ٿيندو آھي، ان جا پن بادام جي پنن جھڙا، ۽ گل پيلي رنگ جا ۽ ميوو گول ۽ ڳاڙھو ٿيندو آھي. ان جي ميوي کي ڀڄائي، ان مان رنگ ڪڍندا آھن. – مترجم

(2) ھيءُ شھر ھاڻي تراونڪور جي رياست ۾ آھي.

(1) ھرمن ۽  قطين عربستان جا شھر آھن. – مترجم

(1) ھن جا ڪيترائي نمونا آھن، ڪي ماڻھو ابجد جي حساب تي فالون وجھندا آھن ۽ ڪي وري پارسي شعرن ذريعي فال وجھندا آھن، گھڻو ڪري ملا ماڻھو فالنامن جا ڪتاب رکي ، وقت بوقت انھن جي ذريعي فال وجھندا آھن، وضو ڪرڻ جي ڪونئري ۾ بھ شڪي چورن جا نالا وجھي پڙھندا آھن. پوءِ جنھن جي نالي تي ڪونئرو ڦري، اھو چور ٻڌائيندا آھن. اھڙي طرح سان قرآن شريف کولي ، ان مان بھ فال نيڪ يا بد جنھن جو نڪتل آيت تي مدار آھي، ٻڌائيندا آھن. – مترجم

* جرجيھ – ” آئين اڪبريءَ“ ۾ ھيئن لکئيل آھي ”فرجيھ بھ بندو کشاده پيش باشد و برخ لکمھ افزايند – پبشتر بھ افير ان جامھ پوشند“ جنھن جو مطلب چوغو يا لبادو ٿيو. – مترجم

(1) ھن کي ھاڻي”شاليا“ ڪري سڏيندا آھن ۽ ڪئليڪٽ جي پرسان آھي. – مترجم

* ديبتھ  - ديپ جو واحد ۽ معرب آھي. ديب سنسڪرت ۾ ٻيٽ کي چوندا آھن ۽ مھل يا مال سڀني کان وڏي ٻيٽ جو نالو آھي، تنھن ڪري ھنن لفظن کي اڳي پوءِ ڪري، ان کي مال – ديپ ڪري ٿا چون – مترجم

(1) اصل متن ۾”بالبور“ لکيل آھي. پر اصل ۾ ”ٻالپور“ ھوندو، جو عربيءَ ۾”پ“ جو حرف ڪو نھ آھي، - مترجم

(1) ھيءَ ھڪ قسم جي خاص مڇي آھي، جنھن کي ابن بطوطھ ”ليرون“ جي مشابھھ ٿو لکي ۽ ڇاڪاڻ تھ ان جو گوشت ڳاڙھو آھي، تنھن قلب (دل) جي رنگ سان سندس ماس کي مشابھت ڏيئي، ھن تي اھو نالو کڻي رکيوھوندائون.- مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org