سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 5

باب ٽيون

 

فصل پھريون

دھليءَ جي فتح ۽ مختلف بادشاھھ

 

قاضي القضاة علامھ ڪمال الدين محمد بن برھان الدين المقلب بھ ”صدر جھان“ مون کي ٻڌايو تھ دھلي جي فتح سنھ ٥٨٤ھھ ۾ ٿي ھئي ۽ جامع مسجد جي محراب ۾ بھ اھو ئي سنھ ھجري لکيل ھو، جيڪو مون خود پڙھيو، دھلي قطب الدين ايبڪ  فتح  ڪئي ھئي، ھيءُ شخص سلطان شھاب الدين محمد بن سام غوري، غزني ۽ خراسان جي بادشاھھ، جو غلام ۽ سندس طرفان سپھ سالاريءَ جو عھديدار ھو، محمد بن غوري، سلطان ابراھيم بن سلطان محمود غازي سبڪتگين جنھن ھندستان جي فتح شروع ڪئي ھئي، تنھن جي ملڪ تي زبردستيءَ قابض ٿي ويو ھو، سلطان شھاب الدين، قطب الدين ايبڪ کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي، ھندستان تي چاڙھي موڪليو، جنھن پھريائين اچي لاھور فتح ڪيو ۽ اتي ئي رھائش اختيار ڪري، ھڪ عظيم الشان بادشاھھ بڻجي ويو.

        بادشاھھ جي مصاحبن مان، ڪن ھن تي چغلي ھنئين تھ ھو ھندستان ۾ ھڪ الڳ بادشاھت قائم ڪري، اطاعت کان ٻاھر نڪرڻ ٿو چاھي، ھيءَ خبر قطب الدين کي بھ پھچي وئي، جنھن تي ھو تن تنھا غزني ڏانھن روانو ٿيو ۽ اتي رات جو پھچڻ شرط سڌو وڃي بادشاھھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، سندس اچڻ جي ڪنھن کي بھ خبر نھ پئي، ٻئي ڏينھن جڏھن بادشاھھ اچي درٻار ۾ ويٺو، تڏھن قطب الدين تخت جي ھيٺان لڪو ويٺو ھو.

        جڏھن سڀ درٻاري ويھي ويا، تڏھن بادشاھھ قطب الدين ايبڪ جو حال پڇيو، جن مصاحبن چغلي ھنئين ھئي، تن وري بھ ساڳيو بيان ڪيو تھ اسان کي پڪي خبر آھي تھ ھو خود سر بادشاھھ بڻجي ويٺو آھي، بادشاھھ تخت تي پير ھنيو ۽ تاڙي وڄائي پڪاريائين، ”ايبڪ“ . قطب الدين”جيءُ حضور“ چئي، ٻاھر نڪري آيو، ۽ دربار ۾ سڀني جي سامھون بيھي رھيو، چغلخور ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ ڊپ کان زمين چمڻ لڳا، بادشاھھ فرمايو تھ مون ھن دفعي توھان جو قصور معاف ڪيو، پر آئيندھ ڪجھھ بھ ايبڪ جي خلاف مون کي نھ چئجو، ۽ قطب الدين کي حڪم ڏنائين تھ تون واپس ھندستان وڃ، جنھن تي ھو واپس ھليو ويو ۽ وڃي دھلي ۽ ٻيا شھر فتح ڪيائين، تڏھن کان دھلي اسلام جو داراخلافھ ھليو ٿو اچي، قطب الدين دھليءَ ۾ ئي وفات ڪئي.

 

 

سلطان شمس الدين للمش (التمش)

سلطان شمس الدين للمش(1) دھليءَ جو پھريون مستقل بادشاھھ ٿي گذريو آھي. پھريائين ھيءُ قطب الدين جو غلام، سپھھ سالار ۽ نائب ھو، پوءِ قطب الدين جي مرڻ کان پوءِ مستقل(2)بادشاھھ ٿيو، بادشاھھ ٿيڻ وقت ماڻھن کان بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، سڀ عالم ۽ فقيھ  وجيھھ الدين ڪاشانيءَ سان گڏجي آيا ۽ بادشاھھ جي سامھون ويھي رھيا، قاضي حسب عادت، بادشاھھ سان گڏ وڃي ويٺو، بادشاھھ سڀ ڪجھھ سمجھي ويو تھ سڀ ڇا ٿا چوڻ گھرن، پوءِ پنھنجي گاديلي جي ھڪ ڪنڊ مٿي ڪري، ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڪڍي، قاضي کي ڏنائين، جنھن مان معلوم ٿيو تھ قطب الدين کيس آزاد ڪري ڇڏيو ھو. قاضيءِ ۽ فقيھن انھيءَ ڪاغذ کي پڙھي، پوءِ سندس بيعت ڪئي.

        ويھن ورھين تائين ھن حڪومت ڪئي، ھو نيڪ چال، انصاف پرور، عالم ۽ فاضل بادشاھھ ھو، انصاف جي طرف سندس توجھھ حد کان وڌيڪ ھوندو ھو، سندس حڪم ھو تھ جنھن تي بھ ڪو ظلم ٿيل ھجي، سو رنڱيل  ڪپڙا پائي گھمي، جيئن بادشاھھ کيس ھڪدم سڃاڻي وٺي، ڇو تھ ھندستان ۾ گھڻو ڪري سفيد ڪپڙا پھريندا آھن، رات جو وري ھيءَ تجويز ڪئي ھئائين، جو پنھنجي دروازي جي برجن تي  ٻھ سنگ مرمر جا ٺھيل  شينھن رکائي، انھن جي گلي ۾ زنجير وجھائي، انھن جي ڇيڙن تي گھنڊ ٻڌائي ڇڏيا ھئائين ، جڏھن  بھ ڪو مظلوم اچي زنجير ڇڪيندو ھو، تھ بادشاھھ کي ھڪدم خبر پوندي ھئي ۽ ھڪدم سندس فرياد رسي ڪندو ھو، ايتري ھوندي بھ ھو راضي نھ رھندو ھو ۽ چوندو ھو تھ رات جو ماڻھن تي ظلم ٿيندا ھوندا، تنھن ڪري ھڪدم فريقين کي گھرائي فيصلو ڪيو وڃي.

سلطان رڪن الدين

سلطان شمس الدين(التمش) کي ٽي پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ ھئي، سندس پٽ رڪن الدين(1) ھن کان پوءِ تخت تي ويٺو.

 تخت تي ويھڻ سان ھن پنھنجي ڀاءُ معز الدين، جيڪو رضيھ سلطانھ جو حقيقي ڀاءُ ۽ رڪن الدين جي ماٽيجي ماءُ جي پيٽ مان ھو، تنھن کي قتل(1) ڪرائي ڇڏيائين، رضيھ انھيءَ تي ناراض ٿي، تھ ان کي بھ مارائڻ چاھيائين، بادشاھھ ھڪ ڏينھن جمعي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ۾ ويل ھو، رضيھ، مظلومن جي پوشاڪ پھري، پراڻي بادشاھي محل يعني دولت خاني جي ڇت تي چڙھي بيھي رھي، اھو محل جامع مسجد سان بلڪل گڏ ھو، اتان بيھي، رضيھ ماڻھن کي پنھنجي پيءُ جا عدل ۽ انصاف ياد ڏياري، پڪاريو تھ رڪن الدين منھنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، ۽ ھاڻ مون کي بھ مارائڻ ٿو چاھي، ھيءُ ٻڌي، ماڻھو تمام ناراض ٿيا ۽ رڪن الدين تي ھلان ڪري آيا، کيس مسجد مان پڪڙي رضيھ وٽ وٺي آيا، جنھن پنھنجي ڀاءُ جي قصاص ۾ کيس مارائي ڇڏيو، ناصر الدين(٢) سندس ٽيون ڀاءُ اڃا ننڍو ھو، تنھن ڪري لشڪر ۽ اميرن کيس تخت تي ويھاريو.

 

رضيھ سلطانھ

ھن ڪل چار سال بادشاھي ڪئي، ھي عورت ٿي ڪري، مردن وانگر ھٿيار ٻڌي، گھوڙي تي سوار ٿيندي ھئي ۽ پردو اصل ڪا نھ ڪندي ھئي، جڏھن ھن تي تھمت لڳائي وئي تھ سندس تعلق حبشي غلام(1) سان آھي، تڏھن ماڻھن اتفاق راءِ سان کيس تخت تان لاھي، سندس نڪاح ھڪ ويجھي عزيز سان ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀاءُ ناصر الدين کي تخت تي ويھاريائون.

 

سلطان ناصر الدين

جڏھن رضيھ سلطانھ کي تخت تان لاٿو ويو، تڏھن سندس ننڍو ڀاءُ(2) تخت تي ويٺو ۽ ڪافي وقت تائين حڪومت ڪندو رھيو، ھن بادشاھھ جي دوران حڪومت ۾ رضيھ سلطانھ ۽ سندس مڙس گڏجي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي، ھو پنھنجا غلام ۽ ساٿي وٺي مقابلي لاءِ آئي، ناصر الدين ۽ بلبن، جيڪو کانئس پوءِ بادشاھھ ٿيو، ٻنھي گڏجي سندس مقابلو ڪيو، رضيھ جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ رضيھ ميدان مان ڀڄي نڪتي.

 ھوءَ جڏھن ٿڪجي پئي ۽ بک اڃ اچي ماندو ڪيس، تڏھن ھڪ فريبي ھاري کان، جنھن انھي وقت ھر پئي ڪاھيو، کائڻ لاءِ ڪجھھ گھريائين، ھن ھڪ ماني جو ٽڪرو ڏنس، جيڪو کائي سمھي رھي، ان وقت ھوءَ مرداني لباس ۾ ھئي، ننڊ ۾ سندس اندريان ڪپڙا جت ۾ جواھرات جڙيل ھئا، ڪجھھ ظاھر ٿي پيا، اچانڪ ھاري جي نظر پئجي وئي ۽ تآڙي ورتائين تھ ھي  اصل ۾  عورت آھي.

پوءِ ان ھاري کيس ننڊ ۾ ئي قتل ڪري، سندس ڪپڙا ۽ ٻيو سامان لاھي، گھوڙي کي جھنگ ڏانھن ڀڄائي، لاش کي انھي ئي ٻني ۾ دفن ڪري ، انھن لاٿل ڪپڙن مان ھڪ ڪپڙو بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ ويو، بازار وارا ھن تي شڪ ڪري، کيس شھر جي ڪوٽوال وٽ پڪري وٺي ويا، ڪوٽوال جي مار موچڙي تي ھاريءَ سچي ڪئي ۽ سربستو احوال کولي ٻڌايائين، پوءِ سندس پورڻ واري جاءِ بھ وڃي ڏيکاريائين، جتان ھنن لاش کي ڪڍي غسل ۽ ڪفن وغيره ڏيئي،  انھي جاءِ تي وري کيس دفنائي ڇڏيو، ۽ قبر تي ھڪ گنبذ ٺھرائي ڇڏيائون، ھاڻي ھن جي قبر ھڪ زيارت گاھھ آھي ۽ جمنا ندي جي ڪناري تي شھر کان ھڪ فرسخ پري آھي.

        ان کان پوءِ ناصر الدين اطمينان سان 20 سال حڪومت ڪئي، ھي بادشاھھ نھايت نيڪ ۽ پرھيز گار ھو ۽ پنھنجي ھٿ سان قرآن شريف لکي، ان جي قيمت تي گذارو ڪندو ھو، قاضي ڪمال الدين مون کي سندس ھٿ سان لکيل قرآن شريف پڻ ڏيکاريو ھو، جنھن ۾ نھايت صاف ۽ سٺا اکر لکيل ھئا، آخر  سندس نائب غياث الدين بلبن کيس قتل(1) ڪري، پاڻ بادشاھھ بڻجي ويٺو.

 

فصل ٻيو

سلطان غياث الدين بلبن

بلبن پنھنجي مالڪ کي قتل ڪري، پاڻ بادشاھھ بڻجي ويٺو ۽ ويھن سالن تائين حڪومت ڪندو رھيو، ان کان اڳ ويھھ سال نائب ٿي رھندي بھ سلطنت جا سڀ اختيارات سندس ھٿ ۾ رھندا ھئا، ھي بادشاھھ منصف مزاج، بردبار ۽ نھايت نيڪ بخت ھو ۽ عالم ۽ فاضل پڻ ھو، ھن ھڪ جاءِ ٺھرائي ھئي، جنھن جو نالو دار الامن (ڇوٽڪاري جو گھر) رکيو ھئائين جيڪو بھ مقروض ان گھر ۾ ايندو ھو، تنھن جو قرض بادشاھھ ادا ڪري ڇڏيندو ھو ۽ جيڪو ماڻھو خون ڪري يا  ڪو ٻيو سنگين ڏوھھ ڪري ان ۾ گھڙي ايندو ھو، تھ مقتول يا مظلوم جي وارثن کي ان جو عيوض ڏيئي راضي ڪري ڇڏيندو ھو، ھن بادشاھھ جي قبر بھ انھي جاءِ(دارالامن) ۾ ٺھيل آھي، مون بھ اھا قبر وڃي ڏٺي ھئي، ھن بادشاھھ لاءِ ھڪ عجيب ڪھاڻي بيان ڪندا آھن.

 

بادشاھھ جي ڪھاڻي

        چون ٿا تھ بخارا جي بازار ۾ کيس ھڪ فقير مليو، بلبن قد جو بندرو، ڪجھھ قدر ڪٻڙو ۽ بدصورت ھوندو ھو، فقير چيس تھ ”اي ترڪڪھ“ (ترڪڙا)! ڄڻ تھ نفرت سان سندس نالو ورتائين، جنھن جي جواب ۾ ھن چيو ”حاضر منھنجا سائين“ فقير جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس تھ ”مون کي ڏاڙھون وٺي ڏي“ ھن چيو تھ چڱو، ۽ کيسي مان، جيڪي ھن وٽ پئسا ھئا سي ڪڍيائين ، جيتوڻيڪ انھن پئسن کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪو نھ ھئس، تڏھن بھ ھڪدم ڏاڙھون خريد ڪري فقير کي ڏنائين، فقير اھو ڏاڙھون وٺي چيو تھ ”اسان توکي ھندستان جو ملڪ بخشش ۾ ڏنو“ بلبن پنھنجو ھٿ چمندي، چيو تھ مون کي قبول آھي ۽ اھا ڳالھھ ھن جي دل تي ويھي وئي.

        اتفاق سان سلطان شمس الدين التمش ھڪ سوداگر موڪليو تھ بخارا، ترمز ۽ سمرقند مان وڃي ھن لاءِ غلام خريد ڪري اچي. ھن ھڪ سئو غلام خريد ڪيا ۽ انھن ۾ بلبن بھ ھڪڙو ھو. جڏھن اھي غلام بادشاھھ جي سامھون حاضر ڪيا ويا، تڏھن ٻيا سڀ غلام کيس پسند آيا پر فقط بلبن کي ناپسند ڪيائين ۽ چيائين تھ ھي مون کي نھ گھرجي، بلبن تنھن تي عرض ڪيو تھ ”اي آخوند عالم، ھي سڀ غلام حضور جن ڪنھن جي واسطي خريد ڪيا آھن؟“ التمش انھي مذاق تي کلي ڏنو ۽ ھن کي بھ کڻي خريد ڪيائين، ڇاڪاڻ تھ ھو ڪٻڙو ھو، تنھن ڪري کيس پاڻي ڍوئڻ جي ڪم تي لڳايو ويو، جلدي نجومين بادشاھھ کي اطلاع ڏنو تھ تنھنجي اولاد کان تنھنجو ھڪ غلام سلطنت وٺندو ۽ ان تي قابض ٿي ويندو، نجومي ھميشھ پيا اھا ڳالھھ ڪندا ھئا پر بادشاھھ پنھنجي نيڪ بختي ۽ انصاف پروريءَ جي ڪري انھن جي ڳالھين تي توجھھ ئي ڪو نھ ڏيندو ھو.

        آخر ھنن بادشاھھ جي بيگم سان اھا ڳالھھ ڪئي، جنھن جڏھن بادشاھھ کي چيو، تڏھن وڃي بادشاھھ جي دل تي ڪجھھ اثر ٿيو،  ۽ نجومين کي گھرائي چيائين تھ ”توھان انھي شخص کي سڃاڻي سگھندا؟“ انھن چيو تھ ”سندس ڪي نشانيون آھن جن تي اسان کيس سڃاڻي سگھنداسين.“ بادشاھھ حڪم ڪيو تھ سڀ غلام منھنجي سامھون لنگھن، بادشاھھ ويھي رھيو، غلام ٽوليون ٽوليون ڪري سامھون لنگھندا ويا ۽ نجومي ڏسندا چوندا رھيا تھ ھنن ۾ اھو سخص ڪونھي، ظھر جو وقت ٿي ويو، پاڻي ڀرڻ وارن غلامن جو اڃا وارو نھ آيو ھو.

ھو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تھ اسان تھ بک مري وياسين ۽ پئسا جمع ڪري بلبن کي مانيون وٺڻ لاءِ بازار ڏانھن موڪلي ڏنائون، ھن کي ويجھي بازار ۾ مانيون ملي نھ سگھيون تنھن ڪري ٻي بازار ڏانھن ھليو ويو، جيڪا ڪجھھ پرڀرو ھئي، جڏھن پاڻي وارن جو وارو آيو ۽ بلبن واپس نھ آيو، تڏھن ھنن ھڪ ڇوڪر کي ڪجھھ ڏيئي بلبن جي مشڪ ۽ ھن جو ٻيو سامان سندس ڪلھي تي رکي، کيس بلبن جي بجاءِ پيش ڪيو، جڏھن بلبن جو نالو  پڪاريو ويو تڏھن اھو ڇوڪرو سندس جاءِ تي اٿي بيھي رھيو، ھي سڀ ڪجھھ ٿي چڪو، پر نجومين کي اھو شخص ملي نھ سگھيو، جنھن جي کين تلاش ھئي، بلبن انھي وقت آيو جڏھن سڀ پيش ٿي چڪا ھئا.

        ڇو تھ تقدير الاھي پوري ٿيڻي ھئي، بلبن پنھنجي لياقت سان ترقي ڪندي، پاڻي وارن جو امير مقرر ٿيو، پوءِ لشڪر ۾ داخل ٿيو ۽ آھستي آھستي سردار ٿي ويو، سلطان ناصر الدين بادشاھھ ٿيڻ کان اڳ پنھنجي ڌيءَ جو نڪاح ھن سان ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن بادشاھھ ٿيو تڏھن کيس پنھنجو نائب مقرر ڪيائين ويھھ ورھيھ ھو نائب رھيو ۽ پوءِ سلطان ناصر الدين کي قتل ڪري خود بادشاھھ بڻجي ويو، بلبن کي ٻھ پٽ ھئا.

        سندس وڏو پٽ خان شھيد ھو، جو سندس ولي عھد پڻ ھو، ھو پيءُ جي طرفان سنڌ جو حاڪم ھو ۽ ملتان ۾ رھندو ھو، ھڪ دفعي ھو ”تاتارين“ (منگولين) سان لڙندي ھڪ لڙائي ۾ شھيد ٿي ويو، ھن جا ٻھ پٽ ھئا، ھڪ ڪيقبان ۽ ٻيو ڪيخسرو، بلبن جي ٻئي پٽ جو نالو ناصر الدين ھو، جو پنھنجي پيءُ جي وقت ۾ لڪنوتي(لکنوتي) ۽ بنجال(بنگال) جو حاڪم ھو، جڏھن خان شھيد مارجي ويو تڏھن بلبن سندس پٽ ڪيخسرو کي پنھنجو ولي عھد مقرر ڪيو ۽ پنھنجي پٽ ناصر الدين کي ولي عھد نھ ڪيائين ۽ ان ناصر الدين جو معزالدين نالي ھڪ پٽ ھو، جو ان وقت بادشاھھ وٽ رھندو ھو.

 

سلطان معزالدين بن ناصر الدين بن سلطان ۽ غياث الدين بلبن

        جنھن رات سلطان غياث الدين بلبن وفات ڪئي، تنھن رات سندس پٽ ناصر الدين(بغرا خان) بنگال ۾ ھو، بادشاھھ پنھنجي پوٽي ڪيخسرو کي پنھنجو ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو، پر بادشاھھ جو نائب ڪيخسرو سان عداوت رکندو ھو، بادشاھھ جي مرڻ کان پوءِ ھو ھڪدم ھڪ تجويز سوچي ڪيخسرو وٽ لنگھي ويو، ۽ ساڻس ھمدردي ۽ غمگيني ظاھر ڪندي،م ھڪ جعلي دستاويز ڏيکاريائين، جنھن ۾ سڀني اميرن اتفاق راءِ سان معزالدين جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس پنھنجو بادشاھھ تسليم ڪيو ھو ۽ ائين بھ چيائين تھ مون کي تھ تنھنجي سر جو بھ خير ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جنھن تي ڪيخسرو ڊڄي ويو ۽ پڇيائينس تھ ”ھاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ نائب صلاح ڏنيس تھ توھان ھن ئي وقت سنڌ ڏانھن ھليا وڃو، ڪيخسرو چيو تھ ”ھينئر تھ دروازو بھ بند ھوندو“ جنھن تي نائب چيو تھ ”ڪنجون مون وٽ آھن ۽ توھان کي دروازي مان لنگھائي وري دروازو بند ڪري ڇڏيندس.“ ڪيخسرو سندس احسان مڃيو ۽ راتو واه ملتان ڏانھن ڀڄي ويو. جڏھن ڪيخسرو شھر کان ٻاھر نڪري ويو، تڏھن نائب معزالدين وٽ ويو ۽ کيس جاڳائي چيائين تھ سڀ امير توھان جي بيعت لاءِ تيار آھن، معزالدين جواب ڏنو تھ ”منھنجو سوٽ، جو ولي عھد آھي،  تنھن جو ڇا ٿيو؟ ۽ منھنجي بيعت جو مطلب آخر ڇا آھي؟“ تنھن تي نائب سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايس، معزالدين سندس شڪريو ادا ڪيو. پوءِ سڀني اميرن ۽ خاص ماڻھن کان راتو واه بيعت ورتي وئي ۽ ٻئي صبح جو اعلان ڪيو ويو، ان بعد سڀ عام و خاص بادشاھھ جي بيعت ۾ داخل ٿي ويا، معزالدين جي پيءُ کي جڏھن تخت نشيني جي خبر پئي، تڏھن چيائين تھ اھو حق منھنجو آھي ۽ منھنجي زندگيءَ ۾ منھنجو پٽ بادساھھ ٿي نٿو سگھي، يڪدم ھن پنھنجو لشڪر جمع ڪيو ۽ وڏي ڪٽڪ سان ھندستان ڏانھن روانو ٿيو، ھوڏانھن نائب، بادشاھھ کي ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ نڪتو، ٻيئي لشڪر گنگا ندي جي ٻنھي ڪنارن تي ھڪٻئي جي سامھون ڪڙا(1) شھر جي ڀرسان اچي خيمھ زن ٿيا، لڙائي شروع ٿيڻ تي ھئي تھ خدا تعاليٰ ناصر الدين جي دل ۾ خيال وڌو تھ آخر معزالدين تنھنجو پٽ آھي، توکان پوءِ ھو ئي بادشاھھ ٿيندو، تنھن ڪري ماڻھن جي خونريزيءَ مان ڪھڙو فائدو، ھوڏانھن پٽ جي دل ۾ بھ محبت جوش ۾ آئي ۽ آخر ٻئي بادشاھھ پنھنجي ٻيڙين ۾ ويھي، درياءُ جي وچ ۾ اچي پاڻ ۾ مليا، بادشاھھ پنھنجي پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو، ناصر الدين کيس اٿاري، گلي لڳائيندي چيو تھ ”جيڪو منھنجو حق ھو، سو مون توکي بخشيو، ۽ سندس ھٿ تي بيعت ڪيائين، ھن ملاقات لاءِ شاعرن گھڻيئي قصيدا(2) لکيا آھن، ھن ملاقات جو نالو لقاءُ السعدين(3) رکيو ويو، پوءِ بادشاھھ پنھنجي پيءَ کي دھلي وٺي ويو، سندس پيءَ کيس تخت(1) تي ويھاري، سندس سامھون بيھي رھيو.

        پوءِ ناصر الدين واپس بنگال ھليو ويو ۽ ڪجھھ عرصو حڪومت ڪري مري ويو، اتي سندس اولاد بھ ھو، انھيءَ مان سندس ھڪ پٽ(اھو ئي) غياث الدين بھادر”ڀورو“ ھو، جنھن کي سلطان غياث الدين تغلق قيد ۾ رکيو ھو، پر سلطان محمد تغلق  پنھنجي پيءَ جي مرڻ کانپوءِ کيس ڇڏي ڏنو ھو، معزالدين چئن سالن تائين حڪومت ڪئي، اھو عرصو ھن بادشاھھ لاءِ ھر روز عيد ۽ ھر رات شب بارات ھئي، ھيءُ بادساھھ تمام سخي ۽ رحمدل ھو، جن ماڻھن کيس ڏٺو ھو، تن مان ڪن سان منھنجي ملاقات ٿي، جي سندس نھٺائيءَ، انسانيت ۽ سخاوت جي گھڻي تعريف ڪري رھيا ھئا، ھن جامع مسجد دھليءَ جو ھڪ مينار(2) ٺھرايو اھي، جنھن جو مثال سڄي دنيا ۾ مشڪل آھي، عياشيءَ ۽ ڪثرت شراب خوري جي ڪري کيس اڌرنگ جي بيماري ٿي پئي، طبيبن گھڻيئي علاج ڪيا، پر ڪجھھ فرق نھ ٿيو.


(1) نلمش: ھي لفظ جي حرڪات ۽ اشتقاق ۾ جيتوڻيڪ ڪيترن مصنفن اختلاف ڪيا آھن، ڪن التش تھ ڪن ايتمش وغيرھ لکيو اھي، پر  نلمس ڪنھن بھ نھ لکيو آھي، قطب مينار جي ٻي منزل تي ھي ڪتبو لکيل آھي، ”امر با تمام ھذه العمارت... من السماع شمس الحق والدين ايلتمش السلطاني ناصر امير المومنين“. وري سلطان شمس الدين جي پٽ ناصر الدين جي تخت نشيني وقت شاعر ھڪ قصيدو پيش ڪيو ھو، جنھن جو پھريون شعر ھو؛ آن خدا وندي کھ حاتم بذل و رستم کوشش است، ناصر دنيا ودين محمود الدين التمش است“. مٿين مثالن مان معلوم ٿو ٿئي تھ ان زماني ۾ آل ت م ش، اي ل ت م ش ۽ ا ل ت ي م ش ٽنھي طرح سان نالا لکيا ويندا ھئا ، پر للمش ابن بطوطھ جي نسخي تان ڪاتب غلطي ڪري لکي ويو آھي. التمش اصل ۾ ڇويھھ سال حڪومت ڪئي ھئي، ابن بطوطھ ويھھ سال لکي ، غلطي ڪئي آھي. مترجم

(2) وچ ۾ ڪجھھ مھينا آرام شاھھ قطب الدين جي پٽ حڪومت ڪئي ھئي، جنھن جو ذڪر ابن بطوطھ ڪو نھ ڪيو آھي، آرام شاھھ جا ڪجھھ سڪا مليا آھن، تنھن مان ثابت آھي تھ ھو تخت تي ڪجھھ وقت ضرور رھيو آھي ۽ انھيءَ وقت التمش بدايون جا حاڪم ھو.--مترجم

(1) رڪن الدين؛ ھي شعبان سن ٦٣٣ ھھ ۾ پنھنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ تخت تي ويٺو، ھن کي التش پنھنجي زندگي ۾ ئي ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھو خود گھڻو عيش پسند ھو، تنھن ڪري ڪل اختيارات سندس ڀاءُ شاءُ ترخان جي ھٿ ۾ ھوندا ھئا.

(1) ابن بطوطھ، رڪن الدين جي پنھنجي ڀاءُ معزالدين کي مارائڻ بابت، جيڪو واقعو لکيو آھي، تنھن ۾ غلطي ڪئي اٿائين، ڇو تھ رضيھ جي مرڻ کانپوءِ معزالدين بھرام شاھ التمش جي ٻئي پٽ حڪومت ڪئي آھي.-مترجم

(1) ھيءَ حبشي غلام جمال الدين ياقوت ھو، جنھن تي رضيھ مھربان ھئي.- مترجم

(2) ھت وري ابن بطوطھ غلطي ڪئي آھي، اصل ۾ رضيھ کان پوءِ معزالدين بھرام شاھھ گادي تي ويٺو، انھيءَ کان پوءِ سلطان علاءُ الدين مسعود شاھھ، جيڪو رڪن الدين جو پٽ ھو، سو گاديءَ تي ويٺو ۽ انھي کان پوءِ ناصر الدين حڪومت ڪئي آھي.-مترجم

(1) ھت بھ ابن بطوطھ غلطي ڪئي آھي، ڇو تھ ڪنھن بھ تاريخ ۾ ڪونھي تھ ڪو بلبن، ناصر الدين کي ماري، پاڻ بادشاھھ ٿيو، ناصر الدين پنھنجو قدرتي موت مئو ھو. مترجم

(1) ڪڙا شھر؛ ھيءُ ھندستان ۾ الھھ آباد جي ضلعي ۾ گنگا نديءَ جي ڪناري تي آھي.

(2) خاص طرح سان امير خسرو جا فارسي شعر، ان موقعي جي خاصيت متعلق قابل ذڪر آھن.(وڌيڪ ڏسو سندس شعر، جون ڪي جھلڪون پٺئين صفحي تي.)

(3) لقاءُ السعدبن جي باري ۾ امير خسرو طوطيءَ ھند جو ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ھن ئي موقعي تي ڏنو ھئائين؛

بافت خبر خسرو مشرق پناھھ-ناصر حق وارث اين تخت گاھھ

 کھ افراد را پسر انبار گشت- دين شرف ازوئي بھ پسر باز گشت

 خشم بسر کرد و علم برکشيد-ساختھ کين شد و لشکر کشيد

تند چوباد آمد ازان خار خار- از پئي گلگشت بسوئي بھار

(1) اليٽ صاحب ”اسڊيز ان انڊين ھسٽري“ صفحي ٣٣١ تي امير خسرو جي ھڪ شعر جي انگريزي ترجمي ۾ لکي ٿو؛

“He Then seized his son,s hand and seated him on the throne, and when he had descended again from it, he stood with his hands, joined, and all were astonished at the scene the son sat but a short time on the throne when he descended and approached his father. The officers of the state stood on each side, holding trays of jwels  in their hands, which they poured upon the heads of two kings, and the ground before them was strawed  with rubies, pearls, silver and gold.

(2) ھتي ابن بطوطھ غلطي ڪئي آھي، جنھن جو سبب آھي: سندس معزالدين مال (محمد غوريءَ) ۽ مٿئين معزالدين کي (جيڪو ڪيقباد ڪري سڏيو ويندو ھو) ھڪ ئي ڪري سمجھڻ اصل ۾ اھو مينار محمد غوريءَ ٺھرايو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ