سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 7

بابو چوٿون

فصل پھريون

سلطان ابي المجاھد محمد شاھھ

ابن سلطان غياث الدين تغلق

جڏھن سلطان تغلق مري ويو تڏھن سندس پٽ بنا مقابلي ۽ مخالفت جي تخت تي ويٺو. مان اڳ ۾ بھ بيان ڪري آيو آھيان تھ سندس نالو جونا خان ھو. بادشاھھ ٿيڻ کان پوءِ ھن پنھنجو نالو ”المجاھد محمد شاھھ“ رکيو . مان ھن کان اڳ اڳين بادشاھن جو جيڪو احوال لکي آيو آھيان، تنھن جو ڳچ حصو شيخ بابت جيڪي ڪجھھ مون لکيو آھي سو منھنجو اکين ڏٺو واقعو آھي.

 

بادشاھھ جون خصلتون

ھيءُ بادشاھھ تمام  گھڻيءَ سخاوت ۽ خونريزي جي ڪري مشھور آھي، ڪو بھ ڏينھن اھڙو ڪو نھ ٿو گذري، جنھن ۾ ڪو فقير امير نٿو بڻجي ۽ ڪو زندھ انسان قتل نٿو ڪيو وڃي، ھن جي سخاوت ، بھادري ، سختي ۽ خونريزي جون ڪيتريون ئي ڳالھيون  عام ماڻھن جي زبان تي آھن، تنھن ھوندي بھ ڪو بھ شخص ھن بادشاھھ کان وڌيڪ بردبار ۽ انصاف پسند مون ڪٿي ڪو نھ ڏٺو ھو شريعت جو سخت پابند آھي ۽ نماز جو تاڪيد تمام گھڻو ڪندو رھندو آھي ۽ جو شخص نماز نٿو پڙھي تنھن کي سزا ڏيندو آھي. ٻين سڀني نيڪ بخت ۽ ايماندار بادشاھن جي مقابلي ۾ جيڪي بھ ڳالھيون مان ھن بادشاھھ جي باري ۾ بيان ڪندس سي بلڪل عجيب ۽ سمجھھ کان ٻاھر آھن، پر مان خدا تعاليٰ، ان جي رسول ۽ ملائڪن کي شاھد ڪري ٿو چوان تھ جيڪي ڪجھھ بھ سندس سخاوت ۽ ڪرم بابت لکندس، سو حرف بھ حرف صحيح ھوندو. ھيءُ پڻ  لکڻ ضروري ٿو سمجھان تھ جيڪي مون لکيو آھي سو  ڪيترن ئي ماڻھن کي سمجھھ ۾ نٿو اچي ۽ ھو ان کي(1) مبالغو ڪري ٿا سمجھن، پر جيڪي بھ مون بيان ڪيو آھي، سو بلڪل منھنجي اکين جي اڳيان ٿي گذريو آھي ۽ ھر طرح سان ان جي صحيح ھجڻ جي پڪ ڪئي اٿم.

شاھي محل جا دروازا ۽ ديوان خانو

شاھي محل، جيڪو دھلي ۾ آھي، ان کي دارالسرا چوندا آھن، ھن محل م اندر وڃن لاءِ ڪيترن ئي دروازن مان لنگھڻو ٿو پوي. پھرئين دروازي تي پھريدار سپاھي موجود رھندا آھن. تنھن کان سواءِ نفيرين، نقارن ۽ شرناين وارا بھ انھي دروازي تي ويٺا ھوندا آھن، جنھن وقت ڪو امير يا وڏو ماڻھو ايندو آھي تھ ھو نقارا ۽ نفيريون وجائڻ شروع ڪندا آھن. ھو وڄائڻ ۾ اھو پڻ آواز ڪڍندا آھن تھ فلاڻو يا فلاڻو شخص آيو آھي. اھڙي طرح ٻئي ۽ ٽئي دروازي تي پڻ ائين ٿيندو آھي. پھرئين دروازي جي ٻاھران ھڪ چبوترو ٺھيل آھي، جنھن تي جلاد ويٺا ھوندا آھن، جڏھن بادشاھھ ڪنھن کي مارڻ جو حڪم ڏيندو آھي، تڏھن ان کي ”محل ھزار ستون“ (ھزار ٿنڀن واري محل) جي سامھون ماريو ويندو آھي ۽ ان جو سر ٽن ڏينھن تائين پھرئين دروازي جي ٻاھران لٽڪندو رھندو آھي.

پھرئين ۽ ٻئي دروازي جي وچ ۾ ھڪ دھليز (ڏيڍي) آھي، جنھن جي ٻنھي طرفن چبوترا ٺھيل آھن، جن ۾ نوبت  ۽ نقارن وارا ويٺا ھوندا آھن، ۽ ٻئي دروازي تي ان دورازي جا پھريدار ھوندا آھن. ٻئي ۽ ٽئي دروازي جي وچ تي وري ھڪ وڏو چبوترو ٺھيل آھي جنھن تي نقيب النقبا ويٺو ھوندو آھي. ان کي ھڪ چمڪندڙ سونيءَ زريءَ لڳل ڪلاه جنھن جي مٿان مور جا کنڀ لڳل ھوندا آھن، پھريل ھوندو آھي، ٻين نقيبن جي چيلھھ ۾ ھڪ چمڪندڙ پٽو ٻڌل، مٿي تي سون جو پٽ لڳل شاشيو(ٽوپ جو قسم) ۽ ھٿ ۾ چانديءَ يا سون جي مٺئي سان چھبڪ ھوندو اٿن.

        ٻئي دروازي سان لڳ ھڪ وڏو ديوان خانو ٺھيل آھي، جنھن ۾ عام ماڻھو ويٺا ھوندا آھن، ٽئين دروازي تي وري منشي ويٺا ھوندا آھن، جن وٽ ھڪ ڪتاب رکيل ھوندو آھي ۽ ھنن جو ڪم آھي تھ ڪنھن بھ مانھو کي ، سندس نالو انھي ڪتاب ۾ درج ڪرڻ کان سواءِ ، اندر نھ ڇڏين. ھر ھڪ امير جي ساٿين جي الڳ الڳ داخلا ڪئي ويندي آھي ۽منشي پنھنجي روزنامچي ۾ لکلندا ويندا آھن تھ فلاڻي امير سان گڏ ھيترا ماڻھو فلاڻي وقت آيا ، بادشاھھ اھو روزنامچو عشا جي نماز کانپوءِ ڏسندو  ھو. ان روزنامچي ۾ دروازن تي جيڪي وھيو واپريو، تنھن جو مفصل احوال لکيو ويندو ھو، بادشاھھ جي پٽن مان ھڪ جو اھو فرض ھوندو ھو تھ اھو روزنامچو بادشاھھ جي سامھون پڙھڻ لاءِ پيش ڪري.

        ھيءُ بھ دستور ھوندو ھو تھ ڪو بھ امير ٽن ڏينھن يا وڌيڪ عرصي تائين ڪنھن سبب جي ڪري يا بنان ڪنھن سبب جي غير حاضر رھندو ھو، تھ وري بادشاھھ جي خاص اجازت نئين طرح حاصل ڪرڻ  کان سواءِ دروازي جي اندر وڃي نھ سگھندو ھو. جيڪڏھن اھوامير بيماري يا ٻئي ڪنھن خاص سبب ڪري اچي نھ سگھندو ھو، تھ ھو جنھن ڏينھن بھ ايندو ھو تھ پنھنجي حيثيت مطابق ڪجھھ نھ ڪجھھ تحفو ضرور پاڻ سان آڻي بادشاھھ جي اڳيان پيش ڪندو ھو، اھڙي طرح سان اھو بھ دستور ھوندو ھو تھ ڪو بھ شخص پھريون دفعو جڏھن بادشاھھ جي سلامي لاءِ ايندو ھو تھ بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ تحفي طور ضرور پيش ڪندو ھو. جيڪڏھن مولوي ھوندو ھو تھ قرآن شريف يا ٻيو ڪو ڪتاب ، فقير تھ تسبيح يامصلو يا ڏندڻ، امير وري گروڙا يا اٺ يا ھٿيار، مطلب تھ حيثيت آھر سڀئي نذرانا پيش ڪندا ھئا.

        ھن ٽئين دروازي جي اندرئين پاسي ھڪ وڏو ميدان آھي، جنھن ۾ ھڪ ديوان خانو ٺھيل آھي، ان ديوان خاني جو نالو ھزار ستون آھي، ڇو تھ ان جي ڇت جيڪا سڄي ڪاٺ جي آھي، سا ڪاٺ جي ھڪ ھزار ٿنڀن تي بيٺل آھي. انھن ٿنڀن ۽ ڇت تي روغن ڪيل آھي ۽ طرح طرح جا نظارا ۽ چٽ انھن تي چٽيل آھن. سڀ ماڻھو ھن جي ھيٺان اچي ۽ چٽ انھن تي چٽيل آھن، سڀ ماڻھو ھن جي ھيٺان اچي ويھندا آھن ۽ عام جلسي وقت بادشاھھ بھ اچي اتي ويھندو آھي.

 

بادشاھھ جو مجلس عام ۾ ويھڻ جو طريقو

 

گھڻو ڪري ھيءَ مجلس عصر جي نماز کان پوءِ ٿيندي آھي، پر ڪڏھن ڏينھن جي پھرئين وقت ۾ پڻ ٿيندي آھي. بادشاھھ جي ويھڻ جي جاءِ خاص مقرر ٿيل آھي، جيڪا ڪجھھ بلندي تي ٺھيل آھي ۽ ان تي عمدي قسم جو غاليچو وڇايل ھوندو آھي. بادشاھھ جي پٺيان ھڪ وڏو طول ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٻھ ننڍا طول ھوندا آھن، اھا بيٺڪ اھڙي ھوندي آھي، جھڙو ڪو مانھو قعد جي حالت ۾ ويھندو آھي ۽ گھڻو ڪري ھندستان ۾ اھڙي ئي بيٺڪ استعمال ڪئي ويندي آھي.

جڏھن بادشاھھ ويھي رھندو آھي تڏھن سندس سامھون وزير اچي بيھندو آھي ۽ڪاتب وري وزير جي پيٺيان ھوندا آھن. انھن جي پٺيان وري حاجب ۽ نائب حاجب ھوندا آھن، اڄ ڪلھھ حاجبن جو سردار بادشاھھ جو سوٽ ملڪ فيروز آھي، ان جي پٺيان سندس نائب ھوندو آھي، ان کان پوءِ خاص حاجب ، تنھن کان پوءِ نائب، خاص حاجب ڪليدار ۽ ان جو نائب شريف الحجاب، سيد الحجاب ۽ انھن سڀني کان پوءِ نقيب، جيڪي تعداد ۾ ھڪ سئو ھوندا آھن، بيھي ويندا آھن، جنھن وقت بادشاھھ ويھي رھندو آھي، تنھن وقت نقيب بسم الله چوندا آھن. باڊشاھھ ويھي رھندو آھي تھ پٺيان ملڪ قبولو بيھندو آھي، جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ مورڇل ھوندو آھي، جنھن سان ھو مکيون ھڪليندو آھي.

        بادشاھھ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ھڪ ھڪ سئو مسلح سپاھي ھٿن ۾ڍالون، تلوارن ۽ تير ڪمان جھليو بيٺا ھوندا آھن، ديوان خاني جي ويڪر ۾ کاٻي ۽ ساڄي طرف قاضي القضات، ان کانپوءِ خطيب الخطباءَ پوءِ  ٻيا وڏا وڏا فقيھھ، پوءِ سيد، پوءِ ٻيا مشائخ، پوءِ بادشاھھ جا ڀائر ۽ ناٺي، انھن کان پوءِ وڏا وڏا امير، پوءِ پرديسي ۽ ڌارين ملڪن جا سفير ۽ پوءِ فوج جا آفيسر بيھي ويندا آھن. ان کان پوءِ سٺ گھوڙا زينن ۽ لغامن سميت ايندا آھن. ڪن جا لغام ۽ پٽا ڪاري پشم جا تھ ڪن جا سفيد ريشم جا ھوندا آھن. انھن تي بادشاھھ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ سواري نھ ڪندو آھي. اھي گھوڙا اڌ ساڄي ۽ اڌ کابي طرف اھڙي طرح بيھاريا ويندا آھن،  جو جيئن انھن سڀني تي بادشاھھ جي نظر پئجي سگھي.

ان بعد پنجاھ ھاٿي ايندا آھن، جن تي سونيءَ زري سان ريشم جا ڪپڙا پيل ھوندا آھن، انھن جي ڏندن تي لوھي پٽ چڙھيل ھوندا آھن گھڻو ڪري ھنن ھاٿين کان ڏوھھ دار (مجرم) مانھن کي مارڻ جو  ڪم ورتو ويندو آھي. ھر ھڪ ھاٿي جي مٿان فيلبان ھوندو آھي، جنھن جي ھٿ ۾ لوھھ مان ٺھيل تبرزين نالي اوزار ھوندو آھي، جنھن سان ھو ھاٿي کي ھڪليندا آھن. انھن ھاٿين جي مٿان ھڪ ڍڪ سان پيتي ٻڌل ھوندي آھي، جنھن ۾ ويھھ يا انھن کان ڪجھھ  گھٽ وڌ ھاٿي جي ويڪر آھر، جنگي سپاھي ويھي سگھندا آھن. ھي ھاٿي اھڙا تھ سيکاريل آھن، جو جنھن وقت حاجب بسم الله چوندو آھي، تنھن وقت ھو سر جھڪائي سلام ڪندا آھن. ھي ھاٿي بھ اڌ ھڪ طرف ۽ اڌ ٻئي طرف قطار ۾ بيھاريا ويندا آھن.

        ھر ھڪ شخص پھريائين بادشاھھ وٽ اچي، سلام ڪري، پوءِ وڃي پنھنجي مقرر جڳھھ تي بيھي رھندو آھي. جڏھن ڪو ھندو سلامي تي ايندو آھي تھ حاجب ۽ نقيب بسم الله چوڻ جي بدران ھداڪ الله (خدا توکي ھدايت ڏئي) چوندا آھن بادشاھھ جا غلام ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي، ماڻھن جي پٺيان اھڙي طرح بيٺا ھوندا آھن، جو ڪو بھ ماڻھو ھنن وٽان لنگھي اندر وڃي ڪين سگھندوآھي، بلڪ جيڪو بھ شخص ايندو آھي، سو نقيبن ۽ حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تان لنگھي پوءِ اندر ايندو آھي.

 

فصل ٻيو

ٻاھرين ملڪن جي مسافرن جي نذراني رکڻ جو طريقو

 

جيڪڏھن ڪو ٻاھرئين ملڪ جو ماڻھو بادشاھھ جي سلاميءَ لاءِ ايندو آھي تھ پھريائين دروازي تي اطلاع ڪندو آھي، پوءِ سڀ کان اڳ ۾ امير صاھب ، انھي جي پٺيان ان جو نائب پوءِ سيد الحجاب، شرف الحجاب  ھڪ ٻئي جي پٺيان ھلندا اچي بادشاھھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا آھن  ۽ ٽي دفعا جھڪي سلام ڪري، عرض ڪندا آھن ، جيئن بادشاھھ جي انھن تي نظر پئجي سگھي. پوءِ حڪم ٿيندو آھي تھ تحفا آڻيندڙ کي گھرايو وڃي. پوءِ اھو شخص بادشاھھ جي ويجھو پھچڻ کان اڳ ئي ٽي دفعا اتي ئي جھڪي سلام ڪندو آھي، پوءِ اتان ھلي، حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تي پھچي وري بھ اھڙي طرح سلام ڪري ، با ادب بيھي رھندو آھي.

        جيڪڏھن ڪو وڏو ماڻھو ھوندو آھي تھ مير حاجب واري صف ۾ اچي بيھندو آھي، نھ تھ ان جي پٺيان ئي بيھندو آھي. بادشاھھ ھن سان تمام نرمائي ۽ گھڻي مھرباني سان گفتگو ڪندو آھي ۽ سندس مرحبا ڪندو آھي، جيڪڏھن وڏي عزت جو لائق ھوندو آھي تھ بادشاھھ ساڻس ھٿ ملائيندو آھي يا ڀاڪر پائي ساڻس ملندو آھي ۽ ھن جي نذراني رکيل شين مان ڪي گھرائي ڏسندو آھي، جيڪڏھن ڪو ڪپڙو يا ھٿيار ھوندو آھي تھ ان کي ڦيرائي گھيرائي ڏسندو آھي ۽ ان ماڻھو جي دل وٺن لاءِ ان شيءَ جي تعريف ڪندو آھي، پوءِ ھن کي مناسب خلعت ڏني ويندي آھي ۽ ان بعد سندس لياقت آھر کيس دستور موجب مٿي ڌوڻارڻ جي رقم جو حڪم ڏنو ويندو آھي.

 

سرڪاري ماڻھن جي نذراني پيش ڪرڻ جو طريقو

جڏھن سرڪاري ماڻھو نذرانو پيش ڪندا آھن  يا ڪنھن ملڪ جي ڍل آڻيندا آھن تھ ڪي سون جا برتن جھڙوڪ تشتريون يا ڪونئرا يا اھڙي قسم جون ٻيون شيون ۽ سون جون سرون، جن کي خشت بھ ڪري چوندا آھن، ٺھرائي کڻي ايندا آھن. فراش جيڪي بادشاھھ جا غلام ھوندا آھن، انھن مان ھڪ ھڪ شي يا سر ھٿ ۾ کڻي، بادشاھھ جي سامھون اچي بيھندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھاٿي نذراني لاءِ آڻيندا آھن، تھ اھو ھاٿي بھ اتي پيش ٿيندو آھي، ان کان پوءِ ساز ۽ سامان سان گھوڙا، خچر ۽ اٺ جن تي مال متاع لڏيل ھوندو آھي، پيش ڪيا ويندا آھن. جڏھن بادشاھھ دولت آباد مان موٽي آيو ھو، تڏھن وزير خواجھ جھان شھر بيانه مان ٻاھر نڪري ، اھري ترتيب سان پيش ڪيو ھو جھڙي طرح ھينئر مٿي بيان ڪيو اٿم. انھي نذراني ۾ ھن ھڪ ٿالھي ياقوتن جي ھڪ ٿالھي زمردن جي ۽ ھڪ ٿالھي موتين سان ڀريل پيش ڪيون ھيون، ان موقعي تي عراق جي بادشاھھ سلطان ابو سيده جي سوٽ حاجي ڪائون بھ موجود ھو. بادشاھھ ان نذراني جو ڳچ حصو ھن کي بخشي ڇڏيو ھو، جنھن جو بيان اڳتي ڪنھن موقعي تي ڪندس.

عيد نماز لاءِ جلوس ڪڍڻ جي رسم

عيد واري رات بادشاھھ پنھنجي طرفان اميرن، وزيرن مصاحبن ، مسافرن ، منشين، حاجبن ، نقيبن، آفيسرن ، غلامن ۽ اخبار نويسن ڏانھن سندن مرتبي آھر ھڪ ھڪ خلعت موڪليندو آھي. جڏھن صبح ٿيندو آھي تڏھن ھاٿي سينگاريا ويندا آھن، جن تي سون ۽ ھيرا جواھر لڳل ريشمي جھاڀا ۽ جھولڻا وڌا ويندا آھن، انھن مان ھڪ سئو ھاٿي خاص بادشاھھ جي سواري  جا ھوندا آھن انھن سڀني تي ھيرن ۽ جواھرن سان جڙيل ريشمي ڇٽ لڳل ھوندا آھن. ھر ھڪ ڇٽ جي وچين ڏنڊي خاص سون جي ھوندي آھي.

        ھر ھڪ ھاٿي تي ھڪ جواھرات سان جڙيل ريشمي گدي رکي ويندي آھي. ھڪ ھاٿيءَ تي بادشاھ سواري ڪندو آھي. سندس اڳيان ھڪ سينگاريل زين، جنھن تي بھ ھيرا ۽ جواھر مڙھيا ويندا آھن، ھوندي آھي، جنھن تي ھڪ چنڊ تاري وارو پرچم لھرايو ويندو آھي. بادشاھھ جي ھاٿيءَ جي اڳيان، غلام ۽ ٻيا نوڪر چاڪر پيرن پيادا ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ کي مٿي تي ٽوپ ۽ سوني زرعي لڳل ڪمر پٽا، جن مان ڪن تي جواھرات بھ لڳل ھوندا آھن. پھريل ھوندا آھن. بادشاھھ جي اڳيان ٽي سئو کن جي تعداد ۾ نقيب پڻ ھوندا آھن، جن جي مٿي تي مخملي ڪلاه، سون لڳل ڪمر پٽا ۽ ھٿن ۾ سوني مٺئي سان چھبڪ ھوندا آھن. صدر جھان قاضي القضات ڪمال الدين غزنوي ، صدر جھان قاضي القضات ناصر الدين خوارزمي ۽ ٻيا سڀ قاضي ، ۽ بلند مرتبي جا غير ملڪي ماڻھو جيئن تھ عراقي، خراسائي ، شامي، ۽ ٻيا سڀ قاضي ۽ بلند مرتبي جا غير ملڪي ماڻھو  جيئن تھ عراقي، خراساني، شامي، مصري، مغربي وغيره سڀ ھاٿين تي سوار ٿيندا آھن.

        ھت سڀني غير ملڪي ماڻھن کي گھڻو ڪري خراساني ڪري سڏيندا آھن موذن پڻ ھاٿين تي چڙھندا آھن ۽  تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن، بادشاھھ جي سواري مٿئين نموني سان شاھي محل جي دروازي مان ٻاھر ايندي آھي، لشڪر ٻاھر منتظر بيٺو  ھوندو آھي ۽ ھر ھڪ امير پنھنجو لشڪر وٺي الڳ الڳ بيٺو ھوندو آھي. ھر ھڪ لشڪر وٽ پنھنجي پنھنجي بئنڊ (نغارن ۽ شرناين سان) ھوندي آھي. سڀ کان پھريائين بادشاھھ جي سواري اڳتي وڌندي آھي. بادشاھھ جي اڳيان اھي ئي ماڻھو ھوندا آھن جن جو مٿي بيان ڪيو اٿم، ۽ قاضي موذن تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن. بادشاھھ جي پٺيان وري بئنڊ باجي وارا ھوندا آھن ۽ انھن جي پٺيان سندس خدمتگار ھلندا آھن. پوءِ بادساھھ جي ڀاءُ مبارڪ خان جي سواري، سندس لشڪر ۽ بئنڊ باجي وارن سميت، اھڙيءَ طرح سان ان کان پوءِ بادشاھھ جي ڀائٽئي بھرام خان جي سواري، ان کان پوءِ بادشاھھ جي سوٽ ملڪ فيروز جي سواري، پوءِ وزير جي سواري، پوءِ ملڪ مجير بن ذرالرجا جي سواري، ۽ پوءِ ملڪ قبولھ جي سواري.

        ھي امير (ملڪ قبولھ) بادشاھھ جو تمام گھڻو پيارو ۽ دادلو آھي ۽ بادشاھھ تي گھڻي حجت رکندو آھي ۽ تمام وڏو دولتمند پڻ آھي. سندس ديوان، ماڪ علاءُ الدين مصري، جيڪو ابن سرشي جي نالي سان مشھور آھي، مون سان ڳالھيون ڪندو ھو تھ رڳو سندس لشڪر ۽ نوڪرن چاڪرن جو ساليانو خرچ ڇٽيھھ لک رپيا اچي ويندو آھي. ان کان پوءِ ملڪ لڪبھ جي سواري، پوءِ ملڪ بغرا جي سواري، پوءِ ملڪ مخلص جي ساوري، پوءِ قطب الملڪ جي سواري، جن مان ھر ھڪ سان گڏ سندن لشڪر ۽ بئنڊ باجا وڄائيندڙ ھوندا آھن. ھي ماڻھو، جن جي سواريءَ جو مون بيان ڪيو آھي، سي وڏا امير ليکيا ويندا آھن ۽ ھميشھ بادشاھھ جي خدمت ۾ رھندا آھن. عيد جي ڏينھن ھو سڀ بادشاھھ سان گڏ بئنڊ باجن سميت گڏجي ويندا آھن، ۽ باقي ٻيا امير ائين ئي بنان ڪنھن بئنڊ باجي ۽ لشڪر جي، گڏجي ويندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي درجي ۾ گھٽ ھوندا آھن. عيد جي ڏينھن ھر ھڪ شخص پنھنجي گھوڙي تي زره پوش سوار ٿي، جلوس ۾ شامل ٿيندو آھي.

        جڏھن بادشاھھ عيد گاھھ جي دروازي تي پھچندو آھي، تڏھن اتي ترسي، حڪم ڪندو آھي تھ قاضي، مؤذن، وڏا وڏا امير ۽ وڏي مرتبي وارا غير ملڪي ماڻھو پھريائين اندر داخل ٿين. تنھن کان پوءِ بادشاھھ لھي اندر ويندو آھي. پوءِ امام نماز شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ خطبو پڙھندو آھي. جيڪڏھن بقر عيد ھوندي آھي تھ ھڪ اٺ آڻيندا آھن، جنھن کي بادشاھھ رمح سان، جنھن کي نيزو ڪري چوندا آھن، نحر (قرباني) ڪندو آھي. ھن قرباني ڪرڻ کان اڳ بادشاھھ پنھنجي ڪپڙن جي مٿان ھڪ ريشمي ڪپڙو ڍڪيندو آھي، جيئن رت لڳڻ ڪري ڪپڙا خراب نھ ٿين. ھن قربانيءَ  کان پوءِ ھو ھاٿيءَ تي سوار ٿي محل ڏانھن واپس ايندو آھي.

 

عيد جي مجلس ۽ تخت وغيره جو بيان

        عيد جي ڏينھن سڄي ديوان خاني ۾ گلم ۽ غاليچا وڇائي، ان کي طرح طرح جي نمونن سان سينگاريو ويندو آھي. ۽ ديوان خاني جي ڪشادي اڱڻ ۾ بارڪة (بارگاه)(1) لڳائي ويندي آھي. اھا بارڪ اصل ۾ ھڪ وڏو تنبو ٿيندو آھي، جنھن کي تمام مضبوط ٿنڀن تي بيھاريو ويندو آھي ۽ ان جي چئني طرفن کان ننڍا ننڍا تنبو لڳايا ويندا آھن. ازانسواءِ اتي ريشم مان تيار ڪيل ننڍڙا وڻ پڻ لڳايا ويندا آھن، جن ۾ رنگا رنگي ريشمي ننڍڙا گل ھوندا آھن. سڄي ديوان خاني ۾ انھن وڻن جون ٽي قطارون لڳاويون وينديون آھن. ٻن ٻن وڻن جي وچ تي ھڪ سون جي ڪرسي رکيل ھوندي آھي، جنھن جي مٿان رومال سان ڍڪيل ھڪ گدي رکي ويندي آھي. ديوان خاني جي وچ تي وري ھڪ وڏو تخت رکيو ويندو آھي.

        ھيءُ تخت خاص سون جو ٺھيل آھي، جنھن ۾ جواھرات لڳل ھوندا آھن. ان جي ڊيگھھ ٣٢ ھٿ ۽ ويڪر ان جي اڌ جيتري. ان جا ٽڪرا الڳ الڳ ھوندا آھن. جڏھن ان کي ديوان خاني ۾ لڳائڻو ھوندو آھي، تڏھن جدا جدا ٽڪرا ڳنڍي اھو تخت ٺاھيو ويندو آھي. انھن ٽڪرن کي ڪيترائي ماڻھو کڻندا آھن. ان جي مٿان وري ھڪ ڪرسي رکي ويندي آھي، جنھن جي مٿان ڇٽ ھوندو آھي. بادشاه جڏھن تخت تي ويھندو آھي، تڏھن نقيب ۽ حاجب بسم الله چوندا آھن. پوءِ ھڪ ھڪ ماڻھو سلام لاءِ اڳتي وڌندو رھندو آھي. سڀ کان پھريائين قاضي، خطيب، عالم، سيد، مشائخ ۽ بادشاه جا عزيز قريب اڳتي وڌندا آھن. انھن کان پوءِ غير ملڪي ماڻھو، پوءِ وزير، پوءِ فوج جا وڏا وڏا آفيسر، پوءِ جھونا جھونا غلام ۽ پوءِ فوج جا سردار وغيره وڌندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان (واري واري سان ايندي،) ھر ھڪ ماڻھو سھوليت سان سلام ڪري واپس اچي پنھنجي جاءِ وٺندو آھي.

        ھيءُ بھ دستور آھي تھ عيد جي ڏينھن، اھي ماڻھو جن کي جاگيرون ۽ ڳوٺ وغيره مليل آھن، سي ڪجھھ اشرفيون ھڪ رومال ۾ ٻڌي، جنھن تي پيش ڪرڻ واري جو نالو لکيل ھوندو آھي، سون جي وڏن ٿالھن ۾، جيڪي انھيءَ مطلب لاءِ ٺھرايا ويا آھن، وجھندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان تمام گھڻو مال گڏ ٿي ويندو آھي، جنھن مان بادشاه جنھن کي چاھي، تنھن کي انعام ڏيندو ويندو آھي. جڏھن سلام ختم ٿيندو آھي، تڏھن کاڌو آڻيندا آھن.

        عيد جي ڏينھن، برج جي شڪل جھڙي، خالص سون مان ٺھيل ھڪ وڏي چلھھ آڻي رکندا آھن. ان جا ٻھ الڳ الڳ ٽڪرا ھوندا آھن، جيڪي ٻاھران آڻي، انھن کي ڳنڍي، اھا ٺاھي رکندا آھن. ان ۾ ٽي عدد خانا ٿيندا آھن، جن ۾ فراش (غلام) اندر وڃي، عود، الائچي ۽ مشڪ عنبر جلائي ڇڏيندا آھن. انھن جي خوشبوء سان سڄو ديوان خانو واسجي ويندو آھي. غلامن جي ھٿن ۾ وري گلابدانيون ھونديون آھن، جن مان ھو حاضرين مجلس تي گلاب ۽ ٻين گلن جا عرق ڇڙڪائيندا رھندا آھن. ھيءُ وڏو تخت ۽ چلھھ (مجنرة العظميٰ) فقط عيد جي ڏينھن ئي ٻاھر ڪڍيا ويندا آھن.

        عيد کان پوءِ بادشاھھ ھڪ ٻئي تخت تي ويھندو آھي، جو پڻ سون مان ٺھيل ھوندو آھي. اھا مجلس بارگاه ۾ ٿيندي آھي. بارگاه جا ٽي دروازا ٿيندا آھن، جن جي اندر بادشاه ويھندو آھي. پھرئين دروازي تي سرتير عماد الملڪ، ٻئي دروازي تي ملڪ نڪبھ ۽ ٽئين دروازي تي يوسف بغرا بيھندا آھن. بادشاه جي ساڄي ۽ کاٻي طرف وري ٻيا امير بيٺا ھوندا آھن. بارگاه جو ڪوٽوال ملڪ طعني آھي، جنھن جي ھٿ ۾ سون جو لڪڻ ۽ ان جي نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. ھي ٻيئي دربارين کي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويھاريندا ۽ سندن صفون سڌيون ڪندا رھندا آھن. وزير ۽ ڪاتب انھن جي پٺيان بيٺا ھوندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان ھاجب ۽ نقيب بھ پنھنجي مقرر جاين تي ھوندا آھن.

        ان کان پوءِ راڳ ۽ ناچ وارا ايندا آھن. سڀ کان اول ھندو راجائن جون ڌيون، جيڪي لڙائيءَ يا جنگ کان پوءِ قيد ڪري آنديون وينديون آھن، اچي ننديون ۽ راڳ ڳائينديون آھن. انھن کي بادشاه پنھنجي ويجھن عزيزن، ناٺين ۽ شھزادن ۾ اتي ئي ورھائي ڇڏيندو آھي. ھيءَ مجلس عصر جي وقت کان پوءِ ٿيندي آھي. عيد جي ٽئين ڏينھن، بادشاه جي عزيزن خويشن جا نڪاح وغيره ٿيندا آھن ۽ کين جاگيرون انعام ۾ ملنديون اھن. چوٿين ڏينھن غلامن کي آزاد ڪيو ويندو آھي، پنجين ڏينھن ٻانھيون آزاد ڪيون وينديون آھن. ڇھين ڏينھن ٻانھن ۽ ٻانھين جون شاديون ۽ نڪاح ٿيندا آھن ۽ ستين ڏينھن عام طرح سان خير خيرات ڪئي ويندي آھي.

 

فصل ٽيون

بادشاه جي سفر تان واپسيءَ جو جلوس

        بادشاه جڏھن سفر تان واپس ايندو آھي، تڏھن ھاٿين کي سينگاريو ويندو آھي ۽ سورنھن ھاٿين تي سورنھن زريءَ ۽ جواھرات سان جڙيل ڇٽ لڳايا ويندا آھن، ۽ غلام سندس اڳيان جواھر ۽ موتين سان جڙيل ڪپڙو کڻي ھلندا آھن. ازانسواءِ ڪاٺ جا ڪيترين ئي منزلن جا برج ٺاھيندا آھن، جن کي ريشمي ڪپڙا ويڙھي ڇڏيندا آھن، جن ۾ ھرھڪ منزل تي ٻانھيون Slave girls ھار سينگار ڪري، موجود رھنديون آھن. ھر ھڪ برج جي وچ ۾ ھڪ چمڙي جو حوض ٺھيل ھوندو آھي، جنھن ۾ ٿڌو شربت ڀريل ھوندو آھي. ھي غلام زاديون ھرھڪ ماڻھوءَ، شھري توڙي پرديسي مسافر، کي انھيءَ حوض مان پاڻي پيارينديون رھنديون آھن، جڏھن اھي پاڻي پي بس ڪندا آھن، تڏھن انھن کي يڪدم پان ۽ سوپاريون کائڻ لاءِ ڏينديون آھن.

        شھر کان شاھي محل تائين رستي جي ٻنھي طرفن ديوارين کي ريشمي ڪپڙن سان سينگاري ڇڏيندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح انھيءَ رستي تي بھ ريشمي ڪپڙي جو فرش وڇايو ويندو آھي، جنھن تان بادشاه جو گھوڙو ھلندو آھي. بادشاه جي اڳيان ھزارين غلام ھلندا آھن ۽ پٺيان فوج ھلندي ايندي آھي. ڪن وقتن تي مون اھو بھ ڏٺو آھي تھ ھاٿين تي ٽي يا چار ننڍيون منجنيقون چاڙھي ڇڏيندا آھن، جن جي وسيلي دينار ۽ درھم ماڻھن ڏانھن اڇلائيندا رھندا آھن. اھا دينارن ۽ درھمن جي ورکا (وس) شھر جي دروازي کان شاھي محل تائين جاري رھندي آھي.

 

بادشاه جو خاص دسترخوان

        بادشاه جي محل ۾ ٻن قسمن جا دسترخوان ٿيندا آھن، ھڪ خاص ٻيو عام. خاص اھو آھي، جنھن مان بادشاه خود نوش فرمائيندو آھي ۽ جنھن ۾ رڳو خاص خاص امير، بادشاه جو سوٽ فيروز، عمادالملڪ سر تيز ۽ مير مجلس يا غير ملڪي ماڻھن مان ڪو جنھن تي بادشاه کي خاص نوازش ڪرڻ منظور ھوندي آھي، شرڪت ڪندا آھن. ڪنھن وقت، جيڪڏھن بادشاه کي حاضرين مجلس مان ڪنھن تي خاص مھرباني ڪرڻي ھوندي آھي، تھ پاڻ ھڪ پليٽ کڻي، ان تي ھڪ ماني رکي، پنھنجي ھٿن سان ان شخص کي ڏيندو آھي. اھو شخص وري اِھا پليٽ کاٻي ھٿ سان وٺي، ساڄي ھٿ سان ڊگھو سلام ڪندو آھي.

        ڪڏھين انھيءَ خاص دسترخوان مان ڪنھن غير حاضر شخص لاءِ پڻ کاڌو موڪليو ويندو آھي، تھ ھو بھ اھڙي طريقي سان اھو کاٻي ھٿ ۾ وٺي ساڄي سان سلام ڪندو آھي، جيئن حاضر ماڻھو ڪندا آھن، ۽ پوءِ جيڪي بھ ٻيا ماڻھو اتي موجود ھوندا آھن انھن سان گڏجي اھو کاڌو کائيندو آھي. مان پاڻ بھ انھيءَ خاص دسترخوان ۾ ڪيترائي ڀيرا شريڪ ٿيو آھيان. ھن خاص دسترخوان ۾ ڏھاڪو کن ماڻھو شامل ٿيندا آھن.

 

بادشاه جو عام دسترخوان

        ھن دسترخوان جو کاڌو شاھي باورچي خاني مان اندو ويندو آھي. ان جي اڳيان نقيب ھلندا آھن جيڪي بسم الله چوندا آھن ۽ انھن سڀني جي اڳيان وري نقيب النقباءِ ھوندو آھي، جنھن جي ھٿ ۾ سونو لڪڻ ۽ سندس نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. جڏھن اھي چوٿين دروازي تائين ايندا آھن تڏھن جيڪي بھ ماڻھو اتي حاضر ھوندا آھن سي سندن آواز ٻڌي، اٿي بيھندا آھن. رڳو بادشاه ويٺو ھوندو آھي. باقي ٻيا سڀ اٿندا آھن. پوءِ کاڌو زمين تي رکي، سڀ نقيب قطار ٻڌي، ھڪ طرف بيھي ويندا آھن. بادشاه جي تعريف سندن سردار ڪندو آھي ۽ ھيٺ نمي زمين چمندو آھي. اھڙيءَ طرح سڀ نقيب ۽ سڀ حاضرين نمي زمين چمندا آھن.

        اھو بھ دستور آھي تھ ھن موقعي تي جيئن ئي نقيب جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، تيئن جيڪو ماڻھو ھلندڙ ھوندو آھي سو اتي جو اتي بيھي ويندو آھي ۽ جيڪو بيٺل ھوندو آھي سو اتي ئي ڄمي ويندو آھي. نقيب ۽ سندس نائب جي تعريف ختم ٿيڻ کان اڳ ڪوبھ شخص نھ ئي چري پري سگھندو آھي نھ وري ڪو آواز وات مان ڪڍي سگھندو آھي. پوءِ سڀ ويھي ويندا آھن ۽ سڀ بادشاه جي اڳيان نمي زمين چمندا آھن. منشي وري سڀني حاضرين جا نالا لکي ڇڏيندو آھي. نالا سڀني جا لکيا ويندا، توڙي بادشاه کي انھن ماڻھن جي ھجڻ جي خبر بھ ھجي. پوءِ باشاه جي ڇوڪرن مان ھڪ، اھا نالن جي لسٽ بادشاده وٽ کڻي ويندو آھي، جنھن کي ڏسي بادشاه حڪم ڏيندو آھي تھ اڄ فلاڻو امير ماني کارائي.

        سندن کاڌي ۾ ڪڻڪ جون مانيون، ڀڳل گوشت، چانور، مرغ ۽ سنبوسا وغيره ھوندا آھن، جن جو مان اڳئي تفصيل سان بيان ڪري آيو آھيان. دسترخوان جي وچ تي قاضي، خطيب، فقيھ، سيد ۽ مشائخ ھوندا آھن. انھن کان پوءِ بادشاه جا عزيز ۽ وڏا وڏا امير حيثيت آھر ويھندا آھن. ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ويھڻ جي جاءِ مقرر ھوندي آھي، جيڪا کيس معلوم ھوندي آھي، ۽ ان ۾ڪنھن بھ قسم جي تڪليف ڪانھ ٿيندي آھي. جڏھن سڀ ماڻھو ويھي ويندا آھن تڏھن شربتدار ايندا آھن، جن جي ھٿن ۾ سون، چاندي، ٽامي ۽ شيشي جا پيالا شربت سان ڀريل ھوندا آھن. جڏھن سڀ شربت پي بس ڪندا آھن، تڏھن حاجب بسم الله چوندا آھن. ان وقت سڀ کائڻ شروع ڪندا آھن.

        ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان قسم قسم جا طعام ۽ ھڪ وڏي پليٽ رکيل ھوندي آھي. ھڪ پليٽ ۾ ٻھ ماڻھو ڪڏھن بھ نھ کائيندا آھن، بلڪ سڀ الڳ الڳ کائيندا آھن. کاڌي کان پوءِ فقاع، قلعي جي پيالن ۾، آڻيندا آھن، جنھن کي حاجب جي بسم الله چوڻ تي پيئڻ شروع ڪندا آھن. ان کان پوءِ پان ۽ سوپاريءَ جون ٿالھيون آڻيندا آھن جن مان ھر ھڪ ماڻھوءَ کي مٺ کن سوپاريون ۽ پندرھن پان ريشمي ڌاڳي سان ويڙھيل ڏيندا ويندا آھن. پانن وغيره جي ورھاست ختم ٿيڻ تي حاجب وري بسم الله چوندا آھن، تھ يڪدم سڀ اٿي بيھي رھندا آھن. امير جيڪو کاڌو کارائڻ تي مقرر ڪيو ويندو آھي، سو نمي زمين چمندو آھي، ۽ پوءِ سڀ حاضرين بھ اھڙيءَ طرح زمين چمي، ھليا ويندا آھن. ھيءَ کاڌو ڏينھن ۾ ٻھ دفعا ٿيندو آھي، ھڪ ظھر جي وقت کان اڳ ۽ ٻيو عصر جي وقت کان پوءِ.


(1) مٿيون بيان ابن بطوط انھي لاءِ ڏنو آھي، جو مشرقي ملڪن ۾ جڏھن سندس سفر جي واقعن جون خبرون پھتيون، تڏھن ڪيترائي ماڻھو ان کي سچ نھ پيا سمجھن يا مبالغو پيا خيال ڪن؛ تن کي پڪ ڏيڻ لاءِ ھن ائين لکيو آھي، تھ خود ابن خلدون جيڪو سندس ھمعصر ھو تنھن کي پڻ سندس بيان ۾ شڪ محسوس ٿيو ھو، ڏسو ”مقدمھ ابن خلدون“- مترجم

(1) بارڪة: ”آئين اڪبري“ جي پھرئين جلد ۾ صفحي ٣٣ تي ھڪ بارڪ جي شڪل ڏيکاري ويئي آھي. ابوالفضل لکي ٿو تھ وڏي بارگاه جي ھيٺان اٽڪل ڏھھ ھزار کن ماڻھو ويھي سگھن ٿا ۽ ان کي ھڪ ھزار فراش (غلام) ستن ڏينھن جي عرصي ۾ کڙو ڪري سگھن ٿا. ساري بارگاه جي ٺاھڻ تي گھٽ ۾ گھٽ ڏھھ ھزار رپيا خرچ اچي ٿو، پر جيڪڏھن زري، زربفت ۽ مخمل جو ڪم ھجيس تھ ان کان گھڻو وڌيڪ خرچ اچيس ٿو. – مترجم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org