سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 17

پوءِ مان ان ٽڪريءَ تان لھي، ھڪ گاھھ واريءَ زمين ۾ داخل ٿيس، اتي ھيرڻ جا وڻ ھئا ۽ ويجھو ھڪ بائين(ٻانھين؟) ھئي. بائين ھڪ وڏي کوھھ کي چوندا آھن، جنھن ھيٺ لھڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل ھوندي آھي. ان ڏاڪڻ جا ڪي ڏاڪا پاڻيءَ جي اندر ٿيندا آھن. انھن جي چئني پاسن کان قبا، ڇتين وارا گھر ۽ ويھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. ھن ملڪ جا امير ماڻھو، اھڙي قسم جون جايون ۽ کوھھ ٺھرائڻ ۾ پنھنجو فخر سمجھندا آھن. ھي کوھھ گھڻو ڪري اھڙن ملڪن ۾ ھوندا آھن، جتي پاڻي ناياب ھوندو آھي.

        جڏھن مان پاڻيءَ تي پھتس، تڏھن مون پاڻي پيتو، اتي سرنھن جا پن ۽ ٽاريون پيون ھيون ۽ ائين ئي معلوم ٿيو ، ڄڻ اتي ڪنھن ويھي سرنھن ڌوتي آھي. مون انھن مان ڪجھھ کاڌو ۽ ڪجھھ پاڻ وٽ ٻڌي رکي ڇڏيم ۽ ھيرڻ جي وڻ ھيٺان وڃي سمھي رھيس، ايتري ۾ چاليھھ سوار اچي، انھي بائينءَ تي لٿا، جيڪي سڀ زره پوش ھئا، انھن مان ڪي تھ  پوک ڏانھن بھ آيا، پر خدا تعاليٰ ھنن کي انڌو ڪري ڇڏيو، جو ڪنھن بھ مون کي ڪو نھ ڏٺو، ان کان پوءِ ٻيا پنجاھھ ماڻھو بائين تي اچي لٿا، جن مان ھڪ تھ مون واري وڻ جي بلڪل سامھون اچي لٿو، پر ھن بھ مون کي ڪو نھ ڏٺو. مان گاھھ واري زمين ۾ گھڙي پيس ۽ شام تائين اتي لڪو رھيس.

        اھي ماڻھو بائين تي لٿا پيا ھئا ۽ ان ۾ گھڙي، ڪپڙا ڌوئندا ، وھنجندا، رانديون رونديون ڪندا رھيا. رات پوڻ تي ھنن جو آواز  اچڻ بند ٿي ويو، تنھن مان مون سمجھيو تھ ھو ھليا ويا  يا ننڊ ۾ پئجي ويا ھئا. ان وقت مان ٻاھر آيس ۽ گھوڙن جي تلاش ۾ نڪري پيس. چانڊوڪي رات ھئي، مان ھلندي ھلندي ھڪڙيءَ ٻيءَ بائينءَ وٽ ، جنھن تي ھڪ قبو ٺھيل ھو، اچي پھتس، پوءِ مان اتي ترسي پيس ۽ پاڻي پيتم ۽ سرنھن جا پن، جيڪي مون وٽ ھئا، سي کائي، انھيءَ قبي ۾ ھليو ويس، اتي گاھھ جو ڍير لڳو پيو ھو، جيڪو شايد پکين آڻي اتي گڏ ڪيو ھو، مان بھ ان تي سمھي پيس. رات جي ڪنھن حصي ۾ ا ئين ئي محسوس ڪيم تھ ڪو ساھوارو انھيءَ گاھھ ۾ سري رھيو ھو، شايد نانگ ھو، پر مون کي ٿڪ ايترو تھ گھڻو ھو، جو ان جي ڪا بھ پرواھھ ڪا نھ ڪيم ۽ آخر اچي صبح ٿيو.

        مان بھ ھڪ ڪشادي رستي تان اٿي ھليس، ٿورو اڳتي وڌيس تھ ھڪ ويران ڳوٺ آيو. پوءِ مان ٻئي ڳوٺ ڏانھن ھليس، اھو بھ سنسان لڳو پيو ھو. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينھن گذري ويم، ھڪ ڏينھن مان ھڪ وڻن جي جھڳٽي ڏانھن ويس، جنھن جي وچ تي ھڪ پاڻيءَ جو حوض ھو، جنھن ۾ اندر ھڪ گھر ٺھيل ھو ۽ سندس پاسن کان کجيءَ جا وڻ ھئا. مون ارادو ڪيو تھ اتي ويھي رھان تھ من ڪو خدا ڪنھن انسان کي ھتي موڪلي ، جنھن کان آباديءَ جو رستو پڇي سگھان.

        منھنجي بدن ۾ ڪجھھ طاقت اچي ويئي ھئي، تنھن ڪري وري اٿي پنڌ پيس، رستي تي مون کي ڏاندن جي کرن جا نشان ڏسڻ ۾ آيا ۽ ھڪ ڏاند بھ ڏسڻ ۾ آيو، جنھن جي مٿان ھڪ ڪمبل ۽ لوھھ جو ڪو اوزار رکيل ھو، ڇاڪاڻ تھ اھو رستو ڪافرن جي علائقي ڏانھن ٿي ويو. تنھن ڪري مون وري ٻيو رستو ورتو ۽ ھڪ ويران ڳوٺ  ۾ اچي نڪتس ، اتي مون ٻھ ڪاري رنگ جا بلڪل اگھاڙا ماڻھو ڏٺا، مان ڊڄي ويس ۽ ھڪ وڻ جي ھيٺان وڃي ويھي رھيس.

        جڏھن رات ٿي تڏھن انھيءَ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس،  جتي ھڪ ويران جاءِ ۾ ھڪ مٽيءَ جي وڏي گندي ڏٺيم، جيڪا اناج ڀرڻ جي ڪم ايندي آھي، ان جي ھيٺان ھڪ ايترو تھ ويڪرو سوراخ ھو، جنھن مان ھڪ ماڻھو آساني سان اندر لنھگي وڃي ، مان ان ۾ اندر گھڙي ويس. ان جي فرش تي مٽيءَ جو ليپو ڏنل ھو ۽ ھڪ پٿر بھ اتي پيو ھو، جنھن کي سيراندي ڪري اتي سمھي رھيس. ان جي مٿان سڄي رات ڪنھن پکيءَ جي ڦڙ ڦڙاھٽ جو آواز پئي آيو ۽ ائين ئي ڀانيم تھ ھو مون کان ڊڄي رھيو ھو، ھيڏانھن وري مان ھن کان ڊڄي رھيو ھوس.

        ان ڏينھن مون کي پورا ست ڏينھن گذري ويا ھئا ۽ اھو ڇنڇر جو ڏينھن ھو. ستين ڏينھن، مان ھندن جي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتس، اتي پاڻيءَ جو ھڪ حوض ھو ۽ ڪجھھ ساوڪ بھ نظر پئي آئي. مون اتان جي ماڻھن کان کائڻ لاءِ ڪجھھ گھريو، پر ھنن مون کي ڪجھھ بھ نھ  ڏنو. اتي کوھھ جي ڀرسان، ھيڏانھن ھوڏانھن ڪجھھ موريءَ جا پن پيل ڏٺم، جي کڻي کاڌم ۽ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس. اتي ھندن جو ھڪ مجموعو ڏٺم جن ۾ ھڪ انھن جو سردار بھ ھو، ھن مون کان پڇيو تھ تون ڪير آھين؟ مون ڪو بھ جواب ڪو نھ ڏنومانس ۽ ھيٺ پٽ تي ويھي رھيس. انھن مان ھڪ تلوار ڪڍي مون ڏانھن وريو، ھن مون کي مارڻ لاءِ تلوار ڪڍي ھئي، پر مون ھن ڏانھن ڏٺو بھ ڪين، جو تھ مان ڏاڍو ٿڪل ھوس.

        پوءِ ھن منھنجي تلاشي ورتي ۽ جڏھن مون وٽان ڪجھھ بھ نھ مليس، تڏھن مون ھن کي پنھنجي اھا قميص لاھي ڏني، جنھن جون ٻانھون مان ھن پير مرد کي ڏيئي آيو ھوس، ٻيو ڏينھن ٿيو تھ مون کي اچي اڃ ستايو ، پر مون کي پاڻي نھ ملي سگھيو. پوءِ ھڪ ويران ڳوٺ ڏانھن ويس، پر اتي ڪو بھ پاڻي جو تلاءُ ڪو نھ ھو، ھن ملڪ ۾ مينھن جو پاڻي، تلائن ۾ گڏ ڪري، اتان پيئندا رھندا آھن.

        پوءِ مان رستو وٺي، اٿي ھليس، تھ ٿورو اڳيان ھڪ ڪچو کوھھ ڏٺم، جنھن تي ھڪ کجيءَ جي رسي پيئي ھئي، پر ڏول ڪو نھ ھوس. مون ان رسيءَ ۾ پنھنجو پٽڪو اٽڪائي، کوھھ ۾ اندر ڪيو ۽ جيڪو پاڻي ان ۾ لڳو، سو چوسڻ لڳس، پر تنھن ھوندي بھ منھنجي اڃ ڪانھ لٿي. پوءِ پنھنجو موزو لاھي، رسيءَ ۾ ٻڌي، ٻيو دفعو کوھھ مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم، پر رسي ڇڄي پيئي ۽ موزو وڃي کوھھ ۾ ڪريو، پوءِ مون ٻيو موزو ٻڌي، پاڻي ڪڍيو ۽ خوب پيٽ ڀري، پاڻي پيتم ان کان پوءِ انھيءَ موزي کي ڪپي، ان جو مٿيون حصو انھي رسيءَ ۽ ھڪڙي ليڙ جي وسيلي، پير تي ٻڌي ڇڏيم، مان اھو پير تي ٻڌي رھيو ھوس تھ ھڪ ماڻھو نظر آيم. مون ان ڏانھن غور سان ڏٺو تھ اھو ماڻھو ڪاري رنگ جو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ھڪ لٺ ۽ لوٽو ھو ۽ ڪلھي تي جھولي ھيس.

        ھن اچڻ سان مون کي اسلام عليڪم چيو، مون ان جو جواب وعليڪم السلام و رحمت الله و برڪاتھ ڏنومانس، پوءِ ھن مون کان پارسيءَ ۾ پڇيو”چھ کسي“ يعني ڪير آھين؟ مون جواب ڏنو تھ مان رستو ڀلجي آيو آھيان. پوءِ ھن لوٽو، رسيءَ ۾، جيڪا ھن وٽ ھئي، ٻڌو  ۽ پاڻي ڪڍيائين، مون ارادو ڪيو تھ پاڻي پيئان پر ھن چيو تھ ٿوڙو ترس ۽ پنھنجي جھوليءَ مان ڀڳڙا ۽ ڀڳل چانور ڪڍي، مون کي ڏنائين، جي مون کائي پاڻي پيتو، ھن وضو ڪري ٻھ رڪعت نماز پڙھي. مون بھ وضو ڪري نماز پڙھي.

      پوءِ ھن مون کان منھنجو نالو پڇيو، مون چيو تھ منھنجو نالو محمد آھي، پوءِ وري مون ھن جو نالو پڇيو، جنھن تي ھن پنھنجو نالو ”قلب قارخ“ ٻڌايو مون چيو تھ فال تھ نيڪ ٿي ڏسجي، ۽ اٿي پنڌ لاءِ سنبريس، ھن مون کي چيو تھ مون سان گڏجي ھل، مون چيو تھ چڱو، اڃان ھن سان ٿورو ئي اڳڀرو ويس تھ منھنجا عضوا جواب ڏيڻ لڳا ۽ بيھڻ جي بھ ھمت نھ رھيم، تنھنڪري ويھي رھيس. ھن پڇيو تھ ڪھرو حال اٿئي؟ مون جواب ڏنو تھ تنھنجي ملڻ کان اڳ مان ھلي ٿي سگھيس، پر ھاڻي ھليو نھ ٿو ٿئيم، ھن چيو تھ سبحان الله! اچي منھنجي ڪلھي تي چڙھي ويھھ! مون چيو مانس تھ تون خود ضعيف ماڻھو آھين ۽ مون کي ڪٿي ٿو کڻين سگھين ! پر ھن چيو تھ تو کي ضرور چڙھڻو پوندو ۽ خدا پاڻھي مون کي طاقت بخشيندو.

پوءِ مان ھن جي ڪلھي تي چڙھي ويٺس. ھن مون کي چيو تھ حسبناالله و نعم الوڪيل پڙھندو ھل، مون اھو ذڪر شروع ڪيو تھ مون کي ننڊ کڻي ويئي ۽ ان وقت اک کلي، جڏھن ھن مون کي زمين تي لاٿو. مان جاڳيس تھ ھن ماڻھوءَ جو پتوئي نھ پيو تھ الاجي ڪيڏانھن ويو! ۽ مون پاڻ کي ھڪ آباد ڳوٺ جي پاسي ۾ ڏٺو. مان ان ڳوٺ ۾ لنگھي ويس، جنھن ۾ ھندو ھئا، پر اھي سڀ بادشاھھ جي رعيت ھئا ۽ انھن جو حاڪم مسلمان ھو، ماڻھن وڃي ان کي خبر ڪئي، تھ يڪدم ھو مون ڏانھن ھليو آيو، مون ھن کان پڇيو تھ ھن ڳوٺ جو نالو ڇاآھي؟ ھن چيو تھ تاج پور، ۽ ڪول ھتان بھ فرسخ پري آھي،

   پوءِ  اھو حاڪم مون کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ مون کي وھنجاري، گرم گرم کاڌو کارايائين ۽ چيائين تھ مون وٽ ھڪ گھوڙو، ڪپڙا ۽ ھڪ پٽڪو آھي، جيڪو ھڪ مصري ماڻھو، مون وٽ ڪول واري ڪئمپ مان اچي، رکي ويو آھي، مون چيومانس تھ کڻي اچ تھ ڪئمپ ۾ پھچڻ تائين اھي پھريان جڏھن ھو کڻي آيو تڏھن معلوم ٿيو تھ اھي منھنجا ئي ڪپڙا ھئا، جيڪي جڏھن مان ڪئمپ ۾ ھوس، تڏھن ان مصري ماڻھوءَ کي ڏنا ھئم.

        مون کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ اتي سوچڻ لڳس تھ اھو ماڻھو، جيڪو مون کي ڪلھي تي چاڙھي آيو ھو، سو ڪير ھو؟ مون کي ڪجھھ ياد آيو تھ ولي الله ابو عبدالله مرشديءَ، جنھن جو پھرين سفر ۾ بيان ڪري آيو آھيان، مون کي ھن کان اڳ ۾ ٻڌايو ھو تھ تون ھندستان ويندين، تھ اتي توکي منھنجو ڀاءُ ملندو، جيڪو توکي ھڪ مصيبت مان ڇڏائيندو. ھينئر مون کي ياد آيو تھ مون ھن جو نالو بھ پڇيو ھو تھ ھن (ولي الله) سندس نالو”دلشاد“ ٻڌايو ھو ۽ ”قلب قارح“ جي بھ اھا ئي معنيٰ آھي. ھاڻي مون کي پڪ ٿي تھ ھي اھو شخص ھو جنھن جي باري ۾ ھن (ابو عبدالله مرشدي) مون کي ٻڌايو ھو ۽ ھو ضرور ولي الله ھو. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو تھ مون کي سندس صحبت ڪرڻ جو وڌيڪ وقت نصيب ٿي نھ سگھيو.

        مان ان ئي رات دوستن وٽ ھلي آيس ۽ اچي انھن کي پنھنجي سلامتيءَ سان موٽڻ جي خبر ٻڌايم. ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ منھنجو گھوڙو ۽ ڪپڙا آندائون. ان عرصي ۾ بادشاھھ جو جواب بھ اچي ويو، جنھن ۾ ھڪ ٻئي جوان سنبل جامدار نالي کي ڪافور شھيد جي جاءِ تي موڪليو ويو ھو ۽ اسان لاءِ حڪم ھو تھ اڳتي وڌي پنھنجو سفر جاري رکون. اھو بھ معلوم ٿيو تھ ھنن منھنجي سڄي خبر بادشاھھ کي لکي موڪلي ھئي، جنھن ۾ ڪافور جي مارجڻ ۽ منھنجي قيد ٿيڻ جي فال بد سمجھي بادشاھھ کي منھنجي واپس گھرائڻ جي بھ درخواست ڪئي ھئائون.

        جڏھن بادشاھھ سفر جاري رکڻ جي تاڪيد ڪري موڪليو، تڏھن مون بھ ان جي تائيد ڪري، پنھنجي ارادي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ھنن مون کي چيو ھو تھ سفر جي شروعات ۾ ئي اسان سان اھڙيون مصيبتون پيش آيون آھن، سو يا اسان کي واپس وڃڻ گھرجي يا گھٽ ۾ گھٽ بادشاھھ جي جواب تائين تھ ترسڻ گھرجي، پر مون چيو مان تھ ترسڻ مناسب نھ آھي. رھيو جواب، سو اسان کي رستي ۾ ئي پھچي ويندو.

        پوءِ اسان ڪول مان ڪوچ ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن اچي برجپور ۾ منزل ڪئيسين. اتي ھڪ خانقاھھ ھو، جنھن ۾ اسان ھڪ شيخ سان، جيڪو صورت ۽ سيرت ٻنھي م سٺو ھو ۽ سندس نالو” محمد عريان“ ھو، ملاقات ڪئي. ھي شيخ رڳو ھڪ گوڏ ٻڌندو ھو ۽ ٻيو سڄو بدن اگھاڙو رکندو ھو. ھو شيخ صالح ولي الله محمد عريان قاطن قرانھ مصر جو شاگرد ھو.

ان شيخ جي ڳالھھ

ھيءُ شيخ ھڪ وڏو ولي الله ۽ بزرگ ھوندو ھو ۽ مجرد(غيرشادي شدھ) رھندو ھو. ھو فقط ھڪ گوڏ ۾ گذاريندو ھو، جيڪا سندس دن کان وٺي پيرن تائين بدن جو حصو ڍڪيندي ھئي. چون ٿا تھ عشاءِ جي نماز کان پوءِ ھن جي خانقاھھ ۾ جيڪو بھ کاڌو يا ان پاڻي ھوندو ھو، سو ھو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. رڳو ڏئي جي وٽ بھ ڦٽي ڪري ڇڏيندو ھو ۽ صبح جو توڪل تي ويٺل ھوندو ھو. ھن جي اھا بھ عادت ھوندي ھئي تھ ھر صبح جو سوير ماني ۽ دال وڪڻڻ وارا خانقاھھ ۾ اچي ويھي رھندا ھئا، پوءِ جيتري ضرورت ھوندي ھئي، شيخ انھن کان خريد ڪندو ھو  ۽ کين چوندو ھو تھ توھان اڃا ويٺا رھو، تھ پھريائين ڪو بھ شخص، جو ڪجھھ بھ تحفي طور آڻيندو، پوءِ ٿورو ھجي يا گھڻو، توھان کي ڏنو ويندو.

        ڳالھھ مشھور آھي تھ جڏھن بادشاھھ قازان تاتاري، پنھنجي لشڪر سميت، شام جي ملڪ ۾ پھتو ۽ دمشق تي قبضو ڪيائين، پر قلعو اڃا ھٿ ڪري نھ سگھيو ھو، تڏھن ملڪ ناصر ھن جي مقابلي لاءِ ٻاھر نڪتو. انھن جي لڙائي، دمشق کان ٻن ڏينھن جي پنڌ تي ، ھڪ جاءِ تي، جنھن کي قشحب ڪري چوندا آھن، لڳي. ملڪ ناصر، ان وقت اڃا نوجوان ھو ۽ اڃا تائين ھن جو لڙائيءَ سان ڪو بھ واسطو ڪو نھ پيو ھو. شيخ عريان بھ ھن سان گڏ ھو، تنھن ڇا ڪيو، جو ملڪ ناصر جي گھوڙي جي پيرن ۾ زنجير وجھي ڇڏيائين تھ جيئن ھو ڀڄي نھ سگھي، متان ھن جي ڀڄڻ سان مسلمانن جي لشڪر ۾ ڀاڄ نھ پوي! پوءِ ڇاڪاڻ تھ ملڪ ناصر پنھنجي جاءِ تي مضبوط بيٺو رھيو، تنھن ڪري تاتارين جي لشڪر کي سخت شڪست آئي ۽ انھن مان ڪيترا مارجي ويا ۽ باقي درياءَ ۾ ٻڏي مئا. ان کان پوءِ تاتارين ڪڏھن بھ اسلامي ملڪن تي ڪو نھ ڪاھيو، ۽ مذڪوره شيخ محمد عريان مون کي ٻڌايو تھ ھو ان شيخ جو شاگرد ھو ۽ ان لڙائيءَ م بھ موجود ھو پر عمر ۾ ان وقت ننڍو ھو.

        پوءِ اسان برج پور مان ڪوچ ڪري، اچي ھڪ پاڻيءَ جي ڍنڍ تي پھتاسين، جيڪا آب سياھھ(ڪاري پاڻي) جي نالي سان ڏسبي آھي، ۽ اتان ھلي اچي قنوج جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ  ھڪ وڏو ۽ خوبصورت عمارتن وارو شھر  آھي ۽ ھڪ مضبوط قلعو پڻ اٿس ھت کنڊ جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، جيڪا ھتان دھليءَ ڏانھن کڻي ويندا آھن. ھن جي شھر پناھھ بھ  تمام اوچي آھي. ھن شھر جو بيان اسان اڳي بھ ڪري آيا آھيون. ھن شھر ۾ شيخ معين الدين باخرزي بھ رھندو ھو، جنھن اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھن شھر جو حاڪم فيروز بدخشاني، بھرام گور، صاحب ڪسريٰ ، جي اولاد مان آھي. ھت ڪيترائي صالح ۽ عالم، فاضل شخص، جيڪي حسن اخلاق جي ڪري مشھور آھن ۽ شرف جھان جو اولاد ڪري سڏيا ويندا آھن، رھندا آھن. ھنن جو ڏاڏو دولت آباد ۾ قاضي القضات ھوندو ھو، جيڪو ڏاڍو نيڪو ڪار ۽ سچار ھوندو ھو. ھتي ھندستان جي بادشاھي اچي ٿي ختم ٿئي.

ھن قاضيءَ جي ڳالھھ

ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪ دفعي ھو پنھنجي عھدي تان معزول ڪيو ويو. ھن جا دشمن تمام گھڻا ھوندا ھئا، انھن مان ھڪ ان قاضيءَ وٽ، جيڪو ھن جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو ھو، اچي دعويٰ ڪئي تھ اڳئين قاضيءَ وٽ منھنجا ڏھھ ھزار دينار آھن، پر منھنجو ڪو بھ شاھد وغيره ڪونھي. ھن جو مطلب تھ قاضي قسم کڻي. نئين قاضيءَ ھن کي گھرايو. ھن سڏيندڙ کان پڇيو تھ ھن شخص جي ڪھڙي دعويٰ آھي؟ تنھن تي ھن ٻڌايس تھ ھي شخص توتي ڏھھ ھزار دينار جي دعويٰ ٿو ڪري. پوءِ قاضيءَ يڪدم ڏھھ ھزار دينار ڏياري موڪليا تھ مدعيءَ کي ڏنا وڃن.

        سلطان علاءَ الدين کي بھ اھا خبر پئجي ويئي تھ ھيءَ دعويٰ ڪوڙي ھئي، تنھن ڪري وري ھن کي سندس عھدي تي رکيائين ۽ ڏھھ ھزار دينار بھ موڪلي ڏنائينس. اسان ھن شھر ۾ ٽي ڏينھن ترسياسين. اتي اسان کي بادشاھھ جو جواب بھ پھچي ويو، جنھن ۾ لکيل ھو تھ جيڪڏھن فلاڻو(مان) اڃا تائين پيدا نھ ٿيو ھجي، تھ سندس جاءِ تي دولت آباد جي قاضي وجيھ الدين کي مقرر ڪيو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري اچي ھنول(1) ۾ پھتاسين، جتان وزير پور، بجالصا شھرن ۾ منزلون ڪندا اچي شھر موري ۾ پھتاسين، ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، پر بازارون تمام سٺيون اٿس.

        ھتي مون شيخ صالح المعمر قطب الدين سان، جنھن کي ”خيبر فرغاني“ ڪري سڏيندا ھئا، ملاقات ڪئي. ھو بيمار ھو ۽ مون کي ھڪ جون جي ماني عنايت ڪيائين. ان ٻڌايو تھ سندس عمر ڏيڍ سو سال آھي ۽ سندس دوست چوندا ھئا تھ ھو ھميشھ روزو رکندوآھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ ڪيترن ئي ڏينھن کان پوءِ روزو کوليندو آھي، يا گھڻو ڪري اعتڪاف ۽ خلوت ۾ رھندو آھي ۽ چاليھن ڏينھن ۾ چاليھھ ڇوھارا، ھڪ ڇوھارو روز، کائيندو آھي. دھليءَ ۾ مون ھڪ شيخ رجب برقعي کي ڏٺو تھ ھو چاليھھ ڇوھارا کڻي خلوت ۾ ويٺو ھو ۽ چاليھن ڏينھن کان پوءِ ھو اٿيو، تڏھن تيرھن ڇوھار اڃا بھ ھن وٽ بچيا ھئا.

        ھن شھر مان ڪوچ ڪري، اسان شھر مره (مالوه) ۾ اچي پھتاسين، جو ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن ۾ اڪثر ڪري ذمي ھندو رھندا آھن. ھت ڪڻڪ تمام اعليٰ قسم جي ٿيندي آھي، جيڪا دھليءَ ڏانھن کڻي ويندا آھن، ھن جو داڻو ڊگھو، زوردار ۽ ٿلھو ٿيندو آھي، ۽ مون ھن جھڙي ڪڻڪ، چين جي ملڪ کان سواءِ، ٻئي ھنڌ  ڪٿي ڪا نھ  ڏٺي ، ھي شھر مالوه قوم  ڏانھن منسوب ٿيل آھي. ھي (مالوه) ھڪ ھندن جو قبيلو آھي، جيڪي جسم جا مضبوط ۽ ڏيک ويک ۾ تمام سھڻا ٿيندا آھن. ھنن جون عورتون بھ حسن واريون، وندرائيندڙ ۽ جماع ۾ لذت واريون ٿينديون آھن، جيئن مرھٽن ۽ جزيره ذيبتھ المھل(مالديپ) جون عورتون.

        پوءِ اسان اتان علاپور جي شھر ڏانھن روانا ٿياسين. ھيءُ ھڪ ننڍو شھر آھي ۽ گھڻو ڪري ھن ۾ ھندو رھندا آھن، جيڪي بادشاھھ جي رعيت آھن. ھن شھر کان ھڪ ڏينھن جي پنڌ تي ھڪ ھندو راجا جو علائقو آھي، جنھن جو نالو  قشم آھي، جنھن (ڪياليھ) گواليار جي شھر کي گھيرو ڪيو ھو ۽ ان بعد قتل ڪيو ويو ھو.

ڳالھھ

ان (قشم) ھندو راجا رامريءَ جي شھر تي بھ حملو ڪيو ھو. ھي شھھ (نھرالجون) جمنا نديءَ جي ڪپ تي آھي. ان نديءَ تي تمام گھڻا ڳوٺ ۽ آباديون آھن. اتي جو حاڪم خطاب افغان ھو، جيڪو وڏن بھادرن مان ليکيو ويندو ھو. ان ھندو راجا سندس وانگر ھڪ ٻئي رجو نالو ھندو راجا کان، جنھن جي ملڪ کي سلطان پور چوندا ھئا، مدد ورتي ۽ اچي رامريءَ جي شھر کي گھيرو ڪيائين. ھوڏانھن خطاب وري بادشاھھ کان مدد گھري، پر ان مدد پھچڻ ۾ دير لڳي، ڇو تھ ھي شھر  دارالخلافھ کان چاليھھ منزلون پري ھو. ھو ڊڄي ويو تھ متان ھندو اسان تي غالب نھ ٿي وڃن. سو ڇا ڪيائين، جو پنھنجي قبيلي جا ٽي سو پٺاڻ، ٽي سو غلام ۽ چار سو ٻيا ماڻھو گڏ ڪري ، سڀني جا پٽڪا، سندن گھوڙن جي ڪنڌن ۾ ٻڌايائين، ھن ملڪ جو دستور آھي تھ جڏھن مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار ٿيندا آھن، تڏھن ائين ڪندا آھن.

        پوءِ صبح جو سوير خطاب ، پنھنجن ماڻھن کي وٺي، دروازو کولائي، اچي ھندن جي لشڪر تي پيو ۽ ھنن جي پندرھن ھزار ماڻھن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. ٻئي راجا مارجي ويا، پوءِ سندن سر لاھي، بادشاھھ ڏانھن دھليءَ موڪليا ويا. ڪافرن جي لشڪر مان فقط اھي ماڻھو بچي سگھيا، جيڪي ڀڄي ويا.

علاپور جي حاڪم جي شھادت

علاپور(2) جو حاڪم، بدر حبشي ھوندو ھو، جيڪو بادشاھھ جي غلامن مان ھو ۽ بھادريءَ ۾ بي مثال ھوندو ھو. ھو ھميشھ اڪيلي سر وڃي، ھندن جي علائقن تي پوندو ھو ۽ وڃي انھن کي تاخت و تاراج ڪري، سندن ڪيترائي ماڻھو ماري ۽ قيد ڪري ايندو ھو. ايتري قدر تھ سندس نالو مشھور ٿي ويو، جو ھندو ھن جي نالي کان پيا ڇرڪندا ھئا. ھو قد جو ڊگھو ۽ ٿلھو متارو ھوندو ھو ۽ ھڪ ھنڌ ويھي سڄي ٻڪري کائي اٿي کڙو ٿيندو ھو. ائين بھ ٻڌوسين تھ ھو حبشين جي رواج موجب ڏيڍ رطل (ٽي پاءُ) گيھھ پي ويندو ھو. ھن جو پٽ بھ اھڙو ئي بھادر ھوندو ھو.

        ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو. جو ھن ھندن جي ھڪ ڳوٺ تي وڃي حملو ڪيو. ھن جا غلام بھ ھن سان گڏ ھئا. اوچتو سندس گھوڙي جو پير ھڪ کڏي ۾ ڦاسي پيو، تھ مٿان اچي اھي ڳوٺاڻا پيس. انھن مان ھڪ ھن تي قتارة (ڪٽاري) سان حملو ڪري، کيس ماري وڌو. پوءِ ھن جي غلامن ، ڳوٺاڻن سان ڏاڍي لڙائي ڪئي ۽ ھنن کي قتل ڪري، سندن زالن کي قيد ڪري، سندن گھوڙي کي صحيح سلامت ، سندس پٽ وٽ وٺي آيا. ان کان پوءِ ھڪ عجيب اتفاق ٿيو، جو ھن جو پٽ بھ  انھيءَ ئي گھوڙي تي سوار ٿي، دھليءَ ڏانھن ٿي ويو، تھ رستي ۾ ڪافرن ھن تي حملو ڪيو ۽ ھو ھنن سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو ۽ سندس گھوڙو موٽي وري بھ پنھنجي ماڻھن وٽ آيو ھو ھن کي وري گھر وٺي آيا، ۽ پوءِ ھن (بدر حبشيءَ) جو ناٺي بھ انھيءَ ساڳي گھوڙي تي سوار ھو تھ ڪافرن جي ھٿان قتل ٿي ويو.

        پوءِ اسان گالپور(گواليار) ڏانھن روانا ٿياسين. ھن کي گيالر بھ ڪري چوندا آھن. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن جو قلعو ھڪ ٽڪريءَ جي مٿان نھايت مضبوط ٺھيل آھي، ان جي دروازي تي ھاٿي ۽ ان تي فيلبان جا پٿر جا بت رکيل آھن. سلطان قطب الدين واري بيان ۾ ان جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ھن  شھر جو حاڪم احمد بن شير خان فاضل آھي، ھن سفر کان اڳ مان ان وٽ اچي ترسيو ھوس ۽ منھنجي ڏاڍي خاطر ڪئي ھئائين. ھڪ ڏينھن مان ھن وٽ ويس تھ ھن ھڪ مجرم ھندو کي ٻھ ٽڪر ڪري مارائڻ ٿي چاھيو؛ مون ھن کي خدا جو قسم وجھي چيو تھ ائين نھ ڪر، ڇو تھ مون اڄ تائين پنھنجي سامھون ڪو بھ ماڻھو قتل ٿيندي ڪو نھ ڏٺو آھي.

        پوءِ ھن ان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ انھيءَ سبب (پوءِ) ھن کي ڇڏيو ويو. ان کان پوءِ اسان گواليار مان ڪوچ ڪري برون(2) جي شھر ڏانھن ورانا ٿياسين. ھي ھڪ مسلمانن جو ننڍڙو شھر آھي، جو ھندن جي ملڪن جي وچ ۾ آھي ۽ ھتي جو حاڪم محمد بن بيرم ترڪي الاصل آھي. ھن شھر ۾ وحشي جانور تمام گھڻا ٿيندا آھن. ھتي جي ھڪ رھاڪوءَ مون کي ٻڌايو تھ رات جو دروازن بند ٿيڻ کان پوءِ بھ ھڪ وحشي جانور شھر ۾ گھڙي ايندو ھو ۽ ڪيترن ئي ماڻھن کي ماري ھليو ويندو ھو ۽ ڪنھن کي بھ پتو پئجي نھ سگھيو ھو تھ اھو جانور ڪھڙيءَ طرح ان شھر ۾ گھڙي ٿو اچي.

محمد  توفيري نالي ھن شھر جي باشندي مون کي ٻڌايو تھ اھو جانور منھنجي ھڪ پاڙيسريءَ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ سندس ٻار کي ماري کٽ تان کڻي ھليو ويو. ٻئي ھڪ ماڻھوءَ ڳالھھ ڪئي تھ ھو ھڪ شاديءَ ۾ گڏ ٿيا ھئا تھ انھن مان ھڪ ماڻھو ڪنھن ڪم سان ٻاھر ويو تھ شينھن ھن کي ماري وڌو؛ ھن جا ساٿي ھن جي ڳولا ۾ ويا ۽ لاش کي وڃي بازار ۾ ڏٺائون، تھ شينھن ھن جو سڄو رت پي ويو ھو ۽ سندس گوشت کي چکيو بھ ڪو نھ ھئائين.

        چون ٿا تھ ماڻھن سان ھو ھميشھ اھا ڪار ڪندو ھو. ڪن ماڻھن پئي چيو تھ اصل ۾ اھو ڪو بھ وحشي جانور ڪو نھ آھي پر اھو ھڪ جادوگر انسان آھي، جنھن کي جوکيھ(جوڳي) ڪري چوندا آھن، جيڪو وحشي جانور جي صورت بدلائي ايندو آھي. مون کي يقين نٿي آيو پر مون کي ٻڌايو ويو تھ انھن جي ھڪ جماعت آھي، جن جي جادوءَ جون ڪي ڳالھيون ڪجن ٿيون.

جوڳين جي جادوءَ جو بيان

ھي جوڳي عجيب عجيب ڪم ڪندا آھن. انھن مان ڪي تھ مھينن تائين  نھ ڪجھھ کائيندا آھن ۽ نھ پيئندا آھن، ۽ ڪي زمين ۾ کڏ کوٽي، ان جو منھن مٿان بند ڪري فقط ھوا لاءِ ھڪ سوراخ ڇڏي، ان ۾ رھندا آھن. ھو انھن جي اندر مھينن جا مھينا رھندا آھن ۽ ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي تھ اھي ھڪ سال بھ اتي رھي سگھندا آھن. منجرور(مينگور) جي شھر ۾ مون ھڪ مسلمان کي ڏٺو ھو، جيڪو ھنن جوڳين جي شاگردي ڪندو ھو ۽ ھڪ اوچي پيچي ۾ بنا کائڻ پيئڻ جي ويٺو ھوندو ھو. مون ھن کي پنجويھن ڏينھن تائين تھ اھريءَ حالت ۾ ڏٺو ھو، پوءِ مان اتان ھليو آيو ھوس. خبر نھ آھي تھ ھو اھڙيءَ حالت ۾ ڪيترو وقت رھيو ھوندو.

        ماڻھو چون ٿا تھ ھي جوڳي ھڪ قسم جون گوليون تيار ٿا ڪن، جن مان ھڪ گولي روز کائي ٿا ڇڏين، تھ ھنن کي کاڌي پيتي جي ڪا بھ ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ھي ماڻھو غيب جون ڳالھيون بھ ٻڌائيندا آھن، بادشاھھ ھنن جي گھڻي عزت ڪندو آھي ۽ کين پنھنجي صحبت ۾ رکندو آھي. انھن مان ڪي ڀاڄيون کائيندا آھن ۽ ڪي گوشت، پر ھنن مان گھڻا گوشت نھ کائيندا آھن. انھيءَ جو بھ ظاھري مطلب اھو ھوندو آھي تھ رياضت ڪري، ھو پنھنجي نفس کي انھن ڳالھين جو عادي ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ دنيا جي زيب ۽ زينت سان ھنن جو ڪو بھ واسطو نھ رھندو آھي.

        انھن مان ڪي اھڙا بھ ھوندا آھن، جي رڳو ڪنھن ماڻھوءَ تي نظر وجھن تھ يڪدم اھو ماڻھو مري ويندو آھي. عام ماڻھن جي راءِ آھي تھ جڏھين ڪو ماڻھو نظر سان مري ٿو وڃي، تھ جيڪڏھن ان جي سيني کي چاڪ ڪري ڏٺو وڃي، تھ ان جي اندر سندس دل ڪا نھ ھوندي آھي، ڇاڪاڻ تھ نظر ھڻڻ وارو ماڻھو، ھن جي دل کائي ڇڏيندو آھي. ھي ڪم گھڻو ڪري عورتون ڪنديون آھن. ۽ اھڙي قسم جي عورتن کي ڪفتار ڪري چوندا آھن.


(1) ھنول، وزيرپور، بجالصھ ۽ موري  - ھنن شھرن جو پتو نٿو پئجي سگھي تھ ڪٿي ھئا. ھي شھر تمام قديمي آھن، جن جو نالو ۽ نشان بھ نھ رھيو آھي. رڳو بجالصھ جي نالي سان، دھليءَ جو ھڪ دروازو ڪري سڏيو ويندو ھو، تنھن مان معلوم ٿو ٿئي تھ اھو ھڪ وڏو شھر ھوندو. ٻيا بھ ان وقت چڱا شھر ھوندا، پر ھن وقت اھي موجود ڪو نھ آھن يا ڪي نامعلوم ڳوٺڙا وڃي رھيا ھوندا، جن جا نالا بھ ڦيرائي ڇڏيا ھوندائون. (مترجم)

(2) علاپور؛ ھي شھر گواليار جي ويجھو ئي ڪٿي آباد ھو- مترجم

(2) برون – ھن نالي سان ھن وقت ڪو بھ شھر ھندستان ۾ مشھور ڪونھي، پر گواليار جي قريب ڪنھن رستي تي ضرور ڪو ڳوٺ ھوندو، جنھن جو نالو بھ مٽجي ويو ھوندو.مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org