سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 12

باب ٽيون

بادشاھھ جو گنگا نديءَ جي ڪناري تي شھر ٻڌائڻ ۽ عين الملڪ جي بغاوت

جڏھن ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو تڏھن بادشاھھ پنھنجو لشڪر وٺي گنگا نديءَ جي ڪناري ڏانھن ھليو ويو. ھن نديءَ کي ھندو تمام پاڪ (پوتر) ڪري سمجھندا آھن ۽ ھر سال اتي حج(ياترا) ڪرڻ لاءِ ويندا آھن. ھيءَ جڳھھ ، جتي بادشاھھ وڃي رھيو ھو، سا دھليءَ کان ڏھن منزلن تي ھئي. بادشاھھ ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ اتي اچي پنھنجا گھر ٺاھين. تنھن ڪري پھريائين ھو گاھھ ۽ ڪاٺ جون ڀنگيون اڏي انھن ۾ رھڻ لڳا، جن ۾ گھڻو ڪري باھيون پيون لڳنديون ھيون. ماڻھن باھين کان بچڻ لاءِ ڇا ڪيو، جو زمين جي اندران تھھ خانا بھ ٺاھي ڇڏيائون، پوءِ جڏھين باھھ لڳندي ھين تھ سمورو سامان انھن تھھ خانن ۾ وجھي، مٿان مٽيءَ سان ان جو منھن بند ڪري ڇڏيندا ھئا.

        مان بھ انھن ڏينھن بادشاھھ جي ڪئمپ ۾ آيل ھوس. گنگا نديءَ جي الھندي ڪناري سخت ڏڪار ھو، پر اڀرندي پاسي بلڪل سڪار ھو ۽ اتي بادشاھھ جي طرفان عوض(اؤ) ظفر آباد  ۽ لکنو وغيره شھرن تي امير عين الملڪ حاڪم مقرر ٿيل ھو. ھيءُ امير بادشاھھ جي ڪئمپ ۾ پنجاھھ ھزار مڻ ڪڻڪ ، چانور، ۽ چڻا چوپائي مال جي لاءِ موڪليندو رھندو ھو. پوءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ھاٿي ، گھوڙا ۽ خچر وغيره اڀرندي ڪناري ڏانھن چارڻ لاءِ موڪليا وڃن ۽ عين الملڪ کي انھن جي نظرداريءَ تي مقرر ڪيائين.

عين الملڪ کي چار ٻيا بھ ڀائر ھوندا ھئا، جن مان ٽن جا نالا ھئا؛ شھر الله، نصرالله ، فضل الله، باقي  چوٿين جو نالو مون کي ياد نھ آھي. انھن پنھنجي ڀاءُ (عين الملڪ) سان صلاح ڪئي تھ بادشاھھ جا ھاٿي ۽ ٻيو چوپايو مال ڀجائي وڃجي، ۽ پوءِ عين الملڪ جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس بادشاھھ بنائجي. نيٺ ھڪ رات عين الملڪ اوچتو غائب ٿي ويو ۽ شايد ھنن جي اھا رٿ ڪامياب ٿي وڃي ھا ۽ بادشاھھ کي ان جي ڪا بھ خبر نھ رھي ھا. پر ھندستان جي بادشاھن جو اھو طريقو آھي تھ ھو ھڪ ننڍي خواھھ وڏي امير وٽ بادشاھھ جو ھڪ غلام ضرور رھندو آھي، جيڪو انھيءَ امير جي ھر معاملي جي خبر بادشاھھ تائين پھچائيندو رھندو آھي. اھڙيءَ طرح سان انھن اميرن جي گھرن ۾ جيڪي وھي واپري، تنھن جي خبر رکڻ لاءِ وري بادشاھھ جي طرفان ٻانھيون مقرر ٿيل ھونديون آھن جيڪي انھن اميرن جي گھرن ۾ رھنديون آھن. اھي ٻانھيون وري ڀنگياڻين کي، جيڪي صفائي وغيره لاءِ اينديون آھن، خبرون ڏينديون آھن، جي اھي خبرون کڻي سڌو وڃي ملڪ المخبرين کي پھچائينديون آھن، جو وري بادشاھھ کي موڪلي ڏيندو آھي.

        ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪ دفعي ڪو امير پنھنجي زال سان گڏ سمھيو پيو ھو تھ امير کي ھن سان گڏ ٿيڻ جو خيال ٿيو، جنھن تي سندس زال کيس بادشاھھ جي سر جو قسم وجھي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. پر امير ھن جي ھڪ بھ نھ ٻڌي ۽ آخر ڪين مڙيو. صبح جو انھيءَ امير کي بادشاھھ سڏايو ۽ پڇيائين تھ تو ھيئن ڪيو آھي؟ ۽ انھيءَ ئي سبب جي ڪري ھن کي قتل ڪيو ويو.

        بادشاھھ جو ھڪ غلام، ابن ملڪ شاھھ، نالي عين الملڪ وٽ رھندو ھو؛ تنھن بادشاھھ کي ھن جي ڀڄي وڃڻ جي خبر  موڪلي ڏني. ھيءَ خبر  ٻڌندي ئي بادشاھھ جا حواس باختھ ٿي ويا ۽ ائين ڄاتائين تھ موت آيو ڪي آيو. ڇو تھ ھن جا گھوڙا، ھاٿي ۽ اناج،سڀ شيون عين الملڪ جي قبضي ۾ ھيون. ازانسواءِ سندس لشڪر بھ ھيڏي ھوڏي پکڙيو پيو ھو. آخر بادشاھھ دارالخلافھ ڏانھن واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو، جيئن اتان لشڪر گڏ ڪري عين الملڪ جي مقابلي لاءِ تيار ٿي اچي، سڀئي امير اچي گڏ ٿيا ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. خاص ڪري خراسانين ۽ غيرملڪي ماڻھن کي تھ عين الملڪ مان تمام گھڻو خطرو ھو، ڇو تھ انھن تي بادشاھھ ڏاڍو مھربان ھوندو ھو، جنھن سبب کان ھندستاني ھنن کي حسد جي نگاھھ سان ڏسندا ھئا، ۽ عين الملڪ بھ ھندستاني ھو.

        ماڻھن بادشاھھ جي صلاح صحيح نھ سمجھي عرض ڪيو تھ اي آخوند عالم! جيڪڏھن توھان دارالخلافھ ھليا ويندا ۽ عين الملڪ کي اھا خبر پوندي، تھ ھو انھيءَ عرصي ۾ گھڻائي لشڪر گڏ ڪري وٺندو ۽ گھڻائي باغي ۽ فتنھ انگيز ماڻھو ھر ھنڌ پکڙيل آھن، تن کي ھو گڏ ڪري پنھنجي طاقت وڌائيندو، بھتر ائين ٿيندو تھ ھن تي ھڪدم حملو ڪرڻ گھرجي. ھيءَ ڳالھھ شروع ناصر الدين مطھر اوھريءَ ڪئي ۽ باقي ماڻھن ان جي تائيد ڪئي. بادشاھھ سڀني جي صلاح کي بھتر ڄاڻي ان تي عمل ڪيو. ويجھو  ويجھو جيڪي بھ امير ۽ لشڪر ھئا ، تان کي انھيءَ وقت خط لکي گھرائي موڪليائين. ھو خط پھچندي ئي اچڻ شروع ٿيا، بادشاھھ ھي تجويز ڪئي، جو جيڪڏھن انھن مان ھڪ سئو ماڻھو ٿي آيا تھ سندن استقبال لاءِ وري ھڪ ھزار ماڻھو ٿي موڪليائين جي ڪل يارھن سئو ماڻھو ٿي، گڏجي ڪئمپ ۾ ٿي گھڙيا، انھيءَ لاءِ تھ جيئن دشمنن کي سندن تعداد وڌيڪ معلوم ٿئي.

        پوءِ بادشاھھ درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي اڳتي وڌيو، ھن جو ارادو ھو تھ قنوج جو شھر پنھنجي پٺيان پٺيان رکي، اڳتي وڌندو رھي، جيئن وقت تي انھي ۾ قلعي بند ٿي سگھجي، ڇو تھ قنوج جو قلعو تمام مضبوط ڪري ليکيو ويندو ھو.  پر اھو اڃا ٽن منزلن جي پنڌ جيترو پري ھو. بادشاھھ جڏھن پھرين منزل ڪري آيو، تڏھن پنھنجي لشڪر کي لڙائيءَ لاءِ تيار ڪندي ، انھن کي ھڪ قطار ۾ بيھاري ڇڏيائين، ھر ھڪ سپاھيءَ جي بدن تي سڀ ھٿيار ٻڌل ھئا، ۽ ڀرسان ان جو گھوڙو ھو.

        بادشاھھ سان گڏ ھڪ ننڍڙو تنبو ھو، جنھن ۾ ھو ماني کائيندو ۽ غسل ڪندو ھو. وڏي ڪئمپ اڃان ڪجھھ پري ھئي. ٽن ڏينھن تائين بادشاھھ تنبوءَ ۾ نھ آرام ڪيو ۽ نھ ئي ڇانو جي ھيٺان ويٺو. ھڪ ڏينھن مان پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس ۽ مون سان گڏ ٻانھيون بھ ھيون تھ منھنجي ھڪ نوڪر، سنبل نالي، مون کي سڏ ڪيو ۽ چيائين تھ جلدي ٻاھر اچو. منھنجي ٻاھر اچڻ تي ھن ٻڌايو تھ بادشاھھ اڃا ھينئر حڪم ڏنو آھي تھ جنھن بھ ماڻھوءَ سان ان جي زال يا ڪا ٻانھي ھجي تھ ان کي قتل ڪيو وڃي.

        اميرن بھ اھو حڪم ٻڌو. سو بادشاھھ کي وڃي انھن لاءِ عرض ڪيائون، تنھن تي بادشاھھ وري حڪم ڏنو تھ ڪيئن بھ ڪري ڪئمپ ۾ ڪا بھ عورت رھڻ نھ گھرجي، آخر سڀني زالن کي ڪنبيل نالي قلعي ۾ موڪليو ويو، جيڪو اتان ٽي ميل پري ھو. اھڙيءَ طرح سان ڪا بھ عورت پٺتي نھ بچي، ايتري قدر جو خود بادشاھھ سان بھ ڪا عورت ڪا نھ ھئي. اھا رات اسان تياريءَ ۾ گذاري، ڏينھن ٿيڻ تي بادشاھھ سڄي لشڪر کي فوجن ۾ ورھايو ۽ ھر ھڪ فوج سان گڏ زره سان ڍڪيل پالڪين سان ھاٿي ھئا جن جي مٿان جنگي جوان ويٺا ھئا.

        سڄي لشڪر  کي زره پوش رھڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ پوءِ سڀئي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا، ٻي رات بھ تياريءَ ۾ ئي گذري، ۽ جڏھن صبح ٿيو تڏھن خبر پھتي تھ عين الملڪ درياءُ پار ڪري آيو آھي. ھيءُ ٻڌي بادشاھھ کي ڪجھھ خوف پيدا ٿيو تھ ھو متان درياءَ پار ٻين رھيل اميرن سان مدد لاءِ لکپڙھھ نھ ڪري آيو ھجي. پوءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ منھنجي سڀني دوستن ۾ ڀلا گھوڙا ورھايا وڃن. ان ڪري مون ڏانھن بھ ڪجھھ گھوڙا موڪليا ويا. منھنجو ھڪ ساٿي امير اميران ڪرماني نالي ھوندو ھو، جو وڏو پھلوان ۽ بھادر سمجھيو ويندو ھو. ان کي مون ھڪ ڪميت (شھبھ الاول)گھوڙو ڏنو، ھو ان تي اڃا سوار مس ٿيو تھ گھوڙو وٺي ڀڳو. ھن گھڻيئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھوڙو ھن کان ر وڪيو نھ ٿيو ۽ آخر ھن کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيائين، جنھن ڪري ھو اتي جو اتي مري ويو.

        بادشاھھ انھيءَ ڏينھن ڏاڍو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ عصر جي وقت کان پوءِ اچي قنوج جي شھر ۾ پھتو، بادشاھھ کي ڏاڍو ڊپ ھو تھ متان ھن جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي عين الملڪ ھن شھر تي قبضو ڪري وڃي، ان رات بادشاھھ خود لشڪر کي ڍاھي رکيو ۽ اسان وٽ اچي بيٺو، ان وقت اسان لشڪر جي اڳئين حصي ۾ ھئاسين ۽ اسان سان گڏ بادشاھھ جو سوٽ ملڪ فيروز جو ساٿي، امير عرا بن مزا، سيد ناصرالدين ۽ ڪي خراسان جا امير بھ ھئا، ۽ اسان کي چيائين تھ توھان منھنجي خاص ماڻھن مان آھيو، تنھن ڪري توھان مون سان گڏ رھو.

        انھي ءَ ۾ بھ ڪا ڀلائي ھئي، جو رات جي پوئين پھر عين الملڪ لشڪر جي اڳئين حصي تي حملو ڪيو ھو. وزير خواجھ جھان بھ لشڪر جي انھيءَ حصي ۾ ھو. ڏاڍو ھل ھنگامو برپا ٿيو، بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ڪو بھ پنھنجي جاءِ تان نھ چري ۽ صرف تلوارن سان لڙائي ڪئي وڃي، سڄي لشڪر پنھنجون تلوارن سنڀاليون ۽ دشمنن ڏانھن وڌيا. ڏاڍي زور شور سان لڙائي ھلي، ان رات بادشاھھ پنھنجي سڃاڻپ جي نشاني ”دھلي“ ۽ ”غزني“ مقرر ڪئي، يعني جڏھن اسان جي لشڪر مان ڪو ڪنھن سان ملي تھ دھلي جو لفظ چوي، پوءِ ٻيو جيڪڏھن غزنيءَ جو جواب ڏئي تھ چئبو تھ ھو نھنجي لشڪر مان آھي، ٻيءَ صورت ۾ حڪم ھو تھ ھن کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي.

عين الملڪ جو ارادو ھو تھ انھيءَ حصي تي حملو ڪري جتي بادشاھھ موجود ھو. پر ھن جي رھنما ھن کي غلط ٻڌايو، تنھن ڪري ھو اچي وزير واري حصي تي ڪڙڪيو، عين الملڪ ان رھنما کي قتل ڪري ڇڏيو. وزير واري لشڪر جي حصي ۾ عجمي، ترڪ ۽ خراساني گھڻي انداز ۾ ھئا ۽ ڇو تھ ھو ھندستانين جا دشمن ھئا، تنھن ڪري ھو سر جي بازي لڳائي وڙھيا، عين الملڪ جي لشڪر ۾ پنجاھھ ھزار جي قريب ماڻھو ھئا، جيڪي صبح ٿيڻ تائين سڀئي شڪست کائي ڀڄي ويا.

        ملڪ ابراھيم تتري (تاتاري) جيڪو ”ڀنگي“ جي قلب سان مشھور ھو، تنھن کي بادشاھھ عين الملڪ جي شھر مان ھڪ سندريلھ نالي ھڪ ڳوٺ جدا ڪري ڏنو ھو، ھن بھ بغاوت ۾ عين الملڪ سان اتفاق ڪيو، تنھن ڪري ھن کي کڻي کيس پنھنجو نائب مقرر ڪيو ھو. قطب الملڪ جو پٽ دائود ۽ ملڪ التجار جو پٽ پڻ، جيڪو گھوڙن ۽ ھاٿين جو آفيسر مقرر ٿيل ھو، اچي ھن سان شامل ٿيا ھئا ۽ ھن دائود کي عين الملڪ پنھنجو حاجب مقررڪيو ھو. جڏھن عين الملڪ اچي وزير واري لشڪر تي حملو ڪيو ھو، تڏھن دائود بادشاھھ کي وڏي سڏ  ڏاڍيون گنديون گاريون بڪي رھيو ھو، جيڪي بادشاھھ ٻڌيون پئي ۽ دائود جي آواز کي بھ سڃاتائين پئي.

        جڏھن عين الملڪ جي لشڪر کي شڪست آئي تڏھن ھن پنھنجي نائب ابراھيم کي چيو تھ ”او ابراھيم! ھاڻي تنھنجو ڇا خيال آھي. گھڻو لشڪر ۽ وڏا وڏا سردار تھ ڀڄي ويا آھن، ھاڻي جيڪڏھن تنھنجي بھ اھا صلاح ھجي تھ اسان بھ ڀڄي پنھنجو سر بچايون“ جنھن تي ابراھيم يڪدم پنھنجن ساٿين کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ چيو تھ جيڪڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جي ڪندو تھ ان وقت مان کيس وارن کان کڻي جھليندس ۽ توھان چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي کيس ھيٺ ڪيرائي ڇڏجو؛ پوءِ  ھن کي ٻڌي بادشاھھ وٽ وٺي ھلنداسين، شايد منھنجي ھن خدمت جي بدلي ۾ بادشاھھ اسان کي معاف ڪري ڇڏي.

        جڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جو ارادو ڪيو تڏھن ابراھيم چيو تھ سلطان علاءُ الدين ڪيڏانھن ٿو وڃين، عين الملڪ پنھنجو لقب سلطان علاءُ الدين رکيو ھو. ائين چئي کڻي وارن کان جھليائينس، ھن جي ساٿين وري چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ھو اچي زمين تي ڪريو. ابراھيم ھن کي کڻي پاڻ وٽ قابو ڪيو ۽ جڏھن وزير جا ماڻھو ھن کي گرفتار ڪرڻ آيا تڏھن انھن کي روڪيندي چيائين تھ ”ھن کي مان پاڻ وزير وٽ وٺي ويندس، مان وڙھندي وڙھندي مارجي وڃان پر ھن کي ڪنھن ٻئي ماڻھو ھٿان ڇھڻ نھ ڏيندس“ تنھن تي ھن کي ڇڏي ڏنائون، پوءِ ابراھيم عين الملڪ کي وزير وٽ وٺي ويو.

        ان وقت صبح ٿي ويو ھو ۽ مان بادشاھھ وٽ ، جيڪي ھاٿي جھنڊا پيش ٿي رھيا ھئا، ڏسي رھيو ھوس، تھ ڪنھن عراقيءَ اچي مون کي ٻڌايو تھ عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي، ۽ ھن کي وزير وٽ وٺي آيا آھن. مون کي اعتبار ئي نٿي آيو، مان ٿورو ئي اڳتي وڌيس تھ ملڪ تمور(تيمور) شربدار اچي مون کي ھٿ کان جھليو ۽ مبارڪ ڏيندي چائين تھ ”عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ وزير جي حوالي ٿيو آھي.“ ھيءُ ٻڌي بادشاھھ بھ اسان سان گڏجي عين الملڪ جي ڪئمپ ڏانھن ھليو، جيڪا گنگا نديءَ جي ڪپ تي ھئي، لشڪر ھن جي سڄي ڪئمپ کي ڦري ماري اجاڙي ڇڏيو ھو ۽ عين الملڪ جا ڪيترائي ماڻھو درياءَ ۾ گھڙي پيا ۽ ٻڏي مئا.

        قطب الملڪ جو پٽ ۽ ملڪ التجار جو پٽ بھ پڪڙجي پيا ھئا. بادشاھھ انھيءَ ڏينھن ڪناري تي ئي ڪئمپ ڪئي ۽ جڏھن وزير عين الملڪ کي بادشاھھ جي سامھون آندو، تڏھن ھو ھڪ ڏاند تي سوار ھو ۽  سڄو بدن اگھاڙو ھوس، صرف ھڪ پراڻي ڦاٽل ڪپڙي جي لنگوٽ اوگھڙ واريءَ جاءِ تي ٻڌل ھئس جنھن کي ورائي سندس ڪنڌ ٻڌي ڇڏيو ھئائون ، وزير عين الملڪ کي شاھي خيمي جي دروازي تي بيھاري پاڻ بادشاھھ وٽ ويو، بادشاھھ کيس پيئڻ لاءِ شربت ڏنو، ھوڏانھن اميرن جا ڇوڪرا عين الملڪ وٽ اچي کيس گاريون ڏيڻ، سندس منھن ۾ ٿڪون ھڻڻ ۽ سندس ساٿين تي مار موچڙو ڪرڻ لڳا.

بادشاھھ ھن کي ھڪ وڏي امير ھٿان چوائي موڪليو تھ ”تو ھي سڀ ڪيو“ جنھن تي ھو ماٺ ۾ رھيو ۽ ڪو بھ جواب ڪو نھ ڏنائين. پوءِ بادشاھھ حڪم ڪيو تھ ھن کي غريبن جھڙا ڪپڙا پھرائي، پيرن ۾ چار زنجير وجھي ۽ سندس ھٿ ڪنڌ سان ٻڌي، وزير جي حوالي ڪيو وڃي تھ ھن کي پنھنجي حفاظت ۾ قابو رکي؛ عين الملڪ جا ڀائر درياءُ پار ڪري اؤڌ ڏانھن ڀڄي ويا جتان پنھنجا ٻار ٻچا، مال متاع جيڪي کڻي سگھيا سو کڻي ڪنھن طرف ڀڄي ويا.

        ھنن ويندي، پنھنجي ڀاءُ عين الملڪ جي زال کي بھ چيو تھ تون بھ پنھنجا ٻار ٻچا وٺي اسان سان گڏ ڀڄي ھل. پر ھن وڃڻ کان انڪار ڪندي، جواب ڏنن تھ ”مان ھڪ ھندو عورت کان بھ گھٽ آھيان ڇا، جيڪا پنھنجي مڙس سان گڏ سڙي مرندي آھي. جيڪڏھن منھنجو سرتاج مرندو تھ مان بھ مرنديس، پر جي ھو زندھ رھندو تھ مان بھ ھن لاءِ زندھھ رھنديس.“ پوءِ ھو ھن کي ڇڏي ھليا ويا. بادشاھھ کي جڏھن ھن جواب جي خبر پيئي، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان زال تي ڏاڍو رحم آيس.

        سھيرا نالي ھڪ جوان عين الملڪ جي ڀائرن مان ھڪ، نصرالله کي پڪڙي وڌو ۽ کيس قتل ڪري ان جو سر بادشاھھ وٽ کڻي آيو؛ ۽ ان سان گڏ عين الملڪ جي زال ، ماءُ ۽ ان جي ڀيڻ کي بھ پاڻ سان وٺيو آيو. بادشاھھ انھن کي بھ وزير جي حوالي ڪيو، ھنن لاءِ عين الملڪ جي خيمي جي ڀرسان ھڪ خيمو لڳايو ويو، جتي عين الملڪ اچي ويھي ساڻن ڳالھيون ڪري وري قيد خاني ڏانھن ھليو ويندو ھو. فتح واري ڏينھن عصر جي وقت کان پوءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ اھي بيڪار ماڻھو جيڪي ذليل، بازاري ۽ غلام قسم جا آھن ۽ ھنن سان گڏ پڪڙيا ويا آھن، انھن کي آزاد ڪيو وڃي.

ملڪ ابراھيم تتريءَ (ڀنگي) کي بھ بادشاھھ جي سامھون پيش ڪيو ويو، جنھن لاءِ سپھھ سالار ملڪ بغرا رٿ ڏني تھ ”اي آخوند عالم ھن کي بھ قتل ڪرڻ گھرجي ڇو تھ ھن بھ بغاوت ۾ حصو ورتو ھو.، تنھن تي وزير جواب ڏنس نھ ”عين الملڪ کي گرفتار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن جو قصور معاف ڪيو ويو آھي،۽ بادشاھھ بھ کيس معافي ڏني آھي“ پوءِ ھن کي حڪم ڏنو ويو تھ ھو پنھنجي جاگير ڏانھن ھليو وڃي، بادشاھھ مغرب کان پوءِ ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ اچي ويٺو، جتي عين الملڪ جي ساٿين مان ٻاھٺ وڏا وڏا امير سندس سامھون پيش ڪيا ويا، پوءِ انھن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو ويو، انھن امن مان ڪن کي ھاٿين پنھنجي فولاد جي پٽ چڙھيل ڏندن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو۽ ڪن کي مٿي ھوا ۾ اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيو. ان وقت نغارا ۽ واڄا وڄي رھيا ھئا، عين الملڪ ھيءُ سڀ ڪجھھ خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھو، ۽ انھن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ھن ڏانھن اڇلايا پئي ويا.

        پوءِ ھن کي قيد ۾ وٺي ويا، ماڻھن جي گھڻائيءَ ۽ ٻيڙين جي ٿورائيءَ سبب بادشاھھ دريا جي ڪناري تي ترسي پيو، شاھي سامان خزانو وري ھاٿين ذريعي درياءَ جي ھن پار پھچايو ويو، بادشاھھ ڪجھھ ھاٿي پنھنجي خاص اميرن ۾ ورھائي ڏنا تھ ھو پنھنجو سامان درياءَ جي پار پھچائين. تنھن ڪري مون کي بھ ھڪ ھاٿي مليو، جنھن تي مون پنھنجو سامان لڏي ھن ڀر پھچايو.

ان کان پوءِ  بادشاھھ (ڀرائچ) وڃڻ جو ارادو ڪيو، ان وقت اسان بھ ھن سان گڏ ھئاسين، ھيءُ ھڪ تمام خوبصورت شھر  آھي ۽ سرو نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ھيءَ ندي تمام وڏي آھي ۽ اڪثر ڪناري کي کائيندي رھندي آھي. ھتي رسم موجب بادشاھھ ، شيخ (الصالح البطل) سالار جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ  درياءُ پار ڪري آيو ھو. شيخ سالار ھن طرح جا گھڻائي ملڪ فتح ڪيا ھئا ۽ ماڻھن ۾ ھن لاءِ ڪيتريون ئي عجيب و غريب ڳالھيون مشھور ھونديون ھيون، ماڻھن جي درياءَ پار ڪرڻ وقت ڏاڍي ڀيڙ اچي لڳي، ايتري قدر جو ھڪ ٻيڙي جنھن ۾ ٽي سئو ماڻھو چڙھيل ھئا، سا ٻڏي ويئي ۽ صرف ھڪ عرب جيڪو امير غوار جي ساٿين مان ھڪ ھو، بچي سگھيو.

        اسان ھڪ ننڍيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيل ھئاسين جنھن ڪري الله سائينءَ اسان کي بچايو، عرب جيڪو ٻڏڻ کان بچي ويو ھو تنھن جو نالو سلام ھو، اتي عجيب اتفاق اھڙو ٿيو  جو ھن عرب جي پھريائين ارادو ھو تھ اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھي؛ پراسان جي ٻيڙي ڪجھھ اڳتي نڪري ويئي تنھن ڪري ھو وڃي وڏي ٻيڙي ۾ چڙھيو ھو، جيڪا ٻڏي ويئي جڏھن ھو بچي درياءَ اڪري آيو، تڏھن ماڻھن خيال ڪيو تھ ھو اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھيل ھو ان تي اسان جي ساٿين ۾ اچي ٿرٿلو پيو جو سمجھيائون تھ شايد اسان ٻڏي وياسين ، پر  جڏھن اسان کي صحيح سلامت ڏٺائون تڏھن اسان کي اچي مبارڪ ڏنائون.

پوءِ اسان شيخ سالار جي قبر، جيڪا ھڪ گنبذ ۾ آھي، جي زيارت تھ ڪئي، باقي ان تائين پھچائڻ جي واٽ، گھڻيءَ ڀيڙ سبب، ھٿ نھ آئي پوءِ اسان ھن طرف جي ھڪ ڪانھن جي ٻيلي مان ٿي لنگھياسين تھ اسان گينڊو ڏٺو، ماڻھن ان کي ماري وڌو ۽ ان جي سسي وڍي کڻي آيا، جو ھاٿيءَ  کان ننڍو پر سندس سسي ھاٿيءَ جي سسيءَ کان ڪافي وڏي ھئي.

 

بادشاھھ جو دارالخلافھ ۾ واپس اچڻ ۽ علي شاھڪر (ٻوڙي) جي بغاوت

جڏھن بادشاھھ عين الملڪ کي شڪست ڏني، تڏھن اڍائي سالن کان پوءِ ھو دارالخلافھ ۾ آيو. عين الملڪ جو گناھھ کيس بخش ڪيو ويو؛ تنھن سان گڏنصرت خان جنھن تلنگانھ جي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ھئي، تنھن کي بھ معاف ڪيو ويو، بادشاھھ ھنن ٻنھي کي پنھنجي باغن ۾ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ کين خلعت ۾ سواري بھ عطا ڪيائين ازانسواءِ اٽو ۽ گوشت بھ ھنن لاءِ روزانو بادشاھھ جي طرفان مقرر ڪيو ويو ھو.

ھن کان پوءِ خبر آئي تھ قطلو خان جو ھڪ ساٿي علي شاھڪر بادشاھھ کان باغي ٿي ويو آھي. ھي شخص ڏاڍو بھادر، چڱين عادتن وارو ۽ شڪل جو بھ سھڻو ھوندو ھو، ھن بدر ڪوٽ (بيدر جو قلعو) فتح ڪري ان کي پنھنجي ملڪ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، بادشاھھ پنھنجي استاد کي ھن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ چاڙھي موڪليو، جنھن وڃي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو ۽ قلعي جي برجن جي ھيٺان سرنگ لڳائڻ شروع ڪيائين، آخر علي شاھڪر جڏھن ڏاڍو پريشان ٿيو، جڏھن امان گھريائين ، قطلو خان کي امان ڏيئي، قيد ڪري بادشاھھ ڏانھن ڏياري موڪليو.

        بادشاھھ ھن جو ڏوھھ معاف ڪري کيس خراسان وقت غزنيءَ جي شھر ڏانھن ڪڍي ڇڏيو، اتي ھو ڪجھھ وقت رھيو، آخر ھن کي جو کٽيءَ اچي کنيو، سو وطن جي اڪير  اچي لڳيس، جنھن ڪري ھو واپس ھليو آيو. سنڌ ۾ پھچڻ تي ھو  پڪڙجي پيو ۽ بادشاھھ وٽ پيش ڪيو ويو، بادشاھھ کيس چيو تھ تون وري منھنجي ملڪ ۾ فساد ڪرڻ آيو آھين ۽ حڪم ڪيائين تھ ھن کي قتل ڪيو وڃي، پوءِ ھن جو سر ڪپيو ويو.

امير بخت جو ڀڄي وڃڻ ۽ قيد ٿيڻ

بادشاھھ جڏھن امير بخت تي ڪاوڙيو، جنھن جو لقب ملڪ ھوندو ھو، تڏھن ھن جو عھدو چار ھزاريءَ مان گھٽائي ھڪ ھزاري ڪري کيس دھليءَ ۾ وزير ڏانھن ڏياري موڪليائين. ھيءُ شخص انھن ماڻھن مان ھو،جيڪي اسان سان گڏجي بادشاھھ وٽ آيا ھئا.  اتفاق سان امير عبدالله ھروي تلنگانھ واريءَ وبا ۾ مري ويو. ھن جو سڀ سامان سندس ساٿين وٽ دھليءَ ۾ رکيل ھو، سو انھن بھ امير بخت سان گڏ ڀڄڻ جي صلاح ڪئي. ۽ جڏھن وزير، بادشاھھ جي استقبال لاءِ، دھليءَ کان نڪتو تڏھن ھو وجھھ وٺي امير بخت سان گڏ ڀڄي نڪتا.

        ھو چاليھن ڏينھن جو رستو ستن ڏينھن ۾ طئي ڪري اچي سنڌ ۾ پھتا، ھنن وٽ ڏاڍا عمدا تيز رفتار گھوڙا ھئا ھنن چيو تھ سنڌو ندي تري پار ھليو وڃجي. پر امير بخت ۽ سندس پٽ تري ڪو نھ  ٿي سگھيا، تنھن ڪري ڪانن جو ترھو ٺاھي، ان ۾ ريشمي رسيون ٻڌي، پار اڪرڻ چاھيائون، پر ھو نديءَ جي ڪناري تي پھچي ، انھي ءَ ۾ گھڙڻ کان ڊڄي بيھي رھيا.

        پوءِ ھنن اوجتھ (اچ) جي حاڪم جلال الدين ڏانھن ٻھ ماڻھو موڪليا، جن وڃي جلال الدين کي چيو تھ ڪجھھ سوداگر درياءُ پار ڪرڻ ٿا چاھين ۽ ھيءَ زين توڏانھن تحفي طور موڪلي اٿن تھ ھنن کي درياءَ پار اڪرڻ جي اجازت ۽ ان ۾ مدد ملي. جلال الدين ھڪدم سمجھي ويو تھ اھڙي قسم جي زين سوداگرن وٽ ڪا نھ ھوندي آھي ۽ ضرور ڪو گھوٽالو آھي. تنھن ڪري حڪم ڏنائين تھ ھنن ٻنھي ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي.

        انھن مان ھڪ ڪنھن طرح سان ڇڏائي، ڀڄي وڃي  شرف ملڪ وٽ نڪتو، جي مسلسل پنڌ جي ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي سبب ننڊ پيا ھئا. ايندڙ شخص ھڪدم شرف الملڪ کي سڄي روئداد ٻڌائي، جنھن تي ھو سڀ گھوڙن تي سوار ٿي اٿي ڀڳا، جلال الدين حڪم ڪيو تھ جيڪو ماڻھو پڪڙيو ويو آھي تنھن کي خوب موچڙا ھڻي سچي ڪرائي وڃي، جنھن آخر شرف الملڪ جو سمورو احوال ٻڌائي ڇڏين. پوءِ جلال الدين پنھنجي نائب کي حڪم ڪيو تھ ھو لشڪر پاڻ سان وٺي يڪدم شرف الملڪ  ۽ سندس ساٿين ڏانھن وڃي.

ھو ڏس واري جاءِ تي پھتو تھ ھو اڳيئي ڊپ ۾ ڀڄي ويا ھئا، پر نائب سندن پيڇو ڪيو ۽ آخر وڃي رسين، لشڪر وارن ھنن تي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ نائب جو تير اتفاق سان شرف الملڪ جي پٽ طاھر جي ھڪ ٻانھن ۾ وڃي لڳو، جنھن تي ھو ڪري پيو. نائب ھن کي سڃاڻي کڻي قابو ڪيو. آخر ٻيا بھ سڀ پڪڙجي پيا ۽ سڀني کي جلال الدين جي سامھون آندو ويو، جنھن کين پيرن ۾ زنجير وجھي، سندن مشڪون ٻڌي، کڻي پاڻ وٽ قيد ۾ رکيو. پوءِ وزير کي لکيائين تھ ھنن کي ڇا ڪيو وڃي، وزير حڪم ڏنس تھ ھنن کي دارالخلافھ ڏانھن موڪليو وڃي.

        پوءِ جلال الدين ھنن کي دارالخلافھ ڏانھن موڪليو، جتي کين قيد ۾ رکيو ويو ، پوءِ بادشاھھ حڪم ڪيو تھ شرف الملڪ کي ھڪ سو چھبڪ زور سان ھنيا وڃن، ھو ھر روز اھڙي مار کائيندو رھيو ۽ آخر تائين زندھ رھي سگھيو. تنھن تي بادشاھھ کي ھن تي رحم اچي ويو ۽ سندس ڏوھھ معاف ڪري کيس چنديريءَ ڏانھن امير نظام الدين وٽ ڏياري موڪليائين. ھن کان پوءِ شرف الملڪ جي حالت تمام خراب ٿي پيئي ۽ تنگدستيءَ  اچي ورايس، ايتري قدر جو ھن وٽ سواريءَ لاءِ ڪو گھوڙو ڪو نھ رھيو، تنھن ڪري ھو ڏاند تي سواري ڪندو ھو.

        ڪيترو ئي وقت ھو ھن حال ۾ رھيو، پوءِ امير نظام الدين جڏھن بادشاھھ ڏانھن ڪجھھ ماڻھو موڪلي ڏنا، انھن ۾ ھيءُ بھ شامل ھو. بادشاھھ ھن کي کڻي پنھنجو (جاشنکير)چاشگير مقررڪيو.  ھن عھديدار جو ڪم اھو ھوندو ھو تھ  ھو گوشت ٽڪرا ٽڪرا ڪري، دستر خواني تي رکندو ويندو ھو ۽ کاڌو کڻي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيندو ھو.

        پوءِ بادشاھھ ھن تي تمام گھڻو مھربان ٿيو ۽ سندس مرتبو ايترو تھ وڌائي ڇڏيائين جو جڏھن ھو بيمار ٿيندو ھو تھ بادشاھھ خود سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ھن وٽ ويندو ھو، ۽ ھن کي سون ۾ توري اھو سون بھ ھن کي عنايت ڪيو ھئائين. اھا سموري ڳالھھ مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ کيس پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪرائي، چندريءَ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليائين. ھيءَ اھا جاءِ ھئي جتي ھو پھريائين امير نظام الدين جي نوڪري ڪندو ھو ۽ ڍڳي تي سواري ڪندو ھو، خدا جا شان آھن، ھو دلين جو مالڪ آھي جيئن وڻيس تيئن ڪري.

شاھھ افغان جي سنڌ ۾ بغاوت

شاھھ افغان سنڌ جي ملڪ، ملتان  ۾ بغاوت ڪئي ۽ اتي جي امير بھزاد کي قتل ڪري بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. بادشاھھ ھن کي مارائڻ جو ارادو ڪيو، پر ھو پنھنجي قوم جي پٺاڻن جيڪي ڏکين جبلن ۾ رھندا ھئا، ڏانھن ڀڄي ويو. بادشاھھ کي ڏاڍو غصو آيو ۽ پنھنجي نائبن کي لکي موڪلائين تھ جنھن ھنڌ بھ ڪو پٺاڻ موجود ھجي ان کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي ۽ اھو ئي قاضي جلال الدين جي بغاوت جو سبب بڻيو.

قاضي جلال جي بغاوت

قاضي جلال ۽ پٺاڻن جي ھڪ قوم شھر کنڀات ۽ بلوذره جي ڀرسان رھندي ھئي. جڏھن بادشاھھ پنھنجي نائبن کي پٺاڻن جي پڪڙڻ جو حڪم ڏنو تڏھن ملڪ مقبل کي، جو انھيءَ وقت وزير جي طرفان الجزرات(گجرات) ۽ نھروالھ ۾ نائب ھو، ھي حڪم ڏنائين تھ ڪنھن طريقي سان قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري، بلوذره جو علائقو ملڪ الحڪما جي جاگير ۾ ھوندو ھو، جنھن جي شادي بادشاھھ جي ماٽيجي ماءُ جي ڌيءَ سان، جنھن کي بادشاھھ پاليو ھو، ٿي ھئي. انھيءَ ئي ماءُ مان وري بادشاھھ کي ٻي بھ ڀيڻ ھئي جنھن جو نڪاح امير غرا سان ڪيو ھئائين.

        اھو ملڪ الحڪما انھيءَ وقت ملڪ مقبل وٽ ھو، ڇاڪاڻ تھ سندس جاگير ملڪ مقبل جي علائقي ۾ ھئي. جڏھن ھو گجرات ۾ پھتا تڏھن ملڪ مقبل، ملڪ الحڪما کي حڪم ڏنو تھ قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي مون وٽ وٺي اچ. جڏھن ملڪ الحڪما انھن جي علائقي  ۾ پھتو، تڏھن ھنن کي ڳجھيءَ طرح سان نياپو ڏياري موڪليائين تھ ملڪ مقبل توھان کي گرفتار ٿو ڪرڻ چاھي، تنھن ڪري توھان کي پاڻ وٽ گھرايو اٿس، سو توھان ھٿيار ٻڌي تيار ٿي ھن وٽ وڃجو.

        نتيجي ۾ قاضي جلال ٽي سو زره پوش تيار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ اچي چيائين تھ اسان سڀئي اندر وينداسين. ملڪ مقبل سمجھي ويو تھ ھنن کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ انھن کان ڊڄي حڪم ڏنائين تھ واپس ھليا وڃو ۽ ھن کي امان ڏيڻ جو خيال ظاھر ڪيائين. پر ھنن بغاوت ڪئي،کنڀات جي شھر ۾ داخل ٿي، شاھي خزانو ۽ ماڻھن جو مال ڦريائون. انھيءَ ڦر مار ۾ ابن الڪومي نالي واپاريءَ جو سمورو مال ڦرجي ويو. ھي اھو شخص ھو جنھن اسڪندريھ جي شھر ۾ ھڪ عاليشان مدرسو ٺھرايو آھي، جنھن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس.

        پوءِ ملڪ مقبل، قاضي جلال جي مقابلي لاءِ آيو، پر شڪست کاڌائين. تنھن کان پوءِ ملڪ عزيز خمار بھ ھنن کان شڪست کاڌي. اھڙيءَ طرح ملڪ جھان  بنبل بھ ست ھزار ماڻھو جو لشڪر وٺي ھن سان لڙائي ڪئي، پر انھيءَ بھ شڪست کاڌي، ھن ٻڌي، ملڪ ۾ جيڪي فسادي ۽ جرائم پيشي ماڻھو ھئاسي بھ اچي قاضي جلال سان مليا، جنھن ڪري ھن بادشاھيءَ جي دعويٰ ڪري، پنھنجن ساٿين کان بيعت وٺي ڇڏي. بادشاھھ ھن ڏانھن ڪيترائي لشڪر موڪليا پر سڀني کي شڪست نصيب ٿي. انھن ڏينھين دولت آباد ۾ ھڪ پٺاڻن جو گروھھ رھندو ھو، جن بھ بغاوت ڪئي.

ابن ملڪ مل جي بغاوت

دولت آباد ۾ جيڪا پٺاڻن جي جماعت رھندي ھئي ان ۾ ابن ملڪ مل بھ رھندو ھو. بادشاھھ پنھنجي نائب نظام الدين کي، جيڪو سندس استاد قطلو خان جو ڀاءُ ھو، موڪليو تھ انھن پٺاڻن کي گرفتار ڪري ۽ گڏوگڏ ھٿڪڙيون، زنجير ۽ سياري جون خلعتون بھ موڪلي ڏنائينس. ھندستان ۾ اھو رواج آھي تھ ھر ھڪ شھر جي حاڪم ڏانھن ۽ فوج جي عملدارن ڏانھن سال ۾ ٻھ ڀيرا خلعتون موڪليندا آھن، يعني ھڪ خلعت اونھاري جي ۽ ٻي سياري جي. جڏھن خلعتون آنديون وينديون آھن، تڏھن اھو حاڪم ۽ سڄو لشڪر انھن جي استقبال لاءِ شھر کان ٻاھر ايندو آھي ۽ جڏھن خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھچندا آھن، تڏھن پنھنجي سوارين تان لھي پوندا آھن. پوءِ انھن مان ھر ھڪ پنھنجي پنھنجي خلعت وٺي، ڪلھي تي رکي، بادشاھھ جي طرف منھن ڪري، دستوري سلام ڪندو آھي.

        بادشاھھ نظام الدين کي لکي موڪليو ھو تھ جڏھن اھي پٺاڻ شھر کان ٻاھر اچن ۽ خلعتون وٺڻ لاءِ گھوڙن تان لھن تڏھن انھن کي گرفتار ڪري وٺي، خلعت آڻيندڙن مان ھڪ سوار اھا خبر پٺاڻن کي اڳواٽ موڪلي ڏني، جنھن ڪري نظام الدين جي ڪوشش ناڪام ٿي پيئي. جڏھن ھو(نظام الدين) ۽ پٺاڻ سوار ٿي شھر کان ٻاھر آيا ۽ خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھتا ، تڏھن نظام الدين پنھنجي گھوڙ: تان لھي پيو. يڪدم پٺاڻن ھن تي حملو ڪري ھن کي کڻي قيد ڪيو ۽ سندس ساٿين مان ڪيترن کي قتل ڪري، وڃي شھر جي خزانن تي قبضو ڪيائون ۽ ناصرالدين ملڪ مل جي پٽ کي کڻي پنھنجو حاڪم مقرر ڪيائون. ھن واقعي کانپوءِ ڪيترائي فسادي ماڻھو بھ اچي ھنن سان شامل ٿيا، تنھن ڪري پاڻ ھنن وڌيڪ زور ورتو.

جڏھن بادشاھھ کي کنڀات ۽ دولت آباد ۾ پٺاڻن جي بغاوت جي خبر پھتي، تڏھن بذات خود کنڀات جي طرف وڃڻ جو ارادو ڪيائين، ۽ پوءِ دولت آباد ڏانھن موٽي، پنھنجي ناٺي اعظم ملڪ بايزيديءَ کي چار ھزار لشڪر ڏيئي، پاڻ کان اڳ ۾ موڪلي ڏنائين، جو وڃي قاضي جلال جي لشڪر سان سامھون ٿيو ۽ کين شڪست ڏنائين. پوءِ ھو ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا ۽ اتي ئي لڙائي جاري رکيائون. قاضي جلال جي لشڪر ۾ ھڪ شيخ جلول نالي ھوندو ھو، جو اھڙو تھ زبردست ھوندو ھو، جو دشمن جي لشڪر ۾ زبردستي گھڙي پوندو ھو ۽ ڪيترائي ماڻھو ماري وجھندو ھو، ھو اعلان ڪري چوندو ھو تھ مون سان مقابلي لاءِ ڪو ماڻھو ٻاھر اچي، پر ڪنھن کي بھ ھن سان وڙھڻ جي ھمت نھ ٿيندي ھئي.

        ھڪ ڏينھن اھڙو اتفاق ٿيو؛ جو ھن وٺي پنھنجي گھوڙي کي تيز ڊوڙايو، جو ھن کي کڻي ھڪ غار ۾ وڃي ڪريو، جلول گھوڙي تانڪري پيو ھو، تنھن کي اتي ھڪ لڪل شخص ڪرندي ئي يڪدم قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ معلوم ٿيو تھ ھن جي بدن تي ٻھ زرھون چڙھيل ھيون، پوءِھن جو سر بادشاھھ ڏانھن موڪليو ويو ۽ سندس بدن بلوزره(1) جي شھر جي ديوار تي لٽڪائي، سندس ٽنگون ۽ ٻانھون ٻين شھرن ڏانھن نموني طور موڪليون ويون.

        پوءِ بادشاھھ بھ لشڪر وٺي اچي پھتو، قاضي جلال، بادشاھھ جي اچڻ جو ٻڌي، ثابت قدم رھي نھ سگھيو، سو پنھنجن ساٿين کي وٺي ، پنھنجي مال اولاد کي ڇڏي ڀڄي ويو، لشڪر انھن سڀني کي ڦري شھر ۾ داخل ٿيو. بادشاھھ اتي ڪيترائي ڏينھن ترسي پيو. پوءِ اتان اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي ناٺي شرف الملڪ امير بخت کي، جنھن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، پٺيان ڇڏي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏنائين تھ جن ماڻھن قاضي جلال جي بيعت ڪئي ھئي، انھن کي ڳولي ھٿ ڪري. ان کان سواءِ ڪيترائي فقيھھ بھ ھن وٽ ڇڏي ويو تھ انھنجي فيصلي جي مطابق عمل ڪندو رھي، شيخ علي حيدري جو قتل بھ، جنھن جو بيان اڳ ۾ ڪري آيا آھيون، ھن موقعي تي ڪرايو ويو ھو.

        قاضي جلال ھتان سڌو ملڪ جي پٽ ناصر الدين وٽ دولت آباد ۾ ڀڄي آيو ۽ ان جي ساٿين ۾ اچي شامل ٿيو، بادشاھھ خود انھن سان مقابلي لاءِ آيو. باغين جو لشڪر ڪل چاليھھ ھزار کن گڏ ٿي ويو ھو، جنھن ۾ افغان ، ترڪ، ھندو ۽ غلام بھ شامل ھئا. انھن سڀني قسم کنيو ھو تھ ڪنھن بھ لڙائيءَ جي ميدان مان ڪو نھ ڀڄنداسين ۽ بادشاھھ سان مقابلو ڪنداسين. جڏھن بادشاھھ ھنن سان مقابلي لاءِ آيو تڏھن شاھي ڇٽ ڪو نھ لڳارايائين. ھنن سمجھيو تھ بادشاھھ لڙائي ۾ موجود ڪونھي. جڏھن لڙائي زور شور سان جاري ٿي، تڏھن اوچتو ئي اوچتو شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو. دشمن جا ماڻھو ڇٽ ڏسي عجب ۾ پئجي ويا ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڄي ويا.

        ابن ملڪ مل، قاضي جلال ۽ انھن چئن سون خاص ماڻھن (دويتر) ديوگير جي قلعي ۾ وڃي پناھھ ورتي. ھيءُ قلعو سڄيءَ دنيا ۾ نھايت مضبوط ڪري ليکيو ويندو آھي. پوءِ بادشاھھ دولت آباد جي شھر ۾ ترسي پيو. ديوگير ان شھر جو قلعو آھي، بادشاھھ ھنن کي قلعي تان لھي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو، پر ھنن جواب ڏنو تھ جيستائين اسان کي امان نھ ڏنو ويندو، تيستائين نھ لھنداسين، پر بادشاھھ امان ڏيڻ کان انڪار ڪيو  ۽ انھن جي دل وٺڻ لاءِ کين کاڌو ڏياري موڪليائين، ايستائين پنھنجو اکين ڏٺو احوال آھي، اڳتي الاجي ڇا ٿيو.

ملڪ مقبل ۽ ابن الڪوميءَ جي لڙائي

ھيءَ لڙائي قاضي جلال الدين جي خروج ۽ بغاوت کان اڳ ۾ لڳي ھئي. تاج الدين ابن الڪومي ھڪ وڏو سوداگر ھوندو ھو. ھن بادشاھھ جي لاءِ تمام قيمتي تحفا، جن ۾ غلام، اٺ، ڪپڙا ۽ ھٿيار وغيره بھ ھئا، ترڪستان مان کڻي آيو ھو. بادشاھھ ھن تي ڏاڍو راضي ٿيو ۽ انھن تحفن جي عيوض کيس ٻارھن لک رپيا ڏنائين چون ٿا تھ انھن تحفن جي قيمت ھڪ لک رپين کان زياده ڪا نھ ھئي، پوءِ بادشاھھ ھن کي کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو، اھو علائقو وزير جي نائب مقبل جي ھٿ ھيٺ ھوندو ھو.

ابن الڪومي کنڀات پھچي اتان ملبار ۽ سيلان جي ٻيٽن ڏانھن جھاز موڪلڻ شروع ڪيا، جتان کيس قسم قسم جا تحفا ۽ ھديا ايندا رھندا ھئا، جنھن ڪري ھو تمام وڏو شاھوڪار ٿي ويو، جڏھن ھن دارالخلافھ ڏانھن پنھنجي ملڪ جو سرڪاري مال ڪو نھ موڪليو، تڏھن ملڪ مقبل ھن کي چوائي موڪليو تھ دستور موجب تحفا ۽ سرڪاري مال داراخلافھ ڏانھن موڪلي ڏي. جنھن تي ابن الڪوميءَ جواب ۾ چوائي موڪليس تھ مان پاڻھي سڀ ڪجھھ اوڏانھن کڻي ويندس يا نوڪرن جي ھٿان ڏياري موڪليندس. ۽ ايترو بھ چيائنس تھ مان ڪو نائب وزير يا وزير جو زيردست نھ آھيان، اصل ھو بادشاھھ جي مھربانيءَ جي ڪري ڪجھھ مغرور ٿي ويو ھو. نائب وزير سڄي حقيقت وزير کي لکي موڪلي، جنھن سندس خط جي پٺيان لکي موڪليس تھ جيڪڏھن منھنجي علائقي جو انتظام تون نٿو رکي سگھين تھ ھڪدم واپس ھليو اچ.

ھن جواب پھچڻ شرط ھن لڙائيءَ جو سامان تيار ڪيو ۽ پنھنجا غلام ۽ لشڪر گڏ ڪري وڃي ابن الڪوميءَ سان مقابلو ڪيائين. ابن الڪوميءَ کي شڪست آئي، پر ٻنھي طرف ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا، پوءِ ھن ابن الڪوميءَ جي  لشڪر جي سڀني اميرن کي مارائي ڇڏيو ۽ کيس چوائي موڪليائين تھ جيڪڏھن بادشاھھ جو مال ۽ تحفا وغيره موڪلين تھ تو کي امان ڏيان. ھي شرط ابن الڪوميءَ منظور ڪيو. پوءِ ملڪ مقبل ھن کان سڀ مال وٺي بادشاھھ ڏانھن موڪلي ڏنو ۽ انھيءَ سان گڏ بادشاھھ ڏانھن ابن الڪوميءَ جي شڪايت بھ لکي موڪليائين.

        ھوڏانھن ابن الڪوميءَ بھ بادشاھھ ڏانھن ھن جي شڪايت جو خط ڏياري موڪليو، جنھن تي بادشاھھ ملڪ الحڪما کي ٻنھي جي جھڳڙي جي فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليو. انھيءَ کان سگھو ئي پوءِ قاضي جلال بغاوت ڪئي، جنھن ۾ ابن الڪوميءَ جو مال ڦرجي ويو ۽ ھو جان بچائي پنھنجي ملڪ ڏانھن ڀڄي ويو، جتان بادشاھھ وٽ ھليو ويو.


(1) بڙودو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org