سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 9

 

فصل ٽيون

امير سيف الدين غرا بن ھبتھ الله بن مھني، امير عرب الشام، تي بادشاھھ جي نظر عنايت

جڏھين امير سيف الدين بادشاھھ وٽ آيو تڏھن بادشاھھ سندس تمام گھڻي آجيان ڪئي ۽ کيس بيحد عزت ڏنائين، کيس سلطان جلال الدين فيروز(خلجي) وارو محل، جيڪو ڪشڪ لعل(ڳاڙھو محل) جي نالي سان مشھور آھي ۽ دھليءَ ۾ آھي، رھائش لاءِ ڏنائين، ھيءُ محل تمام وڏو آھي جنھن ۾ اڱڻ تمام وڏو آھي ۽ ڏيڍي بھ تمام وڏي اٿس. انھيءَ ڏيڍيءَ جي مٿان ھڪ برج ٺھيل آھي جنھن ۾ اندر ويھي، اندرئين ۽ ٻاھرئين اڱڻ کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھجي ٿو، سلطان جلال الدين ھن برج ۾ ويھي، اندرئين پاسي کينھونءَ اند ڏسندو ھو.

جڏھين امير سيف الدين کي ھن محل ۾ ترسايو ويو تڏھن مان بھ اھو محل ڏسڻ ويس، جو سڄو نھايت قيمتي سامان سان آراستھ ٿيل ھو، پر سڀني شين تي مٽي چڙھي ويئي ھئي، ڇو تھ ھندستان ۾ اھو دستور آھي تھ جيڪڏھن ڪو بادشاھھ مري ويندو آھي تھ ان جي محل کي ڇڏي، نئون بادشاھھ پنھنجي لاءِ ھڪ ٻيو محل ٺھرائي ان ۾ رھندو آھي، ۽ اڳئين بادشاھھ جي محل جي ڪنھن بھ سٺي شيءَ کي اتان ھٽايو نھ ويندو آھي. مون انھيءَ محل کي چڱي طرح سان گھمي ڏٺو ان جي ڇت تي بھ ويس، ھر شيءِ عجيب ھئي، منھنجي تھ اکين مان ڳوڙھا ڪري پيا.

فقيھ جلال الدين مغربي، جيڪو ننڍي ھوندي پنھنجي پيءُ سان گڏ ھندستان آيو ھو، ان وقت مون سان گڏ ھو ۽ ھي شعر پڙھيائين.

و سلاطينھم سل الطين عنھم

فالرئوس الغطام صارت عظاما

ترجمو - ۽ انھن بادشاھن جي خبر مٽيءَ کان پڇ – جن ۾ وڏن وڏن سرن جا بھ ھڏا ٿي ويا.

انھي محل ۾ امير سيف الدين جي شاديءَ جي دعوت ٿي ھئي. بادشاھھ عرب جي ماڻھن کي گھڻو ڀائيندو ھو ۽ انھن جو گھڻو قدر ڪندو ھو،  جڏھن ھيءُ امير آيو تڏھين ھن سان بھ سٺو سلوڪ ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا ھن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏنائين، ھڪ دفعي ملڪ اعظم با يزيدي، ماڻڪپور جي حاڪم، جو نذر آيو تھ ان مان بھ يارنھن اصيل گھوڙا کيس ڏنائين. ٻئي دفعي ڏھھ گھوڙا جن تي زريدار زينون ۽ سون جا لغام ھئا، کيس  ڏيئي ڇڏيائين . ازانسواءِ پنھنجي ڀيڻ فيروز خوندة (فيروزه) ھن کي پرڻائي ڏنائين.

بادشاھھ جي ڀيڻ جي امير سيف الدين سان شاديءَ جو بيان

جڏھن بادشاھھ جو حڪم ٿيو تھ سندس ڀيڻ جي شادي امير سيف الدين سان ڪئي وڃي ، تڏھن دعوت وليمھ ۽ ٻين اخراجات جو بندوبست ملڪ فتح الله شونويس جي حوالي ڪيو ويو، ۽ مون کي حڪم  مليو تھ مان اھي ڏينھن امير سيف الدين سان گڏ  رھان. ملڪ فتح الله وڏا وڏا شاميانا آندا جيڪي ھن انھيءَ ڳاڙھي محل جي ٻنھي اڱڻن ۾ لڳارايا ۽ ھر ھڪ  اڱڻ ۾ ھڪ وڏو خيمو لڳارايائين، جن جي اندر قسمين قسمين عمدا گلم ۽ غاليچا لڳرائي، امير المطربين شمس الدين تبريزي، ان جا ڳائڻا ۽ ڳائڻ نچڻ واريون عورتون جيڪي سڀ بادشاھھ جا نوڪر ۽ نوڪرياڻيون ھيون، وٺي آيو، ازانسواءِ بورچي، مانيون پچائڻ وارا، حلوائي، پخالي ۽ تنبول دار بھ حاضر ٿيا.

پوءِ پکي ۽ جانور حلال ڪيا ويا ۽ پندرھن ڏينھن تائين سڀني ماڻھن کي کاڌو کارايو ويو. ان کاڌي ۾ وڏا وڏا امير ۽ غيرملڪي ماڻھو بھ ٻيئي وقت شرڪت ڪندا رھيا. نڪاح جي رات کان ٻھ راتيون اڳ شاھي محل مان خواتين (بيگمون) آيون جن اچي سٺا سٺا غاليچا وغيرھ وڇائي، ان محل کي سينگاريو، پوءِ امير سيف الدين کي ، جيڪو غيرملڪي ماڻھو ھو ۽ ڪو بھ مٽ مائٽ ڪو نھ ھوس، گھرائي ھڪ ھنڌ ويھاريائون، بادشاھھ جي حڪم موجب بادشاھھ جي ماٽيجي ماءُ جيڪا مبارڪ خان جي ماءُ ھئي، سا سيف الدين جي ماءُ ٿي. ۽ ٻين بيگمن مان ڪا سندس ڀيڻ ٿي، ڪا سندس ڦڦي تھ ڪا سندس ماسي بني – جيئن ھو ائين سمجھي تھ سندس سڄو خاندان ھتي موجود آھي.

ھنن کيس ھڪ مسند تي ويھاري، سندس ھٿن ۽ پيرن تي ميندي لڳائي ۽ ٻيون زالون وري سندس مٿن کان بيھي ڳائڻ ۽ نچڻ لڳيون. بيگمون ھي سڀ ڪجھھ تيار ڪري قصرالزفاف(1) ڏانھن ھليون ويون ۽ ھو پنھنجن دوستن سان گڏ محل کان ٻاھر رھيو. بادشاھھ حڪم ڪيو تھ ڪجھھ امير ھن جي طرف ٿين ۽ ڪجھھ ڪنوار جي طرف ٿين، ڇو تھ ھن ملڪ ۾ اھو دستور آھي تھ جڏھن گھوٽ ڪنوار کي پنھنجي گھر وٺي اچڻ لاءِ ڪنوار جي گھر جي دروازي تي ويندو اھي تھ اتي ڪنوار جي طرف جا ماڻھو بيٺا ھوندا آھن. جنھن وقت گھوٽ پنھنجي طرف جي ماڻھن سان اتي ويندو آھي تھ ڪنواريتا گھوٽيتن کي اندر اچڻ کان روڪيندا آھن. پوءِ جيڪڏھن گھوٽيتا ھنن تي غالب ايندا آھن تھ اندر ھليا  ويندا آھن، پر جي اتفاق سان مغلوب ٿي ويندا آھن تھ ڪنوار جي طرفدارن کي ھزارين روپيھ ڏنڊ طور ڏيڻا پوندا اٿن.

        مغرب جي نماز کان پوءِ امير سيف الدين وٽ ھڪ نيري ريشم جي خلعت ، جنھن تي جواھر ايتري انداز ۾ لڳل ھئا جو ان ڪپڙي جو رنگ بھ مشڪل نظر ٿي آيو، ۽ اھڙي ئي نموني جي دستار کڻي آيا، مون اھڙي پوشاڪ اڳ ۾ ڪڏھن بھ ڪا نھ ڏٺي ھئي. بادشاھھ جيڪي پوشاڪون پنھنجن ناٺين جيئن تھ عماد الدين سمنانيءَ کي، ملڪ العلما جي پٽ کي، شيخ الاسلام جي پٽ کي ۽ صدر جھان بخاريءَ جي پٽ کي ڏنيون ھيون، سي ھن جي اڳيان ڪجھھ بھ نھ ھيون. پوءِ سيف الدين پنھنجن دوستن ۽ غلام سان گڏ گھوڙي تي سوار ٿي ، ھنن سڀني پنھنجن پنھنجن ھٿن ۾ ھڪ ھڪ لڪڻ کنيو.

پوءِ ھڪ تاج وانگر ٺھيل شيءِ(1) جيڪا ياسيمن، نسرين ۽ رابيل جي گلن سان تيار ڪئي ويئي ھئي، جنھن جون جھالرون منھن ۽ سيني تي لٽڪيون ٿي، کڻي آيا ۽ امير کي چيو ويو تھ اھا مٿي تي رکي، پر ھن انڪار ڪيو، ڇو تھ ھو ھڪ بدوي عرب ھو، سو بادشاھي معاملن مان ڇا ڄاڻي، ۽ پھرڻ کان صفا نابري واري ويٺو، تنھن تي مون قسم وجھي، مس مس مٿي تي رکايومانس. پوءِ ھن جي جماعت حرم جي دروازي تي پھتي جتي ڪنوار جي طرف جي جماعت اڳئي مقابلي لاءِ تيار بيٺي ھئي. امير پنھنجي ساٿين سان ھنن تي عربي نموني جو حملو ڪيو ۽ ھنن کي دسي دسي ڀڄائي ڪڍيائون، بادشاھھ کي جڏھن ھيءُ خبر پيئي تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھو اڱڻ ۾ داخل ٿيو جتي ھڪ منبر تي جيڪو ديباج(ڪپڙي) سان سينگاريل ھو  ۽ ان تي جواھرات جڙيل ھئا، ڪنوار کي آڻي ويھاريو ھئائون. اتي ڳائڻ وڄائڻ واريون زالون بھ ويٺيون ھيون، جي ھن کي ڏسي سڀ اٿي بيٺيون. امير جو گھوڙو جڏھن منبر تائين پھتو، تڏھن اتي اچي، گھوڙي تان لھي، منبر جي پھرئين ڏاڪي تي بيھي زمين چميائين ، ان وقت ڪنوار اٿي بيٺي ۽ امير کي پنھنجي ھٿن سان پان ڏنائين، جيڪو ھن ورتو.

ان کان پوءِ امير ڪنوار کان ھڪ ڏاڪو ھيٺ ويھي رھيو. پوءِ سندس ساٿين تي سونا ورق نثار ڪيا ويا. عورتون ڳائيندي، تڪبيرون ھڻنديون پئي ويون. ٻاھر دھل ۽ شرنايون وڄي رھيون ھيون. پوءِ امير اٿي ، پنھنجي ڪنوار کي ھٿ کان وٺي، ھيٺ لھڻ لڳو تھ عورتون بھ سندن پٺيان ھلڻ لڳيون، پوءِ امير گھوڙي تي سوار ٿيو ۽ ڪنوار وري ڏوليءَ ۾ وڃي ويٺي، ان وقت وري ٻنھي تي درھم ڇٽيا ويا. ڏوليءَ کي غلامن پنھنجي ڪلھن تي کنيو ، بيگمون گھوڙن تي چڙھيون ۽ ٻيون عورتون وري سڀني جي اڳيان پنڌ ھلڻ لڳيون. اھڙي طرح سان ھيءَ سواري جنھن بھ امير جي دروازي وٽان ٿي لنگھي، تنھن امير ٻاھر نڪري ، انھن جي مٿان پنھنجي پڄندي آھر دينار ٿي ڇٽيا، تان جو اچي پنھنجي محل ۾ لٿا.

ٻئي ڏينھن ڪنوار، پنھنجي گھوٽ جي دوستن جي گھر ڪپڙا، دينار ۽ درھم موڪليا. بادشاھھ بھ انھن مان ھر ھڪ کي ساز ۽ سامان سوڌو گھوڙو ۽ ھڪ ڳوٿري، جن ۾ ٻن سون کان وٺي ھڪ ھزار تائين دينار ھئا، پنھنجي طرفان موڪليا، ملڪ فتح الله بيگمن کي قسمين قسمين ڪپڙا ۽ رپين جون ڳوٿريون موڪليون ۽ اھڙيءَ طرح ڳائڻ وارن کي بھ موڪليائين. ھتي ھندستان ۾ اھو رواج آھي تھ ڳائڻ وارن کي گھوٽيتن کان سواءِ ٻيو ڪو بھ ماڻھو ڪجھھ نھ ڏيندو آھي.

        انھيءَ ڏينھن وري سڀني جي دعوت ڪئي ويئي، ۽ ائين شادي ختم ٿي، بادشاھھ حڪم ڏنو تھ امير کي مالوھ الجزات(1) کنڀات ۽ نھروالھ وارا پرڳڻا جاگير ۾ ڏنا وڃن ۽ مذڪوره ملڪ تي فتح الله کي سندس نائب مقرر ڪيو وڃي، مطلب تھ سندس عزت افزائي ۾ ڪا بھ ڪمي ڪا نھ ڪئي ويئي؛ پر آخر ھو ھڪ بدوي عرب ھو سو قدر سڃاڻي نھ سگھيو ۽ آخر سندس اھا بدويت جي جھالت ھن تي غالب آئي، جنھن کيس شاديءَ جي پورن ويھن ڏينھن کان پوءِ بڇڙو ڪرايو.

امير الغرا جو قيد ٿيڻ

شاديءَ جي ويھن ڏينھن کان پوءِ ھو شاھي محل ڏانھن ويو ۽ بنا اجازت اندر وڃڻ چاھيائين. تنھن تي امير برددارية (پرده دار) کيس منع ڪئي. امير غرا ھن جي ڪا پرواه ڪا نھ ڪئي ۽ زبردستيءَ اندر وڃڻ لڳو. انھيءَ دربان کيس وارن کان جھلي کڻي پوئتي ڌڪو ڏنو. امير غرا کي جو لڳي ڪاوڙ، سو لڪڻ جيڪو سندس ھٿ ۾ ھو سو اھڙو تھ زور سان وھائي ڪڍيانئينس، جو رت نڪري آيس. ھيءُ دربان بھ ھڪ وڏو امير ھو، جنھن جو پيءُ غزنيءَ جو قاضي ھو، جيڪو سلطان محمود بن سبڪتگين جي اولاد مان ھو ۽ بادشاھھ کيس پيءُ جي بجاءِ ڪري سمجھندو ھو ۽ سندس پٽ کي جنھن کي امير غرا مار ڏني، ھن ڀاءُ ڪري سڏيو ھو. ھو پنھنجا رت سان ڀريل ڪپڙا کڻي سڌو بدشاھھ وٽ وڃي دانھين ٿيو تھ امير غرا مون کي ماريو آھي، بادشاھھ ڪجھھ وقت سوچيندو رھيو، آخر چيائينس تھ قاضيءَ وٽ وڃي فرياد ڪر.

بادشاھھ جي محل ۾ زبردستي گھڙڻ اھڙو ڏوھھ آھي، جو بادشاھھ ڪڏھن بھ معاف نھ ڪندو آھي ۽ ان ماڻھوءَ جي يقيني سزا موت ھوندي آھي. پر ڇاڪاڻ تھ ھو غيرملڪي ماڻھو ھو تنھن ڪري ھن سان رعايت ڪئي ويئي. قاضي ڪامل الدين ان وقت ديوان خاني ۾ ويٺو ھو. بادشاھھ ملڪ تتر کي چيو تھ ھنن ٻنھي کي قاضي وٽ وٺي وڃ. ملڪ تتر حاجي ھو ۽ عربي تمام سٺي ڳالھائيندو ھو. جڏھن ٻنھي کي قاضيءَ وٽ حاضر ڪيائين، تڏھن امير غرا کي ڳالھيون ڪندي چيائين تھ تو ھن شخص کي ماريو آھي؟ جيڪڏھين نھ ماريو اٿئي تھ چئو تھ مون نھ ماريو آھي. يعني سندس مطلب ھو تھ  چوي تھ نھ. پر ھو جو اصل جاھل ھو ۽ ڪجھھ مغرور بھ ٿي پيو ھو، سو زور ٻڌي بيھي رھيو تھ ھائو مون برابر ماريو اٿس.

ايتري ۾ زخمي جو پيءُ بھ اچي نڪتو، تنھن بھ ڪوشش ڪئي تھ ٻنھي جي وچ ۾صلح ٿئي تھ چڱو . پر سيف الدين اصل اٽ ھڻي بيھي رھيو. قاضيءَ فيصلو ڪيو تھ ھو سڄي رات جيل ۾رھي.سندس زال بادشاھھ جي خوف کان نھ ھن ڏانھن سمھڻ لاءِ بستر موڪليو ۽ نھ وري ڪا خبر لڌائينس. سندس دوستن کي بھ اچي خوف ورتو، سو سڀني پنھنجا مال وڃي ماڻھن وٽ امانت رکيا. مون ارادو ڪيو تھ قيد خاني ۾ وڃي ساڻس ملاقات ڪريان، ھڪ امير مون کي مليو جنھن پنھنجو مطلب سمجھي چيو تھ تو کي وسري ويو آھي ڇا تھ تو  شيخ  شھاب الدين بن شيخ احمد جام سان ملاقات جو ارادو ڪيو ھو ۽ ڪيئن بادشاھھ تنھنجي قتل جو حڪم ڏنو ھو. ھن واقعي جو بيان اڳتي ڪندس.

اھو ٻڌي مان واپس موٽي آيس، ٻئي ڏينھن ظھر جي وقت امير غرا کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ بادشاھھ ھن کان منھن موڙي ڇڏيو ۽ سندس جاگير جو حڪم بھ رد ڪري ڇڏيائين نھ رڳو ايترو پر جلاوطن ڪرڻ جو بھ ارادو ڪيائينس.

بادشاھھ جو ھڪ ٻيو ڀيڻيويو مغيث الدين ابن الملڪ الملوڪ سنالي ھوندو ھو. بادشاھھ جي ڀيڻ ھميشھ ان جي شڪايت ڪندي ڪندي، آخر مري ويئي. ان وقت سندس ٻانھين بادشاھھ کي ياد ڏياريو تھ ھوءَ ويچاري بھ ھن جي ظلم جي سبب ڪري مئي آھي، ۽ ھو اصل خاندان بھ ڪو نھ آھي. جنھن تي بادشاھھ پنھنجي ھٿ سان حڪم لکيو تھ قيط (حرامي) ۽ موش خوار کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. حراميءَ مان سندس اشارو مغيث الدين ڏانھن ھو ۽ موش خوار مان سندس مطلب امير سيف الدين ھو – ڇو تھ بدوي عرب يربوع نالي ھڪ جانور کائيندا آھن، جيڪو جھنگلي ڪئي جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. يڪدم نقيب آيا تھ ھن کي ملڪ مان ٻاھر ڪڍن. ھن چاھيو ٿي تھ پنھنجي گھر وڃي پنھنجي زال کان موڪلائي اچي، پر نقيب ھر ھر کيس سڏڻ لاءِ اچي رھيا ھئا، تنھن ڪري روئندو انھن سان ھليو ويو.

مان ان وقت محل ۾ ويس ۽ سڄي رات اتي ترسي پيس. ھڪ امير مون کان پڇيو تھ رات ھتي ڇو ترسيو آھين. مون چيو تھ امير سيف الدين جي باري ۾ بادشاھھ کي چوڻو اٿم تھ ھن کي ملڪ نيڪالي نھ ڏئي ۽ ھن کي واپس گھرائي وٺي. ھن جواب ڏنو تھ ائين بلڪل ناممڪن آھي، تنھن تي مون چيو تھ جيڪڏھن مون کي ھڪ سو راتيون بھ ھتي رھڻيون پيون تھ بھ رھندس، پر پنھنجو مطلب ضرور حاصل ڪندس.

بادشاھھ کي جڏھن اھا خبر پھتي تھ تڏھن حڪم ڏنائين تھ امير سيف الدين کي واپس گھرايو وڃي ۽ پوءِ حڪم ڏنائين تھ ھو ملڪ قبولي لاھوريءَ جي خدمت م رھي. آخر  چار سال جڏھن ھن سان سوارين ۽ سفرن ۾ گڏ رھي ، ھو تھذيب ۽ ادب چڱيءَ طرح سکي ويو، تڏھن وري ھن کي پنھنجي مرتبي تي واپس ڪيو ويو ۽ کيس ساڳيون جاگيرون ۽ لشڪر ڏيئي سندس عزت افزائي ڪئي ويئي.

سلطنت جي وزير جي ڌين جي شادي خدا وند زادھ قوام الدين جي پٽن سان ٿيڻ

خدا وند زاده قوام الدين جڏھن بادشاھھ وٽ آيو، تڏھن سندس تمام گھڻي خاطر داري ڪرڻ کان سواءِ ساڻس نھايت سٺو سلوڪ ڪيو ويو، پوءِ بادشاھھ سندس پنھنجي پٽن جي شادي وزير خواجھ جھان جي ٻن ڌين سان ڪئي. وزير جي گھر آيو ۽ اچي سندس ڌين جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيو. ھو جيستائين قاضيءَ نڪاح ٿي پڙھيو تيستائين بادشاھھ بيٺو رھيو ۽ ٻيا امير ۽ حاضرين ويٺا رھيا، پوءِ بادشاھھ پنھنجي ھٿن سان ڪپڙا ۽ ۽ رپين جون ڳوٿريون کڻي قاضيءَ ۽ خدا وند زاده جي پٽن کي ڏنيون، ھي ڏسي امير اٿي عرض ڪرڻ لڳا تھ بادشاھھ سلامت ايتري تڪليف نھ وٺن، تنھن تي بادشاھھ کين ويھي رھڻ جو حڪم ڏيئي، پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ وڏي امير کي بيھاري پاڻ ھليو ويو.

بادشاھھ جي تواضع ۽ انصاف جي متعلق ڳالھھ

ھڪ دفعي ھڪ وڏي ھندن جي امير بادشاھھ تي ڪيس داخل ڪيو تھ بادشاھھ سندس ڀاءُ کي بي خطا مارائي ڇڏيو آھي. قاضيءَ جي سڏ تي بادشاھھ بنا ھٿيارن جي پيرين پنڌ وڃي قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. اتي وڃي سلام ڪري آداب بجا آندائين. قاضيءَ کي اڳيئي چوائي موڪليو ھئائين تھ جڏھن مان اچان تڏھن ھرگز اٿي نھ بيھجانءِ، نھ ئي وري منھنجي ٻي ڪا خوشامد ڪجانءِ ، جڏھن ھو قاضيءَ جي سامھون آيو تڏھن قاضيءَ حڪم ڪيو تھ ھن جي ڀاءُ جي خون لاءِ ھن کي راضي ڪر . پوءِ بادشاھھ وڃي ھن کي راضي ڪيو.

اھڙي ھڪ ٻي ڳالھھ

ھڪ دفعي ڪنھن مسلمان شخص بادشاھھ تي ڪجھھ  مال جي دعوي ٰ داخل ڪئي. قاضيءَ ھڪم ڏنو تھ بادشاھھ ھڪدم سندس مال موٽائي ڏئي ، ۽ بادشاھھ ھن کي سندس مال موٽائي ڏنو.

ھڪ ٻي ڳالھھ

ھڪ دفعي ڪنھن بادشاھھ جي عھديدار جي پٽ بادشاھھ تي ڪيس ڪيو تھ بادشاھھ بنان ڪنھن سبب جي ھن کي مار ڏني آھي. قاضيءَ حڪم ڏنو تھ بادشاھھ ڇوڪري کي راضي ڪري يا ان جو قصاص(1) ڏئي. مون ڏٺو تھ بادشاھھ پنھنجي مجلس ۾ ان ڇوڪري کي گھرائي، سندس ھٿ ۾ ھڪ لڪڻ ڏيئي، ھن کي پنھنجو قسم وجھي چيو تھ پنھنجو بدلو مون کان وٺ ۽ جھڙيءَ طرح مون تو کي ماريو آھي اھڙيءَ طرح تون بھ مون کي مار. ڇوڪري بادشاھھ کان لڪڻ وٺي ايڪويھھ دفعا کيس ھنيو، ايتري قدر جو ھڪ دفعي ڌڪ لڳڻ سان بادشاھھ جو (ڪلاءُ) ڪلاه بھ سندس مٿي تان ڪري پيو.

نماز لاءِ سختي

ھيءُ بادشاھھ نماز لاءِ تمام گھڻو تاڪيد  ڪندو ھو، سندس حڪم ھو تھ جيڪو بھ شخص جماعت سان نماز نھ پڙھي ، تنھن کي سزا ڏني وڃي. ھڪ دفعي انھيءَ ڳالھھ تان نو ماڻھو قتل ڪرائي ڇڏيائين، جن مان ھڪ ڳائيندڙ بھ ھو، ھن ڪم لاءِ  بادشاھھ ڪيترائي ماڻھو مقرر ڪري ڇڏيا ھئا جن جو فرض ھوندو ھو تھ جماعت جي وقت جيڪو بھ ماڻھو بازار ۾ ڏسندا ھئا، تنھن کي پڪڙي ايندا ھئا، ايتري قدر جو  سئس جيڪي ديواخاني جي در تي گھوڙا جھليو بيٺا ھوندا ھئا تن کي بھ پڪڙڻ شروع ڪري ڏنائون. شاھي فرمان ھو تھ ھر شخص، وضو ۽ نماز جا فرض ۽ اسلام جا شرائط سکي، ۽ ماڻھن کان انھيءَ متعلق سوال بھ ڪيا ويندا ھئا پوءِ  جيڪڏھن ڪو چڱيءَ طرح سان جواب ڏيئي نھ سگھندو ھو، تھ ھڪدم کيس سزا ملندي ھئي، تنھن ڪري سڀ  ماڻھو بازارين ۾ ڪاغذن تي نماز وغيره جا مسئلا لکارايو، ياد ڪندا وتندا ھئا.

شرعي حڪمن لاءِ سختي

شرعي حڪمن لاءِ بھ ھيءُ بادشاھھ تمام گھڻي سختي ڪندو ھو. پنھنجي ڀاءُ مبارڪ خان کي ھن جو حڪم ھو تھ ھو ديوانخاني ۾ قاضي القضاه ڪمال الدين سان گڏ ويھي انصاف ڪرائي، ھن کي اھو بھ حڪم ھو تھ ھڪ بلند برج ۾ ٿي ويھي. قاضيءَ لاءِ انھيءَ ئي برج ۾ بادشاھھ جي بيٺڪ وانگر ھڪ مسند لڳائي ويئي ھئي. بادشاھھ جو ڀاءُ قاضيءَ جي ساڄي پاسي کان ويھندو ھو، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي ڪنھن وڏي امير تي دعويٰ ھوندي ھئي تھ بادشاھھ جي ڀاءُ جا ماڻھو کيس وٺي، اچي قاضيءَ جي سامھون پيش ڪندا ھئا، اھو قاضي ان ماڻھوءَ کي سندس حق ڏياريندو ھو.

مظلومن جي فرياد رسي ۽ انصاف

سنھ ٧٤١ ھجريءَ ۾ بادشاھھ حڪم ڪڍيو تھ  سڄي ملڪ ۾ زڪوات ۽ عشر کان سواءِ ماڻھن کان ٻيو ڪو بھ ٽئڪس وغيره نھ ورتو وڃي. پاڻ ھفتي ۾ ٻھ دفعا سومر ۽ خميس جي ڏينھن تي انصاف ڪرڻ لاءِ اچي ديوانخاني جي سامھون  ميدان تي ويھندو ھو. انھن ڏينھن تي، ھن جي سامھون صرف چار ماڻھو موجود ھوندا ھئا، جي ھئا امير حاجب، خاص حاجب، سيد الحجاب ۽ شرف الحجاب، سڀني ماڻھن کي عام اجازت ھوندي ھئي تھ اچي پنھنجون تڪليفون ۽ فرياد پيش ڪن. چئن اميرن کي وري چئن ئي دروازن تي مقرر ڪيو ويو تھ فريادين جو بيان لکندا رھن. انھن چئن اميرن مان چوٿون بادشاھھ جو سوٽ ملڪ فيروز ھوندو ھو.

اھڙيءَ طرح سان جيڪڏھن پھرئين دروازي وارو فرياديءَ جي شڪايت لکي بادشاھھ کي موڪليندو ھو تھ واھ، نھ تھ فريادي وري ٻئي دروازي تي ويندو ھو، جي اھو بھ نھ لکندو ھو تھ فريادي وري ٽئين ۽ چوٿين دروازي تي ويندو ھو. جيڪڏھن انھن مان ڪنھن بھ ٻوٽو نھ ٻاريو تھ فريادي صدر جھان سرڪاري قاضيءَ وٽ ويندو ھو. اتفاق سان جيڪڏھن انھي بھ سندس فرياد رسي نھ ڪئي، تھ پوءِ ھو  سڌو بادشاھھ وٽ لنگھي ويندو ھو، جنھن جي عام اجازت ھوندي ھئي. پوءِ بادشاھھ کي جيڪڏھن بلڪل يقين ٿي ويندو ھو تھ انھن اميرن ۽ قاضيءَ وٽ فريادي ويو ھو ۽ ھنن مان ڪنھن بھ شڪايت نھ لکي موڪلي، تھ ھنن کي تمام گھڻو ڳالھائيندو ھو. اھڙيءَ طرح فريادين جا سڀ لکيل بيان بادشاھھ، عشا کان پوءِ، خود پڙھندو ھو.

ڏڪار ۾ ماڻھن کي کاڌو رسائڻ

جڏھين ھندستان ۽ سنڌ جي ملڪن ۾ ڏڪار پيو، تڏھن مھانگائي ايتري تھ وڌي ويئي جو ، ڪڻڪ ڇھھ دينار في مڻ ٿي ويئي. ان وقت بادشاھھ حڪم ڏنو تھ دھليءَ جي سڀني رھواسين، ننڍي، وڏي غلام خواھھ آزاد کي ڏيڍ رطل مغربي في ماڻھوءَ جي حساب سان ڇھن مھينن جو راشن (سرڪاري) گودامن مان، ھڪدم  ڏنو وڃي. پوءِ فقيھ ۽ قاضي شھر جي ھر ھڪ محلي وارن جون لسٽون ٺاھي حاضر ڪندا پئي ويا ۽ ھر ماڻھوءَ کي ڇھن مھينن جو راشن ملندو ٿي رھيو.


(1) قصر الزفاف – زفافھ جي معنيٰ آھي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پھريون دفعو ھمبستر ٿيڻ واري جاءِ (ڏسو لغات ڪشوري صفحو ٢٢١)

(1) ھتي ابن بطوطھ انھيءَ سھري جي ڳالھھ ٿو ڪري جيڪو شاديءَ وقت گھوٽن کي ٻڌندا آھن. سنڌيءَ ۾ ان سھري کي موڙ ڪري چوندا آھن. موڙ ھندستان جي قديمي رسم آھي – مترجم

(1) الجزات – ھتي ابن بطوطھ شايد گجرات جو ذڪر ٿو ڪري، ڇو تھ الجزات جو ڪوبھ ملڪ ھندستان ۾ ڪونھي. مترجم.

(1) قصاص – خون جو بدلو خون ، خون جو قصاص ائين ٿيندو آھي، جو خونيءَ کي خون ٿيل جي وارثن جي حوالي  ڪيو ويندو آھي، جيڪي قصاص ۾ ان کي ماري ڇڏيندا آھن؛ يا وري جي خوني انھن کي رپيا ڏيئي راضي ڪري تھ بھ ٿي سگھي ٿو بادشاھھ  بھ ھندوءَ کي مال ڏيئي راضي ڪيو ھو، نھ تھ قصاص ۾  مارجي وڃي ھا.  مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org