سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 4

فصل ٻيو

ھندستان ۾ اناج جي پوک

       

ھندستان ۾ سال ۾ ٻھ دفعا فصل لھندو آھي، جڏھن گرميءَ ۾ مينھن پوندو آھي تڏھن خريف جو فصل پوکيندا آھن ۽ سٺ ڏينھن کان پوءِ ان کي کڻي ڇڏيندا آھن، خريف جي اناج جي قسمن مان ڪذرو(1) ۽ شاماخ(سانئون) بھ ٿيندا آھن، سانئون گھڻو ڪري عابد، زاھد، فقير ۽ مسڪين ماڻھو کائيندا آھن. ھڪ ھٿ ۾ ڇڄ کڻي ٻئي ھٿ سان ھڪ ننڍيءَ لٺ سان وڻ کي ڌوڻيندا آھن تھ سانئون اچي ڇڄ ۾ ڪرندو آھي، ھن جا داڻا تمام ننڍا ٿيندا آھن. اس ۾ انھن کي سڪائي، ڪاٺ جي اکرين ۾ انھن کي ڪٽي، سندن کلون الڳ ڪندا آھن تھ اندران  سفيد داڻا نڪري پوندا آھن. مينھن جي کير ۾ ان جي کيرڻي ٺاھيندا آھن، جيڪا ان جي پڪل ماني کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي آھي.

ماش: ھيءُ مٽر جو ھڪ قسم آھي- مڱ وري ماش جو ھڪ قسم آھي ، پر شڪل ۾ ڊگھو ۽ رنگ جو سائو ٿيندو آھي. مڱ  ۽ چانور ملائي، ھڪ کاڌو تيار ڪندا آھن، جنھن کي ڪشري(2) ڪري سڏيندا آھن ۽ ان کي گيھھ سان گڏي کائيندا آھن. ڪشري، صبح جو نيرن تي کائيندا آھن، جيئن اسان جي ملڪ ۾ حريره استعمال ٿيندو آھي.

لوبيا(1) بھ ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، موٺ بھ اناج جو قسم آھي، جيڪو ڪذرو وانگر ٿيندو آھي، پر داڻا ان جا ”ڪذرو“  کان ڪجھھ ننڍا ٿيندا آھن. گھوڙن ۽ ڍڳن کي داڻو ڪري ڏنو ويندو آھي چڻا بھ ساڳي طرح داڻو ڪري کارايا ويندا آھن. ماڻھن جو خيال آھي تھ جون ۾ طاقت گھٽ آھي، تنھن ڪري چڻا ۽ موٺ ڏري، پاڻي ۾  ڀڄائي، گھورن کي کارائيندا آھن ۽ گھوڙن کي ڪڻڪ جو سائو گاھھ بھ لڻي کارائيندا آھن، جنھنڪي  ھو ٿلھا متارا ٿي پوندا آھن. پھريائين ڏھھ ڏينھن انھن کي صرف گيھھ پياريندا اھن، ڪي ٽي رتل(2) ۽ ڪي چار رتل، ۽ انھن ڏينھن ۾ انھن تي سواري ڪين ڪندا آھن. ان بعد ھڪ مھينو  سائي ماش کارئيندا اٿن.

اھي سڀ خريف جا اناج ھئا، خريف جي فصل پوکڻ کان سٺ ڏينھن پوءِ زمين ۾ ربيع جو اناج پوکڻ شروع ڪندا آھن- جيئن تھ ڪڻڪ، چڻا، مسور ۽ جو  وغيرھ زمين سڀ سٺي ۽ آباد آھي. اھڙي طرح سان چانور  سال ۾ ٽي دفعا  پوکيندا آھن، تنھن ڪري چانورن جي پيدائش سڀني اناجن جي قسمن کان وڌيڪ ٿيندي آھي تر ۽ ڪمند بھ خريف جي  فصل سان گڏ پوکيندا آھن.

        ھاڻي اسين سفر جو بيان ٿا ڪريون، ابوھر جي شھر مان نڪري، اسان ھڪ بيابان مان لنگھياسين، جنھن جو سفر ھڪ ڏينھن جو ھو، ان بيابان جي پاسن کان وڏا وڏا جبل ھئا ۽ انھن ڏکين ڏنگرن ۾ ڪافر رھندا آھن، جن مان گھڻا رھزن ۽ لٽيرا آھن، ڪافرن مان ڪي بادشاھھ جي رعيت آھن، جيڪي سندس مدد لاءِ ٻھراڙين ۾ رھندا آھن ۽ انھن جو حاڪم مسلمان ھوندو آھي، جن جو آفيسر وري اھو عامل يا جاگيردار ھوندو آھي، جنھن جي جاگير ۾ اھو ڳوٺ يا شھر ھوندو آھي، ڪي ڪافر نافرمان ھوندا آھن، جي بادشاھھ سان وڙھندا آھن ۽ ڪي وري جبلن ۾ رھي رستن تي ڦريون ڪندا رھندا آھن.

 

ڪافر لٽيرن سان اسان جو پھريون مقابلو

        جڏھن اسين ابوھر مان ٿي ھلياسين، تڏھن ٻيا ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھليا، پر مان ۽ ڪي ٿورا ماڻھو ٻپھرن تائين اتي رھياسين ۽ ٻپھرن کان پوءِ ھلياسين، اسان تي اسي ڪافرن حملو ڪيو، جن مان ٻھ سوار ھئا، منھنجا ھمراھھ سڀئي چڱا جوان ۽ بھادر ھئا، تمام زبردست لڙائي لڳي، اسان انھن مان ٻارنھن ماڻھن ۽ ھڪ سوار کي ماري وڌو ۽ سندن گھوڙن تي قبضو ڪيوسون، مون کي ۽ منھنجي گھوڙي کي تير جو زخم ھو، پر ڇاڪاڻ تھ ھنن جا تير تمام ڪمزور ٿا ٿين، تنھن ڪري اھي زخم بھ معمولي ھئا، اسان مان ھڪڙي ساٿي جو گھوڙو سخت زخمي ٿي پيو، تنھن کي اسان مئل ڪافر جو گھوڙو ڏنو ۽ زخمي گھوڙي کي کڻي ڪٺوسين، جنھن کي ترڪ سوار، جيڪي اسان سان گڏ ھئا، کائي ويا، پوءِ مئل ڪافرن جا سر ڪپي، اسان ابي بکر(1) جي قلعي ۾ کڻي وياسين، جتي شھر جي ديوار تي ٽنگي ڇڏياسين، ابي بکر اسان اڌ رات مھل پھتاسين ۽ اتان کان ٻن ڏينھن جي سفر بعد اجوڌن(2) ۾ پھتاسين ، ھي ھڪ ننڍو شھر آھي. جو شيخ فريدالدين”بدايوني“ جي ملڪيت آھي، مون کي برھان الدين اسڪندريءَ ھلندي وقت چيو ھو تھ تنھن جي ملاقات شيخ فريدالدين سان ٿيندي ۽ خدا جو شڪر آھي جو مان ان سان اچي مليس، ھو ھندستان جي بادشاھھ جو مرشد آھي ۽ ان کيس ھي شھر انعام طور ڏنو آھي، شيخ انتھا درجي جو وھمي آھي، ايتري قدر جو نھ ڪنھن سان ھٿ ٿو ملائي ۽ نھ وري ڪنھن ٻئي جي ڪپڙي سان لڳي وڃي تھ يڪدم ان ڪپڙي کي ڌوئي ٿو ڇڏي.

        مان سندس خانقاه ۾ ويس ۽ ساڻس ملاقات ڪندي شيخ برھان الدين جا سلام پھچايامانس، جنھن تي کين گھڻو عجيب لڳو ۽ فرمايائون تھ ڪنھن ٻئي لاءِ سلام ڏنا ھوندائين، پوءِ سندس ٻنھي عالم ۽ فاضل پٽن سان ملاقات ڪيم، ھڪڙي جو نالو معزالدين ۽ ٻئي جو علم الدين ھو، معز الدين وڏو ھو ۽ پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو.

مون سندن ڏاڏي شيخ فريدالدين بدايوني جي قبر جي بھ زيارت ڪئي، بدايون سنڀل جي علائقي ۾ ھڪ شھر آھي، جتان جڏھن مان  وڃي رھيو ھيس، تڏھن اتي علم الدين مون سان مليو ۽ خواھش ڏيکاريائين تھ منھنجي والد بزرگوار سان ضرور ملندا وڃو، سندس والد انھيءَ وقت تمام مٿاھينءَ ڇت تي بيٺو ھو، کيس سفيد ڪپڙا پھريل ھئا ۽ مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل ھيس، جنھن جو طررو ھڪ طرف لڙڪيل ھو، اتي ئي مون سان ڳالھايائين ۽ پوءِ مون ڏانھن مصري ۽ نباتون ڏياري موڪليائين.


 

فصل ٽيون

ھندستان ۾ ستي لڪڙيءَ جو رواج

        مان شيخ صاحب جي زيارت کان واپس پئي آيس، تھ مون ڏٺو تھ ڪيترائي ماڻھو، جن مان ڪي اسان جا ماڻھو  پڻ ھئا، اسان جي تنبن جي طرف کان ڀڄندا پئي آيا. مون پڇيو مان تھ ڪھڙي ماجرا آھي؟ جواب ڏنائون تھ ھڪ ھندو مري ويو آھي، ۽ ان جي ساڙڻ لاءِ جيڪا چکيا تيار ڪئي وئي آھي، انھيءَ ۾ سندس زال بھ ساڻس گڏ سڙندي، جڏھن اھي ٻئي سڙي ويا، تڏھن اسان جا ھمراھھ واپس آيا ۽ ٻڌايائون تھ عورت ڪيئن ميت سان چنٻري، سڙي مري وئي ، ٻئي دفعي مون ڏٺو تھ ھڪ ھندو عورت، ٺھي ٺھڪي، سينگار ڪري، گھوڙي تي سوار ٿي  وڃي رھي ھئي، ھندو  ۽ مسلمان ، سندس پٺيان  ھئا، اڳيان دھل دماما وڄندا پئي ويا، برھمڻ جيڪي ھنن  جا مذھبي اڳواڻ ھوندا آھن، سي ھن سان گڏ ھئا، اھو علائقو بادشاھھ جو ھو، تنھن ڪري بادشاھھ جي اجازت کانسواءِ، ھو کيس جلائي نٿي سگھيا، جڏھن بادشاھھ جي طرفان اجازت ملين، تڏھن کيس وڃي ساڙيائون ، ڪجھھ عرصي کان پوءِ ھڪ ٻيو اتفاق ٿيو، جو  مان ھڪڙي اھڙي شھر ۾ ھيس، جنھن جا گھڻا رھاڪو ھندو ھئا، انھن کي ابرجي بھ ڪري ڪوٺيندا ھئا، ھڪ دفعي انھن رستي تي ڦر ڪئي، تنھن ڪري اھو امير، ھندن ۽ مسلمانن جو گڏيل لشڪر وٺي انھن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ ويو، تمام سخت لڙائي لڳي ، جنھن ۾ ست ھندو رعيتي ماڻھو مارجي ويا، جن مان ٽن کي زالون ھيون، انھن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ستي ٿيڻ ھندن ۾ ڪو واجب ڪونھي، پر جيڪي رنون زالون پنھنجن مڙسن سان گڏ سڙنديون آھن، انھن جو خاندان عزت وارو ليکيو ويندو  آھي، ۽ عورتون وفادار سمجھيون وينديون آھن، جيڪي زالون ستيون نھ ٿينديون آھن، انھن کي ٿلھا ڪپڙا پائڻ ۽ طرح طرح جي خواري سان زندگي بسر ڪرڻي پوندي آھي. از انسواءِ انھن کي بي وفا پڻ سمجھيو ويندو آھي، پر ڪنھن کي ستي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪو نھ ڪيو  ويندو آھي.

        جن ٽن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو ھو، اھي ٽي ڏينھن اڳ ڳائن  وڄائڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويون. ڇو تھ ھو ھن دنيا مان وڃي رھيون ھيون، انھن وٽ ھر طرف کان زالون پئي آيون، چوٿين ڏينھن انھن وٽ ھڪ ھڪ گھوڙو آندو ويو ۽ ھر ھڪ بيواھ، سينگار ڪري ، خوشبوءِ لڳائي، ان تي سوار ٿي، انھن جي ساڄي ھٿ ۾ ناريل ھئا، جن کي اڇلائي ۽ جھٽي رھيون ھيون ۽ کاٻي ھٿ ۾ آئينو ھو، جنھن ۾ ھر ھڪ منھن پئي ڏٺو، برھمڻ انھن جي چوڌاري جمع ھئا، سندن مائٽ مٽ بھ ساڻن گڏ ھئا، اڳيان دھل دمان وڄندا پئي ويا ۽ ھندن مان ھر ھڪ انھن کي چئي رھيو ھو تھ منھنجي فلاڻي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا دوست کي سلام چئجان، ۽ جنھن تي ھو کلنديون، ھائو ڪنديون پئي ويون، مان بھ پنھنجي دوستن کي وٺي سندن سڙن جو منظر ڏسڻ ويس، اسان انھن سان ٽي ميل کن گڏ وياسين ۽ ھڪ اھڙي جڳھھ تي پھتاسين، جتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ گھاٽي وڻراه ھجڻ ڪري انڌيرو ٿي رھيو ھو،  اھڙيءَ جڳھھ جي ٺيڪ وچ تي چار گنبذ ٺھيل ھئا، جن مان ھر ھڪ گنبذ ۾ ھڪ بت رکيل ھو ۽ وچ تي ھڪ حوض ٺھيل ھو، جنھن تي وڻن جي ڇانو ھجڻ سبب ۽ اس جي نھ پوڻ ڪري اھو اونداھو ائين پئي معلوم ٿيو، جو ڄڻ تھ جھنم جو ٽڪرو ھو، جڏھن ھي عورتون انھن گنبذن وٽ پھتيون، تڏھن انھيءَ حوض ۾ لھي غسل ڪيائون، پوءِ پنھنجا ڪپڙا ۽ زيور لاھي، انھن جي جاءِ تي ھڪ ٿلھي ساڙھي ٻڌائون، حوض جي ڀرسان ھڪ ھيٺاھين زمين تي باھھ ٻاري وئي، جنھن ۾ سرنھن جي تيل وجھڻ سان باھھ ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي، پندرھن کن ماڻھن جي ھٿن ۾ ٻڌل ھلڪين ڪاٺين جون ڀريون ھيون ۽ ڏھاڪو کن ماڻھو وڏا وڏا بُنڊ کنيون بيٺا ھئا، دھلن ۽ شرناين وارا، عورتن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا، باھھ جي اڳيان ڪپڙي جي اوٽ ڪئي وئي ھئي، تھ جيئن عورتن جي نظر ان تي نھ پوي، انھن مان ھڪ عورت زبردستي انھن ماڻھن کان اھو ڪپڙو ڦري ورتو ۽ چيائين تھ ”ڇا، مون کي خبر نھ آھي تھ اھا باھھ آھي؟ مون کي ڊيڄاريو ٿا؟“ پوءِ جلھھ ڪري باھھ ڏانھن وڌي ۽ پاڻ کي باھھ ۾ اڇلائي وڌائين، انھي وقت دھل ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿيون، جيڪي ماڻھو سنھيون ڪاٺيون کنيون بيٺا ھئا، تن اھي باھھ ۾ وجھڻ شروع ڪيون ۽ انھن جي مٿان وڏا بنڊ وجھي ڇڏيائون، جيئن اھا عورت چري پري بھ نھ سگھي، اتي بيٺل ماڻھن وٺي گوڙ ڪيو، مان ھي سڀ ڏسي ، بيھوش ٿي ويس ۽ گھوري تان ڪرڻ تي ھوس تھ منھنجي دوستن مون کي سنڀالي ورتو ۽ پاڻيءَ سان منھنجو منھن ڌوئاريائون، پوءِ مان اتان موٽي آيس، اھڙيءَ طرح ھندو پاڻ کي درياءَ ۾ بھ ٻوڙي ڇڏيندا آھن، گھڻو ڪري اھي گنگا نديءَ ۾ ٻڏندا آھن، گنگا ڏانھن ھندو حج لاءِ ويندا آھن ۽ پنھنجي مردن جي خاڪ بھ انھيءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا اھن، ڇو تھ ھنن جو گمان آھي تھ اھا ندي بھشت مان ٿي نڪري، جيڪڏھن ڪو شخص انھيءَ درياءَ ۾ ٻڏڻ چاھيندو آھي تھ حاضرين  کي چوندو آھي تھ مان ڪنھن بھ دنياوي تڪليف يا مفسليءَ کان تنگ اچي، ائين نٿو ڪريان، پر پنھنجي ڪسائيءَ (گوسائين) جي رضامندي لاءِ ائين ڪري رھيو آھيان.”ڪسائي“ انھن جي زبان ۾ خدا جو نالو آھي. جڏھن اھو شخص ٻڏي مري ويندو آھي، تڏھن کيس ڪڍي ساڙي، سندس خاڪ گنگا نديءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن.

        ان بعد اجوڌن کان ھلي اسان سرستي(1) پھتاسين. جيڪو ھڪ وڏو شھر آھي  ۽ منجھس چانور تمام گھڻا ۽ سٺي قسم جا ٿيندا آھن، جيڪي اتان دھليءَ ڏانھن پڻ موڪليا ويندا آھن، ھن شھر مان آمدني بھ گھڻي ٿيندي آھي. حاجب شيخ شمس الدين بوشنجيءَ مون کي آمدني جو حساب ٻڌايو ھو، پر اھو مون کي ياد نھ رھيو آھي.

        اتان کان پوءِ اسان حانسي(1) جي شھر ۾ وياسين، ھيءُ ھڪ خوبصورت ۽ مضبوط شھر آھي ۽ منجھس وڏيون وڏيون عمارتون آھن. ھن شھر جي پناھھ جي ديوار بھ ڪافي وڏي آھي، چون ٿا تھ ھيءُ شھر ھڪ ھندو راجا”تور“ ٻڌايو ھو  ۽ ان راجا جي متعلق اتي جا ماڻھو، ڪيتريون ئي حقيقتون بيان ڪري رھيا ھئا، قاضي ڪمال الدين صدر جھان قاضي القضات، ھندستان، ۽ ان جا ڀائر قطلو خان، بادشاھھ جو استاد،  ۽ شمس الدين، جو ھجرت ڪري مڪي ھليو ويو ھو، اتي ئي وفات ڪئي ھئائين، ھن  ئي شھر جا رھاڪو ھئا،  پوءِ اتان ٻن ڏينھن جي سفر بعد مسعود آباد(2) پھتاسين، ھي شھر دھلي کان  ١٠ ميل اوري آھي. اتي اسان ٽي ڏينھن ترسياسين، حانسي ۽ مسعود آباد ملڪ ھوشنگ ابن ملڪ ڪمال گزگ جي جاگير ۾ آھن، جڏھن اسان اتي پھتاسين، تڏھن بادشاھھ دارالخلافھ ۾ ڪو نھ ھو ۽ قنوج جي طرف ويل ھو. قنوج دھلي کان ١٠ ميل پري آھي، دھلي ۾ بادشاھھ جي والدھ مخدومھ جھان ۽ وزير احمد بن غياث رومي موجود ھئا. وزير اسان مان ھر ھڪ لاءِ سندس شان ۽ مرتبي مطابق ماڻھو استقبال لاءِ موڪليا، منھنجي استقبال لاءِ شيخ بسطامي شريف مارندراني، جو پرديسي مسافرن جو حاجب ھو ۽ فقيھ مولوي علاءُ الدين فند ملتاني آيا ھئا. وزير  اسان جي اچڻ جي خبر بادشاھھ کي ٽپال ذريعي موڪلي ۽ ٽئين ڏينھن کيس جواب اچي ويو، انھي سبب ڪري اسان کي ٽي ڏينھن مسعودآباد ۾ ترسڻو پيو، ٽن ڏينھن کان پوءِ اسان جي استقبال لاءِ قاضي ، فقيھ، مشائخ ۽ امراءُ آيا.  مصر ۾ جن ماڻھن کي امير چوندا آھن، تن کي ھتي ملوڪ ڪري سڏيندا آھن. شيخ ظھيرا لدين رنجاني بھ استقبال  لاءِ آيو، جيڪو سلطان جي معزز مقربن مان ھڪ ھو، پوءِ اسان  مسعود آباد کان ھلي، ھڪ ڳوٺن جي ڀرسان اچي لٿاسين، جنھن کي پالم (1) ڪري چوندا آھن، ھي ڳوٺ سيد شريف ناظر الدين مطھر اوھريءَ جي جاگير آھي. ھي سيد صاحب بادشاھھ جي مصاحبن مان آھي ۽ بادشاھھ جي سخاوت مان تمام گھڻو فائدو ڪيو اٿائين، اتان ھلي، ٻپھرن جي وقت اچي دار الخلافھ دھلي ۾ پھتاسين جيڪو ھڪ عظيم الشان شھر آھي،ھن عما رتن ۾ خوبصورتي ۽ مضبوطي ، ٻئي موجود آھن، ھن جي شھر پناه اھڙي مضبوط آھي، جو دنيا ڀر ۾ سندس نظير ملي ڪين سگھندو، مشرق ۾ ڪوبھ شھر، اسلامي خواه غير اسلامي، ھن شھر جي عظمت جي مقابلي جو نھ آھي.

 

فصل چوٿون

دھليءَ جو شھر

 

ھيءُ شھر تمام ڪشادو آھي ۽ منجھس گھڻيون عمارتون آھن. اصل ۾ ھي چار شھر اھن، جيڪي ھڪٻئي سان لڳو لڳ آھن. انھن مان پھريون دھلي(1) آھي، جو ھندن جي وقت جو قديم شھر آھي، ۽ سنھ ٥٤٨ع ۾ فتح ٿيو ھو. ٻيو شھر سيري آھي، جنھن کي داراخلافھ بھ چوندا آھن. ھي شھر بادشاھھ غياث الدين، خليفي مستنصر عباسيءَ جي پوٽي کي، جڏھن ھو دھليءَ ۾ رھندو ھو، ڏنو ھو. سلطان علاءُالدين ۽ قطب الدين پڻ ھن شھر ۾ رھندا ھئا. ٽيون شھر تغلق آباد آھي، جنھن کي بادشاھھ جي پيءُ غياث الدين تغلق شاھھ آباد ڪيو ھو. غياث الدين ھڪ ڏينھن سلطان قطب الدين خلجيءَ جي خدمت ۾ بيٺو ھو، ۽ سلطان سان ڳالھيون ڪندي عرض ڪيو ھئائين تھ ”اي آخوند عالم، ھن جاءِ تي ھڪ نئون شھر ٻڌائڻ گھرجي. جنھن تي سلطان طنز سان چيو جڏھن تون بادشاھھ ٿين، تڏھن اتي شھر آباد ڪجان. پوءِ جڏھن ھو قدرت الاھيءَ سان بادشاھھ ٿيو، تڏھن ھيءُ شھر آباد ڪيائين ۽ پنھنجي نالي تي ھن جو نالو رکيائين تغلق آباد. چوٿون شھر جھان پناه آھي، جنھن  ۾ سلطان محمد بن شاھھ تغلق وقت جو بادشاھھ رھندو آھي ۽ ھن ئي ھي شھر آباد ڪيو. بادشاھھ جو ارادو ھو تھ چارئي شھر ملائي، انھن جي چوڌاري ھڪ شھر بناھھ ٺھرائجي، جيڪا پوءِ ٺھرائڻ شروع بھ ڪئي ھئائين پر تمام گھڻو خرچ ايندي ڏسي، اتي ڇڏي ڏنائين.

دھليءَ جي شھر پناه ۽ ان جا دروزا

        ھن شھر پناه جو مثال سڄيءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل اھي. ھن ديوار جي ويڪرائي ٻارنھن ھٿ آھي، جنھن ۾ ننڍيون ڪوٺڙيون ۽ جايون ٺھيل آھن. جن ۾ چوڪيدار ۽ دروازن جا محافظ رھندا آھن. منجنيق(1)، لڙائيءَ جا سامان ۽ رعادات(2) بھ ھنن ئي گدامن ۾ رکيا ويندا آھن. ھر قسم جو اناج ھنن گدامن ۾ گڏ ڪندا اھن. ھيءُ اناج ھر ڪنھن آفت کان محفوظ رھندو آھي، ۽ اڪثر رنگ بھ ڪين ڦيريندو آھي. منھنجي سامھون ھنن گدامن مان چانور ڪڍي ويا ھئا، جن جو رنگ مٿان ڪجھھ ڪارو ٿي ويل ھو، پر مزي ۾ ڪجھھ بھ فرق ڪونھ ھون. مڪئي ۽ جوار بھ ان گدام مان ڪڍيا ھئائون. چون ٿا تھ   شاه بلبن جي وقت ۾، جنھن کي نوي سال گذري چڪا آھن، ھيءُ اناج ڀريو ويو ھو. ديوار جي مٿان ڪيترائي گھوڙي سوار ۽ پيادا، سڄي شھر جي چوڌاري گھمي سگھن ٿا. شھر جي اندرئين پاسي گدامن سان لڳل روشندان آھن، جن مان روشني ملي ٿي، ھن شھر پناھھ جو ھيٺيون حصو پٿر جو، مٿيون پاسو پڪين سرن جو ٺھيل آھي ۽ مٿائنس برج تمام گھڻا آھن، جيڪي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٺھيل آھن، ھن شھر جا اٺاويھھ دروازا آھن، جن مان ڪن جو بيان ڪريون ٿا، بدايون دروازو، جو ھڪ وڏو دروازو آھي ۽ شھر بدايون جي نالي مشھور آھي،  مندوي  دروازو، جنھن جي ٻاھران پوکون آھن، گل دروازو، جنھن جي ٻاھران باغ آھن، نجيب دروازو ۽ ڪمال دروازو، جيڪي ڪن شخصيتن جي نالن تي آھن، غزني دروازو، جنھن جي ٻاھران عيدگاھھ ۽ قبرستان آھن، ھي قبرستان گھڻو ڪري سڀ خوبصورت آھن، ھر ھڪ قبر تي جيڪڏھن گنبذ نھ تھ محراب ضرور ھوندو آھي، ۽ وچ تي وڻ ۽ خوشبودار گلن جا ٻوٽا پوکيل اٿس، جن مان قل شبة (گل شنبو)(1) ريبول (رابيل) گل نسرين ۽ ٻيا قسمين قسمين گل ٻوٽا موجود آھن.

دھلي جي جامع مسجد

ھي جامع مسجد(2) تمام وڏي ۽ ڪشادي آھي، سندس ديواريون ، ڇتيون(گنبذ) ۽ فرش ھر ھڪ شي تراشيل سفيد پٿر جي ٺھيل آھي، ھن ۾ ڪاٺ تھ بلڪل ڪم آندل ڪين آھي، منجھس تيرھن گنبذ آھن، جي پٿر جا آھن ۽ منبر بھ پٿر جو (ھن کي) چار اڱڻ آھن، جن جي وچ ۾ ھڪ ٿنڀو لڳل آھي. خبر نھ آھي تھ ھي ٿنڀو ڪھڙي ڌاتوءَ مان ٺھيل آھي. ڪنھن مون کي ٻڌايو تھ ھن کي ”ھفت جوش“ ڪري ٿا چون، يعني ستن ڌاتن کي پگھاري ھيءُ ٿنڀو تيار ڪيو ويو آھي،  ڪنھن شخص ھن ٿنڀي مان آڱر جيترو ٽڪرو ويھي ڪپيو آھي ۽ اھو ھنڌ بلڪل لسو پئي لڳو، لوھھ ھن تي ڪو بھ اثر نٿو ڪري، ھن جي اوچائي ٽيھھ ھٿ آھي، جيڪا مون پنھنجي پٽڪي سان ماپي ھئي.

مسجد جي اڀرندي پاسي واري دروازي جي ٻاھران ٻھ وڏا وڏا پٿر جا بت گتا پيا آھن ۽ مسجد ۾ ايندڙ ويندڙ انھن کي لتاڙيندا رھندا آھن، ھن مسجد جي جاءِ تي اڳ ۾ ھڪ بتخانو ھوندو ھو، جڏھن دھلي فتح ٿي، تڏھن انھي بتخاني جي جاءِ تي ھي مسجد تعمير ڪئي وئي، مسجد جي اتر واري اڱڻ ۾ ھڪ صومعتھ(1)(مينار) ٺھيل آھي، جنھن جو مثال دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ ۾ ڪو نھ ھوندو. ھي مينار ڳاڙھي پٿر مان تيار ڪيو ويو آھي، پر مسجد سڄي سفيد پٿر مان ٺھيل آھي، مينار تي سھڻا نقش اڪريل آھن، ان جي مٿان جيڪو ڇٽ آھي، سو خالص سنگ مرمر جو ٺھيل آھي، ھن جي اندر جيڪا ڏاڪڻ ٺھيل آھي، سا ايتري قدر ويڪري آھي جو انھيءَ تي ھڪ ھاٿي خلاصائي سان چڙھي سگھي ٿو، ھڪ عمر رسيد، شخص مون کي ٻڌايو تھ جڏھن ھيءُ مينار پئي ٺھيو، تڏھن مون ھاٿين کي ھن جي مٿان پٿر کڻي چڙھندو ڏٺو ھو.

ھيءُ مينار معزالدين بن ناصرالدين ابن سلطان غياث الدين بلبن ٺھرايو ھو ۽ وري قطب الدين خلجي الھندي اڱڻ ۾ ھڪ ٻئي مينار ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، جيڪو ھن مينار کان تمام ڪشادو ۽ اوچو ھجي ھا، پر اڃا ان جو ٽيون حصو مس ٺھرايائين تھ مارجي ويو، پوءِ سلطان محمد تغلق ان کي مڪمل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر فال بد سمجھي، پنھنجو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين، ور نھ اھو مينار دنيا جي عجائبن مان ھڪ ھجي ھا، ھي نامڪمل مينار اندران ايتري قدر ڪشادو آھي ، جو ٽي ھاٿي گڏ ھڪٻئي جي برابر ٿي، ھن جي ڏاڪڻ تي چڙھي سگھن ٿا، ھي فقط ٽيون حصو ٺھيل مينار بھ اوتروئي اوچو آھي جيترو اتر واري اڱڻ جو سڄو مينار، مون ھڪ دفعي انھي تي چڙھي ڏٺو تھ شھر جا اوچا اوچا گھر ۽ شھر پناھھ باوجود گھڻي اوچائي جي تمام ننڍا پئي معلوم ٿيا ۽ انھي ھيٺان بيٺل ماڻھو جھڙا ننڍڙا ٻار پئي ڏسڻ ۾ آيا، ھيٺان بيھي ڏسڻ سان ھي مينارو  وڏي ۽ ڪشادي ھئڻ سبب گھٽ اوچو ٿو لڳي.

        سلطان قطب الدين خلجي سيري ۾ ھن(1) جھڙي ٻي مسجد ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر فقط ھڪ ديوار ۽ محراب کانسواءِ وڌيڪ ٺھرائي نھ سگھيو، جنھن ۾ اڇو ۽ ڳاڙھو، سائو ۽ ڪارو پٿر استعمال ڪيو ويو، جو جيڪڏھن ھي مسجد ٺھي وڃي ھا تھ ھن جھڙي مسجد ڪنھن بھ شھر ۾ نھ ملي سگھي ھا، وري سلطان محمد تغلق ان کي ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو، ڪاريگرن ۽ رازن کان خرچ جو اندازو ڪرايائين تھ پنجٽيھھ لک رپيا خرچ اچي ٿي ويو، گھڻو خرچ ايندي ڏسي ھن اھو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، پر بادشاھھ جي ھڪ مصاحب کان خبر پئي تھ فال بد جي سبب اھو ارادو ترڪ ڪيل ھو، ڇاڪاڻ تھ قطب الدين تعمير ڪرائيندي ئي مارجي ويو ھو.

 دھلي شھر جا وڏا حوض

        شھر دھليءَ جي ٻاھران ھڪ حوض (1) آھي، جو سلطان شمس الدين التش ڏانھن منسوب ٿيل آھي، شھر واسي ھن حوض جو پاڻي پيئندا آھن، ۽ عيد گاھھ بھ ويجھو اٿس، ھن ۾ بارش جو پاڻي گڏ ٿيندو آھي، سندس ڊيگھھ ٻھ ميل ۽ ويڪر ھڪ ميل آھي، سندس الھندي ۾ عيدگاھھ طرف پٿر جا ٻھ منزلا ٿلھا ٺھيل آھن، انھن ٿلھن کان پاڻي تائين ڏاڪڻيون ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ ٿلھي جي ڪنڊ تي گنبذ ٺھيل آھي، جنھن ۾ ويھي، تماشائي نظارو ڏسندا آھن. حوض جي ٺيڪ وچ ۾ وري منقش پٿرن مان ھڪ ٻھ منزلو گنبذ ٺھيل آھي، جڏھن تلاءَ ۾ پاڻي گھڻو ھوندو آھي، تڏھن ماڻھو ٻيڙين ۾ وچواري گنبذ ڏانھن ويندا آھن ۽ جڏھن پاڻي گھٽ ٿيندو آھي تڏھن ماڻھو اتي ائين ئي ھليا ويندا آھن، اتي ھڪ مسجد بھ ٺھيل آھي ۽ اڪثر ڪري پرھيز گار ۽ متو ڪل شخص اتي وڃي رھند آھن، جڏھن حوض جا ڪنارا سڪي ويندا آھن، تڏھن انھن ۾ ڪمند، رسنگاڙا، ھنداڻا ۽ گدرا پوکي ڇڏيندا آھن، ھتي جا گدرا ننڍا ، پر تمام مٺا ٿيندا آھن.

        دھلي ۽ دارالخلافھ جي وچ تي وري ھڪ ٻيو حوض آھي، جنھن کي حوض خاص(2) ڪري سڏيندا آھن، ھي حوض پھرئين حوض(شمسي) کان بھ وڏو آھي، جنھن جي ڪنارن تي چاليھھ گنبذ ٺھيل آھن، ھن حوض جي چوڌاري گھڻي ئي راڳ ڳائيندڙ رھندا آھن، تنھن ڪري انھيءَ آبادي کي طرب آباد(راڳيندڙن جي بستي) ڪري چوندا آھن، ھت ڳائيندڙن جي ھڪ تمام وڏي بازار آھي، جنھن ۾ ھڪ جامع مسجد پڻ آھي، ۽ انھيءَ کان سواءِ اتي ٻيون بھ ڪيتريون ئي مسجدون آھن، چون ٿا تھ جيڪي گاني بجاني واريون عورتون ھت رھنديون آھن، سي رمضان شريف ۾ تراويح جي نماز جماعت سان پڙھنديون آھن ۽ انھن جا امام پڻ مقرر ھوندا آھن، عورتون تعداد ۾ گھڻيون آھن ۽ ڳائڻ وارا مرد بھ ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، مون امير سيف الدين ابن معنيٰ جي شاديءَ ۾ ڏٺو تھ اذان ٻڌڻ سان ھر ھڪ گويو وضو ڪري، مسلو وڇائي، نماز ۾ بيھندو ٿي ويو.

 

دھلي شھر جون مزارون

        مزارن م مشھور قبر شيخ الصالح قطب الدين بختيار ڪعڪي(1) (ڪاڪيءَ) جي آھي، ھن جي قبر جي برڪت مشھور آھي ۽ ماڻھو ان جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن، شيخ صاحب جو نالو ڪعڪي ھن سبب جي ڪري مشھور ٿيو آھي، جو ائين مشھور آھي تھ ھن وٽ جيڪو بھ غريب يا مقروض شخص ايندو ھو ۽ غريبي يا قرض جي شڪايت ڪندو ھو، يا ڪو اھڙو شخص ايندو ھوس، جنھن کي جوان ڌيءَ گھر ۾ ھوندي ھئي ۽ ان جي شادي جو سامان نھ ھوندو ھوس، تھ شيخ صاحب اھڙي شخص کي ھڪ ڪعڪ(ٽڪي) سون يا چاندي جي ڏيندو ھو، ٻي مزار فقيھ نور الدين ڪرلانيءَ جي آھي، ٽي فقيھ علاءُ الدين ڪرمانيءَ جي، جيڪا گھڻي برڪت واري سمجھي ويندي آھي ۽ ان تي نور وسندو آھي، ھيءَ جڳھھ عيد گاھھ جو پٺئين طرف آھي، ھت  ٻين بھ ڪيترن اوليائن جون مزارون آھن.

 

دھلي جي ڪن زندھھ عالمن ۽ صالحن جو بيان

        زندھھ عالمن مان شيخ محمود ڪبا وڏو بزرگ شخص آھي. ھن لاءِ مشھور آھي تھ کيس دست غيب حاصل آھي، ڇو تھ ھو خرچ تمام گھڻو ڪندو آھي ۽ بظاھر سندس آمدنيءَ جو ڪو بھ ذريعو  معلوم نھ آھي. ھو صاحب ھر مسافر کي ماني کارائي ٿو، از انسواءِ رپيا، اشرفيون ۽ ڪپڙا پڻ غريبن ۾ تقسيم ڪندو آھي، سندس ٻيون بھ ڪيتريون ڪرامتون مشھور آھن، مون ڪيترائي دفعا سندس زيارت ڪري فيض حاصل ڪيو.

        ٻيو بزرگ شخص شيخ علاءُ الدين نيلي آھي، جيڪو مصر جي نيل ندي سان منسوب ٿو ڀانئجي، ھي صاحب شيخ نظام الدين بدايونيءَ جو خليفو آھي، ۽ ھر جمعي جي ڏينھن واعظ ڪندو آھي. ڪيترائي ”واعظ“ ٻڌندڙ سندس ھٿ تي توبھھ ڪندا آھن  ۽ مٿو ڪوڙائي صاحب وجد ٿي پوندا آھن.

        ھڪ دفعي واعظ پئي ڪيائين تھ اتي مان بھ موجود ھوس، قاري ھي آيت ڦڙھي؛ يا ايھا الناس الفور بکم ان زلزلتھ الساعتھ شي  عظيم ، يوم تر ونھا تدھل کل مر صعتھ عما ارصعت يوم تر ونھا تدھل کل  مر صعتھ عما ارضعت و تضع کل ذات ھمل حملھا و ترالناس سکارا و ما ھم بس کارا واکين عذاب الله.(1) شديد شيخ صاحب اھا آيت دوباره پڙھائي، تھ ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ھڪ فقير کان چيخ  نڪري وئي، شيخ صاحب وري  بھ ساڳي آيت دھرائي، فقير وري ٻي دانھن ڪئي، ۽ بي جان ٿي ڪري پيو، مون بھ انھي فقير جي جنازي نماز پڙھي.

ٽيون بزرگ عالم، سيخ صدر الدين اھي، جيڪو ڏينھن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ مشغول رھندو آھي. ھن دنيا بلڪل ترڪ ڪري ڇڏي آھي ۽ سندس لباس فقط ھڪ ڪمبل آھي. بادشاھھ ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا آھن، مگر ھو انھن کان لڪندو رھندو آھي. ھڪ دفعي بادشاھھ کيس درخواست ڪئي تھ لنگر جي خرچ لاءِ ڪجھھ جاگير قبول ڪري، پر شيخ صاحب بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو، ھڪ دفعي بادشاھھ زيارت لاءِ آيو ۽ ڏھھ ھزار دينار نذرانو رکيائين، جيڪي شيخ قبول نھ ڪيا. ھي شيخ صاحب ٽن ڏينھن کان روزو نھ کوليندو آھي، ڪنھن شخص عرض ڪيو تھ انھيءَ جو ڪھڙو سبب؟ تنھن تي فرمايائين تھ جيستائين مضطر نھ ٿيندو آھيان، تيستائين روزو نھ کوليندو آھيان ۽ مضطر کي مردار بھ حلال آھي.

        چوٿون وقت جو امام الصالح ڪمال الدين عبدالله غازي آھي، ھي بزرگ نظام الدين بدايوني جي خانقاه جي ڀرسان ھڪ غار ۾ رھندو آھي، مون انھي غار ۾ ٽي دفعا سندس زيارت ڪئي.

سندس ڪرامت

        ھڪ دفعي منھنجو ھڪ غلام ڀڄي ويو ھو، مون انھي غلام کي ھڪ ترڪ وٽ وڃي سڃاتو  ۽ کيس واپس ورائڻ گھريم، شيخ صاحب  منع ڪئي تھ اھو شخص تنھنجي لائق نھ آھي، تنھن ڪري ڇڏي ڏينس، ترڪ جيڪو مون سان اڳيئي صلح ڪرڻ پيو گھري، تنھن کان ھڪ سئو دينار وٺي مون پنھنجو غلام ھن وٽ ڇڏي ڏنو، ڇھن مھينن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو تھ ھن پنھنجي آقا کي قتل ڪري ڇڏيو،  ۽ ان کي پڪڙي، بادشاھھ وٽ وٺي آيا، بادشاھھ کيس انھي ترڪ جي پٽن جي حوالي ڪيو تھ وڃي پنھنجو قصاص وٺنس، ھنن کيس اتي جو  اتي ماري وڌو.

        مان شيخ صاحب جي ھيءَ ڪرامت ڏسي، سندس معتقد ٿي پيس، ۽ دنيا کي ترڪ ڪري، سندس ملازمت اختيار ڪيم، مون ڏٺو تھ ھو ڏھھ ڏھھ ۽ ويھھ ويھھ ڏينھن جو روزو رکندو ھو  ۽ رات جو گھڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو ھو، مون انھيءَ وقت تائين، جيستائين بادشاھھ مون کي گھرايو ۽ وري دنيا کي وڃي چنبڙيس، تيستائين سندس خدمت ۾ گذاريو، ھن وقت ھيءُ ڳالھھ ھت ختم ڪري، سندس بيان اڳتي ڪندس.


(1) ڪذرو: ”آئين اڪبري“ ۾ ھن اناج جو نالو ڪدرون ۽ ڪدرم لکيل آھي.”آئين اڪبري“ ۾ لکيل آھي تھ ڪدرون سانئين جھڙو  ٿيندو  آھي. پر سندس مٿين کل ڪاراڻ ڏانھن مائل ڳاڙھي ٿيندي آھي.

(2) ڪشري؛ ابن بطوطھ کچڻي کي سڏي ٿو، جيڪا گھڻو ڪري بيمار ماڻھن کي پرھيزي ۾ کارائبي آھي، عربيءَ ۾ ک، چ ۽ ڻ ڪو نھ ٿين، جن جي بجاءِ ڪ، ش ۽ ر استعمال ڪئي وئي آھي، عرب رڳو اھڙا ئي اچار ڪري سگھندا آھن.

(1) لوبيا: ”لغات ڪشوري“ ۾ ھن جي معنيٰ ھيئن لکي وئي آھي- ھڪ قسم جي ڦري، جنھن جي ڀاڄي ٺاھي کائيندا آھن، ھت شايد لوبيا، ابن بطوطا چئنرن کي ٿو سڏي، ۽ ”غات ڪشوري“ بھ ساڳي معنيٰ ٿو لکي ، ڇو تھ چئنرن جون بھ ڦريون ٿينديون آھن.

(2) رتل؛اڌ سير جي برابر وزن.

(1) ابي  بکر؛ پاڪ پٽن کان اٽڪل ھڪ منزل جي مفاصلي تي ھيءُ شھر  ملتان، ضلعي (مغربي پنجاب) ۾ موجود  آھي، ھتي ھڪ قديمي بزرگ ابوبڪر دقاق جي نالي سان ھڪ خانقاه موجود آھي، جتي ھر سال چيٽ جي مھيني ۾ ، چڱي پيماني تي ميلو لڳندو آھي.

(2) اجوڌن؛پاڪ پٽن جو قديمي نالو اجوڌن ھوندو ھو، شيخ فريدالدين گنج شڪر جي خانقاھھ جي ڪري، اڪبر بادشاھھ جي حڪم سان ھن کي پاڪ پٽن سڏيو ويو، تنھن کان ڪجھھ اڳ  ھن کي ”پٽن فريد“ پڻ ڪري چوندا ھئا. ھتي شيخ فريد گنج شڪر جي مزار تي ھڪ ميلو پڻ لڳندو آھي. جنھن ۾ ھزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن، ۽ بھشتي دريءَ مان لنگھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر کي فقط پٽن ڪري لکيو ويو آھي، ۽ ”تلخ فرشتھ“ ۾ پٽن باوا فريد ڪري سڏيو ويو آھي.

(1) سرستي:قديم تاريخن ۾ سرستي جو نالو”سرسھ“ لکيل آھي. تاريخ فرشتھ ۾ بھ ”سرسھ“ لکيل آھي، ممڪن آھي تھ سرسوتي درياءَ جي ڪناري تي ھجڻ ڪري سندس اصلي نالو”سرستي“ ھجي. مترجم

(1) حانسي؛ ھي ھندستان ۾ ھڪ چڱو شھر آھي، ھتي ابن بطوطھ جو اشارو شايد اننگ پال تور ڏي آھي، جنھن ھيءُ شھر ٻڌايو ھو، آئين اڪبري ۾ ھن شھر لاءِ فقط ھيترو لکيل آھي. قلع دارد از خشت پخة- مترجم

(2) مسعود آباد؛ اڪبر بادشاھھ جي وقت تائين ھي شھر آباد ھو، ۽ ائين اڪبري ۾ لکيل آھي تھ ھي ھڪ پراڻو قلعو آھي، شايد ھيءُ اھو ئي ڦٽل شھر آھي، جنھن جا کنڊر اڃا تائين نجف ڳڙھھ جي ويجھو، دھلي کان ١٢ ملي پري موجود آھن.---مترجم

(1) پالم : ھي شھر دھلي کان ٿورو ئي پري، اٽڪل ڏھاڪو ميلن جي مفاصلي تي، دھلي کان ريواڙي طرف ويندڙ ريلوي لائين تي، پھرين اسٽيشن آھي.

(1) دھلي: ابن بطوطھ جي وقت ۾ ھي شھر چئن جاين تي آباد ھو. (١) دھلي (٢) سيري (٣) تغلق آباد (٤) جھان پناه، جھان پناه، جن مان دھلي ۽ تغلق آباد موجود آھن. باقي سيري ۽ جھان پناه ڃٽي ويا آھن، جن جا نشان ۽ کنڊر دھليءَ جي ويجھو موجود آھن. جھان پناه، جنھن ۾ سلطان محمد بن تغلق رھندو ھو، سو دھلي ۽ سيريءَ جي وچ تي آباد ھو، جتي بادشاه جي ھزار ٿنڀن واري محلات جا کنڊر آڃا بھ موجود آھن. سيريءَ جو قلعو سلطان علاءُ الدين خلجيءَ پنھنجي وقت  ۾ ٺھرايو ھو ۽ اڃا تائين دھليءَ جي ويجھو سندس نشانات موجود آھن. ھن قلعي کي علاول بھ ڪري سڏيندا ھئا. – مترجم.

(1) منجنيق: ڪي مورخ لکن ٿا تھ محمد بن قاسم سنھ ٩٤ ھجري، ديبل جي قلعي تي اھڙي ھڪڙي منجنيق استعمال ڪئي ھئي، جنھن تي پنج سؤ ماڻھو ڪم ڪندا ھئا ۽ ان جو نالو العروس يعني ڪنوار ھو. – مترجم.

(2) رعادات: ھن لفظ ۾ ابن بطوطھ، غلطي ڪئي ٿي ڏسجي. اصل ۾ ھيءُ لفظ غزده يعني ننڍي منجنيق آھي. تاريخ معصومي جي مترجم جناب حضرت مولانا امير احمد صاحب ھيٺين معنيٰ، Staingass نالي انگريزي فارسي ڊڪشنريءَ مان ڳولي ڪڍي آھي، "A kind of hastila or engine for hurling missiles, a cart, a truck, a gun carriage." – مترجم.

(1)  قل شبتھ ۽ ريبول؛ابن بطوطھ عرب ھو، تنھن ڪري سنڌي اچار پورا پورا لکي نھ سگھيو، ازنسواءِ قل انھي لاءِ ٿو چوي، جو ”گ“ عربي ٻولي ۾ حرف آھي ئي ڪونھ، تنھن ڪري”گ“ جي جاءِ تي ”ق“ ٿو استعمال ڪري، وري رابيل جو اچار جيڪو ٻڌو ھوندائين، اھو دل تان لھي ويو ھوندس، تنھن ڪري رابيل کي ريبول ڪري ٿو، استعمال ڪري.

(2) ھي جامع مسجد اھا ئي قوت السلام جي نالي آھي، جيڪا اڄ بھ پراڻي دھلي ۾ قطب مينار جي ڀرسان موجود آھي، مٿي بيان ڪيل قلعي جا نشان پڻ اڄ تائين اتي موجود آھن(وڌيڪ ڏسو حاشيو صفحا ٤ تي)

(1) ”صومعتھ“ جي معنيٰ آھي مينار، جيڪا مٿي ڏنگين ۾ ڏنل آھي. مترجم

(1) ”جامع مسجد“: ھن مسجد جو اصل نالو قوت السلام ھو، ھندن جي دور ۾ ھي ھڪ بتخانو ھو، جڏھن شھاب الدين غوري سنھ 989 هجري ۾ دهلي فتح ڪئي تڏهن هن پنهنجي غلام ۽ سپهه سالار  قطب الدين ايبڪ جي معرفت هن مسجد جو بنياد وجھرايو، بت، جيڪي مسجد جي ٻاھر پيل ھئا، سي وڪرماجيت جا ھئا، جيڪي اجين جي فتح ڪرڻ وقت التش اتان کڻارائي دھليءَ آيو ھو. مترجم

(1) ھي ”حوض شمسي“ جي نالي سان مشھور آھي، حوض جي ڪناري تي شيخ عبدالحق محدث دھلوي جي مزار آھي، جنھن جو سنھ ولادت ٩٥٨ھھ ۽ سن وفات ١٠٢٥ ھھ آھي. ھن حوض جا رسنگاڙا اڃا تائين مشھور آھن.

(2) ھي حوض اصل ۾ سلطان علاءُ الدين خلجي ٺھرايو ھو، جنھن جي ڪناري تي فيروز شاھھ تغلق جو مقبرو اڃا بھ موجود آھي.-مترجم

(1) ڪعڪ: ھن لفظ لاءِ گھڻي محنت ڪئي وئي، آخر ھڪ اردو ڊڪشنري اٿلائيندي(کاک) لفظ تي وڃي نظر پئي، جنھن جي معنيٰ ھئي(ڻکيھ). ھونئن بھ ڪعڪ ھڪ ھندستاني لفظ آھي، ڇو تھ ڪنھن بھ عربي ڊڪشنري ۾ اھڙو لفظ نٿو ملي، ابن بطوطھ بھ”کاکي“ ٻڌو ھوندو، پر عربي ۾ انھي لفظ کي (کعکي) ٿو لکي، سو کاک معني ”ايک قسم کي روغني ڻکيھ“. ڏسو فيروز الفات اردو جديد، صفحو ٩٣٨. مترجم

(1) معنيٰ؛ اي انسانو! الله کان دڄو، تحقيق زمين جو لوڏو کائڻ (ھڪ) وڏي شيءِ آھي، ان ڏينھن(قيامت) ۾ تون ڏسندين تھ کير پياريندڙ (ماءُ) پنھنجي کير پيئندڙ(ٻچي) کان بيزار ھوندي ۽ پيٽ واري، جو ڪجھھ ڀيٽ ۾ ھوندس (ڪچو ٻار يا ڦر) سو ڪيرائي ڇڏيندي، انسانن کي نشي جي حالت ۾ ڏسندين، جيتوڻيڪ ھو نشي وارا نھ ھوندا، پر (اھو) الله جو سخت عذاب ھوندو. مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ