سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب:

صفحو:22 

[  36  ]

سائنس ۽ آرٽ جي تعليم

]علامه صاحب هيءَ تقرير 5 نومبر 1957ع تي ڪئي[

اڄوڪي شام آئون ڪا تقرير ڪرڻ ڪونه آيو آهيان. بلڪه توهان سڀني استادن ۽ شاگردن کي تڪليف ڏني اٿم ته مون سان گڏجي ڳالهين ڪرڻ جي بجاءِ ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. الفاظ تمام سٺا ۽ وڻندڙ هوندا آهن. بشرطيڪ اهي ڪنهن حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ چيا وڃن، جن جو اسان جي وجود سان واسطو هجي. ٻي حالت ۾ اهي فقط مٿاڇريون حقيقتون آهن، جن کي ڪا معني ڪونهي.

هاڻي الفاظن کي اهميت ڪونهي، پر انهن جي معنيٰ (روح) کي اهميت ڏني وڃي ٿي. هوڏانهن اسان جو سمورو وقت لفظن جي استعمال ۾ گذري ٿو. تنهنڪري اسان ڪڏهن به ڪنهن حقيقت جي اصليت تائين ڪونه پهچي سگهيا آهيون، جنهن جي ڪا معنيٰ ضرور هوندي. جيڪڏهن اسان جيڪي الفاظ استعمال ڪريون ٿا انهن جي معنيٰ ۽ حقيقت سمجهي سگهون ٿا ته پوءِ فائدي ۾ وينداسين. ان سلسلي ۾ مون هتي سڀني شعبن جي شاگردن جيڪي سائنس ۽ آرٽ جي شعبي سان واسطو رکن ٿا ۽ ان سان گڏ پروفيسرن کي پڻ تڪليف ڏني آهي ته اهي اسان جي مدد ڪن ته جيئن لفظن جي حقيقت تائين پهچي سگهون، جيڪا آسان ڳالهه ڪونهي.

مون کي ياد آهي ته جوانيءَ جي دور ۾ مون کي فائن آرٽ جي معنيٰ معلوم ڪرڻ جي ڏاڍي تانگهه هئي. مون اهو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته فائن آرٽس Fine Arts ڇا آهن! اهي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيئن آهن! ڇا انهن ۾ سچي پچي تفريق آهي! ائين ڇو آهي جڏهن ته سڀ فائن آرٽس آهن! انهيءَ تلاش ۾ مون کي ويهه سال گذري ويا آهن ۽ خبر نه آهي ته ڪيترا ڪتاب پڙهيا اٿم! تنهنڪري اهو سمجهڻ ايترو آسان ڪونهي، جيترو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هتي ڊاڪٽر عبدالحميد ويٺو آهي، جيڪو جرمن زبان جو اسڪالر آهي. آئون سمجهان ٿو ته هن فائن آرٽ بابت جيڪو پهريون ڪتاب پڙهيو هوندو، اهو هيگل جو پنجن جلدن تي مشتمل ڪتاب هوندو. ان کان پوءِ وقت جي وهندڙ وهڪري سبب رائين ندي، ٿيمس ندي ۽ سنڌونديءَ (Indus) ڪيترا انقلاب ڏٺا آهن. هيگل کي اٽڪل ڏيڍ سئو سال گذري ويا آهن. سوين ڪتاب فائن آرٽ، جماليات، آرٽ ۽ اهڙين حقيقتن تي لکيا ويا آهن، پر انهن بابت اسان وٽ ڪو وڌيڪ چٽو فهم نه آهي! اهو اڃان تائين سواليه نشان آهي. جيڪو اڃان تائين حل ڪونه ٿيو آهي. توهان مان ڪي ڪافي ذهين هوندا، جن ان جو حل ڪڍيو هوندو، پر مون کي ڪافي سال لڳي ويا آهن ڇو ته آئون ايترو ذهين ڪونه آهيان. مون فائن آرٽ کي سمجهڻ لاءِ ڪافي محنت ڪئي آهي.

اڄ هتي مون کي معلوم آهي ته ڪجهه استاد شاگرد آهن، جيڪي پڙهن پيا ته ڪيئن پڙهائجي. اهي پاڻ کي سيکارڻ جا بيچلر سڏائن پيا پر بيچلر ٿيڻ کان اڳ هنن کي والد ٿيڻو پوندو، ڇو ته سال يا ڇهن مهينن کان پوءِ هو حقيقت ۾ پڙهائڻ ويندا. پوءِ اهي بيچلر ڪونه هوندا. انهن کي ڪيترائي ٻار هوندا. هر هڪ کي ڪلاس ۾ ٽيهه ٻار هوندا ۽ هو پاڻ کي بيچلر محسوس نه ڪندا انهن کي پنهنجن ننڍڙن ٻارن جي جوابداري ڏني وڃي ٿي. اهي قوم جي سوين هزارين ٻارن جا پيئر ٿيندا، جن کي اهي پڙهائيندا.

هن وقت اهي بيچلر سکي رهيا آهن ۽ عملي مضمونن جو امتحان ڏئي رهيا آهن. عملي امتحان مان مراد آهي ته ڪيئن پڙهائجي. ڪيئن جاميٽري يا حساب يا تاريخ يا ڪو ٻيو ادبي مضمون پڙهائجي! اهي ضرور منجهدا هوندا ته هن نئين طريقي سان ڪيئن پڙهائجي. هاڻي جيستائين مرڪزي نقطو نه معلوم هوندو، تيستائين اهي دائري جي اندر نيم قطر وانگر گهمندا رهندا جيئن عرب چوندا آهن ته گڏهه چڪيءَ ۾ ٻڌل آهي، جيڪو اتي ئي ڦرندو رهي ٿو.

هاڻي ٻڌايو ته پڙهائڻ جي طريقي ۾ ڪهڙو مرڪزي نقطو آهي! اهو آهي ته اسان گهٽ ۾ گهٽ ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪريون. استاد سڀ کان پهرين آهن. استاد اسان کي ٻڌائين ته پڙهائڻ لاءِ ڪهڙو مرڪزي نقطو آهي؟ پڙهائڻ سڀني طريقن جو مرڪز هوندو آهي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن شيءِ جي ڪابه معنيٰ ڪونه هوندي آهي.

اهو مرڪزي نقطو ڪهڙو آهي؟ هتي ڪو علم طبعي جو ڄاڻو ويٺل آهي! پر پهريائين توهان کان اهو پڇندس ته توهان جيڪي سائنس ۽ آرٽس ۾ هتي پڙهو پيا اهو ٻڌايو ته ڪيترا سائنس سان دلچسپي رکن ٿا ۽ ڪيترا آرٽس سان! مهرباني ڪري پنهنجا هٿ مٿي کڻو! ها! معلوم ٿيو ته توهان سائنس ۽ آرٽس وارا اڪثر آرٽ ۾ دلچسپي رکو ٿا. هاڻي ٻڌايو ته سائنس ۾ ڪير دلچسپي نٿو رکي!

آئون ڏسان پيو ته ڪجهه ڀڻ ڀڻ پئي ٿئي. هاڻي پنهنجا هٿ مٿي کڻو! مهربان! دائيءَ کان پنهنجو پيٽ نه لڪائجي. ڊاڪٽر کان پنهنجو مرض نه لڪائجي، ٻيءَ صورت ۾ توهان ڊاڪٽر تي الزام نٿا هڻي سگهو، جيڪڏهن شفاياب نٿا ٿيو. توهان کي هر ڳالهه ٻڌائڻي پوندي. جيستائين اسان کليءَ دل سان هڪ ٻئي سان نه ڳالهائينداسين، تيستائين نه سکي سگهنداسين نه سيکاري سگهنداسين. اها احساس ڪمتري ختم ٿيڻ گهرجي. پهرين آئون اقرار ڪريان ٿو ته آئون ڪونه ٿو ڄاڻان. توهان کي به پنهنجي علم جي باري ۾ شرم ٿيڻ نه گهرجي. آئون توهان کان عمر ۾ وڏو اڇي مٿي وارو آهيان. مون ڪيترائي سال ڪتابن ۽ دنيا جي ماڻهن سان توهان کان وڌيڪ گذاريو آهي. جيڪڏهن مون کي پنهنجي جهالت تي شرم محسوس نٿو ٿئي ته پوءِ توهان کي به نه هئڻ گهرجي. ڪير به ڪونه ٿو ڄاڻي. والله اعلم باالصواب. مسلمان جي اهائي پهرين تعليم آهي. امام عزالي رحه جهڙو ماڻهو جنهن سئو ڪتاب لکيا، اهو اسان کي ٻڌائي ٿو ته مون هر شيءِ پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي جنهن کي توهان راز (Mystery) چئو ٿا. هن زندگي، روح، بهشت، دوزخ ۽ هر شيءِ ڏٺي، پر باوجود ان جي هو آخر ۾ لکي ٿو ”والله اعلم بالصواب“ الله بهتر ڄاڻي ٿو- آئون ڪونه ڄاڻان ٿو. جيئن ئي انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو، تيئن ئي هو ڄاڻي ٿو ته آئون نٿو ڄاڻان. جديد دور جا سائنسدان ان کي علم يا ڄاڻ جو نظريو (Epistemology) ڄاڻ جا اصول سڏين ٿا. انسان ڪيترو ۽ ڪيئن ڄاڻي ٿو، هو ڇا ڄاڻي ٿو. اهو توهان کي ۽ مون کي فيصلو ڪرڻو آهي.

هتي هڪ نفسيات جي ڄاڻو خاتون ويٺي آهي، جيڪا هميشه اسان کي ٻڌائيندي رهي ٿي ته اسان ڪيترو ۽ ڪيئن ڄاڻون ٿا. تنهنڪري اسان سڀئي گڏ ٿي خاص طور پاڪستان ۾ اها ڄاڻ حاصل ڪريون. ٻيا ماڻهو ٻٽاڪون هڻن پيا ته انهن کي اها ڄاڻ آهي، پر اسان جهڙن ويچارن کي ڄاڻ ڪونهي. اسين چاهيون ٿا ته زندگيءَ جو اهڙو نمونو اختيار ڪريون. پر جيستائين اسان حجاب ۽ شرم محسوس ڪنداسين ۽ پنهنجي جهالت جو اقرار نه ڪنداسين تيستائين ڪجهه به نه سکي سگهنداسين.

هاڻي مون طبعيات جي پڙهائڻ بابت پئي پڇيو ته هتي ڪو طبعيات جو استاد يا شاگرد ويٺل آهي جيڪو ٻڌائي ته ائٽم جو مرڪزي نقطو ڪهڙو آهي، جنهن جي چوڌاري اليڪٽران گردش ڪن ٿا نيوڪلس! پر ان جو به سائنس سان واسطو آهي. ڇا هتي بائلاجي، زولاجي يا فزيالاجيءَ جو ڪو پروفيسر يا شاگرد ويٺل آهي! چڱو آئون توهان کي عام رواجي لفظن ۾ ٻڌائيندس ته طبعي دنيا ۾ جيڪا حيثيت ائٽم کي حاصل آهي، اها زندگي ۾ خليه (Cell) والاري ٿو. حياتيات ۾ خليه کي مرڪزي مقام حاصل آهي، جيئن ائٽم کي به مرڪزي نقطو آهي جنهن جي چوڌاري اليڪٽران چڪر ڪاٽين ٿا. عام طرح ان کي توهان نيوڪلس (Nucleus) چئو ٿا. هاڻي حياتياتي ائٽم جي چوڌاري پروٽوپلازم (Protoplasm) آهي. بهرحال هر هنڌ طبعي، حياتياتي ۽ ذهني دنيا ۾ هڪ مرڪزي نقطو آهي، جنهن جي چوڌاري ڪا شيءِ آهي، جنهنجو آئون مثال ڏيان پيو ته ڪا اهم شيءِ آهي، جيڪا سڄي شيءِ تي حڪمراني ڪري پئي.

هاڻي آئون ٿيندڙ استادن کان پڇان ٿو ته پڙهائي جي طريقي ۾ ڪهڙو مرڪزي نقطو آهي. نفسيات جي ڄاڻن کي خبر آهي ته ڪنهن به شيءِ جي معلومات لاءِ دلچسپي (Interest) ضروري آهي جيستائين فرد ۾ دلچسپي پيدا نه ٿيندي تيستائين سيکارڻ ۽ سکڻ ممڪن نه آهي.

آئون ڇو ٿو چوان ته جديد دنيا توهان لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. توهان ڪي الفاظ ٻڌو ٿا ته پنهنجو منهن ڦيرائي ڇڏيو ٿا. توهان جدلياتي ماديت (Material dialetic) جهڙو ڪو لفظ ٻڌو آهي. ان جي معنيٰ ڇا آهي. اهو لفظ ڪميونسٽ خاص ڪري چاهه سان استعمال ڪندا آهن. ڇو؟ ڇا ان ۾ ڪا حقيقت آهي. ظاهري طرح لفظ ۾ ئي تضاد آهي. توهان ان کي مادي ذهن چئي سگهو پيا. هاڻي ٻه شيون آهن، جيئن علم نفسيات جو ڄاڻو چوندو ته ٻه ٿنڀا هڪ ذهن ۽ ٻيو مادو، هتي جدليت (Dialetic) ڦري ذهن ٿيو پوي. پر ان تضاد ۾ جيڪا عجيب سچائي آهي، ان کي شيڪسپيئر آسان لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. مون کي خبر نه آهي ته توهان مان ڪنهن شيڪسپيئر جو هينري چوٿون (Henry the Fourth) ڊرامو پڙهيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته توهان شيڪسپيئر جا خاص طور تاريخي ڊراما پڙهو. آئون توهان کي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو. جيڪي ڪجهه مون انگلينڊ جي تاريخ بابت پرايو آهي، اهو شيڪسپيئر جي ڊرامن مان ئي پرايو آهي. مون انگلينڊ جي تاريخ بابت ڪافي ڪتاب مسٽر گرين توڻي ميڪالي ۽ ٻين جا پڙهيا آهن، پر انگريز بادشاهن جي تاريخ مون شيڪسپيئر جي ڊرامن مان ئي سمجهي آهي. هينري چوٿون شيڪسپيئر جو لکيل هڪ ڊرامو آهي، جنهن ۾ هينري چوٿين جو پٽ هينري پنجون هڪ فوجي جرنل هيري هاٽسپر سان وڙهي ٿو جيڪو وڏ گهراڻي جو امير آهي جنهن کي هو ماري ٿو، ڇو ته اهو سندس پيءُ جي خلاف ڪم ڪري ٿو. هو ٻي بادشاهه لاءِ وڙهي ٿو. جڏهن هيري هاٽسپر زمين تي ڪري پوي ٿو ته ڪجهه لفظ چوي ٿو. مون کي پڪ آهي ته انگريزن انهن لفظن جو نوٽس ڪونه ورتو آهي. توهان مان تمام ٿورن ماڻهن ان تي سوچيو هوندو. ليڪن اهو ڪيليفورنيا جي هڪ ويچاري ليکڪ جيڪو بيابانن ۾ ويٺو آهي، ان طرف توجه ڇڪايو آهي. توهان هاٽسپر جي انهن الفاظن تي ڇو نٿا سوچيو جيڪو توهان ٻڌي ڇڏي ڏنو آهي؟ اانهن ۾ تمام وڏي معنيٰ سمايل آهي، اهي ڪهڙا الفاظ آهن جيڪي هاٽسپر جي زبان تي مشڪل سان پئي آيا جڏهن هو اڌ مئو ڪريو پيو هو. اهي الفاظ آهن ته سوچ زندگيءَ جي غلام آهي، هيءَ زندگي بي وقوفانه دور آهي. هاڻي هن ڏٺو ته زندگي وڃي پئي ۽ وقت جيڪو سڄي دنيا جي پئمائش ڪريو بيٺو آهي. ان جي ضرور پڄاڻي اچڻي آهي. هتي منهنجو زور ان ڳالهه تي آهي، جڏهن هو چوي ٿو: ’خيال زندگيءَ جو غلام آهي.‘

هاڻي خيال زندگيءَ جو ڪيئن غلام آهي! توهان ان جي باري ۾ ڇا ٿا سوچيو! مون توهان کي ٿورو اڳ هڪ ڪميونسٽ محاورو تاريخي يا جدلي ماديت (Material dialectic) ٻڌايو. پر شيڪسپيئر جي انهن بهترين الفاظن جي باري ۾ توهان جا ڇا راءِ آهي جيڪي هن ٽي سئو سال اڳ چيا آهن. خيال زندگيءَ جو ڪيئن غلام آهي!

دراصل اهو اصطلاح توهان کي انسان جي ارتقا طرف وٺي وڃي ٿو. توهان ڏسو ٿا ته انسان جي مرضيءَ ۽ خواهش ۾ ڪيئن ربط آهي. توهان ڏٺو ته انسان ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي خواهش موجود آهي. توهان زندگيءَ کان اڳ وارو دور ڏسو! ذهن کي ڇڏي ڏيو. آئون توهان مان وري بائلاجي جي شاگرد کان پڇان ٿو ته توهان هڪ ڏيڏر جو مٿو الڳ ڪري ان جي هڪ ٽنگ تي تيزاب هاري ڏٺو آهي ته هو ٻي ٽنگ سان ان کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيتوڻيڪ هن جو مٿو ڪٽيل آهي. فقط ڪرنگهي جي ڏوري جي تحرڪ سان زندهه هئڻ واري شعور سبب معلوم ڪري ٿو ته اهو هن کي نقصان پهچائيندو تنهنڪري ان کي ٽنگ تان هٽائي ٿو.

جيڪڏهن زندگيءَ جي ارتقا جو مطلعو ڪندا ته مرضي، خواهش ۽ شعور کان به اڳ ڪا حقيقت موجود هئي، ڪو امر شروع کان وٺي هلندڙ آهي جيڪو مٽيءَ، پاڻيءَ ۽ ڪڪرن ۾ پڻ پاڻ کي ظاهر ڪندي ترقي ڪندو رهي ٿو.

هاڻي جنهن حقيقت زندگيءَ کي وجود ۾ آندو آهي، اها وڻ جي پن وانگر ان سان چهٽيل آهي جيڪا ڪنهن به حالت ۾ فنا نه ٿيندي. اها ئي شيءِ آهي، جنهن کي توهان زندگي چئو ٿا اها هن جي خيالن تي حڪمراني ڪري ٿي. شيڪسپيئر چوي ٿو ته شروعات ۾ خيال زندگيءَ جو غلام رهي ٿو. اسان جو خيال انهن شين لاءِ سوچي ٿو جيڪي زندهه رهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ان کان وڌيڪ اسان جي سوچ کي دلچسپي نه آهي. تنهنڪري خيال زندگيءَ جو غلام آهي جيڪو زندگيءَ جي ماتحت هلي ٿو.

هاڻي اسان وٽ عام محاورو آهي ته خواهش واري سوچ (Wishful Thinking)! اها خواهش واري سوچ ڇا آهي؟ توهان پهرين چاهيو ٿا، پوءِ ان لاءِ سوچيو ٿا. تمام ٿورا انسان هوندا جيڪي زندگيءَ جي ابتڙ سوچيندا هوندا ۽ زندگيءَ کي خيال جي تابع ڪندا هوندا. باقي اڪثريت جا خيال سندس زندگيءَ جي خواهش جي تابع هوندا آهن. حقيقت يا سچ هن لاءِ ڪجهه به نه آهي. هو ڪنهن نه ڪنهن نموني زندگي گذارڻ چاهي ٿو، پوءِ ان لاءِ هو چوري ڪري، ڪوڙ ڳالهائي يا ڪنهن کي قتل ڪري پنهنجي زندگي گذاري ٿو. هن جي سموري سوچ زندگي جي غلام آهي.

ساڳي طرح ڪميونست چون ٿا ته توهان ته گهوڙي کي گاڏيءَ جي پويان جوٽيو ٿا. خيال زندگيءَ جو غلام آهي. چوندا آهن، خيرات جي شروعات گهر کان ڪجي، پر اها اتي ختم ٿيڻ نه کپي.

هو اهو نٿا سمجهن ته اهو خيال آزاد ٿيڻ کان پوءِ خود زندگيءَ کان الڳ حقيقت بنجي ويو آهي جيڪو انهن حالتن جو احاطو ڪري ٿو، ڇا توهان منهنجي ڳالهه سمجهو پيا يا آءٌ اجايون رڙيون پيو ڪريان. منهنجو مطلب آهي ته اهو خيال پنهنجي ليکي ايترو واضح ٿي پوي ٿو، جو اهو حالتن کان مٿي ۽ الڳ ٿي پوي ٿو ۽ پنهنجي ان اڳين حالت جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو، جڏهن اهو حالتن جو غلام هو.

مطلب ارتقائي عمل ۾ هڪ مرحلو ٻئي مرحلي جي تابع رهي ٿو، روميءَ جي چوڻ موجب هر فنا ضروري آهي ته جيئن اها بقا کي حاصل ڪري ائين هر فنا اڳتي وڌڻ جو بنياد فراهم ڪري ٿي. اهو ضروري شرط آهي جنهن کان سواءِ ڪجهه به وجود ۾ نه ايندو.

هاڻي استاد کي ڏسڻو آهي ته اهي سڀئي پڙهائڻ جا طريقا ڪيئن آهن يعني ته حساب ڪيئن پڙهائجن ۽ انگريزي ڪيئن پڙهائجي. پر ان لاءِ مرڪزي نقطو آهي ته شاگرد ۾ چاهه پيدا ڪريو، ٻي حالت ۾ هو ڪجهه به سکي نه سگهندو. توهان جا پڙهائڻ جا سڀئي طريقا غير موثر رهندا. شاگرد لاءِ سمجهڻ ناممڪن آهي جيستائين هن ۾ شوق نٿو پيدا ٿئي. پهريائين هن ۾ چاهه پيدا ڪريو، ٻي حالت ۾ هن جو دماغ ڪم نه ڪندو. هن جو خيال زندگيءَ جي تابع رهندو. اهو چاهه يا مفاد ئي آهي، جيڪو هن جي زندهه رهڻ ۾ تحرڪ آڻي ٿو ۽ زندگي ان جي حڪمراني ڪري ٿي ۽ هن کي سمجهڻ جي سوچ اچي ٿي. ٻي حالت ۾ هو ڪجهه به ڪونه سمجهي سگهندو جنهن مرحلي ۾ هن کي استاد سيکاري پيو. تنهنڪري مرڪزي نقطو آهي ته شاگرد ۾ چاهه پيدا ڪري ان کي بيدار ڪيو وڃي.

جيستائين ايئن نه ڪيو ويندو تيستائين استاد ڀلي پنهنجو مٿو ڀڃي ڇڏي، جيئن سالن کان وٺي آئون ڪري رهيو آهيان پر ڪجهه به نه ورندو. استاد جي طلب آهي ته مون کي وڌيڪ پگهار گهرجي. انهيءَ گفتگو ۽ ڊيگهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ٿورا وڌيڪ پئسا اطمينان جو باعث ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي به دانهون جاري آهن حالانڪه مقصد آهي ته جيئن سوچ تبديل ٿي وڃي. اهڙو مرحلو اچي جيئن مفاد مختلف هجي. جيئن علامه اقبال چيو آهي ته منهنجا دعا آهي ته توهان جي آرزو تبديل ٿي وڃي.

میری دعا ہے کہ تیری آرزو بدل جائے

توهان جي هن وقت جيڪا آرزو آهي، اها حيواني آرزوءَ کان به گهٽ آهي. هاڻي توهان کي نفسيات جي ماهر خاتون ٻڌائيندي ته حواسن جي سمجهه ۾ فرق آهي. مثال اکيون ڏسڻ واسطي حواس آهن پر انهن جي ڏسڻ ۾ به فرق آهي. ڇاڪاڻ ته چاهت ۾ فرق آهي. اسان ساڳي شيءِ کي مختلف نظرن سان ڏسون ٿا.

هڪ ڪتاب موجود آهي. هڪڙو ماڻهو ڏسي چوي ٿو ته ڪهڙو نه پيارو رنگ اٿس. ٻيو چوي ٿو ته اهو ڪتاب ڏسڻ ۾ سٺو اچي ٿو، پر جيڪڏهن آئون وٺي ان کي وڪڻندس ته هڪ روپيو نفعو ملندو. ٽيون شخص چوي ٿو ته الله ڄاڻي ته هن ڪتاب ۾ ڇا آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ دلچسپ معلومات هجي. ائين ان هڪ ڪتاب لاءِ هر شخص جي حواسن جي سمجهه مختلف آهي. ان ريت هڪ شيءِ بابت هر ماڻهوءَ ۾ مختلف معني مختلف خواهش ۽ مختلف ارادو پيدا ٿئي ٿو.

اهو شيءِ کي مختلف انداز سان ڏسڻ ”نقطه نظر“ چئجي ٿو. هر ماڻهوءَ جو نقطه نظر ان سطح جي تابع هوندو آهي، جنهن سطح تي هن جو شعور هوندو آهي. هاڻي هتي هڪ تمام اهم نقطو آهي. اڪثر اسان مان پاڻ کي ٺڳين ٿا ۽ پاڻ کي وڏو ماڻهو سڏائين ٿا ۽ جڏهن اسين حالتن جو جائزو وٺون ٿا ته ڏسون ٿا ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. اهو ماڻهو ڀلي وڏو هجي پر سندس نقطه نظر ٻڌائي ٿو ته هو جنهن سطح تان ڏسي پيو اها ايتري مٿانهين ڪونهي. هو ساڳي شيءِ ڏسي ٿو، پر سندس ذوق مختلف آهي.

هاڻي توهان کي آئون هڪ تمام سادو مثال ڏيان ٿو. ٻه شخص مون وٽ آيا. هڪ ٻڌايو ته سندس ڪتو ٻن ڏينهن کان سندن گهر مان غائب آهي. اها لڳ واري موسم آهي. ڪتو ڪجهه کائي پيئي ڪونه ٿو ۽ گهر به ڪونه موٽيو آهي. هو هڪ منٽ لاءِ به گهر نه ڇڏيندو آهي پر هن اڄ ائين  ڪيو آهي. ڇا اها وڏي ڳالهه آهي؟ مون چيو ته ”هائو“ پر اهو ڇو عجيب آهي؟ هن شخص وري چيو ته سڀني شاعرن پيار جي باري ۾ ڳالهايو آهي. ڇا انهيءَ کان وڌيڪ وڏي ۽ بهتر قرباني ٿي سگهي ٿي! هڪ ٻيو شخص آيو ۽ هن به اهڙي قسم جي ڪهاڻي ٻڌائي. پر انهيءَ نئين معلومات جو ڪهڙو ردعمل ٿئي ٿو ته ڪتي هن طرح عمل ڪيو! هن چيو ته محترم قاضي! اڄ کان وٺي مون کي ان کان نفرت آهي جيڪا عزت نفس سان منسلڪ آهي. جيڪڏهن ڪتو اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسين ڪجهه به نه آهيون. اسين ڪتي کان بهتر نه آهيون ۽ اها زندگي ڪنهن لائق ڪونهي. هن کان بعد مون پيار ۽ جنس جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون آهن اهي سڀ بيوقوفانه آهن. اسين ڪتي کان وڌيڪ بهتر نه آهيون ۽ اسان کي ڪتو شڪست ڏئي ويو آهي. هاڻي ساڳئي منظر جا ٻه مختلف خيال ڏسو. ٻنهي ماڻهن مختلف نتيجا ڪڍيا ڇو ته ٻئي مختلف سطحن تي بيٺل هئا. هتي آءٌ توهان کي هڪ انگريزي نظم پڙهي ٻڌايان، ٿو جنهن کي پڙهڻ جو اتفاق پڻ اڄ ٿيو آهي:

اهي سون سريکي دروازي مان داخل ٿين ٿا

۽ چمڪندڙ پرن واري پتنگ سان مخاطب ٿين ٿا

ڏور ياسمين جو گل لڏي لمي رهيو آهي

جتي هو جلد پهچڻ وارو آهي

پوءِ اتي سڄي رات هو پيار ويهي ونڊيندا

اهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائيندا ۽ چميون ڏيندا

ڪيڏو نه پيار ڀريو ماحول ۽ خوشين جو سمو هوندو

اتي ڪيترا ٽڙندڙ گل پتنگن جي انتظار ۾ آهن

رات جي اونداهيءَ ۾ اهي سرگوشيون ڪندا

۽ آسمان تائين اڏامندا

انهن جي نظر ڪيڏي نه تيز آهي.

ليڪن اهو درويش نما انسان باک ڦٽڻ کان اڳ مري ويندو

پر هن جو مٽيءَ هاڻو روح اتي ئي رهجي ويندو.

پوءِ ڇونه انهيءَ آڪاس جي گولي ۽ اعليٰ شان وارو مٽيءَ ۾ مري وڃجي

اچو ته اسان پنهنجي جوانيءَ کي وڌيڪ مٺاس وارو بنايون

ته جيئن پاڪ روح سان ملاقي ٿي سگهون

اسان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سهڻو اتفاق ٿي سگهي ٿو.

هاڻي ان مختلف سطح ۽ مفاد کي ذوق چئجي ٿو. هر شخص جو سندس ذهن مطابق ذوق هوندو آهي. اسين گهڻو اڳتي هليا ويا آهيون. اسان کي استاد جي پڙهائڻ جي مرڪزي نقطي بابت ڳالهائڻو آهي. اهو چاهه يا دلچسپي آهي، جيڪو شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ بهترين طريقو آهي. هاڻي اسان ان موضوع کي ڇڏي شاعريءَ جي طرف اچون ٿا جيڪو آرٽ جو هڪ قسم آهي. هاڻي منهنجي مدد ڪندا ته آرٽس ڇا آهي؟ اهو سائنس کان مختلف ڇو آهي؟ وري آرٽس ۾ به ڪي فائن آرٽ آهن ته ڪي بيڪار آرٽ آهن. انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي. پوءِ مون کي اهو به ٻڌايو ته شاعري ڇا آهي موسيقي ڇا آهي ۽ مصوري ڇا آهي؟ اهي فائن آرٽ ڇو آهن ۽ انهن مان ڪهڙو وڌيڪ اهم آرٽ آهي!

هاڻي پهرين ڏسون ته آرٽ ۽ فائن آرٽ ڇا آهي ۽ سائنس ۽ آرٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي! منهنجو اندازو آهي ته اسان وٽ 200 شاگرد آرٽس ۾ آهن ڪوبه هڪ مون کي اهو فرق سمجهائيندو! پر آئون ڏسان پيو ته هر شخص شرمائي پيو ته متان ڪا ڳالهه آئون چوان غلط ٿي پوي ۽ منهنجي گهٽتائي ٿي پوي. پر هتي ڪابه اهڙي ننڍ پڻي ۽ وڏ پڻي جي ڳالهه ڪونهي. جڏهن اسان تي حقيقي علم جو پرتو ٿيندو تڏهن ڄاڻينداسين ته اسان ڪهڙا نه بيوقوف هئاسين. اتي اسان سڀ ننڍا ڏسڻ ۾ اينداسين ۽ اتي ڪوبه توهان تي کلڻ وارو نه هوندو.

توهان انسان جا ٻار آهيو، خدا ڪونه آهيو! توهان روشنيءَ جي تلاش ۾ آهيو پر ان کي مڪمل حاصل نه ڪري سگهيا آهيو. جڏهن اها مڪمل حاصل ٿي ويندي ته پوءِ توهان وڏا آهيو. توهان روشني حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پيا ان ۾ ڪو شرم هئڻ نه گهرجي. اڻ ڄاڻائي ڪمتري ڪونهي. اسين سڀ اڻ ڄاڻ آهيون، جيڪي ڄاڻ  حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. هي اسان جا پنهنجا الفاظ آهن جن جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهيون، ڀلا ڇونه اهڙي حقيقت جي چٽي معلومات هجي! فائن آرٽ لاءِ ڪهڙي ضرورت هئي جو هيگل پنج جلد لکيا ۽ شِلر (Schiller) ان جو ڇو ذڪر ڪيو آهي. ڇو برائوني (Browne) ۽ بانسنڪيءَ (Bansonquay) ۽ ڪيترين ئي ٻين جماليات جي باري ۾ لکيو آهي؟ اها جماليات ڪهڙي بلا آهي توهان ڏسو پيا ته ڪٿان به جواب ڪونه پيو اچي. واڍڪي هنر ۽ شاعريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي! اچو ته انهيءَ کي ٿلهي ليکي ڏسون، جهڙا اسان بيڪار آهيون ۽ بيڪار گفتگو ڪريون پيا. واڍو پڻ ڪنهن نقطهءِ نظر سان ڪٻٽ ٺاهي، پنهنجي فن جو اظهار ڪري ٿو. اسين محسوس ڪريون ٿا ته اهو ڪم اڪبر واڍي جو ٿي سگهي ٿو، جيڪو اهڙا ڪٻٽ ٺاهي سگهي ٿو. حيدرآباد شهر ۾ ٻيو ڪو به اهڙو ڪٻٽ نٿو ٺاهي سگهي. ان هوندي به ڪٻٽ واري آرٽ کي اسان عام رواجي آرٽ سڏيون ٿا.

شاعريءَ ۽ عام رواجي آرٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ آئون ڏسان پيو ته ڪو به جواب ڏيڻ لاءِ رتيار ڪونهي. سڀئي انتظار پيا ڪريون ته ٺهيل ٺڪيل جواب ٻڌون جيڪو هن هال مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي منٽ ۾ وساري ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته توهان جي حقيقي دلچسپي مون سان نه آهي. خيال زندگيءَ جو غلام آهي. ڪنهن جي ذهن ۾ ڪرڪيٽ آهي. ته ڪنهن جي ذهن ۾ دوست سان ملڻ جو خيال آهي. تنهنڪري منهنجا الفاظ فقط الفاظ ئي رهجي ويندا جيڪي ڪجهه مون پنجاهه سالن کانوٺي گڏ ڪيو آهي ان کي ائين ڦٽي ڪري ڇڏيان جو توهان ان جو ڪو استعمال نه ڪريو، پر اهو تمام وڏو زيان آهي.

هاڻي مون جهڙو ماڻهو چوندو ته واڍڪو ڪم ڪمائتو فن آهي. اهو اهڙو آرٽ آهي جنهن سان انسان جي ضرورت پوري ٿئي ٿي. اهو انسان جي استعمال ۾ اچي ٿو ۽ عملي شين ۾ ڪم اچي ٿو جڏهن ته شاعري ڪنهن عملي ڪم ۾ ڪونه اچي ٿي. اهو فقط لفظن جو زيان آهي. اهي طويل ۽ فصيح لکڻيون ڪهڙي تقويت پهچائن ٿيون. اهي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏو به نٿيون ٺاهي سگهن. ڪنڀر جو آرٽ به ڪارائتو آهي پر شاعر ڇا ٿو ڪري! ويچاري شاعر کي اها خبر ڪونهي ته هو ڇالاءِ پيو لکي. جيئن برائوننگ (Browning) پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ چوي ٿو ته مون کان نه پڇو ته مون ڇا لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي معلوم نه آهي ته مون ڇا لکيو آهي. وڃو ۽ ڏسو ته مون ڇا لکيو آهي.

هاڻي اها ڪهڙي چرين واري سوچ آهي جو هڪ کي فائن آرٽ چئو ٿا ۽ ٻيو شخص جيڪو شعوري طور ڪٻٽ ٺاهي ٿو جيڪو استعمال ۾ اچي ٿو. شاعر وٽ اهڙي سوچ ڇو ڪونهي. جيڪڏهن ڪو اهڙي ذهني شعور سان بيت ٺاهي ٿو ته اهو نالي جو شاعر آهي. اهو بيت جي صورت ۾ انهن شين جي باري ۾ ڳالهائي ٿو جيڪي هن شعوري طور سوچيو آهي. جيئن اسان جا عرب شاعر طب جا ڪتاب شاعري ۾ لکندا  هئا. پر شاعر کي اهو معلوم نه هوندو هو ته هو ڇا ٿو لکي.

هاڻي وري فن عمارتسازي يا آرڪيٽيچر ڏسو. اهو فضول آرٽ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهو ماڻهن جي رهڻ لاءِ اجهو ٺاهي ٿو. اهو گهر جنهن ۾ اعليٰ رهائش جو تصور هجي. پر اهو فائن آرٽ ڪونهي. وڌ ۾ وڌ اهو خيال شين جي بهتر استعمال لاءِ هڪ تصور پيدا ڪري ٿو. فقط خوبصورتيءَ جو خيال ڪنهن شيءِ لاءِ ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿو. اهڙو عمارتساز اهو فڪر نٿو ڪري ته ٻڌ کي مندر جي ڪري ياد ڪيو ويندو يا وڏي شخص کي ٺاهيل عمارت جي ڪري ياد ڪيو ويندو. جيئن تاج محل جيڪو عام ماڻهوءَ جي لاءِ ڪنهن فائدي جو ڪونهي. هوڏانهن هندستان ۾ ٻي ڪنهن عمارت جي ايتري تعريف نٿي ڪئي وڃي، پر اها به حقيقت آهي ته تاج محل هونئن ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڇا ڪو ماڻهو اتي وڃي اس ۽ مينهن کان پاڻ کي بچائي سگهي ٿو. پر تڏهن به هرڪو ئي چوي ٿو ته تاج محل نهايت حسين عمارت آهي. ڇا ڪو چئي سگهي ٿو ته تاج محل هڪ آرامده گهر مثل آهي. آخر تاج محل ۽ ٻي ڪنهن رهائشي جڳهه ۾ ڪهڙو فرق آهي، ڇا اهو فرق محض سطحي آهي، يا وڌيڪ گهرو آهي. بهرحال توهان چئي سگهو ٿا ته اهو سونهن ۽ خوبصورتيءَ جو اڌ ميل اظهار آهي، جنهن جي استعمال بابت سوال اجايو آهي. هڪ عام مصور ۽ اعليٰ مصور ۾ اهوئي فرق آهي. هڪڙو فقط هنرمند (Artisan) آهي ته ٻيو واقعي فنڪار (Artist) آهي. هاڻي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ واڍو يا ڪاريگر يا ڪنڀار ڪم ايندڙ شيون ٺاهي ٿو. تاهم اها به حقيقت آهي ته هڪ هنرمند جي مقابلي ۾ فنڪار يا آرٽسٽ جي هرڪو تعريف ڪري ٿو ۽ هن کي مٿانهون سمجهي ٿو. هوڏانهن هنرمند شخص جي ڪري اسان کي آسائش ۽ آرام ملي ٿو. هتي سوال آهي ته پوءِ هنرمند شخص جي تعريف پاڻ وڌيڪ ٿيڻ کپي، پر ائين ڪونه ٿو ٿئي. خاص طور هڪ شاعر يا مصور جي مقابلي ۾ جيڪو ڪچي پڪي بيت بازي ڪري ٿو يا چند لڪيرون ڪڍي ڪا تصوير پيش ڪري ٿو. ڀلا، اهڙو فنڪار جيڪڏهن ڪا اهڙي اعليٰ عمارت ٺاهي ٿو ته آخر اها ڪهڙي ڪم جي آهي؟ ظاهر آهي اها ڪنهن ڪم جي ڪونهي. اهو ساڳيو حال هڪ موسيقار يا گائڪ جو آهي، جيڪو ڏينهن ۽ رات ابتو سبتو رياض ڪري ٿو. وٽس پورا الفاظ به نه آهن، جن جو ڪو مطلب ڪڍي سگهجي. هن جو خيال ان طرف هرگز ڪونهي ته اهو استعمال ٿيندو يا نه! ڇا برسات ان منجهان لنگهي ته ڪونه ويندي اها هڪ يادگار جاءِ ٺهيل آهي.

سنڌ جي هڪ وڏي شخصيت لکي ٿي ته موسيقي کان شاعري وڌيڪ وڏو آرٽ آهي. موسيقي راڳ کان ساوءِ نٿي ٿي سگهي ڇو ته هن ويچاري فقط ڪافيون ۽ غزل موسيقي تي ٻڌل آهن. تنهنڪري هن سوچيو ته لفظن کان سواءِ موسيقي نٿي ٿي سگهي. حقيقت ۾ هن اهو پيرسنيءَ ۾ لکيو آهي. شاعري وڏو آرٽ آهي ڇاڪاڻ ته شاعريءَ کان سواءِ موسيقي ڇا آهي. موسيقي شاعري جي لاءِ ميڊيا هڪ گاڏي مثل آهي. ٻي حالت ۾ موسيقي کي ڪا جاءِ ۽ ڪو وجود ڪونهي. هاڻي توهان ڏٺو ته هڪ وڏو ڄاڻو ماڻهو ائين سوچي ٿو. ان جي باوجود سڄي دنيا ۾ بحث جاري آهي ته موسيقي وڌيڪ سٺو آرٽ آهي يا شاعري! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ انهن مان ڪهڙو وڏو فائن آرٽ آهي ۽ ڇو؟

اصل سوال آهي ته شاعريءَ ۾ ٻه شيون آهن. هڪڙي ٽيڪنڪ يعني ڪاريگري ۽ ٻي آهي ان جو روح! ٽيڪنڪ تلفظ ۽ رديف وغيره جو پيمانو آهي. اها شاعريءَ جي ٽيڪنڪ آهي. اهڙي طرح پينٽنگ، موسيقي ۽ سنگتراشيءَ ۾ به ٽيڪنڪ آهي. انهن شين ٺاهڻ لاءِ قلم ۽ برش وغيره جي ضرورت پوندي ۽ اهو توهان کي سکڻو پوندو. اهڙي طرح شاعريءَ ۾ پڻ ٽيڪنڪ آهي. هاڻي ٽيڪنڪ ۽ آرٽ جي (Spirit) روح ۾ ڪهڙو رشتو آهي. اهو ڪيئن اڀري ٿو. ڇا ٽيڪنڪ شعوري آهي ۽ روح پاڻ مرادو پيدا ٿئي ٿو؟ انهن جو ڪهڙو رشتو آهي؟ اهي سوال انسان جي ذهن ۾ اڌ صديءَ کان جاري آهن ۽ اڃان تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهن. توهان ۾ جيستائين آرٽ ڏانهن لاڙو نه آهي تيستائين ڪڏهن به ڪونه سمجهي سگهندا. اهو فقط شاعر ئي شاعر کي سمجهي سگهي ٿو. نبي ئي نبيءَ کي سڃاڻي سگهي ٿو. روشني روشنيءَ کي پرکي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ٻئي کي ۽ ڪائنات جي ٻين شين کي ساڳي نقطه نظر ۽ ساڳي سطح تي ڏسن ٿا. ڪوبه شخص جيڪو زمين تي ويهه وال هيٺ بيٺل آهي، اهو اها شيءِ ڏسي نٿو سگهي، جيڪا جبل جي چوٽيءَ تي بيٺل شخص ڏسي سگهي ٿو. تنهنڪري (Point of view) نقطه نظر اهم آهي.

هاڻي اسان آرٽ ۽ فائن آرٽ تي اچون ٿا. شاعري فائن آرٽ ۾ اچي ٿي شاعري ۾ شاعر فقط هڪ شي کي وٺي ٿو. مثال ٻه ڪانگ اچن پيا ۽ وڻ تي ويهن ٿا. ان تي به شعر ٺهي وڃي ٿو. ٻه ڪانگ وڻ جي شاخ تي ويهن ٿا. مون جهڙي عاميءَ لاءِ اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن. پر ان نظاري ۾ شاعر جو اندر يا روح ڇڪجي وڃي ٿو، جنهن ڪري. شاعر خود ڪانگ ٿي وڃي ٿو. هو ذهن ۾ اهو سوچي ٿو ته آئون ڪانگ آهيان. هن ڪانگ سان پنهنجي شناخت ڪرائي ڄڻ ته ڪانگ ڳالهائي پيو. جڏهن ته هو خود ڳالهائي پيو.

هاڻي وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ جيئن مون چيو ته هي وقت سڀني مضمونن جو مهاڳ آهي. تنهنڪري منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي ته وڌيڪ وضاحت ڪريان. پر هاڻي ڏسون ته سائنس ڇا آهي ڇو ته سائنس وارا شاگرد پڇندا ته اسان کي ڇو گهرايو ويو آهي. آرٽ جي شاگردن لاءِ شاعري جي شناخت شاعر جو پاڻ کي ڪنهن نظاري يا شيءَ ۾ گم ڪرڻ آهي، جيڪو هن ڏٺو ان ۾ پاڻ کي گم ڪري شعوري ڪوشش کان سواءِ لکڻ شروع ڪيو.

هاڻي سائنس وري آرٽ جي بلڪل ابتڙ آهي. سائنسدان پاڻ کي ڪنهن نظاري يا شيءِ ۾ گم نٿو ڪري ۽ نه ئي ٻاهرين صورت جي ڪشش ۽ چاهت ۾ اچي ٿو. هو پاڻ کي پهرين مڪمل طور شعوري بنائي ٿو. ٻين ٻاهرين ڏيکن کان پاڻ کي ممڪن حد تائين الڳ رکي ٿو. ڪو به سائنسدان تيستائين ڪنهن به قسم جو ڪم نه ڪري سگهندو، جيستائين هو پاڻ کي ٻاهرين حقيقت کان الڳ نه رکندو. پهرين هن کي بامقصد شعوري انسان ٿيڻو پوندو. هن کي سڀني علمن جو مڪمل شعور هوندو آهي، هن جو حافظو تيز ٿئي ٿو ۽ هر ننڍڙي شيءِ کي هڪ الڳ شيءِ ڪري ڏسي ٿو. هن جي اڳيان اهڙيون لکين شيون آهن هو جيترو وڌيڪ تجزيو ۽ ترڪيب ڪندڙ هوندو، اوترو وڌيڪ سٺو سائنسدان چئبو يعني جيترو وڌيڪ هڪ گل کي حصن ۾ ورهائي ڏسندو. اوترو وڌيڪ سٺو سائنسدان چئبو. هو ڪنهن جي به تابع ٿي نٿو سوچي. جنهن لمحي هن ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ سوچڻ شروع ڪيو ته هو سائنس جي دائري مان نڪري ويو. هو هر وقت باشعور، ارادي طور ڪم ڪري تجزيو ڪري ٿو ۽ هڪ مان ويهه شيون پيدا ڪري ٿو. شاعر وري سڀني شين مان هڪ ٺاهي ٿو. تنهنڪري شاعر سڀني شين کي گڏ ڪري هڪ تصور ڪري ٿو، جڏهن ته سائنسدان وري تجزيو ڪندي هڪ مان لکين شيون ٺاهي ٿو. پراڻي محاوري موجب هن جو واسطو ڪثرت سان آهي. جيترو وڌيڪ ڪثرت اوترو هن لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. آءٌ ڪنهن زماني ۾ چوندو هوس ته جيڪڏهن آءٌ مسلمان نه هجان ها ته آءٌ پڪو هندو ضرور ٿيان ها، ڇو ته هندو مذهب ۾ ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتائون آهن. ٻه، ٽي يا چار اهو ڪجهه ناهي، جيئن عيسائين جا ٽي خدا آهن. اصل ڳالهه ٽيٽيهه ڪروڙ آهي. مون کي هڪ لحاظ سان ان ۾ ڪشش محسوس ٿئي ٿي، باقي ٻه ٽي واري انگ ۾ مزو ناهي. هن هيڏي ساري ڪائنات ۾ ايترا ديوتائون ته هجڻ کپن ها. بلڪه جيترو وڌيڪ هجن ها اوترو بهتر! هڪ لحاظ سان ڏسبو ته سائنسدان وٽ سندس نقطه نظر کان 33 ڪروڙ خدا آهن. هو انهن سڀني خدائن جي پوڄا ڪري پيو. هر ننڍي شيءِ جي عبادت ڪري پيو. رات ڏينهن انهن جو مطالعو ڪري پيو. هر شيءِ کي الڳ ڪري ڪنهن مقصد سان ان جو تجزيو ڪرڻ هن جو ڌنڌو آهي. تنهنڪري ڏسو ته شاعر ۽ سائنسدان ٻئي هڪ ٻئي جي ڪيترو نه ابتڙ آهن، جيڪي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ جو ارادو رکن ٿا. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته هر سائنسدان شاعر جي ابتڙ آهي! سائنسدان کي به شاعرانه احساسات ۽ سوچ ٿئي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته هو به شاعر وانگر خواب لهندو هجي ۽ شام جو شاعرانه خيال ۾ ويٺو هجي. ائين ممڪن آهي ته شاعر وري پنهنجي تجربيگاهه ۾ سائنسدان هجي. شاعر ۽ سائنسدان ۾ اهو فرق آهي ته شاعر جو ڪم غير شعوري پاڻ مرادو ۽ ڪنهن جي تابع نه آهي. هو ڪائنات جو آئينو ٿي پوي ٿو ۽ اهڙو اثر پذير آئينو جنهن ۾ هو پنهنجي وجود جي سڃاڻپ کان سواءِ ساري ڪائنات ڏسي ٿو. هو ان وقت اهو نٿو ڄاڻي ته سندس وجود آهي يانه!

هاڻي توهان ٿلهي ليکي سائنسدان ۽ آرٽسٽ بابت ايترو ضرور سمجهيو هوندو ته شاعر پاڻ کي وساري ويهي ٿو ۽ سائنسدان پاڻ کي ياد ڪري ٿو ۽ شعوري طور پاڻمرادو مطالعو ڪري ٿو.

اڳتي ٽيڪنيڪ جو سوال آهي. ڇا شاعر جي ٽيڪنيڪ شعوري يا غيرشعوري آهي. گهٽ ۾ گهٽ هر ڪنهن کي ان سلسلي ۾ ضرور سوچڻ گهرجي جيڪو شعوري آهي. مصور کي اهو شعور هئڻ گهرجي ته رنگ ۽ برش سان پير ۽ نڪ ڪيئن ٺاهجن، ٻي حالت ۾ اهي ڪيئن ٺاهي سگهندو. پر توهان کي تعجب ٿيندو ته شاعر سڀ ڪجهه خواب ۾ جوڙي ٿو. هن کي شعور ڪونهي ته اهي ڪيئن پيو ٺاهي. جيڪڏهن هو باشعور هجي ها ته اها تصوير بگاڙي ڇڏي ها. اها تصوير فن ڪونه چئبي. بس هن جي اڳيان ان جو تصور آهي. هو شعوري طرح ڪيئن ۽ ڪهڙي تصوير ڪونه ٺاهي پيو. بلڪه يا تجنيس هجي جيترو هن کي گهٽ شعور هوندو اوترو آرٽ وڌيڪ اعليٰ هوندو.

مثال طور عظيم شاعر شاهه لطيف کي وٺو. ڇا توهان سمجهو ٿا ته هو رديف ۽ قافيي کي ذهن ۾ رکي ويهي سوچيندو هو ته ڪيتريون سٽون شعر ۾ هجن؟ نه! هو ڪنهن به طرح شعوري ڪيفيت ۾ ڪونه هو ته ڪيتريون سٽون شعر ۾ هئڻ گهرجن. ڪهڙي قسم جو رديف ۽ ڪهڙي قسم جي قافيي ۾ ڦيرگهير هجي. هن جيڪو اسان تي تاثر ڇڏيو آهي، ڇا اهو شعوري حالت وارو آهي. شعوري حالت واري شاعريءَ کي ته مشاعرو چئجي ٿو.

ڪجهه وقت اڳي مون جڏهن پڇيو ته سنڌ ۾ ڪيترن سالن کان شاعر حضرات ڪيئن ۽ ڇا لکي رهيا آهن. ان جو جواب مليو ته شاعرن کي هڪ مصرع ڏني ويندي آهي جنهن تي اهي تتبع ڪري شعر لکي ايندا آهن. مون ضلعي جي ڪليڪٽر  کي چيو ته جيڪڏهن توهان جو ٿورو اثر رسوخ آهي ته  انهن کي ڪو عنوان يا مضمون ڏيو. اهو وري به بهتر ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته ان عنوان ۾ هنن جي دلچسپي نه هجي ۽ هنن جي حواس ۽ ذوق جمال کي متاثر نه ڪري تڏهن به انهن کي عنوان ڏيو. اهو تتبع ڇا آهي؟ فقط قافيه ۽ رديف جي پوئواري ڪري شعر کي موزون بنايو وڃي ٿو. انهن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي مضمون ۾ سوچڻ ته ڏيو، ٻيءَ صورت ۾ شاعري ڇا آهي! بنا ڪنهن مقصد واري هڪ مصرع آڏو رکي اهڙي نموني جا وڌيڪ شعر ٺاهڻ شاعري ڪونهي. اهو طريقو شاعر کي پرکڻ جو ڪونهي. ان صورت ۾ ماڻهو اهو صحيح سوچين ٿا ته شاعر رديف، قافي ۽ پيماني جو خيال رکي شاعري جو ڪتاب لکي ويو آهي، پر آئون چوان ٿو ته اها شاعري ڪونهي. عرب وڏا مشاق هئا. هنن جو سمورو ڪلام شعر هو. هر موضوع علم بدن، علم صحت ۽ طب جي معاملن بابت پڻ هنن شاعري ۾ ڪتاب لکيا. هنن کي زبان تي ايترو عبور هو جو اڪثر نثر کي نظم ۾ لکندا هئا. پر ان کي شاعري نه چئبو. شاعري بلڪل مختلف آهي. مطلب هتي شاعري لاءِ ٽيڪنڪ ۽ روح (Spirit) لازمي جزا آهن جن کي جدا نٿو ڪري سگهجي.

هاڻي ڏسو ته هر دور ۾ پيغمبرن ۽ عظيم شخصيتن آرٽ کي ڌڪاريو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ٻئي درجي جو هو ۽ هنن ماڻهن جو ذهن ٿي بگاڙيو هنڌ فائدي جي بجاءِ نقصان ٿي ڏنو. قرآن شريف ۾ به اهڙو ذڪر آيو آهي. حضرت عيسيٰ " ۽ ٽالسٽاءِ پنهنجي دور ۾ آرٽ کي ننديو آهي. هر شخص ڏسي ٿو ته اهڙو آرٽ فائدي جي بجاءِ نقصان ڏيندو. تنهنڪري آئون چوان ٿو ته آرٽ جيستائين اعليٰ ۽ معياري نه آهي، اهو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.

اهي شاعر عام طور جن جي اسين عزت ڪريون ٿا، انهن وٽ ٽيڪنڪ ۽ شاعري جي روح ۾ ڪو فرق نه آهي. انهن وٽ ٽيڪنڪ ان وقت آئي جڏهن جذبات جو وقت آيو ۽ ڪنهن شيءِ جي مظهر کان سواءِ تخليق ڪيائون. اهي تخليق وقت لاشعور هئا. اهي فقط ان جي مراد ۾ ضم هئا جيڪا انهن جي ذهن ۾ هئي. انهن سوچيو ته اهو خيال اوچتو انهن کي آيو آهي ۽ جمالياتي احساس انهن تي حاوي ٿي ويو. ٻي حالت ۾ اهو ممڪن ڪونه هو ته اهڙي ڪارائتي تخليقي شيءِ پيدا ڪن، تنهنڪري شاعري فائن آرٽ ٿي پئي. انسان پنهنجي فن جو اظهار ان سطح تي ڪري ٿو، جڏهن هو ان جي مقصد يا مراد کان لاشعور رهي ٿو. نه فقط ايترو پر هن لاءِ ٽيڪنڪ ۽ شاعريءَ جو روح به مبهم آهي. هو سڄو وقت ان شيءِ جي عڪس جي مراد کي ڏسي ٿو ۽ ان ۾ ضم رهي ٿو.

هاڻي تصويرن کي رنگ لڳائڻ ڇو گهٽ آرٽ آهي ۽ شاعري وڏو آرٽ آهي. اهو بيڪار آرٽ عمدي آرٽ جي ويجهو ڪٿي آيو ۽ انهن ائين ڇو ڪيو. اهي سڀ عام معمولي تجزيا آهن جيڪي فقط آرٽ ۽ جماليات جا شاگرد سمجهي سگهن ٿا. آئون فقط هڪ عام اهڃاڻ ڏيان ٿو ته جيئن توهان معلوم ڪريو ته ڇو اسان سائنس ۽ آرٽ جي باري ۾ مسلسل ڳالهائيندا رهون ٿا، اهو ان ڄاڻڻ کان سواءِ ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون. اهي سڀ تعليم جا طريقا ۽ وڏا وڏا الفاظ جن جي معنيٰ ۽ اصليت جي خبر ڪونهي. مون هي عنوان ان ڪري منتخب ڪيو آهي ته جيئن انهن جا ڪمزور نقطا ڪڍي نروار ڪجن. جيڪي اوهان کي نٿا اچن. مون وٽ هتي هڪ ڪتاب آهي، اصل ۾ ان ڪري ئي اها سڀ گفتگو شروع ٿي. ان ۾ لطيف جو هڪ سُر سورٺ آهي. منهنجا ڪجهه دوست ۽ شاگرد مون وٽ آيا ۽ چيائون ته ان سر غلط فهمي پيدا ڪئي آهي ۽ اهو مختلف معنيٰ رکي ٿو. شاهه صاحب جي ان ۾ بلڪل مخفي معنيٰ آهي. ان مان مراد الله ۽ ان جو رسول آهي. الله تعاليٰ جو رسول چئي ٿو ۽ هو ڪا شيءِ گهري ٿو. سورٺ جو قصو ٻڌائي ٿو ته هڪ راڳي راجا وٽ اچي ٿو ۽ هن جي محلات جي اڳيان ويهي رهي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون ڳائيندو رهندس، جيستائين توهان پنهنجو سر نه ڏيندا. لطيف ان ۾ اهڙي ڪا معنيٰ ڏيکاري ٿو جهڙي ”انا احمد بلاميم يا الانسان سري وانا سره“ ۾ آهي يا اهڙي قسم جي ڪا حقيقت مخفي آهي. ان قصي ۾ لطيف جو الله ۽ ان جي رسول ڏانهن اشارو ٿيل آهي. عام طور اهي نٿا سمجهن ته شاعر جي ذهني سوچ ڇا آهي. ان ڪري غلط تشريح ڪئي وڃي ٿي. شاعر ڪا شيءِ ڏسي شعر لکي ٿو. اهو ان لاءِ نه ته ان شيءِ سان واسطو رکي ٿو. هو فقط ان جو نقشو چٽي ٿو، جيڪو هن کي متاثر ڪري ٿو، ان جي معنيٰ هو بلڪل پنهنجي سطح تي ڪري ٿو. هو عام سطح سان ٻڌل ناهي.

آئون ڪتي جو مثال دهرايان ٿو. اک فقط اها شيءِ ڏسي ٿي جيڪا هوءَ ڄاڻي ٿي. انسان اهو ڏسي ٿو جنهنجي ڏسڻ جي اهليت اٿس. جيڪو آئون ڏسي سگهان ٿو، اهو توهان نٿا ڏسي سگهو، جيڪو توهان ڏسو ٿا آئون نٿو ڏسان. اسين سڀ مختلف سطح تي آهيون ۽ هر هڪ جو نقطه نظر مختلف آهي. ٻن شخصن جو نقطه نظر هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي سطح جو مختلف مقام آهي، تنهنڪري شاعر ڪا شيءِ ڏسي ٿو. پوءِ پنهنجي سطح مطابق ان جي معنيٰ ڳولي ٿو جيڪا هن کي دلچسپ لڳي ٿي. باقي سڄي منظر ۾ دلچسپي نٿو رکي. اسان وٽ اهو ڪتي جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو بلڪل بدليل آهي، جيڪو روح باقي رهي ٿو اهو به جيڪو ڪتي وارو آهي، جيڪو کاڌي جي تلاش ۾ رهي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن لاءِ هڏو پوري ڇڏي ٿو ۽ مادي ڪتيءَ جي پويان ڊوڙي ٿو. اهي سڀ شيون آئون ۽ توهان ڪريون ٿا. پوءِ اسان ڪتي کان وڌيڪ بهتر ڪيئن آهيون. تنهنڪري اسان جي وجود جي شناخت توڻي ڪتي جي شناخت برابر آهي. اسان سڀ ائين آهيون، باقي سکڻو ڏيکاءُ آهي. جيستائين انسان انهن شين کي سنجيدگيءَ سان نٿو محسوس ڪري، تيستائين هو ڪتي جي سطح کان مٿي ڪونهي. هو قرآن شريف جي ان حڪم موجب ته اسان انسان کي ”احسن تقويم“ ڪري پيدا ڪيو آهي ته جيئن هو ملائڪن جي لائق ٿي وڃي. ٻي حالت ۾ اسان انسان کي “ثم رددناه اسفل السافلين” جي لائق بنائي ڇڏيو آهي. اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته ملائڪن واري بلندي حاصل ڪريو يا بنهه ڪتي کان به گهٽ ٿي وڃو. ان لاءِ قرآن شاهد آهي آئون پنهنجي طرفان ڪونه پيو چوان.

اهو ئي آرٽ ۽ تعليم جو مطلب آهي. انسان جو مرڪزي نقطو اهو آهي، جتي هن جي دلچسپي آهي. جيئن شيڪسپيئر چوي ٿو ته انسان جي شناخت هن جي سنگت ۽  پسند مان معلوم ٿئي ٿي. ڪارلائل چوي ٿو ته ان ۾ ڪا قباحت ڪونهي ته ڪو موچي يا ڀنگي آهي. ڇو ته ضرورت ڪنهن قانون کي نه ڏسندي آهي. هر ڪنهن کي رزق حلال ڪمائڻ جو حق آهي. اهو ڪو مسئلو ڪونه آهي ته ڪير ڪهڙي نموني ڪمائي ٿو. پر ان شخص جي پرک ان مان پوندي ته هن کي ڇا مان فرحت ملي ٿي. جڏهن هو موچڪي يا صفائي جي ڪم کان فارغ ٿئي ٿو ته پوءِ ڏسڻو آهي ته فرصت جي وقت هن جو ڪهڙو دوست آهي. هڪ امير شخص ڀلي گورنر جنرل هجي پر ڏسڻو آهي ته شام جو فرصت وقت ڪيڏانهن وڃي ٿو، اها هن جي سمجهه، خواهش ۽ مرضي جيڪا هن کي متاثر ڪري ٿي، اها هن جي ڪائنات ۾ حيثيت ٻڌائي ٿي.

منهنجا دوستو! جيستائين اسان کي اهو شعور نه ايندو ۽ حجاب خودي ۽ پاڻ پڏائڻ کان ٻاهر نه نڪرنداسون، تيسين معلوم ڪونه ٿيندو. اهو معيار ۽ ذوق ٻڌائي ٿو ته مون کي ڪهڙي شيءِ مان فرحت ۽ ڪهڙي صبحت ۾ مزو اچي ٿو. واندڪائي وقت مون کي ڪهڙي مشغوليءَ سان چاهت آهي. اهوتوهان پنهنجي استاد يا نفسيات جي ڄاڻوءَ کي ٻڌايو، هو توهان کي پنجن منٽن ۾ ٻڌائيندو ته توهين ڪٿي بيٺا آهيو.

آئون اڪثر تعليمي شعبي کي خطاب ڪندو رهندو آهيان. تعليم جا طريقا ته سٺا آهن، پر روح جي تعليم ضروت آهي. جيستائين توهان شاگرد ۾ مضمون بابت دلچسپي پيدا نه ڪندا، اندر جي چاهه کي سجاڳ نه ڪندا ۽ پنهنجي ذهن کي صاف نه ڪندا تيستائين تعليم جو روح حاصل نه ڪري سگهندا. اهو ڪم اڳوڻي دور ۾ استاد سرانجام ڏيندو هو. استاد اديب آهي. جيستائين تعليم کان پهريائين تاديب نه آهي ته تعليم جو ڪو فائدو ڪونهي. آئون اوهان استادن کي اهوئي چوان پيو. ٻار جي دلچسپيءَ جو مرڪز معلوم ڪريو، پوءِ ان مان ٻنيءَ وانگر جھنگ ۽ گند ڪچرو ڪڍي، هن جو ذهن صاف ڪريو. ٻي حالت ۾ توهان ڪجهه به پيدا ڪري ڪونه سگهندا. ذهني شعور هميشه مادي جي ماتحت رهندو. سوچ زندگيءَ جي غلام رهندي، ان وقت تائين جيستائين سوچ خود حاڪم ٿي وڃي ۽ زندگيءَ جون واڳون هن جي هٿ ۾ اچي وڃن. لطيف جي سر سورٺ ۾ اهوئي مضمون آهي. آئون اهي مشورا انهن کي ڏيان پيو جيڪي هن ظاهري اصطلاح ۾ منجهيا پيا آهن.

سورٺ جو حاصل مطلب آهي ته خدا شناس انسان جيڪو پنهنجي ٻئي ڀاءُ جي رهبري چاهي ٿو. هو اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون تنهنجي سر لاءِ آيو آهيان. هو نٿو سمجهي. هو چوي ٿو ته تون مون کي مارڻ آيو آهين. ”هائو“ هو چوي ٿو، آئون توهان جي ڪنهن به انعام کان مطمئن نه آهيان، جيڪو توهان ڏيو ٿا. آئون هتي ڳائيندو رهندس، جيستائين توهان پنهنجو سر نه ڏيندا. اهو ئي سُر سورٺ جو مطلب آهي آئون توهان کي هڪ خاص مثال ڏيندس. شمس تبريز مولانا روميءَ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳس ته مون کي ڪنهن نامعلوم جڳهه وٽان حڪم ٿيو آهي ته توهان کي اچي ڳولي لهان ۽ مون توهان کي اچي ڳولي لڌو آهي. پر ٻيو ڪجهه نٿو گهران، فقط مون کي پنهنجو سر ڏيو. رومي سمجهي ويو ته سر ڏيڻ جو مطلب ڇا آهي. ۽ هو چوي ٿو ته هي سر حاضر آهي. پر راجا چوي ٿو ته اهڙا سو سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. انهن جي ڪهڙي اهميت آهي، آئون ته ان سان ’لهي الحيوان‘ واري مرتبي ۾ آهيان. آئون هي بيڪار سر ڏيئي ٻي حياتي حاصل ڪري رهيو آهيان. آئون تمام مفيد سودو ڪري رهيو آهيان. اهي جيڪي هيءَ زندگي ڏين ٿا، اهي حقيقي زندگي حاصل ڪن ٿا. حضرت عيسيٰ جو فرمان آهي مون سان موت تائين وفادار رهو ته آئون توهان کي حياتيءَ جو تاج پهرائيندس. آئون ان باري ۾ قرآن شريف جي هن آيت جي اطاعت لاءِ چوندس. ”بل توثرون الحياة الدنيا والاخرة خير وابقيٰ“. اهي هن دنيا کان متاثر ٿيا آهن، پر اصل ۾ حياتي آخرة واري آهي. قرآن شريف فرمائي ٿو ته هيءَ زندگي اصل ناهي.

هاڻي اهو ڏند ڪٿا جهڙي ڪهاڻي وارو خيال لطيف سر سورٺ ۾ ڏنو آهي ته راجا راڳيءَ کي سر به ڏيئي ڇڏيندا هئا. اهي موسيقي جا اهڙا شائقين هئا جو مڱڻهار ڪا شيءِ گهرندو هو ته انڪار ڪونه ڪندا هئا. هاڻي جيڪي منجهيل هئا، اهي وڃي پڙهن ته اها وضاحت ڪري سگهجي ٿي يا نه؟

اقبال ويچاري کي مسلسل خوديءَ جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو ته خودي ڇا آهي. آءٌ خوديءَ کي بامقصد زندگي چوان ٿو، پر پوءِ دنياوي زندگي ۾ ان جو ڪهڙو فائدو ۽ نقصان آهي. اهو هڪ سٽ ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. پر اقبال جي لفظن ۾ ان جي تشريح ڪري سگهجي ٿي، جيڪي آءٌ هتي ڪاغذ جي ٽڪري تي لکي کڻي آيو آهيان ته جيئن وسري نه وڃن. اهي هي آهن:

خودی میں گم ہے خدائی تلاش کر غافل

یہی ہے تیرے لئے صلاح کار کی راہ ہے۔

اها هڪ منزل آهي. جيستائين اتي نٿا پهچو توهان ڪٿي جا به ڪونه آهيون. جيئن شيڪسپيئر چوي ٿو:

Thought is slave of life

Life times fool

And time that surveys

All the world must have a stop

هاڻي جيڪڏهن هو پهرئين مرحلي تي بيٺو آهي يعني سوچ زندگيءَ جي غلام آهي ۽ اتي بيهي رهيو ته اسان کي ڇا سمجهڻ گهرجي، پر جڏهن آئون ضمير، خودي ۽ فڪري علم جي ڳالهه ڪريان ٿو، تڏهن به آئون ائين نٿو چوان ته اهو حرف آخر آهي پر جڏهن اهو آخري سمجهي اسين بيهي رهون ٿا ته اها جدلياتي ماديت (Material Dialectic) آهي ۽ اهو تضاد ڪڏهن به حل ٿيڻ وارو ناهي. اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان جا خيال زندگيءَ جا غلام آهن. اسان جا مفاد اسان جي خيالن تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ مسلسل من پسند سوچ حاوي آهي. اسان مان ڪو به حق ۽ سچ ڄاڻڻ نٿو چاهي. سچ جي ڪڙاڻ اسان مان ڪو به هضم نٿو ڪرڻ چاهي. ڇو ته ”الحق مُر“ سچ ڪؤڙو آهي. تنهنڪري ڪڙي گوري ڳهڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونهي. ڪو به من پسند سوچ ختم ڪري سچ کي نٿو ڳولي سگهي. جيستائين هو ائين نٿو  ڪري تيستائين انسان جي درجي کان هيٺ ڪريل آهي. هو فقط جانور آهي. ڪتو به ايترو خراب نه آهي. هن ۾ به ڪنهن سوچ جو قسم آهي پر اها سوچ هن جي زندگيءَ جي ماتحت آهي، ان کان ٻي ٿي نٿي سگهي.

انسان ۾ اها سوچ شفاف پاڪيزه ٿي سگهي ٿي. هو سوچي ٿو ته هن کي سڄي حياتي ڏيڻي آهي، جيڪا هن تي حڪمراني ڪري ٿي ۽ جڏهن هو ان منزل کان مٿي اڀري ٿو ته انسان ٿي پوي ٿو. هو ان وقت تائين انسان سڏائڻ جي قابل ڪونهي جيستائين هو سوچ کي حياتيءَ کان بالا نٿو رکي ۽ سوچ کي هر شيءِ کان مٿي نٿو رکي.

اڄ مون ڪنهن حد تائين توهان کي آرٽ ۽ سائنس جي مضمون جا بنيادي مقصد ٻڌايا. اڳتي توهان کي مطالعو ڪرڻو آهي ته آئون آخر اهي ڪيئن حاصل ڪريان. منهنجي معلومات جا ڪهڙا طريقا آهن؟ ڇا آئون انهن کي استعمال ڪريان پيو. ڇا آئون انهن کي پاڪ رکيو اچان ٿو يا مون انهن کي گندو ڪري ڇڏيو آهي. ائين ته نه آهي جو بجاءِ روشنيءَ جي اونداهي ملي اٿم. فقط اهو معيار مقرر ڪريو ته ڪهڙي شيءِ مون کي متاثر ڪري ٿي. ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪري ٿي. ان مان معلوم ٿيندو ته توهين ڪهڙي هنڌ يا جاءِ تي بيٺل آهيان ۽ منهنجي زندگيءَ جو نظريو ڇا آهي. آئون ڪهڙي زندگيءَ سان واسطو رکان پيو. تڏهن معلوم ٿيندو ته آئون انسان آهيان يا انسان سڏائڻ جي قابل نه آهيان بلڪه حيوان آهيان.

[  37  ]

خليفن جي دور ۾ جمهوريت

 

هيءَ صدارتي تقرير علامه صاحب 6 ڊسمبر 1957ع تي سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. ان موقعي جو پهريون مقرر مظهرالدين صديقي هو جيڪو ان وقت مسلم هسٽري شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر هو. علامه صاحب جو هي صدارتي خطبو جمهوريت جي اسلامي تصور جي بهترين سمجهاڻي آهي.

خواتين و حضرات! توهان محترم مظهرالدين صاحب جي تمام طويل ۽ دلچسپ تقرير ٻڌي. توهان مون سان اتفاق ڪندا ته مقرر اسان جي اڳيان خلافت جي دور بابت وڏو تفصيل ۽ معلومات جو بي بها خزانو پيش ڪيو آهي. منهنجو ارادو ڪونهي ته مزيد معلومات پيش ڪري توهان کي وڌيڪ فڪرمند ڪريان. آئون البته تمام ابتدائي شين بابت سرسري ڳالهائيندس ته جيئن ڪجهه غلط فهمين جو ازالو ڪري سگهان، جيڪي اسان لاءِ گهڻي وقت کان گهڻي مونجهاري جو سبب بنيل آهن.

آئون اقرار ڪريان ٿو ته مون ڪڏهن معلوم ئي نه ڪيو آهي ته حقيقت ۾ جمهوريت جي معنيٰ ۽ مفهوم ڇا آهي؟ ڊيمو (Demo) معنيٰ ماڻهو ۽ ڪريسي (Cracy) معنيٰ اقتدار. تنهنڪري جمهوريت معنيٰ عوام جو اقتدار. منهنجي لاءِ ٽي يوناني لفظ اڃان تائين اجنبي آهن جيڪي اڄڪلهه عام استعمال ڪيا وڃن ٿا. هڪڙو ڊيموڪريسي (Democracy) ٻيو مونارڪي (Monarchy) ۽ ٽيون آٽانامي (Autonomy). لفظ ڪريسي (Cracy) معنيٰ اقتدار ۽ لفظ آرڪي (Archy) معنيٰ حڪم ۽ نامي (Nomy) معنيٰ قانون. تنهنڪري مونارڪي (Monarchy) معنيٰ هڪ فرد جي حڪمراني. اهڙي طرح آٽوڪريسي (Autocracy) معنيٰ هڪ ماڻهوءَ جو اقتدار. اڃان هڪڙو ٻيو يوناني لفظ آهي جيڪو عام طرح ڄاتل ڪونهي. اهو آهي ارسٽو ڪريسي (Aristocracy) جنهن جي معنيٰ آهي اميرن جي حڪومت. ارسٽ (Arist) لفظ ياد ڪرڻ جهڙو لفظ آهي. اريس (Aris) لفظ جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي شهزادو. اهو عربيءَ ۾ به ساڳي معنيٰ رکي ٿو. هندي زبان ۾ ار (Ar) کي هري (Hari) چيو وڃي ٿو. جنهن جي معنيٰ خدا آهي. اهو پڻ ساڳئي زمري ۾ اچي ٿو. تنهنڪري اريس (Aris) ۽ ار (Ar) يا اهڙو ڪو ٻيو لفظ جيڪو انهن سان منسلڪ هجي، اهي آرين جي دور ۾ شاهاڻا الفاظ هئا. ارسٽاٽل (Aristotle)۽ ارسٽوڪريٽڪ (Aristocratic) الفاظ پڻ ان مان ورتا ويا آهن. جنهن مان وري ارسٽ آرڪي (Aristarchy) لفظ اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي شرفاءِ جي يا اميرن جي حڪومت.

توهان عوامي اقتدار يا عوام جي اعليٰ طاقت (Sovereignty) وارو لفظ پڻ ٻڌو آهي. هاڻي جيڪڏهن جمهوريت معنيٰ عوام جي حڪومت يا طاقت جو سرچشمو عوام آهي ته پوءِ مون عاجز جي خيال موجب اهو تمام پراڻو نظريو آهي. بهرحال اسلام ان نظريي کي قبول نٿو ڪري. مون کي ان لفظ سان ٺهڪندڙ ڪوبه لفظ قرآن شريف ۾ نٿو ملي. ان ۾ عوام جي حڪمراني جهڙو ڪوبه لفظ ڪونهي. مون پنهنجي سڄي کوجنا ۾ فقط ٻه سٽون هٿ ڪيون آهن ۽ اهي هي آهن.

فتعالي اللّٰه الملک الحق يعني الله تعاليٰ حقيقي بادشاهه آهي. هڪ ٻي سِٽ به آهي جيڪا پڻ تمام واضح آهي. لاحول ولا قوة الا باللّٰه العلي العظيم يعني ’ڪنهن به شيءِ ۾ ڪا طاقت ڪونه آهي، سواءِ الله جي، جيڪو عظيم آهي.‘ قرآن شريف ۾ ڪٿي به عوامي حڪمراني، عوامي طاقت، يا عوام جي اقتدار جو ذڪر ٿيل ڪونه آهي. ان صورت ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جو عوام الناس سان واسطو آهي. اهو وڌ ۾ وڌ ماڻهن جو روح ٿي سگهي ٿو، جيڪو جيڪڏهن هو چاهين ته سندن آهي. ان کان سواءِ ماڻهن جو پنهنجو ٻيو ڪجهه به نه آهي. باقي سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جو آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي. اسلام جو شروع کان وٺي اهو ئي نقطئه نظر رهيو آهي.

هاڻي اچو ته هن موضوع کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسون. اچو ته اسين آرين خانه بدوشن جو گذريل زمانو ڏسون ته اتي ڇا پئي ٿيو. اسان کي معلوم ٿيندو ته اوائلي دور ۾ پادري يا برهمڻ جي حڪومت هئي. فقط وڏا ماڻهو جيئن روم ۾ امير ماڻهو مندر ۾ وڃي سگهندا هئا. غريب ۽ گهٽ ذات وارن ماڻهن کي مندر ۾ داخل ٿيڻ جي جرئت ڪونه ٿيندي هئي. اهو ساڳيو طريقو آرين ۽ ايران وارن ملڪن ۾ به هوندو هو. ايران لفظ آران مان نڪتل آهي جنهن جو بنياد آرين آهي. اهو آرين ماڻهن جو اصل مقام هو ۽ سڀني آرين نسل جي ماڻهن جو خيال آهي ته ڪي ماڻهو اوچ ۽ ڪي نيچ آهن. توهان ذات پات وارو طريقو ٻڌو آهي. جيڪو يونان، ايران ۽ هندن ۾ آهي. آرين جي تمام تهذيب ذات پات جي طريقي تي قائم رهندي آئي آهي. هاڻي اهي ذاتيون برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر آهن. اچو ته انهن تي هڪ نظر وجهون.

اوائلي حڪمراني برهمڻ جي هئي. هو مذهبي اڳواڻ هو ۽ ڪوشش ڪيائين ته سڀني جي مٿان قابض رهي. برهمڻ کان اڳي نڪو راجا نڪو بادشاهه کي ايترو اقتدار هو. اقتدار بتدريج کترين وٽ آيو ۽ بادشاهت واري حڪمراني شروع ٿي ۽ برهمڻن تسليم ڪيو. ڪرشنا جو دور کترين جو هو. جيڪو بادشاهه فاتح ٿيو اهو کتري هو. اهو شخص جنهن جو قانون هو اهو برهمڻ نه پر کتري هو. ان کان پوءِ اقتدار تاجرن ۽ صنعت ڪارن ڏانهن منتقل ٿي ويو، جيئن هن وقت اسان ڏسون پيا. آرين جي درجه بندي مطابق انگريز ۽ عرب وئش هئا. هاڻي اهو دور اچي ويو آهي جڏهن شودر پيا حڪمراني ڪن. هو چوي ٿو ته اقتدار منهنجو حق آهي. آئون بهترين انسان آهيان. مزدور ضرور حڪومت ڪري. اهي سڀ تبديليون اسان جي اکين اڳيان ٿيون آهن. پر اسلام نه ڪنهن شودر، نه ڪنهن برهمڻ، ۽ نه ڪنهن ٻئي جي حڪمراني تسليم ڪري ٿو.

توهان منهنجي دوست مظهرالدين کان ٻڌو ته عرب خانه بدوش هئا. اهي هر وقت لڏ پلاڻ ڪندا رهندا هئا. الله تعاليٰ کين ائين ڪرڻ لاءِ پاڻ اهڙيءَ طرح جوڙيو هو، ٻئي طرف وري آريا ماڻهو هڪ هنڌ مقيم هئا. انگريزي لفظ Settle ”ساڌ“ لفظ سان هم معنيٰ آهي، يعني هڪ هنڌ ويهڻ جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ مان ورتل آهي. ساڌو ان ماڻهوءَ کي چئجي ٿو جيڪو هڪ هنڌ ويهي رهي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي پاسي نٿو وڃي.اهو زمانو هو جڏهن ڪو ماڻهو سمنڊ پار ڪندو هو ته هو ذات پات مان خارج ڪيو ويندو هو. هن کي سمنڊ پار نه وڃڻو هو، پر هڪ جڳهه مقيم ٿيڻو هو. ساڌو لفظ ساڌ مان نڪتل آهي ۽ انگريزيءَ ۾ سٽ (Sit) سڪونت لاءِ بنيادي لفظ آهن. مالڪي ڪرڻ به ويهڻ مان نڪتو آهي. آرين وٽ هر معتبر لفظ خانه بدوشن مان نه پر هڪ هنڌ ويهڻ ۽ مقيم ٿيڻ يعني ”ساڌ“ سان معنوي هم آهنگي رکي ٿو.

اهڙي طرح جڏهن پيغمبر اسلام آيو ته خانه بدوش ماڻهن کي چيائين ته هڪ هنڌ گڏ ٿي ويهو، پر ان لاءِ رسول الله ﷺ ويهڻ جو لفظ نه پر ”قم“ جو لفظ استعمال ڪري ٿو. تنهنڪري تهذيب جو نئون مرحلو شروع ٿيو. هڪ هنڌ ويهڻ ۽ قبضي ۾ رکڻ هاڻي منع (Taboos) ٿي پيا. هڪ نئين لفظ جو نفاذ ٿيو ۽ تحرڪ آيو، جنهن ۾ خاص لفظ ’قم‘ يعني ’اٿ‘ هو. ’ساڌ‘ لفظ ويو ۽ ’اُٿ‘ لفظ آيو.يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ  قُمْ فَاَنْذِرْ وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ“ (74: 1 ۽ 3) يعني اي چادر ۾ ويڙهيل، اُٿ ۽ ماڻهن کي خبردار ڪر ۽ الله جي وڏائي بيان ڪر.“

عمل جو وقت اچي ويو ۽ ساڌ يعني ويهڻ جو وقت ختم ٿي ويو. خانه بدوش قبيلي جي ماڻهن لاءِ اهو لفظ بلڪل ٺيڪ هو. منهنجي دوست مظهرالدين کان توهان ٻڌو ته حضور ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ بيعت لفظ حڪمرانيءَ لاءِ آيو. پيغمبر اسلام فرمايو: مون ايمان ۽ عمل جو قانون آندو آهي. آئون هنن ڳالهين کي مڃان ٿو ۽ ان جي دعوت توهان کي ڏيان ٿو. جيڪي ان قانون ۽ ايمان کي تسليم ڪن اهي مون وٽ اچن. آئون اقتدار ۽ حڪمراني نٿو چاهيان. اهي سڀ منع ٿيل يا مدي خارج تصورات (Taboo) آهن. اهي الفاظ جيڪي ماضيءَ ۾ استعمال هيٺ هئا. انهن جو اسلام سان واسطو ڪونهي. ڀلا، بيعت ڇا آهي؟ بيع معنيٰ وڪرو ڪرڻ. تنهنڪري بيعت معنيٰ وڪرو بلڪه بيعت معنيٰ معاهدو. ماڻهن جي وچ ۾ معاهدو. روسو (Rousseou) جو ”سماجي معاهدو“ (Social Contract) ان مان ورتو ويو آهي. پيغمبر اسلام فرمايو ته توهان جيڪڏهن مون سان شامل ٿيڻ چاهيو ٿا ته گويا هن عقيدي کي قبول ڪريو ٿا ته ڪنهن کي قتل نه ڪندا، پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪندا. توهان ان کان ٻيءَ طرح نه ڪندا. جيڪڏهن اهو قبول ڪريو ٿا ته توهان مون سان آهيو ۽ اهڙي طرح هڪ جماعت ٺهي تيار ٿي.

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ ۭ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗٓ (الفتح: 29) يعني محمد ﷺ الله جو رسول آهي ۽ اهي جيڪي هن سان گڏ آهن.

اهڙي طرح ماڻهن جي هڪ ننڍڙي جماعت سان اسلامي سياست شروع ٿي. اها ئي مسلمانن جي سياست آهي. هڪ جماعت اهڙي انسان جي رهنمائي ۾ شروع ڪئي وئي جيڪو پاڻ ڪنهن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ ڪنهن تي حڪم هلائڻ نٿو چاهي. پاڻ فرمائن ٿا ته توهان پاڻ تي حڪم هلايو، بلڪه جيڪي مون احڪام آندا آهن انهن تي ايمان آڻيو. مون جيڪي ڪجهه آندو آهي اهو توهان کي ٻڌايان ٿو ته الله تعاليٰ جا ڪهڙا احڪام آهن. توهان ان رنگ ۾ هجو ته ”وقالوا سمعنا واطعنا“ يعني چئو ته اسان ٻڌون ٿا ۽ اطاعت ڪريون ٿا. ٽين شيءِ انهن ٻن کان سواءِ ڪونهي جيڪا ڪنهن ٻي سوچ لاءِ آماده ڪري. ٻيو ڪو اهڙو خيال نه اچي جيڪو ”سمعنا واطعنا“ جي وچ ۾ حائل ٿئي، اهوئي نئون پيغام آهي.

هاڻي آئون وري واپس اچان ٿو. اڳي هڪ ماڻهوءَ جي بادشاهي ڇو هئي؟ تڏهن اوچ نيچ ۽ ماڻهن وارو طبقاتي نظام ڇو هو؟ يونان ۾ ڇو نوي سيڪڙو ماڻهن تي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي حڪومت هئي. عوام سڀ غلام بنيل هو، نه فقط ايترو پر ارسطوءَ چيو ته مزدور يا اهي ماڻهو جيڪي هٿ جو پورهيو ڪن ٿا، اهي اخلاق وارا نٿا ٿي سگهن. هن جي خيال موجب اهو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ڇا اسين سمجهون ته زمانو ڪيئن بدلجي ويو آهي ۽ انهن ٻن دورن يعني ارسطوءَ جي جمهوريت ۽ اڄ جي شودرن جي جمهوريت ۾ ايڏو فرق ڪيئن آيو، اهو ڇا ٿي ويو آهي؟

جيڪڏهن توهان فيلسوف يا مفڪر آهيو ته توهان ان جو قدر ڪندا ته ڪيئن نه انسان ارتقا ئي مرحلا طئي ڪيا آهن. اڳوڻي دور ۾ فقط هڪ شخص کي لائق سمجهيو ويو ته هو پاڻ کي بادشاهه سڏائي. فقط هڪڙو شخص هو جيڪو حڪمراني ڪري سگهيو ٿي. هي اهو شخص هو جنهن کي اندر جو ادراڪ هو. ٻيا سڀ ان جي قدرتي حڪم تي عمل ڪندا هئا. پوءِ ان شخص چند امير ماڻهن جن کي شرفا يا آريا يا ارسٽوڪريٽ (Aristocrate) چئو انهن کي گڏ کنيو. پوءِ اشرافيه جي حڪومت شروع ٿي. انهن چيو ته هڪ شخص ٺيڪ آهي. پر اسان کي به عقل آهي. اسين به سمجهي سگهون ٿا. اسين به شرف وارا آهيون. تنهنڪري اسان کي به اقتدار ملڻ گهرجي. اهڙي طرح اهو هڪ شخص کان منتقل ٿي، چند ماڻهن ڏانهن جن کي فهم هو حڪمراني جو حق مليو. پوءِ اهو سلسلو بتدريج وقت اندر اڳتي وڌندو رهيو ۽ هاڻي اسين چئون ٿا ته اسين سڀ برابر آهيون.

آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اهي سڀ مرحلا موجوده جمهوريت جي ظهور لاءِ ضروري هئا. حقيقت ۾ ان دور ۾ جمهوريت هڪ بيوقوفانه عمل ۽ چريائپ هجي ها. اها هاڻي پنهنجي پوري وقت تي آئي آهي. اها هن کان اڳ پهرين هلي نه سگهي ها.

خواتين و حضرات! قوم لفظ ”قم“ مان نڪتل آهي. اها جاگرافيائي اوسٿا (حقيقت) آهي. جن ماڻهن گڏجي پنهنجو وجود قائم رکيو انهن کي قوم چيو ويو. پر پيغمبر اسلام چيو ته توهان قوم نه آهيو. توهان امت آهيو يعني هڪ خاندان جا فرد. ”ام“ معنيٰ ماءُ. قوم فقط جاگرافيءَ جو خطو آهي. توهان ان کان اڳتي هڪ ڪل يعني نامياتي (Organic) جسم آهيو. پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته هاڻي وقت اچي ويو آهي. سڀئي پراڻيون بادشاهتون، پراڻا قانون، ديوتائون نسل ۽ رشتا وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهن. توهان جو هاڻي اهو ڪم ڪونهي ته ٻين تي حڪمراني ڪريو. توهان جو ڪم آهي ته هنن ڳالهين تي ايمان آڻيو ۽ جماعت جي صورت ۾ سڄي دنيا ۾ نڪري پئو ۽ انهن کي ٻڌايو ته هدايت جي راهه هيءَ آهي. ڪوبه حڪمراني نه ڪندو، هتي فقط هدايت جي راڄڌاني هوندي. الله جو حڪم جيڪو قرآن شريف ۾ مليل آهي ان تي عمل ڪيو. نبي حڪمران ڪونهي. هو فقط الله جو پيغام پهچائيندڙ، رهنما ۽ اڳواڻ آهي، جڏهن عمل جو وقت آيو ٿي ته نبيءَ کي چيو ويو ته جيڪي هن جي جماعت ۾ آهن انهن سان مشورو ڪري ۽ پڇي ته توهان جو ڇا خيال آهي. ”وشاورهم في الامر“ حضور ڪريم ﷺ جن هميشه پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪندا هئا. اهو عام اصول ان وقت کان وٺي مقرر ڪيو ويو ۽ اسلام ۾ مشوره هڪ سلسلو عمل آهي. قرآن شريف ۾ فرمان آهي ته ”وامر هم شوري بينهم“ جنهن جو مطلب آهي ته سٺن ماڻهن جو ڪم آهي ته معاملات ۾ هميشه مشورو ڪن.

ان لحا سان انهن ماڻهن جي جهڙوڪ حضرت ابوبڪر رضه يا ڪنهن ٻئي جي ڪهڙي حيثيت هئي جن کي پوءِ اڳواڻ چونڊيو ويو. اهي هرگز گورنر يا حڪمران نه هئا. انهن جي عهدن کي صحيح نموني سان ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪونه ڪيو ويو آهي. ماڻهو حضرت ابوبڪر رضه کي امام المتقين ڪري چوندا هئا. اڄڪلهه جي زبان ۾ امام معنيٰ صدر جيڪو لفظ اڳي ڪونه استعمال ٿيندو هو. امام لفظ جو ترجمو ”صدر“ فرينچ ۽ ٻين ماڻهن پوءِ ڪيو. رومن جي صدر کي ڪائونسل (Counsl) چيو ويندو هو. هن کي صدر ڪونه چيو ويندو هو. صدر امام جو لفظي ترجمو آهي. تنهنڪري پهرين خليفي کي امام المتقين سڏيو ويو. اهو امام المتقين لفظ ڪٿان آيو. اهو قرآن شريف جو لفظ آهي ۽ قرآن ۾ ان ڏانهن اشارو آهي. حضرت ابراهيم " جي دعا آهي:

وَالَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ اَزْوَاجِنَا وَذُرِّيّٰتِنَا قُرَّةَ اَعْيُنٍ وَّاجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِيْنَ اِمَامًا“ (25:74)

ترجمو: انهن چيو اي اسان جا ربّ اسان جي عورتن ۽ اولاد مان اسان جي اکين کي راحت بخش ۽ اسان کي متقين جو امام بناءِ.“

حضرت ابراهيم " چيو ته اي الله جل شانه، اسان کي متقين جو امام ڪر ۽ جڏهن حضرت ابوبڪر رضه هن ننڍڙي جماعت جو صدر يا اڳواڻ يا ذميدار ٿيو ته هن فرمايو ته آئون توهان جهڙو آهيان. وڌ ۾ وڌ توهان مون کي پنهنجو صدر چئي سگهو ٿا. امير لفظ پوءِ حضرت عمر رضه لاءِ اميرالمؤمنين استعمال ٿيو. ايستائين اهو فقط امام المتقين هو.

ان جماعت جو سمورو مقصد هو ته اهو پيغام جنهن تي هنن ايمان آندو هو، دنيا کي پهچائن ته هي اسان جو ايمان آهي. ڇا توهان اسان سان شامل ٿيندا. اهوئي ڪم انهن کي سونپيو ويو ۽ اهوئي الله کي گهربل آهي. حڪومت جي باري ۾ سڀئي پراڻا تصورات، اهي شهنشاهيت جا هجن يا حڪمرانيءَ جا يا ملڪ فتح ڪرڻ جا سڀ مدي خارج (Taboo) ٿي ويا. هاڻي فقط هڪ نظريو غالب هو. هڪ جماعت جيڪا الاهي پيغام تي ايمان آڻي ان کي سڄي دنيا ۾ پهچائي ته هاڻي اڳتي ڪو حڪمران نه ٿيندو. ڪو بادشاهه نه هوندو. فقط الله بادشاهه آهي ۽ سندس ئي اقتدار آهي، ٻئي ڪنهن جو فرمان هلڻ وارو نه آهي. توهان فقط ان حڪم تي عمل ڪندا، جنهن لاءِ توهان کي چيو ويو آهي. وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻي انسان مڪمل طور وڌي وڏو ٿيو آهي ۽ هن جي مرضيءَ تي عمل ڪرڻ سان ٻڌل آهي. هڪ انسان جي رسي ٻئي جي هٿ ۾ نٿي ڏئي سگهجي. انسان پنهنجي انفراديت ۽ ڪُلي وجود حاصل ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي مرضيءَ جي استعمال جي آزادي ڏني وئي آهي. هن جي اڳتي وڌڻ جو دارومدار سندس مرضيءَ تي آهي. هاڻي هن کي پاڻمرادو ۽ شعوري عمل جو اختيار حاصل آهي.

حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته اچي مون سان شامل ٿيو. آئون توهان کي مجبور نه ڪندس. جيڪڏهن توهان بيعت ڪرڻ نٿا چاهيو ته ڀلي توهان وڃي سگهو ٿا. مون سان شامل ٿيڻ چاهيو ٿا ته ڀلي اچو. اهو صاف سماجي ٺهراءُ آهي. اهو معاهدو آهي جيڪڏهن توهان پسند ڪريو ٿا ته اچو ۽ شامل ٿيو. جيڪڏهن نٿا چاهيو ته زبردستي ڪونهي. لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ توهان اچو ٿا ته مرحبا، پر توهان کي اسان جو قانون قبول ڪرڻو پوندو. ايمان قبول ڪرڻو پوندو. توهان کي اهو ڏسڻو پوندو ته الله تعاليٰ جا احڪام هر حال ۾ پورا ٿي رهيا آهن. توهان کي چور، ٺڳ ۽ فاسق ٿيڻو نه پوندو. اها ئي ڪل ضرورت آهي ۽ ان لاءِ ئي جماعت ٺاهي وئي آهي. اڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ چئي سگهون ٿا ته پهريون دفعو ڪا نظرياتي سوسائٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جو ڪنهن مخصوص نظريي ۾ عقيدو ان جو بنياد هو، جنهن تي مسلمان هڪ هنڌ جمع ٿيا. ٻيو ڪو بنياد ڪونه هو فقط نظرياتي ايمان هو جنهن انهن کي گڏ رکيو.

اڄڪلهه اسين ٻڌون پيا ته جمهوريت ڪامياب ڪونه وئي آهي. سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي. پئسو ڪمائڻ، قتل ۽ رهزني، حرام جي ڪمائي ۽ اقربا پروري شروع ٿي وئي آهي. ماڻهو سٺن قدرن کان منهن موڙي رهيا آهن. هر هنڌ اوندهه ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن قسم جو مشورو ۽ نصيحت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اسان کي ڪنهن ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ تعليم يافته انسان ٿيڻ گهرجي. تنهنڪري جماعت جي بنياد لاءِ اقراءَ (پڙهڻ) سنگ ميل هو. علم کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ڪري سگهجي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا ضروري آهي اها آهي طلب الحلال فريضة يعني حلال رزق ڪمائڻ فرض آهي.

اهو توهان جو امتيازي فرض آهي ته پڪ ڪريو ته جيڪو توهان کائو ٿا، اهو حلال ۽ قانوني طرح ڪمايو ويو آهي. ٻي حالت ۾ نه کائو. اسان اها چوڻي ٻڌي آهي ته ڪم ڪريو ته کائو، ٻي حالت ۾ نه کائو. اهو شودرن جو خاص محاورو آهي. توهان ڏسو ڪونه پيا ته منهنجا پنج ڀائر بک پيا مرن پر پوءِ به توهان سوچيو پيا ته مون وٽ سڀ ڪجهه هجي. جڏهن توهان جي ذهن ۾ اهو خيال اچي ٿو ته پوءِ توهان اسان جي سياست ۽ جماعت کان ٻاهر آهيو.

علم سکو، پنهنجي گذر سفر لاءِ حلال ڪمايو ۽ مسلمانن جي مخصوص سوسائٽيءَ ۾ رهو. جيڪڏهن توهان ائين رهو ٿا ۽ الله کي ياد ڪريو ٿا ته دنيا ۾ توهان جو وڏو قدر آهي. توهان ڪڏهن به اهڙو ماڻهو ڪونه چونڊيندا جيڪو ٺڳ يا دوکي باز هجي ۽ توهان جو امام هجي. پر توهين نه حلال ڪمايو ٿا نه علم سکو ٿا. پوءِ فقط ٺڳ ئي توهان تي حڪمراني ڪندا. قرآن شريف ۾ هڪ تمام خوبصورت لفظ انهن ٺڳن لاءِ چيو ويو آهي. اهو لفظ ”زبد“ آهي جنهن جي معنيٰ آهي مکڻ يا ڪريم. ان جي اها معنيٰ پڻ آهي ته ميري گجَ جيڪا ڪلراٺي زمين تي پاڻي جي وهڪري سبب ان جي مٿان ترندي نظر ايندي آهي. تنهنڪري اها ميري گج به زبد آهي ته صاف مکڻ پڻ زبد آهي.

تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سٺي معاشري ۾ سٺا ماڻهو اڳيان آيا آهن. جيئن ئي معاشرو خراب ٿي ويو ته پراڻي سڙيل شريعت وانگر اها ميري گج مٿي اڀري آئي آهي. اهڙي طرح ٻئي زبد آهن. خراب سوسائٽيءَ ۾ جيڪا گج مٿي اچي ٿي اهي سمورا ٺڳ آهن، عمدي سوسائٽيءَ ۾ سٺا ماڻهو مٿي اچن ٿا اهي سوسائٽيءَ جي ڪِريم ۽ مکڻ آهن.

مذهب اسلام ۾ ڪنهن به ٻئي انسان جي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي ڪا حيثيت ڪونهي، صرف الله تعاليٰ جي قانون جي اطاعت ڪرڻي آهي. توهان ۾ نڪو حڪمران آهي ۽ نڪو محڪوم آهي سڀ گڏ آهيو. پر توهان ۾ هڪ رهنما آهي جنهن کي توهان ضرور مڃو. جڏهن هو چوي ٿو ته آئون پنهنجي طرفان نه پر الله جي طرفان چوان ٿو ته پوءِ توهان چئو ته سَمِعْنَا وَاَطَعْنَا اهڙي قسم جي فرمانبرداري فرض ڪئي وئي آهي ۽ فقط الله جي ان پيغام جي جيڪو آندو ويو آهي.

لفظ اقتدار، حڪمراني، آرڪي (Archy) ۽ ڪريسي (Cracy) هميشه لاءِ ختم ٿي ويا آهن. اهڙي قسم جي ڪابه شيءِ بچي ڪونهي. بيوقوف ماڻهو ماضيءَ ڏانهن وڃن ٿا ۽ اهي لفظ وري استعمال ڪن ٿا. اسلام نه حڪم نه حاڪميت، نه بادشاهت ۽ نه ڪريسي (Cracy) آندي، ان فقط هڪ صاف سٿري جماعت آندي. جنهن جو بنياد سماجي معاهدو آهي. اسلام ايمان آڻڻ ۽ ان مطابق عمل ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ چيو آهي.

هاڻي ”قم“ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي! اها آهي ته توهان ٻن ٽنگن وارا جانور نه آهيو. پر انسان جن کي ذهن آهي. ڪنهن شيءِ لاءِ اٿو ۽ ان کي ڳولهيو. ”قم“ معنيٰ اٿڻ توهان جنهن لاءِ اٿي بيهو ٿا اهو ڪڏهن ختم نه ٿيندو. باقي سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويندو. تنهنڪري زندگيءَ جو پيغام ۽ نچوڙ ’قم‘ ۾ آهي. جيڪڏهن آئون ڪنهن شيءِ کي قائم نٿو رکان ته پوءِ دائمي نه آهيان. آئون ڪجهه به نه پر مٽي آهيان. پر جيڪڏهن مون کي زندگيءَ گذارڻ جا ڪي اصول اچن ٿا ته پوءِ آئون زنده آهيان. ڇاڪاڻ ته اصول هميشه قائم هوندا آهن. تنهنڪري ”قم“ لفظ جون ٻه معنائون آهن. فقط ذهن ان کي پڙهي ۽ سمجهي ۽ چوي ٿو ته ”قم“. آئون هن لاءِ قائم آهيان. ڀلي دنيا ٻئي پاسي وڃي هلي. ڌرتي ٻئي طرف ٿي وڃي ۽ سج نه اڀري. پر آئون تبديل ڪونه ٿيندس. آئون ان تي قائم آهيان ۽ قيامت جي ڏينهن تائين قائم رهندس ان کي ”قم“ چئجي ٿو. ان کي اخلاق پڻ چئجي ٿو. ان کي مسلم چئجي ٿو، جيڪو ان کان هڪ آڱر به نٿو هٽي. جيڪي اهو سمجهي ٿو ته صحيح آهي ۽ ان تي قائم آهي ”قم“ لفظ حضور ڪريم ﷺ کي سيکاريو ويو، ان معني سان ته قُمْ فَاَنْذِرْ اٿ ۽ هوشيار ڪر. اهو حڪم هو.

منهنجا دوستو‘ توهان کي آئون ڪيئن ٻڌايان ته اسلامي حڪومت معنيٰ اهو ڏينهن جڏهن توهان پنهنجو پاڻ تي حڪم هلائڻ جي قابل ٿي ويندا تنهن ڪري پاڻ تي حڪم هلايو. اهوئي ڏينهن انسان لاءِ مثالي ڏينهن هوندو. ٻاهر جي حڪمراني ڪونهي پر اندر جي حڪمراني آهي.

هاڻي آئون لفظ خودمختياري (Autonomy) تي اچان ٿو. خود مختيار معنيٰ انسان خود قانون آهي. جڏهن الاهي قانون ۽ انسان جي قانون ۾ هڪجهڙائي اچي ويندي. منهنجي سوچ ۽ قانون ۾ ڪو فرق ڪونه رهندو. آئون خود پاڻ لاءِ قانون آهيان. پنهنجو پاڻ کي قانون الاهيءَ سان هڪ جهڙائپ ڪرائيندي هاڻي آئون پاڻ لاءِ قانون آهيان. مسلمان لاءِ اهوئي مثالي درجو آهي جڏهن ڪوبه حڪمران حڪومت ڪرڻ جي سوچ جي همت نه ڪري. تنهنڪري مسلمان لاءِ ڪهڙي بهترين حڪومت آهي؟ مسلمانن لاءِ اهائي حڪومت جنهن ۾ هر فرد پاڻ تي حڪم هلائي ۽ ٻيو ڪو هن تي حڪم نه هلائي سواءِ الله تعاليٰ جي. ان ڏينهن تي اسلامي سوسائٽي مثالي نمونو هوندي جنهن لاءِ اها قائم ڪئي وئي آهي. ان وقت هر هڪ ساڳي شيءِ ساڳي طريقي سان پيو ڪندو ته جيئن الله تعاليٰ جا احڪام بجا آڻجن.

اسان مسلمان آهيون، اسان کي اهڙي قانون جي ضرورت ڪونهي جيڪو اسان تي حڪمراني ڪري. اسين پاڻ لاءِ پاڻ قانون آهيون. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي مرضي ۽ اسان جي مرضي بلڪل ساڳي آهي. ايتريقدر جو اسان لاءِ هاڻي ڪو فرق نٿو پوي ته الله تعاليٰ اسان جي حياتي يا موت گهري ٿو: قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ اسان جي حياتي، موت، تسبيح، عبادت ۽ قربانيون فقط الله تعاليٰ لاءِ آهن. جڏهن اسين سڀ اهڙي طرح رهون ته پوءِ ڪهڙو قانون اسان تي حڪمراني ڪندو. اسان الله تعاليٰ جي قانون اڳيان پاڻ کي جهڪائي ڇڏيو آهي. اسان خود قانون بڻجي پيا آهيون. حقيقت ۾ مسلمانن لاءِ اهو تمام مثالي ڏينهن هوندو. ڇا مسلمان اهو سمجهن ٿا؟ اهي پهرين ڇا هئا ۽ ڪهڙي ڳالهه انهن کي مسلمان بنائي ڇڏيو هو؟ اهي ڪيئن گڏ ٿيا؟ حضور ڪريم ﷺ جن جي مبعوث ٿيڻ جو مقصد ڇا هو؟ پاڻ ارتقا جي ڪهڙي مرحلي ۾ ظهور پذير ٿيا جو هاڻي توهان پوئتي وڃي نٿا سگهو. ڇا مسلمان اهو سوچين ٿا ته آرين ۽ برهمڻن جي بدترين دور وانگر رهن ۽ پاڻ کي مسلمان سڏائين؟ مسلمان جيستائين اهو نه سمجهندا تيستائين منجهن مسلسل مونجهارو، نفاق ۽ نااتفاقي رهندي. اهي پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندا. انهن ۾ ڪو زنده رهڻ وارو قدر ڪونه بچندو. انهن ۾ باقي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. انهن ۾ نه عقل نه ارادو نه مرضي ۽ نه صحيح مسلمان واري عمدگي هوندي. هاڻي اسان کي اڳتي هلڻ لاءِ، ڳالهائڻ لاءِ ۽ عمل لاءِ ڪافي ڪجهه ڪرڻو آهي. توهان ڪوشش ڪري سمجهو ته دنيا ۾ بحيثيت مسلمان توهان جو تمام وڏو مرتبو آهي. مسڪين گرونانڪ چيو آهي ته: ”مسلمان ڪهاوڻ مشکل هووي“ مسلمان ٿيڻ مذاق ڪونهي. اهو سمجهو ته توهان تي حڪمراني نٿي ڪري سگهجي. توهان فقط الله تعاليٰ جي حڪم تحت هلي سگهو ٿا. پر ڪنهن بادشاهه جي حڪم هيٺ نه! توهان چور به هجو ۽ توهان پوليس واري کان نه ڊڄو ائين نٿو ٿي سگهي. توهان کي پوليس واري کان مٿانهون ٿيڻو پوندو. توهان کي حڪمرانن کان مٿڀرو ٿيڻو پوندو. توهان کي ان سطح تي رهڻو پوندو، جنهن تي الله تعاليٰ توهان کي چاهي ٿو. توهان فقط ان صورت ۾ چئي سگهو ٿا ته اسان تي حڪم نٿو هلائي سگهجي. ڌرتيءَ تي ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ته اسان تي حڪم هلائي. توهان انهيءَ لاءِ ئي ڄاوا آهيو. اهو ئي توهان جو ورثو آهي جنهن تي پورو بيهي توهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته توهان صحيح معنيٰ ۾ مسلمان آهيو، بس اڄ مون کي اهوئي چوڻو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org