سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:35 

سرمد

هو اصل ۾ ايران جو يهودي هو جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو. سترهين صديءَ ۾ پهريائين هو ٺٽي ۾ آيو جتان پوءِ 1654ع ۾ دهلي هليو ويو جتي شهزادو دارا شڪوه هن کان گهڻو متاثر ٿيو. هو پنهنجي فارسي رباعين جي ڪري نهايت متاثر ڪن شخصيت جو مالڪ آهي. مذهبي نظريات جي لحاظ کان هو متنازع ۽ بي پرواهه هو. آخر ۾ اها ئي ڳالهه کيس سامهون آئي جو جڏهن پهريائين دارا شڪوه کي دهليءَ جي تخت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي ۽ اورنگزيب طرفان هن کي قتل ڪرايو ويو ته ان کان پوءِ سرمد کي به هن جي همدرد ۽ حمايتي طور قتل ڪيو ويو. سرمد جو مقبرو دهلي جي جامع مسجد جي ڏاڪڻ جي ڀرسان آهي. سندس هڪ رباعي جون ٻه سٽون هن ريت آهن جيڪي هن پنهنجي منصور جيان موت جي پيش گوئي ڪندي چيون هيون.

عمريست که آوازه منصور ڪهن شد

من از سر نو جلوه دهم دار و  رسن را.

سرمد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو برهنه يعني اگهاڙو گذاريندو هو جنهن مان ان ڳالهه جو اشارو ملي ٿو ته هو هميشه مستيءَ جي ڪيفيت ۾ رهندو هو. هتي جن ٻن مصرعن جو حوالو آهي اهي درحقيقت سرمد جي رباعي جون آهن ۽ پوري رباعي هن ريت آهي.

هر که سر حقيقتش پا در شد

او پهن تراز سپهر پهناور شد

ملاگو يد که بر فلک شد احمد

سرمد گويد فلک به احمد در شد

معنيٰ: جنهن جا پير راز حقيقت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. ان جي اُڏام آسمانن کان به مٿي ٿي پوي ٿي. ملا چوي ٿو ته احمد (ﷺ) آسمانن تي مٿي ويو. پر سرمد چوي ٿو ته آسمان احمد جي پيرن هيٺان اچي ويو.

سرمد جي ڪن سوانح نگارن موجب هن رباعي کي بهانو بنايو ويو ته سرمد معراج جسماني جو انڪار ڪري ٿو تنهن ڪري هو واجب القتل آهي.

اورنگزيب 1069ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ هڪ سال جي اندر سرمد کي قتل ڪيو ويو. مون کي 2006 ۾ هڪ سرڪاري دوري وقت سرمد جي مزار تي وڃڻ جو موقعو مليو.

]تذڪره سرمد شهيد- ڊاڪٽر شاهد مختار- ص 105[

***

شيخ عبدالقادر جيلاني (1077-1166)

قادري سلسلي جو باني جنهن جو شمار اسلامي دنيا ۾ وڏي پير ۽ اوليا جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو. هو زبردست مقرر، مبلغ، صوفي ۽ فقيهه هو. هن بغداد ۾ وفات ڪئي جتي سندس مقبرو آهي. سنڌ ۾ کيس ’پيران پير‘ مڃيو ويندو آهي. يعني پيرن جو پير کيس ’غوث اعظم‘ به ڪوٺيو وڃي ٿو.

شيخ عبدالقادر جو زمانو سياسي، اخلاقي ۽ مذهبي ڏيوالي جو دور هو ۽ هن پنهنجي مٿان معاشري جي اصلاح جو ذمو عائد ڪيو هو جنهن جو اندازو خاص طور سندس تقريرن ۽ وعظن مان ٿئي ٿو جهڙوڪ فتح الربانيءَ ۽ جلاءَ الخواطر تصوف جي ميدان ۾ سندس ’فتوح الغيب‘ قصيده غوث اعظم ۽ غوثيه وغيره تمام اهم آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن مان شاهه لطف الله قادري، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ شاهه عبداللطيف هن سلسلي سان لاڳاپيل هئا.

شيخ عبدالقادر جيلانيءَ ڏانهن منسوب فارسي ديوان ملي ٿو جنهن جو هڪ غزل شاهه عبداللطيف جي شاعري جي مجموعي گنج شريف ۾ پڻ ملي ٿو. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سندس شاعري به مشهور هئي. ليڪن جديد تحقيق جي لحاظ سان فارسي ديوان جو انتساب صحيح نه آهي.

***

 [40]

استاد جي ذميواري

پيسٽالوزي Pestalozzi

مشهور تعليمي ماهر جنهن ’تعليمي نفسيات‘ جو بنياد رکيو هن جو مشهور نظريو آهي ته ٻارن جي دماغ ۾ معلومات زبردستي داخل ڪرڻ بجاءِ هنن جي دماغي صلاحيتن کي ترقي ڏيڻ کپي، هن جي خيال ۾ تعليم انفرادي ۽ سماجي اصلاح جو بهترين ذريعو آهي، ۽ ان تي معاشري جي سڀني طبقن جو هڪجهڙو حق آهي. هن تعليم ۽ تدريس کي باقاعدي علم جو درجو ڏنو، هن استادن جي سکيا طرف به ڌيان ڏنو. ۽ هڪ لحاظ سان هوئي استادن جي پيشه ورانه سکيا جو بنياد وجهندڙ آهي. پيسٽالوزي جا قائم ڪيل اسڪول گهڻي ڀاڱي رهائشي (Residential) هئا.

پيسٽالوزي مجموعي طور افلاطون، ڪانٽ ۽ روسو جي تعليمي نظريات کان متاثر هو.

]علم التعليم- لاهور، ص 130[

مانٽيسوري (1952-1870)

اٽليءَ جي مشهور ماهر تعليم عورت جنهن ذهني طور پوئتي پيل ٻارن جي پرورش ۽ تعليم و تربيت لاءِ نئين تعليمي طريقي جو بنياد رکيو، هن ٻارن جي لاءِ راند ذريعي تعليم جو نئون تصور ڏنو، جنهن موجب ٻارن کي آزادي ڏني وڃي ٿي ته هو پنهنجي فطري رفتار سان تعليمي عمل مان مستفيد ٿين، مانٽيسوري طريقي کي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پذيرائي حاصل ٿي آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

]علم التعليم، ص 560[

***

[41]

ليکڪ ۽ اديب

هينري اٺون- نشاة ثانيه

هينري اٺون 1509ع ۾ تخت نشين ٿيو. هو زبردست گهوڙيسوار، شڪاري، تيرانداز ۽ موسيقيءَ سان شغف رکندڙ انسان هو. هو قدبت جي لحاظ سان پهلوان هو ان ڪري کائڻ پيئڻ جو به گهڻو شوقين هو، هن جي دور ۾ فرانس سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لڙائي ٿي.

هينريءَ ڪل ڇهه شاديون ڪيون، هن پهرين شادي ڀاءُ جي بيوه سان ڪئي جيڪا اسپين جي شاهي خاندان مان هئي، هن مان کيس چار ٻار ڄاوا پر چارئي مري ويا. 1526 ۾ هن جو ايني بولين سان معاشقو مشهور ٿيو، پر هوءَ شادي لاءِ تڏهن راضي ٿي جڏهن هينري پنهنجي پهرين زال کي طلاق ڏيندو. هينري پوپ ڏانهن رجوع ڪيو ته جيئن کيس پهرين زال کي طلاق ۽ٻيءَ لاءِ اجازت ملي، پر پوپ طلاق جي اجازت نه ڏني، ان ناڪاميءَ لاءِ هن پنهنجي معتمد ٿامس وولسي کي ذميوار ٺهرايو ۽ هن کي پنهنجي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو، هينري ان ڳالهه تي ايڏو پريشان ٿيو جو هن پاڻ کي انگلينڊ جي ڪليسا جو سربراهه قرار ڏنو ۽ ان طرح رومن ڪليسا کان عليحدگي اختيار ڪئي.

هينري ايني بولين سان شادي ته ڪئي پر کيس پٽ جو اولاد وري به ڪونه ٿيو ۽ اينيءَ مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي، هينري پٽ جي اولاد لاءِ پريشان هو، آخر هن ايني بولين تي فحشڪاريءَ جو الزام لڳائي هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرايو. ڪجهه هفتن بعد هن جين سيمور نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن مان هينريءَ کي وليم نالي پٽ ڄائو پر جين جلدي مري وئي. 1539 ۾ هينري جرمن عورت اين سان چوٿين شادي ڪئي پر ان سان به گهڻو وقت نباهه ڪونه ٿيس ۽ هن کي به جلد ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ هن وري ڪيٿرين هووارڊ سان نڪاح ڪيو جيڪا 1540 ۾ راڻي بنجي وئي. ليڪن هينري فحشڪاريءَ جو الزام لڳائي هن جو سر به ڪهاڙيءَ سان 1541 ڪٽرائي ڇڏيو، هڪ سال بعد هن ڪيٿرين پار سان شادي ڪئي جنهن سندس ٻارن کي اچي سنڀاليو ۽ بادشاهه جي به مرڻ گهڙيءَ تائين تيمارداري ڪئي.

ڏٺو وڃي ته هينري جيتوڻيڪ ظالم شخص هو ۽ جنهن تي ڪاوڙبو هو هن جو سر وڍرائي ڇڏيندو هو، پر هو ٻئي لحاظ سان سٺو منتظم ۽ وڏو بهادر هو. انگلينڊ کي رومن ڪليسا جي چنبي کان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ هڪ لحاظ کان سندس وڏو ڪارنامو هو جنهن جا نهايت دور رس اثرات نڪتا. 1534 ۾ هن ’غداريءَ جو قانون‘  (Treason Act 1535) پاس ڪرايو جنهن جو مطلب هو ته جيڪو بادشاهه کي انگلينڊ جي ڪليسا جو سربراهه نه مڃيندو ان کي موت جي سزا ڏني ويندي، ان ريت انگلينڊ ۾ رومن ڪليسا جيڪا اڳي ئي غير مقبول هئي ان جو خاتمو ٿيڻ لڳو. هينري رومن ڪليسا جي تحت هلندڙ ننڍين وڏين ديولين ۽ عبادتگاهن جو زبردستيءَ خاتمو ڪيو ۽ انهن جا مال ملڪيتون ضبط ڪيا جنهنڪري پوري انگلينڊ ۾ هينريءَ خلاف هڪ قسم جي مذهبي بغاوت ٿي، ڇو ته عوام رومن ڪليسا جي بحاليءَ جي گهر ڪري رهيا هئا. پر هينريءَ ان بغاوت کي سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو ۽ اندازاً 250 سرڪرده ليڊرن کي مارائي ڇڏيائين.

ياد رهي ته 1517 ۾ جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر ڪئٿولڪ يعني رومن ڪليسا خلاف پنهنجا ويچار پيش ڪيا هئا، جيڪي گويا هڪ قسم جو احتجاج هئا تنهنڪري هن جي تحريڪ Protestant جي نالي سان مشهور ٿي ۽ ان جو مقصد رومن ڪليسا کان هميشه لاءِ انگلينڊ جي جان ڇڏائڻ هو. اهوئي زمانو هو جڏهن فرينچ مذهبي مصلح ڪالون جنهن جا نظر يا مذهبي اصلاح Reformation جي نالي سان مشهور ٿيا يورپ ۾ ڦهلجڻ لڳا، هينريءَ انهن نظريات جو پورو فائدو ورتو جو انگلينڊ ۾ قائم ديولين ۾ لڳل سونا طبيب ۽ ٻيون اهڙيون قيمتي شيون بلڪ پوريل خزانا حڪومت جي تحويل ۾ وٺي ڇڏيائين.

اهو انهيءَ اصلاحي تحريڪ جو نتيجو هو جو اڳتي هلي بائبل جيڪو لاطيني زبان ۾ لکيل هو ان جا مقامي ٻولين ۾ ترجما ٿيا ۽ عام ماڻهن جي ان تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.

[British History Encyclopedia, P92893]

***

[42]

تاريخ جو سبق

هيساڊ

قبل مسيح يوناني شاعر ۽ ليکڪ جيڪو هومر کان پوءِ ٿي گذريو. هن جو زمانو 700 قبل مسيح ٻڌايو وڃي ٿو. هن جون ڪجھه تحريرون محفوظ آهن.

]برٽش انسائيڪلوپيڊيا- ص. 890[

***

ٿيوسيڊائيڊس

هيرڊوٽس (484- 430 ق. م) کي يوناني تاريخ جو ابو چيو ويو آهي، بلڪ هن کي پهريون مؤرخ تسليم ڪيو ويو آهي. هن کان پوءِ ٿيوسيڊائس اچي ٿو. اندازو آهي ته هو 480 ق. م ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ اَٿينس جو رهاڪو هو ۽ خوشحال زندگيءَ جو مالڪ هو. ٿيوسيڊائيس فوج ۾ وڏي عهدي تي فائز رهيو ليڪن هڪ مرحلي تي کيس فوج مان ته ٺهيو پر اَٿينس مان به نيڪالي ڏني وئي، تنهن ڪري هو اسپارٽس وٽ اچي رهڻ لڳو.

ٿيوسيڊائيڊس هيروڊوٽس جو همعصر آهي. پر هن جي مقابلي ۾ سندس تاريخ جو تجزيو وڌيڪ گهرو ۽ قابل قبول آهي. هيروڊوٽس تاريخ ۾ ’ڇو‘ ۽ ’ڪيئن‘ جو جواب صرف خدا يا قدرت تي ڇڏي ڏئي ٿو، پر ٿيوسيڊائيس ان جي گهرائي ۾ وڃي ٿو. هو اهي اسباب ۽ حالتون ڳولي لهڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جن جي ڪري واقعات جنم وٺن ٿا. ان پس منظر ۾ ول ڊيورانٽ صحيح چيو هو ته هيروڊوٽس هڪ ڪچي يا الهڙ مؤرخ وانگر آهي، جڏهن ته ٿيوسيڊائيس پخته ۽ بالغ مؤرخ وانگر آهي.

[The Idea Of History Through Ages- Tahir Khan- P. 53]

***

ابن سينا- بوعلي (1003/428- 370/980)

اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو طبيب ۽ حڪيم جنهن جي تصنيف ’القانون في الطب‘ کي طب جي موضوع تي لاثاني تصنيف مڃيو ويو آهي جنهن کي سورهين صديءَ تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ نصاب جي حيثيت حاصل هئي.

ابن سينا نه صرف طبيب هو بلڪ هو هڪ وڏو فلسفي پڻ هو. منطق ۽ فلسفي ۾ سندس ڪيتريون تصنيفات آهن جن ۾ سندس ضخيم تصنيف ڪتاب ’الشفا‘ خاص طور قابل ذڪر آهي.

ابن سينا جنهن کي انگريزيءَ ۾ Avicena لکيو وڃي ٿو. يورپ ۾ ايترو ڄاتل سڃاتل هو جو تيرهين صديءَ ۾ جڏهن ڊانٽي ڊوائين ڪاميڊي لکي رهيو هو ته هن ابن سينا کي جنت Paradise ۾ مقيم ڏيکاريو هو. اهڙيءَ طرح پندرهين صديءَ ۾ جڏهن چاسر ڪنٽربريءَ جون آکاڻيون لکي رهيو هو ته هن جالينوس سان گڏ ابوبڪر رازي ۽ ابن سينا جو نالو کنيو آهي. اهو پس منظر آهي جنهن ڪري اڄ ڏينهن تائين ابن سينا جي تصوير پيرس يونيورسٽيءَ جي شعبه طب ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي بوڊلين لئبرريءَ ۾ شايان شان نموني لڳل آهي.

ابن سينا جي پنهنجي حياتيءَ جو لکيل احوال به ملي ٿو. انهيءَ خودنوشت ۾ هو ٻڌائي ٿو ته عبدالله ناتلي سندس منطق، رياضي ۽ حڪمت يعني فلسفي ۾ استاد هو. هو ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن ارسطوءَ جي مابعد الطبيعات پڙهي رهيو هوس. پر اها مون کي تمام مشڪل لڳي رهي هئي. ايتري قدر جو مون ان کي چاليهه ڀيرا پڙهيو هو ۽ بلڪل ان جو حافظ ٿي ويو هوس. پر مون کي اهو سمجھه ۾ نه پئي آئي. آخر انهيءَ پريشانيءَ ۾ هڪ ڏينهن آءُ جڏهن ڪتابن جي دڪان تي ويٺو هوس ته ان جي مالڪ مون کي هڪ ڪتاب زوريءَ ڏيندي چيو ته هي تنهنجي لاءِ ضروري آهي. مون وٺڻ نٿي چاهيو، پر هن جي زور ڀرڻ تي ورتم. اهو ڪتاب وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي ارسطوءَ جي مابعد طبيعات سمجھه ۾ اچي وئي. تڏهن مون کي خبر پئي ته اهو ڪتاب ابو نصر فارابيءَ جي لکيل شرح هئي.

اها حقيقت آهي ته ابن سينا جي قانون کان اڳ رازيءَ جي ’الحاوي في الطب‘ کي ان موضوع تي سند جي حيثيت حاصل هئي. ليڪن قانون کي جيڪا مقبوليت حاصل ٿي اها ٻي ڪنهن ڪتاب کي نه ملي سگهي. اها حقيقت آهي ته عيسوي پندرهين صديءَ کان 1674 تائين قانون في الطب جا گهٽ ۾ گهٽ سٺ ايڊيشن شايع ٿيا جيڪي سڀ جو سڀ لاطيني زبان ۾ هئا. سڀ کان پهريون لاطيني ترجمو 1187 ۾ ملي ٿو. يورپ ۾ پريس جي ايجاد کان پوءِ ’قانون‘ عربيءَ ٽائپ ۾ پڻ اتان شايع ٿيو.

[Prince of  Physicians- 2017]

***

هلاڪو (منگول)

هو چنگيز جو پوٽو هو. چنگيز خان غير معمولي انسان هو. جنهن جو اصلي نالو تمو جن هو. 1206 ۾ هن سڀني قبيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو جنهن ۾ کيس چنگيز قاآن جو لقب ڏنو ويو جنهن جي معنيٰ آهي ’طاقتور بادشاهه‘. ڪجھه وقت بعد هن چين جهڙي وسيع ملڪ تي حملو ڪري ڏنو. ليڪن ان کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. تاهم ڪجھه حصي تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. بهرحال ان وقت تائين چنگيز وڏي فوجي قوت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ هن ان وقت خوارزم تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو ۽ افغانستان، آذربائيجان ۽ ان سان لاڳو علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو. چنگيز 626/ 1227 ۾ مري ويو جڏهن سندس عمر 62 سال هئي ۽ هو هڪ وسيع سلطنت جو حڪمران هو.

چنگيز جي مرڻ کان پوءِ سندس خواهش موجب هن جو پٽ اوڪتائي سردار مقرر ڪيو ويو جنهن جي زماني ۾ پورو چين فتح ٿي ويو. بلڪ اڳتي ڪوريا تي به قبضو ٿي ويو. هوڏانهن يورپ طرف پيش قدمي ڪندي ماسڪو کي فتح ڪيو ويو. اوڪتائي جي مرڻ بعد حڪمراني تولي خاندان ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ پهريون حڪمران مُنگو بنيو. اهو منگو ئي هيو جنهن پنهنجي هڪڙي ڀاءُ قبلا خان کي پيڪنگ جي تخت تي ويهاريو ۽ ٻئي ڀاءُ هلاڪو کي ايران جي حڪمراني حوالي ڪئي جتي هن موروثي حڪمراني قائم ڪري ڇڏي ۽ ايلخا نان ايران جي نالي سان مشهور ٿيو. ايران تي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ هلاڪو خوارزم شاهي سلطنت جي مڪمل خاتمي بعد بغداد ۾ عباسي خليفي جي حڪمرانيءَ جو 1257ع ۾ وڏي بي درديءَ سان خاتمو ڪيو. ان زماني ۾ هلاڪو جو دست راست ۽ صلاحڪار مشهور شيعه مفڪر ۽ هيئت دان نصيرالدين طوسي هو. بغداد کي تهس نهس ڪرڻ بعد هلاڪو مصر طرف پيش قدمي ڪئي جتي مصر جي حڪمران وڏي ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري کيس پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪيو تاهم هو دمشق کي فتح ڪري چڪو هو.

هلاڪو جي حياتيءَ ۾ ئي سندس خاندان جا ڪجھه افراد مسلمان ٿيڻ لڳا هئا. 1260 ۾ جڏهن هلاڪو مصر تي حملو ڪيو ته سندس سؤٽ برقائي خان جيڪو اسلام قبول ڪري چڪو هو مصري لشڪر ۾ شامل هو ۽ ان لڙائي ۾ هلاڪو کي زبردست شڪست آئي ۽ انهيءَ صدمي ۾ آخري مري ويو.

]لين پول- اردو ترجمو- ص. 230 کان 231

تاريخ مين سفر- آغا امير حسين- ص. 595[

***

ابن البيطار (وفات 1248/ 646)

ابو محمد عبدالله بن احمر نباتات ۽ جھنگلي ٻوٽين جو ماهر ۽ عالم هو. هو اصل ۾ اسپين جو هو ۽ اشبيله ۾ علم حاصل ڪيائين. نوجوانيءَ ۾ ئي هن پاڻ کي علم نباتات لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ ان لاءِ هن افريقا، مراڪش، الجزائر ۽ تيونس ۾ سير و سفر ڪيو. آخري عمر ۾ هو دمشق ۾ اچي رهيو. سندس مشهور تصنيف ’ڪتاب الجامع في الادوية المفرديه آهي. ابن بيطار جي وفات بعد سندس شاگرد ابن ابي صبيعه پڻ وڏو نالو پيدا ڪيو. ابن بيطار جي ڪتاب جا ترجما ڪيترن يورپي زبانن ۾ شايع ٿيل آهن.

]انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام- جلد- 1- ص. 439[

***

عبداللطيف بغدادي (1162- 1232ع)

هو علم ڪيميا ۾ خاص ادراڪ رکندڙ هو ۽ طلب ۽ علم طبيعات جو ماهر هو. سندس تصنيفات ۾ قحط ۽ زلزلن جو ذڪر ملي ٿو. سندس ڪتاب ناپيد آهن. انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام موجب هن جو هڪ ڪتاب فرينچ ۽ جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل آهي.

]يورپ پر اسلام کي احسان- غلام جيلاز برق - ص. 195[

***

هومر

قديم يوناني شاعر جيڪو پنهنجي ٻن تخليقي نظمن اليڊ Iliad ۽ اوڊيسي Odyssy جي ڪري مغربي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آهي انهن جي تخليق جو زمانو 850 ق. م ٻڌايو ويو آهي ۽ ان ڪري سندس مواد قديم ترين ادب جي حيثيت رکي ٿو. اليڊ ۾ هو ٽروجن لڙائي جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جو هيرو ايڪلس آهي. اوڊيسي جو هيرو اوڊيس آهي. هومر پوري آکاڻي يا قصو کڻي نٿو ٻڌائي پر ڪهاڻيءَ ۽ ڪردار جي ڪن حصن کي نهايت اثرانداز شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿو.

[World Literature- Calvin Brown- P. 224]

***

گبن، ايڊورڊ (1794- 1737)

مشهور انگريز مؤرخ ۽ مصنف جنهن ٻارهن سالن جي عرصي دوران ’رومي سلطنت جو زوال ۽ خاتمو‘ لکيو جنهن کيس مؤرخن ۾ دائمي شهرت ڏئي ڇڏي. هو پندرهن سالن جي عمر ۾ آڪسفورڊ ۾ داخل ٿيو جتي هو ڪئٿولڪ عقيدن کان سخت متاثر ٿيو ۽ ڪيٿولڪ مذهب جو وڏو حمايتي ثابت ٿيو. انهيءَ ڪري سندس پيءُ کيس فرانس ڏياري موڪليو ته جيئن هو پروٽيسٽنٽ مذهب ڏانهن موٽ کائي.

1764 ۾ گبن روم جو تاريخي شهر گهمڻ ويو جتي هن کي اهو خيال آيو ته هو رومي سلطنت جي تاريخ لکي جنهن جو پهريون جلد 1776 ۾ منظر عام تي آيو. ان ڪتاب جي آخري حصي ۾ هن عيسائيت تي چڱي خاصي تنقيد ڪئي جنهن ڪري هو پاڻ تنقيد جو نشانو بنجي ويو. دراصل هو پنهنجي لحاظ کان روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪري رهيو هو.

گبن کي تاريخ نويسيءَ ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي، ڇو ته هن تاريخ کي ڪنهن نظريي يا فلسفي سان منسلڪ ڪري نه لکيو آهي. گبن جي تحرير انگريزي ٻوليءَ ۾ اسلوب جي لحاظ کان خاص ادبي مقام رکي ٿي.

[The Idea Of  History- P. 127- 729]

***

ابن خرداذبه (وفات 300هه/ 912ع)

هو اصل ۾ ايراني نسل جو هو. کيس علم جاگرافيءَ جو باني چيو وڃي ٿو. هو ٽين صدي/ نائين ۾ ٿي گذريو. هو خليفي المعتمد جو بااعتماد صلاحڪار هو. پيشي جي لحاظ سان هو ڊاڪ جي محڪمي جو ناظم (صاحب البريد والخبر) هو. هو علم موسيقيءَ جو به وڏو ماهر هو. هن جو ڪتاب ڪتاب المسالڪ و الممالڪ تاريخي جغرافيه جي لحاظ سان وڏي اهميت رکي ٿو. ڇو ته کانئس پوءِ ايندڙ ٻين عالمن جهڙوڪ ابن حوقل ۽ المقدّسي ان مان گهڻو استفادو ڪيو آهي. سندس انهيءَ ڪتاب جو فرينچ زبان ۾ پهريون ترجمو ڊي گوئجي 1890 ۾ ڪيو.

]انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام- جلد- 1- ص. 800[

 [43]

مسلمانن جي تاريخ

ڪاليداس

سنسڪرت ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ ناٽڪ نويس جيڪو اندازو آهي ته چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي گذريو. هو چندر گپت جي درٻار سان وابسته هو. وليم جونس کيس ڀارت جو شيڪسپيئر جو لقب ڏنو آهي. بهرحال ڪاليداس جي ٽن ناٽڪن جي خبر پئجي سگهي آهي جن مان شڪنتلا نهايت معياري ۽ گهڻو مشهور آهي. شڪنتلا دنيا جي گهڻين سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي جن ۾ سنڌي به شامل آهي.

[World Literature- P. 241]

***

[44]

تعليمي نظام بابت ڪجهه ويچار

 

ميڪالي (1800-1859)

انگريز مؤرخ، سياستدان 1833 ۾ پبلڪ انسٽرڪشن ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، هن 1835 ۾ گورنر جنرل جي ڪائونسل ۾ هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ هن اهو خيال زوردار نموني ۾ پيش ڪيو ته هندستان ۾ رائج قديمي يعني مدرسه نظام کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي يورپي علوم ۽ طريقئه تعليم کي رائج ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته فارسيءَ جي بجاءِ انگريزيءَ کي ذريعه تعليم بنايو وڃي. اهو ميڪالي ئي هو جنهن چيو ته تعليم جو مقصد اهڙو نسل تيار ڪرڻ آهي جيڪو شڪل صورت ۾ ڀلي هندستاني يعني ڪارو هجي پر ذهني طور ۽ ڪردار ۾ مغربي يعني انگريز هجي. هن ئي اها دعويٰ ڪئي ته يورپ جي هڪ ڪٻٽ ۾ رکيل ڪتاب هندستان ۽ پوري عرب دنيا جي سڀني ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي آهن، هن جو چوڻ هو ته مشرقي زبانون ترقي يافته ناهن ۽ انهن ۾ علمي صلاحيت ناهي. جو جديد سائنسي علوم جو ساٿ ڏيئي سگهن. هندستان ۾ ان وقت جو گورنر لارڊ بينٽنگ ميڪالي کان گهڻو متاثر هو ۽ هن ميڪالي جي سفارشن کي تعليمي پاليسيءَ جي صورت ۾ 1835 ۾ پوري هندستان ۾ نافذ ڪري ڇڏيو.

هن ڪمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ قانون جي ڊگري کان پوءِ انگلينڊ House of Common جو ميمبر ٿيو، هو وڏو مقرر ۽ سياستدان  ثابت ٿيو. هو هندستان آيو ۽ 1834 کان 1838 تائين سپريم ڪائونسل جو صلاحڪار ٿي رهيو، هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ سندس ڪتاب ’انگلينڊ جي تاريخ جيمس ثاني جي عهد کان‘ کيس وڏي مشهوري ڏني جنهن جا ٻه جلد 1848 ۾ شايع ٿيا.

ميڪالي هڪ انگريز طبيعت جو مثالي نمونو هو، هو عمليت پسند ۽ ماديت پرست هو، ان لحاظ کان هو ڪارلائل جو ضد هو، ليڪن هو نثر لکڻ جو بادشاهه هو ۽ کيس ان تي مڪمل قدرت هئي،

ميڪالي ئي هندستان ۾ رهڻ دوران اهو مشورو ڏنو هو ته اسان کي هندستان ۾ ڪارا انگريز پيدا ڪرڻا آهن ۽ هن سلسلي ۾ هن پنهنجو تعليمي خاڪو پيش ڪيو هو، جنهن جي ڪري سنڌ- هند ۾ انگريزي تعليم کي مقبوليت حاصل ٿي، ميڪالي سامراجي ذهنيت جو اعليٰ مثال پيش ڪري ٿو.

***

يورپ ۾ تعليم

هن سلسلي ۾ برٽر انڊرسل هڪ هنڌ لکيو آهي ته 1807 تائين رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو اهو خيال هو ته مزدورن کي پڙهيل لکيل نه هئڻ گهرجي ڇو ته ان سان هو هر قسم جا بغاوت توڻي غداري جي موضوع تي لکيل پمفليٽ پڙهڻ جي لائق ٿي ويندا، انگريزي تعليم جو قانون 1870 ۾ پاس ڪيو ويو.

يورپ ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد تائين تمام ٿورا ڪتاب موجود هئا، يعني وڏي اڪثريت اڻ پڙهيلن جي هئي، اهو سڄو انقلاب 1476 ۾ وليم ڪاڪٽس جي مشين ايجاد ڪرڻ بعد آيو، هن تقريباً هڪ سؤ ڪتاب ان ريت ڇاپيا جن ۾ چاسر جي تصنيف ڪينٽربريءَ جون آکاڻيون پڻ شامل هيون.

[British History Encyclopedia, P.111]

***

يوناني ڪتابن جا عربي ترجما ۽ يورپ

هيءَ ڳالهه واضح هجڻ کپي ته يورپ يوناني تصنيفن کان عربن جي ذريعي ئي واقف ٿيو ورنه يورپ تقريباً پوڻا ٻه هزار سال يوناني تصنيفن کان لاعلم هو، ان جا ڪيترا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، ارسطوءَ جو مشهور ڪتاب ’شاعري‘ (Poetics) جو 1498 ۾ ’جيوجيولا‘ عربي مان لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪيو جنهن کان پوءِ يورپ کي ارسطوءَ جي ان ڪتاب جي خبر پئي. بهرحال يوناني زبان ۾ اصلي متن پهريون ڀيرو سال 1508 ۾ شايع ٿيو، گويا جڏهن ارسطوءَ جي وفات کي هڪ هزار اٺ سؤ سال گذري چڪا هئا.

]ارسطو سي ايليٽ تک- ڊاکڻر جميل جالبي، ص 92[

***

[46]

عورتن لاءِ ووٽ جو حق

 

مزيني (1872ع- 1805ع)

اٽليءَ جو مشهور قومپرست سياسي مفڪر جنهن اٽليءَ کي متحد رکڻ لاءِ خاص سوچ جو مظاهرو ڪيو. سندس فڪر مان اڳتي هلي فاشزم کي وڏي هٿي ملي. دراصل اٽليءَ جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهڙو دور هو جنهن ڪري مزينيءَ جي فڪر کي گهڻي پذيرائي ملي. هو قومپرستيءَ جي جذبي کي اُڀارڻ ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي قربانيءَ جي اهميت کي بار بار دهرائي ٿو. هڪ لحاظ کان هو ميڪاويليءَ جي فڪر جو تسلسل آهي جنهن پڻ اٽليءَ کي متحد رکڻ لاءِ حڪمرانن کي هر قسم جي حربي ۽ ترڪيب کي آزمائڻ جو مشورو ڏنو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو اهڙن مفڪرن جي فڪر جو نتيجو هو جنهن ڪري اٽلي هڪ ملڪ جي صورت ۾ متحد ٿي اُڀريو پر ان سان گڏ اهو اڳتي هلي فاشزم جو شڪار ٿيندو رهيو جنهن جو آخري وڏو مثال اٽليءَ جو مسوليني هو.

[Political Science. Raymond Gellell California 1933]

***

جان لاڪ (1704ع- 1632ع)

انگلنڊ جو مشهور سياسي مفڪر. هن آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي هو عربي زبان به سکيو. آڪسفورڊ ۾ استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. هو اسلامي فڪر کان ايترو متاثر هو جو کيس آڪسفورڊ ۾ پنهنجي مذهب کان باغي ۽ محمدي (اسلامي) عقيدن جي پرچارڪ هئڻ جو طعنو ڏنو ويندو هو.

عمر جي آخري حصي ۾ هن Two Treatises on Government نالي مشهور ڪتاب لکيو جنهن سندس شهرت کي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. روسو، هابس ۽ لاڪ مغرب جي جديد سياسي فڪر جا اهم ٿنڀ خيال ڪيا وڃن ٿا.

[Islamic Civilization: The First 1000 Years, Chase F. Rohinson- P. 170]

***

[47]

سنڌي ادب ۾ جديد رجحانات

الارض لله- اقبال جو حوالو

هتي علامه صاحب اقبال جي جن شعرن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، اهي سندس تصنيف بال جبريل ۾ انهيءَ عنوان تحت ملن ٿا، جيڪي خاص اهميت سبب هتي نقل ڪجن ٿا:

پالتا هي بيج کو مٽي کي تاريکي مين کون؟

کون درياؤن کي موجون سي اڻهاتا هي سحاب؟

کون لايا کهينچ کر پچهم سي باد سازگار

خاک يه کس کي هي؟ کس کا هي يه نور آفتاب؟

کس ني بهري دي موتيون سي خوشئه گندم کي جيب

موسمون کو کس ني سکهلائي هي خوئي انقلاب

وه خدايا! يه زمين تيري نهين، تيري نهين

تيري اَبا کي نهين، تيري نهين، ميري نهي.

]ڪليات اقبال- اردو، ص 122[

شاهه جو رسالو ۽ علامه قاضي

علامه صاحب جيئن سندس تقريرن ۽ تحريرن مان واضح آهي ته هن شاهه لطيف جي شاعريءَ جو گهڻو اڀياس ڪيو هو، ’صوفي لا ڪوفي‘ ڀاڱي پهرئين ۾ ’شاهه لطيف دنيا جو وڏو شاعر‘ جي عنوان تحت علامه صاحب جو اهو تنقيدي مقالو موجود آهي، جنهن ۾ هو عالمي ادب جي مطالعي جي آڌار تي ڪجهه معيار مقرر ڪري، انهن جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پرک ڪري ٿو ۽ ان لحاظ سان عالمي شاعرن ۾ شاهه لطيف جي مقام جو تعين ڪري ٿو.

علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ مان وائيس چانسلر جي عهدي تان سال 1958 ۾ استعفا ڏني هئي، تڏهن سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ’شاهه لطيف جو رسالو‘ مرتب ڪرڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو هو، علامه صاحب جو اهو ترتيب ڏنل رسالو پهريون دفعو سال 1961 ۾ منظرعام تي آيو هو.

]شاهه جو رسالو- علامه قاضي- سال 1961[

***

[52]

جارحانه قومپرستي ۽ نيچ سفارتڪاري

راڻي وڪٽوريا

بادشاهه وليم ڇهين جي مرڻ کان پوءِ 1837 ۾ ارڙهن سالن جي ڇوڪري وڪٽوريا انگلينڊ جي راڻي بنجي وئي، 1840 ۾ هن جي البرٽ شهزادي سان شادي ٿي جنهن 1861 ۾ وفات ڪئي. جنهن مان هن کي نوَ ٻار پيدا ٿيا، هن کي پنهنجي مڙس سان گهڻي محبت هئي، تنهنڪري جڏهن هو جلدي مري ويو ته وڪٽوريا گهڻو وقت اڪيلائي ۾ گذارڻ لڳي. بهرحال اهو وقت هو جڏهن بنجامن ڊزرائيلي جهڙو قابل وزيراعظم سندس ڀروسي وارو ساٿي ثابت ٿيو، وڪٽوريا 1901 ۾ وفات ڪئي، سندس تاجپوشيءَ جا 50 ۽ 60 ساله جشن وڏي ڌام ڌوم سان ملهايا ويا.

وڪٽوريا جوعهد انگلينڊ ۾ صنعتي ۽ سائنسي ترقي ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ڪاميابين جو زمانو آهي، 1832 ۾ ريلوي انجڻ آمد و رفت جي ڪايا پلٽي ڇڏي وڪٽوريا جي زماني ۾ هندستان ۾ 1857 جي جنگ آزادي جي ناڪاميءَ بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪمرانيءَ کي ختم ڪري هوءَ متحده هندستان جي راڻي بنجي وئي. اهو صنعتي انقلاب جو نتيجو هو جو 1830 ۾ انگلينڊ دنيا ۾  ڪپڙي جو وڏي ۾ وڏو روانگي واپار ڪندڙ هو جتي ڪپهه جي پيداوار جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اهو ڪپڙو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هندستان سميت سستو وڪرو ٿيڻ لڳو جنهنڪري مقامي صنعتون تباهه ٿي ويون. ساڳئي زماني ۾ انگلينڊ لوهه پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ هو ۽ اهو دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ريلوي قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ۾ هندستان به شامل هو، 1851 ۾ انگلينڊ ۾ وڏي صنعتي نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته انگلينڊ دنيا جي صنعتي واپار ۾ اڳواڻ هو.

وڪٽوريا جو عهد معاشرتي تبديليءَ جو دور به ثابت ٿيو. ان دور ۾ عورتن جي پوشاڪ ۾ ڦهليل گهيريدار چولو جيڪو پيرن کي به ڍڪي ڇڏيندو هو، عام ٿيو ۽ ان سان گڏ مٿي تي خاص قسم جو ٽوپلو ۽ چولي جي مٿان ڪوٽ مقبول ٿيو. اها ڊريس وڪٽوريا عهد جي خاص شناخت بنجي وئي، وڏن گهرن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي پرورش مائرن ڇڏي ڏني جيڪا داين يعني نرسز جي حوالي ٿي. ٻارن کي اهو سيکاريو ويو ته هو ’پيءُ‘ کي ’Sir‘ يعني سائين جي لقب سان مخاطب ٿين.

اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جڏهن صنعتي ترقيءَ سبب بي روزگاري وڌڻ لڳي ته ڪيترن هنڌن تي فساد شروع ٿيا. خاص طور مزدور جيڪي ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل هئا، انهن پنهنجي معاشي حالتن جي بهتريءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، انهيءَ زماني ۾ عورتون به گهر کان ٻاهر نڪري ٻين عورتن سان گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ لڳيون، بهرحال وڌندڙ غربت سماجي مسئلو بنجي رهي هئي جنهن جو اندازو چارلس ڊڪنس جي ناول ’آليور ٽوسٽ‘ مان بخوبيءَ ٿئي ٿو، جتي هڪ غريب ڇوڪري کي ڳڀي جي ڳولا ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ننڍي عمر جي ٻارن کي ڪم ڪار تي لڳايو ويو وڏن گهرن ۾ گهريلو ملازمن جو رواج عام ٿي ويو.

اهوئي زمانو هو جڏهن صرف خاص وڏن ماڻهن جي بجاءِ عام ماڻهن جن جي عمر 21 سالن کان مٿي هجي، ووٽ جو حق ڏيڻ بابت سوچ ويچار شروع ٿيو ۽ اها ڳالهه پارليامينٽ تائين پهتي.

ياد رهي ته اڻويهين صدي سائنس جي ترقيءَ جو زمانو آهي، 1859 ۾ ڊارون پنهنجو نظريه ارتقا ڏنو، ان کان اڳ 1835 ۾ اليڪٽرڪ ٽيليگراف ايجاد ٿيو ۽ 1876 ۾ ٽيليفون جي ايجاد ٿي، ريلوي انجڻ انگريزن ايجاد ڪئي پر موٽر ڪار وري جرمن ايجاد ڪئي ۽ 1895 ۾ انگلينڊ ۾ ڪارون ٺهڻ لڳيون.

مطلب ته وڪٽوريا نه رڳو گهڻي ۾ گهڻو عرصو انگلينڊ جي ملڪه رهي بلڪه سندس دور وڌ ۾ وڌ تبديلين ۽ ترقيءَ جو دور ثابت ٿيو.

[British Encyclopedia History, p.85]

***

صلاح الدين ايوبي (1193-1137)

هو عظيم سپھ سالار ۽ حڪمران هو جنهن شام ۽ مصر تي حڪومت ڪئي ۽ ٽين صليبي جنگ ۾ جيڪا 1187 ۾ لڳي، صلاح الدين بيت المقدس کي عيسائين جي لشڪر کي شڪست ڏئي آزاد ڪرايو. ان کان اڳ پهرين صليبي جنگ 1096 ۾ عيسائين جي گڏيل لشڪر بيت المقدس کي فتح ڪيو هو، ۽ ٻي جنگ 1147 ۾ هو ناڪام ٿيا هئا، تنهنڪري ٽين صليبي جنگ نهايت اهم هئي جنهن ۾ مسلمان صلاح الدين جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪامياب ٿيا هئا.

صلاح الدين فتح کان پوءِ عيسائين جي سپھ سالار اڳواڻ رچرڊ جنهن کي شيردل جو لقب مليل هو، سان نهايت عمدو سلوڪ ڪيو جنهن جو اعتراف ڪيترن عيسائي مورخن ڪيو آهي. صلاح الدين فتح کان پوءِ عيسائين کي بيت المقدس ۾ رهڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي کلي آزادي ڏني، حالانڪ هن کان اڳ جڏهن پهرين صليبي جنگ ۾ عيسائين بيت المقدس فتح ڪيو تڏهن هنن هزارين مسلمانن کي تهه تيغ ڪيو هو.

مغربي مؤرخن صليبي جنگين جي باري ۾ مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ڪن جي خيال موجب جيئن ته عيسائيت ۽ اسلام جو وڏي پيماني تي اهو پهريون ٽڪراءُ هو، تنهنڪري مغرب ۾ اسلام جي باري ۾ هڪ غلط تصور قائم ٿي ويو جنهن ۾ مسلمانن کي هميشه لاءِ جهادي ۽ اسلام کي هڪ جنگجو مذهب سمجهيو ويو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ تائين اهو تصور گهڻي حد تائين قائم آهي، ليڪن صليبي جنگين جو مغرب کي وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيو جو هو، ان کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني عربن جي سائنسي علوم ۽ ڪاوشن کان مستفيد ٿيڻ لڳا، جنهن کان سواءِ جديد يورپ جي تعمير ناممڪن هئي، هن سلسلي ۾ راجربيڪن (وفات: 1292) جي حيثيت کي سڀني تسليم ڪيو آهي جيڪو عربيءَ جو عالم هو ۽ هن جي ڪاوشن ذريعي مغرب ۾ اسلامي سائنسي علوم جي روشني پهتي هئي.

[Islamic Civilization in Thirt`1y Lives: P.168]

***

[54]

ڏينهن ۽ رات

ملٽن (1608 کان 1674)

انگريزي شاعريءَ جو وڏو نالو جيڪو انگريزي نشاة ثانيه جو نمائندو هو ۽ Puritan نقطئه نظر رکندو هو. هو پڪو عيسائي هو.

ملٽن ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتان ئي شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. ملٽن انگريزي شاعريءَ کي گهڻو ڪجهه ڏنو. پر هو خاص طور پنهنجي ٻن لازوال نظمن ’وڃايل جنت‘ Paradise Lost ۽ ’حاصل ڪيل جنت‘ Paradise Refained جي ڪري انگريزي ادب ۾ غيرفاني حيثيت رکي ٿو. پهريون 1667 ۽ ٻيو 1671 ۾ شايع ٿيا. نوجوانيءَ ۾ هو جڏهن يورپ جي سير سفر تي نڪتو ته هن اٽليءَ ۾ گليليو سان ملاقات ڪئي.

1649 ۾ جڏهن چارلس بادشاه کي Puritans ۽ شاهه جي وفادارن جي خانه جنگيءَ جي نتيجي ۾ قتل ڪيو ويو ته ملٽن Puritans جي نمائندي طور سامهون آيو ۽ بادشاهيءَ جي خدائي حق جي ڀرپور مخالفت ڪيائين، ان ڪري کيس سيڪريٽريءَ جو وڏو عهدو به ڏنو ويو.

[World  Literature, P.292]

***

[58]

مشرق  ۽ مغرب بابت ڪجهه ويچار

 

رسڪن جان (1819 کان 1900)

انگريزي نقاد ۽ اديب جيڪو بائبل جي تعليمات کان گهڻو متاثر هو، هو مصوري بابت به خاص نقطئه نظر رکي ٿو جنهن جو اظهار هن 1846 ۾ لکيل ڪتاب Modern Painters ۾ ڪيو آهي. هو وڪٽورين سوسائٽي جي قدرن تي سخت تنقيد ڪري ٿو ۽ وڌندڙ مادي قدرن ۽ دولت کي ناپسند ڪري ٿو. بلڪ ان جي مذمت ڪري ٿو. 1860 ڌاري سندس لکيل ڪتاب Unto this last جو سنڌي ترجمو ’اقتصادي انصاف‘ نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.

(World Literature,, P.399]

***

[59]

 

ميڊاس (Midas)

هن بابت ڪارلائل جي ڪتاب Past & Present ۾ تفصيلي تشريح ۽ وضاحت ملي ٿي.

اهو ڪتاب جو پهريون باب آهي جنهن ۾ هو دولت سان وڌندڙ پيار کي سماجي برائي سمجهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته بيشڪ هينئر انگلنڊ دنيا جو وڌ ۾ وڌ دولتمند ملڪ آهي، پر اوتروئي چڱائي  ۽ نيڪي ۾ سڀني کان پٺتي آهي، هو چوي ٿو اها دولت ڪهڙي ڪم جي چئبي!

[Past & Present, Lahore, p.6]

 

 

مددگار ڪتاب

 

سنڌي ڪتاب

1.      جي.ايم.سيد، ساهڙ جا سينگار، 1968ع.

2.     شاهه جو رسالو، متن ڊاڪٽر بلوچ، شرح ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2016ع.

3.     ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، صوفي لاڪوفي.

4.     سه ماهي ’مهراڻ‘ مختلف پرچا، سنڌي ادبي بورڊ

اردو ڪتاب

1.      جمیل جالبی، ارسطو سے ایلیٹ تک، نیشنل بک فائونڈیشن، 2015ء

2.     نظامی بدایونی، مشاھیر مشرق تخلیقات لاہور، 1999ء

3.     لسان الغیب اردو شرح دیوان حافظ، میر ولی اللہ ایبٹ آبادی دوست پبلیکیشن، اسلام آباد 2009ء

4.     ڈاکٹر سید سلطان محمود حسین، حیات اقبال عھد بہ عھد اقبال اکیڈمی پاکستان، 2015ء

5.     ول ڈیورانٹ ترجمہ یاسر جواد، اسلامی تھذیب کی داستان، نگارشات لاہور، 2015ء

6.     ڈاکٹر خواجہ حمید یزدانی، شرح زبور عجم، سنگ میل لاہور، 2011ء

7.     خواجہ حمید یزدانی، شرح جاوید نامہ، 2011ء

8.     مضامین غلام ربانی، انجمن ترقی اردو پاکستان کراچی، 1992ء

9.     اقرار حسین شیخ، شھزادیاں، دی بکس اسلام آباد، 2012ء

10. کلید کلیات اقبال اردو، مرتب احمد رضا، ادارۂ اھل قلم، لاہور، 2005ء

11.  کلیات اقبال فارسی، میان عبدالرشید، شیخ غلام علی، لاہور

12. بھگوان داس ترجمہ پریتم داس بالاچ، تلسی داس، فکشن ھائوس لاہور، 2013ء

13. امولیہ رنجن، ترجمہ یاسر جواد، فلسفئہ مذاھب، فکشن ھائوس، لاہور

14. نسیم امروھوی، فرھنگ اقبال، اظہار سنز لاہور،  1989ء

15. قاضی جاوید، ۲۰ عظیم فلسفہ، فکشن ھائوس، لاہور، 2015ء

انگريزي ڪتاب

1.       Tara Chand, Influence of Islam on Indian Culture, Al Beluni Lahore,  Reprint, 1978

2.      Thomas Carlyle: Sartor Resartus, on Heros & Hero Worship Every Man’s Library, 1940

3.      Allama I. I. Kazi. Casual Peeps At Sophia, Sindhi Adabi Board 1967

4.      Mushtak Ali Kazi. Journey Through Judiciary, Royal Book Company, 1990

5.      The Educator Speaks I. I. Kazi, Edited by N. A. Baloch 1409/ 1989

6.      A. K. Brohi. Life and Work of Allam I. I. Kazi, A. K. Brohi Hyderabad 1988

7.      Ali Ahmed Brohi. The Quest Eleven speeches  1992

8.      Abdul Ghani. A History Of Persian Language & & Literature at the Mughal Court. 1983

9.      Maurice Bucaille. What Is The Origin Of Man? Seghers, Paris. 1982

10.   Calvins Brown. The Reader’s Companion To World, Literature: 1962 New York

11.   Peter Alexander. Alexandar’s Indtroductions To Shakespear, Collins London. 1964

12.  K. K. Aziz. Ameer Ali: His Life and Work, Reprint 2006, Lahore

13.   Chase F. Robinson. Islam Civilization in Thirty Lives Thomas & Hudson

14.  Nichola Barber & Angly Jaugly, British History Encyclopedia 1999

15.   Muhammad Tahir. Books That Changed My Life, NBF, 2014

16.  Ziauddin Ahmed. Influence Of Islam On World Civilization, RBC, Karachi 1994

17.  Micheal Cooperson. Al- Mamun Oneworld Oxford. 2006

18.   Dr. M. Habib. Prince Of Physicians The life and Times of Ibn Sina 2015

19.  Dr .V. Abdur Rahim. Europe speaks Arabic, Good word, 2008

20.  Romila Thapar. Early India, Penguin Books, 2002

21.  Tahir Kamran. The Idea Of History Through Ages. Lahore, 2017

22. Safiq Can. Fundamentals Of Rumi’s Throught Tughra Books, New Joursey, 2011

23.  Dr. Abdul Ghaffar Soomro. Epistles Of Divine Wisdom Letters of Allam I. I. Kazi Sindhi Adabi Board, 2015

24. Ahmed Muhammad Kazi. The Gems Divine. Letters of Allam Kazi addressed to Him.

25.  N. A. Baloch. A National System Of Education And Education Of Teachers SIPS, 2003


 

ڏسڻي (انڊيڪس)

 

 

ڪتاب ۾ آيل قرآن جون آيتون


 

اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ........ ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ: 229

اَرَءَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـهَهٗ:614

اَشْرَقَتِ الْاَرْضُ بِنُوْرِ رَبِّهَا: 76، 403

اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ ........عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ: 164

اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ: 280، 595

اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ: 196

اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ: 293

اَفَلَا تَتَفَكَّرُوْنَ: 294

اَفَغَيْرَ دِيْنِ اللّٰهِ .... وَّاِلَيْهِ يُرْجَعُوْنَ: 527

اِلَّا مَنْ اَتَى اللّٰهَ بِقَلْبٍ سَلِيْمٍ: 90، 389

الَّذِيْٓ اَحْسَنَ........الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ: 412

الَّذِيْ خَلَقَ.....اَخْرَجَ الْمَرْعٰى: 83

اَلرَّحْمٰنُ  عَلَّمَ ........ عَلَّمَهُ الْبَيَانَ: 548

اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ: 313

اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ........ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ: 527

اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ كَان فَارْغَبْ: 183، 426

اِلٰهُنا وَاِلٰهُکُم وَاحِد: 433

اِلَيْهِ يُرْجَعُوْنَ: 66

اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ: 60، 112

اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ: 538

انبتکم من الارض نباتا: 247

اِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيْطَةٌ بِالْكٰفِرِيْنَ: 238

ان الدار الا خرة لهي الحيوان: 505

اِنَّ فِيْ خَلْقِ........ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ: 30، 200، 246، 295، 375، 441، 564

اِناللّٰه و اِنا اِليه راجعون: 66

اَنْتُمْ اَشَدُّ ........بَنٰىهَا: 393

اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ: 138

ان مع العسر يسرا: 426

اِنَّمَآ اَمْرُهٗٓ اِذَآ........وَّاِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ:163

اِنَّ هٰذَا..... اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى: 89

اِنْ هُمْ اِلَّا........ سَبِيْلًا: 78

اِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ: 139

بسم اللّٰه الرحمٰن الرحيم: 72، 150، 151

سنريهم آياتنا ....... لهم انـﮣ الحق: 293

بل توثرون الحياة الدنيا والاخرة خير وابقيٰ: 467

بلدة طيبة ورب غفور: 222

بَيْنَكَ وَبَيْنَ........حِجَابًا مَّسْتُوْرًا: 70

تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ........جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ: 72، 76

تَـطَوَّعَ خَيْرًا: 65

تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا: 82

جَآءَ الْحَقُّ وَزَهَقَ الْبَاطِلُ: 76

خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي........ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ: 213، 225، 562

خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ: 35

خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ: 35، 412

ذٰلِكَ الْكِتٰبُ ..... يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ: 501

رب المشرق و المغرب: 433

رب زدني علما: 52، 260، 280، 535، 536

رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هٰذَا بَاطِلًا: 595

سَبح اسم ربک الاعليٰ: 82

سَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ: 64

سراجا منيرا: 70، 502

سَنُرِيْهِمْ اٰيٰتِنَا........لَهُمْ اَنَّهُ الْحَقُّ: 30، 286، 375

سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ: 443

سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ: 72، 77

فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ: 163

فَارْجِعِ الْبَصَرَ ........ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ: 248، 441

فَذَكِّرْ اِنْ ........اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى: 82

فَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى: 92، 506

فَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ: 95

فَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ........ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَه: 377

فِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ: 72، 78

قَالُوْٓا اِنَّمَآ اَنْتَ مِنَ الْمُسَحَّرِيْنَ: 119

قَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى.....اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى: 94

قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ ........ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ: 477

كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّ سَبِيْلًا: 517

کل آمن باللّٰه ........احدا من رسله: 68

کل نفس ذائقة الموت: 104

کما ارسلنا........مالم تکونوا تعلمون: 418

كَيْفَ بَدَاَ الْخَــلْقَ: 443

لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ: 65، 66، 196، 475

لَا تُدْرِكُهُ........ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ: 136

لَا يَحْزُنُهُمُ........ الَّذِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ: 332، 413

لَّا يَمَسُّهٗٓ اِلَّا الْمُطَهَّرُوْنَ: 213

لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ: 70

لباس التقويٰ ذالک خير: 205

لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ: 247

لَسْتَ عَلَيْهِمْ بِمُصَۜيْطِرٍ: 117

لَسْتَ عَلَيْهِمْ جبار: 117

لَقَدْ خَلَقْنَا........ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ سٰفِلِيْنَ: 402، 415

لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ: 487، 529

مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ: 72، 77

مَا تَرٰى فِيْ.......خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ: 441

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ وَالَّذِيْنَ مَعَه: 472

نُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ.... وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ: 138

ن و القلم وما يسطرون: 418

وَاِذَا رَاَوْكَ........بَعَثَ اللّٰهُ رَسُوْلًا: 118

واعبد ربک حتي ياتيک اليقين: 251

وَلَا تَـقْرَبَا ھٰذِهِ الشَّجَرَةَ: 607

وَالَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ .....لِلْمُتَّقِيْنَ اِمَامًا: 474

وَالشُّعَرَآءُ يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَ: 254، 255

والعصر ان الانسان لفي خسر: 316

وَالضُّحٰى   وَالَّيْلِ اِذَا ........ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى: 502

وَاَلَّفَ بَيْنَ قُلُوْبِهِمْ...... عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ: 211

وَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا: 33، 35

واللّٰه مع الصابرين: 249

وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى: 501

وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا........ بِمَا تَفْعَلُوْنَ:  130

وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاۗءِ كُلَّ شَيْءٍ حَيٍّ: 35

وَقَالَ الرَّسُوْلُ يٰرَبِّ........الْقُرْاٰنَ مَهْجُوْرًا: 213

وَكَانَ الْاِنْسَانُ اَكْثَرَ شَيْءٍ جَدَلًا: 163

وَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ: 286

وَفِيْٓ اَنْفُسِكُمْ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ: 286

وَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ: 554

وَّلٰكِنْ لِّيَبْلُوَكُمْ فِيْ مَآ اٰتٰىكُمْ: 261

ولن تجد لسنة اللّٰه تبديلا: 572

وَلَهُمْ اَعْيُنٌ ........ لَّا يَسْمَعُوْنَ: 508

وَمَآ اَسْـَٔــلُكُمْ........رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ: 119

وَمَآ اَنْتَ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا: 119

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ:  113

وَمَا عَلَّمْنٰهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنْۢبَغِيْ لَه: 254

وَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى: 388

وَمَنْ نُّعَمِّرْهُ ........ اَفَلَا يَعْقِلُوْنَ: 235

وَيُخْرِجُ الْـحَيَّ........ مِنَ الْـحَيِّ: 35

هَلْ اَتٰى عَلَي ....... شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا: 487

يارب ان قومي اتخذوا هذا القرآن مهجورا: 251

يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ


 

الْمُنْكَرِ: 117، 123

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا........ فَاَصْبَحْتُمْ بِنِعْمَتِھٖٓ اِخْوَانًا: 210

يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ  قُمْ فَاَنْذِرْ وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ: 471

يُخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ: 343

يُخْرِجُهُمْ مِّنَ النُّوْرِ اِلَى الظُّلُمٰتِ: 343

يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ ........وقلوبهم الي ذکرالّٰله: 430

يَرِثُهَا عِبَادِيَ الصّٰلِحُوْنَ:138

يسبح للّٰه ما...... لفي ضلال مبين:418

يَوْمَ نَطْوِي السَّمَا........اِنَّا كُنَّا فٰعِلِيْنَ: 413

 


 

 

اطلبو العلم من المهد اليٰ اللحد: 52

الاعمال بالنيات: 98، 335، 339، 508، 544، 568، 596

الجنة تحت اقدام الامهات: 206، 533

الناس عالم او متعلم و باقيها هماج: 52

الناس ينا موا واذا ماتو فانتبهو: 32

انما الاعمال باالنيات: 90

 

متن ۾ آيل حديثون ۽ اقوال


 

بعثت لاتمم مکارم الاخلاق: 334، 421

عالم و متعلم وباقيها همج: 266

طللب العلم فريضة عليٰ کـل مسلم و مسلمة: 53

من طلب شيئاً وجدّ وجَدَ: 506

لااکراه في الدين: 67، 123

 


 

اخلاق جلالي: 336، 363، 665

اوستا: 61، 619

ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾ (Adventure of the Brown Girl in her Search for God): 17

تحفة الڪرام:  668

تحفة الموحدين: 663

توريت (بائيبل): 89، 90

پدماوت: 356، 667

دي السٽر يٽيڊ نيوز (The Illustrated News): 240

ديوان حافظ: 621، 644

ديوان فاضل: 12

ديوان مخفي: 357، 663

ساهڙ جا سينگار: 20

سماجي معاهدو (Social Contract): 47، 49

سياست نامه: 111

شاهه جو رسالو: 261، 420، 657، 696

صوفي لاڪوفي (جلد پهريون): 54

 

ڪتاب ۾ آيل ڪتابن ۽ اخبارن جا نالا

قرآن شريف: 24، 25، 29، 30، 35، 40، 44، 48، 50، 61، 63، 64، 65، 69، 70، 72، 73، 74، 75، 76، 78، 79، 80، 81، 82، 83، 86، 89، 92، 93، 94، 95، 102، 104، 106، 107، 113، 117، 124، 125، 131، 138، 141، 150، 153، 154، 158، 159، 163، 164، 175، 178، 180، 181، 182، 189، 194، 202، 203، 204، 205، 206، 210، 211، 212، 213، 214، 215، 222، 225، 235، 238، 244، 245، 246، 247، 248،249، 250، 251، 254، 255، 259، 260، 261، 262، 295، 303، 316، 322، 332، 333، 3334، 336، 338، 340، 343، 345، 347، 349، 359، 381، 385، 386، 388، 389، 393، 394، 401، 402، 403، 413، 415، 418، 419، 420، 421، 423، 426، 427، 428، 430، 432، 433، 441، 443، 464، 465، 465، 466، 467، 470، 473، 474، 476، 485، 487، 488، 492، 502، 503، 504، 506، 508، 516، 517، 526، 527، 528، 529، 532، 536، 538، 542، 543، 544، 545، 546، 554، 558، 565، 566، 569، 572، 577، 585، 591، 595، 596، 597، 621، 639، 648، 653، 662، 673، 675، 677

ڪاري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾ (Adventure of the Black Girl in her Search for God): 17


 

ڪام روپ: 356

لائٽ ٽو ايشيا (Light to Asia): 674

لوائح جامي: 420، 421، 427، 676

مفرح القلوب (فارسي اخبار): 12

 


 

آخوند عبدالعزيز: 12

آدم، حضرت: 48، 114، 481، 607

آرنولڊ (Arnold): 209

آغا تاج محمد: 140

آءِ. آءِ. قاضي، علامه (امداد علي ولد امام علي قاضي):12، 13، 14، 15، 16، 18، 19، 20، 21، 22، 23، 24، 28، 29، 31، 32، 34، 35، 37، 40، 41، 42، 43، 44، 45، 46، 47، 48، 49، 50، 51، 52، 53، 55، 56، 57، 58، 59، 60

ابراهيم، حضرت: 82، 89، 283، 284، 474، 536

ابن بيطار: 522، 691

ابن خردازبه: 522

ابن خلدون: 51، 216، 217، 221، 223، 224، 523، 639، 641، 642، 643، 670، 682

ابن سينا، بوعلي: 524، 647، 658، 689

ابوالفضل: 362

ابوبڪر صديق، حضرت: 47، 108

ابولهب: 76، 77، 79، 81

Text Box:  
ڪتاب ۾ آيل ماڻهن جا نالا
ارسطو: 49، 129، 139، 337، 373، 378، 472، 489، 522، 613، 631، 633، 635، 665، 675، 680، 681، 682، 689، 694، 695

اسٽالن: 28، 480

اسپنوزا (Spinoza): 242، 646

اسلم، ڊاڪٽر: 528

افتخار: 383

افلاطون: 99، 128، 129، 132، 133، 134، 135، 139، 254، 255، 373، 411، 581، 633، 681، 685

اقبال، علامه: 13، 56، 353، 424، 431، 456، 672، 673

اڪبر بادشاهه: 356، 359، 363

البيروني: 522، 647، 659

الڪندي: 363، 664، 675

امام ابوحنيفه رحه: 98، 628

امام حسين رضه: 171

امام علي قاضي: 12، 14

امام غزالي رحه: 121، 122، 153، 179، 183، 202، 226، 229، 230، 306، 339، 409، 432، 534، 535، 652

امير سعود: 17

امير علي، سيد: 13، 99، 628، 629، 670

انيس احمد، مولوي: 59، 65

اويس قرني: 360

اي. ايل. شيخ، پروفيسر: 327

اي جولي، ايڊجوٽنٽ جنرل برگيڊيئر: 342

ايڇ. جي. ويلس: 578

اي. ڊبليو. گب، پروفيسر: 73

ايڊون آرنولڊ: 676

اي. ڪي. بروهي: 19، 21، 23، 24، 58

ايڪرمين: 383

ايل. ٽي. هاب هائوس، پروفيسر (هاب هائوس): 13، 56، 277، 369

اين. اي. جي خان، ڊاڪٽر: 195

ايلسا قاضي (مسز قاضي): 14، 23، 72، 199، 201، 383

ايم. اي. حافظ: 12

بابر: 358، 362، 591، 661، 662

بانسنڪيءَ (Bansonquay): 458

برائوننگ (Browning): 459، 625، 678، 683

برائوني (Browne): 458

 برٽرانڊ (Bertrand) : 271، 647، 652

برنارڊشا: 17

بڪل (Buckle): 217، 523

بهادر شاهه ظفر: 358، 662

بيگم نقوي: 315

تلسيداس: 361، 666

ٿامس آرنولڊ: 13، 623

ٿوريو (Thoreau): 192، 636

ٿيوڊور موريسن (Theodore Morrison): 209

ٿيوسيڊائيڊس: 642، 688

ٽالسٽاءِ : 254، 464، 636، 679، 680

ٽيني سن (Tennyson): 387

پيٽالوزي: 685

جامي، عبدالرحمٰن: 674

جان لاڪ: 695

جاويد: 57، 209، 212، 426، 430، 431، 561، 637، 638

جلال الدين رومي، مولانا: 35، 54، 57، 135، 181، 277، 346، 347، 360، 363، 384، 386، 392، 412، 467، 485، 571، 573، 656، 672، 680، 692

جميل. پروفيسر: 133

جھان آرا: 364، 662

جهانگير: 361، 362، 662، 665، 666

جي. ايم. سيد: 19، 20

جيولن هڪسلي (Julian Huxley): 199

حاجن خان جتوئي: 23

حافظ شيرزاي: 54، 63، 181، 208، 230، 360، 384، 386، 514، 534، 571، 620، 621

حسن بصري: 360

حڪيم شمس الدين: 417

حوا، بيبي: 48، 481، 607، 657

خديجه رضه، بيبي: 63

خضر، حضرت: 122

خليفو موسيٰ: 245

داراشڪوهه: 359

ڊارون: 33، 34، 396، 443، 637، 698

ڊبليو. بي. باشر پڪارڊ: 16

رابندر ناٿ ٽئگور: 118، 663

رامداس: 361، 666

رام موهن راءِ، راجا: 356، 663

رچرڊ (اول): 420

رچرڊ (دوم): 630

رسڪن جان: 700

راڻي ايلزبيت: 511

راڻي وڪٽوريا: 511، 512، 575، 580، 697، 698

رضا محمد ڀٽو: 23

روسو (Rousseau):28، 39، 47، 49، 50، 132، 157، 191، 380، 381، 391، 472، 480، 492، 494، 507، 542، 543، 640، 682، 685، 695

زرتشت: 42، 61، 68، 154، 155، 371، 496، 497، 619

ساره: 134

سافوڪلس: 254

سرمد: 500، 684

سليمان، حضرت: 154، 244، 245، 246

سمٽ: 219

سورداس: 361، 666، 667

شاهجھان: 364، 662، 664، 667

شاهه عبداللطيف ڀٽائي: 23، 40، 54، 55، 56، 57، 58، 93، 148، 180، 189، 191، 194، 203، 226، 233، 254، 275، 307، 329، 346، 347، 348، 349، 350، 351، 352، 353، 356، 359، 416، 423، 463، 465، 466، 467، 482، 504، 506، 507، 509، 522، 540، 551، 553، 555، 556، 557، 560، 561، 562، 563، 564، 576، 594، 595، 596، 597، 607، 623، 624، 656، 685، 696

شاهه ولي الله :47، 51، 215، 216، 217، 218، 219، 221، 222، 223، 224، 225، 227، 255، 333، 334، 338، 340، 639، 654، 697

شفيع محمد ميمڻ، پروفيسر: 184، 325

شِلر: 458، 523

شمس تبريزي: 656، 680

شوپنهار (Shaupenhaur): 92، 627

شيخ احمد سرهندي: 427

شيخ رڪن الدين علاءُ دولـﮧ : 427

شيخ سعدي: 59، 146، 163، 177، 214، 232، 355، 380، 384، 425، 514، 634، 643، 644، 666

شيخ عبدالقادر جيلاني رحه: 104، 504، 685

شيخ ڪمال الدين عبدالرزاق: 427

شيڪسپيئر: 126، 131، 132، 133، 139، 192، 292، 359، 361، 384، 390، 420، 453، 454، 466، 467، 576، 631، 632، 635، 636، 651، 681، 693

صلاح الدين ايوبي: 582، 698

طارق: 245

طارق بن زياد: 648

طاهر، مولوي: 304

علاوالدولھ رڪن الدين: 427، 676

عبدالحميد، ڊاڪٽر: 325، 450

عبدالرحمٰن: 248، 281، 282، 648

عبدالعزيز (سعودي بادشاهه): 17

عبدالعزيز ميمڻ، پروفيسر: 417

عبدالقادر: 294، 423

عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر، (ڊاڪٽر هاليپوٽو): 59، 63، 64، 215، 216، 217، 221، 223، 225، 234، 333، 334، 338

عرفي: 213

علي اڪبر شاهه: 182، 427

علي نواز جتوئي، پروفيسر:59 ،174

عمر بن عبدالعزيز: 248

عمر حيات ملڪ: 209

عمر فاروق، حضرت: 540

عيسيٰ، حضرت: 25، 43، 60، 68، 89، 90، 91، 93، 94، 95، 97، 130، 157، 159، 171، 175، 180، 244، 263، 347، 354، 387، 439، 464، 467، 509، 657

غلام محمد: 17

فاروقي، ڊاڪٽر: 310، 312، 393، 395، 396، 400، 402، 443

فاطمه رضه، بيبي: 104

فريڊرڪ فان شلر: 532، 622، 678

فضل احمد، مولوي: 59، 60، 63

قاضي احمد ميان اخترجوناڳڙهي: 240

قليچ بيگ، مرزا: 177

ڪانٽ: 132، 134، 135، 137، 631، 633، 678، 685

ڪارلائل (Carlyle): 26، 28، 87، 118، 149، 156، 157، 166، 210، 211، 251، 257، 263، 385، 420، 422، 431، 466، 501، 523، 553، 555، 561، 586، 590، 596، 604، 622، 623، 638، 639، 683، 694، 700

ڪارل مارڪس: 51، 216، 217، 221، 224، 654

ڪارواني، ڊاڪٽر: 383، 384

ڪالرج (Coleridge): 133، 134، 135، 136، 139

ڪاليداس: 360، 529، 693

ڪومپٽي آگسٽ (Compte August): 200، 243

ڪي. اي. عبدالحميد، ڊاڪٽر: 128

گبن، ايڊورڊ: 523، 672، 673، 692

گرهوڙي، عبدالرحيم: 174، 176

گوتم ٻُڌ: 25، 43، 60، 68، 155، 275، 332، 347، 387، 509، 517، 620، 627

گوئٽي: 26، 27، 108، 152، 227، 251، 382، 383، 416، 533، 535، 547، 553، 556، 557، 561، 564، 606، 607، 622، 638، 644، 649، 678

لارڊ ائڪٽن (Lord Acton): 240، 241

لارڊ هيڊلي: 16

لائڊ جارج: 260

ليواني: 15

ماريس بُڪيل، ڊاڪٽر: 34

مامون، خليفو: 98، 99، 260، 261، 356، 419، 522، 527، 627، 671، 674، 675، 681

مانٽسڪيو (Montesque): 51، 523، 640

مانٽيسوري: 196، 507، 686

محبوب علي چنا، پروفيسر: 547

محمد بن قاسم: 245، 648

محمد جائسي: 356، 667

محمد حسن ڀٽو: 23

محمد حسين: 203، 386، 388

محمد علي جناح، قائداعظم: 56، 208، 209

محمد مرتضيٰ قاضي: 19

محمد مصطفيٰ ، حضرت، (نبي ڪريم/پيغمبر اسلام): 25، 26، 28، 49، 59، 61، 62، 63، 65، 68، 130، 131، 132، 139، 157، 158، 159، 260، 306، 316، 318، 333، 329، 377، 388، 433، 440، 471، 472، 473، 484، 486، 488، 498، 500، 512، 543، 544، 545، 575، 593، 596، 619، 622، 639

محمودالحسن خان، ڊاڪٽر: 195

محمود غزنوي: 355، 658، 659، 660

مرزا حيرت: 234، 348

مزني (Mazzini): 157، 695

مسز حسن: 405، 406، 416

مسڪين امير حسن صديقي: 245

مظهرالدين صديقي: 469، 471

ملٽن: 589، 699

موسيٰ، حضرت: 29، 61، 68، 80، 82، 89، 90، 94، 180، 436، 439، 494

مهاتماما گانڌي:612، 636

ميٿيوآرنولڊ (Mathew Arnold): 251، 337، 340، 497، 503، 649، 683

ميرزا مدد علي بيگ، ڊاڪٽر: 14

مير علي شير قانع ٺٽوي: 359، 668

مير علي نواز ’ناز‘: 15، 16

ميڪبيٿ (Macbith): 270

ميڪالي: 54، 453، 531، 693، 694

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 22، 417، 531، 648

نبي بخش قاضي: 228، 229، 232، 235

نزهدين (Nuzhiddin): 201، 202، 205، 206

نظام الملڪ: 111، 652

نڪلسن: 223، 419، 672، 673

نوابزاده شير علي خان، ميجر جنرل: 342

نوح، حضرت: 437، 439

نورجھان: 357، 665

نيازالحق: 479، 480


 

والٽيئر: 28، 480، 627، 640

وائيٽ هيڊ (White head): 271، 652

وائيڪلف (Wyekliff): 354

هارون رشيد: 527، 664

هٽلر: 159

هيلي فاڪس: 15

هڊسن: 15، 643، 683

هڪسلي (Huxley): 87، 88، 199، 200، 201، 202، 206، 636

هلاڪو: 165، 634، 690، 691

هومر: 254، 520، 626، 691، 692

هيري هاٽسپر، جرنل: 453

هيساڊ (Heisod): 520، 688

هيروڊوٽس: 520، 688

هيگل (Hegal): 51، 217، 221، 450، 458، 642، 654، 655

هيوم (Hume): 49، 51، 215، 216، 224، 640، 653

يورپيڊڊس: 254

 

 


 

آسٽريليا: 103، 302

آڪسفورڊ يونيورسٽي: 22، 215، 259، 267، 623، 649، 657، 683، 689، 692، 695

آفريڪا: 219، 220، 245، 279، 380، 444، 494، 641

آمريڪا: 22، 46، 64، 103، 109، 114، 137، 206، 249، 259، 267، 274، 276، 281، 312، 344، 445، 449، 490، 524، 536، 566، 575، 592، 614، 615، 623، 632، 636، 645، 651، 652، 683

استنبول: 267

اسپين: 242، 245، 258، 354، 362، 641، 645، 647، 648، 670، 681، 686، 691

اشبيله: 258، 691

افغانستان: 245، 656، 659

الجيريا: 433

اندلس: 281، 354، 443، 522، 648، 649، 671

Text Box:  
ڪتاب ۾ آيل شهرن، ملڪن، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا
انگلينڊ: 15، 64، 111، 113، 114، 196، 208، 215، 217، 228، 251، 258، 259، 267، 273، 274، 281، 302، 312، 319، 354، 359، 369، 370، 376، 380، 401، 425، 437، 449، 453، 485، 521، 523، 532، 574، 575، 576، 580، 592، 606، 626، 628، 640، 643، 650، 651، 655، 671، 681، 686، 687، 694، 697، 698

ايران:213، 245، 267، 355، 384، 470، 496، 550، 551، 619، 634، 635، 652، 664، 668، 676، 684، 690

بصره: 360

بغداد: 45، 98، 99، 121، 122، 245، 246، 362، 534، 627، 628، 634، 643، 652، 665، 671، 674، 675، 681، 685، 690

بڪل (Bukle): 51، 217، 523، 643، 655

بمبئي: 19، 20، 234، 276

بمبئي يونيورسٽي: 12

بنگال: 356، 363، 628، 629، 663

ڀارت: 118، 378، 519، 520، 598، 693

تاج محل: 363، 364، 460، 662، 667، 668

تيونس: 433، 641، 691

ٿرپارڪر: 16

ٽنڊو آغا: 14

پاٽ: 12

پاڪستان: 19، 20، 21، 22، 69، 105، 106، 195، 205، 206، 212، 245، 274، 276، 284، 342، 426، 452، 507، 539، 540

جرمني: 267، 672

ڄام شورو: 22، 24

حيدرآباد: 12، 14، 16، 22، 23، 82، 103، 107، 137، 253، 266، 393، 459، 479، 499، 593

حيدرآباد (دکن): 245، 648

خيرپور: 15، 16

دهلي: 257، 684

ديبل: 549، 550، 551

دينا: 246

ڊينمارڪ: 609

راولپنڊي: 499

روس: 111، 112، 119، 371، 432، 442، 445، 491، 645، 659

روم: 298، 380، 389، 470، 496، 649، 656، 680، 692

سرحد: 245، 599

سري نگر: 499

سسلي: 246، 626

سعودي عرب: 18، 213

سنڌ: 12، 14، 15، 16، 19، 20، 21، 24، 57، 58، 66، 97، 167، 172، 173، 177، 245، 310، 312، 359، 361، 420، 460، 463، 499، 509، 540، 541، 549، 550، 551، 561، 563، 619، 628، 634، 635، 648، 656، 658، 668، 685، 696

سنڌ يونيورسٽي: 21، 22، 24، 59، 72، 82، 110، 128، 140، 162، 166، 167، 172، 174، 207، 215، 228، 296، 325، 333، 341، 365، 393، 405، 469، 493، 519، 526، 567، 634، 696

شملا: 499

عراق: 213، 433

عربستان: 69، 131، 257، 364، 592

علي ڳڙهه: 12، 13

غرناطه: 257، 258، 641

فرات ندي: 121، 362

فرانس: 49، 51، 217، 267، 545، 550، 551، 578، 627، 640، 651، 653، 654، 655، 672، 686، 692

گجرات: 361، 658، 660

ڪانگريس: 46

ڪراچي: 19، 426

ڪشمير: 499

ڪيمبرج: 13، 621، 625، 632، 644، 652، 699

لاهور: 13، 20، 392، 593، 658، 660، 661، 662، 664، 665

لبيا: 433

لنڊن: 12، 13، 14، 16، 17، 18، 19، 20، 21، 22، 56، 99، 107، 142، 149، 208، 228، 229، 285، 310، 363، 367، 622، 623، 624، 628، 629، 632، 635، 636، 637، 638، 640، 648، 655، 665، 671

مراڪش:433، 641، 691

مصر: 112، 212، 289، 433، 520، 542، 671، 690، 691، 698

ملتان: 245، 499

نيل ندي: 112

هالينڊ: 242، 267

هند/هندستان: 12، 20، 54، 258، 260، 276، 354، 355، 356، 358، 359، 360، 361، 420، 460، 507، 522، 529، 531، 584، 591، 603، 612، 613، 619، 620، 628، 629، 639، 646، 655، 656، 659، 661

يمن: 360

يورپ: 17، 26، 42، 45 ،49، 51، 68، 109، 150، 155، 188، 217، 223، 224، 240، 242، 243، 244، 245، 247، 248، 249، 251، 257، 258، 259، 279، 281، 286، 287، 318، 337، 344، 354، 355، 359، 361، 363، 376، 380، 381، 385، 420، 423، 433، 437، 443، 445، 448، 488، 508، 521، 523، 524، 532، 534، 542، 545، 566، 575، 582، 591، 614، 637، 640، 645، 646، 647، 653، 665، 672، 673، 679، 681، 687، 689، 690، 691، 693، 694، 699

يونان: 34، 260، 378، 379، 472، 531، 5552، 613

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org