سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:7 

[  4  ]

انتخابات ۾ ديانت ۽ ٻارهين ربيع الاول جي اهميت

]علامه صاحب هيءَ تقرير 7 ڊسمبر 1952ع تي ڪئي[

خواتين و حضرات! ائين نٿو ٿي سگهي ته فقط ظاهري نالي رکڻ سان ڪنهن ماڻهوءَ جو واقعي اهو مذهب يا عقيدو به ٿي پوي ٿو. اصل ۾ هن جو مذهب اهو ئي آهي جنهن ۾ هن جو ايمان آهي. جيڪڏهن ڪو پاڻ کي هندو، مسلمان، عيسائي يا يهودي سڏائي ٿو ته اهو سڏائڻ سان ائين نٿو ٿي سگهي. مذهب مان مراد آهي ته هن جا حقيقي عقيدا ڪهڙا آهن ۽ هن جي اندر ۾ ڇا آهي! ان سان ئي فرق محسوس ڪري سگهجي ٿو. اڄ اسان اهو ئي موضوع منتخب ڪيو آهي. اهو موضوع ”عرس شريف ۽ ميونسپل اليڪشن“ آهي جيئن توهان کي مقامي اخبارن مان ئي معلوم ٿيو هوندو. ميونسپل اليڪشن جي باري ۾ توهان کي مون کان وڌيڪ خبر آهي. مون کي ته فقط اخباري بيانن تي اعتبار ڪرڻو پوندو آهي. مون اخبارن جي سرخين ۾ ڏٺو ته ڪوڙن ووٽرن کي بئلٽ پيپر ڏنا ويا. ان جا ڪيترائي ثبوت مليا آهن ته ووٽن حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيترائي ميمبر کٽي آيا آهن. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

پر سوال آهي ته سنڌ ۾ اهو ڇو ڪونه ممڪن ٿي سگهيو، جنهن سان اليڪشن جي طريقي جي شفافيت ۽ قاعدن جو تقدس برقرار رکيو وڃي. حڪومت ان کي روڪڻ ۾ ڇو ناڪام وئي آهي ۽ ڇو سدائين حڪومتي اميدوار ڪامياب ٿين ٿا. اخبارن لکيو آهي ته ان جو علاج ڪهڙو آهي. ڇا ان لاءِ هميشه اليڪشن ڪرائبي رهجي ۽ ووٽرن ۽ کٽيل اميدوارن کي سزا ڏبي رهجي.

هاڻي توهان پنهنجي سياسي سوچ ۾ ان ڳالهه سان متفق هوندا جنهن ۾ ڪنهن شخص کي قتل ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي تمام اهم ذريعي يعني روح کي زهريلو ڪري ڇڏڻ هڪ جهڙو ڏوهه نه آهي. جيڪڏهن قتل جي سزا ڦاسي آهي ته ڪوبه سمجهدار انسان اهو نه سوچيندو ته جيڪا شيءِ زندگيءَ جي بنياد کي زهريلو بنائي ٿي، اها قتل جي برابر ڇو ڪونه هوندي. حضرت عيسيٰ جو فرمان آهي ته جيڪڏهن توهان جا هٿ ڏوهه ڪن ته انهن کي ڪپي ڇڏيو. جيڪڏهن اک ڏوهه ڪري ته ان کي ڪڍي ڇڏيو. اهو گهڻو بهتر آهي ته اک ۽ هٿ هليو وڃي، ان کان ته زندگي مرده ٿي وڃي، منهنجي نظر ۾ ان اليڪشن کان اهو گهڻو بهتر آهي، جنهن ۾ هر ممڪن ڏوهه، تاريخ جي خلاف، انسانيت جي خلاف ۽ هر قسم جي فضيلت جي خلاف ڪيو وڃي.

اڄڪلهه عورتون ووٽ ڏيڻ اچن ٿيون ۽ مون کي معلوم آهي ته انهن کي ڪنهن جي لاءِ ۽ ڪيئن ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. اهو برداشت کان ٻاهر آهي جيڪو مائرن ۽ ڀينرن کي سيکاريو وڃي ٿو ته ڪيئن ٻئي جي نالي جو جعلي ووٽ ڏين. اهڙي قسم جا سڀ ڏوهه اسين ووٽ ڏيڻ وقت ڪريون ٿا. اها شان واري ڳالهه نه آهي. ڀلا، توهان پاڻ کان ڪڏهن پڇيو آهي ته آخر ووٽ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ميونسپل ڪائونسلر ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!

دين اسلام جي باري ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اها ان جي امتيازي خصوصيت آهي ته عمل جو مدار نيت تي آهي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي ”الاعمال بالنيات“ عملن کي نيت جي بنياد تي پرکيو ويندو. ان لاءِ نه صرف ايترو پر پاڻ فرمايائون ته ”نيت المؤمن خير من عملـﮧ“ مؤمن جي نيت سندس عمل کان وڌيڪ قدر جي نگاهه سان ڏٺي ويندي، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ اهم آهي ته هو ڪو ڪم ڇو ٿو ڪري، نه ڪي هو ڇاٿو ڪري. ساڳيو عمل هو ٻن ارادن سان ڪري ٿو، هڪ تمام سٺو ٻيو تمام خراب! اصل ۾ ان جي اهميت آهي ته هن اهو عمل ڇو ڪيو!

آءٌ اها ڳالهه انهن مهربانن کان وري پڇان ٿو، جيڪي ميونسپل يا ڪنهن ٻي اليڪشن ۾ بيهن ٿا. توهان جي اصلي نيت ڇا آهي؟ مسلم قاعدو اهو لازم ڪري ٿو ته جيڪو شخص پاڻ کي خود ڪنهن عهدي لاءِ پيش ڪري ٿو، حقيقت ۾ اهو ان جي لائق ڪونهي، هڪ شخص چوي ٿو ته آئون گورنر ٿيڻ جي لائق آهيان. توهان کي هن کي ٻڌائڻ گهرجي ته توهان جو اظهار ٻڌائي ٿو ته توهان گورنر جي لائق نه آهيو. مسلمانن جي تاريخ ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي. اهو ائين نه آهي ته ڪو شخص آيو ۽ اظهار ڪيائين ته آئون فلاڻي عهدي جي لائق آهيان. ان باري ۾ آئون فقط توهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ٿو. هتي اسان مسلمانن مان ڪافي پاڻ کي حنفي سڏائن ٿا جنهن مان مراد آهي ته امام ابوحنيفه رحه جي فقـﮧ جي تقليد ڪندڙ. آئون هتي هڪ ننڍڙو واقعو بيان ڪريان ٿو جنهن جو واسطو خود امام ابو حنيفي سان آهي. تنهنڪري جيڪي ٻارهن صدين کان وٺي حنفي سڏائيندا اچن پيا اهي ٿورو محسوس ڪن. امام ابو حنيفي کي بغداد جي خليفي مامون عباسي قاضي ٿيڻ جي آڇ ڪئي. جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته حضور آئون ان جي قابل ڪونه آهيان. ان تي خليفي مامون چيو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. هن کي خبر هئي ته امام ابو حنيفي کان وڌيڪ ڪو قانون دان، فقيـﮧ ۽ شريعت جو ڄاڻو ڪونه هو. امام ابو حنيفي وراڻيو ته هاڻي ته توهان فيصلو ڪري ڇڏيو ته جيڪو شخص ڪوڙ ڳالهائي ٿو، اهو ان عهدي جي لائق ڪونهي. تنهنڪري هن بغداد جي قاضي ٿيڻ جي بدران ڪيترا سال قيد ۾ رهڻ پسند ڪيو. هن چيو ته اهو ڪم منهنجي وس کان ٻاهر آهي. آئون اها جوابداري کڻڻ لاءِ تيار نه آهيان. هاڻي ڏسو ته هن نه صرف پاڻ کي پيش نه ڪيو پر خليفي يا بادشاهه کي انڪار به ڪيو. هن ڏٺو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪن موقعن تي مون کي پنهنجي ضمير جي خلاف فيصلو ڪرڻو پوي ۽ اهو آئون ڪري نه سگهان، تنهنڪري اهڙي ملازمت ڇو ڪريان، جيڪا صحيح طريقي سان ادا نه ڪري سگهان.

مسلمانن ۾ روايت رهي آهي ته جڏهن ڪنهن کي نماز پڙهائڻ جي امامت لاءِ چيو ويندو آهي ته هو انڪار ڪندو آهي. هو چوندو آهي، مون کان ٻيو بهتر آهي اهو پڙهائي. پر اهو ته آئون مسلمانن جي باري ۾ پيو ڳالهايان. افلاطون هڪ غير مسلم مفڪر هو، جنهن چوويهه سؤ سال اڳي چيو هو ته فضيلت ان ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ملازمت ڪرڻ جي اهل هجي ۽ هن کي آڇ ڪئي وڃي ته هو پنهنجي بدران ٻئي شخص لاءِ چوي. هن کي پاڻي کي پيش نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪو شخص اهل نظر اچي ٿو ته اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ته پهرين آئون ان کي ڪم ڪرڻ لاءِ چوندس ۽ هن کي موقعو ملڻ گهرجي. پر اڄڪلهه اهو سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي. هر شخص پاڻ کي وڌائي پيش ڪري ٿو ته هو ان ملازمت لاءِ اهل آهي. ڀلي اهو اهل هجي جيڪو پاڻ کي پيش ڪري ٿو پر هو اصل ڳالهه نٿو ڄاڻي. مون پاڻ چاليهه سال کن ڪوشش ڪئي. مون هر وقت پاڻ کان اهو پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته آءٌ پاڻ کي ڇو ٿو پيش ڪريان، ڇا توهان کي ڪم جي نوعيت جي خبر آهي؟

هاڻي آئون توهان کي ان لاءِ پنهنجو ذاتي مثال ٻڌايان ٿو: آئون جڏهن شاگرد هئس ۽ ان ڳالهه جو هتي هڪ شاهد ويٺو آهي ته سيد امير علي مون کي مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ چيو جيڪا پهريون ڀيرو 1908ع تي لنڊن ۾ قائم ڪئي وئي هئي. مون جواب ڏنو ته اڃان مون اخلاقي فلسفي جي تعليم مڪمل نه ڪئي آهي. سياست سان ته منهنجو تعلق ئي ڪونهي، مون کي ڪنهن سياسي عهدي حاصل ڪرڻ کان اڳ سياست جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. مون کي هڪ سياسي جماعت جو سيڪريٽري بنايو ٿو وڃي. آئون اهو عهدو ڪيئن سنڀالي سگهندس، جڏهن ته آئون ان جي ابجد کان واقف ڪونه آهيان. هن محسوس ڪيو ته آئون ڇا پيو چوان. هو جهونو عالم شخص هو. هن جيڪو مون کي ان باري ۾ خط لکيو هو اهو مون وٽ اڄ به محفوظ آهي. مون سيد صاحب کي وڌيڪ چيو ته پهرين توهان جي رهنمائي ۾ اصولي سياست ۽ عملي سياست جو تجربو حاصل ڪندس ۽ پوءِ ڪو عهدو سنڀاليندس. هن وقت آئون ڪنهن عهدي جي لائق نه آهيان. پر مون کي ڪن ڀائرن چيو ته تون ته ڪو بيوقوف آهين. هن عهدي لاءِ سياست سکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اها فقط عملي سياست آهي. مون چيو ته ڇا عملي سياست جو اصولي سياست سان ڪو واسطو ڪونهي؟ ڇا مسلم ليگ جي سيڪريٽريءَ لاءِ سياست جو سکڻ ضروري ڪونهي. اهو فقط هڪ مثال ڏنو اٿم. مون انهن مهربانن کان پڇيو ته توهان ميونسپل جا فادر يا سياست جا فادر بنجڻ گهرو ٿا، پر ان عهدي جي باري ۾ ڇا ڄاڻو ٿا، جنهن لاءِ توهان پاڻ کي پيش ڪريو ٿا ۽ اليڪشن وڙهو ٿا!

توهان کي بخوبي علم آهي ته انهن ماڻهن وٽ شهري ۽ سياسي زندگيءَ جو تصور ئي ڪونهي. بلڪه ان لفظ جي معنيٰ جي خبر ڪونه اٿن. پوءِ اهي پاڻي کي هن اليڪشن لاءِ ڇو ٿا پيش ڪن. ڇا توهان ڪڏهن انهن کان پڇيو آهي يا انهن توهان کي ٻڌايو آهي. اهي ائين هرگز ڪونه ڪندا. اهي پنهنجي کيسي مان حلال يا حرام مال مان ڪمايل پنج يا ڏهه هزار خرچ ڪري پاڻ کي سٽي فادر (City Father) چونڊرائن ٿا، حالانڪه انهن وٽ سٽي فادر هئڻ جي ذميوارين جو تصور ئي ڪونهي.

هاڻي توهان جيڪڏهن ڪنهن شخص کي بورچي رکڻ چاهيو ٿا ته توهان هن کي چئو ٿا ته سرٽيفڪيٽ کڻي اچ ته خبر پوي ته تون رڌ پچاءُ جو ڪم ڄاڻين ٿو. ساڳئي نموني ٻئي کان پڇو ٿا ته ڇا تون واڍو آهين؟ تون ڪو ڪٻٽ ٺاهيو آهي! ڇا تون ڌوٻي آهين! توهان وٽ ڪو اهڙو گواهه آهي، جيڪو ٻڌائي سگهي ته تون ڌوٻي آهين، متان منهنجا ڪپڙا ڦاڙي نه ڇڏين. اهڙي طرح ننڍي کان ننڍي ڌنڌي لاءِ به اسان ثبوت گهرون ٿا ته اهو شخص اهو ڪم ڪري سگهي ٿو! اهو فقط اسان پنهنجي سٽي فادر توڻي ملڪ جي ابي کان ڪونه ٿا پڇون.

ڇا توهان ميونسپل لفظ جي باري ۾ ڄاڻو ٿا؟ اهو لفظ ميونسپل يا ميونسپالٽي، ڇا آهي! اهو مدبرانه قيادت ۽ حڪومت کان ڪيئن مختلف آهي. انهن ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي! توهان ميونسپل ڪائونسلر ٿي ڇا ڪندا؟ اهي سڀئي سوال نٿا پڇيا وڃن ۽ نه ئي انهن جو جواب ڏنو وڃي ٿو.

جرمنيءَ ۾ شهر جي سربراهه کي برگهر (Burgher) چون ٿا ۽ هن جو فرض آهي ته هو شهر کي ’خدا جو شهر‘ سمجهي صاف سٿرو رکي ته جيئن ان ۾ مرد توڻي عورتون سڀ گڏجي جسماني اخلاقي ۽ ذهني طور پاڪيزه زندگي گذاري سگهن. اهو ئي شهر خدائي شهر هوندو آهي ۽ نه شيطاني شهر، جتي هرهڪ پاڪ ۽ صاف زندگي گذاري سگهي ۽ پنهنجي ٻارن جي پالنا ۽ تربيت خدائي فرض سمجهي ڪري سگهي.

مون توهان کي گهڻو اڳي ٻڌايو هو ته انهيءَ سٽي (City) لفظ مان شهري لفظ وجود ۾ آيو ۽ ان سٽي لفظ سياست يعني پوليٽڪ جيڪو جرمن لفظ آهي ان کي فروغ ڏنو، پر ان جو هر حال ۾ شهري زندگيءَ سان واسطو آهي، چاهي اهو شهري يا سياسي هجي. ان مان مراد اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ فضيلت وارا مرد ۽ عورتون صاف سٿري زندگي گذارين، جنهن سان الله تعاليٰ راضي رهي ۽ انسان خصوصا اخلاقي طور مطمئن هجي. ان مقصد لاءِ شهر جڙيا آهن ۽ سٽي فادر چونڊيا ويندا آهن، جيئن شروع ۾ مون چيو ته عمل کان نيت وڌيڪ اهم آهي. توهان جي نماز نيت کان سواءِ بي مقصدآهي. توهان ٻارهن ئي مهينا بغير مقصد جي اڃ ۽ بک مئا. ساڳئي نموني جڏهن توهان سفر تي نڪرڻ جي نيت ڪريو ٿا ته ڪهڙي نيت اٿو ڇا جي لاءِ سفر ڪريو ٿا. ان حد تائين هن ننڍڙي ڪم لاءِ به مسلمانن وٽ نيت اهم آهي.

هڪ ڏينهن هڪ عورت پنهنجي خاوند کي چيو ته توهان هلڪو جلاب ورتو آهي تنهنڪري مهرباني ڪري ٿورو هلو ته جيئن جلاب پنهنجو اثر ڏيکاري. هن چيو ته اهو توهان ڪٿي پڙهيو آهي. عورت وراڻيو ته مون پڙهيو ڪونهي پر ٻڌو آهي. هن چيس ته جيستائين مون کي ڪو ثبوت نٿو ملي ته اهو مثبت ڪم آهي تيستائين هڪ قدم به نه کڻندس. هن چيو ته پهرين مون کي مطمئن ڪيو وڃي ته جيڪي آئون ڪندس ان جو ڪو مقصد آهي. جيڪڏنن ان جو مقصد ڪونهي ته پوءِ آئون نه هلندس ۽ نه ڳالهائيندس. آئون هڪ وک به نه چرندس، جيستائين مون کي معلوم ٿي وڃي ته ڇو؟

آئون چوان ٿو ته اهو فضول آهي. اهو جانور لاءِ آهي جيڪو بي مقصد هلي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ اهو منهنجي لاءِ نه آهي، آئون جيڪو به ساهه کڻندس اهو ارادتا ۽ شعور سان ساهه کڻندس ۽ اهو ڄاڻندس ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مون کان پڇا ڪئي ويندي ته مون ساهه ڇو کنيو؟ مون ڇو ڳالهايو؟ مون اهو عمل ڇو ڪيو؟ مون کي ان جي وضاحت ڪرڻي پوندي. مون کان ان جو حساب ورتو ويندو. جيڪڏهن مون کان حساب نه ورتو ويندو ته مون کي اهو سوچڻ گهرجي ته اهو ڪم ڇو پيو ڪريان جنهن جو ڪو مقصد ڪونهي، ڀلا جيڪو ڪم آءٌ ڪريان پيو اهو چڱو آهي خراب آهي يا نه چڱو آهي نه خراب. ڇا اهو جانور جي عمل وانگر آهي، جنهن جو ڪو مقصد ڪونهي. مون کي هر حال ۾ ’ڇو‘ جو جواب اچڻ گهرجي. ان حد تائين هڪ مسلمان جي نيت جو تعلق آهي ته هن جو هر ڪم ارادي ۽ مقصد سان آهي ۽ جيستائين اهو صحيح ناهي ته هو هرگز ان تي عمل نه ڪندو.

هاڻي آئون انهن قابل احترام مسلمانن کي چوان ٿو ته جڏهن توهان ڪا شيءَ ڪرڻ چاهيو ٿا ته بسم الله الرحمان الرحيم چئو ٿا پر ان کان پهريائين اعوذ بالله من الشيطان الرجيم چئو ٿا. مطلب شروعات بسم الله سان نه پر اعوذبالله سان ٿئي ٿي. اهو تاثر نه وٺو ته اها روايتي ڳالهه آهي. قرآن ان کي صاف لفظن ۾ چيو آهي ته جڏهن ڪو سٺو عمل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پاڻ کي پهريائين پاڪ رکو. پهرين پنهنجو ذهن پاڪ رکو. جڏهن توهان پاڻي پيئو ٿا ته پهريائين گلاس صاف ڪريو ٿا. پيئڻ کان پهرين گلاس صاف ڪري مٽي ڌوئي ڪڍي ڇڏيو ٿا. ”فرجز فاهجر“ اهو ئي حضور ڪريم ﷺ جن کي ٻڌايو ويو. ”قم فانذر“ هاڻي اٿو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکو. پر ان ڪم کان اڳ هر شي پاڪ رکو. ”فثيابڪ فطهر“ حتيٰ ڪه توهان پنهنجي ڪپڙن کي به پاڪ رکو. پاڪائي پهريون شرط آهي. پاڪائيءَ کان پهريون ڪو به عمل نه ڪريو. پاڪائيءَ لاءِ مشورو ڏنو ويو ته پهرين اعوذ بالله من الشيطان الرجيم چئو. پوءِ اهو شيطان ڪهڙو به هجي ان لاءِ ناپاڪ روح کي پهرين ڌوئي ڇڏيو. پهرين اها تسلي ڪئي وڃي ته ڪم ڪرڻ کان اڳ روح پاڪ آهي.

هاڻي بسم الله، اعوذ بالله کان پوءِ اچي ٿي. پهرين وضو ڪريو ٿا پوءِ نماز پڙهو ٿا. ڇو؟ نماز پڙهڻ کان اڳ توهان جسم کي پاڪ ڇو ٿا ڪريو؟ مون کي اميد آهي ته نماز پڙهڻ لاءِ جسم سان گڏ ذهن کي به پاڪ ڪندا هوندا. جيڪڏهن توهان جسم ۽ ذهن کي پاڪ نٿا رکو ته ڇا توهان جي نماز قبول ٿيندي؟ قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته ”لا يمسـه الا المطهرون“ هن ڪتاب کي پاڪائيءَ کان سواءِ هٿ نه لايو. اهو ائين ڇو آهي؟ آئون گهڻا مثال ان ڪري پيو ڏيان ته جيئن توهان کي هتي يقين ڏياريان ته هر عمل کان اڳ هر قسم جي گند ۽ ناپاڪائيءَ کان پنهنجي ذهن کي پاڪ رکو.

هاڻي آئون پنهنجي سٽي فادرس کان پڇان ٿو ته جڏهن هو سٽي فادر ٿيڻ جي نيت ڪري اليڪشن وڙهن ٿا. في الحال ٻين ڳالهين کي ڇڏي ڏيو ته آيا هو ان جي اهل آهن يا نه! اهي شهر لاءِ بهترين ڪم ڪندا يا نه، پر بنيادي سوال آهي ته ڇا ان لاءِ هنن پنهنجو ذهن صاف ڪيو آهي ته آخر اهي پنهنجا پنج هزار خرچ ڪري ان عهدي تي ڇا لاءِ ٿا اچن؟ اسان اهو ٻڌو آهي ته ماڻهو اليڪشن ۾ بيهندا آهن ۽ پنج هزار خرچ ڪري چوندا آهن ته جيڪڏهن مون ڏهه هزار نه ڪمايا ته اليڪشن ۾ بيهڻ جو ڪهڙو فائدو!

اهي سڀ ڏوهه ڄاڻي ٻجهي ڪيا وڃن ٿا. ميمبر بنجڻ جو اهو ئي مقصد آهي. مون کي هڪ عورت ٻڌايو ته اليڪشن ۾ سٺ سيڪڙو عورتن ٻين جي نالن تي ڪوڙا ووٽ ڏنا. ايتريقدر جو ٻيا ٻيا ڪپڙا پائي ٻيهر ٽيهر ووٽ ڏئي آيون ۽ نالا بدلائي ووٽ وڌائون. ڪيترن نمونن جون ٺڳيون، دوکي بازيون ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هڪ وقت ڪنهن جي ڌيءَ سڏائڻ ۽ ٻئي وقت ڪنهن جي زال سڏائڻ اهو سڀ ڇا جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو. ان جو مقصد ڇا آهي. ان جو مقصد آهي ته ڪجهه نااهل ماڻهو فادر ته ٺهيو پر پٽ جي لائق به نه آهن. انهن کي ان ڪُڌي ڌنڌي لاءِ شهر جي صاف سٿري ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ چونڊيو وڃي ٿو.

ڇا اهو ئي مقصد آهي يا ٻيو ڪو مقصد ٿي سگهي ٿو. توهان مرد توڙي عورتون جيڪي هتي ويٺا آهيو، انهن کي غيرت ڪونهي ته ائين ٿيڻ نه کپي. توهان هن شهر ۾ رهو ٿا ۽ پاڻ کي انسان ۽ شريف انسان سڏايو ٿا. مون کي هن شهر ۾ رهڻ سبب سخت شرم محسوس  ٿو ٿئي. آئون ان هستيءَ جو قسم ٿو کڻان، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ته آئون هتي رهڻ ۾ وڌ ۾ وڌ شر محسوس ٿو ڪريان. توهان جي اخبارن ۾ جيڪو مواد ڇپيو آهي اهو جيڪڏهن دنيا جي سڀني ملڪن ۾ موڪلجي ته هر هنڌ ان تي شرم شرم جا نعرا گونجڻ لڳندا.

ٻئي طرف توهان پنهنجي تشهير لاءِ سڄي دنيا ۾ اها معلومات موڪليو ٿا ته اسلامي دنيا ۾ توهان جو ملڪ بهترين انساني فضيلت وارو ملڪ آهي. ڇا توهان سچ يا ڪوڙ لکو ٿا؟ ڇا توهان ۾ ايتري سچ لکڻ جي جرئت آهي ته يورپ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن کي ٻڌايو ته حيدرآباد شهر ۾ ائين به ٿئي ٿو. هڪڙي حيدر ان کي آباد ڪيو، پر ٻئي حيدر اچي ان کي ائين غير آباد ڪيو. هاڻي اهو حيدر آباد ڪونهي پر حيدر غير آباد آهي. اهو ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو! ڇا توهان ۾ همت آهي جيئن مون چيو ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ تفصيل موڪليو ۽ پوءِ وڃي اتي حيدرآبادي سڏايو. ڇا توهان ۾ ائين ڪرڻ جي همت آهي؟ ڇا ڪجهه غيرت باقي آهي؟ ڇا ڪو شرم باقي آهي؟ انسان جو ٻار جڏهن اهي ٻه شيون وڃائي ويهي ته پوءِ ٻڪ ۾ پاڻيءَ جي لپ کڻي نڪ ۾ وجهي. (ٻڏي مرڻ بهتر آهي)

اهو مذاق ڪونهي. ان تي هر هر روئڻ گهرجي. جڏهن انسان فضيلت ۽ انسانيت وڃائي ويهي ته پوءِ ڇا هو زندهه رهڻ جي قابل آهي. آئون پڇان ٿو ته جيڪڏهن لوڻ پنهنجي نمڪيات وڃائي ڇڏي ته پوءِ ان کي ڪهڙي شيءِ سان لوڻياٺ وارو بنائجي. ڇا ان کان ٻيو ڪو لوڻ آهي؟ اهو ئي ڪجهه شهر ۾ ٿي رهيو آهي. هاڻي اهو هن شهر جو حال آهي پر سڄي عمل کان وڌيڪ اصل ۾ خراب ڳالهه اها آهي ته اهو ڪم ڪهڙي ڏينهن تي ٿي گذريو!

خواتين و حضرات! توهان مونکي ٻڌائيندا ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو؟ ڇو ته مون کي ان سلسلي ۾ لاتعداد دعوت ناما ملي رهيا هئا. ان سلسلي ۾ عرس شريف، عيد ميلاد النبي، ربيع الاول ۽ ٻيائي ڪيترا نالا ايجاد ڪيا ويا آهن پر ان جي مقصد جي ڪنهن کي به ڄاڻ ڪونهي. اهو ڪير به نٿو ڄاڻي ته ان ڏينهن تي قرآن جو پيغام پهچائيندڙ پيغمبر نه فقط مبعوث ٿيو هيو پر وفات به ڪيائين. اهو منظر سندن نياڻي بي بي فاطمه رضه بيان ڪري ٿي ته رسول الله ﷺ جن کي مٿي جي سخت سور سبب تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. بي بي فاطمه کان دانهن نڪري وئي ’کرب ابا‘! هُن ايڏي تڪليف ۾ کين ڏسي روئي ڏنو. جنهن تي پاڻ مسڪرائيندي فرمايائون ته هر هڪ کي هي ذائقو چکڻو آهي. ”ڪل نفس ذائقة الموت“ آئون رفيق اعليٰ ڏانهن وڃان پيو. پر انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي جهنم ۾ ويندا، جن غلط ڪمن کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو. اهو منظر پڻ 12 ربيع الاول جو آهي. اها فقط عيد ميلاد النبي ڪونهي. جڏهن پهرين محرم اچي ٿي ته نغارا وڄن ٿا ۽ مسلمانن جو نئون سال شروع ٿئي ٿو گويا عبادت نغاري جي وڄڻ سان شروع ٿئي ٿي. جيئن عبدالقادر جيلاني چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڏينهن روئڻ جو آهي جنهن ڏينهن مسلمانن کي وڏي ۾ وڏو نقصان پهتو. آهي، جنهن لاءِ صدين کان وٺي وڏي آواز سان غم جو اظهار ڪندا اچو ته پوءِ اهو ڏينهن 12 ربيع الاول هئڻ گهرجي. جنهن ڏينهن اها روشني آئي جنهن نه فقط عربن ۽ مسلمانن کي پر سڄي دنيا کي منور ڪيو ۽ هڪ دفعو وري ان ساڳئي ڏينهن تي اسان جي اکين کان اها روشني گم ٿي وئي. ڇا اهو ڏينهن روئڻ لاءِ مناسب نه هو. اهو انسانيت لاءِ غمگين ڏينهن هو، جڏهن حضور ڪريم ﷺ جن هن دنيا مان رحلت فرمائي ويا. اهو 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي.

هڪ طرف ان ڏينهن تي شهر ۾ تقريبون ۽ ان ڏينهن جي ملهائڻ لاءِ هر قسم جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف وري شهر ڏوهن، براين ۽ غير انساني ڪمن جو مرڪز بنجي وڃي ٿو، جيڪو الفاظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، اهڙي ڪريل اخلاق جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو جو انسان جو ٻار ان بابت سوچي به نٿو سگهي. اهو سڀ ڪجهه ان ساڳئي ڏينهن تي ٿئي ٿو. هاڻي سوچيو ته مذهب ۽ انسان جي عمل ۾ ڪيترو ربط آهي؟ ڇا هن جي خيالات، احساسات ۽ عقائد ۽ ان جي عمل ۾ هم آهنگي آهي؟

ڇا هن لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سوچڻ ضروري نه هو ته ڪهڙو ڏينهن آهي. اهو ائين آهي جو پيءُ ماءُ جا لاش ڪفن ۾ پيا هجن پر پٽ ڪئنچي کڻي ان مان ٽڪرا ڪپي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ آڻي. ڇا ان کي تعزيت چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجي مئل ماءُ پيءُ جي لاشن سان اهڙيون ڪِريل ۽ ذليل حرڪتون ڪري، جيڪي اسان جي اڳيان رکيل هجن ۽ ان ڏينهن تي ٿين. ان صورت ۾ جڏهن سڄي شهر جو اهڙو ڪُڌو ڪردار رهيو آهي جو خدا، جنهن کي توهان حقيقي خدا سمجهو ٿا، چاهي ته هن سڄي شهر کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي! ”خس کم جهان پاڪ“. ڇا اهو مناسب نه آهي ته جڏهن سڄو شهر اهڙي نموني ڏينهن ملهائي ته پوءِ ڪا قوت سڄي شهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏي. ان ۾ ڪهڙو نقصان ٿي پوي ها! ڪجهه به نه! ڪجهه لک ماڻهو ۽ گهر سڙي وڃن ها. دنيا ۾ لکين ماڻهو آهن جيڪي وڌيڪ بهتر ۽ پاڪ زندگي گذارين پيا. جيترو گند ٿورو هوندو اوترو بهتر آهي جيئن مون چيو ته “خس کم جهان پاڪ”.

توهان جي باغ ۾ مالهي ڇا ٿو ڪري جڏهن هو گند ڪچرو ميڙي گڏ ڪري ٿو! هو ان کي ساڙي ڇڏي ٿو يا نه! اهو گند ڪچرو ڪيترو وقت پيو هوندو؟ جڏهن انسان مري ٿو ته توهان ڇا ٿا ڪريو؟ هن کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو ٿا. جيڪڏهن ڌرتيءَ تي ڇڏي ڏيندا ته اهو لاش ڌپ ڪري ويندو ۽ ان ۾ ڪيڙا پئجي ويندا. صفائيءَ لاءِ اهو ئي رستو آهي پوءِ ڇو نه خدا ائين ڪري ته ان گندگيءَ مان نجات ڏياري جيڪا وڌيڪ زندهه رهڻ جي قابل ڪونهي. پوءِ به چيو وڃي ٿو ته خدا ظالم آهي، جڏهن هو هڪ شهر کي تباهه ڪري ٿو جيڪو رهڻ جي لائق ڪونهي. آئون چوان ٿو ته اها ڳالهه عقل کان ٻاهر ڪونهي ته حضور ڪريم ﷺ جن جي وصال جو ڏينهن سمجهي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن پاڪ صاف ۽ فضيلت وارا انسان ٿي گذاريون، جيئن مون چيو اهي عورتون پنهنجي ايندڙ نسل جي ٻارن کي ڇا سيکارينديون، جيڪي اڄ پاڻ ٺڳي ۽ دوکيبازي ڪن ٿيون، جيڪي پنهنجو اصلي نالو بدلائي ووٽ ڏئي رهيون آهن. هر طرح جا گندا طريقا هڪ غلط ووٽ لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن. اهي ڪهڙي قسم جون مائرون آهن ۽ اهي پنهنجي انهن ٻارن کي ڇا سيکارينديون جيڪي پاڪستان جو ايندڙ نسل آهن. مون هڪ دفعي ان کي قبرستان سڏيو هو. ڇو ته انسان جڏهن پنهنجي پاڻ کي پاڪ سڏائي ٿو ته مون کي ان تي اعتبار ڪونه ٿو اچي. انسان هميشه ناپاڪ رهي ٿو. جيترو انسان پنهنجي پاڪائيءَ جي دعويٰ گهٽ ڪندو، اوترو بهتر آهي. آئون في الحال ان کي ايراني محاوري موجب ’سگستان‘ چوڻ پسند ڪريان ٿو. خدا نه ڪري جو پاڪستان جو نالو ائين تبديل ٿي وڃي! اها افسوس ناڪ ۽ ڏکوئيندڙ حقيقت هوندي. تنهنڪري اهڙا سٺا نالا نه رکو جو ان جي تقدس کي قائم نه رکي سگهو. اهو وڌيڪ بهتر آهي ته پاڻ کي ”حقير“ ”خاڪسار“ يا نماڻو سڏايو.

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجو نالو مڪمل طور تي نه لکيو آهي. آئون هميشه حقير لکندو آهيان ۽ آئون ان نالي سان ئي سڃاتو ويندو آهيان. ماڻهو ڀلي پاڻ کي بهتر نالي سان سڏائين، مون هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪري ڏٺي جنهن جو نالو نورجهان هو پر نور جهان تمام اٻالي ۽ ميرن ڪپڙن ۾ هئي. جنهنڪري مون ڇوڪريءَ کي چيو ته پٽ! تنهنجو ڪو ٻيو نالو رکيو وڃي ها. نور جهان اهڙي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. اهو وڌيڪ بهتر آهي ته سادا نالا رکو، جن کان مٿي اُڀري سگهو. ڇا آئون صحيح حواسن ۾ پيو ڳالهايان يا چريو آهيان ۽ سڄي ملڪ جي عقلمندن جي خلاف پيو ڳالهايان، بهرحال آئون اهو ئي محسوس ڪريان ٿو.

هاڻي مون کي تعجب آهي ته خواتين وحضرات! ڪيترا جيڪي هتي موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته هتي اليڪشن ڪهڙي مقصد لاءِ ٿئي ٿي. جمهوريت ڇا آهي! ووٽنگ جو رواج  ڇو پيو! اهو ڪهڙو مقصد پورو ڪري ٿو! شهري زندگيءَ جو ڇا مقصد آهي! سياسي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي! اهي سڀ وڏا مسئلا آهن. جيئن مون چيو ته منهنجي هڪ ڀاءَ آئين جي باري ۾ پڇيو، ٻئي ڀاءُ پڇيو ته زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي! مون کي علم نه آهي ته انهن کي مون ڪو جواب ڏنو يا نه! پر اهڙا لکين آئين ۽ جمهوري نظام ڇا ڪندا، جڏهن سڀ جو سڀ پينل ڪوڊ تباهه هجن ۽ هر مرد ۽ عورت ان کي تباهه ڪرڻ ۾ بهرو وٺندو هجي، پوءِ ڪهڙق قسم جو آئين ملڪ جي مدد ڪندو. انهن قانونن جو ڪهڙو فائدو، جيڪي اسان ٺاهيا آهن. جڏهن آئون چوان ٿو ته قرآن شريف ان تي زور ڏئي ٿو ته پهرين شيطان کان نجات حاصل ڪريو، پوءِ صاف نيت سان ڪم جي شروعات ڪريو. ڇا ان کان وڌيڪ ڪو آئين ٿي سگهي ٿو. پر هتي قرآني آئين جي اطاعت نٿي ڪئي وڃي. انهيءَ حالت ۾ حضور ڪريم ﷺ جن جي وفات واري ڏينهن ڪهڙي قسم جي آئين جي فرمانبرداري ڪئي ويندي، جڏهن صورتحال اها آهي ته پوءِ ڪهڙو منهن کڻي آئين جي باري ۾ ڳالهائجي.

الله تعاليٰ توهان کي قرآن ڏنو آهي. اهو آئين ۽ دستور موجود آهي. ان جو احترام نٿو ڪيو وڃي. ان جي فرمانبرداري نٿي ڪئي وڃي. ٻارهن مهينن ۾ ان ڏينهن لاءِ ذري برابر به غور نٿو ڪيو وڃي. اهو ناياب ڏينهن جنهن تي اهڙي شخصيت هن دنيا ۾ آئي وري ساڳئي ڏينهن موڪلائي وئي. توهان ڪڏهن ان واقعي جي باري ۾ سوچيو آهي ته اهو 12 ربيع الاول تي ٿيو. پر ان واقعي لاءِ حيدرآباد جي سٽي فادر ۽ مدرس لاءِ ڪا معنيٰ ڪونهي. اهي شام جو عرس جون گڏجاڻيون ڪن ٿا ۽ بهترين انتظام ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن تي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جي دعوت ڏين ٿا ۽ حضور ڪريم ﷺ جن کي ياد ڪن ٿا. وري صبح ٿيڻ تي چون ٿا ته اهي سڀ ڏوهه وڃي ڪريو جيڪي پينل ڪوڊ جي لسٽ ۾ آهن. اها عجيب و غريب ذهنيت آهي جيڪا مون کي شڪست ڏيو ڇڏي. ان ڪري ئي مون اهو موضوع توهان جي اڳيان رکيو آهي ته ان تي غور ڪريو.

اليڪشن جي باري ۾ مسلمانن کي فخر آهي. اسان چئون ٿا ته جمهوريت دنيا ۾ اسان متعارف ڪرائي آهي. اهڙي طرح اهي مسلمان، جن دنيا کي جمهوريت ڏني، اهي ئي اڄ ان لفظ کان ناواقف آهن ۽ اهي ئي ان شيءِ جي عملي انحرافي ڪن ٿا. توهان کي خبر آهي ته اليڪشن جو مطلب ڇا هو؟ مون هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙي جميعت ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کي سيڪريٽري، نائب صدر ۽ صدر مقرر ڪرڻا هئا. توهان کي خبر آهي ته مون ان ننڍڙي جميعت جي ميمبرن کي ڪهڙو مشورو ڏنو. مون چيو ته منهنجا ٻچا! وڃو ۽ اڄ سڄي رات سچيءَ دل سان دعا گهرو، ان طاقت کان، جنهن توهان کي پيدا ڪيو آهي ته توهان جي رهنمائي ڪري. الله تعاليٰ کان دعا گهرو ته اي پروردگار! اسان جي صحيح رهنمائي فرماءِ ته انهن چاليهن ماڻهن مان اهڙو شخص مقرر ڪيون جيڪو لائق هجي. جڏهن توهان اڌ رات تائين روئي دعا گهرو ته پوءِ صبح جو اچو ۽ مون کي ٻڌايو ته ڪهڙي شخص کي ڪهڙي عهدي تي رکون، جيڪو جميعت جي ڪم کي اڳتي وڌائي. توهان کي ٻڌايان ٿو ته اها جميعت سترهن سالن کان لنڊن شهر ۾ ڪنهن جي نگرانيءَ کان سواءِ ڪم ڪري رهي آهي. اها اڃان تائين منهنجي غير حاضريءَ ۾ به ڪم ڪري رهي آهي. انهيءَ جميعت ۾ ڪيترا جهونا به آهن جن شروع ۾ مون سان گڏ ڪم ڪيو، جيڪي اڃان تائين ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا. جيڪي نوان ميمبر ٿين ٿا، انهن کي خبر آهي ته ڪهڙي روايت تي اها قائم ڪئي وئي هئي، گذريل ڏينهن هڪ شخص مون کي خط لکيو ته جڏهن آئون اتي وڃان ٿو ته مون کي واقعي مذهب نظر اچي ٿو، پر ٻئي هنڌ فقط مذهب جي نقالي ڏسان ٿو، پر اتي مذهب ڪونهي. هتي هن ننڍڙي جميعت محسوس ڪيو آهي ته اهي ڇا جي لاءِ چونڊيا ويا آهن. اهي عهدن خاطر ڪونه ٿا اچن. اهڙا ڄاڻو ۽ صاف دل انسان جيڪي وقتي طور رهنمائيءَ لاءِ اچن ٿا. انهن جو ٻيو ڪو مقصد ڪونهي، سواءِ ان جي ته هو پاڪ صاف رهن ۽ سچائي سان ڪم ڪري ڏيکارين ۽ پاڻ مان وڌيڪ اهل کي اڳتي ڪن ۽ ان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪن. انهن جو مقصد ذاتي مفاد ڪونهي ۽ نڪو هو، وڌيڪ دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. يا شهر جي وڏي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. اهڙا شخص هر هڪ جي نمائندگي ڪن ٿا، باقي شيطان جي نمائندگي ڪن ٿا جن کان جانور به شرمسار آهن تنهنڪري توهان مان جيڪڏهن ڪي مرد ۽ عورتون جرئتمند آهن ته انهن کي سامهون چئو ته پاڻ کي سٽي فادر يا مدر سڏائڻ بدران ٻڏي مرو! توهان کي غيرت ڪونهي! اڃا اهڙو انسان پيءُ يا ماءُ ٿي سگهي ٿو، جيڪو سنئون سڌو باهه جي کڏڏانهن وٺي وڃي ٿو.

خواتين وحضرات! اها مذاق ڪونهي پر گنڀير مسئلو آهي. مون توهان کي گوئٽي جو قصو ٻڌايو هو ته جڏهن لزبن ۾ زلزلو آيو هو ۽ اڃان نوجوان هو ته هن پنهنجي پاڻ کان پڇيو ته ڇا اهو خدا رحيم آهي، جنهن ڌرتيءَ جي هڪ زلزلي ۾ سٺ ستر هزار مرد، عورتون ٻار  زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيا. انهن ۾ ضرور ڪجهه سٺا انسان به هوندا. جيڪڏهن الله تعاليٰ رحيم هجي ها ته انهن سڀني کي هڪ منٽ ۾ دفن نه ڪري ها. لزبن وارو زلزلو لڳ ڀڳ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ ٿيو هو. گوئٽي جو اهو پهريون رد عمل مون کي تڏهن معلوم ٿيو، جڏهن مون ٿوري جرمن ٻولي سکي. اهو پڙهڻ کان پوءِ آئون پاڻ به ٿورو غمگين ٿيس ۽ مون سوچيو ته اهو بلڪل صحيح سوال پڇيو ويو آهي. ليڪن پوءِ اها منهنجي خوش نصيبي هئي جو حضرت ابوبڪر صديق رضه بابت پڙهيم. اهو ساڳيو سوال کانئس پڇيو ويو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سٺي ۽ خراب شخص کي ساڳئي وقت سزا ڏني وڃي. جيئن اهو واقعو ٿيو هو. هن وراڻيو هو ته مون اهو ساڳيو سوال حضور ڪريم ﷺ جن کان پڇيو. پاڻ فرمايائون، اي ابوبڪر! اهو ان ڪري جو ڪيترائي ڏوهي ۽ مجرم ان شهر ۾ رهيا پئي ۽ ڪيترن انهن کي اهڙي خراب زندگي گذاريندي ڏٺو پئي پر ڪنهن به انهن کي تنبيه نه ڪئي. ڪنهن انهن جي اخلاقي حرڪتن خلاف آڱر نه کنئي اهي انهن تي کلي ۽ مذاق ڪري رهيا هئا، ڄڻ ته انهن جو ڪو واسطو ڪونه هو.

جڏهن هڪ جماعت خراب عمل ڪري ۽ ٻي جماعت ان جي روڪ ٿام لاءِ ڪجهه نه ڪري، ۽ ائين لڳي ته اها جماعت مئل آهي، جنهن ۾ ڪو روح ڪونهي، ڪا غيرت ڪونهي، جنهن ۾ سڀني کي ملائي هلڻ جي قوت ڪونهي، اهڙي جماعت مئل چئجي. تنهنڪري ٻنهي کي مئل سمجهي دفن ڪيو وڃي. اهڙي طرح اهي هر لحاظ کان مئل آهن، پوءِ انهن کي ڇو نه دفن ڪري ڇڏجي. جيئن آئون چوان ٿو ته مرده جسم کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اسين ان کي دفن ڪريون ٿا. جڏهن پنج ڄڻا گناهه ڪن ٿا ته باقي پنج انهن تي کلن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن عورت جي ڪير بي عزتي ڪري رهيو آهي ته ٻيو چوي ٿو ته اهو منهنجو ڪم نه آهي. جڏهن ڪنهن ٻار کي ماريو وڃي ٿو ته ٻيو چوي ٿو ته ڀلي جيڪو وڻين سو ڪن. آئون پڇان ٿو ته ڇا اهڙا شخص زنده رهڻ جي لائق آهن. جيڪڏهن نه ته، پوءِ ڇو ٿا چئو ته الله تعاليٰ ظالم آهي. الله تعاليٰ اهڙن انسانن کي ختم ڪري صفائي چاهي ٿو، جيئن مالهي باغ جي صفائي ڪري اهو گند ڪچرو ساڙي ڇڏي ٿو. “خس کم جهان پاڪ”.

اليڪشن يا انتخابات جي اهميت تمام گهڻي آهي ۽ ان جو فلسفو تمام وڏو آهي. حضرت ابوبڪر جي پهرين سال کان وٺي اڄ تائين اليڪشن جي تاريخ جي پوئواري ڪريو، پوءِ توهان کي جمهوريت ۽ ان جي معنيٰ معلوم ٿي ويندي. حد ته اها آهي ته اليڪشن جو صحيح تصور يورپ ۽ آمريڪا به سمجهي ۽ اپنائي نه سگهيا آهن. آئون انهيءَ جي تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان، ڇو ته ان لاءِ گهڻو وقت گهرجي. آئون توهان کي صرف ايترو ٻڌايان ٿو ته اليڪشن مسلمانن جو اعليٰ ترين مرتبي وارو ادارو آهي، اها خدائي مقصد سرانجام ڏي ٿي! سڄي دنيا اليڪشن جو تصور مسلمانن کان حاصل ڪيو. پر هينئر اهو تباهي طرف گامزن آهي ۽ اها ساڳي حالت يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهي، جتي ان جو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي. البت ان جي تڪميل خدائي طريقي ۽ هدايت سان ٿي سگهي ٿي. صرف ان صورت ۾ توهان محسوس ڪري سگهندا ته توهان ڪيڏي نه املهه وٿ جا مالڪ هئا ۽ توهان ان کي ڪيئن ضايع ڪندا رهيا آهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org