سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:34 

مير علي شير قانع (1140 کان 1203هه)

ارڙهين صدي، سنڌ جو وڏو اهل قلم، مؤرخ ۽ شاعر هو، هن ڪلهوڙن جو زمانو ڏٺو. هن جا وڏا ايران مان هجرت ڪري سنڌ پهتا هئا. غلام شاهه ڪلهوڙي کيس سنڌ جي تاريخ لکڻ تي مامور ڪيو.

هن ٻارهن سالن جي ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري سالن تائين قلم سندس هٿ ۾ رهيو. پير حسام الدين سندس ٻائيتاليهه تصنيفن جا نالا ڄاڻايا آهن. جن مان گهڻا مشهور هن ريت آهن:

(1) تحفة الڪرام                      (2) مقالات الشعراء

(3) مڪلي نامه                       (4) معيارِ سالڪان طريقت

(5) طومار سلاسل گزيده               (6) قصائد قانع

(7) مثنوي ختم السلوڪ

قانع جي تصنيفن ۾ اهڙن ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي هينئر دنيا ۾ ناياب آهن، جنهن مان هن جي علمي استعداد ۽ سنڌ جي تايخي شهر ٺٽي جي علمي حيثيت جي خبر پوي ٿي.

 [29]

اقبال جو فلسفه خودي

ڊيڪارٽ فليسوف (1650-1596)

هو ننڍپڻ کان صحتمند جسم وارو ڪونه هو، سورهن سالن جي عمر ۾ هو پيرس آيو، هو پيدائشي ذهين هو، پر هن پڙهڻ ڏانهن خاص توجهه ڪونه ڏنو. 21 سالن جي عمر ۾ هو فوج ۾ داخل ٿيو، هن جي بقول 1619 ۾ اوچتو هن محسوس ڪيو ته مٿس روشنيءَ جو وڏو پرتو پيو آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي سچ جي ڳولا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

ڊيڪارٽ سائنسي مزاج رکندڙ هو ۽ هن پنهنجي لاءِ رياضياتي طريقه ڪار جو انتخاب ڪيو. هن جو بنيادي مفروضو هو ته اسان پهريائين ڪنهن به شيءِ کي سچ نه سمجهي پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪريون، مطلب هر شيءِ بابت شڪ سان شروعات ڪريون، هو چوي ٿو ته هر خواب لاءِ ڏسندڙ جو هئڻ ضروري آهي جيڪڏهن ڪو خواب ڏسندڙ ئي ناهي ته پوءِ خواب ئي نه رهندو. انڪري ڊيڪارٽ هن نتيجي تي پهتو، ’اها حقيقت ته مان سوچيان ٿو، ان مان پتو پوي ٿو ته ڪا شيءِ آهي جيڪا سوچ واري آهي‘.  هاڻي سوال آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. ’اهو درحقيقت آءٌ پاڻ آهيان‘. اهو ان سوال جو جواب آهي. ان ڪري اسين چونداسين ’آءٌ سوچيان ٿو تنهنڪري آءٌ آهيان‘ انگريزيءَ ۾ ان کي هڪ جملي ۾ هينئن ادا ڪري سگهجي ٿو. I think therefore I am. باقي سندس اصلي الفاظ هن ريت آهن Cogito ergo sum.

گويا هو ٻڌائي ٿو ته ’مان سوچ رکندڙ شيءِ آهيان‘. پر ان سوچ لاءِ منهنجو هجڻ ضروري آهي، يعني مان آهيان ۽ مان هڪ زنده روح آهيان‘. هو ان کي بنيادي حقيقت يا سچ قرار ڏئي ٿو ۽ ان تي پنهنجي فڪر جي عمارت تعمير ڪري ٿو.

]20 عظيم فلسفي- مترجم قاضي جاويد، ص 114 ۽ 115[

***

ٽينيسن، الفريڊ (1802-1892)

هو وڪٽورين عهد جو ملڪ الشعرا سڏجي ٿو ۽ ان عهدي تي هو چاليهه سالن تائين فائز هو. سندس شاعريءِ مترنم هجڻ ڪري گهڻي مقبوليت ماڻي. البت ان ۾ خيال جي گهرائي گهٽ هوندي هئي جنهنڪري مٿس اها تنقيد به ٿيندي رهي.

هن جي تخليقات ۾ يوليسز سندس عهد جي نمائنده تخليق آهي جنهن ۾ هو پنهنجي عهد جي هيرو صفت ڪردار کي چِٽي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن کي زور شور سان پيش ڪري ٿو ۽ اهائي سندس خاص سڃاڻپ آهي.

[The World Literature, P. 438]

 [32]

ڪتاب کان وڌيڪ تحفو ڪونهي

الحڪم

اسپين ۾ اموي خلافت جو پايو وجھندڙ عبدالرحمٰن الداخل هو جيڪو 675ع ۾ عباسين جي اقتدار کان ڀڄي اتي پهتو هو. انهيءَ خاندان ۾ الحڪم ثاني اسپين تي 921ع کان 976ع تائين نهايت عاليشان حڪمراني ڪئي. هن قرطبه جي شهر کي وڏي ترقي ڏني جنهن ۾ هن مسجدون، مدرسا، اسپتالون، باغ، عوامي حمام ۽ رستا ٺهرايا. هن قرطبه يونيورسٽيءَ کي ان دور جو عظيم الشان تعليمي ادارو بنائي ڏيکاريو. مسلمان مؤرخ المقري هن سلسلي ۾ لکي ٿو.

”خليفو حڪم ادب ۽ علم و فضل ۾ پنهنجي سڀني وڏن کان گوءِ کڻي ويو. هن دور دراز علائقن مان ڪتابن آڻڻ لاءِ باقاعدي گماشتا مقرر ڪيا جن کي ڪتابن آڻڻ لاءِ وڏيون رقمون ڏنيون وينديون هيون. هن مشرق يعني باقي اسلامي دنيا جي مشهور مصنفن کي وڏا انعام ڏنا ته جيئن ڪتابن جي اشاعت کي فروغ ملي ۽ ڪتابن جا پهريان نقل وٽس پهچن. هن کي جڏهن پتو پيو ته اصفهان جي ابوالفرج ’ڪتاب الآغاني‘ تصنيف ڪيو آهي ته هن سون جا خالص هڪ هزار دينار ڏانهس موڪليا جنهن پنهنجي ڪتاب جو پهريون (Edition) نقل ڏانهس موڪلي ڏنو“.

ابن خلدون لکي ٿو ته حڪم کي علوم و فنون سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هن پنهنجي وقت جي وڏن عالمن ۽ فاضلن کي پاڻ وٽ جمع ڪيو هو. هن جي ڪتب خاني جي فهرست چاليهن جلدن تي مشتمل هئي. حڪم جي شاهي محل ۾ ڪتابت جو هڪ وڏو ادارو قائم هو جتي ڪاتب ۽ جلد ساز هر وقت ڪتابن جي ڪم ۾ مشغول هوندا هئا. خليفو حڪم پاڻ ڪتابن تي حاشيا لکندو هو. هن نه صرف مقامي بلڪ ٻاهرين عالمن جي به قدرداني ڪئي. هن جي دور ۾ اسپين اندر هر شخص لکي پڙهي ڄاڻندو هو. صرف قرطبه جي شهر ۾ ستاويهه اسڪول موجود هئا جتي مفت تعليم ڏني ويندي هئي.

]اسلامي تهذيب ول ڊيورانٽ- اردو ترجمو- ص. 197 ۽ 198[

]تاريخ اسلام- اردو- سيد امير علي- ص. 231[

رچرڊ اول (1199- 1189)

هو نسلي طور انگريز نه هو. پر جڏهن کيس انگلينڊ جي بادشاهي ملي ته هو يروشلم يعني بيت المقدس کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي ٽين صليبي جنگ ڪوٺجي ٿو. هن کي بهادر هجڻ ڪري شيردل (Lion Heart) جو لقب مليل هو. هن تخت نشين ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ لنڊن ۾ يهودين جو قتل عام ڪرايو. هو يروشلم کي فتح نه ڪري سگهيو ۽ ناڪام واپس ٿيو.

]تاريخ انگلستان پر طائرانه نظر- ص. 33[

***

خليفي مامون جي ڪتابن سان محبت. ’اٺ ڪتابن جو اصطلاح‘

مشهور انگريز ليکڪ ۽ سماجي مؤرخ ڊريپر هن باري ۾ لکي ٿو.

’خليفي مامون بابت روايت آهي ته هن جي زماني ۾ دارالحڪمت جيڪو هن بغداد ۾ قائم ڪيو هو، ان لاءِ ڪتاب اٺن جي قافلي تي کڻي ايندا هئا. هن سلسلي ۾ هن يوناني حڪمران ميڪائيل ثالت سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان ۾ اهو شرط به شامل هو ته قسطنطنيه جو پورو ڪتب خانو سندس حوالي ڪيو وڃي. چون ٿا ته ان خزاني ۾ بطليموس Ptolemy جو علم هيئت بابت اهو ڪتاب شامل هو جنهن کي عربيءَ ۾ ترجمي کان پوءِ ان جو نالو ’المجسطي‘ رکيو ويو. اهو وقت هو جڏهن فاطمين مصر جي ڪتب خاني ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب هئا ۽ اندلس جي عظيم الشان ڪتب خانن ۾ انهن جو تعداد ڇهن لکن کان مٿي هو. جن جي فهرست چاليهن جلدن کان مٿي هئي. اندلس ۾ شاهي ڪتب خاني کان علاوه ٻيا ستر سرڪاري ڪتب خانا اهڙا هئا جتي هر ماڻهو وڃي انهن جو مطالعو ڪري سگهندو هو. ذاتي ڪتب خانا ان کان علاوه هئا. هڪ عالم بابت عام روايت آهي ته جڏهن بخارا جي حاڪم کيس پاڻ وٽ اچي رهڻ جي دعوت ڏني ته هن اهو عذر پيش ڪيو ته صرف ڪتابن کي منتقل ڪرڻ لاءِ کيس چار سؤ اٺن جي ضرورت پوندي.

اسان جي خيال ۾ سنڌيءَ ۾ ان چوڻيءَ ’اَٺ ڪتابن جا پڙهيو آهي‘ جو اهي پس منظر آهي.

]اردو ترجمو ڊريپر- معرڪه مذهب و سائنس- ص. 223[

[A History of conflict between Religion and Science]

***

اقبال جو ڪتابن بابت روئڻ

علامه اقبال مسلمانن جي عظيم الشان ميراث ڏانهن اشارو ڪيو آهي يعني اهي ڪتاب جيڪي مسلمان عالمن، سائنسدانن ۽ فيلسوفن جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ اسلام جي آمد بعد ۽ وچين دور يعني اٺين صديءَ کان پندرهين صديءَ تائين تحرير ڪيا. سورهين ۽ سترهين صدي عيسوي جنهن سان يورپ ۾ نئين سجاڳي ۽ اصلاح جي تحريڪن جنم ورتو ۽ اڳتي هلي مغرب وارا مسلمان ملڪن تي قابض ٿيڻ لڳا، جنهنڪري مسلمانن جو زوال اچڻ لڳو. انهيءَ دوران مغرب وارن هر لحاظ کان علم جي سرپرستي ڪئي ۽ اسلامي دنيا مان ڪيترائي قلمي ڪتاب ۽ نسخا کڻي وڃي پنهنجن علمي ادارن جهڙوڪ آڪسفورڊ جي بوڊلين لئبرري، ويانا، جرمني ۽ فرانس ۾ گڏ ڪيا. اقبال ’بانگ درا‘ ۾ ’خطاب به جوانان اسلام‘ ۾ نوجوانن کي خطاب ڪندي ڪجھه بند هن ريت چيا آهن.

تجهه آبا سي اپني کوئي نسبت هو نهين سکتي

که تو گفتار، وه کردار، تو ثابت، وه سيارا

حکومت کو تو کيا رونا که وه اک عارضي شي تهي

نهين دنيا کي آئين مسلم سي کوئي چارا

مگر وه علم کي موتي کتابين اپني آبا کي

جو ديکهين ان کو يورپ مين تو دل هوتا هي سيپارا

اها حقيقت آهي ۽ اهي ڪتاب اڄ به مغرب جي علمي ادارن ۽ مرڪزن ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

]ڪليات اقبال بانگ درا، ص. 208[

***

چار سؤ اُٺ ڪتابن کڻڻ لاءِ گهرجن.

هتي علامه صاحب ان ڳالهه لاءِ نڪلسن جو حالو ڏنو آهي. پر نڪلسن کان اڳ بلڪ سڀ کان پهرين اها حقيقت گبن جهڙي مؤرخ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’رومي سلطنت جو زوال ۽ خاتمو‘ ۾ ڪئي آهي. ان کان پوءِ اها ساڳي ڳالهه ڊريپر ۽ آخر ۾ ول ڊيورانٽ جهڙي مؤرخ ڪئي آهي. هو لکي ٿو.

ذاتي ڪتب خانا ته بي شمار هئا ۽ امير ماڻهن ۾ ڪتابن رکڻ جو رواج عزت ۽ شرف جو باعث هو. هڪ عالم بخارا جي سلطان جي دعوت ان ڪري رد ڪئي جو چورائي موڪليائين ته کيس پنهنجا ڪتاب منتقل ڪرڻ لاءِ چار سؤ اٺ گهربل هئا. الواقدي مرڻ وقت 600 صندوقون ڪتابن جون ڇڏيون ۽ هر صندوق ايڏي ڳوري هئي جو ان کي کڻڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو گهربل هئا. ڏهين صديءَ ۾ صاحب ابن عباد جهڙي بادشاهه وٽ ايڏا ڪتاب هئا جو ان وقت ايترا ڪتاب پوري يورپ ۾ نه هئا.

]اسلامي تهذيب کي داستان - اردو ترجمو- ص. 123- 124

اصلي حوالو گبن- تاريخ جلد- چوٿون- ص. 411

فارس جي علمي ۽ ادبي تاريخ- براؤن جلد پهريون- ص 275[

***

خزان مين مجهه کو رلاتي هي ياد فصل بهار

خوشي هو عيد کي کيون که سوگوار هون مين.

اقبال جو هي شعر ’بانگ درا‘ ۾ ملي ٿو جنهن جو عنوان آهي ’عيد پر شعر لکهني کي فرمائش کي جواب مين‘.

]ڪليات اقبال اردو- ص. 242[

***

نڪلسن (1868ع-1945ع)

انگريز مستشرق جيڪو ساري عمر ڪئمبرج يونيورسٽيءَ سان وابسته رهيو. اسلامي تصوف سندس تحقيق جو خصوصي ميدان هو. هو مشهور مستشرق اِي- جي- براؤن جو شاگرد هو. نڪلسن جي تصنيفات ۾ ڪشف المحجوب ۽ تذڪرة الاوليا جي انگريزي ترجمن کان علاوه ابن عربيءَ جي ترجمان الاشواق ۽ منتخب ديوان شمس تبريز جو ترجمو شامل آهن. هن جو آخري وڏو ڪارنامو مثنوي روميءَ جو مستند فارسي متن سان گڏ ان جو انگريزيءَ ۾ مڪمل ترجمو آهي جيڪو سندس اعليٰ قابليت جو شاهد آهي.

علامه اقبال جي مثنوي ’اسرار خودي‘ جڏهن پهريون دفعو 1908ع ۾ فارسي ۾ شايع ٿي ته نڪلسن ان کان متاثر ٿيو ۽ آخر ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. نڪلسن عربي ٻوليءَ جو گرامر ’صرف و نحو‘ تي به انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو ۽ ان کان سواءِ ’عربي ادب جي تاريخ‘ Literary History of Arabs به مڪمل ڪيائين.

نڪلسن جي لائق شاگردن ۾ اي- جي- آربري پڻ تصوف جي ڪيترن ڪتابن کي ترجمو ۽ ايڊٽ ڪيو. هن قرآن شريف جو به فصيح انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

]انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام- لاهور- جلد 22- ص. 444[

لائٽ ٽو ايشيا Light to Asia

هن ڪتاب جو مصنف ايڊون آرنولڊ آهي ۽ هن هي سمورو ڪتاب 1879ع ۾ نظم ۾ لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ هو مهاتما ٻُڌ جي تعليمات کي بيان ڪري ٿو. اهو ئي ڪتاب آهي جنهن جي ذريعي مغرب مهاتما ٻُڌ جي تعليمات سان روشناس ٿيو. ڪتاب جو ٻيو نالو ’وڏو تياڳ‘ يعني The Great Renunciation به آهي .

***

جامي، عبدالرحمٰن (817ع-912ع)

مولانا جامي فارسي زبان جو آخري وڏي ۾ وڏو صوفي شاعر ۽ نثر نويس هو. نثر ۽ نظم ۾ سندس ڪيتريون تصنيفون آهن. نثر ۾ نفحات الانس آهي جنهن ۾ ڇهه سو کان وڌيڪ صوفين ۽ عارفن جي زندگيءَ جو احوال آهي ته لوائح- لوامع ۽ بهارستان ۾ نثر سان گڏ نظم ۾ به آهي. مولانا جامي نقشبندي سلسلي سان وابسته هو ۽ شروع ۾ سعد الدين ڪاشغريءَ کان بيعت ٿيو پر آخر ۾ خواجه عبيدالله احرار سان سندس تمام گهڻي عقيدت هئي. جنهن جي نسبت سان مثنوي تحفة الاحرار لکيائين. سندس ست مثنويون ’هفت اورنگ‘ نالي سان مشهور آهن. اهڙيءَ طرح سندس ضخيم ديوان به موجود آهي.

’لوائح‘ ۾ هو توحيد وجوديءَ جي ابن عربيءَ جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سمجھاڻي ڏئي ٿو. اهو مختصر ڪتاب آهي جنهن ۾ اعليٰ نثر سان گڏ متصوفانه رباعيون به آهن. اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ونفيلڊ ترجمو ڪيو آهي ۽ اردوءَ ۾ ان جا ڪيترائي ترجما ٿيا آهن جن ۾ نظم جا نام ۾ ترجما به موجود آهن. هن هرات ۾ وفات ڪئي جتي هو مدفون آهي.

***

مامون (786ع- 833ع)

هو ستون عباسي خليفو آهي جنهن جو دورِ حڪومت 813ع کان 833ع تائين آهي. هن کي روشن خيال حڪمران چئي سگهجي ٿو ان ڪري جو هن روايتي علومن کان علاوه سائنس جي سرپرستي ڪئي. هن بغداد ۾ ’دارالحڪمت‘ قائم ڪيو جتي يوناني فلسفي ۽ علمن جي ترجمي جو ڪم شروع ٿيو. هن بلا تخصيص مذهب وقت جي عالمن جي سرپرستي ڪئي. جنهن ڪري ان وقت جو بغداد دنيا جي تاريخ ۾ علم ۽ سائنس جو مرڪز بنجي ويو.

مامون کي ڪتابن ۽ علم سان وڏو اُنس هو. ايتري قدر جو هن هڪڙو وفد قسطنطنيه جي بادشاهه ڏانهن ڏياري موڪليو ته جيئن اهي يوناني ڪتاب حاصل ڪري سگهجن. اهو مامون جي غير معمولي علمي سرپرستيءَ جو مثال آهي جو الخوارزمي جهڙا رياضيدان بغداد ۾ پهتا جنهن الجبرو المقابله جهڙو بي مثال ڪتاب تحرير ڪيو. جنهن جي ڪري الجبرا جهڙو علم ايجاد ٿيو ۽ الخوارزميءَ کي بجا طور جديد رياضيءَ جو باني سڏيو ويو آهي. هن جي دور ۾ ڌرتيءَ جي گهيري جي ماپ کي وڌيڪ درست ڪيو ويو ۽ ڌرتيءَ جو نقشو تيار ڪيو ويو. مامون کي ننڍپڻ ۾ سٺي تعليم ۽ علمي ماحول مليو هو تنهن ڪري هن خليفي ٿيڻ کان پوءِ به علمي ذوق شوق جاري رکيو. ايتري قدر جو هو علمي مباحثن ۾ خود شريڪ ٿيندو هو ۽ منطق ۽ ڪلام ۾ مهارت رکندڙ هو. اهو ئي سبب آهي جو مٿس عقليت غالب هئي ۽ هو پاڻ معتزلي فڪر جو مداح هو. ڪلام جي مشهور مسئلي ۾ ته قرآن مخلوق آهي يا غير مخلوق، هو معتزلي هجڻ سبب قرآن جي مخلوق هجڻ جو قائل هو، اهو ئي سبب آهي جو هن امام حنبل جهڙي عالم ۽ فقيھ کي قيد ڪرايو ۽ هن تي گهڻي سختي ڪئي.

پهريون مسلمان فلسفي يعقوب الڪندي پڻ مامون جي قائم ڪيل دارالحڪمت سان وابسته هو. هن ارسطوءَ ۽ ٻين يوناني مصنفن جي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد سون ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن ۾ علم هيئت، طبعيات، منطق، الاهيات، هندسه وغيره جهڙا موضوع شامل آهن.

]تاريخ فلاسفه اسلام- لطفي جمعه- ص. 22

Al- Mamun Micheal Coopenan 2006

***

[33]

اقبال جو پيغام

لهو مجهه کو رلاتي هي، جوانون کي تن آساني

هيءَ مصرع اقبال جي شعري مجموعي بال جبريل ۾ ملي ٿي جنهن جي پهرين مصرع هن ريت آهي:

ترے سوفے ہیں افرنگی ترے قالین ہیں ایرانی

ان نظم جو عنوان آهي:

ایک نوجوان کے نام

]ڪليات اقبال، اردو، ص 447[

بتون سي تجهه کو اميدين خدا سي نااميدي

مجهي بتا تو سهي اور کافري کيا هي.

          هي شعر بال جبريل ۾ ملي ٿو.

]ڪليات اقبال، ص 379[

***

ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين

ابهي عشق کي امتحان اور ڀي هين

هي شعر اقبال جي ’بال جبريل‘ ۾ ملي ٿو.

]ڪليات اردو، بال جبريل، ص 65[

***

در مسلمان مجو آن ذوق شوق

        هي اشعار به جاويد نامي ۾ خطاب به جاويد ۾ ملن ٿا جيڪي ٻارهين بند جي شروع ۾ اچن ٿا.

]جاويد نامه، ص 338[

***

علاو الدوله رڪن الدين

        هو اٺين صدي هجريءَ جو مشهور صوفي آهي جنهن ابن عربيءَ جي وجودي نظريي تي تنقيد ڪئي آهي، هن جو احوال مولانا جاميءَ جي مشهور تصنيف ’نفحات الانس‘ ۾ ملي ٿو، هتي علامه صاحب کي اشتباهه ٿيو آهي ته هن جو احوال لوائح جاميءَ ۾ آهي. لوائح جاميءَ ۾ 34 لوائح آهن جيڪي هڪ لحاظ سان ابن عربيءَ جي تصنيف فصوص الحڪم جي تشريح چئي سگهجن، انهن ۾ خالص تصوف جي سمجهاڻي ملي ٿي. علاوالدوله جا مڪتوبات ملن ٿا جيڪي ايران مان شايع ٿيل آهن.

]نفحات الانس مولانا جامي، چهل مکتوبات- علاوالدوله، تهران[

***

سردين صدي مقال اکل حلال

هي مصرع اقبال جي ’جاويد نامه‘ مان ورتل آهي، جنهن جي ٻي مصرع هن ريت آهي:

خلوت و جلوت تماشاي جمال

اهي اشعار ’خطاب به جاويد‘ جي عنوان سان شروع ٿين ٿا، جنهن سان جاويد نامي جي پڄاڻي ٿئي ٿي. اهي ڪل تيرهن بند آهن ليڪن هر بند ۾ ڪيترائي اشعار آهن

ڏهين بند جي شروعات هن شعر سان ٿئي ٿي:

دين سراپا سوختن اندر طلب

انتهايش عشق و آغازش ادب

هتي علامه صاحب صرف ٽي شعر آندا آهن، اڳتي وري ساڳي بند مان هيٺيون شعر ڏنو اٿس جيڪو اڳيئي هڪ تقرير ۾ اچي چڪو آهي:

به آدمي نر سيدي خدا چه مي چوئي

ز خود گريخته اي آشنا چه مي جوئي

 

بتون سي تجهه کو اميدين خدا سي نااميدي

مجهي بتا تو سهي اور کافري کيا هي.

هي  شعر اقبال جي هڪ غزل مان ورتل آهي جيڪو ’بال جبريل‘ ۾ ملي ٿو.

هيٺيان شعر ’خطاب به جاويد‘ جي ٻارهين بند جي شروع ۾ ملن ٿا:

در مسلمان مجو آن ذوق شوق

آن يقين آن رنگ و بود آن ذوق شوق

عالمان از علم قرآن بي نياز

صوفيان ردرنده گرگ و مود راز

گرچه اندر خانقاهان هائي هوست

کو جوان مردي که صهبادر کدوست

 ترجمو: تون هاڻي مسلمانن ۾ اهو جذبو ۽ شوق نه لهندين، هنن ۾ اهو پڪو يقين ۽ اها هلت يا روش به ڪونه ڏسندين، هينئر انهن جا عالم قرآن جي علم کان بي بهره آهن، هنن جا صوفي بگهڙن وانگر ڪچو کائيندڙ آهن، البت رڳو ڪلهن تي وڏا وار رکرائن ٿا، جيتوڻيڪ سندن خانقاهن ۾ ذڪر جي ظاهري هو هو گهڻي ٻڌجي ٿي، پر منجهن اهڙو مڙس ماڻهو ڪونهي جنهن جي مٽڪي ۾ مستيءَ وارو شراب هجي.

]جاويد نامه- حميد يزداني- ص 338

ڪليات اقبال- اردو- ص 379[

***

[36]

سائنس ۽ آرٽ جي تعليم

ميري دعا هي که تيري آرزو بدل جائي.

 

اقبال جي هيءَ مصرع ’ضرب ڪليم‘ مان ورتل آهي، پورو شعر هن ريت آهي:

تري  دعا  هي که هو تيري آرزو پوري

مري دعا هي که تيري آرزو بدل جائي.

]ڪليات اقبال- ضرب ڪليم، ص 174[

***

فريڊرڪ فان شلر (1759-1805)

هن کي غيرفاني ڊرامانگار ۽ شاعر چيو ويو آهي، هو دراصل مفڪر ۽ دانشور هو، سندس ڊرامانگاريءَ جرمنيءَ جي ننڍين رياستن کي متحد ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. شروعاتي زندگيءَ ۾ هن کي ڏيهه نيڪالي ملي ۽ هو جنيوا هليو آيو جتي سندس ڊرامن کي مقبوليت ملي. 1787 ۾ هو ويمر آيو جتي سندس ملاقات گوئٽي سان ٿي ۽ هن سان سندس مرڻ گهڙيءَ تائين دوستي قائم ٿي وئي. زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ هو ڪانٽ کان پڻ متاثر ٿيو، گوئٽي شلر جي باري ۾ هڪ دفعي چيو هو ته هو جرمن اديبن ۾ آخري وڏو ماڻهو آهي جرمنيءَ ۾ شلر کي عظيم سياسي اديب جي حيثيت حاصل آهي ۽ ٻئي کي ساڻس مٽ نٿو سمجهيو وڃي.

]مشاهير جرمني- فيروز سنز، 1970[

***

برائوننگ (1812 کان 1889)

برائوننگ ۽ سندس گهر واري ايلزبيٿ باريٽ انگريزي ادب ۾ باريٽ نالي عورت سان معاشقي ڪري گهڻو مشهور آهن، بلڪ باريٽ سان جڏهن برائوننگ جو عشق شروع ٿيو ته هو برائوننگ کان وڏي شاعر جي حيثيت رکندڙ هئي، حقيقت به اهائي آهي ته باريٽ انگريزي ادب جي بهترين شاعره آهي.

برائوننگ جو تعلق هڪ وڏي ۽ خوشحال گهراڻي سان هو، هن شاعري، موسيقي ۽ آرٽ جي باقاعدي تعليم حاصل ڪئي. برائوننگ پنهنجي شاعري ۾ ڪردارن جي خودڪلامي جي طرز کي اپنايو آهي جنهن جو بهترين مثال My Last-Duchess آهي.

برائوننگ وڪٽورين عهد جي اخلاقي ۽ ناصحانه انداز جي خلاف هو، هو پنهنجي خراب ڪردارن کي به خراب نٿو چوي. ڊوني وانگر هن کي به پنهنجي عهد ۾ ڪا پذيرائي ڪونه ملي بلڪ سندس شاعري کي مبهم ۽ بي معنيٰ سمجهيو ويو، هوڏانهن هو ان کي پنهنجي خاص طرز يا ٽيڪنيڪ چوي ٿو.

[The World Literature, P.62]

***

ٽالسٽاءِ (1828 کان 1910)

جڳ مشهور روسي اديب، هو پنهنجي خانداني جاگير ۾ پيدا ٿيو جتي هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، يونيورسٽي سطح تي ڪا خاص تعليم وٺي نه سگهيو ۽ 1851 ۾ فوج ۾ داخل ٿيو جتي هن ڪرائميا جي جنگ ۾ حصو ورتو. فوج مان سبڪدوشيءَ بعد هن يورپ جو دورو ڪيو پر اتي جي سماجي ۽ مادي حالتن بابت هو غيرمطمئن رهيو، 1862 ۾ هن شادي ڪئي ۽ 1865-1869 جي عرصي ۾ مشهور ضخيم ناول ’جنگ ۽ امن‘ لکيو، ڏهن سالن کان پوءِ هن ٻيو ناول ’ائناڪريننا‘ لکيو. ليڪن هاڻي هو ڪليسائي مذهب جي خلاف ٿي چڪو هو ۽ ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ لڳو، انهيءَ عرصي ۾ هن عيسائيت بابت پنهنجو نقطئه نظر واضح ڪيو. 1879 ۾ هن ’اعترافات‘ نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي مذهبي عقيدن ۽ نظرين جي وضاحت ڪئي. هن ذاتي ملڪيت جي تصور کي رد ڪيو ۽ انسان هٿان انسان جي استحصال جي مذمت ڪئي، ان دوران هن تصنيف ۽ تاليف کي جاري رکيو ۽ 1898 ۾ ’فن ڇا آهي‘ (What is Art) شايع ڪرايو، زندگيءَ جي پوين سالن ۾ هو پنهنجي عقيدن ۽ نظرين سبب گهر وارن لاءِ ناقابل برداشت ٿي پيو جنهن ڪري 1910 ۾ گهر ٻار ڇڏي ڏنائين. آخر هڪ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي مرده حالت ۾ سندس لاش مليو.

’فن ڇا آهي‘ ۾ هو ’ادب براءِ ادب‘ جي نظريي کي رد ڪري ٿو ۽ عالمي ادب جي ڪيترن شهپارن تي تنقيد ڪري ٿو. هو ادب ۾ مقصديت تي زور ڏئي ٿو ۽ انسان جي انسان سان محبت تي زور ڏئي ٿو. هن 1884 ۾ هڪ ننڍو ڪتاب لکيو جنهن جو عنوان هو ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ What is to be Done ۾ هن دولت ميڙڻ ۽ ان جي براين تي دل کولي لکيو تاهم هو اشتراڪي نظرين جي ويجهو نٿو وڃي، هن جو آخري ناول ’قيامت‘Resurrection  آهي.

ٽالسٽاءِ جي لکڻين کي عالمي شهرت ملي ۽ سندس ڪتاب دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن، سنڌيءَ ۾ ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ ترجمو ٿيل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو.

]ارسطو سي ايليٽ تک، ص 351-358

[World Literature, P.449

***

شمس تبريزي

مولانا جلال الدين رومي (604/1207-672/1273) اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو صوفي شاعر ليکيو وڃي ٿو، ليڪن اها حقيقت آهي ته منجهس غير متوقع روحاني انقلاب تڏهن آيو جڏهن هڪ درويش خدا مست شمس تبريزي قونيه ۾ هلي اچي ساڻس 642 ۾ ملاقات ڪئي، مولانا روميءَ جي سوانح ۾ انهيءَ ملاقات بابت ڏندڪٿائي انداز ۾ گهڻو مواد ملي ٿو، بهرحال انهيءَ ملاقات جي باري ۾ مولانا جاميءَ جهڙي عالم صوفيءَ ۽ شاعر ٻن مصرعن ۾ وڏي حقيقت هن ريت بيان ڪئي آهي:

مولوي هرگز نشد مولائي روم

تا غلام شمس تبريزي نشد

ترجمو: مولوي رومي تڏهن روم جي شهر قونيه ۾ مشهور ٿيو جڏهن شمس تبريزيءَ جي غلامي اختيار ڪيائين.

روميءَ مثنويءَ ۾ هڪ ٻن هنڌن تي شمس تبريزيءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ليڪن ’ديوان شمس تبريز‘ جيڪو مولانا روميءَ جي تصنيف آهي، پوري جو پورو ڏانهس منسوب ڪيو آهي، بلڪ گهڻو ڪري هر غزل ۾ شمس جو نالو آندو آهي.

مولانا رومي ۽ شمس تبريزيءَ جي روحاني محبت جهڙو مثال تصوف جي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي، تازو ترڪيءَ جي هڪ اديبه الف شفق ان محبت جي باري ۾ ’محبت جا چاليهه اصول‘ نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن کي علمي دنيا ۾ گهڻي شهرت ۽ مقبوليت ملي آهي ۽ اهو واقعي پڙهڻ وٽان آهي.

]جهان رومي- مرزا عبدالباقي بيگ، ص 40

شمس و رومي- عبدالمالڪ آروي، ص 41[

***

خودي مين گم هي خدائي تلاش کر غافل

يهي هي تيري لئي ادب صلاح کار کي راه.

هي شعر اقبال جي هڪ غزل جو هڪ بند آهي جيڪو بال جبريل ۾ موجود آهي.

]ڪليات اقبال- بال جبريل، ص 54[

***

هينري چوٿون

شيڪسپيئر ڪل ٻارهن تاريخي ڊراما لکيا جن مان اٺن جو تعلق انگلينڊ جي تاريخ سان آهي ۽ چار رومن تاريخ مان ورتل آهن، هينري چوٿون 1393 ۾ رچرڊ ٻئي جي قتل کان پوءِ بادشاهه ٿيو ۽ 1413 ۾ مري ويو.

[Alexandr’s Introdudions to Shakespear, P.111]

 

***

 [37]

خليفن جي دور ۾ جمهوريت

ارسطو (384 ق. م کان 322)

مشهور يوناني فيلسوف جيڪو افلاطون جو شاگرد هو. هن فلسفي کان علاوه منطق، تاريخ، رياضي، سياست، ڊراما، شاعري، طبيعات ۽ خطابت وغيره جهڙن مختلف موضوعن تي لکيو. ارسطو ئي سڪندراعظم جو استاد هو.

انساني فڪر ۽ علمن جي تاريخ ۾ ارسطوءَ جي استاد واري حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي. تيرهين صديءَ ۾ جڏهن بغداد ۾ مامون دارالحڪمت قائم ڪيو ته ارسطوءَ جي ڪتابن کي به ترجمو ڪيو ويو. يارهين صديءَ ۾ انهن جو لاطيني ترجمو ٿيڻ لڳو. بلڪ ٻارهين صديءَ ۾ اسپين جي شهر ٽوليڊو ۽ اٽليءَ جي شهر ۾ اهو وڏي پيماني تي جاري رهيو جتان اهو ڪم يورپ جي علمي مرڪزن ۽ يونيورسٽين تائين پهتو.

ان جو هڪڙو مثال ارسطوءَ جي تصنيف ’شاعري‘ Poetics جو ترجمو آهي جنهن جو 1498 ۾ عربيءَ کان لاطيني ۾ ترجمو ڪيو ويو. ڇو ته اصلي يوناني زبان ۾ متن پهريون دفعو يورپ ۾ 1508ع ۾ شايع ٿيو. گويا جڏهن ارسطوءَ جي وفات کي هڪ هزار اٺ سؤ سالن جو عرصو گذري چڪو هو. مطلب يورپ يوناني تصنيفن کان عربن جي ذريعي واقف ٿيو ورنه پوڻن ٻن هزار سالن تائين هو يوناني تصنيفن کان لاعلم هئا.

]ارسطو سي ايليٽ تک- ص. 92[

[Islamic Civilization in Thirty Lives- P. 177]

***

[38]

انساني حقن جو ڏهاڙو

 

مشهور فرينچ مصنف روسو (1712-1778)

هو عمراني يا سماجي معاهدي (Social Contract) جي ڪري سياسي فڪر ۽ ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو، جيڪو 1762 ۾ منظرعام تي آيو. سندس ٻين تصنيفات ۾ ’اعترافات‘ (Confessions) ۽ تعليم بابت ’ايملي‘ نالي ڪتاب پڻ گهڻا مشهور آهن. ’سماجي معاهدي‘ کي هو رياست جي وجود ۽ قانون جو بنيادي پٿر تصور ڪري ٿو ۽ ان لاءِ هُو سماجي معاهدي کي بنيادي حيثيت ڏئي ٿو. مطلب عوام درميان سماجي معاهدي کان سواءِ رياست وجود ۾ نٿي اچي سگهي. روسو هن ڪتاب ۾ انساني مساوات ۽ آزادي جي بنيادي تصور کي وٺي اڳتي وڌي ٿو ۽ هن وٽ اهو ئي قانون فطرت آهي. هو رياست جو اختيار يا طاقت عوام جي سماجي معاهدي مان اخذ ڪري ٿو. اهڙن انقلابي خيالن جي ڪري روسو جي هيءَ تصنيف ’انقلاب فرانس‘ جو پيش خيمو ثابت ٿي.

هتي علامه قاضي هن حقيقت جي نشاندهي ڪئي آهي ته روسو دراصل اسلام جي سياسي فڪر کان متاثر ٿيو هو ۽ هو ابن خلدون کان چڱيءَ ريت واقف هو. علامه صاحب جي چوڻ موجب اهو ’بيعت‘ جو تصور ئي هو جنهن کي کڻي روسو سماجي معاهدي جي شڪل ڏئي ٿو. روسو پاڻ ڪتاب جي آخر ۾ لکي ٿو.

”هن مسئلي ۾ حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي راءِ نهايت صحيح ۽ بروقت هئي جنهن پنهنجي سياسي نظام کي ان ريت مستحڪم ۽ مضبوط ڪيو هو. بلڪ سندس اهو قائم ڪيل طريقو هن جي خليفن جي وقت م به رائج رهيو جنهن ڪري سندن حڪومت متحد ۽ غير منقسم رهي ۽ اها هر لحاظ کان بهتر هئي.“

اصلي انگريزي عبارت هن ريت آهي:

Several peoples, however, even in Europe and its neigbbourhood have desired without success to preserve or restore the old system. But the spirit of Christianity has everywhere prevailed. The sacred cult has always remained or again become independent of the Sovereign, and there has been no necessary link between it and the body of the State. Mahomet held very sane views, and linked his political system well together: and, as long as the form of his Government continued under the Caliphs who succeeded him, that Government was indeed one, and so far good.

The Social Contact and Discourses:

Jean-Jacques Rousseau. P.271

]معاهده عمراني- اردو ترجمو- ص. 232[

***

 [39]

مذهب ۽ قانون

ميٿيو آرنولڊ (1888- 1822)

هو ٿامس آرنولڊ جو پٽ هو جيڪو اسڪول جو هيڊماستر هو. هن آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي هن 1883ع کان 1886ع تائين آمريڪا ۾ ليڪچر پڻ ڏنا. هو شاعر ۽ اديب هو ۽ آڪسفورڊ ۾ شاعر جي ڪرسي به ماڻي هئائين. انگريزي ادب ۾ وڪٽورين عهد ۾ کيس ٽينيسن ۽ برائوننگ کان پوءِ شاعر جي حيثيت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. شاعري بابت سندس نظريو هو ته اها سراسر خارجي ۽ گويا معروضي ۽ حقائق تي مبني هجڻ کپي جنهن ۾ ذاتي يا داخلي عنصر جي آميزش نه هجڻ کپي. هن سلسلي ۾ هن ڪيترا نظم به لکيا جن ۾ ’سهراب ۽ رستم‘ به ڳڻيو وڃي ٿو. ان ڪري هو مقبول عوامي شاعر نه ٿي سگهيو.

آرنولڊ شاعر سان گڏ هڪ وڏو نثر نويس به هو. نثر ۾ سندس تصنيفون تنقيدي مقالا ۽ ’تهذيب ۽ انتشار‘ Culture and Anarchy ’ادب ۽ ويساهه‘، ’خدا ۽ بائبل‘ نهايت اهم تصنيفون آهن. ’تهذيب ۽ انتشار‘ ۾ هو انگريز ذهنيت  کي مخاطب آهي. جنهن مان سندس مقصد انهن جي اخلاقي ۽ ذهن افق کي بلند ڪرڻ آهي. هن جي لکڻين ۾ وڏي ڪشش آهي جيڪي پڙهندڙ جي ذهن کي اُڀارين ۽ همٿائن ٿيون. جيتوڻيڪ هو ڪارلائل جي قبيلي جو اديب ته ڪو نه هو پر هو ماديت پرستيءَ کي تنقيد جو شڪار ڪري ٿو.

(هڊسن- ص. 276 ۽ 294)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org