سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :12

انهي ڏاڍ مڙسي جي زماني ۾ لاکي ڦلاڻي جو پيءُ ڦل وفات ڪري ويو. لاکو لوڙاين جي ساٿ سان گڏ هو جو هن کي ڪنهن پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائي بنهه ائين جو هن جي وفات جو ذڪر فقط مام پروڙڻ وارو ئي ٿي سمجهي سگهيو. هن جو پي لکين مڻ مٽي هيٺان بٺي ۽ دفن ٿي چڪو هو. شاعر چيو:

هڪڙا ڦل واڙئين ٻيا جي بُٺين ڌاڃ

لاکا آءُ مهراڻ، تو ري سڃو ڪاڇڙو.

لاکي جي نازڪ دل تي پيءُ جي مرڻ جي گهاءَ ڪاري ڌڪ هنيو ۽ هو قدرت جي ان اڻ ٽر عمل جي مقابلي لاءِ خانداني ذميدارين سنڀالڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي بيٺو. هن ڀڄ تعلقي ۾ ڪانهيرو نالي هڪ عظيم الشان ڪوٽ اوڏن کان ٺهرايو ۽ ڪانهيرو ڪوٽ يا ڪيرا ڪوٽ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين، غريب غربي آئي وئي ۽ ڪمزورن لاءِ هڪ آٿت بنجڻ جو وچن ڪيائين ۽ سخا جا درياهه وهائي ڇڏيائين ڀٽائي سائين سندس ان ڪيفيت ۽ حالت جو ذڪر هنن بيتن ۾ ڪيو آهي:

لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار

چٽائي چوڌار وانڍيون وک چرنديون.

هن سخا ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيا ۽ سنڌ جي ستن ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ شامل ٿي ويو ماڻهو هن کي اوتار سمجهڻ لڳا. ڪنهن شاعر چيو.

لاڇان لاکو جمنؤ ڄارس ري ٻڌ وار

لاکان پوت سموند ڪو، ڦول گهر اوتار.

جڏهن لاکو ڦلاڻو ڪيرو ڪوٽ اوڏن کان ٺهرائي رهيو هو، تڏهن هو هڪ حسينَ اوڏڻ هٿان دل وڃائي ويٺو بيلي اوڏ جي ڌيءَ جيڪا حسن جمال ۾ تخت راڻين کان ڪنهن به صورت ۾ موچاري ڪانه هئي، تنهن سان هن شادي به ڪئي ۽ سنڌ جي غريب نواز بادشاهه ڄام تماچي وانگر هڪ ميري مهاڻي جيان هڪ اوڏڻ سان ناتو ڳنڍيائين. ڀٽائي صاحب فرمايو:

لاکا لڄ سندياءِ آءٌ اگلي آهيان

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

لاکي لڄ کنئي اسان اوڏڻين جي،

ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.

ڪڏهن ڪڏهن ڄام لاکو، جڏهن ڪيرا ڪوٽ جوڙائي رهيو هو، تڏهن اوڏن وٽ اچي ڪري انهن سان ليکا چوکا ۽ ڪچهريون به ڪندو هو، ڀٽائي صاحب دعائيه انداز ۾ فرمايو:

اڏيو جو اوڏن سو ڍينگهر ڍلو نه ٿئي،

جنهن ڀر ويهي ڪن ليکو لاکي ڄام سين.

هن اوڏن کي اجهو به ڏنو ته سام به جهلي. هو لاکي ڄام جي ڪيراڪوٽ جي ڀر سان پنهنجا جهڳا اڏي ويهي رهيا. غريب اوڏ، لاکي جي پناهه ۾ هر ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ کان بلڪل آجا ٿي نظر آيا. ڪنهن شاعر چيو:

لاکا لک هئا، پر ڦلاڻي ڦير ٻيو،

آجا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جنهن جي.

لاکي غريب انسانن توڙي ساهوارن جي لاءِ ٿر ۾ ٻه تلاءِ به ٺهرايا هئا هڪ تلاءُ پنهنجي نالي سا لاکا راءِ تلاءُ ۽ ٻيو پنهنجي پياري زال اوڏڻ جي پيءَ بيلي اوڏ جينالي پٺيان بيلي راءِ تلاءُ ٺهرايا هئائين. مٿين نالن وارا تلاءُ اڄ سوڌو ڪڇ ڀڄ ۾ موجود آهن. چوندا آهن ته اوڏڻ کان اڳ ۾ يا اوڏڻ جي وفات کان پوءِ هن هڪ شهزادي مهر راڻي سان به شادي رچائي هئي، جيڪا ڪرن راجا جي ڌيءَ هئي. لاکي هن کي ڏاج ۾ لک بخشيا هئا ۽ وڏا ڏان ڏنا هئا. ڪنهن شاعر چيو:

لاکي لک بخشيا ڪرن بخشي ڪروڙ.

پر پوءِ مهر راڻي لاکي سان بيوفائي ڪئي، جنهن ڳالهه جي خبر لاکي ڦلاڻي کي هن جي وزير کل ڦل ٻڌائي، بس پوءِ ڇا ٿيو لاکي جو انسان ذات تان اعتماد ختم ٿي ويو ۽ هن ڪيترا سال اڳ جنهن ڏاڍي مڙس ۽ پنهنجي من جي ازگر کي لوليون ڏيئي ننڊ سمهاريو هو، سو هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو پوءِ هي مڇريل لاکو ڦلاڻي هو ۽ ريٻارا.

لاکي وري ساڳي ڪرت شروع ڪري ڏني اهي ئي لوڙيون اهيئي ڌاڙا. لاکو لکي ۽ ڪڇ جا مسڪين ماڻهو هن جي ڏاڍ جي زد ۾ هئا صبح ۽ شام ماڻهو هن جي ڏمر هيٺ هئا، ڀٽائي صاحب فرمايو:

لاکو لکي ته چڙهي لکي لاکي هيٺ،

سو نهاريون سر ڪيو، ڀيڙي ٻڌي بيٺ،

ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪنهين.

ڀٽائي جو پيغام.

جڏهن لاکي جا ظلم وڌي ويا ۽ هن جون ارڏايون اڻ جهل ٿي ويون، تڏهن مظلوم ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهن سوچيو ته لاکو ڇو ٿو لوڙيون هڻي، هن جي ڪري ته هو ستل آهن، بيخبر آهن ۽ غافل آهن، هنن کي ٻڌي ۽ ايڪو رکڻ گهرجي. ان صورت سان ئي هو هاڻن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا ۽ پاڻ تان لوڙيون ختم ڪري سگهن ٿا.

جاڳو جاڙيجا سما سُک مَ سمهو،

پسو ان پاران، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

پوءِ شايد حضرت لطيف سائين پنهنجي سر پاڻ ڪڇ ۾ پهچي ويو جاڙيجن ريٻارن ۽ مڙني ماڻهن لاءِ هڪ نئون نسخو ساڻ کڻي ويو ته اتفاق ۽ ايڪو ئي هر لاکي ڦلاڻي جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ ساٿ ۾ رهي ڪري ئي انسان سلامت رهي سگهي ٿو. ڀٽائي صاحب فرمايو:

جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين لڏ،

ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻي ڪڏهين.

جي ڀانئين وس چران ته سنگهارڻ سين گهار،

جنين سندي واڙ، چور نه اچي ڪڏهين.

ڀٽائي صاحب هي به پيغام ڏنو ته پنهنجي ٻني ۽ وني جي حفاظت پاڻ ڪجي ۽ ڌڻ ڌاري ڌارنه رهڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ گرگ ۽ گرگ زادا ڌڻ کي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا، ٻيو هي به پيغام ڏنائون ته هاڻو، ڌاڙيل ۽ لوڙائو ڪنهن جا به مٽ نه ٿيندا آهن، ظالم جو ڪوبه مائٽ وياءَ ۽ سنڱ نه هوندو آهي. هن جو ڪو مذهب عقيدو ۽ ايمان به نه ٿيندو آهي. سوين سال گذري ويا آهن لاکو لکي ۽ لطيف سائين سڀ لڏي ويا آهن، پر سنڌ ۾ اڄ به ساڳي صورتحال آهي، ڌاڙيل اڄ به ڪنهن جا مٽ نه آهن. هو سنڌ ڄايا آهن ۽ سنڌين جا ئي ويري آهن، هنن جي ظلمن ڏاڍ ۽ لٽ ڦر جو نشانو اڄ به اهي ساڳيائي سنڌ واسي آهن.

ڀٽائي صاحب ڌاڙيلن ۽ هاڻن جي ان اکٻوٽ روش کي ننديندي فرمايو:

ڌڻ ڌارڻ ڌار رهڻ اي نه سنگهارن سٽ،

ڪاهي ايندا ڪڏهين مٿي وانڍ وهٽ،

جي هاڻو هونئي مِٽ، ته به اوڊو لاهه م ان جو.

لاکي ڦلاڻي جو موت

ڳاهن ڳالهه ڪئي ته پوءِ لاکي ڦلاڻي کي سندس مامي راءِ کنگهار دعوت ڪري پاڻ وٽ گهرايو وڏا طعام تيار ڪرايائين ۽ وڏا ڀال ڀلائڻ جا ٺاهه ٺاهيائين، پر من ۾ مير رکي دولاب ڪري راءِ لاکي ڦلاڻي کي مارائي ڇڏيائين. لاکي جي موت جي باري ۾ شاهه صاحب ماڻهن جون ٻن قسمن جون رايون بيان ڪيون آهن. هڪ راءِ موجب ماڻهو لاکي جي موت تي خوش ٿيا آهن، ملڪ مان ڏولائو لهي ويو آهي ۽ بدامني ختم ٿي وئي آهي. شاهه صاحب فرمايو:

لکي ۽ لاکو ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،

وانڍن ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.

ٻي راءِ موجب، لاکو سنڌ جو سوره هو هن ظالمن جي ظلمن کان خلق کي نجات ڏياري ۽ ظلم حڪمران راءِ کنگهار لاءِ وڏيون انتظامي مشڪلاتون پيدا ڪيائين.

شاهه سائين جي نظر ۾ لاکو ڦلاڻي سدا سهڻو پهريل ۽ پوشاڪيل هڪ گهوٽ هو، هو سنڌ جو گهوٽ هو، هن جون ونيون ته مهرا راڻي ۽ اوڏڻ هيون، پر هو پنهنجي بهادري جي ڪارنامن سبب سدا جوان ۽ گهوٽ اڻ موٽ هو، ڀٽائي صاحب افسوس ۽ ارمان جي انداز ۾ ۽ دنيا جي بيوفائي جو ذڪر ڪندي فرمايو:

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ ڪڏهن مڙه مقام ۾،

واري سندو ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.

منهنجي راءِ موجب شاهه سائين لاکي ڦلاڻي جو قصو هيٺين ٽن سببن جي ڪري بيان ڪيو آهي:

1. سنڌ جي تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين کي جيڪي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جا صحيح سرچشما آهن، ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ انهن کي پنهنجي سپوتن کان واقف ڪرڻ، ڇو ته قومون پنهنجي شاندار ماضي کي سامهون رکي ڪري ئي مستقبل جي عمارت تعمير ڪنديون آهن.

2. سنڌ جي تمام گهڻن بهادرن ۽ سورمن کي ٻاهران آيل ماڻهن سنڌ جي اڻ پڙهيل عوام جي آڏو منفي انداز ۾ پيش ٿي ڪيو ۽ هر بهادر کي ڌاڙيل ڪوٺي ڪري، سنڌ جي مجموعي بهادري جي صفت کي تخريبي عمل سڏيندي پنهنجي اچڻ جو جواز ٿي پيش ڪيائون. ڪوڙ لکندڙ مؤرخين سنڌ جي بهادر سومري بادشاهه دلوارءِ جي ڪردار کي مسخ ڪيو ۽ سنڌ جي هر شخص جي زوال جي پٺيان دلوارءِ جو هڪ گناهن تي ٻڌل قصو ئي پيش ڪيو. محمود غزنوي جي منصوره کي برباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ديندار هباري بادشاهن لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو ته اهي قرمطي بنجي ويا هئا. مظهر شاهه جهاني جي مصنف ميرڪ يوسف سنڌ جي بهادر ذاتين چانڊين، سميجن، انڙن، لاکن، جتوئين، ڌاريجن ۽ پنهورن کي ڌاڙيل ڪوٺيو آهي. شاهه بيگ ارغون آڏو بکر شهر ۾ قاضي قاضن ڌاريجن جي باري ۾ اهو مشورو ڏنو هو ته اهي ڪانڊيرا آهن انهن کي صاف ڪرڻ بهتر آهي. ته مخدوم بلاول کي ٻاهران آيل حڪمرانن جي طرفدار عالمن ڪافر جي فتويٰ صادر ڪري ئي قتل ڪرايو هو. مٿين ڳالهين ۽ مڙني تاريخي واقعن کي ذهن ۾ رکندي حضرت لطيف سائين لاکي ڦلاڻي جو سچو قصو سمورن حقيقتن سوڌو اسان جي آڏو رکيو، ان ۾ لاکي ڦلاڻي جي بشري ڪمزورين جو به ذڪر ڪيو اٿن ته ان جي سخا سورهائي ۽ سرويچي جي به تعريف ڪئي اٿائون.

ٽين ڳالهه جيڪا ڳالهه جيڪا شاهه لاکي ڦلاڻي جي قصي کي تمثيل طور پيش ڪري، اسان کي چوڻ گهري آهي اها آهي ته قومن جو، فردن جو، قبيلن جو ۽ معاشرن جو بچاءُ گڏ رهڻ ۽ ايڪي ۾ ئي آهي. قومون تيستائين پنهنجي ۽ پنهنجي معاشري جي حفاظت نه ٿيون ڪري سگهن، جيستائين انهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي نه آهي، اتفاق جي ذريعي ئي گهوڙن وارن ۽ مسلح ڌاڙيلن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي ڪاڇي جي چوڏهن چارن (سنڌ کان ڪڇ ڏانهن ان سمي ۾ چوڏهن رستا ويندا هئا) وانڍن، واڙن ۽ لوڙهن جي حفاظت ڪرڻي آهي ته پوءِ هن بيت جي پيغام کي دل سان هنڍائي ان تي عمل ڪرڻو پوندو.

جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،

پسو ان پاران، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

 

شاهه جي ڪُونج

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

شاهه جي رسالي ۾ سُر ڏهر پوين سُرن ۾ آهي. هن سُر ۾ چار داستان آهن. چئن ئي داستانن ۾ مضمونن جي رنگا رنگي ۽ تنوع موجود آهي. بيتن جي تعداد جي لحاظ کان ڏسجي ته رسالن ۾ ٿورو اختلاف به آهي. پراڻن ڇاپن ۾ ڪٿي ٿورن بيتن جو فرق موجود آهي. نه ته ترتيب ۽ بيتن جو تعداد تقريباً ساڳيو آهي. مون پنهنجي هن اڀياس ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو ڇاپو اڳيان رکيو آهي. اُن ۾ بيتن ۽ مضمونن جو وچور هن ريت آهي:

داستان پهريون:

بيت 16، وائي 1- هن ۾ پراڻي ڍوري (درياءُ) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪنڊي جي وڻ کي مخاطب ٿي شاهه صاحب چوي ٿو ته، تو ڍوري- ڌڻيءَ جهڙو ڪو ٻيو ڏٺو. ڍاڳي ۽ ڍور، ٻلياردرياءُ ۾ رهن ٿا. جسودن جو ذڪر ڪري ٿو. مڇ کي مخاطب ٿئي ٿو. پراڻي درياءُ سان لاڳاپيل ٻيون ڳالهيون ڪري ٿو.

داستان ٻيو:

بيت 25، وائي 1- هن داستان ۾ شاعر رسول ڪريم ﷺ جي در وينتيون ڪري ٿو. مديني جا مير ۽ ستر ڪر ستار چئي ٻاجهه منڱي ٿو.

داستان ٽيون:

بيت 20، وائي 1- هن داستان ۾ به ڌڻيءَ در ٻاڏائي ٿو. اُن سان گڏ غفلت ڇڏڻ لاءِ چوي ٿو. سستي ۽ ڪاهليءَ کان خبردار ڪري ٿو.

داستان چوٿون:

بيت 52، وائي 1- هن داستان جي پهرين بيتن ۾ خاص طور ڪونج جو ذڪر آهي باقي 32 بيت لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي ۽ ان جي مختلف ٽاڻن سان لاڳاپيل آهن، جيڪو هڪ ڏاڍو مڙس هو ۽ اندازاً ڏهين يا ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي.

جيڪڏهن ڏهر جي مضمونن جي گوناگون حسن کي ڏسجي ته اُهو پنهنجي جاءِ ته هڪ دلچسپ اڀياس آهي، پر هتي جيئن ته اسان جو واسطو شاهه صاحب جي ڪُونج سان آهي، اُن ڪري پهرين ان بابت ميسر ٿيل مواد تي هڪ نظر وجهون. شاهه صاحب جي مشاهدي کي داد ڏبو جو هُن اهڙي پکيءَ کي پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ مثال ڪري ورتو، جنهن لاءِ سنڌ جي ماڻهن وٽ معلومات ئي گهٽ آهي. اُن جي اصل وطن ۽ رنگ بابت به اختلاف آهن. هن سلسلي ۾ پهريائين سنڌي عالمن جي تحريرن مان حوالا وٺون، تنهن کان اڳ ايترو عرض ڪريان ته جنهن پکيءَ کي اسين ڪُونج چئون ٿا، تنهن کي سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابيءَ ۾ به ڪونج چئجي ٿو. فارسيءَ ۾ ڪلنگ، قاز (غاز) ۽ ترڪيءَ ۾ قاز چئجي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن لاءِ ڪرين (Crane) لفظ ڪم اچي ٿو.(1)

تيرٿداس هوتچند لکي ٿو. ڪونج ڪهڙي به جنس هجي، ليکي مؤنث ٿي. يعني ڪونجَ (2). هُو لکي ٿو ته پراڪرت ۾ ڪونج، سنسڪرت ۾ ڪرونج ۽ انگريزيءَ ۾ کيس ڪرين چئبو آهي. سنڌ ۾ اُتر کان اچي لاڙ ۽ ڪڇ کي پنهنجو ٻيو ديس ٿي بنائي. رهاڪو اترادي پکي آهي. (3)

تيرٿداس موجب ڪونج جبلن مان نه پر اُتر جي اُتاهين وارياسين ماٿرين مان اچي ٿي. رنگ واريءَ جهڙو خاڪي اٿس. قد چار فوٽ ڪنڌ ڊگهو، نرڙ کان وٺي نڪ جي هيٺاهينءَ تائين ڪنگي يا ڦڻي اٿس، جيڪا سندس سونهن کي سرس ڪري ٿي. (4)

تيرٿداس ڪونج جي باري ۾ هڪ ڪهاڻي ڏني آهي. اُها هيءَ ته رامائڻ جي ليکڪ رشي والميڪي ڪونج جو هڪ جوڙو ڏٺو. پاڻ اشنان ڪري رهيو هو ته ڏٺائين اوچتو ماريءَ جو تير نر ڪونج کي لڳو. ڪويءَ جي اندر مان آه نڪتي. (5) هُن ماريءَ کي سراپ ڏنو. اُن سراپ جا لفظ اُهي ئي آهن، جيڪي شاهه جي هن بيت ۾ آهن.

ماري مرين شال، ڍٻ وڃني ڍٻيون،

جئن تو اچي ڪالهه، وڌو وچ ورهن کي.

تيرٿداس به والميڪي جي پاراتي جي لفظن جي سٽاءُ لاءِ چوي ٿو ته وزن ۽ سلوڪ جي ابتدا اُتان ٿي (6) ڪيرن ئي شاعرن جن ۾ گرونانڪ، ڪبير، تلسي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، وتن ڪونج کي ڳايو.

مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو. ڪونج جو رنگ اڇو آهي ۽ بلوچستان کان اچي ٿي. (7) منو تولارام گدواڻي جو ڪونج جي باري ۾ تفصيلي مطالعو ڪيو ٿو ڏسجي. هن صاحب ڪونج جي باري ۾ پنهنجي مقالي ۾ هيٺيون ڳالهيون لکيون آهن.

سندن اصل وطن اتر هندوستان جي ڪن ٽڪرن ۾ آهي، جتي هي ٻچا ڪنديون آهن. ان ڪري سانگي پکي آهن. سارين جي موسم ۾ اصلوڪي وطن کان اُڏاميو اچيو پاڻيءَ تي لهن. (8)

پاڻ هڪ ڪونج ماپيائين ته ٻه فوٽ اڍائي انچ نڪتي. سندس چوڻ موجب ڪتابن ۾ قد چار فوٽ لکيل آهي. (9)

انگريزي ۾ هن کي عام ڪونج (Common Crane) ۽ پهاڙي جرمن ٻوليءَ ۾ ڪرئنچ چون. اهو نالو سنڌيءَ مان کنيو ويو هوندو. (10)

مارچ جي آخر ۾ وطن موٽن ٿيون. اڪثر رات جو ۽ بلنديءَ تان اَٺن (8) جي انگ جي ترتيب ۾ اڏامن ٿيون. جيئن بيت آهي.

ڪونجان رات ڪريڙيون، ٽولي ٽوليءَ بيس،

سَتي ڍول سنڀريو، موري اُرلي ڀاڳي ايس.

ميران محمد شاهه لکي ٿو: ڪونج پکيءَ کي سنڌ ۾ پرديسي پکي سڏيو ويندو آهي، ڇو ته هوءَ اصل ٿڌي ملڪ وچ ايشيا جي اُتاهين سطح جي پئدائش آهي. (11)

مٿي ڏنل سنڌي عالمن جي حوالن مان فقط ايترو معلوم ٿيو ته ڪونجن جو اصل وطن اُتر هندوستان يا اڃا به مٿي ڪنهن ٻئي پار آهي، جتان سنڌ ۾ اچن ٿيون ۽ سياري لٿي موٽن ٿيون. شاهه صاحب خود به چيو:

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روهه،

ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه رزق رازق هٿ ۾.

پکين بابت لکڻ وارن ڪونج تي به باضابطه تحقيق ڪئي آهي، جنهن مان اِهو به معلوم ٿئي ٿو ته ڪونجن جا مختلف قسم ۽ رنگ ٿين ٿا. هتي هن سلسلي ۾ ٿيل تحقيق جو مڪمل جائزو وٺڻ ممڪن ڪونهي، پر جناب سالم علي ۽ ايس ڊلن رپلي ڏهن جلدن ۾ هند ۽ پاڪستان جي پکين تي ضخيم ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ برما، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جي پکين جو به ذڪر آهي. پکين بابت هر قسم جا تفصيل ۽ رنگين فوٽو به ڏنا ويا آهن. ڪونجن جا به پنج قسم ڄاڻايا اٿن. جن جا رنگ ۽ نالا هي آهن. (12)

1. Black necbed crane (Grus nigricollis)

ڊگهو سليٽي پکي، عام ڪونج وانگر، پر مٿو ۽ ڪنڌ ڪارو

2. Hooded Crane (Grus manacha)

تيز سليٽي رنگ ۽ اڇو مٿو هندستاني ڪونجن ۾ وڏي ڊگهين ٽنگن ۽ ڊگهي ڪنڌ وارو پکي. ڳاڙهي کٿل مٿي ۽ ڳارهي ڪنڌ سان، سنڌ ۾ اچي ٿو.

3. Burmese Sarus (Grus antigone sharpie)

آسام ۾ ڪامروپ علائقي ۽ مني پور جو رهاڪو سفيد رنگ جو پکي.

4. Siberian or Great White Crane (Grus Leucageranus)

رنگ سليٽي اٿس. اتر اولهه پاڪستان جو نالو ڪورخريا گورخر اٿس. لاڙڪاڻي ۽ اوڀر ناري ڏي اچي ٿي (ڏسو شاهه صاحب ڪونج جي اصل وطن، سنڌ ۾ اچڻ، وڳر ڪيو وتڻ، وڳر کان وڇڙڻ، وڳر جي اُڪير، ماريءَ جي ذڪر سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو آهي.)

ڏهر جو سُر پنهنجي مجموعي مضمون جي لحاظ کان به منفرد آهي. هن جا گونا گون پهلو آهن. رسالي جي تشريح لکندي محقق ڏهر جي معنيٰ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر- ٿا ڪن.(13) ڏهر جي اِها معنيٰ آهي ۽ خيال آهي ته هي سُر شايد شاهه صاحب ڪنهن ڏهر ۽ يا ڏهر مان لنگهندي چيو آهي. هوڏانهن مخدوم نوح جي مريدن ۾ مدح، مناجات، صفت ۽ ساراهه جي سلسلي ۾ هڪ راڳ ۽ سماع جي رنگ کي به ڏهر سڏجي ٿو. (14) نه رڳو ايترو بلڪه. سنڌ ۾ سماع جو سلسلو غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني کان شروع ٿيو، جنهن جو بنياد پڻ ذڪر ئي هو. ملتان جي سهروردي طريقي جو ذڪر جيڪو سنڌ ۾ هلندڙ آهي، انهيءَ جا ٻه قسم آهن. هڪ تحليل جو ذڪر ۽ ٻيو ڏهر جو ذڪر. (15) ڏهر جون ٽي تسبيحون آهن. (16) ڏهر جا مشهور شاعر منٺار فقير راڄڙ، سڌاتورو، حيات فقير ۽ ساهو فقير آهن. (17)

ڏهر جي راڳ واري روايت وڌيڪ اعتبار جوڳي آهي. شاهه جي رسالي ۾ داستان ٻئي جي بيتن جي قطار (مديني جا مير... الخ) هن معنيٰ کي هٿي ڏئي ٿي. ڪونجن ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر وغيره سُر جي مجموعي تاثر کي مٿي کڻي بيٺو آهي. هتي اسان جو واسطو فقط ڪونج جي ذڪر سان آهي، تنهن ڪري فقط انهن بيتن جو اڀياس ڪنداسين.

سڀ کان پهرين شاهه صاحب ڪونجن جي اچڻ جو طرف متعين ڪري ٿو. هُو خاص طور اتر طرف جو حوالو ڏي ٿو:

اُتر ڏي آلاپ، ڪالهونڪر ڪُونجَ ڪري،

پسي پرين منجهه خواب، وهاڻيءَ وايون ڪري (18).

ڪونجن جي وطن جو اشارو شاهه صاحب روه (جبل) جي نشاندهي سان ڪري ٿو ۽ بلڪل واصح لفظن ۾ چوي ٿو ته ڪونجڙيون قسمت هت آنديون آهن نه ته سندن اصل وطن روه آهي:

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، رزق رازق هٿ ۾.

قسمت سان ۽ رزق جي تلاش ۾ هڪ مقرر لڏ پلاڻ ۽ ڏکڻ ڏي اُڏام آهي. اُن لاءِ سڄي ساٿ کي روانگيءَ جو اطلاع ڏيڻ کان ڪرڳل ۽ آواز ڪن ٿيون.

روه راماڻا ڪن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،

ڪرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

ڪونج وڳر ۾ رهي ٿي، جي وڇڙي ٿي ته پڇتائي به ٿي ۽ ڀوڳي به ٿي. شاهه صاحب ڪونجن جي ٻڌيءَ مان اتحاد جو سبق به ڏنو آهي.

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

سنڌ جي مختلف هنڌن تي اچي هي وڳر لهن ٿا. جي ڪونج وڳر کان وڇڙي ته شاعر اُن جي حالت هيئن بيان ڪري ٿو:

وڳر اُڪيري، سَرُ ساريو سُور چري،

جُهري جهڄندي ڏي، سنيها کي سڄڻين.

وڳر وساري نٿي سگهي. اُن ڪري چڻي به نه ٿي، جو وڏي وڳر سان رهڻ جي هير ۽ عادت اٿس. انهن ڪيفيتن تي شاهه صاحب چوي ٿو:

وڳر وساري، ويٺئين ڪئن ماٺ ڪري،

ڪه تو نه ماري، رُڻ جُهڻ سندي سڄڻين.

 

وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،

ڪنديئن ڪوه رهي، سر ۾ سپرين ري.

وڏي وڳر هيرئين، چُڻي نه ٻين گڏ،

ڪونج ڪريندي سڏ، ويئي وهامي راتڙي.

ڪونج جي آواز مان شاهه صاحب هڪ درد جو پڙلاءُ به ٻڌي ٿو. اِهو آواز ڄڻ فراق جي ڦٽلين جي جيءَ کي جهوري ٿو. سڄڻ جي ياد ڏياري ٿو ۽ اُن ڪري ڪونج کي ماٺ ڪرڻ لاءِ التجا ڪري ٿو.

مَ لنئن ڪونجي ماٺ ڪر، چور مَ هنئين چاڪ،

ڦٽيون جي فراق، سي گهر گهارينديون ڪيترو!

 

ڪونجڙيءَ ڪالهه لنئي، سڄڻ وڌم چِت،

آءٌ جنين ريءَ هِت، گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.

نه رڳو ڪونجن جي اچڻ ۽ چُڻڻ جو ذڪر سر ڏهر ۾ آهي، پر ڪونجن کي ماريءَ جو جيڪو خطرو هر وقت درپيش آهي، تنهن جو بيان به شاهه صاحب موثر ۽ دل ڀڄائيندڙ انداز ۾ ڪري ٿو. شاهه صاحب هڪ طرف ماريءَ کي نندي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪونج کي خبردار ڪري ٿو:

 

چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بُٺَ ۾،

نيڻين ننڊ م ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

ڪونج بي خبر آهي ۽ چُڻڻ ۾ مصروف آهي، هوءَ ماريءَ جي ڪُڌي من کان واقف ڪونهي. آهيڙيءَ جي اڏيل ڍٻ جي پروڙ به نه اٿس. نه هُن جي بغل ۾ لڪل بندوق جي خبر رکي اٿس.

ڪونج نه لَکيو پاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

 

ڪونج نه پسين ڪک، ڍٻ جنهين سين ڍٻيو،

ماريءَ ماري لک، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

 

بغل منجهه بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.

شاهه صاحب ظالم ۽ سفاڪ ماريءَ کي پاراتو ڏي ٿو:

ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،

جي تو اچي ڪالهه، وڌو وچ ورهن ۾.

ماريءَ جي حملن کان وڳر ۾ ولوڙو ۽ ڏهڪاءُ پيدا ٿئي ٿو. هيڏانهن مند پوري ٿئي ٿي ته ٻچن جي سار به بيقرار ڪري ٿي. ويچاريون ڪونجون هاڻي هلڻ هاريون آهن. روه ورڻ لاءِ آتيون ٿين ٿيون. پنهنجي اصل نسل ڏي موٽڻ لاءِ پرسوئين ٿيون. شاهه صاحب ان بيقراريءَ جو نقشو هيئن ڪڍيو آهي.

ڪونجون ٿيون ڪُڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون،

ٻچا پوءِ اٿن، وڃن وانڌا ڪنديون.

ڪن بيتن مان اشارو ملي ٿو ته هتي اچي به ڪونجون ٻچا ڪن ٿيون يا ڪي پکي ڪنهن مجبوريءَ سبب واپس اڏامي نٿا سگهن ته اُهي به رهجي پون ٿا. ڪي ڪونجون وڳر کان وڇڙي وڃن ٿيون. اُهي بيت هي آهن:

آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،

کنڀر ڀونءِ کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

 

آئيون اڳئين هير، اصل سندي آسري،

پڙ نه پسان پير، سيڻن ساجهر لڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com