سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :13

بهرحال ڪونجن جي بيان مان شاهه صاحب جيڪو اخلاقي سبق ورتو آهي، اُهو پکيءَ جي حوالي سان اتحاد جو سبق به آهي، ظلم خلاف به آواز آهي. شاهه صاحب سنڌ جي خاص طور ڏکڻ ۾ ڪونجن جي اچڻ کي ڄڻ ته رڪارڊ ڪيو آهي. هي آخري نُڪتو هر طرح سان اهم آهي.

هونئن ڪونج جي ڪُڻڪڻ ۽ ڪَرڪڻ جي آواز جي جذباتي تاثر يا پهچ کي سُر معذوري ۾ ڏسو:

رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪَرڪي ڪُونج،

نعرو منجهه نڪونج، اي تان آه عشق جي.

حوالا

1.  بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو مختصر تاريخ- زيب ادبي مرڪز حيدرآباد. 1980ع ص-129.

2. تيرٿداس هوتچند مقالو ڪونج نئين زندگي (ڪراچي) آڪٽوبر 1969ع ص-36

3. ايضاً، ص-37.

4. ايضاً، ص-38 ۽ 39

5.  حوالو ٻيو ص-41.

6. حوالو ٻيو ص-41

7. وفائي دين محمد، شاهه جي رسالي جو مطالعو، وفائي پبلشنگ هائوس، ڪراچي، 1976ع، ص-133.

8.     گدواڻي، منوتولارام. مقالو ڪونج- ڀٽائي صاحب جو ڪوڏ، نئين زندگي، ڪراچي، جولاءِ 1964ع ص-25.

9. ايضاً، ص- 25.

10. ايضاً، ص- 26.

11.  ميران محمد شاهه. مقالو نازڪ خياليون، يادگار لطيف، شاهه لطيف مرڪز 1955ع ص- 107.

12. Salim Ali- S.Dillon Ripley:

HAND BOOK OF THE BRIDS OF INDIA AND PAKISTAN

Vol. 2 (2nd ed) Oxford University Press, Delhi. 1980.

13. آڏواڻي، ڪلياڻ. شاهه جو رسالو، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1978ع ص- 467.

14. بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، 1978ع ص-305.

15.  ايضاً، ص-303.

16. ايضاً، ص-304

17. ايضاً، ص-306

18. سُر ڏهر مان بيت، ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي صفحن 462 ۽ 463ع تان ورتل آهن.

 

سر ڏهر- تاريخ ۽ فلسفو

فقير محمد لاشاري

شاهه جي سُر ڏهر جو فلسفو پنهنجي تاريخي پسمنظر سان ائين گڏ آهي جيئن وڻ سان ان جو ميوو گڏ هوندو آهي. تاريخ آهي. ڪي ڪردار آهن، ڪا صورتحال آهي ۽ اُهي سڀ هڪ تبديليءَ منجهان گذري رهيا آهن ۽ اُها تبديلي جاري آهي ۽ شاهه سائين ان تبديليءَ جي بقاءَ کي ڏسڻ جو معجزو ڪيو آهي. شين کي بدلجندو ڏسڻ لاءِ خاص نظر جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا شاهه کي هئي.

جاگرافي:

ڀٽائي جي سُر ڏهر کي پنهنجي جاگرافيءَ آهي. ڏکڻ ۾ ان جون حدون لاڙ کان ٿينديون ڪڇ جي پرئين ڇيڙي تي تائين آهن اوڀر ۾ گجرات ۽ جيسلمير اٿس. اُتر ۽ اولهه ۾ ڪوهستان جي ڏاکڻين ڇيڙي کان هالار جبلن جي گود ۾ ڪاڇي وٽ بڊاماڻي بُٺ تائين آهن. ٻين لفطن ۾ سر ڏهر ۾ جيڪي ڪونجون ڍوري جي آسري اچن ٿيون تن جو روهه کان، ڪاڇي ۽ ڪوهستان وارو رستو، ٿر ۽ ڪڇ جي پرانهين ڇيڙي تائين وارو علائقو، سر ڏهر جي حدن ۾ اچي ٿو.

چيتا ڪيو چُڻيج، بڊاماڻيءَ بُٺِ ۾،

نيڻنِ ننڊ م ڏيج، ڇيرون ڇپر آئيون.

بڊاماڻي جي ٻڌڻ سان پنري جو نالو تري اچي ٿو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو سورهيه هيو ۽ جنهن جو پورو نالو پنرو بڊام آهي. هي سنڌ تي ٿيل هلائن جي خلاف هڪ مزاحمتي ڪردار آهي، جنهن جي ويڙهه جو مئدان ڪاڇي واري ايراضي هئي. هينئر به دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪاڇي وارو علائقو جن مڪاني نالن سان سڏجي ٿو، انهن ۾ بڊاماڻي به آهي. مٿئين بيت ۾ بڊاماڻي بُٺ جي ڪاڇي ۾ هجڻ جي تصديق، ان کان بعد واري هن بيت مان ٿئي ٿي:

سنگهارن ساري، ساٿي ڏيج سنيهڙا،

سا هيڪلي گهاري، مُنڌ ڪاڇي ڪنڌئين.

مٿي ذڪر ٿيل ٻيو ڇيڙو ڪڇُ آهي جنهن جي شهر ڀُڄ جي حوالي سان هي بيت اچي ٿو:

ڀُڄيان ڀُلي پيرُ، وڌو راءِ رڪاب ۾،

ڪڇ رهندو ڪير لاکو لوڙائن سين؟

سنڌ جي انهن طرفن جي اها جاگرافي واپاري نوعيت جي به آهي. ڪوهستان مان ٿاڻي بولا خان وٽان، رنيءَ ڪوٽ جي مٿان اهو قديم واپاري رستو آهي، جيڪو شڪارپور ۽ سبي ۽ بکر سان لنڪ رستن ذريعي ڳنڍيل هيو. جنهن تي ڊاڪٽر ائڊاين ڊوارٽي سنڌ ۾ پهرئين آيل انگريزي جاسوسين ۽ اُن جي سفر تي لکندي بحث ڪيو. جڏهن ته ڪڇ جي پاسي سترهين صديءَ ۾ به ٺٽي کان پالي ۽ جيسلمير ڪڇ جي پرانهين شهر ۽ هاڻوڪي گجرات رياست جي شهر احمد آباد تائين واپاري رستو ملي ٿو.

ڏهر جي ذريعي جن جاگرافيائي حدن جو دائرو ڏسجي ٿو سوئي شاهه جي جمالياتي مملڪت جو وڏي ۾ وڏو حصو آهي. سندس سمورا مکيه داستان ان ئي جاگرافيائي خطي سان لاڳاپيل آهن. سر ڏهر جي جن حدن جو ذڪر، ڪيو ويو، تن ۾ سنڌوءَ ۽ هاڪڙي دريائن ۾ جاگرافيائي نوعيت جي تبديلين تاريخي ڦيريون گهيريون آنديون.

ڏهر ۾ جن ڪردارن جو ذڪر آهي، سي ڪڇ سان جڙيل آهن ۽ ڪڇ هزارين سالن کان سنڌ جو حصو رهيو آهي. ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جا قديم شهر ڪالي بنگن، لوٽل ۽ رنگپور سنڌو ماٿريءَ جا شهر آهن. ڪالي بنگن سر سوتي نديءَ (جنهن جا نالا گهگهر، هاڪڙو، ريڻي ۽ نارو رهيا آهن) جي سڪل پيٽ تي آهي. لوٽل ۽ رنگپور، سنڌ سان ڪڇ جي رڻ ذريعي ڳنڍيل هئا. جتان کان سامونڊي نار، ڪڇ کي هڪ ٻيٽ بڻائي ڇڏيو هو، جيڪو وري تراکڙي سمنڊ ذريعي ڪاٺياواڙ سان ڳنڍيل هو ۽ انهن سڀني ايراضين جو نسلي پس منظر ساڳيو آمري، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا وارو آهي. هنن جي بدلي به ساڳي رهي. اڄ به ڪڇ جي سموري آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آهي. قلات، لسٻيلو، سبي مٿي جنهن عرصي جو حوالو آهي، سو 22 هزار ۽ 23 هزار سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. قبل مسيح جي وچ وارو عرصو آهي جڏهن باقي ننڍو کنڊ اڃا پٿر جي دؤر ۾ هيو. ان کان پوءِ اڳتي 3000 ۽ 1700 قبل مسيح جي وچ وارو عرصي ۾ ٻن دريائن سنڌو ۽ هاڪڙي ذريعي ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ سان اچ وڃ هئي. بعد ۾ سڪندر اعظم جي ڪاهه ٿي (325 قبل مسيح) تڏهن سڪندر سنڌوءَ جي اوڀارئين شاخ جو جائزو ورتو جيڪا ڪڇ واري نار ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ لکپت وٽ مٿي پاڻيءَ جو هڪ ڍورو ٺاهيو هئائين.

ان عرصي (325 ق.م کان 1200ع) ۾ سنڌ جا ڪڇ سان ناتا گهڻا ويجها هئا.

1000ع ۾ هاڪڙي ۽ سنڌو جو پاڻي ٿر ۽ ڪڇ ڏانهن گهٽجي ويو. يارهين ۽ ٻارهين صدي عيسوي تائين اها حالت جاري رهي جڏهن سنڌو پنهنجي اوڀارئين پيٽ کي رڻ بڻائي، وهڪرو اولهه پاسي ڪيو. پوءِ وري يارهين ۽ ٻارهين عيسوي صدين جو جيڪو احوال ملي ٿو سو هي آهي سنڌوءَ جي وهڪري ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي، پر پوءِ به پاڻيءَ جو ڪجهه حصو سنڌ ڍورو، رُڪ ۽ لهاڻو ڍورن منجهان گذريو (هي اُتر سنڌ جي ايراضيءَ ۾ آيل تبديلين بابت آهي) ان سان گڏ ڪڇ ۽ اڻ جي خطي ۾ ڌرتيءَ جي پنهنجي اندروني تبديليءَ واري سرگرمي ٿي جنهن سان رڻ جي ايراضي وڌي، رڻ جو پيٽ وڌيو ۽ اُن اُتر اوڀر توڙي ڏکڻ ۾ پاڻ پکيڙيو. اهڙي ريت ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سنڌ کان ڪٽجي ويا جن جو لکين سالن کان سنڌ سان ڳانڍاپو هيو.

سنڌوءَ جي ڪهاڻي اڃا اڳتي هلي ٿي، جڏهن ته هاڪڙو 1226ع تائين خشڪ ٿي ويو ۽ اُن کي گم ٿيل درياءَ به سڏين ٿا ۽ اُن کان پوءِ تاريخ ۾ آبادي جي وڏي لڏ پلاڻ ملي ٿي ۽ ٿر جا ڪيئي شهر زوالجي وڃن ٿا خاص ڪري ننگرپارڪر جي ڏکڻ پري نگر ۽ ويراواهه. هاڪڙو نه رڳو ڪڇ ۾ گم ٿيو پر مٿان جنهن وسيلي کان ايندو هيو، اُتان به ڪٽجي ويو هو. سنڌو پنهنجو وهڪرو 1340-1317ع واري عرصي ۾ به بدلايو، ٺٽي جي اُتر ۾ جهوڪ جي ويجهو ڪلري ۽ بگهاڙ جي ورڇ ٿي. ان جي ريڻي شاخ معمول موجب وهندي رهي. پر گونگڙو شاخ ختم ٿي وئي. گونگڙو تي سومرن جي گاديءَ جو شهر طور هيو. گونگڙو جي وهڪري ختم ٿيڻ سان طور جي آئيندي جا دروازا بند ٿي ويا. طور شهر جاتيءَ جي ڀرسان چيو وڃي ٿو لطيف سائين جي سُر ڏهر ۾ طور جي حوالي سان هڪڙو بيت ملي ٿو، جنهن مان زندگيءَ جي ڀرپور سرگرميءَ جو ڏس ملي ٿو.

جڏهن ڍاڳي ڍورُ، ٻئي ويهن ٻليار ۾،

تڏهن تازڙين طورُ، هئو جسودن سين.

پروفيسر آڏواڻي واري نسخي ۾ طُور سان گڏ تازڙين کي تاجڙيون به ڄاڻايو ويو آهي جن جي هڪ معني تاز گهوڙا ڏني وئي آهي، ته کاٻي پڙهڻي ۾ انهن کي تاجڙ ذات جا هاري به ٻڌايو ويو آهي جسودن کي واپاري ۽ وڻجارا سڏيو آهي.

آءِ آءِ قاضي جسودن ۽ هڪ ٻئي بيت ۾ ايندڙ جسراج ٻنهي کي لاڙ جا حاڪم سڏيو آهي.

مٿين معلومات محترم ايم ايڇ پنهور سان گڏ ڪيل آهي، جيڪا ڪرانالا جيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ ملي ٿي. جڏهن ته پروفيسر مائڪ پٿا والا اَي فزيڪل ائنڊ اڪنامڪ جاگرافي آف سنڌ ۽ اليگزينڊر هيگ جي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ به سنڌ ۾ پاڻيءَ جي وهڪري تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ مختلف محققن جي ڪم کي سهيڙيو آهي. پروفيسر پٿا والا 1871ع ۾ ميجر جنرل ڪنگهام جي ڪيل تحقيق جي جن نتيجن ۽ نظرين تي بحث ڪيو آهي تن موجب اوڀاريون نارو سنڌوءَ جو پراڻو پيٽ هيو. جڪراءَ وٽان ورڇ ٿي جنهن منجهان هڪڙو ته پراڻ ڏکڻ اولهه جي پاسي وهڪرو ڪري برهمڻ آباد وٽان گذري، پرٽالا کان ٿيندي وري ڏکڻ اولهه ڦري گوني ۾ پهچي اچي وڏي ۽ اصل وهڪري سان شامل ٿي ٿيو. پٽالا متعلق گمان ڄاڻايو ويو آهي ته اهو هاڻوڪي حيدرآباد جو ماڳ هيو. مٿئين ورڇ وٽان هڪ ٻيو وهڪرو ڏکڻ اوڀر ويندي ڄاڻايو ويو آهي جيڪو عمرڪوٽ کان ٿيندو، ڏکڻ ۾ هڪ ٻي شاخ جيڪا ونگا بازار ڀرسان هئي سان ملي هڪ ئي ڪڇ جو رڻ اُڪري ڪري ڪريڪ وٽ وڃي ٿي ڇوڙ ڪيائين. جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. پروفيسر پٿاوالا سي ايف اولڊهم جي ڪيل کوجنا جي حوالي سان اهو به ڄاڻايو آهي. نيلم نديءَ جو وهڪرو هاڪڙي ۾ به ٿيندو هيو ۽ اهو ايستائين هيو جيسين نيلم اولاهين پاسي بياس سان وڃي ملي. ان تبديليءَ جو ڪارڻ ستلج ۾ لٽ ڀرجي وڃڻ ڄاڻايو ويو آهي. هاڪڙو ۽ اوڀاريون نارو لاڳيتو پنهنجو پاڻ آزاد تيرهين صدي عيسوي تائين ٿر کان ڪڇ جي رڻ تائين وهندو رهيو. هن بحث تي ٻيا به ڪيترا مفروضا آهن ته هاڪڙي کي مٿان ڪهڙي درياءَ مان پاڻي ملندو هيو، پر اهو هي پنهنجو موضوع ناهي.

هيگ ۽ پٿاوالا هڪ ٻي اهم عمل تي به بحث ڪيو آهي، جنهن کي سمجهڻ اڄ جي عام ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي. اهو عمل آهي ڊيلٽائي علائقي جو ٺهڻ. درياهه هر سال سمنڊ کي ڪجهه پٺتي ڌڪيندو رهيو، جنهن سان زرخيز خطو وڌيو. ڏاکڻين سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو ٻين سببن سان گڏ ان عمل جو نتيجو آهي. هيگ سنڌوءَ جي ڊيلٽائي عمل لهڻ جا انگ اکر ڏنا آهن ۽ پٿاوالا هيگ کي به بحث ۾ آندو آهي. 1842ع ۾ جڏهن برطانيا جو سنڌ تي قبضو ٿيو تڏهن سنڌوءَ جي اڳتي وڌڻ ۾ سمنڊ جي پٺتي هٽڻ واري عمل جو سروري شروع ڪيو ويو. اهو مشاهدو ڏهن سالن جي عرصي تي پورو ٿيو. خبر پئي ته هڪ سال ۾ اها واڌ ميل جي ٽئين حصي جيتري ٿي. پر سمنڊ ۽ درياءَ جي وچ ۾ زمين والارڻ جو تڪرار، سامونڊي ڇولين جي ڪري گهڻو آهي. تنهنڪري ويڙهه ۾ ذريعن اڳ پوءِ به ٿين ٿيون. بعد ۾ مشاهدي کان پوءِ هي ان نتيجي تي پهتو آهي ته درياءُ سراسري طرح ساليانو چار ميٽر زمين سمنڊ کان ڇڏائي ٿو. هاڻي به جڏهن تازو ٺٽي ضلعي ۾ سورجاڻي بند ٽٽڻ سبب جيڪا خاصي ٻوڏ آئي، اُن ۾ اخباري اطلاع هئا ته درياءَ کي ايڏو زور آهي جو ڇهه ميلن تائين سمنڊ کي اڳتي ڌڪي ويو آهي. پر هن وقت ڊئمن لهڻ کان پوءِ اهو عمل نه رڳو ختم ٿي ويو آهي ۽ رڳو غير معمولي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت اهو جيڪو اُبتو ٿي ويو آهي. سنڌوءَ ۾ تمام ٿورڙي پاڻي ڇڏڻ سب سمنڊ جي وير وڌندي رهي ٿي. اهڙو اندازو کاريڇاڻ شهر وڃڻ سان ڪري سگهجي ٿو. هن وقت ته لڳ ڀڳ هر سال سمنڊ جي وير چڙهي ايندي آهي ۽ بدين ضلعي جي ڏاکڻئين حصي ۾ سمنڊ سان گڏ جوڙيل سم ناليون ان وير چڙهڻ سبب جي اُٿلي خاصي تباهي پکيڙينديون آهن.

پروفيسر پٿاوالا ڄاڻائي ٿو ته ڊيلٽائي ايراضي جي واڌ ٿيڻ سان درياءَ جا ڇوڙ وارا هنڌ به گم ٿيندا ۽ ٺهندا رهن ٿا. بگهاڙ ۽ شاهه به ٻه اهڙيون شاخون هيون جتان جهاز راني ٿيندي هئي. سورهين عيسوي صديءَ جي اڌ تائين يعني شاهه سائين کان لڳ ڀڳ سوا صدي اڳ هڪڙي هيءُ حقيقت به سامهون آندي وئي آهي ته عمرڪوٽ ۽ ٺٽي جي وچ واري زمين زرخيز هئي ۽ سنڌوءَ جي هڪ انتهائي اوڀارين شاخ سير اتان گذرندڙ هئي سنڌ تي ڪلهوڙا حاڪمن جي ڏينهن ۾ نصرپور وٽان درياءَ پنهنجو وهڪرو بدلائي اولهه ڏانهن پلٽو کاڌو جنهن ڪري غلام شاهه ڪلهوڙي اچي حيدرآباد شهر آباد ڪيو.

شاهه سائين جي سر ڏهر جي جاگرافيائي حدن اندر جيڪي طبعي تبديليون آيون، تن انساني تاريخ لاءِ تمام وڏا ڪارڻ پئدا ڪيا. پروفيسر پٿاوالا چوي ٿو: ڪيئي صدين کان سنڌ جي تاريخ دريائي وهڪرن ۽ پيٽن جي ڦير ڦار، ڍنڍن  ڍورن جي تبديلي، واريءَ جي ڀٽن جي ٺهڻ ڊهڻ، درياءَ جي ڇوڙ وارن هنڌن تي مٽ سٽ، ۾ ايندڙ لٽ ۽ مٽيءَ سان ٿيندڙ تبديلين جي اصطلاحن ۾ ٻڌائي وئي آهي. سنڌ جي تاريخ، جاگرافيائي ارتقا جي حالتن ۾ انساني اورچائي جو شانائتو مثال آهي. سنڌ ۾ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي هڪٻئي تي اثر انداز ٿيڻ واري موضوع جي مطالعي ۾ ڪيئي تبديلي ٿيندڙ پهلو آهن جن کي ويچار هيٺ رکڻو پوندو.

جڏهن چوي ٿو:

سچُ ڪِ سڪو ڍورُ، ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاراريا،

جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا؟

شاعر پنهنجي ڏيهه جو ڏُک محسوس ڪري ٿو، هُن کي زندگي خطري ۾ پيل ڏسڻ ۾ آئي آهي. پوءِ هو انهن نشانين تي ڳالهائي ٿو جيڪي وقت جي هاڻوءَ هٿان برباد ٿي رسيون آهن، جن جي اڳتي ڏس ملڻ ڏکيو ٿي پوندو. اڄ ڍاڳي ۽ ڍور ٻليار ۽ پٽيهل کي پاڻ ڪٿان ڳوليون. اسان جي پنهنجي جوُءِ جون شيون ماڳ ۽ مڪان گم ٿي ويا. جسودن ۽ جسراج لاڙ جا حاڪم آهن يا وڻجارن جي ڪا ڏات آهي، سو فيصلو ڪير ڪري.

جان جَڙُ هئڙو سير، اتان تون مڇ! نه موٽئين.

آڏا اڏي ڪِيير، گهَٽَ به جهليئه گهاتئين.

هن بيت ۾ ڄاڻايل سير اُها پٺياري آهي جيڪا محقق سورهين صديءَ جي اڌ ۾ ٺٽي ۽ عمرڪوٽ وچ واير ايراضي تي ڄاڻائين ٿا. يا تار پاڻي وري معني ۾ آهي. اِتي اسان کي تاريخ جو سهارو وٺڻو پوندو.

تاريخ:

ڏهر ۾ تاريخ جا انيڪ ڪردار آهن، جيڪي مختلف زمانن سان واسطي ۾ رهيا. لاکو، کنگهار، چينچل جسودن، جسراج، سنگهار ڏهر جا خاص ڪردار آهن، جڏهن ته سم، جاڙيجا، لاکا، (سڀ سماٽ) جت، اوڏ، ريٻاري، راجپوت، ٺاڪر، سنگهار ذاتيون به ان ۾ اچي وڃن ٿيون. لاکو مکيه ڪردار آهي جنهن لاءِ پراڻ کان پڇيو ويو آهي ته ان اهڙا ڪي ڏٺا آهن.

جهوني تون پراڻ، ڏينهن گهڻيرا سنڀيرن،

لاکي جهڙا هاڻ تو ڪي ڏٺا پيڙا (ڀيڙا)

۽ لاکو اُهو آهي جيڪو:

ٻني ٻهڻ نه ڏئي، جهري وئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

اسان جي داستان ۾ لاکو، لاڙون ڪري ٿو، ڌاڙا هڻي ٿو ۽ سندس ڪاروانِ جي ڪري سموري خلق ڏول ۾ آهي. شاهه سائين لاکي جي سرگرمين جي صحافتي رپورٽنگ ڪئي آهي. هن جي ڪاروانِ جا جيڪي اثر آهن، سي رپورٽ ڪيا اٿس ۽ خبردار به ڪيو اٿس ته لاکو لوڙون لپون ڪري، سمن ۽ جاڙيجن کي سک ٿي نه سمهڻ کپي. لاکي، اوڏن کي به لڏائي ڇڏيو آهي. ڪاڇي ۽ ڪوهيار کان وٺي ڪڇ لاکي جو سرگرميون آهن.

ڪاڇي پيئي ڪُوڪَ، سچُ ڪِ سنگهارن لڏيو؟

مادر! اوءِ ملوڪ، اُٺي ويڙآ اُڪري.

 

پُڄيان پُکي پير، وڌو راءُ رڪاب ۾

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين؟

 

ٽاٽونڪين پلاڻ، سدا هڻن کرکرا،

لاکي لوڙائن جا اهڙائي اهڃاڻ،

ڏيئي تنگن تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪَڇڙي.

لاکي جي سرگرمين جو اثر هن طرح ڄاڻايو ويو آهي:

اوڏ به ويچارا، وڃن ڪاڪيان لڏيو

وائي ڪن نه وات، ٻگها ٻاتاڙئا ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com