سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :4

جاڙيجا:

جاڙيجا سمن جي مشهور نُک آهي، جنهن کي هن سر ۾ شاهه صاحب اجهو هيئن ياد ڪيو آهي ته:

جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،

پسو آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

جاڙيجن جو نسب نامون هيٺين طرح آهي، جاڙو ولد ساند، ولد پلي، ولد راءِ راڌڻ، جو اولاد جاڙيجا سڏجڻ ۾ آيو ۽ جاڙي جو ڀاءُ ويري ولد ساند جنهن جو پٽ، جاڙو ٿيو. جاڙي جو پٽ ابڙو ٿيو، ابڙي جو پٽ ابڙو ٿيو، ان ابڙي جو پٽ ويرو ٿيو. ان جو اولاد به جاڙيجا سڏجڻ ۾ آيو، ڪڇ ۽ هالار جا جاڙيجا، ويري جي اولادن مان آهن.

سر ڏهر جي ڇهن بيتن ۾ جاڙيجن جو ذڪر آهي، جيڪي سڀئي هن سر جي چوٿين فصل ۾ آهن.

جيئن:

تن جاڙيجن جاڙ ڪئي راءِ سان رٺا جي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪاڇڙو.

ٺاڪر:

راجپوت نسل قوم آهي. سندن پيشو جنگ ۽ سپاهگيري آهي. سنڌ جي ڪيترن حاڪمن جي فوج ۾ اڪثريت ٺاڪرن جي رهي آهي. ٺاڪرن جا ڪئين پاڙا ۽ شاخون آهن، ٺاڪرن جي هڪ شاخ مرمچ به آهي، جيڪا راجا ڏاهر جي فوج ۾، سپاهگيري جو فرض ادا ڪري رهي هئي، ٺڪرن بابت ڪئين بيت ۽ چوڻيون مشهور آهن.

جيئن:

کاري کاٻاڙلي، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،

مرمچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

(هڪ مامويو فقير)

هيڏو هيڏو مرمچو، جنهن کي ڏاڙهي نڪو ڏچو،

                               ٺڪر ٺينگ ڏيندو اچي.

                                 (هڪ ٻاراڻي پرولي)

ٺلي ٺاڪرائي، ڇار اوڳرائي.

                 (هڪ چوڻي)

ڍاٽي:

ڍاٽي، ڍٽ جي رهاڪن کي چئبو آهي، اها هڪ نسبتي نک آهي، پارڪري، ڪڇي، مهراڻوي، لاڙي، اتراڌي، لاسي، ٿري، وغيره ڍاٽي جو ذڪر هڪ بيت ۾ آهي:

ڍاٽي وڳ مَ ڍار، هن پرائي ڏيهه ۾،

ڇيهو چلر چڪ ٿي، وڳ ائائين وار.

رٻاري:

رٻاري ڪڇ ۽ پارڪر جي قديم قوم آهي، جيڪي مالدار ۽ اوٺار آهن. هن قوم جو اهو ڪلچر آهي ته اهي اوٺي ڪپڙو استعمال ڪن، خاص طرح زالون، ٻڙا چنيون توڙي گج وغيره سڀ اوني ڪپڙي جا تيار ڪن، زالن ۾ اهو به رواج آهي ته اهي ٻانهن ۽ منهن تي ٽاچڻن ذريعي چٽ ۽ گل ڪڍائين. جيڪي سندن سڃاڻپ آهي.

لاکي ڦلاڻي جي دؤر ۾ رٻارن ۽ لاکي جي ماڻهن جو تڪرار ٿي پيو، ڪڇ جي حاڪم راءِ کنگهار رٻارين جي حمايت ڪئي، ان ڪري لاکو ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجو ٽولي ٺاهي رٻارين ۽ جاڙيجن کي ستائڻ لڳو، رٻارين بابت هن سر ۾ ڪافي اشارا آهن ۽ پنجن (5) بيتن ۾ ذڪر به آهي.

جيئن:

رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پايو وڇڙا،

کڙا ويڻ کنگهار کي چنچل اڀي چوءِ،

واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.

 

رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڊنگهر جهل،

ڀري هتان ڀل، ڪيتريون ڪاهي ويا.

سنگهار:

سنگهار سماٽ قوم جي نهايت پراڻي شاخ آهي، جيڪا سنگهار جو اولاد آهي، جنهن جو شجرو هيٺين طرح آهي.

سنگهار ولد سمون، ولد پورو، ولد ڳاهو، ولد ڦل، ولد ساهڙ، ولد مهڙ، ولد لاکو، ولد لاکيار، ولد اوڍ، ولد اوڍر، ولد وڏهار، ولد ليءَ، ولد سراءِ، ولد دسرت، ولد ڀرت، ولد ڀاڳرت، ولد برد، ولد چند، ولد هسپت ولد جادم ولد سام.....

سنگهار قوم سنڌ جي مشهور مالدار قوم هئي، جنهن جو وطن ٿرپارڪر، بدين ۽ ڪڇ واري ايراضي هئي، هيءَ قوم نهايت وڙائتي، سخي، مهمان نواز، سلجهيل، سڄاڻ ۽ بهادر قوم هئي، جنهن کي لاکيڻي لطيف سر ڏاهر جي سترهن (17) بيتن ۾ ياد ڪيو آهي ۽ ان جون خاصيتون بيان ڪيون، جن مان ڪجهه هن طرح آهن.

کير ورهائڻ جي باقاعدي رواج.

ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،

جنين جي خميس، منڌي مور نه مٽ ۾،

ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،

جنين جي خميس، واڻيون واري ڇڏيو.

سنگهار قوم وٽ رواج هو ته اهي اربع شام يعني خميس جي رات سمورو کير ورهائي ڇڏيندا هئا. ان ڪري خميس جي ڏينهن سنگهارن وٽ ولوڙ ٿيندو ئي ڪونه هو.

ان دؤر ۾ واڻيا، مالدارن وٽان گيهه وٺڻ ايندا هئا، اهي خالي موٽي هليا ويندا هئا. ڇو ته ان ڏينهن ولوڙو ئي ڪونه ٿيندو هو.

سخاوت ۽ مهمان نوازي ۽ پاڙي جو خيال:

سيڙهي سنگهارن جي جيڪا گهاري ماءُ،

توڙي هوءِ، اوڳڻي، توءِ رکو مور نه کاءِ.

 

سُرهن سنگهارن جي سرهي آ ساڃاڻ،

پوءِ ٿا پين پاڻ، پهرين پياري پهيڙا.

اڀرن ۽ جڏن جو جياپو:

سنڌيون مٽ گڙن، جهوڪ به سونهن پهيڙا،

سندي سنگهارن، جوءِ جياري جڏڙين.

سنگهارن جو قانون هو ته سائلن ۽ جڏن جو انتظار ڪندا هئا، جيئن ڪو وڏو جڏڙو يا اڀرو سائل نه ايندو هو تيسين کين آرام ڪونه ايندو هو. هو جڏڙن کي پنهنجي جوءِ جا جيارا سمجهندا هئا. هو پهريائين مسافرن ۽ راهه ويندن کي کارائي پياري، پوءِ پاڻ کائيندا پيئندا هئا. هنن جي پاڙي جيڪي ڪوڙا ۽ اوڳڻا ماڻهو رهندا هئا، هو انهن جي به سنڀال ڪندا هئا.

بهادرت ۽ جرئت:

جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين گهار،

جنين سندي واڙ، چور نه اچي ڪڏهن.

 

جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين لڏ،

ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سنئين ڪڏهن.

سنگهار قوم نهايت بهادر هئي، ان ڪري انهن جو رهائش تي ڪوبه چور يا هاڻو ڪونه ايندو هو، سنگهر قوم تي رب جو به راضپو هوندو هو، جو هو جتي به ۽ جنهن به جوءِ ۾ رهندا هائ، اتي مينهن ضرور وسندو هو، لطيف سندن لاءِ هن طرح فرمايو آهي ته:

سيڙهي سنگهارن جي وان ڪنڍيون ڪاهي،

مينهن نه مٽائي، جنين سندا پکڙا.

سنگهار قوم جي بي بها ڳڻن سبب ٻيا ماڻهو ۽ قومون کين ساراهيندا رهندا هئا، جيئن شاهه صاحب هڪ بيت ۾ عوام جي خيالن جي ترجماني ڪئي آهي ته:

ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اي نه سنگهار سٽ.

سنگهار ايئن ڇو ڪندا هئا؟ تنهن جو سبب ۽ ڪارڻ به گڏوگڏ ٻڌايائين ته هاڻو ڪنهن به وقت اچي سگهن ٿا، ڀل اهي مائٽ، عزيز ۽ ذات وارا ڇو نه هجن.

ڪاهيندا ايندا ڪڏهن مٿي وانڍ وهٽ،

هاڻو هونئي مٽ، ته به اڊولايو مَ ان جو.

عام ماڻهن طرفان سنگهارن لاءِ جيڪا دعا هئي ۽ منجهن اميد هئي، تنهن کي ڀٽ ڌڻيءَ هيئن شعر جو روپ ڏنو آهي ته:

جيئڻ سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان،

مان لهنئون سار، وچ ولهين ڏينهڙين.

سنگهار قوم وٽ مينهيون، اٺيون، ڍڳيون هونديون هيون، پر هن قوم مان سارو سنگهار اهڙو مالدار هو، جو ان وٽ نه رڳو هر قسم جو مال هو پر ججهو مال به رکندو جنهن جي رهائش جا سنڌ توڙي ڀر وارن علائقن ۾ ڪئين نشان آهن.

تعلقي ساماري جي هڪ ايراضي سندس نالي سان مشهور آهي، جنهن کي سندس نالي پويان سارو ڪوٺجي ٿو، جنهن کي ميين شاهه عنات اجهو هيئن ياد ڪيو آهي ته:

اُٺو ڍٽ، پٽ، پارڪر، اٺو سارو سوارو،

وڌي گاهه وڏو ٿيو تنهن موهه ۾ موچارو.

سنڌ، ڪڇ توڙي ڀر وارن ٻين علائقن ۾ سنگهار قوم جي مالداري مسلسل پنج ڇهه سؤ سال هلي هئي، ان ڪري عام طرح ماڻهن تي اهو اثر ويٺو هو ته سنگهار معنيٰ مالدار اڳتي هلي مالدارن کي سنگهار سمجهيو ويو ۽ ماڻهن جي ذهنن مان اها ڳالهه بلڪل نڪري وئي ته سنگهار مالدار نه بلڪ هڪ قوم آهي.

هن وقت سنگهار قوم جو ڪٿي ڪو نان و نشان به ڪونه آهي، شايد هي قوم مختلف ذاتين ۾ وراهجي وئي آهي، جن ذاتين بابت ڪنهن کي خبر به ڪونهي ته اهي اصل ڪير آهن، جيئن ٻين قديم قومن جهڙوڪ مارو، هويا، جک وغيره جو حشر ٿيو.

بڊام:

بڊام قوم بابت سر ڏاهر جي ٽن بيتن ۾ اشارا آهن، جن ۾ لفظ بڊاماڻي لکيل آهي، اصل ۾ ڏهين صديءَ آڌيٽي ڌاري بڊام ولد چني جو اولاد بڊاماڻي سڏجڻ ۾ آيو، پوءِ بڊام مشهور ٿيو ۽ انهن مان ڪئين شاخون نڪتيون، جن جو مختصر خاڪو هيئن ڏجي ٿو.

بڊام، ولد چنون، ولد هڙراڄ، ولد ڀوڄراج، ولد سوڏاڻ يا سڏاوڻ، ولد ڀيم، ولد ڀٽي، ولدسمرت ولد جادم سام

بڊام پٽ چنو کي ست پٽ هرهڪ جوڻو، ويسڪو، سيئرو، پاچوهو، پاتوريو، پونرو ۽ ڦل هئا. جن مان اڳتي هلي پونري ۽ ڦل جو اولاد ڇورا سڏجڻ ۾ آيو، سيئري ۽ چاچوهي جو اولاد ڇاپرو ڪوٺيو ويو، پاتوري جو اولاد ڪائيجا نالي سان مشهور ٿيو، جوڻي ۽ ويسڪي جو اولاد سانگي ڪوٺجڻ ۾ آيو، انهن چنن ۾ ڪئين بهادر ۽ سخي ٿي گذريا آهن.

انهن چنن جو ابتدائي وطن ڪاڇي يعني ڪڇ جا ڪنارا آهن، جتي سندن آثارن مان سانگي، وڌيو، ڦل، ماڻڪ نالي ماڳ، بڊام جو پٽ، ٻرڙو ۽ ٻنگار جا کنڊر اڄ به باقي آهن، ٻنگار ۾ چنن جي گهڻو وقت رهائش رهي، سندن لاءِ هڪ مشهور بيت به آهي ته:

سما ساموئي رهن، چنا منجهه ٻنگار،

گاد غورابين تڪڙا ٿا بندر ڊوهن بات.

جڏهن بڊام چنا لاڙ ڇڏي اتر ڏي وڌيا تڏهن ڪجهه وقت وچولي ۾ به رهيا جتي پڻ سندن آثار ملن ٿا، ڪجهه قبيلا دريا پار ڪري دادو ضلعي جي ايراضي ڏانهن هليا ويا، جن جي شاخن مان وديا ۽ ڀلاڻي ذات وارا قبيلا اڄ به موجود آهن.

بڊام قبيلي جا سانگي به اتر طرف آيا ۽ دادو، لاڙڪاڻي، شڪارپور وغيره طرف آباد آهن، ساڳي نالي سان ڪجهه اهڙا قبيلا به موجود آهن، جيڪر چنا بنياد جا نه آهن، اهي ابڙن ۽ ٻين ذاتين مان آهن.

سر ڏاهر جا مشهور ڪردار

سر ڏاهر جي بيتن ۾ ماڻهن جا ڪيترا ئي ڪردار ملن ٿا، جن مان نرالا ۽ خاص ڪردار هن طرح آهن:

(الف) هاڻو ۽ لوڙائو:

هاڻو جي معنيٰ آهي هڻن وارو يعني مال هڻي وڃڻ وارو، مال هڻڻ جو مطلب آهي ته مال کي گهوڙن جي منهن ۾ ڏيئي ڍوڙائي ڪاهي وڃڻ، اهڙو تکو ڊوڙائڻ، جنهن کي عام ماڻهو ۽ عام وهٽ رسي نه سگهي.

لوڙ جي معنيٰ لٺ آهي، جيڪي ٿورو لٺ هڻڻ جا هوشيار، ڄاڻو ۽ تيز هوندا هئا، جن کي پلٿي کيڏ چئبو هو. هو ٻين کي لٺيون هڻي ڪيرائي وجهندا هئا، پر پنهنجي پاڻ کي بچائي ويندا هئا، اهڙن ڦورن کي لوڙائو چئبو هو.

لوڙائو ۽ هاڻو ڪا خاص قوم ۽ قبيلو نه هو، هو ڪنهن به قوم مان پيدا ٿي سگهيا ٿي. سر ڏاهر جي دائري ۾ جيڪي هاڻو ۽ لوڙائو اچن ٿا، اهي گهڻو ڪري ٺڪر، جاڙيجا، سما، چنا ۽ سنگهار هئا. سڀن ۾ لاکو جاڙيجو ۽ لاکو ڦلاڻي وڏا نالي وارا هئا. جن ڏانهن ڪئين اشارا آهن.

لاکو جاڙيجو:

لاکو لکيءَ تي چڙهيو، لکي لاکي ساڻ،

چاري چاڙهي آئيو وسي رات وساڻ،

جاڙيجو زيان، ڪيڏو ڪري ويو ڪڇ سين.

لاکو ڦلاڻي:

لاکو لوڙئن سين ڏس ٿو چڙهي،

وڙهيو وريامن جا ڌڻيو ڌڻ هڻي،

پيس جو پري، سو واهر ڪنهن نه واريو.

(ب) ماري ۽ شڪاري:

سر ڏاهر جي ڪردارن ۾، هاڻن ۽ لوڙائن کان پوءِ ماري ۽ شڪاري آهن، جيڪي پرديسي پکين ۽ جانورن کي ماريندا ۽ شڪار ڪري ڦاسائي وڪڻندا هئا، سندن شڪار ڪونجون، هرڻ ۽ روجهه وغيره هئا. مارين ۽ شڪارين جو ذڪر اٽڪل ستن، اٺن بيتن ۾ آهي.

ڪونج نه لکيو پاڻ، جو مار سندي من ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

 

بغل ۾ بندوق، ماري ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.

 

چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بٺ ۾،

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇيرا آڻيون.

 

وڳر ۾ وائي، ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي،

سر ۾ ساينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،

پسين نه ڦاهي، جا ماري سندي من ۾.

سر ڏاهر ۾ جانور ۽ پکي:

هن سر ۾ جن جانورن ۽ پکين جو ذڪر ملي ٿو. اهي هن طرح آهن:

(1) جانور:

جانور ۾ هرڻ ۽ روجهه خاص آهن، جن بابت لطيف سائين هن سر جي بيتن ۾ اجهو هيئن ذڪر ڪيو آهي:

هتي آهين روجهڙي، چڻي اٿي ويڙهه،

ماريئڙو تو پير، چارو وٺي سينڱڙي.

 

کوءِ ٻيريون، ٻن ٻور، ڦرڪو ڦاڪان نه چرين،

سائي پٺي مسور، جڏهن تڏهن رڃ جو.

 

رويو ريجاڻي چرندا ڇڏيو پانئروٽ،

ڪهي ڪيناري چاڙهيئون هرڻ وڪڻي هٽ،

تو سر مٿان سٽ، مادي ڏيهاڻي ڪري.

(2) پکي:

هن سر جي ذڪر ڪيل پکين ۾ باز، مور، ٻاٻيهو، للو، ٻگهه ۽ ڪونج اچي وڃن ٿا. جن ۾ ڪونج خاص آهي، جنهن جو ذڪر يارهن (11) بيتن ۾ آهي.

ڪونجون، جيڪي سائبريان مان اڏامي هن علائقي ۾ اچن ٿيون، اهي هڪ طرف پنهنجي ٻچن کان وڇڙي انهن لاءِ روئنديون رهن ٿيون ته ٻئي طرف اهي هتي جي مارين ۽ شڪارين جي ور چڙهي وڃن.

ٽئين طرف انهي دؤر ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب تڪليف ۾ اچي وڃن ٿيون، ڪونجون هتي ولرن جي شڪل ۾ اچن ٿيون، اهي هڪ ٻئي پٺيان قطار ۾ هلنديون اچن ٿيون ۽ انهن مان هڪ پکي سندن اڳ ۾ هوندو آهي، جيڪي اوپيءَ وانگر ٿورو اڳتي هلي جاچ ڪري وري پوئتي موٽي ٿو ۽ پوءِ ولر سان گڏ اڏامندو هلي ٿو، اهڙي طرح هو پنهنجي اها ڊيوٽي ڏيندو هلي ٿو.

ڪونجون جڏهن هتي اينديون هيون، تڏهن وڏي ولر ۾ هونديون هيون ۽ کاڌي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلي، هڪ ٻئي کان وڇڙي به وينديون هيون.

مطلب ته لاڪن هڪ پرتي رهيل ساٿ جو وڇوڙو، ٻئي طرف آيل ساٿ کان جدا ٿي رولڙو ۽ ٽي طرف مارين جو ڊپ هر طرف ڏک ئي ڏک سامهون هوندو هين.

ڪونجن جا سڀئي بيت ڏاڍا درد ڀريا ۽ الميه آهن. جيئن:

وڳر اڪيري، سر ساريو سور چري،

جهري جهڄندي ڏي، سنيها کي سڄڻين.

 

وڏي وڳر هيرئين، چڻي نه ٻين گڏ،

ڪونج ڪريندي سڏ، ويئي وهامي راتڙي.

(2). ڏاهر جو تاريخي پس منظر ۽ تاريخي ڪردار:

سر ڏاهر جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ان تي پهريائين نهايت آڳاٽا آثار نظر ايندا، جيڪي تاريخ جي مڃيل دؤر کان پهرئين دؤر جا آهن، ان ڪري انهيءَ دؤر کي ڇڏي اسين تاريخ جي مڃيل دؤر طرف وڌنداسون جنهن ۾ اسان کي نائين ۽ ڏهين صدي جي تاريخ سامهون ايندي. جنهن ۾ اسان کي ڪاڇي ٿر ۽ لاڙ جي خوشحالي واري دؤر کان هڪدم پوءِ پاڻي جي اڻاٺ وارو دؤر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ڏهين صديءَ جي ئي چوٿائي ۾ زلزلن جي ڪري اتر کان ايندڙ وهڪرا جيڪي سکر ضلعي جي ايراضي مان هيٺ ڏکڻ ڏانهن ايندا هئا. اهي سڪي وڃن ٿا ۽ ملڪ هڪ ڏڪار هيٺ اچي وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com