سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :8

سياسي بصيرت رکندڙ مفڪرن جو قول آهي، ته ڏاڍي سان ڏاڍ ڪرڻ ۽ مسڪين سان مدد ڪرڻ ڪنهن به ملڪ جي حاڪم لاءِ ضروري گڻ آهن ۽ اهي گڻ لاکي ڦلاڻيءَ ۾ موجود هئا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب: لاکو ڦلاڻي 1200ع کان 1350ع ڌاري ٿي گذريو. سنڌي شاعرن ۽ سندس خاندان جو واسطو سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ٻني لوڻي ايراضين سان هو. شهسواري، سرڪشي، سورهيائي ۽ سخا، جيڪي ان وقت ۾ سرداري ۽ حاڪميت لاءِ ضروري هيون، لاکي ڦلاڻيءَ جي طبيعت ۽ اخلاق جا گڻ هئا. هو هڪ اڙٻنگ ۽ اڻ موٽ جوان هيو. هُن دشمنن سان مقابلا ڪري، هر هنڌ پنهنجي هيبت جي هاڪ وهاري ڇڏي هئي. لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت ۽ انفرادي حيثيت جو نقشو سر ڏهر ۾ شاهه صاحب هيئن چٽيو آهي:

لاکا لک سُڄَن، ڦلاڻيءَ ڀير ٻئو،

جه پَرِ راڻا، راڄئا، ڪوٽن منجھ ڪنبن،

جه جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهي.

سر ڏهر ۾، شاهه صاحب جيڪو به منظر بيان ڪيو آهي، ان جو تعلق ٿر جي انهيءَ علائقي سان وابسته آهي، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جهڙي اڙٻنگ جوان جو واسطو هو. ٿر جون اجاڙ حالتون ڏسندي، شاهه صاحب تاريخ جي هڪ اهڙي ڪردار جو انتخاب ڪيو، جيڪو نه رڳو سورهه هيو، پر غريب پرور سردار به هيو، ۽ اهوئي سخي سردار ۽ اڻ موٽ جوان هن ويران علائقي کي وري سيراب ڪري سگهيو پئي ۽ عوامي طاقت جيڪا ڌارين جي سياسي چالبازي جي ڪري ڇڙوڇڙ ٿي چڪي هئي، ان کي متحد ڪري ۽ ملڪ کي مضبوط ڪري سگهيو پئي، تاريخي حقائق گواهي ڏين ٿا ته لاکي ڦلاڻي ٿر جي انهيءَ حصي ۾ مينهن جي مٺي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا تلاءُ کڻايا هئا. جو اڄ ڏينهن تائين ٻني واري علائقي ۾ موجود آهن. شاهه صاحب جي اڳيان، سنڌ جي متحد ۽ آباد ٿيڻ جو ٻيو جيڪو آسرو ۽ اهڃاڻ هيو، اهو هيو پيغمبر عليہ السلام.

دنيا ڇا به چوي، مگر ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ شايد ڪفر کان به بدترين آهي، بلڪه دانشمندي ۽ شجائت جي به خلاف آهي، ته پيغمبر عليہ السلام پنهنجي انقلابي عمل سان عرب جي انهن شوخ سردارن کي، جن جا الڳ الڳ پنهنجا خدا هئا، ۽ سندس ڪنڌ تڪبر ۽ غرور ۾ اوچا هوندا هئا، تن کي هڪ خدا جي اڳيان سجده ڪرڻ تي جهڪائي وڌو، ۽ اهو هڪ عظيم انقلاب هيو، لهٰذا سنڌ ۾ به اهڙي انقلابي عمل جي ضرورت هئي، جيڪو مغرور جاگيردارن ۽ نوابن کي متحد ٿيڻ تي مجبور ڪري. شاهه صاحب سر ڏهر ۾ جڏهن پيغمبر عليہ السلام کي پڪاري ٿو، ته ڄام جي لقب سان پڪاري ٿو، جيڪو سنڌ جي سخي سردارن ۽ حاڪمن جو اهڃاڻ آهي.

مديني جا ڄام، سڻ منهنجا سڏڙا،

آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سير ۾.

(ڏهر-2-6)

سر ڏهر جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه صاحب جي اڳيان سنڌ جي متحد ۽ آباد ٿيڻ جو ٽيون اصول هيو عوامي سطح تي قومي اتحاد ۽ دنيا جي تاريخ شاهد آهي، ته جڏهن به عوامي سطح تي ڪنهن قوم جو اتحاد ٿيو آهي، ته ان کي دنيا جي ڪابه طاقت ٽوڙي نه سگهي آهي. شاهه صاحب فطري طور هڪ اعليٰ ذهن جو مالڪ هيو. هن جي اڳيان اتحاد جا هزارين مثال موجود هئا، پر انهن سڀني ۾ ڪمزور ۽ بي يارو مددگار اتحاد هيو پکين جو اتحاد، تنهن ڪري ان جو مثال ڏيندي شاهه صاحب فرمايو:

وڳر ڪيو وتن، پريت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

(ڏهر)

ماري هزار ڀيرا پکين کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنائيندو آيو آهي، پر مجال آهي جو ڪونجن جي قطار کي ڇني سگهيو هجي. اڄ به پکيئڙن جو اتحاد پنهنجي جاءِ تي موجود ۽ اٽل آهي.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڌارين جي غير شريفانه سلوڪ سنڌي عوام جي ذهن، فڪر، حوصلي ۽ همت کي ايترو ته ڇيهو رسايو آهي، جو ان جا اثرات اڄ به مختلف صورتن ۾ سنڌين جي مزاج ۽ طبيعت تي اثر انداز آهن. مگر، پوءِ به اسان جو شاعر مايوس نه آهي. هن لاءِ وري به قومي اتحاد جو اهڃاڻ اهو هاري آهي، جيڪو هر هلائي ٿو، اهو ڌنار آهي جيڪو پنهنجي ڌڻ سان ڌرتتيءَ جو اڃو بکيو گڏ رهي ٿو. انڪري سندس دعا به اهڙن ئي ماڻهن لاءِ آهي:

جين سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان،

مان لهنئون سار، اچي اوکي ڏيهنئڙين.

(ڏهر-2-36)

سچ ته سنڌ جي زرخيز علائقن ۽ ساون ميدانن، انسان ته ٺهيو پر پکي پکڻ کي به پنهنجي طرف هميشه پئي ڪشش ڪئي آهي. هزارها ميل پنڌ ڪري، پرند ويچارا پنهنجو وطن ڇڏي رزق جي تلاش ۾ هر سال سنڌ ۾ اچن ٿا:

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، رزق رازق هٿ ۾.

اهڙي سنڌ جي دولت جي فراواني ۽ رزق جي ارزانيءَ نه رڳو پکي پکڻ ۽ انسان کي پنهنجي طرف ڪشش ڪئي آهي، پر حيوان توڙي انسان جي اتحاد واري عمل کي به پئي همٿايو آهي. پر افسوس جو انهيءَ اتحادي عمل جي ٽوڙيندڙ کي ڪنهن نه سڃاتو، جيتوڻيڪ شاهد صاحب اُن جا پار پتا ٻڌايا آهن:

بغل منجهه بندوق، ماري ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملو، لتاڙيو لڪ چڙهي.

(ڏهر-4-18)

بلاشبه! اسان جو لطيف سائين، سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ اتحاد جو پيغمبر آهي. اسان سر ڏهر جي مطالعي مان اهو اندازو لڳائڻ ۾ حق بجانب آهيو ته ڀل ته تاريخ جي زبان کي کنگ ڇو نه ڪيو ويو هجي، پر لطيف جي زبان سنڌ ۽ سنڌين کي سدائين متحد ٿيڻ جو درس پئي ڏنو آهي:

ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، ايُ نه سنگهارن سِٽَ،

ڪاهي ايندا ڪڏهن، مٿي وانڍ وهٽ،

جي ماڻهو هونئي مٽ، تب اوڊو لايو مَ اُن جو.

(ڏهر-4-27)

سر ڏهر جو مجموعي پيغام

(سنسر جي فاني حيثيت)

علي احمد بروهي

فصل پهريون- ظاهري مطلب

ٿر جي وارياسي ڀٽن کي وچواري ميداني ماٿر کي چون ڏهر. ڏهرن جي ٻنين جي پوک ڀلي ۽ چوپائي مال لاءِ گاه پٺو به جام ۽ مئو ٿئي. پر جي مولا يمنهن وسائي ته. تڏهن ته چوندا آهن ته وسي ته ٿر نه بر پر ٿر ۾ اهڙا به ڏهر آهن جي ڪنهن دؤر ۾ برک بندر هوا، يا ڏيساور، پر هاڻ کنڊهر آهن. پوءِ ڪي ماڳ تڙ جي ڦٽڻ ڪري اجاڙ ٿي، ته ڪن هنڌن تي وري مهراڻي منهن موڙيو ۽ ڍوروئي ڍُرڪي ويو.

اهڙي هڪ ويران ڏهر کان، سنڌ جي سيلاني شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو گذر ٿيو، جنهن ماڳ کي ڪجھ ايام اڳ، آباد ۽ آسودي حال ۾ پسيو هوائين. ڏهر جو هاڻوڪو حشر ڏسي، شاهه صاحب کي حيراني ٿي، تڏهن وسنديءَ سان الاجي ڪهڙي ويڌن ٿي ۽ ساڻس ڪنهن وئل وهايو؟ ڪا طوفاني آنڌي آئي يا وري ڪا ڌرتي ڌٻي، جنهن چٽ گهٽ ۾ نابودي آندي!

هونئن ته هت ٻارهوئي چهچٽو متل هوندو هيو. هاڻ ته، نه اهي لانڍيون لوڙها هوا، ۽ نه چونڪيون ۽ چونرا، جي ماڻهن سان ڇلڪندا ڏٺا ويندا هوا. هاڻ ملاح به ويا ته پنهنجون دنگيون ۽ ڊونڊيون به هاڪاري هليا. وڻجارن وئي سندن هٽ به اچي پٽِ پيا. هر هنڌ سڃ ۽ رڃ جو راڄ هيو ۽ ڪنگ ٿي رڙيو.

سيلاني ويرانيءَ ۾ واجهائيندو رهيو، ته هن ڪٿي ڪو اڳوڻي اوج جو اهڃاڻ اکين پسجي. پر ماڻهو توڻي مالڪ، ٻني جو ، پري پري تائين به ڪٿي پيرو کرو ڪونه ٿي مليو. ٻنيون ڀڙ ڀانگ ۽ ڀيليل هيون. البت گئوچر ۾ سو ڪٿي ڪو ڳم ڳنڍير، يا ڦوڳ ڦولاريل ٿي ڏٺو. سڏ پنڌ تي هڪ ڪنڊي جو وڻ جيئرو جاڳندو ۽ صحيح سلامت بيٺل هيو، جنهن ڪَر کڻي ٿي واجهايو. شايد ڏهر جي ويرانيءَ تي اُڀو بيٺي اوسر ڪيائين.

سيلاني، ڪنڊي اوڏڙو اچي، ساڻس حالي حوالي ٿيو ته يار ڪر خبر؟ هتي ڇا وهيو ۽ ڇا واپريو جو هن حال تي نوبت آئي. وڻجارا ڪيڏانهن ويا؟ ڪا اوچتي آپوا آئي. يا ماڱر مٽائي پاڻ لڏي پلاڻي هليا ويا. توکي سيڻن سڄڻن جي وڇوڙي جو فراق ڦوڙائو ته ضرور ٿيو هوندو. پر پوءِ به تنهنجي صحت تي ڪو تاثر نه ٿيو، نه ته هتي ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهين. ٻڌاءِ ته سهي، تو هتي جي وڻجارن جهڙا ڪٿي گبر سيٺ به ٻُڌا يا نه؟ ڀلا جسودن جهڙو، تو ٻيو ڪو واپاري به ڏٺو يا ٻڌو؟

ڪنڊي وراڻيو، ته مهراڻ منهن موڙيو، ۽ پوءِ ڏهر جو ڀاڳ بخت ئي هتان لڏي ويو. ڍورانارا سڪي خشڪ ٿي ويا. واهڙ جي ڪنارن لڳ ٻيڙين جون بيهرون بيٺل هونديون هيون. هاڻ انهن ڪنڌين تي ڪانهه ۽ اڪ نسريل هوا. واهڙ خشڪ ٿئي. ٻيڙيا تن لڏئو ۽ ساڻ ٻيڙيون به هاڪاري ويا. جڏهن صرافن لڏئو ته تون به لڏج سون. وڻجارا ويا، ته سونگي به پنهنجو وهيون ويڙهي راهي ٿيا.

ڏينهون ڏينهن ڍوري جي پاڻي کي تانگهو ٿيندي ڏسي، ملاح ڀانپي ويا، ته هاڻ واهڙ جي وهڪري ۾، نه جوڀن هو ۽ نه جوتِ. هو جهونا جوڳي هوا، ۽ سڀ کان اول، پنهنجا مڪڙا ۽ موڙها هتان هاڪاري ڪنهن ٻئي پار وڃي پهتا. مهراڻي ۾ پاڻيءَ جا پار پسي، جسودن جهڙا جُنگ وڻجارا، به وڏي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ پئجي ويا، ته هاڻ سندن وهنوار ۽ ڪاروبار جو الائجي ڪهڙو حشر ٿيندو!

ڪجھ اڳڀرو راهي ٿيندي، سيلانيءَ جي نظر وڃي هڪ مَڇَ تي پيئي، جو ماندو ۽ اڌ مئو ٿيو، وچ واهڙ ۾، ڦٿڪي رهو هو. پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪارڻ مڇ جو جيئڻ وه ٿي چڪو هيو. چُرڻ پُرڻ ته گهوريو پر ساهه کڻڻ به ساڻس لاءِ محال رهيو. شايد پويان پساهه هيس، جو ڳيتون ٿي ڏنائين. سيلانيءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته مورک جڏهن وهڪرو تار تي هيو ته تون ماڳ موٽڻ جي نه ڪيئ. تون، پاڻيءَ جي موج ڏسي، ڀانيو، ته شايد اهو چڙهه دائم ۽ قائم رهندو. هاڻ، جڏهن تو لاءِ واپس ورڻ جي واٽ ئي نه رهي آهي، ته ڀاڄ لاءِ پهر ڇا لاءِ پيو پچائين؟ توکي ڄاڻ آيو الاجي نه، ته مهاڻن تنهنجي راهه ۾ ڪِلا کوڙي، پنجوڙ نما ڄار هڻي ڇڏيا آهن، ۽ تنهنجي فرار ٿيڻ جا گهٽ گهير ئي بند ٿي چڪا آهن. تنهنجي وڃڻ واري ويل ٽري ويئي. هاڻ ويهي پنهنجي ڪئي جو ڪيتو لوڙ ۽ مهاڻن جون مهميزون سهه.

سر ڏهر جي فصل پهرين جو، فڪر ۽ فلسفو:

ڏهر کان مراد آهي ته هي سنسار، جو سدائين پيو سانڊي جيان رنگ روپ ۽ ويس بدلائي. هن جڳ جهان ۾ جو  ڪجھ به ڏسجي رهيو آهي، تنهن کي ڪا حقيقي هستي ته آهي ئي ڪانه. هي جهان ته هڪ سکڻو ڏيکاءُ آهي، يا رڃ وارو لقاءُ! ڪٿي وسئن ۽ وسندي آهي، ته ڪٿي وري ويراني پيئي واڪا ڪري. جت اڳ برک شهر ۽ بندر هوا اتي هاڻ کنڊهر آهن. جتي اڄ بيابان ۽ برپٽ پيو ڏسين، اتي اڳ سمنڊ ۽ ساگرن ڇوهه ٿي ڇنڊيا. هن ڏهر ۾ پڻ ڪجھ ايام اڳ، هڪ برک بندر هيو، جتي ٻيڙين ۽ ٻيڙياتن جا ميڙ ۽ ميڙاڪا هوندا هوا. هاڻ تڙ ئي سڪي اُجاڙ ٿي ويو. هينئر هت سڃ پيئي واڪا ڪري. هڪ سج ته ٻه پاڇا آهي. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. فنا جي اها ڀنڃ ڊاهه، ايامن کان هلندي اچي. ڪيئي شهر تباھ ۽ برباد ٿي ويا. نه ماڻهو رهيا ۽ نه مال. رهي نالو الله جو.

جهنگ جا وڻ ٻوٽا ۽ وليون:

ڏهر جا ماڻهو ته لڏي پلاڻي ويا، مري کپي ويا پر هن ماڳ جا وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا بدستور بيٺل هوا. ڪنڊو سنڱرين سوڌو سلامت هيو ۽ ڳم ڳنڍير اڪ ۽ ڦوڳ به ڦولاريل هوا. معلوم ائين ٿي ٿيو ته هي جهنگلي وڻ ٻوٽا قدرت جا عنصر هوا ۽ جنجو زمين جي زرخيزي، آب پاڻي، يا ماڻهن جي موجودگيءَ سان، ڪو واسطو يا ناتو هيو ئي ڪونه، ۽ نه وري ڪو هنن پنهنجو ٻور يا ڦل ڪو ماڻهن يا مال جي ورتائڻ لاءِ اُپايو هيو. حاصل مقصد هي هيو، ته ماڻهوءَ خواهه مخواهه پاڻ کي ايترو پڏايو هيو، جو پاڻ کي ڪائنات جو مرڪز ٿي سمجهائين. توڻي جو، قدرت ۾ لاپرواهي ۽ لاغرضي هئي ۽ اها به ڍَئو تي. قدرت لاابالي سرڪار هئي ۽ ماڻهن جو هئڻ يا نه هئڻ سان کيس ڪو فرق ڪونه ٿي پيو. قائم هوندا ۽ مٿن رحمت جي بارش بدستور وسندي رهي.

ملاح:

ڏهر جا ملاح تجربيڪار ۽ ڏيهه ڏاها ماڻهو هوا. هنن کي پنهنجي ڌنڌي جي هُرکُر ۽ اُڻ تُڻ هئي. جڏهن ڏٺائون ته واهڙ جو پاڻي ختم ٿي رهيو آهي، ته هو سويل ئي، پنهنجا موڙها هاڪاري وڃي ٻني پار پهتا. جي وقتن سر حيلو وسيلو نه ڪن ها ته سندن به اهڙو ئي حشر ٿئي ها جو وڻجارن جو ٿيو.

وڻجارا:

ڏهر جا وڻج واپار ڪندڙ سيٺيا، ڌن دولت واري وهنوار ۾ ايتريقدر مشغول رهيا، جو کين هي وهم گمان به نه رهيو ته ڪو مهراڻو هتان منهن موڙي ويندو يا سندن واپار چوپٽ ٿي ويندو؟ کين اٺئي پهر ڌنڌي جي لوري لڳل رهي. جڏهن پاڻيءَ پُتا ڏينهڙا ته وڻجارن جون وايون ويلهڙيون ٿي ويون ۽ سندن وهنوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

مانگر مڇ:

هي مورک مَڇُ، واهڙ ۾ جَل جام ڏسي الاجي ڪٿان پيٽ پوڄا جي لالانگهري تي اچي، هتي سَهڙيو. ڏٺائين ته هت کاڌو پيتو به خاصو هيو، ۽ ساڻس کينس ڪرڻ وارو به ڪونه هيو، سو کُپُ کوڙي هت ويهي رهيو. کاڄ کائي اَچي رِڇُ ٿيو ۽ مُڇَ کان مانگر مڇ. پوءِ ته سموري تڙ ۾ رڙ مچائي ڏنائين. آئي وئي کي ٽوڻا ٿي هنيائين. کيس هيءَ مند فڪري ئي ڪانه رهي، ته پاڻيءَ جا به ڪي پويان پساه ٿيندا آهن. اهڙي آچار واپس ماڳ ورڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏيائين. کيس تڏهن خبر پيئي، جڏهن واهڙ سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳو. پوءِ ماڳ موٽڻ جو پھ پچايائين، پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي. تڙ ۾ پاڻي بجاءِ ريتيءَ ٿي ريلا ڪيا. مهاڻن مَڇَ کي ٿلهو متارو ڏسي پنهنجا ڪنڍا ۽ ڪِلا سنبرايا. پوءِ ته بُري تي بڇ ٿي ويئي.

سر ڏهر جو مجموعي پيغام

فصل-2:

مديني جي مير ۽ الله جو ذڪر فڪر- دعائون

سُر ڏهر شاهه جي رسالي جو، نچوڙ آهي. يا اڃان هيئن به کڻي چئجي، ته رسالي جو روح آهي. شاهه جي ڪلام جو سرچشمو آهي ڪلام مجيد، جنهن جو مول مقصد مختصر لفظن ۾ آهي لا الہ الا الله محمد رسول الله، جو اسانجو ڪلمون پاڪ به آهي، عبادت ۽ ايمان پڻ. عبادت کان مراد آهي، الله آڏو عاجزي! سندس اڳيان سر بسجود ٿي ٻاڏائڻ، يا ليلائڻ. بقول شاهه ڀٽائيءَ جي ته عبادت اڪيلي راه آهي ڇوٽڪاري جي ۽ ٻي ڪا واٽ آهي ئي ڪانه. فرمائي ٿو، ته ليلان ليلائيج- جي ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائيج. ڏاڍي جي سرڪار ۾ سواءِ، آزي نيازيءَ جي پيو آهي، نه حيلو ۽ نه وسيلو.

چيو وڃي ٿو ته آگي آڏو انسان اگهاڙو ۽ ننگو آهي ۽ اهو به سواءِ ڪنهن بچاءُ يا بهاني جي. پر تڏهن به، ڇاڪاڻ جو رب رحمان الرحيم آهي، انڪري کيس پنهنجي بنده کي بخشيندي ڪا ويرم ڪانه لڳندي. ڪن جو ته هي به چوڻ آهي، ته الله کي عاجزي بيحد وڻندي آهي. ڇاڪاڻ جو، پاڻ وٽ اها وَٿ آهيس ئي ڪانه. هاڻ ڪائنات جي مالڪ ۽ قادر- مطلق وٽ، عاجزي ڪٿان آئي؟ پر هجيس ها، ته سندس تخت تي هي اکر اُڪريل آهن منهنجي رحمت منهنجي قهر کان وسعت ۽ وزن ۾، ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ۽ ڀاري آهي.

انساني زندگي مجموعو ۽ مرڪب آهي، خواهشن، ڏک ڏاکڙن ۽ موت جو. زندگي هڪ اهڙي راه آهي، جا اڳتي هلندي تنگ ۽ تاريڪ ٿيندي، اچيو هڪ توڙ تي دنگ ٿي ڪري، جتي موت جو آکاڙو آيو آهي. جنهن منزل پار ڪرڻ پڄاڻان، سائينءَ جي سرڪار ۾ حاضر ٿيڻو آهي ۽ تهان پوءِ، مقام اچي ٿو بقا جو. اسانکي، زندگيءَ جي براين  بڇڙاين کان، الڳ ۽ پاسي ڀر رکڻ جو واحد وسيلو آهي، الله جو نالو جو اسم اعظم به آهي. ڇاڪاڻ ته، سندس نالي سواءِ، الله جو ٻيو ڪو تصورئي موجو دنه آهي. جيئن جو، الله جو اسم حق سچ آهي، انڪري سراپا پاڪيزگي ۽ بقاءُ آهي. ڪائنات جي هر وَستو ۽ وٿ، الله جي نالي ۾ سمايل آهي. انڪري، جڏهن به اسين الله جو مِٺو نالوٿا ڳنهون ته ان وقت اسين مالڪ جي نالي جي نسبت سان زنده ٿا رهون، ورڻ هونئن، اَنا، انسان، يا سنسار، ماڳهين آهيئي ڪونه. هي ته مانڊي منڊ پکيڙيو آهي ۽ طلسم آهي.

الله پاڪ جي نوانوي صفاتي نانون ۾، اسانکي هي ڄاڻ ٿئي ٿي ته اهي مڙوئي ۽ هَڙئي صفتون، انهيءَ هڪ ذات پاڪ ۾ سمايل آهن، جنهن کي اسين وحده لاشريڪ لہ چئون. الله جي نالي سان نه فقط اسان جي زندگيءَ جي تعمير ٿي ٿئي، پر جو ڪجھ اسين چاهيون ٿا، يا آس اميد رکون ٿا، سو سمورو سَمرُ پڻ سندس سهڻي نام ۾ موجود آهي، ۽ سندس نالو ئي اسان کي ڇوٽڪارو ٿو بخشي. هي آهي سر ڏهر جو مجموعي پيغام جو سُر ڏهر جي چئن داستانن ۾:

(1) سنسار جي فاني حيثيت ۽ انسان جي غفلت (2) الله ۽ مديني جي مير جو ذڪر فڪر ۽ دعائون، (3) عبادت ۽ ذڪر لاءِ ارادو، عمل ۽ وقت، ۽ (4) ملڪ الموت ۽ سندس مارو.

فصل _ 3

مديني جي مير ۽ الله جو ذڪر فڪر- دعائون)

رسول صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته دعا مڙوئي عبادتن ۾ افضل آهي. عبادت جو مقصد آهي عبوديت يا ٻانهپ يا بندگيءَ مان مراد آهي ته بنده پنهنجي ضعيفي ۽ لاچاريءَ جو اظهار ڪندي الله پاڪ جي عظمت ۽ وڏائي بيان ڪري. جيتري عاجزي ۽ نيازي ڪئي ويندي اوترو بهتر آهي، اهوئي ڪارڻ آهي جو عارف الله جا پنهنجي مالڪ خالق کي ڪانڌ يا ور جي نسبت ۾ مخاطب ٿين ۽ پاڻ کي بيڪس بندي، ٻانهي يا عاجزه جي حيثيت ۾ آڻي آزي نيازي ڪن.

سر ڏهر جي هن فصل ۾ به دعا ۽ عبادت جا ڳر ڏسيل آهن. اڳين ۽ هن داستان ۾ ڪو خاص فرق نه آهي سواءِ هن جي ته هتي سالڪ پنهنجي مالڪ کي ڪانڌ پڪاريندي ۽ آزي نيازي ڪندي ٻاڏائي ٿو ته منهنجا ڪانڌ هن ولهيءَ جي ويڙهي ۽ نماڻيءَ جي نجهري ڪو وارو ڦيرو ڪر. ڍڪڻ هار آءٌ ته تنهنجي آسري ۽ سهاري پرده پوش ٿي ڍڪي ويٺي آهيان. جيئن تون قائم دائم آهين تيئن آءٌ به شال ور ولهي نه ٿيان. جي اندر ۾ غم گوندر ۽ گهاريون اٿم سي ور، تو سواءِ ڪوءِ سنواري نه سگهندو.

ڪانڌ ته ٻين جا به آهن پر منهنجي ساهڙ جهڙو درياه دل هئڻ ناممڪن، جو منهنجا عيب ثواب ڏسي پسي به درگذر ڪري ڇڏي ۽ اٽلندو اوڻاين تي ڪک رکي سندس پرده پوشي ڪري.

اهڙن ڳڻن ۽ وڙن جي باوجود به جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي ور جي ڪاڻ نه ڪڍي، وڃي ڪنهن ڌارئي يا غير محرم مرد سان ويٺي ڏند شيڪي، پوءِ چئبو ته هو هڪ اڻڄاڻ ۽ اياڻي عورت آهي جا اناج جي ڪڻن داڻن کي ڇڏيو ويٺي سکڻا تهه ۽ توتڙ ميڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com