سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :17

ڀانگهو معني ڀڙڳ، سڪل ڪاٺي، تنهنڪري ٻانگهر جي معنيٰ به ٿيندي، سڪل ڪاٺي، سڪل ڪاٺيءَ کي باکُڙ به چئبو آهي.

ٻانگهڙ تي اصطلاح

سُڪي ٻانگهه ٿيڻ. =

سَجي ڀانگر ٿيڻ =

سَڪي ڀانگهو ٿيڻ = سُڪي ٺوٺ يا ڀڙڳ ٿيڻ،

ڳري ڪنڊا ٿيڻ،

تمام ڪمزو ٿي وڃن.

4. سُڪي ڍورُ ڍَيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو،

ماڙُهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهن ڀيڻيين.

لغوي لفظ:

ڍور ـــ ڍيون ـــ ڪائو ـــ پٽيهل ـــ ڀيڻيين.

ڍور = ڍورو، تلاءُ

ڍَيون ـــ ڍَئي = هيٺ لاهيءَ تي،

ڍيون ٿيو = ڍوري جو پاڻي هيٺ لهي ويو. يعني دُٻن جي صورت ۾ وڃي ٿيو.

ڪائو لفظ جي معنيٰ تي ڪن صاحبن پنهنجا رايا ڏنا آهن، جي عرض رکن ٿا:

1. ڪائو هڪڙي پکي جو نالو، جيڪو جڏهن ٻوليندو آهي ته پاڻي ڇڄندو آهي.

2. ڪائو ڪکن جا موڙ.

دراصل هي لفظ ـــ ڪائو ـــ پاڻي سان واسطو رکندڙ محاوري جو لفظ آهي.

ڪائو = ڪَئو کائڻ جي حالت.

ڪنڌي ڏنو ڪائو = ڍوري جو پاڻي، جيڪو ڪنڌيءَ سان لڳو بيٺو هوندو هو، سو ڪَئو کائي هيٺ لهي ويو آهي. مطلب ته اڳ ڍوري يا تلاءَ جو پاڻي ڪَرون ڪَر يا ڪَنان ڪر هو، سو هينئر لاٿ کائي، ڪناري کان هيٺ لَهي دُٻن جي صورت ۾ وڃي ٿيو آهي.

پٽيهل = سنڌو جي هڪ پراڻي ڍوري يا تَڙ جو نالو

(1) لغات قديمي ص 86 مرزا قليچ بيگ

ڀيڻيين = ڀڻين تي. ڀيڻيون جمع ــــ واحد ڀيڻي =

جاءِ. هنڌ. روزمره جي ڳالهائڻ ۾ پڻ ڀيڻي استعمال ٿئي ٿو:

ادا، توسان مهنجي پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي.

يعني توسان پڄڻ جي جاءِ نه آهي.

5. جان واهڙ ۾ وَهه، تان ترن مَڇ نه موٽيين،

ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پَههُ

سَر مٿي سَههُ مهميزون ملاحن جون.

لغوي لفظ:

ڪائي ـــ مهميزون

هڪ اَهل قلم ڪائي کي ڪائي ۾ ڏٺو آهي.

اسان ان سلسلي ۾ ڪافي نسخا ڀيٽيا، پر ڪٿان ڪائي لفظ جو پرو ڪونه پيو. خير ڪيئن به هجي، پر معنيٰ لکي ٿو:

ڪائي = مڇي ڦاسائي، کڻي هلڻ جي جهولي. جنهنجي وچ ۾ ڪاٺي وجهي، ٻه ڄڻا کڻندا آهن.

اها معنيٰ پنهنجي جاءِ تي ڀل قائم هجي، پر شاهه سائين جو خيال هرگز اها معنيٰ قبول نه ٿو ڪري.

لفظ ڪائي آهي نه ڪائي، ڪائي جي اها ساڳي معنيٰ آهي، اي مڇ هينئر جڏهن پاڻي ڪرون ڏيئي لَهي ويو آهي ۽ باقي دُٻن وارو پاڻي، سُڪڻ جي قريب آهي، تڏهن ٿو موٽين؟ جڏهن پاڻي مَئو هو، تڏهن ڇو نه موٽئين.

مهمزون = جٺميون، تڪليفون، ايذاءَ ـــ اِها معنيٰ عام طرح ورتي ويندي آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ جي لحاظ کان بلڪل ٺيڪ آهي، پر لغوي لحاظ کان هيءَ معنيٰ آهي:

مهميزون جمع ــــ واحد، مهميزَ.

مهميز = نَعلُ، جو گهوڙي سوارن جي جَوتي جي کڙيءَ ۾ لڳل هوندو آهي. گهوڙي کي تيز ڪرڻ لاءِ، سوار، جوتي جي کُڙيءَ سان گهوڙي کي اهڙي مَهٽ ڏيندو آهي، جو گهوڙو هڪدم خبردار ٿي ويندو آهي. (1)

6. جان جَرُ هئڙو جال، تان تو مَڇَ نه موٽيين.

پَوندءِ اڄ ڪِ ڪال، سانڀويون سانگن جون.

ڪن قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾، هي به پڙهڻيون موجود آهن:

سانڀويون سَنڌَن ۾ سانڀويون سانگن ۾، پر اسان جي خيال ۾ سانڀوهيون سانگن جون درست آهي.

لغوي لفظ

سانڀويون ـــ سانگن

سانڀويون جمع- واحد سانڀوئي انِکي سنڀوئي ۽ سنبهي به چئبو آهي.

مير بحر ٻڌايو ته: پکي مارڻ لاءِ، اسان وٽ ڪيئي رستا آهن، جن مان هڪ ٻسانگي آهي. جڏهن پَلو سِير ڪري هلندو آهي ته اسان ان جي اڳيان ٻسانگي جهليندا آهيون، ۽ پلو سڌو ٻسانگي جي گودي يعني ٺهيل ڄاري ۾ پوندو آهي.

ٻيو قسم آهي، سنبوئي يا سنبوي جو، سنبوئي به ٻسانگ جو نمونو آهي، پر ٻسانگ کان وڏي ۽ مضبوط ڏوري جي ٺهيل هوندي آهي. سنبوئي انڪري چئون ٿا، جو سامهون ايندڙ شيءِ ڦاسي پوندي آهي، تنهنڪري سنبوهي جي لغوي معنيٰ ٿي سامهون ايندڙ شيءِ کي ڦاسائڻ جو ڄار.

سانگن جون هي معنائون لکيل آهن:

1. سانگن = سفر ڪندڙن، ملاحن.

2. سانگن = پرديسين، يعني مهاڻن.

بهرحال معنائون قريبا ساڳيون آهن.

سندن تحقيق مان معلوم ائين ٿو ٿئي ته سانگن معنيٰ سانگ تي ويندڙ، جنهن مان پرديسي، سفر ڪندڙ، مهاڻا ۽ ملاح جي معنيٰ ورتي اٿن. ايئن برابر آهي ته مهاڻا مڇي سانگي، پري پري هليا ويندا آهن، تنهنڪري سانگي يا پرديسي چئبا. پر سوال ٿو اٿي ته عام طرح سانگي چئبو آهي: مالدار يا جهانگي ماڻهن کي، جي مال جي چاري سانگي، ڪنهن جوءِ ڏانهن ڪجهه وقت لاءِ، سانگ تي ويندا آهن ته پوءِ ملاح يا مهاڻو معنيٰ ڪيئن نڪتي؟ جيڪڏهن سئين سِڌي رستي، سانگين جي معنيٰ مهاڻو يا ملاح نڪري ها، ته اعتراض جو ڪو سبب ڪونه هو، پر هِتي ڇڪي پورائو ڪيو ويو آهي. ڳوٺ جي مير بحر ٻڌايو ته سانگين معنيٰ مهاڻن درست آهي، ڇاڪاڻ ته اسان سانگ نيزي يا سوئي کي چوندا آهيون، جيڪي پَلي مارڻ واري لَٺ کي مُنڍ ۾ هڻندا آهيون. تنهن ڪري، سانگن معنيٰ: سانگ يا نيزو هڻندڙ يا ماريندڙ. وري خيال آيو ته مهاڻي ته ٻڌايو، پر ان لفظ جي تصدق ڪٿان ڪجي! انهيءَ لاءِ پهرين پهرين شايع ٿيل ڊڪشنري سنڌي ـــ انگريزي مرتب ڪيپٽن اسٽئڪ (1855ع) کوليم ته سانگ لفظ 395 تي نيزي جي معنيٰ ۾ نظر آيو. ٻي تصديق وئتپتي ڪوش ــــ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو چوٿون 1978 مان ٿي، جو صفحي 67 تي لکيل آهي. وري ٽئين تصديق جي ـــ ٽي پلئٽس جي ڊڪشنري ــــ هندستاني ــــ انگلش ـــــ جي صفحي 727 تان ٿي.

مٿئين لغوي بحث مان ظاهر ٿيو ته سانگن معنيٰ نيزو هڻندڙ (پَلي کي)، سو ٿيو مهاڻا.

واضح رهي ته مهاڻن وٽ، پلي مارڻ لاءِ، هڪ اوزار هوندو آهي، جنهن کي پنهنجي محاوري ۾ ڇَتِ چوندا آهن. اها ڇَتِ، بانس يا ڪَهو جي لٺ جي منڍَ ۾ لڳل هوندي آهي جا مهاڻا سِير ڪري ايندڙ پَلي کي هڻندا آهن ۽ پلو ڦاسي پوندو آهي. ديوان گل مان به اهڙي شاهدي ملي ٿي:

ٿو وجهي ڦاهي شڪاري، منجهه رسيءَ رکيو ڌيان،

ٿو چڙهي َمٽ تي مهاڻو، هَٿ رکي ٿو ڇاڙ ڇت.

ڇاڙ= ڇڙهي، لڪڙي، لٺ.

ڇَتِ = جمع ڇَتيون، نيزو يا سوئو، جو لٺ جي منهن ۾ لڳل هوندو آهي.

شاهه صاحب اهو ساڳيو خيال ــــ سر گهاتو ۾ ڏيکاريو آهي.

ڪالهه ڪلاچيءَ ويا، ڇَتيون کڻي ڇڳير.

7. ڏوران پسي ڏورِ، وئين جي وهرو ڪري،

هوندو نه وِڌئي هورِ، ماڱرياڻي مڇڙا.

لغوي لفظ

ڏوران. ـــ ڏور ـــ وهرو ـــ هور، ماڱرياڻي.

وئين جي وهرو ڪري جون مختلف پڙهڻيون جي رسالن ۾ لکيل آهن:

1. وِهِين جي وهرو ڪري.

2. وِهين جي وهَرون ڪري.

3. وِهِين جي نه، وهرون ڪري.

4. وِهين جي، وهرون ڪري.

5. وهين جي وَهرون ڪري.

انهن مختلف پڙهڻين سبب، هر ڪنهن اديب پنهنجي تحقيق آهر، جيئن لفظ کي ڏٺو، تيئن معنيٰ ڏني آهي. ڪي لکن ٿا:

1. وهرو = زور ڪري. ضد ٻڌي.

2. وِهرو = آرام جي جاءِ، ساهي، فرحت آرام.

ڪي وري اصطلاحي معنيٰ ڏين ٿا:

1. وِهرون ڪرڻ = مٿا هڻڻ، زور ڪري ڪوشش ڪرڻ.

2. وِهرون ڪرڻ = آرام ڪرڻ، زور سان ويهڻ.

ڪن وري گڏيل معنيٰ ڏني آهي.

1. وِهرو = آرام ڪرڻ جي جاءِ، تڪڙو، جلد، زور.

گڏيل انهي ڪري لکيو اٿم، جو وهرو کي ٻن مختلف معنائن ۾ ڏٺو ويو آهي:

آرام جي جاءِ ۽ ٻيو تڪڙو، جلد،

ٻنهي معنائن جو پاڻ ۾ ڪو رابطو ڪونهي.

مختصر لغوي بحث مان اهو صاف ظاهر ٿيو ته اُچار توڙي معنيٰ جي خيال کان قريب قريب هڪٻئي جي تقليد آهي، جنهن ڪري لفظ پنهنجي اصلي صورت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي، جو لفظ جي جلدي معنيٰ پرکي وٺجي.

اسان جي خيال موجب، اهو لفظ وَهِرو آهي. جو لساني تبديل تحت، انهيءَ صورت کي پهتو آهي.

اسان کي اها خبر آهي ته ڪن لفظن جا حرف لساني اصول تحت، پاڻ ۾ مٽبا آهن. جيئن ل ۽ ر ۽ ر ۽ ل مثال:

1. معاملو ـــ مامرو

2. ڪُلف ــــ ڪرف.

ر ۽ ل جي مٽ:

1. ڪَرُ ــــ ڪَلَ. ڪٽنب.

2. مَرُ ـــ مَلُ. گندگي.

انهيءَ لساني تبديل تحت. وهرو لفظ وهلو ٿيو جنهن جي معنيٰ آهي: تڪڙو، جلدي.

شاهه سائين وهلو ڪم آندو آهي:

آرياڻي عبداللطيف چئي، مون تي وهلو وَر ڪريجا ٻاروچا، پلئه لڳي آهيان.

درست پڙهڻي:

ڏوران پَسي ڏور، وئين جي وَهرو ڪري.

معنيٰ: پري کان، ڪنڍي جي ڏور کي، جو تو ڏٺو ته ان مهل ئي تڪڙو هليو وڃي ها.

لغوي لفظ:

هور = ڳڻتي، فڪر، ڊپ.

مڇڙا = اي مڇه. اصل لفظ مڇي آهي. وڏي مڇي ته مڇڙو، مَڇُ.

ماڱرياڻي = ڪنڊي

مڇ جو پسمنظر: شاهه ڀٽائي هڪ لوڪ ڪهاڻي ٻڌائي آهي، جا ڪجهه هن طرح آهي:

سانوڻي جي مند ۾، برسات جا بُحر ٽٽي پيا، جنهن ڪري ننديون تارا، ڍنڍون، ڍورا، جهنگ جهر، ۽ دڙا دنگ سڀ اڇائي اڇا ٿي ويا. مَڇُ جو گهڻي وقت کان درياءَ ۾ رهندڙ هو، تنهن چوڌاري اَڇه ئي اَڇه ڏٺي ته ٻاهر سير ڪرڻ جو خيال ٿيس، ۽ اچي هڪڙي وڏي کڏ ۾ موج سان ويهي رهيو. کيس اها خبر ئي ڪانه هئي ته پاڻي نيٺ ڇڄندو ۽ مهاڻن جي ور چڙهندو، ٿيو به ائين.

پوئين مصرع جي لغوي خيال کان معنيٰ:

اي َڇا (نڪري وڃين ها ته) ڪنڍيءَ جي ڳڻتي نه ڪرين ها.

8. ور سين وجهيو ڪاڻ، کَرَ سين کلون پائيين.

ڀوري منڌ اَڄاڻِ، ڪَڻِ ڇڏيو تَههَ ميڙيين.

لغوي لفظ:

ور ڪاڻ ـــ کر ــــ ڀوري ـــ منڌ ــــ ڪَڻ ـــ تُهه ـــ

ور = مڙس، ڪانڌ،

ڪاڻ = مَٺائي، مدائي.

کَر =کريل، آواره ــــ وَرَسين وجهيو ڪاڻ = پنهنجي وَرَ (گهوٽ) سان، من ۾ مَدائي رکي.

ڪاڻ جا اصطلاح

ڪاڻ هجڻ = گهٽتائي يا عيب هجڻ.

ڪاڻ لاهڻ = گهٽتائي يا نُقص دؤر ڪرڻ.

ڪاڻ وجهڻ = عيب يا گهٽتائي وجهڻ، مَدِي رکڻ (من ۾)

کِلون پائيين =خوشيون ڪرين، خوش ٿيين.

مَطلب ته ٻين ماڻهن سان سڱُ جوڙي ويٺي آهين.

ڀوري = سادي، اَٻوجهه، بيوقوف.

ڀوري منڌ = بيوقوف عورت.

اَڄاڻ = نادان.

ڪَڻ = ڪَڻا، داڻا (صاف ٿيل ان جا)

تُههَ = کلون (ان جون) توتڙ.

اصطلاح

ڪَڻِ ڇڏي تُهه ميڙڻ =اصل شيءِ کي ڇڏي، نقل هٿ ڪرڻ، بيهودي چونڊ ڪرڻ.

9. روهه راما ڪن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،

ڪَرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

لغوي لفظ

روهه ـــ راماڻا ـــ ڪرڳل ــــ راني.

روهه =جبل، ڏونگر، ڇَپَر.

راماڻا = جمعَ واحد راماڻ = هُل، شور. دانهن

ٿوري ويچار ڪرڻ سان، اهو دل تي تري اچي ٿو ته راماڻ، راهاڙ ۽ رنڀاڙ. هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com