سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :5

هن دؤر ۾ ماموين فقير بيت چيا. جن ۾ ڪي دعائيه، ڪي ناصحانه ۽ ڪي ٻئي قسم جا آهن.

دعائيه بيت:

ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، هاڪ وهندو هاڪڙو،

بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي ايندا سوکڙي.

نصيحت وارو بيت:

جِمَ ويهجو ماڻهوئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.

هتي ننگر مان مراد ساموئي يا سما ننگر آهي، جيڪو هاڪڙي جي ڪپ تي مشهور دريائي بندر هو، جنهن جا کنڊر نئي ڪوٽ جي اوڀروان اڄ به موجود آهن، اهو شهر لاکي گڙ راهو ٻڌايو هو ۽ سندس پوٽي ڄام سمي جي دؤر ۾ پاڻي جي اڻاٺ ٿي ۽ ماموند فقيرن، جيڪي ناکئا به هئا، انهن اهي بيت ڏنا، جنهن ماڻهن کي ڏسي ڏنائون ته:

هاڻي ننگر يعني سماننگر ۾ نه ويهجو، ڇو ته پاڻي گهٽجي ويو آهي، پراڻ کان پار يعني اولهه طرف هليا وڃجو جيڏانهن پاڻي آهي.

انهي دؤر ۾ ڪڇ ۾ جاريجن ۽ ڪيهر سمن جا راڄ هئا ۽ لاڙ ۽ ٿر ۽ بڊام چني ۽ سنگهارن، آڳڙين ۽ ٻين سماٽ قوم جي ماڻهن جا راڄ هئا، جيڪي پاڻ ۾ ميٺ محبت سان رهندا هئا.

انهن راڄن ۾ سورهيه به هئا، ڏاتار به هئا، سخي به هئا، سکر به هئا ته هاڻو ۽ لوڙائو به هئا، جن کي سکرن ۽ بهادرن جي موجودگيءَ ۾ جرئت ڪونه ٿيندي هئي، جن ڳالهين ڏانهن سر جي بيتن ۾ ڪئين اشارا آهن.

انهي جي سردارن ۾ هيٺيان سردار مشهور هئا.

جسوڌڻ مهڙاڻي:

جسوڌڻ ولد مهڙ آڳڙين سمن مان هو، جن جي وڏن جو ٻڌايل شهر آڳڙي پٽيهل دريا جي ڪناري تي هو، جتي جسوڌڻ ڄائو وڏو ٿيو ۽ وڏو ٿي پٽيهل کان پارڪر تائين واري ايراضي تي حڪومت ڪيائين.

هن ڪجهه وقت منصوره واريءَ ايراضي تي به حڪومت ڪئي. عرب مؤرخن آڳڙيا کي آگريا لکيو، جنهن بعد پونئين ليکڪن جسوڌڻ کي آڳڙيو لکڻ جي بدران آگريو لکيو ۽ اڃا تائين ڪيترا ليکڪ آگريو پيا لکن.

جسوڌڻ پنهنجي دؤر جو بهادر، سمي، سپوت سکر سردار هو، راڄ تي ان جا ايتري قدر هٿ هئا، جو جڏهن جسوڌڻ جي دؤر ۾ پاڻيءَ جو اڻاٺ آئي ۽ ماڻهو پورهيي لاءِ ٻين علائقن ڏانهن ويا، تڏهن جسوڌڻ کان اچي موڪل ورتائون.

ڪنڌيئن اڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،

مهڙاڻيءَ وٽان، رويو راڄ رضا گهري.

پونرو بڊاماڻي:

پونرو ولد بڊام چنو، مشهور پهلوان ۽ سورهيه سردار هو، سنڌ جي ستن سورهين ۾ پهريون سورهيه سردار آهي، هن جو دؤر ۾ ڪنهن به هاڻو کي همت ڪونه ٿي جو هن جي علائقي يا آسپاس جي علائقن مان ڌڻ ڪاهي يا وڳ هڻي وڃي.

اگرهر هاڻو مال ڪاهي روانو ٿيندو هو پونرو هڪدم ان کي پهچي، ڀڄائي مال موٽائي ايندو هو، هن جي تيز آمد جي باري بابت ڪنهن شاعر هيئن ورهه ڏنو آهي ته:

ڪنڌيو سور ڪڻڪيو، وڳن واجهايو،

بڊاماڻي پونرو، جو ٻجهي سو آيو.

پونري جي رهائش گاهه ٻرڙاڻي ڪوٽ هو، جنهن جا کنڊر جهڏي شهر کان ٽي ميل اتر طرف، پوراڻ درياهه جي اڀرندي ڪناري موجود آهن.

پونري بڊاماڻي کي هڪ پٽ وڪيو ٿيو، جنهن کي درياهه ڪوٺيو ويو. وڪي جا ٽي پٽ، ماڻڪ، ڦل ۽ وڌيو ٿيا، جن مان ڦل وڌئي جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي، هن ڪهاڻي جا جاگرافيائي آثار تعلقي ڇاڇري ۾ ڀوريلو، تعلقي ساماري ۾ ارنچل ڪوٽ، تعلقي ٽنڊي الله يار ۾ پوري جو ڀڙو ۽ ڦل جو ڀڙو اڃا باقي آهن.

جڏهن به پونري جي پاڙيسرين کي تڪليف پهچندي هئي يا مٿن ڪا آفت ايندي هئي ته اهي کيس پڪاريندا هئا.

لطيف سائين ماڻهن جي انهن پڪارن کي هيٺين طرح شاعريءَ جو روپ ڏنو آهي ته:

اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پونرا،

ڪاڇي ٻئي پار اچي ويرين ويڙهيا.

 

اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پونرا،

مٿان ڀڳي ڀت، ويرين واٽون لائيون.

 

اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پونرا،

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.

بڊاماڻي پونري جي دؤر ۽ سندس پٽ وڪيي وريام جي دؤر کان پوءِ جڏهن لاکي ڦلاڻي کي اچي لوڙيو هنيون تڏهن ڪنهن وڏي عمر واري سگهڙ کي چوڻو پيو ته:

پونرا ويو پوراڻ مان، ويو وڪيو وريام،

ڀيڻي ناهه بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

لاکو ڦلاڻي:

لاکو ڦلاڻي ڪيهر سمن مان هو، ڀانن جي لکت موجب سندس شجرو هيٺين طرح آهي:

لاکو ولد ڦل، ولد ڪيهر، ولد منهي، ولد لاکو، ولد لاکيار ولد اوڍو، ولد اوڍار ولد بنت، ولد نوتيار.....

هڪ دفعي جڏهن ڪڇ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي، هڪ فيصلي ۾، جيڪو رٻارين ۽ لاکي جي همراهن جي وچ ۾ هو، رٻارين جو طرف ورتو ۽ اڳتي هلي، لاکي جي خاص ساٿين جسي ۽ جسراج کي ماري وڌائون، تڏهن لاکي وري راءِ وٽ پڪاريو، نتيجو وري به رٻارين جي حق ۾ نڪتو، ان تان ڪاوڙجي لوڙائو بنجي نڪتو.

ڀڄڻا ڀُلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

لاکي پوءِ جاڙيجن رٻارين کي اهڙو ماريو، سيٽيو، ڪٽيو ۽ انهن جا ڌڻ هنيا، جو ٻنهي راڄن ۾ راڏهو پئجي ويو.

انهيءَ هل هلان واري دؤر ۾ لاکي ڦلاڻي جسمان نالي هڪ اوڏڻ سان شادي ڪئي ۽ اوڏڻ کي ڏاڍو نوازي، اوڏڻ جي زباني لطيف فرمايو ته:

(لاکي لڄ کنئي اسان اوڏڙين جي، ڪندو ڪانه ٻئي، اڳ وسوڙل آهيان.)

انهيءَ ئي دؤر ۾ لاکي نوهڻي جي مهر راٺوڙ جا شاديءَ جا رکيل شرط پورا ڪري ان سان شادي ڪئي، شادي بعد هن ۾ ڪجهه ڪچايون ڏسي ڪاوڙيو ــــ جڏهن مهر معافي ورتي ته ان کي بخش ڪري، کيس اهڙي محبت ڏنائين جو مهر کي واڪا ڪري چوڻو پيو ته:

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي وت،

مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.

 

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون در وڌي کانڌ،

پاڻ ڏئي پاند، جي ڏسي عيب اکين سين.

 

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي ذات،

لڙڪ نه آڇي وات، جي ڏسي ڏولا اکين سين.

جڏهن ڪنهن معمولي ڳالهه تان غلط فهمي جو شڪار ٿي لاکي مهر کي ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو ۽ هو به اتي رهي پئي، سندس مائٽاڻو ٿي مڱڻهار سندس خدمت پيو ڪندو هو.

ڪافي ورهين کان پوءِ به جڏهن اتان اچي مٽيو ۽ کيس اڃ ستايو ته رڃ ۾ جهوپڙي ڏسي نوڪر کي چيائين ته پاڻي وٺي اچ، نوڪر پاڻي وٺڻ ويو ته مهر کانئس خبر پڇي هن ٻڌايو ته آئون لاکي جو نوڪر آهيان ان کي سخت اڃ لڳي آهي پاڻي ڏيو. مهر پاڻي جو وٽو ڀري ڪک وجهي ڏنا. لاکو اڃايل هو پر ڪکن جو ڪري يڪو پاڻي پي نه سگهيو، ڪک ڪڍي پوءِ ويو پاڻي پيئندو ويو. جڏهن پاڻي پيتائين تڏهن نوڪر کان پڇيائين ته هي ڪک پاڻي ۾ ڪنهن وڌا هئا. ته نوڪر سڄي ڳالهه ٻڌايس ۽ لاکو سمجهي ويو ته اها رڻ جي راهي مهر آهي.

سو نوڪر کي وٽو ڏيئي چيائين وٽو ان عورت کي وڃي ڏي ۽ چوينس ته لاکي چيو آهي ته مهر اڃا پئي جيئين!

نوڪر وٽو ڏيئي ان کي لاکي جا چيل لفظ وڃي چيا ته هو رڙ ڪري پٽ تي ڪري پئي ۽ ساهه نڪري ويس. نوڪر اها خبر لاکي کي ٻڌائي لاکو اتي پهتو ايتري ۾ مڱڻهار فقير به اچي پهتو جيڪو راڄ ۾ پنڻ ويو هو، تنهن مهر جي سموري ماجرا هن کي ٻڌائي، تنهن تي لاکي کي ڏاڍو ڏک پهچايو.

مهر جي ڪفن دفن کان پوءِ لاکو لوڙيون ڇڏي شريف بنجي واپس وريو ۽ اعلان ڪيائين ته اڄ کان پوءِ لاکو هاڻو ۽ لوڙائو نه بلڪ لاکو لاکو ٿي رهندو.

لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿي سنگهار،

چوٽاڻي چوڌار، وانڍيون وس چرنديون.

لاکو 918ع ۾ ڄائو ۽ 987ع ۾ مولراج سولنگيءَ سان جنگ ڪندي مارجي ويو، هن جي عمر 60 سال هئي. لاکو سنڌ جو ستن سورهين مان ٽيون سورهيه ۽ ڏهن ڏاتارن مان ٻيو ڏاتار هو.

(3) سر ڏاهر جي بيتن ۾ مناجات جو رنگ:

جنهن ۾ هڪ بندو، پنهنجي مالڪ جي حضور ۾ ٻاڏائي ٿو ۽ عرض ڪري ٿو ته:

يا الله! جيڏو تنهنجو نالو آهي آئون ٻاجهه به اوڏي ٿو گهران،

تون هر ولي منهنجي ۽ ڇپر ۽ ڇانوَ آهين، توکي سڀ معلوم آهي،

جيڏو تنهنجو سٺو نالو آهي، مون کي به اهڙو وڏو آسرو آهي، مالڪ!

تنهنجي در جهڙو ٻيو ڪو در ڪونه آهي (جنهن ڏي وڃان)،

تنهنجو جيئن نالو گهڻين صفتن وارو آهي،

آئون ٻاجهه به اهڙي قسم جي اوڏي گهران ٿو،

مون کي تنهنجو نالو هر دم دل ۾ آهي.

يا خدا! توکي سڀڪا سگهه آهي، تنهنجي حڪومت عجيب آهي،

تون پاڻ وهيڻو آهين، توکي ڪنهن جي به مدد جي ضرورت نه آهي.

انهي مناجات بعد ۾ ٻيو رنگ، جنهن ۾ بندو حضور جن جي آڏو چوي ٿو ته

اي منهنجا مير، مديني ڌڻي، مديني جا گهوٽ، مديني جا ڄام، مديني جا مير منهنجا

سڏ سڻ، ڇو ته توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪوبه سهارو ۽ آسرو ڪونهي.

خدا پاڪ جي واسطي منهنجي مدد ڪر، آئون تنهنجي سهاري آهيان

مون کي توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه سُجهي

تون ته عامين جو آسرو ۽ آڌار آهين

تون اٻوجهن جو آڌار ۽ ڀروسو آهين!

(4). واقعاتي ۽ مشاهداتي شاعري:

سنڌ جي اوڀر ۾ راجستان جي ڀاڱي هڪ اهم خطو آهي، جنه نکي نيڙ چوندا آهن، نيڙ ۾ هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي جنهن کي والهوٽي جو ميلو چوندا آهن، اتي جي زبان ۾ ان کي بالهوتري جو ميلو چون. اتي هڪ وڏو تلاءُ آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو پٿر آهي، جيڪو خبر ناهه ته ڪهڙي سبب جي ڪري پاڻيءَ ۾ پيو تري.

شاهه صاحب جڏهن سير ڪري اتي پهتو ۽ اهو پٿر ترندي ڏٺائين ته هڪدم بيت ڏنائين ته:

صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي سون،

پن ٻوڙين پاتار ۾، پهڻ تارين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

اهو پٿر سنڌ جي ڪيترن ماڻهن ڏٺو آهي، جنهن مان ڪي اڃا حيات آهن.

خاتمو:

هن سر جو خاتمي وارو بيت، اهڙو بيت آهي، جيڪو واقعي انسان کي سندس خاتمي طرف ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته انسان جيڪو وڏو ماڻهو آهي، بهادر آهي، دلير آهي، ڇا جو ڇا آهي، اهو هڪ ڏينهن مڻن مٽي جي هيٺان اچڻو آهي.

اهو بيت هي آهي ته:

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙه مقام ۾،

واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.

انهيءَ ڏس ۾ ٻيا پنا به کلي اڳيان اچن ٿا ته انسان هتي ڇا لاءِ آيو آهي ڇا پيو ڪري پنهنجي ڊيوٽي ڇو وساري ويٺو آهي.

مس منهن سزا، خوش ٿي گهڻو کلن،

سي تان وسرين، آيا جن ڪم لئي.

هو الا يعبُدون جو سبق وساري، غلط رستي تي هلي بلڪل گمراهه ٿي ويا آهن.

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،

دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولهيا ٿيا.

دنيا، دنيا آهي، دين دين آهي، ٻنهي ۾ فلسفو جدا جدا ۽ اهم سبق ڏيندڙ آهي، انسان هتي اهي سڀ ڪم وساري ننڊ پيو ڪري. اهڙي غافل انسان کي لطيف ڏس ٿو ڏي ته:

ستي نه سرنديا، ڪر پچار پرين جي،

وهامي وينديا، گهڻا هڻندين هٿڙا.

 

هي تان ٿورڙيون، جي ڀورا پسين پلئين،

راتيون ٻيون گهڻيون جي تو ايندئي هيڪلي.

آخر جاڳڻ مان ئي جس ملي ٿي ۽ سلطاني سهاڳ حاصل ٿئي ٿو.

ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،

تو جو ساڻيهه ڀانيو سو مانجهاندي جو ماڳ،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.

سر ڏهر

موضوع، مواد ۽ متن جي ڇنڊڇاڻ

شيخ محمد اسماعيل

سنڌ جي اساسي ادب ۾، شاهه صاحب جو ڪلام ۽ شاهه صاحب جو رسالو بنيادي حيثيت رکن ٿا. شاهه صاحب جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ هلندڙ دؤر واري ٻوليءَ ۾ تسلسل جو واحد ۽ مستند ذريعو آهي، نه فقط اهو پر ايندڙ پرآشوب دؤر ۾ به سنڌي ٻولي ۽ خود سنڌ ملڪ جو وجود به شاهه صاحب جي ڪلام جي وسيلي ئي قائم رهندو.

گذريل ٻن اڍائن سوَن سالن جي عرصي ۾، شاهه صاحب جي ڪلام کي، عقيدت ۽ محبت سان پئي سهيڙيو ويو آهي، ۽ ان جون شرحون پئي ڪيون ويون آهن. موجوده دؤر ۾، جڏهن ٻين آڳاٽن اساسي شاعرن جو ڪلام به اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي، انهن جي ڀيٽ مان معلوم ٿيو آهي، ته شاهه صاحب کان آڳاٽن توڙي همعصر شاعرن جو ڪلام پڻ مضمون جي هڪ جهڙائي سبب شاهه جي رسالي ۾ شامل آهي، هاڻي هن دؤر جي تقاضا آهي ته رسالي ۾ شامل ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪري، شاهه صاحب جي مستند ڪلام کي نروار ڪيو وڃي. جيئن ته اسان جي آڏو اڄوڪي محفل جو موضوع سڄو رسالو نه، پر فقط سر ڏهر آهي، تنهنڪري انهي سُر تائين پنهنجي ڪاوش کي محدود رکجي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان نڪتا بحث طلب آهن. پهريون ته .سر ڏهر جو مفهوم ڇا آهي؟ ٻيو موجوده ڇاپي رسالن ۾ سر ڏهر ۾ شامل بيتن ۽ واين جو تعداد ۽ ترتيب، ٽيون عنوان جي لحاظ کان سر ڏهر ۾ ڪهڙا موضوع هئڻ گهرجن؟ هيٺ هرهڪ پهلو جي قدري وضاحت ڪجي ٿي.

ڏهر بابت وضاحت:

ڏهر کي بعض رسالن ۾ ڏاهر پڻ لکيو ويو آهي، ڏهر يا ڏاهر جو مفهوم ڇا آهي؟ ڇا اهو عنوان سُر ۾ سمايل مضمون جي آڌار تي قائم ڪيو ويو آهي؟ جاگرافيائي اهڃاڻن جو اظهار ڪري ٿو يا موسيقي جي نظام سان واسطو رکي ٿو؟ ان بابت هيٺيان مختلف رايا آهن:

(الف) ڏهر عام طرح ٿر واري خطي ۾ ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهين وسيع ۽ سنئين پٽ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ پوک به ٿيئي، تنهنڪري ڏهر کي ٻئي به چوندا آهن، جيئن ته هن سر ۾ لاکي ڦلاڻي، بڊاماڻي، پنري، جاڙيجن، سمن، ريٻارين، اوڏن ۽ سنگهارن جا بيت گهڻا آيل آهن، ۽ تاريخي لحاظ سان انهن جو تعلق سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ٿر ۽ ڪڇ جي علائقي سان آهي، تنهنڪري انهن موضوعن وارن بيتن ۽ واين جي لاءِ خاص طرح ٿر جي جاگرافيائي اصطلاح موجب ڏهر تجويز ڪيو ويو.

(ب) هن سُر جي عنوان بابت ٻيو خيال هي آهي ته لفظ ڏهر اصل سنڌي لفظ ڏاهه مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڏس، اهڃاڻ، آگاهي، ڄاڻ وغيره، جيئن خليفي نبي بخش چيو آهي ته:

ڪُتو بَهُڪي مَ اُٿي، ڏڄُڻ پئي مَ ڏاهه.

هن لفظ جي ٻي معنيٰ آهي ٻانهي، گولي، ڏَن ۾ آيل عورت، جنهن کي شاهه صاحب سر سسئي ۾ آندو آهي ته؛

زر خريد جتن جي، گولي بندي ڏاهه.

پر انهي معنيٰ جو هن سُر سان واسطو نه به هجي، باقي اهڃاڻ، آگاهي ۽ ڄاڻ جي معنيٰ مطابق اسم غافل ٿيو ڏاهَر، يعني ڏس ڏيندڙ، اهڃاڻ ڏسيندڙ، آگاهه ڪندڙ.

ڏٺو وڃي ته ڏهر جي انهي مفهوم سان هن سُر ۾ شامل بيتن ۽ واين جو مضمون پڻ ٺهڪي اچي ٿو، جيئن ته لاکو ڦلاڻي هئو ته ڪڇ جو حاڪم، پر سنڌ جو ڏاکڻيون ٿر وارو حصو هميشہ سندس هلائن ۽ حملن جو نشانو رهيو. خود سندس پَٽ ــ راڻي مهر راڻي به ٿر جي قديم شهر نهٽي واري ايراضي جي هئي. لاکو جڏهن مهر راڻي سان شادي ڪري موٽيو ته پُراڻ جي پڊ ۾ لاکي ڄاڃي (پکي) سندس ڄڃ مٿان اُڏامندا هليا. مينهن م لاکي ۽ سندس ڄاڃين، پسيل ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا، ڪندن ڪرڙن ۽ وڻن ٻوٽن تي سُڪائڻا وڌا ۽ جڏهن لاٿائون ٿي ته لاکي کين منع ڪئي، چئي: پهرايا اٿئون سي واپس ڪين وٺبا. اهڙيءَ طرح لاکي جي اوڏن سان سخاوت واري هلت به عوامي سگهڙ پائي جي ڪچهرين جو موضوع رهي آهي، ان کان سواءِ ريٻاري قوم جون جهوڪون، ڪونجن جي چُوڻي ۽ چوڳي واريون ڍنڍون به ٿر جي ڏاکڻي ڪنٺي، رڻ ۽ ڪڇ جي اُترئين حصي ۾ عام آهن، اهي ته آهن جاگرافيائي آثار، ليڪن اڪثر بيتن ۾ پُراڻ ۾ پيهي آيل مانگر مڇ کي پاڻيءَ جي لهڻ کان پوءِ سندس موت جو اهڃاڻ، لاکي جي لوڙهين کان سنگهارن کي چتاءُ، ڪونجن کي شڪارين جي دغابازي کان آگاهي، اوچتي موت ڪڙڪي اچن ٿا، ۽ ننڊ واري غفلت ۾ مقصد کان هٽي وڃڻ جا اهڃاڻ پڻ هن سر ۾ شامل بيتن جو مکيه مضمون آهن. مثال طور:

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.

 

سَما ڪين سُمهو، جاڳو جاڙيجا،

پَسو آن پارا، لاکو ٿو لوڙهيون هڻي.

 

جي ڀانئين وَس چران ته سنگهارن سين لڏ،

ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻين ڪڏهين.

 

ماري ميرا ڪپڙا، بغل منجهه بندوق،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪين چڙهي.

(ج) ٽئين خيال مطابق شاهه صاحب ساڳئي وقت شاعر به آهي ته موسيقار به، راڳ سندس روح جي غذا هو، انهي ڪري سندس ڪلام به لفظن جي شڪل ۾ ڄڻ ته موسيقي آهي. شاهه صاحب جڏهن ڀٽ تي هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪئي. تڏهن هڪ مستقل راڳ جو ادارو قائم ڪيائين. ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ نئون ساز طنبور ايجاد ڪيائين ۽ پنهنجن فقيرن جي هڪ گروهه کي پنهنجي موسيقي ڀريل بيتن ۽ واين کي نئين طرز سان ڳائڻ جي تربيت ڏنائين، جنهن موجب سندس ڪلام کي مختلف موضوعن جي لحاظ سان جدا جدا سرن ۾ ڳايو ويو ۽ انهيءَ ڪري مختلف موضوعن بابت سندس بيتن ۽ واين لاءِ اهي موسيقيءَ جا سُر ئي باب بنجي ويا. هر سُر هيٺ آيل ڪلام کي مخصوص لئي ۽ راڳڻي ۾ ڳايو ويو، ۽ هر سر کي انهيءَ لئي يا راڳڻيءَ جي نالي سان ئي سڏيو ويو. انهي لحاظ سان سُر ڏهر جو عنوان به هن سُر ۾ شامل بيتن ۽ واين ۾ سمايل مضمون جي لحاظ سان نه، پر اُن راڳ يا راڳڻي جو نالو آهي جنهن ۾ اهو ڪلام ڳايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com