سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :6

سر ڏهر سنڌ جي قديم موسيقيءَ جي نظام ۾ هڪ راڳڻيءَ هجڻ جي تصديق هن مثال مان به ٿئي ٿي ته گذريل چئن پنجن صدين کان وٺي، سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي بزرگن وٽ ذڪر فڪر جا بيت ۽ وايون سر ڏهر ۾ آلاپيا ويندا هئا. انهي ڪري پوءِ ذڪر جي اهڙن بيتن ۽ واين کي سڏيائون ٿي .ڏهر جا بيت ۽ وايون سنڌ ۾ سهروردي بزرگن ۽ فقراءَ جي طريقت جو سلسلو ملتان جي بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا سان منسلڪ رهيو آهي، تنهنڪري اڄ به غوث جا پانڌيئڙا، اهڙن آستانن ۽ درگاهن تي ڏهر چوندا آهن.

رسالي ۾ شامل سرن مان، جيڪي ڪلاسيڪي موسيقي، توڙي سنڌ جي عوامي موسيقي مان ورتل آهن، تن مان ڪي سُر اسان کان گم ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ جو پوين ٻن سوَن سالن جي عرصي اندر شاهه جي راڳ ڪندڙن کان اهي وسري ويا. ايتري قدر جو اڄ اهي پنهنجي اصل صورت ۾ سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ ڳايا ڪين ٿا وڃن. سر ڏهر به اهڙي راڳڻي آهي جيڪا گم ٿي چڪي آهي. ان جو اثر غوث جي فقراءَ تي پڻ پيو، جنهنڪري اهي به غوث جا ڏهر ٻئي ڪنهن عام رائج سُر ۾ ڏيندا آهن.

رسالي جي مختلف روايتن موجب سر ڏهر ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد ۽ ترتيب:

رسالي جا جيڪي ڇاپا دستياب آهن، تن مان ڪم از ڪم ٽي اهڙا رسالا آهن جن ۾ سرن جو تعداد ۽ ترتيب، بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي، انهن مان هڪ بمبئي وارو ڇاپي رسالو آهي، جنهن ۾ 36 سُر ۽ تقريباً چار هزار ٽي سؤ بيت ۽ وايون شامل آهن، پهريون بمبئي ڇاپو 1283هه/ 1867ع ۾ بمبئي مان ڇپيو. اهو رسالو پوءِ نه رڳو شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ڇپبو رهيو، پر ان تان ترتيب ڏنل ٻيا رسالا به ڇپبا رهيا. سرڪاري ڇاپو، قليچ بيگ وارو ڇاپو ۽ شاهواڻي وارو رسالو به گهڻو ڪري بمبئي ڇاپي جا نقل يا ان تان ترتيب ڏنل آهن.

ٻيو رسالو، ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق سان، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ڇپايل آهي، جيڪو 1269 ۽ 1270هه/ 1852ع ۽ 1853ع جي لکيل ٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيل آهي، هن رسالي ۾ 34 سُر، اندزاً ٽي هزار چار سؤ بيت ۽ وايون شامل آهن.

ٽيون رسالو به، ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق سان ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ڇپايل آهي، جنهن جو مدار 1207هه ڌاري يا ان کان اڳ جي لکيل قلمي نسخن تي آهي. هن ڇاپي جي ڪن قلمي نسخن ۾ وڌ ۾ وڌ 28 سُر ۽ ٻن هزارن جي اندر بيت ۽ وايون شامل آهن. خاص نُڪتو هي آهي ته اهي رسالا سر سسئي سان شروع ٿين ٿا، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي رسالن جو پهريون سُر ڪلياڻ آهي.

تحقيق جي لحاظ سان، شاهه جي سموري ڪلام، يا رسالي جي ڪنهن به سُر جي بيتن ۽ واين جي تعداد، ترتيب ۽ سُر ۾ سمايل موضوعن جي مطالعي لاءِ انهن ٽن بنيادي روايتن وارن ڇاپن جو تجزيو نهايت ئي ضروري آهي. جيئن ته اسان جو موضوع سُر ڏهر آهي، تنهنڪري ٽنهي رسالن مان هرهڪ جي سر ڏهر ۾ شامل بيتن ۽ واين، توڙي انهن ۾ سمايل عنوانن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

(1) بمبئي ڇاپو:

هن رسالي ۾ سر ڏهر چئن داستانن ۾ ورڇيل آهي، ۽ انهن ۾ 150 بيت 4 وايون شامل آهن. رسالي جي ٻين اڪثر سرن ۾ گهڻو ڪري بيتن ۽ واين جو مضمون يڪو ساڳيو آهي پر هن سر ۾ بيتن ۽ واين جو موضوع هڪ ساڳيو نه، پر گهڻن موضوعن ۾ ورڇيل آهي، جيڪي هن طرح آهن:

ـــ پُراڻ درياءَ ۽ ان جي شاخن، پٽيهل، ڍاڳي، ڍليار وغيره جو سُڪڻ ۽ دريا جو رخ بدلائڻ.

ــــ پٽيهل ڍوري جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڪنڊي جي وڻن جي قدامت.

ــــ سمي سردار جسوڌڻ راءِ جو دؤر.

ــــ پُراڻ ڍوري جي تانگهي پاڻي ۾ رهجي ويل مڇ.

ــــ مديني جي مير  کي مناجات.

ــــ مُهراڻي جي ڪنڌيءَ تي ويٺل پورهيتن جا پار.

ــــ صاحب جي عجب جهڙي صاحبي (قادر جي قدرت).

ـــ ٻاجهاري جي بي انت ٻاجهه.

ـــ ڪاڻياريءَ جي عيبن ڍڪڻ وارو ڪانڌ (ستار).

ـــ نڀاڳي ننڊ جي اثر هيٺ مقصد کان محرومي.

ــــ ڪاڇي جي سورهيه بڊاماڻي پنري کي واهر لاءِ سڏ.

ـــ ڪونجن جي بي وطني، چُوڻي خاطر سانگ سفر ۽ دغاباز ماري هٿان سندن موت.

ـــ ڪاڇي جا مالوند سنگهار، خوشحالي سبب مٿن مارو.

ـــ لاکي ڦلاڻي جو لوڙهيون، لاکي جو اوڏن تي هٿ، لاکي جي سخاوت جا شاهد پُراڻ ۽ پَڊ.

ـــ دنيا جي بي ثباتي.

هي رسالو، شاهه صاحب جي وفات کان هڪ سؤ سال بعد ۾ جنهن ڪاتب لکيو، تنهن غالباً ان دؤر جي لکيل ٻن ٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي هي رسالو ترتيب ڏنو. انهن نسخن ۾ ڪي اهڙا بيت، جيڪي ٻين نسخن ۾ نه هئا، ڪاتب اهي بيت به چوندي هن ڇاپي ۾ شامل ڪيا، جنهنڪري بيتن جو تعداد به وڌيو ته انهن بيتن ۾ سمايل موضوعن ۾ به واڌ آئي. اهڙيءَ طرح هي سُر گهڻن موضوعن وارو بنجي ويو. ان جي تصديق انهيءَ ساڳئي دؤر جي لکيل ٻين قلمي نسخن مان ٿئي ٿي، جن مان ٽن رسالن کي ڀيٽي ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو تفصيل هيٺ شامل آهي.

ٽن قلمي نسخن تان ترتيب ڏنل رسالو:

هن رسالي ۾ سر ڏهر چئن داستانن ۾ ورڇيل آهي، ۽ انهن ۾ 118 بيت 3 وايون شامل آهن. يعني ته ساڳئي دؤر جي بمبئي واري ڇاپي رسالي کان 32 بيت ۽ هڪ وائي گهٽ. ليڪن هن رسالي ۾ بمبئي ڇاپي وارا فقط 96 بيت ۽ 3 وايون ساڳيون آهن، باقي 22 بيت اهڙا آهن جيڪي بمبئي ڇاپي ۾ شامل نه آهن، يعني ته اهي نوان ۽ وڌيڪ بيت آهن، بيتن جي انهي گهٽ تعداد جو اثر موضوعن تي به ٿيو ۽ ڪي نوان موضوع به هن سر ۾ اضافو ٿيا. مثلاً هن رسالي ۾ هڪ ته مُهراڻي جي ڪنڌيءَ تي ويٺل پورهيتن جي ذڪر وارا بيت شامل نه آهن، ٻيو ته ٻين موضوعن مان ڪي بيت گهٽ آهن. البته انهن جي جاءِ تي سسئي جي موضوع جا هيٺيان بيت اضافو ٿيا آهن:

ڪيچين ڪارڻ ڪال، نيڻ نهارا مون ڪئا،

ايندا پسان شال، اوٺي آري ڄام جا.

 

اوٺين ڪارڻ اڄ، نيڻ نهارا مون ڪئا،

پنهون ڄام پهچ، ته لايون اڃ اکين جي.

 

نيڻ جي نهارين، سي اڄ نه اوٺي آئيا،

هنجهون نه وَسائين، پاڙي پنهون ڄام جي.

 

نيڻ نهاري منهنجا روئي ٿئا رت،

پنهون ڄام پهت، پاڙي نين پاڻ سين.

 

نيڻ نهاري منهنجا، روئي رت ٿئا،

جي هٿان هوت وئا، سي اچن ته آجي ٿيان.

 

نيڻ نهاري منهنجا رت ٿئا روئي،

ڏکن جي ڏوئي، آهي هٿ اسونه جي.

 

ڏونگر لڳن ڏينهن، مانَ وَڙڪن سپرين،

ڪيس نهاڻي نينهن، آيل ٻاروچن جي.

سر سسئي سان شروع ٿيندڙ رسالو:

هي رسالو دراصل ڏهن قلمي نسخن کي ڀيٽي ترتيب ڏنل آهي، جيڪي نسخا غالباً شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾، يا سندس وفات کان پوءِ 42 سالن اندر لکيا ويا. اهي سر سسئي سان شروع ٿين ٿا. انهن نسخن مان چئن نسخن ۾ سر ڏهر شامل نه آهي، ممڪن آهي ته انهن مان اهي ورق ضايع ٿي ويا هجن. باقي ڇهن نسخن مان هرهڪ ۾ بيتن جو تعداد مختلف آهي. جيئن ته هڪ نسخي ۾ وڌ ۾ وڌ 48 بيت اوائلي آهي، ته ٻئي رسالي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 بيت شامل آهن، وري ڪي بيت هڪڙن نسخن ۾ آهن ته ٻين ۾ ناهن، تنهنڪري انهن کي ڀيٽي، نسخن ۾ شامل سڀني بيتن کي گڏ ڪرڻ سان 71 بيت ۽ 4 واين جو تعداد بيهاريل آهي، انهن مان هرهڪ بيت ۽ وائي ڪيترن نسخن ۾ موجود آهي، ان جو تفصيل پڻ دلچسپي کان خالي نه ٿيندو.

اهي بيت جيڪي ڇهن نسخن ۾ موجود آهن: 17 بيت

اهڙا بيت جيڪي پنجن نسخن ۾ موجود آهن: 10 بيت ۽ 1 وائي

اهڙا بيت جيڪي چئن نسخن ۾ موجود آهن: 5 بيت

اهڙا بيت جيڪي ٽن نسخن ۾ موجود آهن: 13 بيت

اهڙا بيت جيڪي ٻن نسخن ۾ موجود آهن: 1 بيت

اهڙا بيت جيڪي فقط هڪ رسالي ۾ موجود آهن: 24 بيت ۽ 4 وايون

انهي جائزي کان پوءِ سر ڏهر ۾ شامل بيتن جي اصل تعداد ۽ انهن ۾ سمايل موضوعن بابت هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته:

(الف) سر ڏهر ۾ اصل بيتن جو تعداد اندازاً 45 کن هو، جن ۾ پوءِ هڪ سؤ سالن بعد اضافو ٿيو.

(ب) ڍوري، پٽيهل يا دريا جي رخ بدلائڻ، توڙي ڍوري جي ڪپ تي بيٺل ڪنڊي جي وڻن وارا بيت به پوءِ جو اضافو آهن.

(ج) جسوڌڻ، اوڏن، مڇ، وغيره جا بيت به هن سر ۾ بعد ۾ وڌايل آهن.

ٽنهي ڇاپي رسالن، جن کي اسان رسالي جي بنيادي روايتن طور پيش ڪندي، انهن ۾ سمايل موضوعن ۽ مواد جي نوعيت جو جائزو ورتو آهي، ان بابت اڃا به ڪجهه وڌيڪ وضاحت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ٽنهي روايتن ۾ بيتن ۽ واين جو نمايان فرق وڏو مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي، جو هڪ ته اوائلي دؤر جي رسالن (جيڪي غالباً شاهه صاحب جي حياتي ۾ يا ان جي وفات کان يڪدم پوءِ قلمبند ٿيا) ۾ شامل 19 بيت ۽ ٻه وايون ستر اسي سال پوءِ جي ڪاتبن رسالي مان ڇو ڪڍي ڇڏيا؟ ٻيو ته وڌيڪ بيتن جو ذخيرو ڪٿان آيو؟ وري ٻئي رسالي ۾ جيڪي بيت اضافو ٿيا انهن مان گهڻا ٽئي رسالي (بمبئي ڇاپي) ۾ شامل ڇو نه آهن؟ هڪڙو عام پڙهندڙ، محبت ۽ عقيدت وچان ته رسالي ۾ شامل سمورن بيتن ۽ واين کي شاهه صاحب جو ڪلام سمجهندو رهيو آهي، پوءِ کڻي انهن ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام ڇو نه هجي؟ عام پڙهندڙ ته رسالي ۾ ٻئي ڪنهن شاعر جو ڪلام شامل هئڻ واري ڳالهه کي قبول ئي نه ڪندو، پر ڪيترا پڙهيل لکيل به انهي خيال جا آهن ته رسالي ۾ سمورو ڪلام شاهه جو آهي. جن بيتن ۽ واين ۾ جن ٻين شاعرن جا چٽا پڌرا نالا آهن، اهي شاهه صاحب جا فقير هئا، جن جا نالا شاهه صاحب محبت خاطر پنهنجن بيتن ۾ وڌا. حالانڪه موجوده تحقيق جي بنا تي اسان سڀني کي خبر آهي ته بذات خود اهي جدا جدا شاعر آهن، جيڪي شاهه صاحب کان اڳ جا هئا، يا سندس همعصر هئا، انهن جي چونڊ ڪلام کي پوءِ ڪاتبن شاهه جي رسالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

سر ڏهر جي اصل بيتن جو تعين

مٿئين جائزي مان سر ڏهر جي موضوع بابت معلوم ٿيندو ته ڏهر قديم سنڌي موسيقي نظام جي هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا هن وقت اسان کان گم ٿي ويل آهي، هيءُ راڳڻي مدح، مناجات، مرشد جي ساراهه، سلوڪ جي راهه جي پانڌيئڙن جي سڪ، غفلت کي ڇڏڻ ۽ موت جي برحق هجڻ جي اظهار لاءِ مخصوص هئي، انهيءَ لحاظ سان هن سُر ۾ شامل بيت ۽ وايون ٻه انهي مخصوص مضمون واريون هئڻ لازمي آهن. انهي نڪتي جي مدِنظر جائزو وٺجي ٿو ته فقط آڳاٽن رسالن ۾ ئي انهي مقصد ۽ مفهوم سان ٺهڪندڙ بيت موجود نظر اچن ٿا. اسان جي خيال ۾ اهي ئي سر ڏهر جا اصل بيت آهن، جن ۾ پوءِ هڪ صدي گذرڻ سان ٻين عنوانن وارا بيت ڪثرت سان شامل ڪيا ويا. جيئن مٿي تفصيل مان ظاهر ٿيندو ته اهڙن اصل بيتن جو تعداد وڌ ۾ وڌ 45 کن آهي. هيٺ انهن بيتن مان چونڊ بيتن کي موضوع مطابق ورڇي رکيو ويو آهي.

ڌڻيءَ جي ساراهه:

مِٺو جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،

ڪونهي در جهوءِ، مون در گهڻا نهاريا. 

ڪاڻياريءَ جي عيبن ڍڪڻ وارو ڪانڌ (ستار):

ستر ڪر ستار، آءُ اگهاڙي آهيان،

ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.

 

ڪو ڪو ڀيرو ڪانڌ، نماڻيءَ جي نجهري،

پکي ڇنا پانڌ، ڳنڍ نه ڄاڻان ڪو ٻيو.

 

مناجات (مديني جي مير کي سڏڙا):

مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا،

جي لڳا تنهنجي سِيرَ، سي پار لنگهائج پهيڙا.

مرشد جي اچڻ جي آس:

ڌڻي سو واريين واءُ، جو ميڙائو سڄڻين،

وَنهين واٽ مٿان، هينڙي آسر نه لهي.

 

سلوڪ جي راه ڏسندڙن جي تلاش:

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾

آيل سنگهارن، جيڪس چٽاڻو چِت ڪيو.

 

جهڄان پسئو جهوڪ، آيل سنگهارن جي

جني پهي پياريا، منجهان مٽن موڪ

لڏي وچان لوڪ، اُٺي وئڙا اُڪري.

 

بي ثباتيءَ ۽ بيوسي جي ڪيفيت:

اڄ پڻ هلڻ هاريون، روهه راماڻا ڪن

ڪرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

غفلت کي ڇڏڻ

نئن ۾ ننڊون ڪن، وير ورنديئي وسيرا

اُتان اسارن ، وڃي وَھ واڪا ڪيو.

 

موت جو برحق هجڻ ۽ اوچتو ڪڙڪي اچڻ

پکو اڏ مَ لانڍ، ڊگهي اڏمَ مَنهين

لڌئو تن ورانڍ، جني صباحڻي اڏئو.

 

لاکا لڄ سندياءِ، آءٌ اوڏ اگلي آهيان

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اَڏيا.

 

کرا ويڻ کنگهار کي...

(سر ڏهرجا تاريخي ڪردار)

محمد حسين ڪاشف

سر ڏهر ۾ سمايل موضوعن تي غور ڪجي ته اهي وسيع معنيٰ ۽ نڪتن وارا موضوع آهن، جن ۾ هر موضوع تفصيل جو محتاج آهي. هت مجموعي طور هن سر جي مطالعي کي پيش ڪجي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com