سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :18

دراصل راماڻ جي بنيادي معنيٰ آهي: دل ڦاڙي دانهن ڪرڻ يعني، ڪونجون، پنهنجي اصلوڪي وطن (جبل) ڇڏڻ کان اڳ دل ڦاڙي دانهن ڪن ٿيون. (ڇاڪاڻ ته سندن ٻچا اُتي ئي آهن) جنهن ما ظاهر آهي ته هاڻي سنڌ ڏانهن اچڻ واريون آهن.

ڪرڳل = آواز، هُل، شور.

10. ڪونجون ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون.

ٻچا پوءِ اٿن، وڃن وانڌا ڪنديون.

لغوي لفظ

ڪڻڪن ــــ جڪس، وانڌا.

ڪڻڪن = ڪون ڪون ڪن. ڪرڪن. مصدر ڪڻڪن.

جڪسُ = جيڪس، شايد،

وانڌا = جمعَ واحد وانڌ = ڪوڪون، دانهون.

11. آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري.

ڪريهر ڀون کَرَي، پاڻان پير ڏکويا پکڻين.

ڪريهر ڀون کري جون مختلف پڙهڻيون هن ريت آهن:

1. کڙي هَر ڀون کري.

2. کَري هَرَ ڀون کري.

3. کِري هَوَ ڀون کري.

4. کَريڙ ڀون کِري.

5. ڪري هَر ڀَڻ ڪري.

6. ڳنهير ڀون ڳري.

7. کنڀڙ ڀون کري.

انهن مختلف پڙهڻين مان معلوم ٿيو ته ٽرمپ ۽ بمبئيءَ وارن نسخن جون پڙهڻيون دهرايون ويون آهن. مٿين پڙهڻي، جنهن کي اسان بهتر سمجهيو آهي، سا هڪ قلمي رسالي مان ورتل آهي.

بيت جي نفس مضمون مان ظاهر آهي ته ڀون يعني زمين جو ذڪر ڪيل آهي، تنهنڪري ڳوٺ جي تجربيڪار ڪُڙمي کان زمينن جا قسم پڇيم. جنهن مختلف قسم ٻڌائيندي، هڪ قسم ڪويرا به ٻڌايو لفظ ياد پيو ۽ سمجهيم ته ڪريرا جي شاعرانه گهڙت ڪريهر آهي. ايئن به ٻڌايائين ته: اها زمين اهڙي ته سخت ٿيندي آهي، جو ڪوبه پکي، ان ۾ کوٽهڙو ڪري نه سگهندو اهي.

ڪريهر ڀون کري، پاڻان پير ڏوکويا پکڙيين.

ڪريهر جي لغوي معنيٰ جي آڌار تي، بيت جي معنيٰ هن ريت ٿيدي. معنيٰ: اُها زمين، اهڙي ته کَري سخت ٿي وئي آهي، جو پکين جي کوٽهڙي سان، سندن پير به ڏکوئجن ٿا. ياد رهي ته پکي، پيرن سان کوٽهڙو ڪري، پنهنجو چوڳو هٿ ڪندا آهن.

12. ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سَندي من ۾.

اوچتي پَرياڻ، وڳَرَ هَڻي ويڇون ڪيا.

لغوي لفظ

لَکيو ـــ ٻاڻ ـــ ماري ـــ پرياڻ ـــ وڳر ــــ ويڇون.

لکيو = محسوس ڪيو، سُڃاتو ــــ مصدر لکڻ = محسوس ڪرڻ.

ٻاڻ = تِيرُ

ماري = ماريندڙ، شڪار ڪندڙ، شڪاري.

ماري لفظ مارڻ مصدر مان آهي.

پرياڻ = پتو، اهڃاڻ، هِتِ معنيٰ سان.

وڳر = ولر،

ويڇون = الڳ الڳ، ڌار ڌار

اصطلاح:

ويڇون ٿيڻ = پريشان ٿيڻ، کِکو وِکو ٿيڻ، فراقي ٿيڻ

ويڇون ڪرڻ = جدا ڪرڻ، پريشان ڪرڻ.

13. ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين.

جنهين جي خميس، واريون واري ڇڏيون.

لغوي لفظ:

آيل ـــ سنگهارن ـــ خميس ـــ واريون.

آيل = امڙ، جيجل،

خميس =اربعا کان پوءِ ايندڙ ڏينهن.

واريون = تاريخون، ڏينهن. وار = تاريخ، ڏينهن.

واري ڇڏيون = مقرر ڪري ڇڏيون.

ڪن نسخن ۾ وڻيون ته ڪن ۾ واڙيون آهي، پر محاوري جي خيال کان = واريون واري ڇڏيو. بهتر پڙهڻي نظر اچي ٿي.

خميس جو پسمنظر:

مالوارا يا ڀاڳيا کير وڪڻندا آهن، پر اڳي، خميس جي وار يعني جمعي جي رات کير نه وڪڻندا هئا ۽ غريبن ۾ مفت ورهائيندا هئا ۽ اڃا تائين، ٻهراڙي ۾ ڪٿي ڪٿي اها رسم چالو آهي. هت واريون وارڻ تان ٻيو به هڪ خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته اُهي مالدار، هر مهيني جي يارهين تاريخ (پيران پير دستگير جي) به کيرُ ورهائڻ لاءِ ڇڏيندا هئا. شاهه صاحب، واريون وارڻ جمع ۾ ڪم آندو آهي، تنهن ڪري ائين ڀانئجي ٿو ته ٻنهين تاريخن ڏانهن اشارو آهي.

اصطلاح:

 واري واري ڇڏڻ = تاريخ مقرر ڪري ڇڏڻ، جمع جي حالت، ۾ : واريون واري ڇڏڻ = تاريخون مقرر ڪري ڇڏڻ.

14. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ ايءَ نه سنگهارن سِٽ،

ڪاهي ايندا ڪڏهين. مٿي وانڍ وِهَٽَ،

جي هاڻو هونئي مِٽ ته به اُڊو لاههِ مَ انجو.

لغوي لفظ:

سِٽ ـــ وانڍ، وهٽ، هاڻو ــــ اُڊو.

سَٽ = سِٽا، پَرِ، ريت، نمونو، دستور

وانڍ = ڪن نسخن ۾ وانڊ لکيل آهي، پر درست وانڍ آهي. وانڍ جون هي معنائون ڏنل آهن.

1. وانڍ = اڪيلي جاءِ، جهنگ ۾ وٿاڻ.

2. وانڍ = وٿاڻ، ماڳ، جاءِ.

اهي معنائون به درست آهن، پر لغوي لحاظ کان وانڍ جي معنيٰ آهي ننڍڙو ڳوٺڙو، جو اٺن ڏهن گهرن تي ٻڌل هجي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن، جي وانڍ جي نالي سڏجن ٿا. بنده جي ڳوٺ (گابر مسڻ، تعلقو ڏوڪري، ضلع لاڙڪاڻو) ڀرسان دٻي جي وانڍ آهي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي جي ميروخان تعلقي ۾، صاحب خان جي وانڍ آهي. هي لفظ ـــ وانڍ ـــ هروڀرو ٿَرَ وارن تائين محدود نه آهي.

وَهٽ = ڍور، چوپايو مال. سَواريءَ جو جانور. ڪن تازن ڇاپن ۾ وِهٽ لکيل آهي. ليڪن لغوي خيال کان وَهٽ صحيح آهي، ان لاءِ لغوي دليل هي آهي ته وئتپتي ڪوش (ادبي بورڊ ڇاپو 1978) جي صفحي 25 تي لکيل آهي ته وَهٽ جو بنيادي لفظ وَهه = ڍوئڻ آهي. تنهنڪري وَهٽ جي لغوي يا بنيادي معنيٰ ٿيندي جيڪو ڍوئي، يا بار برادري جو ڪم ڏئي.

هاڻو = هڻندڙ ـــ ماريندڙ ـــ لٽيرا، ڦورو.

شاهه صاحب اهو لفظ سُر مارئي، ۾ به ڪم آندو آهي.

وريا واهرو، هاڻو سڀ هيڻا ٿيا.

اُڊو = اُڊڪو، ڀؤ، ڊپ.

15. جهوڪون نه جهڻڪن، جو نه پسان وٽ ۾.

آيل سنگهارن، جيڪس چٽاڻو چت ڪيو.

لغوي لفظ:

جهوڪون ـــ جهڻڪن ـــ وڳ ـــ وَٽِ ــــ چٽاڻو.

جهوڪون. جمعَ واحد جهوڪ، هنڌ، جايون، وٿاڻ، اهو هنڌ جتي مال بيٺو رهي. جهوڪ جهڪڻ مان اسم آهي.

جهڻڪن = ڀڻڪن، آواز ڪن، مصدر جهڪڻ = معنيٰ آواز ڪرڻ

وڳُ = وَلر، چوپائي مال جو ڌڻ.

اتر سنڌ ۾ وڳ چون اُٺن جي گُلي کي.

مال جي ڌڻ لاءِ هيٺين طرح الفاظ آيل آهن:

1. رڍن ۽ ٻڪرين جي ميڙَ کي ڌڻ چون.

2. مينهن ۽ ڳئن جي ميڙ کي کير چون

3. پکين جي ميڙ کي ولر چون.

وٽ = ڪَنارِ ـــ ڪنارو، ڪنڌي، ڇيڙو، حد (رهندڙ جوءِ جي)

چٽاڻو = روشني، چٽائي.

شاهه سائين انهيءَ معنيٰ ۾ چٽاڻو ڪم آندو آهي.

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪَرَ هو، چوڏس چٽاڻو

مصرع ۾ چٽاڻو معنيٰ الاهي نور جي روشني، ليڪن هِتِ آيل سنگهارن جيڪس چٽاڻو چت ڪيو ۾ چٽاڻو معنيٰ روشني نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ٿَرَ ۾ سج ۽ چنڊ جي روشني ته آهي.

در حقيقت ٿر ۾، چٽاڻو، هڪ وسندڙ جوءِ يا تَر جو نالو آهي، جنهن کي روايت موجب چيتلو به چون. (1)

برسات سبب ٿري ماڻهو پنهنجو مال چاري سانگي اوڏانهن ڪاهي ويندا هئا ۽ شاهه صاحب اُنهي تڙ ڏانهن اشارو ڪيوآهي.

16. ڀوريين پاند ٽمن، جهاڳ جهاڳي آيون،

ڪاڇو مينهڙين، مندائتو ماڻيو.

لغوي لفظ:

ڀوريين ــــ پاند ــ جهاڳ ــــ

ڀوريين = ڀُورين جا، يعني ڀورين مينهن جا. مينهن جا ڪيترائي قسم آهن. جن ما ڪي هي آهن:

چوڙَ، ڪُنڍي، ڪاري، ڀولي، گوشي، تاسري، ڦاڏي، چال، ڪٽي، ڀوري.

سڀن مينهن مان، شاهه صاحب ڀورين منهنجي جو ذڪر ڪيو آهي، سو قابل غور آهي. اِهو انهيءَ ڪري جو ڀورين مينهن جو کير ٻين مينهن جي ڀيٽ ۾ مٺو ٿيندو آهي.

پاندَ = پاسا، پاسريون، (مينهن جون)

جهاڳ = معنيٰ اونهو لکيل آهي، جو لغوي خيال کان درست نه آهي. اونهيءَ پاڻي مان تربو آهي ۽ ننڍي پاڻي مان جهاڳي چڙهبو آهي. ٿر ۾ اونهو پاڻي آيو ڪٿان! جتان مينهون تَري آيون؟ هت شاهه صاحب ڳالهه ٿو ڪري، اُنهي پاڻي جي جو پنيءَ ٻوڙ آهي، جنهن ۾ گپ چڪَ به ٿيندي آهي، شاهه صاحب چوي ٿو ته مينهون مينهن وسائينديون (جو مينهن جي پاسن کان لاٽون ڪري پيو ٽمي). ساري جهاڳ (مينهن وارو ميدان) جهاڳينديون آهن.

17. ڀڄئان ڀُلي نڱئو، ڏيئي پاڳوڙي پيرُ،

جُسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين ويرُ،

ڪڇ رهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائو ٿيو.

لغوي لفظ:

ڀڄئان ـــ ڀُلي ـــ نڱئو پاڳوڙي ـــ جُسي جسراج ـــ وانڍين، لوڙائو

ڀڄئان = ڀُڄ (ملڪ) کان.

ڀُلي = گهوڙي.

نڱئو = نڪتو، ٻاهر آيو، نڱڻ = نڪرڻ، ٻاهر اچڻ،

پاڳوڙي = پاڳوڙي ۾، پاڳوڙو = رڪيب.

پاڳوڙو لغوي لحاظ کان پاڳ، لفظ مان ٺهيو آهي [1]

پاڳ ۽ پاڳ جي معنيٰ آهي پير، پاڳ مان پاڳي، معنيٰ پير کڻندڙ، پيراڍو ـــ اهڙي طرح پڳ مان پڳي = پيراڍو پاڳوڙي = پاڳ = پيرُ + اوڙو = وارو ــــ پير رکڻ وارو يعني جنهن تي پير رکجي. ساٿي رڪيب.

جَسي ۽ جسراج جو اصل لفظ جَسُ آهي.

جَس= شاباس، نيڪ نامي، شان و شوڪت.

جَسي ـــ جَسو = جَسَ وارو ــــ تعريف لائق، نامور.

جسراج = جَسَ جو راجا، شان  شوڪت وارو.

وانڍين = وانڍن ۾ رهندڙ. هن لفظ کي اڳ ۾ آڻي چڪا آهيون.

لوڙائو = ڌاڙيل، لٽيرا، ڦورو،

لوڙائو جي لغت هن طرح آهي.

لوڙائو = لوڙهه هڻندڙ، لوڙهه سان وڙهندڙ، لوڙهه = لٺ جو هڪ قسم جنهن جي ڇيڙي تي لوها پٽ چڙهيل هوندا آهن. جيڪڏهن اهڙي لٺ، يعني لوڙهه ڪنهن به جوڌي جوان کي ٻه هٿڙي ڪري وهائجي ته مڙس ڍيري ٿي پوندو. مطلب ته ان لوڙهه جو ڌڪ معنيٰ موت جو ڌڪ.

لوڙهه لفظ مان لوڙائو جو تاريخي پسمنظر به پڌرو ٿئي ٿو، ته اڳتي ڌاڙن هڻڻ يا ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ لوڙهون کڻي ويندا هئا، جهن سان ويڙهه ڪري، ڪامياب ٿي موٽندا هئا، تنهن ڪري لوڙائو حيثيت کي تاريخي لفظ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو.

18. لاکو لکي تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ،

سونهاريون سَرَ ڪيو، ڀِيڙيون ٻڌي بيٺ

ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح سان سڀ ڪنهن.

لغوي لفظ:

لکي ـــ سونهاريون ـــ سَرَ ڪيو ــــ بيٺ،

لکي = لاکي جي گهوڙيءَ جو نالو.

لکيءَ جي لغوي معنيٰ آهي: لکن واري يعني جيڪا قيمتي. عمدي، بنهه ڀَلي.

هڪ پڙهڻي موجب سونهاريون سِرڪيو آهي، پر اسان سَرڪيو کي درست سمجهون ٿا.

معنائن ۾ به اختلاف نظر اچي ٿو:

ڪن جي خيال موجب:

سونهاريون = سونهن واريون، جي پنهنجي سَتَ جي زور تي پيون سونهن.

سير ڪيو = پاڻ سان وٺي ٻيلهه چاڙهيو. لکندڙ جو مطلب هي آهي ته:

سونهن واريون، جن کي ڊپ آهي ته متان ڪو سندن سَتُ نه ٽوڙي، تن کي لاکو پنهنجي پناهه ٿو ڏئي، اسان جي خيال موجب، اها معنيٰ، لفظن ــــ سونهاريون سرڪيو ــــ جي لغوي پٺڀرائي نٿي ڪري.

لفظ لغوي لحاظ کان هيئن بيهڻ کپن:

سونهاريون = تراريون.

سَرڪيو = تيز ڪيو، تکو ڪيو. تيار ڪيو.

سَر ڪرڻ = تيز ترڪڻ، تيار ڪرڻ.

ڀيڙيو = مضبوط ڪيو، سوگهو ڪيو، پختو ڪيو.

بيٺ = ڪمر، چيلهه،

سونهاريون سَرڪيو الخ ـــ لاکي ترارين کي تکو ڪري پنهنجي ڪمر پٽي ۾ سوگهو ڪري وڌيون يعني لڙڻ لاءِ تيار ٿيو.

19. وَنهين سنگهارن جي سونهاري سانجاڻ،

پوءِ ٿا پين پاڻ، پهريايئن پيارين پيڙا.

لغوي لفظ:

وَنهين ــــ سونهاري ــــ سانجاڻ ـــ پيڙا.

ونهين = آسودن، سکين ستابن، ونهيو = سکيو، آسودو، ڀاڳيو ــــ سائو ـــ ڀريو ڀَڪُليو.

ضد = وِلهو.

ڪي سونهاري سانجاڻ کي سونهاري اڃاڻ ۾ ڏسن ٿا، معنيٰ ڪئي اٿن: سولي ۽ سُٺي سڃاڻپ.

سونهاري جي لغوي معنيٰ آهي، سونهن واري، سُهڻي هِتي معنيٰ دلپسند، وڻندڙ، لاجواب.

سانجاڻ = سانجڻ، رڌو پڪو،

سونهاري سانجاڻ = دلپسند کاڌو، وڻندڙ رڌو پڪو.

پَيَڙا = مسافر، واٽهڙو.

بيت جي لغوي خيال کان معنيٰ: انهن سنگهارن جي گهر جو رڌو پڪو يا تيار ڪيل ماني نهايت وڻندڙ آهي. اهڙا ته قربائتا آهن، جو اڳ ۾ مسافر کي لفظن پيارين ۽ پوءِ پاڻ.

آخر ۾ مان سنڌ جي سڄاڻ اديبن کي عالمن کي عرض ڪندس ته شاهه سائين جي اهڙن انوکن تي چڱي طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪن ته جيئن لطيف لغات ٺاهڻ ۾ آساني ٿئي.


[1] . جهمٽ مل نارو ل ـــ وئتپتي ڪوش ـــ صفحو52.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com