سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :16

لاکي جي شخصيت يا ڪردار متعلق مڪمل تحقيق جي ضرورت آهي. روايتن متعلق لاکي هي ڪارروايون سمن جي مفاد ۾ ڪيون، هن جو اختلاف رڳو جاڙيجن سان هيو. پر هتي جاڙيجن کي به جاڳائي خبردار ڪيو ويو آهي ته سمن کي به نه سمهڻ جون صلاحون ڏيئي هوشيار ڪيو ويو آهي. لاکي جو اوڏ ذات سان خاص تعلق هيو ۽ اوڏ به کيس پنهنجو تحفظ ڏيندڙ ڀائيندا هيا.

لاکا لڄ سندياءِ، اوڏا اگلي آهيان،

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

اوڏ سنڌ جو هڪ قديمي قبيلو آهي. جيڪو پاڻ پکن ۽ ڀُنگين ۾ رهي مزدوري تي ماڻهن لاءِ گهر جوڙيندا آهن. ان ڪم ڪرتي جي لحاظ کان هو هنڌ هنڌ به لڏيندا رهندا آهن. سندن ڪرتي جي لاءِ ڀٽائي گهوٽ دعاگو آهي.

اڏيو جو اوڏن، سو ڊنگهر ڍلو مَ ٿئي.

جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

اوڏن جي لڏپلاڻ لاءِ هيئن فرمايو ويو.

اڏيءَ، اڏي، اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون

ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ ۾.

لاکي جو اوڏن سان پيار هن ريت بيان ڪيو ويو:

لاکا لک هيا، ڦلاڻيءَ ڀير ٻيو،

آ جا اوڏ ٿيا، پله لڳي جنهن جي.

پر لاکي جي ڪردار جو هڪ پهلو هي به هيو:

اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪانه ڪئي

لاکيو مٿان تن، اوچتوئي آئيو.

انهن بيتن مان لاکي جي ڪردار جو ڪو واضح اهڃاڻ ڪونه ٿو ملي. رسالي ۾ لاکي جي تعريف ملي ٿي ته ٻئي طرف لاکي لاءِ هي تاثر ٿو ملي.

لکي ۽ لاکو ٻئي مئا، ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون! اولاڪو،

وانڍين ۾ وراڪو، ريٻاڙي رهي ويا.

بهرحال هنن ڪمن کان پوءِ لاکي جو هڪ ٽڪاڻو نه هيو. جيئن ڪونج، سنگهار ۽ اوڏن جو ماڪ هڪ ناهي. ان ريت انسان ذات جو هڪ ماڳ ناهي. جيئن ڪونج، سنگهار، اوڏن ۽ لاکي هڪ فڪر هيو. ان ريت انسان ذات کي به غافل رهڻ نه گهرجي. غفلت جي ڪري کيس ڪافي پشيمان ٿيڻو پوندو. ٻين لفظن ۾ سموري سر ڏهر جي مطلب جو خلاصو هن وائي ۾ بيان ڪيو ويو:

هي سڀ هلڻ هارا

ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

اڏيا رهندا اتهين، هي سڀ ماڳ موچارا.

ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

جن کي بادشاهيون بلند هيون، سي ڇڏي ويا ويچارا،

ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

ڪُل نفسءِ ذائقه الموت سمجهج اهي اشارا،

ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

الا! عبداللطيف چئي: ات ستر ڪج ستارا،

ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

آخر ۾ سر ڏهر متعلق پنهنجي مٿي بيان ڪيل معروضات لاءِ دليل طور هي بيت عرض ڪندس:

ڪڏهن مڙهه مقام، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ،

سندو واريءَ ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.

 

سر ڏهر جي لغات

آفتاب ابڙو

 

سنڌ سونهاريءَ جيڪي به لاکيڻا شاعر پيدا ڪيا آهن. تن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي شاعرانه خوبيون هڪ ڪامل شاعر ۾ هئڻ کپن، سي سڀ ڀٽائي گهوٽ ۾ موجود آهن. هينئر اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي نموني، شاهه جي جملي ڪلام جي مختلف پهلوئن کي اُجاري اڇو ٿا ڪيون. جيتوڻيڪ انهيءَ سلسلي ۾ هن وقت تائين، ڪن عالمن، اديبن، ماهرن ۽ محققن پاڻ پتوڙيو آهي، پر تڏهن به اڃا ڪلام جي ڪن پهلوئن تي تحقيق جي گُنجائش نظر اچي ٿي.

شاهه صاحب جا سڀ سر، لغت جا ڀرپور ڀنڊار آهن. مثلا سر سسئي جا ڪي الفاظ:

ڪيچ، ڪوهيار، ڇَپَر، ڇَمَر، رائو، رَنُدُ، وِندرَ، وڻڪار، لَڪَ، لَڪيون، ڏونگر، هاڙهو، ڪرهو، ڪنواٽ، ڏاگهو، گُنگا، کورا، ڀنڀور، وِلِهي وغيره.

اهڙي طرح رامڪلي کي ڏسو:

جوڳ، جوڳي، ويراڳي، بيراڳي، نانگا، ناني، ناٿُ، دُوارڪا، دونهيون، ناسُوت، ملڪوت، جَبروت، لاهوت، لانگوٽيون، اَڌوتي، بابو، بِکيا، گُرو، گَنگا وغيره.

مطلب ته هر سُر جي جداگانه لغت ٺهي سگهي ٿي، ۽ سڀني سُرن جي لغتن کي گڏي جامع لغات لطيف  ٺاهي سگهجي ٿي.

اڄوڪي صحبت ۾ سر ڏهر جي لغات تي پنهنجا ويچار ظاهر ڪجن ٿا، پر ان کان اڳ ان باري ۾ ٿوري وضاحت ڪرڻ نهايت ضروري آهي:

1. هر لفظ ۾ معنيٰ سمايل آهي، جيڪڏهن ڪو لفظ، پنهنجو حُليو بگاڙي چُڪو آهي ته اسان جو ڪم آهي ته ان لفظ جي تَههَ تائين پهچي، ان کي اصل بيهڪ تي آڻيون. لفظ لغوي جو حل ڳولڻ، پنهنجي ليکي اٺڪاٺيو ڪم آهي. ۽ اُهي ئي بخوبي اندازو لڳائي سگهندا، جي انهن اڻانگهن گهٽن ۽ گهيرن، پَنڌن ۽ پيچرن مان پار پيا هوندا، هن ڪم کي اصولي طرح نِباهِڻ لاءِ، اٽل ارادو ۽ ڌيرڄ درڪار آهي. مطلب ته جيڪڏهن سَٿ جا سڄاڻ ساٿي، پڪو پهه ڪري، ساري سنڌ جو ترو تانگهيندا ته کين مطلب جي ويجهائي نظر ايندي.

2. لغت ۾ لازمي آهي ته هر لفظ کي صحيح صورتخطي ۽ تُز تلفظ تي آڻجي مثلا:

شفا = صحت، تندرستي،

شِفا خانو = صحت گهر،

۽ جيڪڏهن شَ، زبر ڏيئ لکبو ته هي نتيجو نڪرندو:

شَفا = عمر جي آخري حد

شَفا خانو = اها جاءِ، جتي عمر ختم ٿي وڃي.

2. وَلهو = مڙس، ڀتار

وِلهو = سُڃو، سکڻو.

اهڙي طرح آدَرڀاءُ کي آڌرڀاءُ رَخنو کي رُخنو نَقص کي نُقص حُسام الدين کي حِسام الدين پٽاندر کي پٽاندڙ چئون ٿا.

اسان جي سنڌي لغات جي، اهائي هڪ بنيادي ۽ نُمايان خوبي ليکبي جو لفظ درست اُچار ۽ درست معنيٰ سان درج ٿين.

3. ڪيترن ماهرن، رسالي جون معنائون لکيون آهن، جي ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهن پر جيڪڏهن ڪٿي معنائن ۾ فرق نظر آيو آهي ته پنهنجا ذاتي ويچار پرکن، پرجهيندڙن، عالمن ۽ اديبن آڏو عرض رکيا اٿم ته جيئن حقيقت جي خبر پئي. ٻيو ته ڪنهن اَنوکي لفظ جي معنيٰ ڏيندي، لفظ مان ٻيو لفظ ٻئي مان ٽيون لفظ نڪتو، ته انهن جي به لغوي معنيٰ جي لحاظ کان اپٽار ڪئي اَٿم. اهڙي طرح انهن لفظن جا اصطلاح به ڏنا اٿم، ته جيئن سُر ڏهر جي لغات جو باب مڪمل نظر اچي.

سُر ڏهر ۾ آيل ڪن لفظن جي اصلي حقيقت هٿ ڪرڻ لاءِ ٿرجي مهاڻن، ٿر ۽ ڪوهستان جي استادن سان روبرو ۽ خطن ذريعي معلومات ملي، جيڪي ڪجهه پلئه پيو انهيءَ کي پنهنجي سمجهه آهر سوڌي سنواري پيش ڪيو اٿم. ان کان سواءِ مختلف قلمي توڙي ڇاپي نسخا به نظر مان ڪڍيا اٿم جيڪا پڙهڻي عقل کي آئڙي، تنهن کي ترجيح ڏني اٿم. جيڪڏهن اڃا به ڪي لفظ، سمجهه ۾ نه آيا ته انهن لاءِ مختلف لغتن جي ورق گرداني ڪرڻي پئي.

سر ڏهر جي لغوي ۽ تحقيقي جائزو

ڏَهَرُ معنيٰ: ٻن ڀٽُن (واريءَ جي وڏن دڙن) جي وچوارو تَرُ يا ميدانُ، جنهن کي ماٿري به چئي سگهجي ٿو.

حقيقت هن ريت آهي ته ٿرَ ۾ اهڙا ڪيترائي ننڍا وڏا ڏهر آهن، جي جهونن وهندڙ واهن جا بچيل يادگار آهن. ٻن ڀٽن جي تَرَ واري زمين، نرم نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي سُڪَڻ بعد سخت ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن اهڙن هنڌن تي مينهن پوي ته ڀٽن تان لهي، ميدان ڀري ڇڏي، ۽ اتان جا رهاڪو اهو پاڻي مال کي پيارين ۽ پنهنجي ڪم به آڻين جيڪڏهن پاڻي سڪي وڃي ته ان ميدان تي پوک ڪن.

جهڙوڪ: ٻاجهري، جوئر، گوار وغيره. اها زمين زرخز ٿئي، جو منهس گهڻي وقت جو لَتُ يا رءُ پيل آهي ۽ ٻيو وري ننڍن ٻوٽن ۽ وڏن وڻن جا پن ڇڻي ميدان تي پَون، جي ڳري قيمت ڀاڻ جو ڪم ڏين. اهوئي سبب آهي جو مالدار ماڻهو گهڻو ڪري ڏهر جي آس پاس جهوپا اڏيندا آهن، اهڙن هنڌن تي گهڻي قدر ساوَڪ ۽ سبزي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن آءٌ غلط نه هجان ته ائين چئي سگهان ٿو ته ٿر يا رِڻَ ۽ رائي وارن اهڙن هنڌ تي ئي خيابان هوندا آهن، اَهڙن ڏهرن ۾ ڪي اهڙا به هيٺانهان هنڌ هوندا آهن، جتي پاڻي بيٺو هوندو آهي. جنهن کي ڍورو يا تلاءُ چوندا آهن.

سنڌ جو نبض شناس شاعر لطيف سائين، اهڙي هڪ سڪل ڍوري وٽان لنگهيو آهي، جتي سُڃ پئي واڪا ڪري، اُتي ڪنڊي جي وڻ کي سوڪهڙي واري حالت ۾ ڏسي، سندس دل جُهٻو کاڌو ۽ ڪَنڊي سان مخاطب ٿيو:

ڪر ڪي ڳالهڙيون ڪنڊا، ڍور ڌَڻين جون،

ڪِيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين؟

ڪن قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ ڍورُ ڌڻين کليل آهي ته ڪن ۾ ڍور ڌَڻين. لفظي محاوري ۾ خبر پوي ٿي ته ڍور ڌَڻين درست آهي.

ڍور ڌَڻين معنيٰ: ڍوري جي ڌڻين يعني ڍوري جي سنڀال ڪندڙ، ڍوري يا تلاءَ جا ڌڻي. يعني جيڪي تلاءَ تي اچ وچ ڪندا هئا. ڍورو سُڪي، ٿوري پاڻيءَ تي وڃي بيهندو آهي ته ان کي ڍوري (هيٺانهينءَ تي بيٺل پاڻي) چوندا آهن.

اصطلاح

ڍوري ٿيڻ = هيٺاهينءَ تي پاڻي بيهڻ

ڍوري هڻڻ = چوپائي مال جو سوکو ٿيڻ يا مَچڻُ.

2. ڪنڊا تو وٽان، سَچُ ڪِ سيڻن لڏيو،

مَڃَر تو منجهان، ڇڻيو پون ڇڳا ڪري.

لغوي لفظ

سيڻ ـــ مَڃَر

سيڻن جمع ـــ واحد سيڻ

سيڻ جي لغوي معنيٰ آهي: گهوٽ ۽ ڪنوار جا والدين هڪٻئي جا سيڻ ٿين.

سيڻ جي اصطلاحي معنيٰ: سڄڻ، دوست، خيرخواهه.

هت سيڻن جي معنيٰ ٿيندي: ڍوري جا ڌڻي.

سيڻ مان ٻيا لفظ: سِيڻوٽ = نياڻي جو ڀاءُ، ننهن جو ڀاءُ.

سيڻپو = سڱابندي جو لاڳو.

مڃر = ڪنڊي وڻ جو ٻور ۽ گل.

ڪنڊي جي وڻ ۾ مند پئي، ڦوٽهڙو ايندو آهي. جنهن ڪري ٻور ۽ ننڍڙن گلڙن جا ڇُڳا ٿين. جنهن کي شاهه صاحب مڃر ٿو چوي. جڏهن ٻور پڪو ٿئي، تڏهن سڱريون ٿين، جي سُڪي وڃڻ کان پوءِ هوا لڳڻ سان هيٺ ڪري پون. انهن سُڪ سڱرين کي ٿر جا ماڻهو سيڪي کائيندا آهن. جيڪڏهن ائين کائيبيون ته به سندن ذائقو مٺو آهي. شاهه صاحب مڃر توڙي سڱرين جو ذڪر ڪيو آهي:

1. موڙي مَڃَرَ ٽاريون، چانگا ٿا چَرو.

2. سڱرَ ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌايئن.

3. سَڱر کين سرتيون سَئين جيئن سِيڪي.

4. ڪَنڊا ڪَڄاڙيان، اُڀو آهين ريل ۾؟

ڀرين پڄاڻان، سُڪي ٻانهون نه ٿئين.

لغوي لفظ

ڪڄاڙيان ـــ ريل ـــ ٻانگهر.

ڪُڄاڙيان = ڇالاءِ، ڪهڙي سبب.

ريل = هيٺاهون هنڌ، جتي پاڻي بيهي ۽ ساوڪ هجي.

دادو ۽ لاڙڪي ضلعن ۾ ريل ۽ ريلڻ ڳوٺن جا نالا به اتان ورتل ٿا ڀانئجن.

ٻَانگهر ڪن نسخن ۾ ڀانگهر ٻانگهُر.

ٻانگهر ۽ بانڪو لکيل آهي. پر هت ٻانگهر کي ترجيح ڏجي ٿي. ٻانگهر لاڙي لهجي جو لفظ آهي. ان کي اتر سنڌ ۾ ڀانگهر ۽ ڀانگهو چوندا آهن.


[1] .جامع لغات لطيف بابت اسان پنهنجا ويچار، سنڌ اطلاعات کاتي پاران شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي نڪرندڙ خاص نمبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي احوال ۽ افڪار سال 1981 ۾ ڏئي چڪلا آهيون. اهڙي ريت ڪافي لفظ اسان وٽ غلط اچارن سان هلن ٿا، جيئن درست اُچار رِشوَت آهي، پر رُشوَت چئون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com