سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :15

گهاڙي:

گهاڙي لاڙ جو مشهور شهر هو. هن وقت انهيءَ ايراضي ۾ گهاڙي شيخاڻي نالي سان ڳوٺ پڻ موجود آهي. راءِ لاکو ڦالڻي ڪڇ کان سنڌ ڏانهن ايندي گهاڙي ۾ اچي ڪافي وقت رهندو هو، ۽ اتان پوءِ ٿرواري علائقي ڏانهن اُسهندو هو. هڪ دفعي اهڙو اتفاق ٿيو جو لاکو ڪافي ڏينهن گهاڙي ڏانهن ڪونه آيو ته گهاڙي جي رهاڪن کيس ياد ڪندي ڏانهنس پيغام موڪليو ته لاکا توکي ڇا ٿيو آهي، جو گهاڙي کي بلڪل وساري ڇڏيو اٿئي. تنهنجي اچڻ وڃڻ جي واٽن تي وليون موري ويون آهن ۽ واٽون ڏسڻ ۾ ڪونه ٿين اچن. شاهه سائين گهاڙي جي عوام جو آواز هيٺين طرح بيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي:

لاکا لڳئي ڏينهن، گهاري ري ڪيئن گهارئين،

مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.

ڪنڊو:

شاهه صاحب جڏهن سير سفر جي سلسلي ۾ پائر واري علائقي جو سير ڪيو، تڏهن ڍور جو سُڪل پيٽ به ڏٺو، ۽ جسوڌڻ جي آباد ڪيل شهر جي ڪناري سان ڍور جي ڪپ تي ڪنڊي جو وڏو وڻ پڻ ڏٺو، جيڪو نهايت سائو ۽ مڃر سان ڀرپور هو. جڏهن ته ان پاسي ۾ آباد ٿيل شهر ويرانو بنجي چڪو هو. چون ٿا اُهو ڪنڊو نهايت جهونو هو، ان ڪري شاهه سائين ان کي جسوڌڻ جي دؤر جو قرار ڏيندي پڇيو ته:

ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،

جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.

ان کان پوءِ کيس اِهو به چيائين ته توکي جسوڌڻ جي جدائي جو ڪوبه سور ڪونهي ۽ نڪي دل ۾ ڪو وڍ اٿئي، تون ته سائو بيٺو آهين. توکي گهربو هو ته سردار جسوڌڻ جي وڇوڙي ۾ سُڪي ڀانگر ٿي وڃين، ها، پر افسوس جو توتي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو آهي ۽ وڌيڪ فرمائي ٿو ته:

ڪنڊا ڪڄاڙيا، اڀو آهين ريل ۾،

پرين پڄاڻا، سڪي ڀانگر نه ٿئيين.

 

ڪر پچار پرينءَ جي

سر ڏهر جو هڪ جائزو

جوهر بروهي

سر ڏهر رسالي جو هڪ مقبول سر آهي. ڏهر ٻن ڀٽن جي وچ واري ميدان کي چيو ويندو آهي. ڏهر هر موسم ۾ بدلجندڙ آهي. جيڪي اصلوڪا ماڳ مٽائي هڪ نئون مڪان وسائيندا آهن يا جيئن ٻن پاسن جون ڀٽون کڻي پيدائش ۽ موت سمجهون ۽ ڏهران ٻن ڀٽن جي وچ واري زمين زندگي سمجهون ۽ ڏهر مان مراد زندگي وٺون. جيئن ته سر ڏهر هيٺين مضمونن جي بيان ۾ آهي.

ياد غفلت ۾ گذريل وقت جو احساس ـــ ڪنهن تي غلط اعتماد ـــ عشق ـــ نبي ڪريم ﷺ سان تعلق ـــ انتظار ۽ آسر ــــ دعا ـــ التجا ـــ ڪانڌ جي خصوصي وصفن جو تذڪرو ـــ ننڊ جا نقصان ــــ جاڳڻ جا فائدا ــــ ڀُل ــــ وڇڙيل جا ورلاپ ـــ ڀنڀلجڻ ـــ پشيماني ــــ راءِ ريجهائڻ جو ڏس ۽ اميد.

جيئن ته حضرت ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليہ، پنهنجي ڪلام ذريعي انسان ذات کي هڪ مڪمل درس عنايت ڪيو آهي. ان لاءِ هن تمثيلون، تشبيهون ۽ تضمينون ڪتب آنديون آهن. جن سڀن ۾ خطاب انسان ذات کي هوندو آهي. يا بيان ۽ تذڪرو انسان ذات جو هوندو آهي. جيئن سر ڏهر جي پهرين داستان ۾ ڪنڊي سان خطاب ڄڻ انسان سان خطاب آهي. ڍور مان مراد زندگي ـــ ڍور ڌڻي مان مراد سلوڪ جا صاحب جُسود جُنگ مان مراد ڪردار ۽ عمل جا صاحب ۽ مڇ مان مراد نفس يا غير انساني خواهشون ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته زندگي جو اَمُل ڪارج عمل آهي ۽ عمل بنا حياتي وحشي زندگي آهي. زندگي جي ڀرپور وهڪري ۾ عمل ڪرڻ سولو آهي. ڇو ته ان وقت انسان وٽ مڪمل توانائي هوندي آهي. مگر ان وقت مَڇ يا غير انساني خواهشون پڻ ايتري زور ۾ هونديون آهن، جو ماڻهون انهن جي اثر ۾ اچي، ڍور جي ان وهڪري کي بي فائدو گذاري ڇڏي ٿو ۽ جڏهن جُنگائتو زور ختم ٿيو وڃي ته پوءِ اوس پشيمان ٿيڻو ٿو پيو.

جان تو هئڙو وڍ، ڪنڊا! ڍور ڌڻين جو.

پاڻان ڏيئي ڏڍ، موري مڃر نه ڪرئيين.

 

جان جرهئڙو سير، گهٽ به جهلئا گهاتئين.

آڏو اڏي ڪير، گهٽ به جهليا گهاتئين.

جڏهن انسان پنهنجي نفس يا غير انساني خواهشن/ قوتن جي اثر هيٺ هوندو آهي، تڏهن هو پنهنجي عادت يا ڪردار ذريعي، پوري طرح هڪ مست متل مڇ جو ڏيک ڏيندو آهي. حالانڪ اهو سڀ ڪجهه عارضي ۽ وقتي هوندو آهي، جنهن جي حقيقت فقط هن قدر آهي.

متو آهين مَڇ! ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اَڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا.

انسان فطري طور شرافت جو مجسمو آهي. مگر پوءِ ڪنهن بڇڙي ماحول جي اثر هيٺ، هُن جي شرافت ڪميڻپ ۾ بدلجي وڃي ٿي. چڱي ماڻهو ۾ رهڻ جي ڪري، سندس اها فطري وصف برقرار رهي ٿي. تڏهن ته اهو احتياط رکڻو آهي، جو ڪا اهڙي خطا يا غفلت سرزد نه ٿئي، جنهن کان پوءِ ارمان ڪرڻو پوي. اهڙي ماحول کي، اسان هڪ ڏور ٿا سمجهون.

ڏوران پسي ڏور، ويهين نه وهرو ڪري،

هوند نه پئين هور، مانگرياڻي مڇڙا.

حضرت ڀٽائي گهوٽ ويران زندگي (اڻ عملي زندگي) جي عجيب تمثيل پيش ڪندي، سنڌي ادب ته ڇا پر دنيا جي ادب ۾ هڪ شاهڪار تصور وجود ۾ آندو.

سچ ڪِ سڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا

جُنگن ڇڏيو زور، سر سڪا سونگي گيا.

ويراني جي بيان لاءِ اڪ ڦلارڻ ڪافي آهي جتي ويراني وڌيڪ هوندي آهي. اڪ اُتي وڌيڪ ڦلاربو، جو هي ٿئي سڪل ڍورن، واهن ۽ نين جي ڪنڌي تي. اڪ کي اوٺو ۽ ٻاڪرو مال چاهه مان چرندو آهي. ڍور سڪڻ کان پوءِ اڪ نه فقط سائو رهيو، پر ويتر ڦلاريو به آهي. جو ويراني ايتري وڌي ويئي آهي، ڪو مال متاع آهي ئي ڪونه، جيڪو اڪ ڀيلي.

ڀٽائي گهوٽ هنن بيتن منجهه نعمت جي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ياد رهي ته جي ڪنهن کي ڪا نعمت مورڳو حاصل به نه ٿي آهي ته اهو نعمت جي اهميت کي سمجهي نه سگهندو. جي ڪنهن وٽ نعمت موجود آهي ته ان کي ان جي زوال جو احساس يا قدر نه هوندو. جي ڪنهن وٽ نعمت هئي، پر اڄ ختم ٿي وئي آهي ته نه فقط ان جي زوال جو کيس احساس هوندو پر کيس ارمان به ٿيندو.

مثلاً: ٻار وٽ جواني جي ڪا اهميت ڪانهي، نوجوان ماڻهوءَ وٽ جواني جي زوال جو احساس يا قدر نه هجي ۽ پيرسن وٽ جواني جي زوال جو ڀرپور احساس ۽ ارمان هجي. ان ڪري نعمت جي زوال کان پوءِ پڇتاءَ يا ارمان کان چڱو آهي ته نعمت هوندي به نعمت جو قدر ڪيو وڃي.

سر ڏهر جي ٻئي داستان جي شروعات عجيب سرور ۽ نغمگي انداز سان ٿئي ٿي. جنهن ۾ ڀٽائي گهوٽ مديني جي مير کي هيٺين وصفن جي ڪري ساري ٿو. هڪ ته تون مسافر پار لنگهائيندين ٻيو ته ڪنڌيءَ تي تو بن ٻيو ڪو ڪونه ساريان، ٽيون ته عاصي تنهنجي آسري آهيان. خاص طور هنن ڳالهين جي پورائي لاءِ ڀٽائي گهوٽ. آهيان تنهنجي سام چئي بلاغت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪنهن جي در سام پئبو آهي ته ان سام پيل جو سمورو تحفظ سام قبوليندڙ جي فرض ۾ شامل هوندو آهي، ان ريت امت سان حال ڀائي، شريڪ حال ٿيڻ ڄڻ مديني جي گهوٽ جو هڪ فرض آهي. سام جي لفظ سان نبي پاڪ ۽ امت جي وچ ۾ هڪ نسبت قائم ڪئي وئي. ان ڪري حجت ڀريا سڏ ڪيا ويا. ان سان گڏ هن ميڙي لاءِ خدا پاڪ کان به گهُر ڪئي وئي آهي. نيڻ نهارا سان پنهنجي اشد انتظار جو اظهار به ڪيو ويو آهي. جڏهن آس پڄندي ته اکين جي به اُڃ لهندي. هي نماڻائپ پڻ نينهن جي پيداوار آهي. اهو سلسلو جاري رکندي موضوع دعا تي پهچي ٿو. دعا جيڪا سموري عبادت جو خلاصو آهي، پر مرشد سائين جنهن ٻاجهاري انداز ۾ دعا گهري آهي، اهڙي دعا جو مثال پوري دنيا جو ادب پيش نٿو ڪري سگهي. هڪ بيت مثال لاءِ عرض آهي:

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان

ري ٿوڻئين، ري ٿنڀيين، تو ڇپر تون ڇانءِ

ڪڄاڙو ڪهانءِ، توکي معلوم سڀ ڪا.

ٻاجهه ايڏي گهري وئي آهي، جيڏو ٻاجهيندڙ جو نالو آهي. صاف ظاهر آهي ته رب پاڪ جو نالو ازلي ۽ لامحدود آهي. جيئن سندس ذات لا محدود آهي. ان ريت ٻاجهه به لا محدود هجڻ گهرجي. شايد ڪنهن به شاعر يا دانشور هن ريت دعا گهري هوندي. وڌيڪ رب پاڪ جي رحم جي اها وصف ڪئي وئي ته هو بغير ڪنهن ٽيڪ سهاري يا عملي تعلق جي ڇپر ۽ ڇانوَ آهي. هنن لفظن ذريعي پنهنجائپ جو هڪ احساس قائم ڪيو ويو آهي. يعني هروڀرو ائين ناهي ته نيڪوڪارن سان سندس ڪرم نوازي آهي، پر بدڪارن سان به سندس وڏو وهنوار آهي. آخري تڪ ۾ عرض پيش ڪرڻ جو هڪ وڏو عارفاڻو انداز رکيو ويو آهي، سو به مثالي آهي. جڏهن دل ۾ اڀريل سوال داتا کان مخفي هجي ته زبان سان اظهار ڪجي، پر هو ته رازن جو به ڄاڻو آهي.

دعا جي مضمون تي، سر ڏهر ۾ آيل سڀ بيت قيمتي آهن، پر انهن منجهه:

ستر ڪر ستار! آئون اگهاڙي آهيان،

ڍڪئين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.

اصول آهي ته دعا وقت الله پاڪ جي ان صفت کي ورجايو وڃي جا صفت سوال يا دعا گهرندڙ جي سوال موافق هجي. جيئن پنهنجي اگهاڙائپ لاءِ دعا گهرڻي آهي ته صفت ستار سان کيس پڪاريو ويو. ڏيئي پاند پناهه جو جملي ۾ پناهه جو حرف دعا کي ڪمال تي رسائي ڇڏيو.

نماڻائپ ۽ نياز جو تسلسل برقرار رکندي، ٽيون داستان شروع ڪيو ويو، ڪانڌ جو حسن بيان ڪندي فرمايو ويو:

1. پرين تنهنجي پاند، ڍوليا! ڍڪي آهيان.

2. پکي ڇنا پاند، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻئو.

3. مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.

4. لوڪ نه آڇي اوءِ،

5. پاڻان ڍڪي پاند،

6. لوڪ نه آڻي وات، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.

عيبن کي ڍڪ هڪ اعليٰ وصف آهي، پر ڪانڌ اڃان به وترو آهي. دستور آهي ته سوال يا عرض ڪري عيب ڍڪائبا آهن، پر مون وَرُ وڏي ڪانڌ جو بغير طلب ۽ سوال جي پاڻان (پنهنجي ستاري وصف جي ڪري) ڍڪي پاند، هوند ڪنهن ڪانڌ جو اهو وڙ ڪونهي. تڏهن ته اهڙو ڪانڌ ڪڻ آهي. باقي لوهه تههُ آهي ۽ تههُ جي ڪابه حيثيت ڪانهي. ويچارو ڀورو انسان ڀنڀليو وتي، جو کرن سان خوش ۽ وَرَ سان ڪاڻيارو! مرشد ڀٽائي اهڙي چٽاڻي پرکي ڪڻ ڇڏي، ته ميڙئين چئي هڪ عجب حسن پيدا ڪيو.

ان سان گڏ هڪ ڳالهه عملي انسان لاءِ هاڃيڪار آهي. هو سارو وقت ستو پيو هجي، ڇو ته ننڊ، غفلت جو وڏو اهڃاڻ آهي. حقيقت هن ريت آهي:

ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،

وهامي ويندياءِ، پوءِ گهڻا هڻندين هٿڙا.

هٿ هڻڻ سخت پشيمان ٿين جي معنيٰ رکي ٿو. ڇو ته غلفت جو احساس ان وقت پشيمان ڪندو، جڏهن سڦل گهڙيون وهامي وينديون. جيئن ته سمهڻ انسان جي هڪ فطري عادت به آهي، ته ان ڳالهه جو ورجاءُ هن ريت ڪيو ويو:

ڪي سمهه! ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

ايءِ ماجهاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀانئيو.

ننڊ ڪجي پر ايتري جيتري ڪو مسافر ڪري، جنهن کي منزل رسڻ جو الڪو هجي. هيءَ ته مانجهاندي جو ماڳ آهي، پر اسان ساڻيهه سمجهي بي الڪا ٿي غافل ٿا رهون. ننڊ يا غلفت جو بنيادي نقصان آهي ته سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي، جاڳڻ منجهان جس ته سمهڻان ساڙو حاصل ٿو ٿئي. رات جيڪا سمهڻ لاءِ ئي آهي، جيڪڏهن واقعي رات کي اسان سمهڻ لاءِ سمجهيو ته اها غلطي ٿيندي. (ياد رهي ته هن مضمون متعلق سورت مزمل ۾ ڪافي تفصيل آيل آهي ۽ سر ڏهر جي ٽئين داستان ۾ ڄڻ سورت مزمل جو تفسير آهي) حقيقت ۾ رات ۾ به ڪافي ڪم ڪرڻا پوندا آهن.

ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پاند،

آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي راتئيان.

انسان ڪائنات جي سونهن آهي، ان جي وجود يا تخليق جو هڪ خاص مقصد آهي. جنهن مقصد کان هو بي خبر ناهي؛ ڇو ته انسان جي فطرت ۾ اهو مقصد شامل آهي. انسان ذات جي خيرخواهه فلاسافرن رات ڏينهن هڪ ڪري انسان کي سندس مقصد ياد ڏياريو آهي. پوءِ به انسان اٻالو ٿي مقصد وساري ڇڏي ته انسانيت جي خير خواهن کي ڏک ته ضرور ٿئي.

مُسن منهن سنرا، کريا گهڻو کلن

سي تا وسرين، آيا جن ڪمن لئه

ان مضمون کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حضرت ڀٽائي گهوٽ، کير جو مثال ڏنو آهي. کير ۾ ڦيڻ يا گج پڻ هوندي آهي، جيڪا نظر ايندي  آهي، مگر پيئڻ ۾ نه هو ذائقو رکي ۽ نه وري ڪا شيءِ محسوس ٿئي. جيئن کير هڪ حقيقت آهي، تيئن وري گج ڪا به حقيقت نه ٿي رکي. ان ريت دين کير مثال هڪ حقيقت آهي ۽ دنيا ڄڻ ته رڳو ڦيڻ ۽ گج آهي. هاڻ جيڪو گج ڦيڻ يا دنيا کي حقيقت سمجهي، سو يا ته چريو آهي يا ناتجربيڪار ماڻهو آهي.

ڦريا پسي ڦيڻ، چرين کير نه چکيو،

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وَلها ٿيا.

سر ڏهر جي چوٿين داستان کي هن ريت ورهائي سگهجي ٿو: جنهن ۾ هڪ ته ڪونجن جو ذڪر آهي. ماري جي ڳالهه آهي. ماري جا ٽول ڊٻ، ٻاڻ ۽ بندوق بيان ٿيل آهن. ٻئي نمبر ۾ سنگهارن جون ڳالهڙيون آهن، ڪاڇي ۽ ڪوهيار کان سواءِ سنگهارن جي جهوڪن، منڌين ۽ سندن قرب جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ٽئين نمبر ۾ راءِ لاکي ۽ سندس لکيءَ کان سواءِ جاڙيجن ۽ اوڏن جون خبرون آهن.

پهرين ڳالهه ته ڪونج، سنگهار، لاکي ۽ اوڏ ۾ هڪ قسم جي نسبت قائم آهي. جيئن داڻي چوڻي يا موسم جي ڪري، ڪونجون وطن ڇڏين ٿيون، سنگهار مال جي سانگي ماڳ مٽائن ٿا، لاکو به پنهنجين ارڏاين جي ڪري هڪ هنڌ نه رهيو ته اوڏ به پنهنجي ڪرتي پٺيان ماڳ ماڳ ٽڪاڻا ڪندا آهن.

ڪونج هڪ اهڙو پکي آهي، جنهن جو اصل ماڳ اتراڌي مٿاهيون آهن، پر سياري ٽاڻي سنڌ جي ڍنڍن ۽ پوسل وارن علائقن ۾ اچي رهندو آهي. هي پکي وڳر سان سفر ڪندو آهي. جيڪر ڪا ڪونج زخمي ٿي ته

ان لاءِ پورو وڳر پريشان هوندو آهي. هن وڳر جو هڪ سونهن ۽ سرواڻ پکي هوندو آهي. جن جو چوڻ ۽ هدايتن موجب هي پکي سفر ڪندو آهي. هڪ قسم جو نماڻو پکي آهي. ڪونج پکي جو ذڪر حضرت ڀٽائي گهوٽ کان سواءِ گرو نانڪ، ڪبير ۽ ڪوي تلسي داس به ڪيو آهي. ايتري قدر جو رامائڻ جي مصنف والميڪ رشي پڻ ڪونج کي ڳايو آهي. جڏهن ته ڪونج کي هندي ۾ ڪرونچ ڪوٺبو آهي. والميڪ ڪونج جي ماري کي پٽيو آهي. جيئن حضرت ڀٽائي گهوٽ فرمايو:

ماري! مرين شال، ڊٻ وڄنئي ڊٻيون،

جئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهن کي.

سنڌ ۾ ڪونج کان سواءِ  ٻيا به پکي پرديسي بڻجي ايندا آهن. جن جو هتي عام شڪار ڪيو ويندو آهي. ان شڪار جا ڪجهه نمونا هوندا آهن. جنهن ۾ بندوق، ٻاڻ، ڍٻي يا ونجهه وجهڻ آهي، ۽ پاڻي ۾ به انهن کي ڦاسايو ويندو آهي. ان جو طريقو هن ريت آهي. ماري يا شڪاري ڪنهن پکي جا پر مٿي تي ٻڌي، سارو بند پاڻي ۾ لڪائي پکين وٽ ويندا آهن، ويچارا پکي انهن کنڀن ۽ ماري کي پکي سمجهي ڀلبا آهن ۽ ماري پاڻي جي اندران هٿ ڊگهو ڪري کين آرام سان پڪڙنديو آهي. جيئن سائين ڀٽائي فرمايو آهي:

پکي جنهن پڄائيا، تنهن ۾ ساهه نه ماهه،

منجهه ڪرنگهر ڪاٺ جو مٿي پکن گاهه،

ويچارن ويساهه مٿي پکي آئيو.

ڪونج پکيءَ جي نمڻائپ ته مثالي آهي، پر سندس هي ٻه وصفون خصوصيت ٿيون رکن. هڪ سندن وڳر ڪري هلڻ، وفاداري ۽ تابعداري سان عمر گذارڻ ۽ سندن ٻي وصف هي آهي ته کانئن اصلي ماڳ اصل ڪونه ٿو وسري.

ڪونج مان مراد انسان ذات ۽ وڳر مان مراد انسان جو ڪڙم قبيلو، ڀاتي يا سندس نظرياتي ساٿي سمجهي سگهجن ٿا. جيئن ته سياري ۾ آيل ڪونج: هن ماڳ تي عارضي طور آيل آهي. تڏهن ته ڪونج کي پنهنجي اصلي وطن جي ياد ۽ جهوري لڳل آهي. ڪونج ڪرڪي پنهنجي اصلي ڏيهه ياد ڪري ٿي. ان ريت انسان به هن ڪايا ۾ عارضي وقت لاءِ آيل آهي. هن جو اصلوڪو ماڳ ڪو ٻيو آهي. جڏهن هڪ پکي کي پنهنجي اصلوڪي ماڳ جو احساس آهي ته پوءِ انسان پکي کان ته گهٽ نه ٿئي. جو هو پنهنجي اصلوڪي ماڳ کي ياد ڪندو رهي. ان کان سواءِ ڪونج جي لاتين لنوڻ مان انسان لاءِ به هڪ سبق آهي.

ڪونجڙي ڪال لنئي، سڄڻ وڌم چت،

آئون جنهن ري هت، گهنگهر گهاريان ڏينهنڙا.

ڦاٿل يا ڌَڪ ڪونج پنهنجي انڌي اعتماد يا بي احتياطي جي سزا لوڙي پئي. جو ماري جي اوچتي پرياڻ کي هن ڪونه لکيو. ماري بغل ۾ بندوق رکي ميرا ڪپڙا پائي (اڻ لکيو) اچي ڪونج کي ماريو. ان ريت انسان ذات جو ماري (موت) به انسان جي پٺيان لڳو وتي. آخر لکيو اڻ لکيو اچي مٿانئس ڪڙڪي. ان لاءِ هي ڳالهه ضروري آهي ته:

چيتا ڪيو چڻيج، ٻڍي! ماري پٺ ۾،

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

سنگهار جيڪي مال ڌاري وَسَ تي لڏ پلاڻ ڪندا آهن. جتي وس ٿئي سنگهار اتي وڃي اڏين. ڪڏهن مَهِين جي ملڪ (وارهه، باڊهه ۽ ميهڙ) ۾ ته ڪڏهن ڪاڇي، سنگهارن جي هي لڏ پلاڻ هڪ قسم جي فنا جو اهڃاڻ آهي. جو اڄ سندن ڀنگيون ۽ ڀاڻ هتي هجن ته ٻئي ڏينهن ڪنهن ٻئي ماڳ تي وڃن، جيڪو سنگهارن جو ساٿي هجي سو هن لڏ پلاڻ کان غافل رهي. حقيقت ۾ ان اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ هجي ته سنگهار ڪا ڏي ۽ ڪهڙي مهل لڏين ٿا. ايئن نه ٿئي:-

ڪا ڇو ۽ ڪوهيار ڏونگر سندن ڏيهڙو

ساجهر نهي بار، ڪونه وئين ان سين.

سنگهارن جي هڪ ٻئي سان پريت ۽ واهپو مثالي هوندو هيو، اڄ سوڌو سنگهارن جو هڪٻئي سان قرب مثالي آهي. هوند نالي ماتر ترقي وارا ۾ ماڻهو اهڙي قرب لاءِ سڪي مرن:

جي ائين وس چران، ته سنگهارن سين لڏ،

ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻين ڪڏهين.

سنگهارن جي هي به عادت آهي ته هو گڏ جي سانگ تي ويندا آهن ۽ وس واري هنڌ گڏجي رهندا آهن. ان ۾ سندن ۽ سندن مال متاع جو بگهڙ، ٻلي يا چور رهزن کان تحفظ آهي. جيڪو ڪو ڌنار ڌڻ ڌارڻ کان پوءِ به ڌار رهڻ جو هيراڪ ٿيو ته ان جو حال ان زخمي ڪونج جهڙو هوندو جا ولر کان وڇڙي آهي. اهڙي اڪيلي رهندڙ سنگهار کي الڪو ناهي لاهڻو.

ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، مٿي وانڍ وهٽ،

جي هاڻو هونئي مِٽ، ته به اوڊو لاه مَ ان جو.

سنگهارن مان مراد نظرياتي ساٿي ۽ سلوڪ جا صاحب ٿي سگهن ٿا. جن کان ڌار ٿيڻ هڪ قسم جو هاڃو آهي.

سر ڏهر جي هن فصل ۾ هڪ اوني ۽ لاڳيتي چرپر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جا ڪونج جي صورت ۾ يا سنگهارن جي عنوان سان مڙئي انسان ذات لاءِ سبق آهي. ڪيترو وقت اڳ ڪڇ ۾ هڪ غيرتمند ماڻهو لاکو ڦلاڻي ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ بنيادي طور شرافت هئي، پر ڪن ظالمن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ زيادتي کيس لوڙائو ۽ هاڻو بڻائي ڇڏيو، جو چوڻو پيو:

جاڳو! جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،

پسو ان پاريا، لاکو ٿو لوڙيو ڪري.

لاکي جي لوڙآئي جي نشان هڪ ريٻارڻ پڻ هئي، جنهن سازش ڪري راءِ جاڙيجي جي هٿان لاکي جا ساٿي مارايا هيا.

ڀُڄئان ڀُلي نڱيو، ڏيئي پاڳوڙي پير،

جسي ۽ جسراج جو مٿي وانڍين وير،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.

ريٻارڻ جي هن حرڪت کان پوءِ لاکي وقتا فوقتا پلاند ڪيا. جن جو تفيصل هن ريت آهي:

ريٻارڻ روئي، واڙي وڌا وڇڙا،

سمورا سوئي، هڻي هتان ساٿ ويو.

هنن حملن جي ڪري ريٻارڻ ڪافي پريشان ٿي، کيس هن ريت صلاح ڏني وئي.

ريٻارڻ! ريجهاءِ، لاکو لولاٽين سين،

سائو مان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.

هڪ طرف هي ڏانءُ مليو ته ريٻارڻ کي هوڏ هستي ڇڏي، لاکو لولاٽين سان ريجهائڻ گهرجي ته ٻئي طرف لاکو به هنن ڪا رواين کان پوءِ نئين حملي لاءِ يا پاڻ تي ٿيندڙ ڪنهن حملي کان غافل نه هيو. هونئن به غفلت ۾ نه رهڻ ئي هن سر جو بنيادي نڪتو آهي. جيئن ڀٽائي سائين فرمايو:

ٽاٽو نڪين پلاڻ، سدا هڻن کرکرا،

لاکي لوڙائن جا اهڙائي اهڃاڻ،

ڏيئي تنگڻ تان، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.

چيو ويو آهي ته لاکو ڪڇ سان تعلق ٿو رکي. جڏهن هن لوڙائڪو ڪم شروع  ڪيو ته سنڌ ۾ به ايندو رهيو ۽ رسالي مان ته هي به اندازو لڳي ٿو ته لاکو سنڌ جي ٻنهين ڪنڌين (اولهه اوڀر ۾) ايندو رهيو. جڏهن قبل مسيح يا ان کان پوءِ تائين، سنڌوءَ جو اولهائيون وهڪرو ڪاڇي مان وهندو هيو، ان وقت ڪاڇو پرڳڻو سنڌ جو هڪ آباد علائقو هيو. ڪڇ وارو لاکو شايد ڪاڇي ۾ به ايندو هيو. جنهن جي ثابتي رسالي ۾ به آهي. ان کانسواءِ هن علائقي ۾ ڪيتريون جايو منسوب آهن. جهڙوڪ فريدآباد جي يونين ڪائونسل ۾ لاکي تڪيو ۽ هڪ ڦٽل ڳوٺ جا آثار آهن. ٻيو اولهه طرف جبل ۾ لاکي جا وڻ آهن ۽ شهداد ڪوٽ تعلقي ۾ لاکي جا چشما مشهور آهن. ان کان سواءِ ڪاڇي جي لوڪ گيتن ۽ بروهي لوڪ گيتن ۾ لاکي جو ذڪر آيو آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لاکي ڦلاڻي يا ڪنهن لاکي جو ڪاڇي سان ڪو نه ڪو تعلق رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com