سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :2

پر هڪ ڳالهه هئي جيڪا جسوڌڻ جي عظمت ظاهر ڪري ٿي. اها هي هئي ته ايڏي وڏي آفت جي اچڻ بعد به ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ ويٺا رهيا. پر جڏهن حالتون برداشت کان نڪري ويون تڏهن هو جسوڌڻ کان موڪلائي روئي روانا ٿيا ۽ رواني ٿيڻ کان پهرين ان کان موڪل گهرڻ لڳا ۽ رضا معلوم ڪرڻ لڳا. جنهن لاءِ لطيف سائين به شاهدي ڏني آهي ته:

ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،

مهڙاڻيءَ وٽان، رويو ماڄ رضا گهري.

جسوڌڻ کي نرينو اولاد ڪونه هو. کيس فقط ٻه ڌيئرون سهڻي ۽ سانجهي نالن سان هيون. جيڪي ڄام انڙ ولد سمي ولد راءِ راڌڻ جي پٽن ڄام هوٿي ۽ ڄام جکري جي نڪاح ۾ آيون. ڄام هوٿيءَ کي سهڻيءَ جي پيٽ مان ڄام ابڙو، ڄام جوڻو ۽ ڄام کيبر ٿيا ۽ جکري کي سانجهيءَ جي پيٽان ساند ۽ ٿيٻو نالي ٻه پٽ ٿيا، جن ڄام جسوڌڻ بعد پنهنجي ناني جي راڄڌاني سنڀالي ۽ وڏا ناليوارا شخص ٿيا.

جسوڌڻ جي ڏوهٽن کان پوءِ هن خاندان ۾ ڄام هٻو ولد ڄام انڙ ولد ڄام ٿيٻو ولد ڄام انڙ ولد ڄام سمون ولد راءِ راڌڻ ناليوارو حاڪم ٿيو، جنهن سنڌ جي موجوده حدن کان اڳتي ٻنيءَ واري ايراضي تائين پنهنجو ملڪ وڌايائين، جتي سندس نالي سان هٻو نالي پُٽ ۽ هٻو جبل پڻ مشهور ٿيا ۽ اڃا تائين انهي ايراضيءَ ۾ هٻو نالي سان ڳوٺ به موجود آهي.

شاهه صاحب سر ڏاهر جي هڪ بيت ۾ هٻي جبل کي پڻ ياد فرمايو آهي ته:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ

پاندر پهري ڪانه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ

اٺيون ۽ عراق، گڏيا ته گئون ٿيا.

ڄام هٻي کي ٻه پٽ هڪ سمون ۽ ٻيو ڪيريو ٿيا. جن مان ڪيريو وڌيڪ سپوت ٿيو. جنهن جي نالي سان ٻني جي ڪناري ڪيرو نالي جبل مشهور آهي جنهن سان مخاطب ٿيندي ڪنهن شاعر هيئن به فرمايو آهي ته:

ڪيرا تون نيرو ٿئين، تنهنجي ٻني ڇڏي ٻهڪ.

ڄام ڪيريي کان پوءِ ڄام جوجهي ولد سمي ولد هٻي جو راڄ شروع ٿيو، جيڪو پڻ پنهنجي دؤر جي يادگار شخصيت هو. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ڄام ڏاهر ساماڻو، جنهن جو اثر اڳوڻن سڀني سردارن کان اڳرو رهيو، جنهن ٻلهيار واري ايراضيءَ ۾ ڍور جي وڏي وهڪري تي هڪ وڏو ۽ نئون شهر آباد ڪرايو، جنهن جو نالو اڳتي هلي ڏهر مشهور ٿي ويو ۽ هنڌين ماڳين ڏاهر جي تعريف ٿيڻ لڳي. جڏهن شاهه صاحب پنهنجي دؤر ۾ انهيءَ ايراضيءَ ۾ آيو ۽ سمن سردارن جا يادگار ڏٺائين ته انهن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ آثارن واري ايراضي ۽ سردارن کي ڳائيندي، ان سر جو نالو ئي کڻي سر ڏاهر رکيائين. جنهن کي پوئين دؤر جي مرتبن سر ڏهر لکيو آهي.

ڄام ڏاهر سنڌ توڙي ڪڇ ۾ مشهور هو، کائنس پوءِ سندس پٽ ڄام ڀيئن سي وڏو درويش ۽ فقير ٿي گذريو آهي ۽ کيس هزارين مريد هئا، ان ڪري هو پنهنجي ئي دؤر ۾ ڄام ڀيئن سي سڏجڻ بدران پير ڀيئن سي سڏجڻ لڳو ۽ ڪلهوڙا دؤر جي مشهور عالم، علامه ابوالحسن ڏاهريءَ به سنڌ جي نسب نامي ۾ کيس پير ڀيئن سي ڪري لکيو آهي. پير ڀيئن سي کي 9 پٽ ٿيا، جن جو اولاد سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد آهي ۽ ڪجهه خاندان ڪڇ طرف هليو ويو ۽ اتي به مختلف ماڳن تي رهندڙ آهي.

رسالن جي ترتيب ۾ سر ڏاهر جو نمبر:

سڀني ڇاپي رسالن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو ٿو معلوم ٿئي ته رسالن جي سُر وار ترتيب ۾، سر ڏاهر جو نمبر ساڳيو نه آهي. ڪن رسالن ۾ 17 نمبر، ڪن ۾ 22 نمبر، ڪن ۾ 23 نمبر، ڪن ۾ 24 نمبر، ڪن ۾ 25 نمبر ته ڪٿي وري 29 نمبر ۾ آيل آهي، پر سراسري طرح يا اڪثريت وٽ گهڻو ڪري هيءَ سر 24 نمبر تي آهي.

فصلن جو تعداد:

ڇاپي رسالن ۾، هڪ رسالي کان سواءِ ٻين رسالن ۾ فصلن جو تعداد چار آهي جن ۾ بيتن جو تعداد هڪجهڙو نه آهي.

بيتن جو تعداد:

ڇاپي رسالن جي حساب سان ڪن رسالن ۾ بيتن جو تعداد 162 آهي، ته ڪن ۾ 161 آهي، ته ڪن ۾ 101 آهي، ته ڪن ۾ 150 آهي، ته ڪن ۾ 147 آهي، ته ڪنهن ۾ 115 آهي، ته ڪن ۾ 112 آهي، ته ڪن ۾ 109 آهي، ته ڪن ۾ 106 آهي، ته ڪنهن ۾ 98 آهي، ته ڪنهن ۾ وري 71 آهي.

ٿلهي ليکي هيئن چئي سگهجي ٿو ته رسالن ۾ آيل بيتن جو وڌ ۾ وڌ تعداد 162 آهي. گهٽ ۾ گهٽ تعداد 71 آهي.

سر ۾ آيل ڌاريان بيت:

مختلف رسالن ۾ جيڪر بيتن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ ڪجهه ڌاريون ڪلام به نظر ايندو، جنهن جو تعداد گهڻو ڪونه آهي، البت چند بيت آهن. جيڪي ظاهر بيٺا آهن. جيئن مخدوم نوح جو مشهور بيت:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ پسو ماڙهوئا،

روئي ڇڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.

البت شاهه صاحب جي ٻين سرن جا چند بيت هن سر ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن ۾ به سسئي پنهونءَ واري مضمون جا ڪافي بيت آهن. جن ۾ پنهون، هوت، ڪيچ، ڀنڀور وغيره جا نالا ظاهر پيا آهن. پوءِ به مرتبين اهي بيت هن سر ۾ الاجي ڇو رکيا آهن؟ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جهڙي سڄاڻ شخصيت به بيت جدا ڪيا پر وايون شامل ڪري ڇڏيائين، جن جو پڻ ساڳيو مضمون آهي.

اهڙي طرح غلام محمد شاهواڻي وٽ ڌاريا بيت به آهن ته شاهه جي سر سسئي وارا بيت به آهن ته سسئي جي سر واريون ڌاريون وايون به کنيون اٿس. خان بهادر ميمڻ ته بمبئي ڇاپي جي هڪ ايڊيشن کي سامهون رکي رسالو ترتيب ڏنو. هن جو مقصد به اهو هو ته بمبئي ڇاپو ٻي شڪل ۾، وري ماڻهن جي سامهون اچي.

مطلب ته سڀني مرتبن وٽ صاف ڪم ڪونه آهي. ان ڪري اها دعويٰ ڪرڻ ته فلاڻي رسالو جو ڪلام نج شاهه جو ڪلام آهي. اها ڳالهه غلط ٿيندي.

وايون:

اجتماعي طرح هن سر ۾ مرتبن جيڪي وايون کنيون آهن، انهن ۾ به اختلاف آهي. سڀني مرتبن وٽ واين جو تعداد چار (4) آهي، پر اهي چارئي وايون ساڳيون نه آهن. ٿلهي ليکي هن سر ۾ آيل ڪل ست (7) وايون آهن، جن مان ڪنهن ڪهڙيون چار کنيون آهن ته ڪنهن ڪهڙيون. هن سر ۾ ڪم آيل واين جا ٿلهه هيٺين ريت آهن:

1_ لائي جا وِرَن کي، سا ڪانڌ منهنجي ڪورا.

2. منهنجي ننڊ نه نيڻين نيڻين، ڪالهون پوءِ لڪن ۾.

3. مون سين هوت نه ڪندڙا هيئن، ماءِ ڄام نه ڪندڙا هيئن،

الله مون نه ڇڏيندا ڇپرين!

4. تون جو وڃين ڪيچ ڪهي، اي ادا ڏج پاراپو پرين کي.

5. هي سڀ هلڻ هارا ڪونه رهندو ڪو هت جيڏيون.

6. ڪاهيين سان لاءِ، ڀوري ڪاهيين سان لاءِ.

7. پلئي لڳي آهيان، مون کي ڇپر تان نه ڇڏيندا.

ڇاپي رسالن جي اڪثريت ۾ پهريون چار وايون آهن. باقي ڪن ٿورن ۾ واين جي تبديلي آهي. جيئن:

بمبئي ڇاپو 1340هه وٽ 1، 2، 4، 6، آهن عدد 4

ڊاڪٽر ٽرمپ ـــــــــــ وٽ 1، 2، 3، 5 آهن عدد 4

شاهواڻي ــــــــــــــــــ وٽ 1، 2، 3، 6، آهن عدد 4

ڊاڪٽر بلوچ جي سسئي جي سرن کان شروع ٿيندڙ رسالي ۾ 4، 7، 1، 2 3، آهن عدد 4

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪلياڻ جي سر کان شروع ٿيندڙ رسالي ۾ 1، 2،  آهن عدد 3

برٽش ميوزم واري رسالي ۾ فقط 2، نمبر آهي عدد 1

مٿي ذڪر ڪيل واين ۾ لفظن جو ٿورو گهڻو اختلاف آهي. جيئن ڪنهن لکيو آهي ته منهنجي ننڊ نه نيڻين نيڻين ته ڪنهن وري لکيو آهي ته مون کي ننڊ نه نيڻين نيڻين وغيره.

مون پهريئين ذڪر ڪيو هو ته اڪثريت وٽ 1، 2، 3، 4 نمبر وايون استعمال ٿيل آهن. ان کان پوءِ 5 نمبر وائي فقط ڊاڪٽر ٽرمپ وٽ آهي ۽ 7 نمبر وائي، ڊاڪٽر بلوچ سسئي جي سر کان شروع ٿيندڙ رسالي واري ترتيب ۾ آهي. ٻئي ڪنهن به رسالي ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي.

بيتن جون غلط لکڻيون:

اسان جي بزرگ مرتبن شاهه صاحب جي ٻين سرن وانگر هن سر جي ڪجهه بيتن کي پنهنجي خيال موجب لکي، ڏاڍائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هتي آئون انهن بيتن جي نشاندهي ڪندس.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سر ڏاهر جي چوٿين داستان ۾ صفحي 597 تي 14 نمبر بيت کي هيئن لکيو آهي:

آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،

کري هر ڀون کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب انهي ساڳئي بيت جي ٻي مصرع هيٺين لکي آهي:

کڙي هَرَ ڀون کري، پاڻان ڏکويا پکڻين.

                    صفحو 659 بيت نمبر 14

غلام محمد شاهواڻي ساڳئي بيت جي پوئين مصرع کي هيٺين طرح لکيو آهي.

کنڀڙ ڀونءِ کري، پاڻا پير ڏکويا پکئين.

                    صفحو 127 بيت نمبر 13

۽ هيٺ حاشيءَ ۾ کنڀڙ جي معنيٰ لکي اٿس کنڀڙاٽين، پرن ۽ کري جي معنيٰ لکي اٿس سخت، صحيح.

محمد عثمان ڏيپلائي، صاحب ٻنهي رسالن ۾، ٻي مصرع هيئن لکي آهي:

کري هر ڀون کري، پاڻان پير ڏکويا پکڻين.

                       صفحو 1/235 ۽ صفحو 2/499.

اصل ۾ بمبئي ڇاپن ۾ پڻ پوئين مصرع ۾ کري هر لفظ لکيو آهي ۽ ٽرمپ کنڀڙ لکيو آهي. پونئين سڀني انهن پهرين رسالن جو نقل ڪيو آهي. اهو بيت درست نمونو ڊاڪٽر بلوچ جي سسئي جي سر واري ترتيب وار رسالي ۾ صحيح آهن، اتي هيئن آهي ته:

کريڙ ڀون کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

ثابت اهو ٿيو ته سسئي جي سرن واري ترتيب، جيڪا رسالي جي سڀني کان پهرين ۽ آڳاٽي ترتيب آهي. تنهن ۾ اهو بيت درست هو. ان کان پوءِ وارن همراهن جن ڪلياڻ کان ترتيب شروع ڪئي آهي. انهن لفظ کريڙ کي نه سمجهندي کري هر ۽ کنڀڙ ڪري ڇڏيو آهي. ڪن رسالن ۾ اهو لفظ ڳنيهر پڻ لکيو آهي.

پهرئين دؤر جي بزرگن تي ميار ڪونه آهي. ڇو ته اهي عالم ۽ شاهه صاحب جا شيدائي ته هئا، پر محقق ڪونه هئا. ميار آهي پوئين دؤر جي عالمن تي، جيڪي سڀئي محقق ۽ وڏا عالم هئا، جن ۾ اسان جو دوست ميمڻ عبدالمجيد صاحب به اچي ٿو، جنهن سر ڏهر جي شرح لکي آهي.

اصل ۾ اسان سڀني جي غفلت اها آهي، جو شاهه صاحب جو ڪوبه سر مطالع ڪندي، اسين ان جي جاگرافيائي ماحول جو جائزو ڪونه ٿا وٺون. نه ته جيڪر ائين ڪونه ٿئي. ساڳئي سر ۾ ٻئي هڪڙي بيت ۾ به کريڙ جو لفظ آيل آهي. ان بيت ۾ به انهيءَ لفظ کي الاجي ڇا جو ڇا ڪري لکيو ويو آهي. اهو بيت صحيح شڪل ۾ هن طرح آهي:

هني مٿان هٿڙا لاکو نه لاهي،

کريڙا کيل ڪريو اڀوئي آهي،

وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

کريڙ اصل ۾ رڻ ڪڇ جو مشهور ٻيٽ آهي، جيڪو ٻني ۽ ٻيلي جي وچ ۾ ظاهر بيٺو آهي، جنهن جو ذڪر رڻ ڪڇ واري ڪيس ۾ عبدالله چنا پڻ ڪيو آهي.

مذڪور بيتن کان سواءِ هن سر جا ٻيا به ڪجهه بيت آهن، جن کي عالمن بي توجهي سبب غلط ڪري ڇڏيو آهي. آئون هتي انهن جي صحيح شڪل پيش ڪريان ٿو. اميد ته لطيف جا شائق انهي کي رسالن ۾ درست ڪري پڙهندا.

3. لاکو لويڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،

پاندر پهري ڪانه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيو ۽ عراق، گڏيا ته گئون ٿيا.

4. ٻنيءَ ٻهڻ نه ڏي، جهُري ويئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

5. پورين پانڌ ٽمن، جهڳر جهاڳي آئيون،

ڪاڇو مينهڙين، مندائتو ماڻيو.

هن سر جا مضمون ۽ موضوع:

هن سر جي چئني فصلن ۾، سر جا مضمون ۽ موضوع گڏيا پيا آهن. نه رڳو ايترو پر هن سر ۾ ڪي بيت پڻ اهڙا ملن ٿا جن ۾ هڪ کان وڌيڪ مضمون ۽ موضوع موجود آهن. ان ڪري سر جي فصلن کي ڇڏي، سڄي سر جي مضمونن ۽ موضوعن جو خاڪو پيش ڪبو، جيڪو هيٺين طرح آهي:

(1) جاگرافي:

هن سر جو وڏو مضمون جاگرافي آهي، جيڪو ٻين مضمونن سان گڏيل به آهي ته جدا به آهي ۽ ان جا ڪيترا موضوع آهن، جن جو تفصيلي خاڪو جدا ايندو، هتي فقط عنوان يا موضوع لکندس ته جيئن جاگرافي جي مضمون جي وسعت معلوم ٿئي. هن مضمون جا وڏا ۽ خاص موضوع هيئن آهن.

الف. وهڪرا

ب. علائقا ۽ پٽ

ج. ٻيٽ ۽ جبل

د. ماڳ مڪان

هه. قومون ۽ ذاتيون

و. لوڙائو ۽ هاڻو

ز. ماري ۽ شڪاري

ح. پکي ۽ جانور

(2) تاريخ:

هن سر جو ٻيو وڏو مضمون تاريخ آهي، جنهن ۾ نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي جي تاريخ جا جزا شامل آهن، جن ۾ مشهور سکر ۽ چڱو مڙس جسوڌڻ، آڳڙيو، لاکو ڦلاڻي، پنرو بڊاماڻي خاص آهن، جن تي اڳتي بحث ايندو.

(3) مناجات ۽ دعا:

هن سر جي بيتن ۾ ٽيون ۽ اهم مضمون مناجات ۽ دعا آهن. جن ۾ الله پاڪ جي حضور ۾ ٻاڏايو ويو آهي ۽ مديني جي مير کي پڻ پڪاريو ويو آهي. جن تي وضاحت آخر ۾ ايندي.

(4) غافل ۽ مغرور انسان کي چتاءُ ۽ ڏس:

هن مضمون ۾ بيت مختصر آهن، پر ان ۾ مطلب وسيع پيش ٿيل آهي. ان مضمون جي وضاحت بلڪل آخر ۾ پيش ڪبي.

(5) شاعر جو ذاتي مشاهدو:

ڪڏهن ڪڏهن ڪي شاعر شين جو ذاتي مشاهدو ڪرڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ ان شيءِ ڏانهن اشارا ڪن ٿا ۽ ان مان ڪو سبق به سيکارين ٿا. هن سر ۾، هڪڙي بيت اندر هڪ شاهدي ڏانهن اشارو ۽ ان مان سبق سيکاريل آهي، جيڪو بهترين سبق آهي. هاڻي مضمون وار عنوانن تي بحث ڪجي ٿو ۽ واقفيت ڏجي ٿي.

سنڌ جا مشهور وهڪرا:

سر ڏاهر ۾ سنڌ جي چئن وهڪرن جو ذڪر آهي، جيڪي ڏهين صديءَ جي آخر تائين ڏاهر واري جاگرافيائي دائري ۾ وهندا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي سڪي ويا. ڏاهر واري ايراضي جا مکيه دريا هي هئا:

(1) اڀرندو هاڪڙو:

هي دريا، سنڌو دريا کان بلڪل جدا، اتر ۾ هماليه جبل مان نڪري، پنجاب بهاولپور، جيسلمير جي اڀرندي ڪناري مان وهندو، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڇوڙ اسٽيشن وٽان اوڀر ڏکڻ طرف مڙي، عمر ڪوٽ، ۽ ڇاڇري تعلقن جي ايراضي مان وهندو ننگر پارڪر تعلقي ۾، پاري ننگر جي قريب، سامونڊي کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، ٿرپارڪر واري ايراضي ۾ هن دريا جي ڪنارن تي ڪئين شهر آباد هئا، جيڪي سڀئي هينئر واري هيٺ اچي ويا آهن.

هڪ اندازي موجب ٻانهياري، ساکي جو ٿر، ٻانڀڙياڻي ۽ ڀوڻيو (بانيه) ۽ ويرادا ڏي وهڪري تي ۽ ڪافي شهر سندس ڇاڙن تي هئا.

جسوڌڻ مهڙاڻي جي وقت هي ننڍي ڍوري جي شڪل ۾ هو، جنهن کي سانگاهه سڏيندا هئا، جيڪو ڍورو ۽ نالو هن وقت به قائم آهن. لطيف سائين سندن ذڪر هينئن ڪيو آهي:

ڪنڌيين اڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،

مهڙاڻي وٽان، رويو راڄ رضا گهري.

(2) ڍاڳي:

ڍاڳي قديم دؤر جي مشهور دريا، جنهن کي دامن دريا ڪوٺيندا هئا، جي هڪ وڏي شاخ جو نار هو، جيڪو نئين ڪوٽ واري ايراضيءَ مان ڏکڻ طرف ٻلهيار جي ايراضي ڏانهن وهندو هو؛ جيڪو موجود ٻلهيار جي شهر جي اوڀر کان وهندو، ڪڇ جي رڻ ۾ داخل ٿيندو هو.

شاهه سائين سندس ذڪر ڍور دريا سان گڏ هن طرح ڪيو آهي:

جڏهن ڍاڳي، ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾،

تڏهن تازڻين طور، هئي جسوڌڻ سين.

(3) ڍور:

هن ايراضيءَ جو ٽيون ۽ وڏو دريا ڍور هو. جيڪو ونگي جي شهر وٽان ڏکڻ اوڀر ڏانهن مڙي، ڏهر وٽان وهي ڪڇ جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيندو هو. ڪڇ جا قريبي ٻيٽ هن دريا تي آباد ٿيندا هئا. سر ڏاهر ۾ هن دريا جو ذڪر اٽڪل ٻارهن بيتن ۾ آيل آهي، جن مان ٻه بيت هتي ڏجن ٿا:

ڍور نه اڳئين ڍار، مهند ملاحن لکيو،

موڏي ڇوڙيئون مڪڙا، پسي پاڻي پار،

جسوڌڻ جهڙا يار، پيا ويرو ماس ۾.

 

سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌيين اڪ ڦلاريا،

جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو، سونگي گيا.

(4) پوراڻ:

هي درياءَ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪاهوءَ جي دڙي جي ڀر سان وهندو ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو هن وهڪري ۾ وَر وڪڙ تمام گهڻا آهن، ان ڪري هن ندي تي پوراڻ يعني پورن واري ندي نالو مشهور ٿيو آهي. هن جي ڪنارن تي پراڻن شهرن جا تمام گهڻا کنڊر آهن، جن ۾ ڪاهوءَ جي دڙي کان پوءِ پوپرائي، آٻهارو، دڙيلو، منڌرا، ٻرڙائي ڪوٽ، ساموئي قديم، جهڏو قديم، ٻالائي ڪوٽ، ٻُنگار، ڀٽارو، ڍوڍارو، ونگو، ڪيٽي، پاتار، علي بندر، ڪيلڙي، ٻانڀڙا، وگهه ڪوٽ، ڪانجي ڪوٽ، سنڌوڙي، ۽ لکپت مشهور آهن.

هن دريا کي شاهه صاحب، سر ڏاهر ۾ اجهو هيئن ياد ڪيو آهي:

جهوني تون پوراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.

هن دريا کي لطيف سائين سر سارنگ ۾ به ياد فرمايو آهي. جيئن:

وٺا پٽ پوراڻ جا، وٺيون ساماري،

ڪڪر منجهه ڪاري، وڄن پسو ويس ڪيا.

(5) پٽيهل:

پٽيهل لاڙ جو مشهور وهڪرو آهي، جيڪو بدين جي اولهه کان گولاڙچي تعلقي جي ايراضيءَ مان وهندو هو. هن وقت به ان جو ڍور باقي آهي، جنهن جي ڪنارن تي ڪيترن ئي قديم شهرن جا کنڊر موجود آهن. هن ۾ آڳڙي خاص آهي. جيڪو قديم دؤر ۾ آڳڙين سمن (آڳ تي ڪم ڪندڙ لوهارن) جو راڄ رهندڙ هو، جن مان جسوڌڻ آڳڙيو مشهور ٿيو، جنهن جي هنڌين ماڳين هوءِ پهتي. هن جي حڪومت نه رڳو لاڙ ۽ ٿر ۾ هئي پر هو وچولي واري ايراضيءَ تي اثر انداز رهيو. شاهه صاحب هن وهڪري جو ذڪر، سر ڏاهر ۾ ٽن بيتن ۾ ڪيو آهي. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

1. سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،

پاڻيءَ پٽيهل ۾، اڳيون نه آئو،

ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين پيڻيين.

2. پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون نه آب جو،

سڪين ڪهڙي سور، پييئي واري وچ ۾.

3. پٽيهل چئي، پرين کي ساري آئون سڪو،

آهم اولڪو، جسوڌڻ جو جان ۾.

مٿين بيتن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته جڏهن ڍور دريا سڪي ويو هو، تڏهن پٽيهل جو پاڻي به ختم ٿي ويو هو. البت ڪجهه ڪجهه هليو پئي. اهو ڏهين صدي عيسوي جو دؤر هو.

هن سر ۾ مختلف علائقن جو ذڪر:

هن سر ۾ مختلف علائقن جو ذڪر اچي ٿو، جن مان ڪجهه ٿرپارڪر، ڪجهه بدين ۽ ڪجهه ڪڇ جي ايراضيءَ جا آهن. جن جو خاڪو هيٺين طرح آهي.

(الف) ڪاڇو:

ڪاڇو، ڪڇ جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي هن سر جي تيرهن بيتن ۾ ڳايو ويو آهي. ڪاڇو اسم تمغير آهي، جنهن جو ٻيو روپ آهي ڪاڇڙو ۽ ٽيون آهي ڪڇ ڙو، ڪيترن اديبن سر ڏاهر واري ڪاڇي کي، دادو ضلعي وارو ڪاڇو سمجهيو آهي ۽ ڪن دوستن شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ انهي ڪاڇي کي، شاهه جو ڳايل ڪاڇو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اهو ٺهي نه سگهيو. انهيءَ پاسي جي هڪ دوست محترم جوهر بروهيءَ سان هڪ ملاقات ۾ اهو بحث ڇيڙيو ۽ چيم ته ادا شاهه صاحب جي ڪاڇي ۾ ٻني به آهي، ٻيلو به آهي کريڙ به آهي، لوڻو، هٻو ۽ جهرو جبل به آهن، ڀڄ به آهي، اتي ڍاڳي ۽ ڍور وهڪرا به پهچن ٿا. اتي لاکي ڦلاڻي، پنري بڊاماڻي، جسوڌڻ مهڙاڻي جا آثار به آهن. اتي جاڙيجا، ريٻاري، ۽ سنگهار قومن جا آثار به آهن، پر تنهنجي ڪاڇي ۾ اهي ڪٿي؟ اهو ڪاڇو چوڏهن چارو آهي يعني ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ جا چوڏهن رستا آهن. اهو ٻڌي جوهر صاحب قبول ڪيو ته برابر اهو ڪاڇو ڪڇ ئي آهي. انهي ڪاڇي کي ثابت ڪندڙ هيٺيان بيت آهن:

ڀُڄ ٿا ڀلي ڀير، وڌو راءِ رڪاب ۾،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

 

تن جاڙيجن جاڙ ڪئي، راءِ سان رٺا جي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪاڇڙو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com