سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :3

(ب) چوٽاڻ:

قديم دؤر ۾ ننگرپارڪر تعلقي واري الهندئين ڀاڱي ۽ مٺي تعلقي جي اوڀر واري ايراضي کي چوٽاڻ چوندا هئا. هي پٽ نهايت سر سبز، آباد ۽ وڻندڙ خطو هو. انهيءَ سطي جا ڪي رهاڪو جڏهن ڪڇ ڏانهن هليا ويا ته اتي سندن رهائش وارو خطو پڻ چوٽاڻ سڏجڻ ۾ آيو. جيڪو ڀڄ جي اوڀر ۾ آهي. پر اصل ۾ قديم چوٽاڻ اهو خطو هو جنهن تي ڄام سپڙ جي حڪومت به هئي ۽ انهيءَ خطي جي نسبت سپڙ چوٽاڻي سڏبو هو ۽ انهي علائقي تي ڄام انڙ وير جو اثر به هو. هو جڏهن سماننگر جو حاڪم هو تڏهن وسڪاري جي مند ۾ چوٽاڻ ۾ وڃي رهندو هو، جتي وٽس سائل ۽ فقير ايندا رهندا هئا. هن سر جي ٽن بيتن ۾ چوٽاڻ واري خطي جو ذڪر آهي، جنهن ۾ ڪٿي کيس چوٽاڻو به چيو ويو آهي، جيئن:

لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،

چوٽاڻي چوڌار، وانڍيون وس چرنديون.

 

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾،

آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻ چت ڪيو.

ٻئي بيت مان اهو پتو به پوي ٿو ته چوٽاڻو، وٽ واري خطي سان لڳ آهي.

(ٻ) وٽ:

تعلقي ڏيپلي مٺي جي ڪڇ جي رڻ واري لاڳيتي پٽي جو نالو وٽ آهي. جيڪو ڊيگهه ۾ گهڻو ۽ ويڪر ۾ گهٽ آهي. هن خطي هيٺان سم آهي، ان ڪري ان ۾ ٿوريءَ کڏ ڪرڻ سان سم جو پاڻي نڪري ايندو آهي، هن وٽ جو ذڪر صرف هڪ بيت ۾ آهي، جيئن:

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾،

آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

(ڀ) ٻيلو:

ٻيلو ڪڇ جي رڻ ۾، ڪڇ واري ڪناري جي قريب مشهور ٻيٽ آهي. جتي قديم دؤر ۾ سپڙ چوٽاڻيءَ ۽ ڏياچ ويراڻيءَ جي حڪومت هئي. 9 _ 10 صديءَ ۾ اهو ٻيٽ سمن سردارن جي هٿ هيٺ هو.

هن سر ۾ ٻيلي جو ذڪر فقط هڪ بيت ۾ آهي، جيڪو هيٺين طرح آهي:

ڪيڏانهن ويا سنگهار، جي هئا هيٺين ڀيڻين،

ڏور ته ڏوريون يار، ٻيلي ٻنهي ڪنڌيئن.

ٻيلي جو ذڪر سر پرڀات ۾ ۽ سر سورٺ ۾ پڻ آهي. ڄام سپڙ چوٽاڻي کي چوٽاڻي لقب سان گڏ ٻيلي ڌڻي پڻ ڪوٺيندا هئا.

مذڪور ٻيلي جي ڄاڻ نه هئڻ سبب، ڪيترن اديبن انهيءَ ٻيلي کي لس ٻيلو سمجهي، سپڙ ڄام کي لس ٻيلي جو حاڪم کڻي بنايو آهي.

اصل ۾ سپڙ نالي سان ٻه مشهور ڪردار آهن. هڪڙو آهي، سخي ڄام سپڙ سمون ٻيلي ڌڻي، پٽ ڌڻي ۽ چوٽاڻي، جيڪو چوٽاڻ جي علائقي جي نسبت سان چوٽاڻي سڏبو هو. ٻيو آهي سپڙ ولد چوٽو رونجهو، جيڪو اصل لس ٻيلي جو هو. پوءِ اتان ڪاوڙجي وچولي واري علاقي ۾ اچي رهيو. جتي شهدادپور تعلقي جي ايراضيءَ ۾ سندس ماڙيءَ جا کنڊر ماڙي سپڙ جي نالي سان اڃا به موجود آهن.

(ت) کريڙ:

کريڙ پڻ ٻيلي وانگر رڻ ڪڇ جو مشهور ٻيٽ آهي جيڪو ٻيلي کان اولهه طرف ۽ ٻني کان اوڀر طرف آهي. قديم دؤر ۾ سنڌ جي وهڪرن جون ڪي شاخون کريڙ کي پاڻي پهچائينديون هيون. کريڙ آباد ٿيندو هو ۽ پاڻي جي ڪري ڪونجون ۽ ٻيا پاڻي جا پکي اتي پهچندا هئا. ڏهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن اوڀر سنڌ وارا وهڪرا سڪي ويا ته کريڙ به غير آباد بنجي ويو. شاهه صاحب انهيءَ ڳالهه جو اهڃاڻ هڪ بيت ۾ ڏنو آهي ته:

اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري،

کريڙ ڀونءِ کري، پير ڏکويا پکڻين.

کريڙ جو ذڪر ٻئي به هڪ بيت ۾ آهي ته:

هني مٿان هٿڙا لاکو نه لاهي،

کريڙا کيل ڪري اڀوئي آهي،

وڃيو سي ڪاهي، جي کيلي هيٺ کنگهار جي.

(ٿ) ٻني:

ٻني پڻ ٻيلي ۽ کريڙ وانگر، کريڙ کان اولهه طرف مشهور خطو آهي، جنهن جي ڊيگهه 60 ميل ۽ ويڪر 24 ميل آهي. هي به ذري گهٽ هڪ ٻيٽ جي شڪل ۾ آهي، جنهن جو فقط ٿورو حصو اولهه ڏکڻ ڪنڊ وٽان ٻئي آباد علائقي سان ڳنڍيل آهي. هن کي عام طرح ڏاڏي آدم جي ٻني ڪوٺين ٿا. آثارن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته واقعي اها ڏاڏي آدم جي ٻني آهي، جنهن لاءِ هڪ اهڃاڻ آهي ته قديم دؤر کان وٺي پاڪستان ٿيڻ تائين اها ٻني جي ايراضي پوکبي نه هئي. ان ۾ پوک ڪرڻ جي سخت منع هئي. ان لاءِ قانون هو ته اگر ڪوبه ماڻهو ٻاهر يا پنهنجي ويڙهه ۾ به ڪجهه پوکيندو هو ته ان جي لاءِ ڇهه مهينا سزا هئي (هن وقت ڇا قانون آهي، ان لاءِ مون کي خبر ڪونه آهي).

ٻيو اهڃاڻ اهو آهي ته وڏن عالمن لکيو آهي جنهن جاءِ تي آدم کي لاٿو ويو ان جاءِ جو نالو دجنا هو. اهو لفظ عرب عالمن لکيو هو. ان کي سامهون رکي ٻني جو جائزو وٺبو ته کاهوڙي واري ايراضيءَ ۾ هڪ ماڳ اهڙو آهي، جنهن کي ڏاجهڻا ڪوٺين ٿا، سو جيڪر انهيءَ ڏاجهڻا کي عربي خط ۾ لکبو ته اهو داجنا ٿي پوندو، جنهن کي پوءِ دجنا ڪوٺيو ويو آهي.

اهي اهڃاڻ ثابت ٿا ڪن ته بيشڪ اها ٻني ڏاڏي آدم جي ٻني آهي ٻني جي نالي سان ٻي ايراضي ٿرپارڪر ۾ به آهي، پر جيئن ته سر ڏاهر ۾ ذڪر ڪيل ٻني فقط ڪڇ واري آهي، جيڪا قديم دؤر ۾ کريڙ، ٻيلي وارن ٻيٽن سميت سنڌ ۾ شامل هئي. اڄ به ڪڇ جي ڀڄ ۽ مانڊوي وغيره علائقن جا ماڻهو ٻني واري خطي جي ماڻهن کي سنڌي ڪوٺيندا آهن. انهن ٻنين ۾ ڪو ماڻهو ڏاکڻين علائقن ۾ ويو ته چوندا ته فلاڻو سنڌ کان آيو آهي.

ٻني کي هن سر جي هڪ بيت ۾ ڳايو ويو آهي.

ٻَني ٻهڻ نه ڏي، جهُري ويئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

(ٽ) پاندر:

ٻني جي قريب پاندر جو مشهور خطو آهي جنهن کي هڪ بيت ۾ شاهه صاحب هيئن فرمايو آهي:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،

پاندر ڪنا پڇڙي، ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيا.

(ٺ) پڇم:

پاندر جي قريب پڇم جو خطو به اچي ٿو، جيڪو ڪڇ توڙي سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ذڪر مٿين بيت ۾ پاندر سان گڏ ٿيل آهي، جنهن ۾ پڇڙي مان مراد پڇمڙي آهي جتي ڏونگر به آهن ته سنئون پٽ به آهي. پڇم جا بزرگ مشهور آهن، جن جا مريد ٿر ۽ لاڙ ۾ به آهن.

(ث) ڪوهيار:

ڪڇ توڙي پارڪر واري علائقي کي هن سر جي بيتن ۾ ڪوهيار ڪوٺيو ويو آهي ۽ ڪٿي ڇپر ۽ ڪٿي روهه پڻ سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ رواجي جبل به آهن ته نالي وارا جبل پڻ آهن. جيئن هَٻو، جهَرو، ڪيرو، لوڻو، ووڙائو، ڪارونجهر وغيره شاهه صاحب مختلف بيتن ۾ جابلو علائقي کي اجهو هيئن ياد ڪيو آهي:

روهه راماڻا ڪن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،

ڪرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

 

چيتا ڪيو چڻيج بڊاماڻي بٺ ۾،

تيئن ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپرا آئيون.

 

ڪاڇو ۽ ڪوهيار، ڏونگر سندن ڏيهڙو،

ساجهر نهي بار، ڪوهه نه ويين ان سين.

(پ) لوڻو:

ٻني واري ايراضي ۾ ٻني کان اولهه ڏکڻ طرف لوڻيي نالي پٽ به آهي. اتي لوڻو نالي جبل به آهي ته لوڻو ڳوٺ به آهي، جيڪو پٽ، توڙي جبل ڄام لوڻيي جي پويان انهي نالي سان مشهور آهي ڄام لوڻيو مشهور سورهيه سردار هو.

(ج) هٻو:

هٻو لوڻي واري خطي ۾ مشهور جبل آهي ۽ علائقو پڻ آهي، جيڪو مشهور سردار ڄام ڏاهر جي پڙ ڏاڏي ڄام هٻي، ولد ڄام سمي ولد انڙ ولد ٿيٻي ولد انڙ ولد سمي ولد راءِ راڌڻ جي نالي پويان انهي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو آهي.

لوڻي ۽ هٻي جبلن کي هڪ ئي بيت ۾ شاهه صاحب هن طرح ڳايو آهي:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،

پاندر پهري ڪانه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيا.

هن هڪڙي ئي بيت ۾ لاڳيتي خطن ۽ جبلن جهڙوڪ پاندر، ڏونگر، لوڻي ۽ هٻي کي ياد ڪيو ويو آهي. جتي لاکي جي دؤر ۾ اٺن جا وڳ چرندا هئا ۽ سندن جهوڪون هيون.

(ڄ) جهُرو:

جهرو ٻني جي ڪناري جو مشهور جبل آهي، جتي اٺن جون جهوڪون هيون، جيڪي لاکي جو لوڙائون بنجڻ کان پوءِ ختم ٿي ويون. جهري جبل ۾ تمام گهڻيون جهرون آهن. ان ڪري ان کي جهرو سڏيو وڃي ٿو.

ٻني واري بيت ۾ جهري جو به ذڪر آيل آهي، جيئن:

ٻني ٻهڻ نه ڏي، جهُري ويئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

(ڃ) ڀڄ:

ڀڄ ڪڇ جو مرڪزي شهر ۽ ڪڇ جي صوبي جي بلڪل وچ ۾ آهي. ڀڄ جو ذڪر هڪ بيت ۾ ئي ڪيل آهي ته:

ڀُڄئا (ڀڄ ئا) ڀُلي پير وڌو راءِ رڪاب ۾،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

(چ) بڊام:

بڊام جو علائقو ٽنڊي باگي تعلقي جي اترئين اڌ ۽ ڊگهڙي تعلقي جي ڏاکڻين اڌ کي چئبو آهي. اصل ۾ بڊام علائقو وسيع هو. جنهن کي شاهه صاحب بڊاماڻي بُٺ ڪوٺيو آهي، جيئن:

چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بُٺ ۾،

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپرا آئيون.

بڊاماڻي بُٺ وارو علائقو بڊام چني جي اولاد جي بستي ۽ رهائش گاهه هو. جتي ڪيترا ماڳ آهن. جيڪي بڊام جي اولاد مان مشهور شخصيتن جي نالن سان اڄ به مشهور آهن. جيئن وڌيو پٽ، سانگي پٽ، ماڻڪ پٽ وغيره.

(ڇ) گهاڙي:

گهاڙي بدين ضلعي جو تمام پراڻو شهر آهي. لاکي دؤر ۾ جڏهن گهاڙي جو شهر آباد هو تڏهن لاکو ان شهر ۾ دوستن وٽ هميشه پيو ايندو هو، پر هڪ وقت اهڙو به آيو جو هو پنهنجين ٻين مشغولين سبب گهاڙي ڏانهن نه آيو ۽ گهاڙي جي دوستن ڏانهس نياپو ڏياري موڪليو ته لاکا! توکي ڇا ٿيو آهي، جو گهاڙي کي بلڪل وساري ڇڏيو اٿئي. شاهه دوستن جي انهيءَ اڻ جهڻ کي هيٺين بيت جي شڪل ڏئي آهي ته:

لاکي لڳئي ڏينهن، گهاڙيءَ ري ڪيئن گهاريئين،

مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.

گهاڙيءَ جو شهر ڪئين دفعا ڦٽو ۽ وري ٺهيو آهي. هينئر ان جاءِ تي پراڻي شهر جا آثار به آهن ته نئين اڏاوت به آهي. هن وقت جيڪو نئون شهر آهي، تنهن کي گهاڙي شيخاڻي ڪوٺيندا آهن.

(ح) ڪنڊو:

ڏهر شهر جي کنڊرن وٽ، ڍور دريائي هڪ وڏو ڪنڊو هو. شاهه صاحب جڏهن سير ڪندو اتي پهتو ته کنڊر، دريا سڪل جو پيٽ ۽ ڪنڊو ڏسي اهو اندازو لڳايائين ته ڏهين صدي ۾ به سردار جسوڌڻ آڳڙيو ضرور هتي هن دريا تي ڪنڊي جي وڻ هيٺ ويٺو هوندو. ڪچهريون ڪيون هوندائين. سو ان ڪنڊي کي سائو ۽ مڃر سان ڀرپور ڏسي کيس ميار ڏنائين:

ڪنڊا ڪڄاڙيا اڀو آهين ريل ۾،

پرين پڄاڻا، سڪي ڀانگهر نه ٿيئين.

 

ڪنڊا توکي سور، ڪونهي ڍور ڌڻين جو،

لامن مٿي ٻور، هوند نه چاڙهيئي هيترو.

(خ) چوڏهن چارا:

شاهه سائين ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ جي چوڏهن چارن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمايو اٿس ته:

تن جاڙيجن جاڙ ڪئي، راءِ سان رٺا جي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪاڇڙو.

سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ جيڪي ماڳ، دڳ، پها، رستا، پيچرا، گس، راهون ۽ واٽون هيون جن کي شاهه صاحب چارا ڪوٺيو آهي، جن کي رند به ڪوٺبو هو، هن وقت اسين انهن کي روڊ ڪوٺيون ٿا، انهن جو خاڪو هيٺين طرح آهي:

1_ جاتيءَ وارو چارو: هي چارو پهرين مسافر خاني کان لکپت پهچي ٿو، پوءِ اتان ساندرو پهچي ٿو.

2_ ڪرهيي وارو چارو: هي چارو ڪرهيي کان وانر پهچي ٿو اتان لکپت پوءِ ساندرو پهچي ٿو.

3_ گهاڙيءَ وارو چارو: هي چارو شيخاڻي گهاڙي کان ڪهري پهچي ٿو ۽ اتان لکپت پهچي، ساندرو ڏانهن وڃي ٿو.

جاتي مسافر خانو

ڪوهيو ڀانڊار  وانر    لکپت  ساندرو (ڪڇ ۾)

شيخاڻي گهڙي  ڪهري

4_ راهومڪي بازار وارو چارو: هي رستو راهومڪي بازار کان ڏنگ پهچي ٿو، جيڪو ماڳ ڏيپلي تعلقي جي ڏاکڻي دنگ تي آهي، اتان ڪريم شاهي (رڻ ۾) اتان لوڻو (رڻ اندر) اتان پٽارو (رڻ جي ڏکڻي دنگ تي) اتان حاجي پير پهچي ٿو.

5_ علي بندر وارو چارو: هي چارو علي بندر کان ڏنگ، اتان ڪريم شاهه، اتان لوڻو، اتان پٽارو، اتان حاجي پير پهچي ٿو.

علي بندر   ڏنگ  ڪريم شاهه   لوڻو   پٽارو  حاجي پير

راهومڪي بازار

6_ ڏهر وارو چارو: هي چارو ڏهر کان ڀيانر سري، اتان کوئٽ سري، اتان سرن واري سري، اتان ڌرم شالا سري، اتان ڪنوار ٻيٽ، اتان ڪنوار ٻيٽ سري، اتان دونارا چونڪي (پڇم ۾) اتان ڏنارا (سليمان سمي جو ڳوٺ) اتان کاهوڙو شهر.

7_ ونگڙ وارو چارو: هي چارو ونگڙ کان ڀيانر سري، اتان کوئٽ جي سري، اتان سرن واري سري، اتان ڌرمشالا سري، اتان ڪنوار پٽ، اتان ڪنوار پٽ جي سري، اتان دونارا، اتان ڏنارا، اتان کاهوڙي شهر پهچي ٿو.

8_ ٻلهياري وارو چارو: ٻلهياري کان ڪنوار ٻيٽ، اتان ڪنوار ٻيٽ جي سري، اتان دونارا، اتان ڏنارا، اتان کاهوڙي شهر پهچي ٿو. هتان رڻ جو فاصلو 24 ميل آهي.

9_ ننگر وارو چارو: ننگر پارڪر کان کڙين، اتان جڙويون، اتان رڻ ۾ نڙو ٻيٽ، اتان وائو ٿراڌرم جو علائقو اچي ٿو، جيڪو ڪڇ واري رڻ جو پوئين دنگ تي آهي.

10_ ونگيءَ وارو چارو: ونگيءَ کان ٻلهياريءَ ۾ رڻ اچي ٿو اتان کائوڙو شهر سامهون اچي ٿو، جيڪو پڇم جي علائقي ۾ آهي. اڳتي ٻني آهي.

11_ جليلي وارو چارو: هتي رڻ مٿاهون آهي، هتي بارش ۾ پاڻي ٻن فوٽن کان مٿي ڪونه چڙهي، هتان پاروجڻ لاءِ مفاصلو وڌ ۾ وڌ 2 ميل آهي.

12. بڙ تلا وارو چارو: بڙ تلا کان ڌڻ ٻيٽ، اتان پربنائو ٻيٽ، اتان نڙ ٻيٽ، اتان سوئيگام پهچبو آهي. هتان رڻ جو فاصلو 24 ميل يعني ٻارهن ڪوهه آهي.

13_ سوراچند وارو چارو: هن چاري ۾ سوراچند کان ناهر ٻيٽ، اتان سونگو ٻيٽ، اتان هي ڪڇ جي ايراضي ۾ پهچبو آهي هتان رڻ جو مفاصلو 32 ميل آهي.

14_ آڌيگام وارو چارو: آڌيگام وارو چارو پراڻو آهي. هتان رڻ جو مفاصلو 14 ميل آهي هن چاري ۾ آڌيگام کان لودرا ئي پهچبو آهي، اتان اڳتي ڪڇ جو ميداني علائقو آهي.

هنن چارن مان ڪيترا چارا اهڙا آهن جن تان فقط وهٽن تي سفر ڪري سگهبو آهي. جن رستن تي، واٽ تي ڪو ٻيٽ وغيره ڪونه آهي، انهن چارن تان تکن وهٽن جي ذريعي سفر ڪبو ته جيئن ڏينهن ڏٺي جو رڻ پار ڪري وڃجي، پارڪر جي پاسي وارا چارا گاڏين جي هلڻ لائق آهن جن ۾ بڙ تلا وارو چارو خاص آهي. جتان پاڪستان کان پهرين بيل گاڏين جي ذريعي سنڌ کان ڪڇ ڏانهن مال ويندو هو.

چارن جي واٽ تي جيڪا ٻيٽ آهن، انهن ۾ ڪيترن نيڪ مردن کوهه کڻايا تلا ٺهرايا آهن، جتان مسافرن کي پاڻي ملندو هو. ڪن ٻيٽن ۾ کاڌي پيتي جون شيون به ملنديون هيون.

ڏهين صدي ۾ جڏهن لاکو ڦلاڻي لوڙائو ٿيو هو، تڏهن انهن چارن تان سندس ساٿين جي ڊوڙ هوندي هئي. جاڙيجن ۽ ريٻارين لاءِ گس ئي ڪونه هو ته ڪٿان اچن ۽ ڪٿان وڃن. شاهه صاحب چيو آهي ته:

تن جاڙيجن جاڙ ڪئي، راءِ سين رٺا جي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪاڇڙو.

سر ڏاهر ۾ قومن ۽ ذاتين جو ذڪر:

سر ڏاهر ۾ جن قومن جو ۽ ذاتين جو ذڪر اچي ٿو، انهن جو خاڪو اجهو هيٺين ريت آهي؛

جت:

جت سنڌ ۽ ڪڇ جي نهايت پراڻي قوم آهي، هن قوم لاءِ ڪئين رايا آهن، هڪڙا مؤرخ چون ٿا ته هي جوتمال قوم سان وابسته آهي، ٻيا چون ٿا ته هيءَ بلوچ نسل قوم آهي، ٽيان چون ٿا ته هي قوم اصل سنڌ جي قوم آهي، جيڪا حالتن جي دائري ۾ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندي رهي آهي. وقت گذرڻ کان پوءِ هن قوم جا افراد عربستان ۾ زط، پنجاب ۾ جٽ، انڊيا ۾ جاٽ سڏجڻ ۾ آيا آهن. جن جون سوين ذاتيون آهن.

جت قوم جا ماڻهو، جيڪي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ آهن، انهن جو سردار سنڌ ۾، ٺٽي ضلعي اندر رهي ٿو، جت قوم شاهه جي رسالي جا وڏا ڄاڻو آهن ۽ سندن لاءِ چوڻي آهي، ته جنهن جت کي گهٽ ۾ گهٽ شاهه صاحب جا ٽي سؤ بيت ياد نه آهن اهو جت ئي نه آهي.

هن سر ۾ جتن جو ذڪر اجهو هن طرح ٿيل آهي:

تن جتن جاڙيجن سان، صلح ڪر سنگهار،

تون وڳ ڇڏين ٿو ويسرا، هو چمڪيا چوڌار،

ڏٺم ڪالهه پرار، لاکو لوڙائن سين.

ملاح:

هن سر ۾ ملاحن جو ذڪر فقط هڪڙي بيت ۾ آهي، جيئن:

ڍور نه اڳين ڍار، مهند ملاحن لکيو،

موڙي ڇوڙيئون مڪڙا، پسي پاڻي پار،

جسوڌڻ جهڙا يار، پيا ويرو ماس ۾.

ملاح ڪا خاص ذات نه آهي، جن به ماڻهن اهو پيشو اختيار ڪيو اهي ملاح سڏجڻ ۾ آيا، فارسي زبان ۾ ملاحن کي ميربحر ۽ عربي ۾ اميرالبحر سڏيو ويو آهي. ملاحن جو دريائن ۽ سمنڊن سان واسطو آهي، جهاز راني ۽ ٻيڙا هاڪارڻ سندن پيشو آهي. هي پيشو بهادرن ۽ دليرن جو آهي، هرڪنهن جي مجال نه آهي ته ملاح ٿي سگهي.

اوڏ:

اوڏ دراوڙ نسل جي مزدور قوم آهي، جن جو قديم دؤر کان وٺي مٽي سان واسطو رهيو آهي، هي محنت ڪش قوم قديم دؤر کان وٺي اڄ تائين اڏاوت جو ڪم ڪندي آهي، ڪوٽ ٺاهڻ، قلعا (ڪچا) تيار ڪرڻ، ڪوٺيون ۽ ٻيون ڀتيون جوڙڻ سندن خاص هنر آهي.

شاهه صاحب هن سر جي اٺن (8) بيتن ۾ سندن ذڪر ڪيو آهي.

ڪڇ جي علائقي ۾ لاکي جاڙيجي اوڏن کي ڏاڍو ستايو، پر لاکي ڦلاڻي مٿن هٿ رکيو جنهن ڳالهه ڏانهن لطيف سائين به اشارو ڏنو آهي.

اڏيو جو اوڏن، سو ڍنگهر ڍلو مَ ٿئي،

جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

 

لاکا لک هئا، پر ڦلاڻي ڦير ٻيو،

آجا اوڏ ٿيا، پلئي لڳي جنهن جي.

سما:

سنڌ جي قديم قوم آهي، جيڪا جادم ولد سام جي اولاد مان آهي، ۽ ورهين کان وٺي سنڌ، ڪڇ، هالار، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجستان جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندي پئي اچي. سمن جا سوين خاندان آهن، جن ۾ جاڙيجا، ڇوڙا، بيگڙا، لاکاٽيا، ڪيهر، ٻائل، حاجي، ڳاها، ڦل، چارا، مشرف، ساهڙ، لٻاڻ، ويسريا، اوٺا، سلطان، ڀيئن، مراد، سرفيا، منڌو، ابڙا، جيها، ايسر، سهندياري، مڙهي، جوڻاگي، رامڏيا، آڳڙيا، دل وغيره.

سما، جادم بن سام جي پٽن مان هسپت بن جادم جو اولاد آهن، سمن مان جيڪي شخص سپوت ٿيا تن جي پٺيان ذاتيون ٺهيون، جيڪي اصل ۾ سڀ سما آهن. پر جدا ذاتين سان سڏجن ٿا. انهن سڀني ذاتين جي سمن جي مٿي ذڪر ڪيل ذاتين کي گڏي سماٽ ڪوٺبو آهي.

سماٽ ذاتيون بيشمار آهن جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿيون. ڏيٿا، ٿوٿا، مهر، سنگها، اوڍا، ورياهه، ٻاپڙا، لنجار، راجھپر، کور، ڳهڙ، دل، اوٺا، ٿيٻا، ٻرڙا، جوکيا، نومڙيا، نهڙيا، نوتيار، رامڻ، هاليپوٽا، ڀلي پوٽا، پلي، سميجا، ملڪ، هنڱورجا، بنڀرا، وساڻ، ڏيپر، انڙ، منگي، سينهڙا، ساند، جوکرا، ڪاڪا، پريا، جوڻيجا، ڳاها، سنگراسي، لاکيار، ڏهر، سوڍر، ڀاڻو پوٽا، سيڙ پوٽا، مرکيا، راڄڙ، پلي پوٽا، وڪيجا، ڇڇر، آريسر، ڪيريا، ساريا، راهوجا، وغيره. جيڪي سنڌ، پنجاب بلوچستان، مارواڙ، جيسلمير، نيڙ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، هالار، گجرات، وغيره ۾ آباد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com