سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :7

هن خطي ۾ مهراڻ جي موجن جو جڏهين آب تاب هو ته پٽيهل ۽ پراڻ جوپٽ، ڍاڳي ۽ ڍليار جون وَسئون، مهراڻ ڍوري ۽ جهول جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا، سر سبز ۽ ساوا هئا، جتي انن جا نبار، کير کني جاکوڙ ۽ مالوندن جا ميڙا هوندا هئا. ايئن محسوس ٿيندو هو ته هي جنت ارضي جو مقام آهي. جيئن ئي انهن ورن ۽ وهڪرن رڙهڻ ۽ ريڻن رخ بدلايو ته هتان جي سون ورني سيم ويران ۽ اجاڙ ٿي ويئي. لطيف جڏهين انهن ماڳن کي ڏٺو ته بي ساخته چئي ڏنائين ته.

1. پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون آه نه آب جو،

سڪين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾.

2. سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪئو،

پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو.

ماڻهن ميڙائو، ڪنهين، ڪنهين ڀيڻين.

3. سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا

جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا.

پٽيهل، جسودڻ ۽ ڪنڊي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. مشاهدي کان پوءِ تخيل جي دنيا ۾ لطيف جي گفتگو نهايت ئي معنيٰ خيز ۽ ڳوڙهي ويچار ۽ سٽاءُ واري آهي، جيڪا هڪ طرف تاريخ جي مشاهداتي عنصر کي ظاهر ڪري ٿي ته ٻئي طرف معروضات تان، پردو لاهي سوچ جو سمان مهيا ڪري ٿي، مڇ جي ڪيفيت کي ڏسندي ان کي وقت جي رفتار سان تعبير ڪيو اٿس ته جڏهن واهڙ وهيو پئي ۽ ان جي برهاڙي جو بهور هو تڏهن توکي سانگهاري جي سوچ نه پئي. هاڻي ملاحن جون مهميزون جهلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي.

جا واهڙ ۾ وھ، تان تون مڇ نه موٽيو.

ڪائي ۾ ڪوھ ڪرين پوءِ موٽڻ جو پھ،

هاڻ سر مٿي سھ، مهميزون ملاحن جون

هن سُر ۾ اسان کي جسودڻ آگري جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ اڳڙي جي پٽ جو وس وارو هو. جنهن جي شريڪ حيات مرد بت راڻي ته ڌي نوري نماڻي هئي جڏهن سمي سردار هتان جسودڻ راءُ مارجي ويو ته مان ڀري مرد بت نوري کي ساڻ ڪري اڳڙي ۽ پٽيهل ڍوري جي جهٻيرن، گندرن، ملاحن ۽ مهاڻن کي ساڻ ڪري وڃي ڪينجهر جي ڪنڌي کي وسايو جتي سنڌ جي رومانوي تاريخ جي مشهور داستان نوري ڄام تماچي وجود ورتو، جنهن کي لطيف سُر ڪاموڏ ۾ بيان ڪيو آهي. جسودڻ راءُ جي شخصيت کان ايترو متاثر آهي جو ڪنڊي کان ان بابت پڇي ٿو ۽ کيس ڏوراپو ڏيئي چوي ٿو ته تون اڃا بيٺو آهين ۽ انهي سور ۾ سڪو نه آهين. پرين پڄاڻا سڪي ڀانگهو نه ٿيو آهين. اهو سڀ جسودڻ جهڙي مانائتي شخصيت جي انهي پيار ۽ ان جي اڏول شخصيت ڏانهن ان جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، جنهن لاءِ لطيف کي دل ۾ هڪ قسم جي انسيت نظر اچي ٿي. اها الفت ۽ پاٻوهه جسودڻ جي انهي قومي ڪردار جي بنياد تي هئي، جنهن ۾ هن سمن آڏو سر نه جهڪايو ۽ مرندي تائين مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي شخصيت کي امر ڪيو. جنهن لطيف جهڙي باڪمال شاعر کي به سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو.

ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي.

جسودڻ جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.

جسوڌڻ جيها يار، پيا وير وماس ۾.

تحفة الڪرام جو مصنف سمن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ اندر ستن راڻن جي هيٺايئن حڪومتن جو ذڪر ڪري ٿو. يا ايئن چئجي ته سمن جي حڪومت جي وفاقي طرز جي هئي، جنهن ۾ ننڍيون، ننڍيون راڄڌانيون اندرين معاملن ۾ خودمختيار هيون باقي ٻاهرين انتظام ۽ بچاءُ ۾ مرڪز سان ڀاڱي ڀائيوار هيون. اهڙن حاڪمن ۾ جسودڻ آگرو، بڊاماڻي پنرو، لاکو ڦلاڻي وغيره اچي وڃن ٿا. جيڪي پنهنجي معاملات ۾ آڳ واڳ ۽ وس وارا هئا. بڊام جو پٽ لاڙ جي تاريخ جو اهو ماڳ آهي، جيڪو قومي غيرت ۽ حميت، وفاداري ۽ پنهنجي ڌرتي سان هميشه وفا شعاري جو سبق ياد ڏياريندو رهي ٿو. بڊاماڻي پنري سمن جي دؤر ۾ سنڌ تي فيروز شاهه تغلق جي ڪاهن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي اره زوراورين جي سلسلي ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي وارن لاءِ جو ڪجھ ڪيو، ان جي ڳالهين لطيف کي متاثر ڪيو ٿو ڀائنجي. اهو ئي سبب آهي پنهنجي دؤر ۾ مغل صوبيدارن جي ظلم ۽ ڪلهوڙن جي ناپخته سياسي عمل سبب سنڌ جي ماڻهوءَ جي جيڪا حالت کين نظر آئي ۽ پاڻ ان کي جنهن طرح سان محسوس ڪيائون انهي سندن ذهن ۾ پُنري بڊاماڻي جي ياد کي تازو ڪري وڌو ته اڄ جيڪڏهين پنري بڊامَاڻي جهڙا مانجهي، ۽ مٿير، دودا ۽ دلير مهمير مڙس هجن ها ته هيئن مغل صوبيداريون، سنڌ جي ڀينگ ڪونه ڪن ها. جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته

1. اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا

ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.

 

2. اڄ گهرجين تون بڊاماڻي پنرا

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لاٿيون.

 

3. اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پنرا

مٿان ڀڳيءَ ڀت، ويرين واٽون لائيون.

 

پڊاماڻي پنرو لطيف جو اهو ڪردار آهي، جيڪو اسان کي تاريخ سان مهاڏو اٽڪائيندو نظر اچي ٿو. جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي لاءِ پيار آهي ۽ هو ان جي بچاءُ ۽ بقاءُ ۾ اڳرو نظر اچي ٿو. هن جو وجود، وقت جي ضرورت آهي، جيڪو ٻيڻي ٻانهن ڏيئي ويرين سان ويڙهاند ۾ پاڻ اڇلي، سنڌ جي ستر لاءِ اٽل ۽ اڏول بنجي وڃي ٿو. هو هڪ قوت آهي. هڪ يلغار آهي. هڪ سپر ۽ ساڃاهه جو سنبل آهي. غالباً پنهنجي ملڪي بچاءُ خاطر ويرين سان وڙهڻ واري عمل جي ڪيفيت کي لطيف سر يمن ۾ بيان ڪيو ٿو ڀائنجي. جنهن ۾ پنري جهڙِن ٻين ڪردارن ۽ انهن جي سرويچ ساٿين ۽ پهلوان پانڌين جو ذڪر ڪيو اٿس. بڊاماڻي پنرو لطيف جو امر ڪردار آهي، جنهن جي ڪالھ به ضرورت هئي ۽ اڄ به ان جي موکڻ جي مهل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جو سرير ويرين سان ويڙهيل آهي ۽ پنري جهڙا پُٽ ان کي انهي رتول رڻ مان ڪڍي سگهن ٿا.

سُر ڏهر جي عام اڀياس ۾ لاکي جو تصور ۽ ذڪر سڄي سُرتي ڇانيل نظر اچي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته لطيف لاکي کي تمام گهڻين نسبتن سان بيان ڪيو آهي. خصوصاً (الف) لاکي جون لوڙهيون هڻڻ (ب) سندس اوڏڻ سان عشق ۽ اوڏن تي مهر جو هٿ رکڻ (ث) ڪاڇي جي مالوند سنگهار ماڻهن جي آسودگي سبب مٿن مارو ڪرڻ (ج) ريٻاري قوم جو ذڪر وغيره. سنڌو دريا جي هيٺين مختلف وهڪرن جهڙوڪ جهول، پٽيهل، ڍاڳي، ڍليار، پراڻ ڍورو سبب سنڌ جي ڪاڇيلئون ڀاڱو ڪڪرالي کان ويندي ڪڇ، ڍٽ، وٽ، مهراڻو، ولهار ۽ هيٺ پارڪر کان پرتي گهرات جي گامن تائين هڪ سٺي پن چري جي حيثيت سان رکندڙ هو، جنهن ۾ مالوند ماڻهن جا ميڙا ۽ هونگر هوندي هئي. ڇو ته هڪ سٺو چراگاهه سندن حوالي هو، جتي هو پنهنجو گذر پيا ڪندا هئا. سندن مکُ سارو سنگهار هو. هي طبقو مال جي سهوليت سببان پڊ به پيو بدلائيندو هو. سنڌ جي سنگهارن جي خوشحالي جيڪا لطيف بيان ڪئي آهي، اها ان دؤر جي سماجي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ آهي، جنهن ۾ کير، مکڻ، ڏڌ بي انت هو کير جي ايتري ته گهڻائي هئي، جو انهن جي ولوڙڻ لاءِ ماٽيون پوريون نه پونديون هيون ۽ مٽن ۾ کير ولوڙيون ويندو هو. خميس جي وارتي ماٽين ۾ منڌي ڪانه وڌي ويندي هئي ۽ کير خيرات ڪيو ويندو هو، جنهن جي هر هنڌ ريل ڇيل هوندي هئي. ايئن پيو معلوم ٿئي ته ڪر کير جون نديون نمي پيل هيون.

1. ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين

جنهين جي خميس، واريڻون واري ڇڏيون

 

2. ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين

جنهين جي خميس، منڌي مور نه مٽ ۾

 

3. منڌيون مٽ گڙن، جهوڪ په سونهن پيهڙا

 

ڄام لاکو سنڌ ڌرتي جو اهو ڪردار آهي، جنهن کي لطيف تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. خصوصا هن جون لوڙهيون هڻڻ. لاکي جو لوڙهين جو عمل جيڪڏهين ظالمانه هجي ها ته يقين آهي ته لطيف ان کي هرگز، هرگز انهي طريقي سان بيان نه ڪري ها. لاکي وٽ جت لوڙهين جو عمل نظر اچي ٿو، اتي هن وٽ سخاوت جي به سرواڻي آهي. ٻئي متضاد عمل آهن ۽ نهايت غور طلب ڳالهه آهي. لوڙهين جي واقعن ۾ لاکي جي بهادري بکندي نظر اچي ٿي، جنهن کان ڪوٽ ڌڻي پيا ڪنبندا هئا. ٻئي طرف اهو طبقو جنهن جي مال تي مارو هو ۽ جن جون لاکي لورهيون ئي هنيون انهن جي بي وسي نظر اچي ٿي. لاکي جو دهمان ۽ ڏهڪاءُ ايڏو ته هو، جو جڏهن اهو واءُ ڪن پوندو هو ته لاکو، لکي تي چڙهي لوڙهين هڻڻ لاءِ نڪتو آهي ته ماڻهو پنهنجي مال جي واهپ ڇڏي هليا ويندا هئا. ڪيئن بانڪا ۽ بهادر سامنهن ٿيا هوندا پر لاکي انهن وريامن جا به ور لاهي ڌڻ، ڌُڻي ۽ چونڊي ڪاهيا هوندا. جيئن لطيف جي بيتن مان ظاهر آهي.

جيئن مون پهرئين عرض ڪيو آهي ته لاکي جي لوڙهين هڻن جو عمل غور طلب آهي! تاريخي حالات تي اها لاکي جي مجبوري هئي؛ ڇاڪاڻ ته هڪ واٽ سمن سردارن جو گهر ڦٽل هو. جن مان ڪن فيروز شاهه تغلق جي مقابلي جي سگهه نه ساري ڪڇ جي ڪنڊ وٺي وڃي ويٺا، ڄام جوڻي جي ڪري سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو اهو تاريخ جي صفحن تي ظاهر آهي ايئن پئي لڳو ته هٿ سان وٺي سنڌ کي تلف تاراج ڪرايو پيو وڃي. تاريخ ۾ ٽپيڪل ٽائيپ يعني وڏيري طبقي جي هميشه اها ذهنيت رهي آهي ته اقتدار يا ڪا به ڳالهه، جي هن جي هٿ نه آهي ان جي ڪري قوم تباهه ٿئي ته ڀل ٿئي. اها ذهنيت ان وقت به موجود هئي جنهن تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي سنڌ ۾ هٿي ڏني ۽ ويل وهايا. اڄ به سنڌ جو انهي قسم جو طبقو قومي بقاءُ کي پاسيرو رکي انهي عمل جو ورجاءُ ڪندڙ آهي. سنڌ تي ان وقت جي لاڳيتين ڪاهن ۽ حملن سبب اقتصادي بدحالي جو دؤر هو، جنهن ماڻهن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻهن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ انهن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ. اهو ئي سبب آهي جو لاکي پنهنجي تر جي خوشحالي لاءِ لوڙهيون هنيون ۽ ان جي تقسيم لاءِ ڏان ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ اڳتي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي بهتر طور اختيار ڪري سگهن. اها لاکي جي سياسي بصيرت هئي، جنهن سخا جي سپر سان پنهنجي تر جي ماڻهوءَ کي زندگي جي مشڪل دؤر مان ڪڍي عام سطح تي آندو.

سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق قومي بچاءُ جي صورت ۾ ڪن طبقي تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقيني آهي. لاکي جي پنهنجي دائره اختيار تر جي جوڙجڪ لاءِ سنگهارن تي تمام گهڻو اثر پيو ۽ ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي راجا کان پوءِ اهوئي طبقو سٻر سڀاهٽو هو، جنهن تي مارو ٿيو، جنهن ۾ ريٻاري به اچي ويا. ريٻاري قوم سريرن جي شاخ آهي، جيڪا پڻ مالوندو هئي. هن قوم جو حسن ۽ هڳاءُ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. جيڪو ڪالھ به پنهنجي اوج تي هو ۽ اڄ به پنهنجي اوج تي آهي. هي قوم زالين مڙسين بهادر ۽ بيباڪ هئي ۽ آهي. لاکي جڏهين هن قوم تي لورهيون هنيون تڏهين انهن جي ونين کنگهار کي جيڪو ڪڇ جو حاڪم هو ۽ سندن سنڀالو هو، ان کي جنهن انداز سان دانهن ڏني ان ۾ سچائي ۽ معصوميت جو عنصر بکندو نظر اچي ٿو.

کراويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چُوءِ.

ان سان گڏوگڏ اهو به محسوس ٿئي تو سندس مقصد ڪڇ جي کنگهار جسراج کي زير ڪرڻ هو، پر جيڪڏهين ان کي نظرانداز ڪجي ته پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته دهشت ۽ ڏهڪاءُ ذريعي ان جي انهن حملن جي روڪ ٿئي، جيڪي هن خود سنگهارن تي ڪيا ٿي.

جتن ۽ جاڙيجن سان صلح ڪر سنگهار

لاڳيتين لوڙهين سميت اهو نتيجو نڪتو جو کنگهار کي سنڌ جي حد اندر ٽپي اچڻ جي همت نه ٿي ۽ سنگهارن جي طبقي کي جيڪو ارڏو ۽ اڙٻنگ هو ان کي لاکي سان صلح ڪرڻو پيو ۽ لاکي کي بعد ۾ لوڙهين جي ضرورت نه پئي. سنگهارن کي پنهنجي ملڪ جي لڳاءُ لاءِ وانڍيون ۽ وس آجا ٿي مليا ۽ سنگهار سرها ٿيا، جيڪي ٻيلي جي ٻنهي پاليسي ورهائجي ويا هئا. اهي پنهنجي ماڳن موٽيا.

لاکي لوڙهيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،

چٽائي چوڌار، وانڍيون وس چرنديون.

 

شاهه عبداللطيف جي سر ڏهر جو

تاريخي پس منظر

 

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

 

ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،

جئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهن کي.

(ع-19)

شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ان ڳالهه جي دلالت ٿو ڪري ته شاهه سنڌ جي ان وقت ۾ مروج زندگي جي دستورن، معاشيات جي ذريعن، ان تاريخي ڌارا ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر، رحم ۽ ڪرم، عدل ۽ انصاف کان مڪمل واقف هيو. هن عارف انسان پنهنجي ملڪ جو هر حصو گهمي ڏٺو هو. ملڪ ۾ مفلوج معاشي حالتن ۽ سياسي بدحالي، قوم جي بيوسي ۽ اقتدار اعليٰ جو فقدان هُن اکين سان ڏٺو هو. هي بصيرت افروز انسان جڏهن ٿر جي انهيءَ حصي ۾ پهتو، جتي کيس ڏهر ڏسڻ جو موقعو مليو، ته اُن وقت هن صوفي بزرگ کي ڏهر جي آثارن مان ملڪ جي ڪمال ۽ زوال جو احساس اجاگر ٿيو. ٿر جي علائقي ۾ ڏهر ڀٽن جي وچ ۾ زمين جي اهڙي ٽڪري کي چئبو اهي، جنهن ۾ سرڇائي ۽ آباديءَ جي صلاحيت موجود هجي. ٿر ۾ اهڙا ڪيئي ڏهر آهن، جيڪي گذريل دؤر ۾ هن خطي جي جوڀن جي شاهدي ڏين ٿا. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي، ته ٿر جي هن حصي مان اڳ هاڪڙي درياهه جو متعدد شاخون وهنديون هيون ۽ هن حصي کي آباد ڪنديون هيون. نديءَ جي هنن شاخن جي ذريعي وڻجارن جي سامان جا ٻيڙا ڀرجي ڏيساور ڏانهن ويندا هئا ۽ ان وقت ٿر جي رهاڪن جو وڏو ڀاڳ هو. مگر درياهه جي بند ٿي وڃڻ سان ملڪ جو هيءَ حصو ويران ٿي ويو.

اهو درياهه ڪڏهن بند ٿيو، ۽ ان جا ڪهڙا اسباب هئا تنهن لاءِ ڪو به مثبت جواز موجود ڪونهي. البته شاهه صاحب جيڪي سر ڏهر ۾ مختلف موضوعن سان تعلق رکندڙ بيت چيا آهن، انهن مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ وسندڙ علائقي کي ويران ڪرڻ ۾ تڏهن جو ملڪ اندر سياسي حالتون ئي ذميوار هيون. ڇاڪاڻ ته ان حقيقت کان اک ڦيرڻ شايد انسان جي حماقت چئجي ته ملڪ جي اقتصادي خوشحالي جو دارومدار ملڪ جي اقتدار اعليٰ ۽ انتظامي صلاحيتن سان وابسته هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪ جون سياسي حالتون انسانيت جي ڀلائي خاطر آهن، ته اهو ملڪ ڪڏهن به اجاڙ نه ٿيندو. بيشڪ! ملڪ اندر زلزلا ۽ ٻوڏون اينديون آهن، ڌارين جي حملن جي ڪري ملڪ جا بندر ۽ بازارون، وسندڙ شهر ۽ وسنديون ويران ٿينديون آهن. پر ملڪ جي سياسي تنظيم تمام ٿوري وقت اندر پنهنجي ڪوشش ۽ ڪاوش سان انهن ظلمن جي نشانن کي مٽائي ڇڏيندي آهي ۽ اهو محسوس ئي ڪرڻ نه ڏيندي آهي ته سندس ملڪ اندر ڪا ڦرلٽ ۽ فساد، ڪو زلزلو ۽ ڪا آفت آئي به هئي.

تاريخي ثابتين ۽ سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جي بيانن مان اسان کي اهو ته قطعي ثبوت ملي ٿو ته سومرن جي آخري دؤر (1471ع) ۾ هاڪڙو درياهه پنهنجي جوڀن ۽ جسار سان ان حصي مان روان دوان هيو، جنهن جي ڪري عمرڪوٽ ۽ وڳهه ڪوٽ ۾ سومرن سردارن جي راڄ ڌاني پنهنجي عروج کي رسيل هئي. البته سمن حاڪمن جي آخري ايام ڪاريءَ ۾ (1520ع) اسان کي درويشن جي جذباتي اظهار مان پتو پوي ٿو ته هاڪڙي درياهه سان گهٿ چراند ٿي آهي. هن لاءِ هڪ بزرگ دعا ڪندي هاڪڙي لاءِ پنهنجي تمنا ڪئي ته:

هاڪ وهندو هاڪڙ، ڀڄندي پنڌ اروڙ،

بهه مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي.

هن مان واضح ٿو ٿئي ته سمن جي پوئين دؤر ۾ ڪي تخريبي ڪاروايون عمل ۾ آيون ۽ ڪن سياسي چالبازين جنم ورتو. جنهن جي ڪري ملڪ جي هن وسندڙ حصي کي ويراني ۾ تبديل ڪرڻ جا سعيا ڪيا ويا. ان هوندي به ارغونن جي زماني تايئن (1520ع) پراڻ ۽ ريڻ وارين شاخن ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي جهجھو وهندو هو، جنهن جي ڪري ٿر جو علائقو آباد هيو. مگر سمن سردارن جي حڪومت کان پوءِ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ تقريباً اڍائي سو ورهن تائين سنڌ کي متحد ٿيڻ نه ڏنو ويو. انهن اڍائي سو ورهن ۾ سنڌ لاءِ گورنر ڪڏهن هرات کان ته ڪڏهن دهليءَ کان مقرر ٿيندا رهيا، جن جو واسطو جاگيرداري طبقي سان هيو ۽ کين غريب ۽ نادار طبقي جي ڀلائي سان سندن ڪو سروڪار ڪونه هيو، اهو اڍائي سو ورهن جو دؤر (1520ع-1750ع) سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جي وارثن لاءِ انتهائي ڪريناڪ دؤر هو. هن دؤر جو نقشو سيد حُسام الدين راشدي هيٺين عبارت ۾ ڪڍيو آهي:

اهو ڌارين جي گرفت جو تاريخي سلسلو اڍائي صدين تائين پکڙيل آهي. جنهن ۾ ارغونن جي استبدادي حڪومت (1520ع-1599ع) ترخان جي زور زبردستي، مرزا باقي ترخان ۽ محمد بکريءَ جي ظالمانه گرمت، ازان سواءِ خراسان مان لاتعداد مفرور اميرن، صاحب اختيار ۽ اقتدار پناهگيرن جي آمد، سنڌ جهڙي امن پسند ۽ ماٺيڻي سڀاءَ واري ملڪ لاءِ درحقيقت هڪ عذاب، قهر ۽ خدائي ڪوپ هو، جيڪو هتان جي گهرو جهڳڙن جي نتيجي ۾، قدرت طرفان سزا طور نازل ٿيو جنهن جو نتيجو اجتماعي خواه انفرادي طرح سموري سنڌ کي ڀوڳڻو پيو. ملڪ جا سڀئي قلعا، وسنديءَ وارا واهڻ ۽ وستيون، مال، ملڪيتون مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھ ۾ ٿي آئي ۽ نه سندن اٿڻ ويهڻ، چال چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ مان هتان جي ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سڃاڻ هئي. انهي ڌارين لاءِ شاهه صاحب فرمايو:

پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجھن،

آءُ سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،

مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيو.

مٿئين شعر جي مفهوم مان شاهه صاحب جي سياسي بصيرت، حب الوطني ۽ قومي شعور لاءِ اندازو ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ته ڪونهي. حقيقت ۾ شاهه صاحب جي شاعري جو جيڪڏهن فراخ دليءَ سان تجزيو ڪنداسون ته اسان کي انهي غلامي جي دؤر ۾ سنڌي عوام جي ڪرب جي تصوير چٽيءَ طرح نظر ايندي. جيئن سيد حُسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

اسان جي قومي شاعر شاهه عبداللطيف هندي مغلن جي قبضي جون حالتون ڏسندي، جيڪو پنهنجي ڪلام ۾ عڪس چيو آهي، سو حقيقت ۾ انهيءَ سڄي صورت حال جو مجمل تفسير چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ارغونن کان وٺي سندن جاءِ نشين هندي مغلن جي تسلط تائين سنڌ اندر وهيو ۽ واپريو هو.

انهن ڌارين ٻهراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جي گذر بسر جو دارومدار هو، ناني ويڙهو ٺاهي پاڻ ۾ ورهائي کنيون، ڪن جي نالن تي جاگيرون ٿيون، ڪن خالصن جي صورت ۾ ورتيون، ڪن وظيفي ۽ چراغيءَ جو نالو ڏئي ۽ قبضي ۾ ڪيون، ملڪ جي اصلي مالڪن کي نظرانداز ڪري سڀئي اعليٰ عهدا به پاڻ ۾ ورهائي ورتائون، گويا سنڌ جي قسمت ۽ ثروت جو واڳون مڪمل طرح انهن ٻاهرين جي هٿ ۾ اچي ويون، ۽ سنڌين ويٺي فقط قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنهنجي بدبختي تي روئڻو پئي رنو. اهڙين بدترين حالتن جي ڪري لازمي هيو ته ملڪ ڏينهون ڏينهن ويو ويران ٿيندو، وسنديون ۽ وٿاڻ، ڀيڻيون ۽ ڀاڻ، زرخيز علائقا ۽ آباد ٻنيون ويون ويران ٿينديون. انهي ئي دؤر ۾ دريائن ۽ واهڙن جا منهن ڌارين جي شوم بختيءَ جي ڪري ويا ڦرندا، لٽبا ۽ بند ٿيندا. جنهن جي ڪري ملڪ جي ماڻهن ڪن وسنديءَ جي علائقن ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو، جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمايو:

جهچان پَسيون جهوڪَ، آيلَ سَنگهارن جي،

جَنِ ٿي پَهي پياريا، مَنجهان مَٽن موڪَ،

لَڏي ويا لوڪَ، اُٺي وِيا اُڪري.

(ڏهر 4-28)

پر اهو سچ آهي، ته قدرت وٽ دير آهي، پر انڌير ناهي. ملڪ جي مفلوج ۽ بيڪس عوام جي آهُن، آخر قدرت جي غيرت کي جنبش ۾ آندو ۽ واحد القهار مغل شهزادن ۾ عياشيءَ ۽ لاپرواهي جو روڳ پيدا ڪيو. ڌارين علائقن مان ڦرلٽ جي دولت شاهي درٻار ۾ سازش کي جنم ڏنو. تاريخ شاهد آهي ته دهليءَ جي بادشاه ساز وزيرن دهليءَ جي حاڪم فرخ سير کي انڌو ڪري مارائي ڇڏيو. ان کان بعد مغل حڪمرانن مان رفيع الدرجات ۽ رفيع الدوله کي يڪي بعد ديگري زهر ڏئي پورو ڪيائون. سنه 1719ع ۾ بادشاه ساز وزيرن محمد شاهه کي طائوسي تخت تي وهاريو. جيڪو 22 سال زناني خانه ۾ بند رهڻ جي ڪري زنانين خاصيتن جو حامل بڻجي ويو. هن جي عياش فطرت ۽ نااهليءَ جي ڪري جيڪو خدائي قهر برصغير ٿي نازل ٿيو، اهو نادر شاهه جي صورت ۾ نمودار ٿيو. سندس ئي لفظن ۾:

شامت- اعمال ما، صورت نادر گرفت

هن عياش حاڪم جي اعمالن جي شامت جي ڪري دهليءَ ۾ جيڪو قهر ۽ ڪوس ٿيو، اهو ته تاريخ ۾ رت جي لڪيرن سان لکيل آهي. مگر اها به بدقسمتي کڻي چئجي جو جتي به مغل حاڪميت جو سايو هيو، اتي به نادر قهر ٿي نازل ٿيو. جنهن کان سنڌ به آجي ڪانه رهي. نادر شاهه جي حملي وقت (1739ع) شاهه صاحب ذهني عمر جي عروج کي پهتل هو. نادر جي طوفاني حملن، جيڪا سنڌ اندر تباهي مچائي ۽ وسندڙ واهڻ ويران ٿيا، اهي حالتون ۽ بي يارو مددگار عوام جي آهُن شاهه صاحب جهڙي حساس دل انسان کي ڪيترو متاثر ڪيو هوندو؟ ان جي شاهدي اسان کي سندس ڪلام مان چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي:

برو، بگيرو جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،

مون لوڏان ئي لکيو، ته هاڃو ڪندا هي.

هن هاڃي جي وقت سنڌ اندر ڪلهوڙا سياه ۽ سفيد جا مالڪ هئا. ديسي حاڪم هجڻ جي ڪري هو ملڪي عوام لاءِ بر ۾ بورائي جي مثل ضرور هئا. پر نه کين حاڪميت جي ڪا سُڌ هئي ۽ نه ئي ملڪي اتنظام هلائڻ جي ڪا صلاحيت. تاريخ ڪلهوڙن کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪري چڪي آهي، پر نادر جي حملي وقت هو دهليءَ دربار جا محصول اڳاڙيندڙ صوبيدار هئا. جڏهن ڏسندا هئا ته دهليءَ جي حاڪميت ڪمزور پئجي ويئي آهي، ته ڏن ڏيڻ کان نابري واري بيهندا هئا. پر جڏهن مٿن زور پئجي ويندو هو، ته رعيت کي بي يارو مددگار ڇڏي، ڪڏهن قلات ڏاهن کُڙيءَ تي زور ڏيندا هئا ته ڪڏهن ٿر ڏانهن ڀاڄ ڪندا هئا. وٽن فقيرن جي فوج ظفر موج موجود هئي، جن جي هڪڙي هٿ ۾ تسبيح هئي ته ٻئي هٿ ۾ ڏاٽو. شمشير زني ۽ شهسواريءَ کان بلڪل بي خبر هئا. اهڙين بيوس ۽ لاچار حالتن جي ڪري ملڪ پنج هزارين ۽ ڏهه هزارين نوابين ۾ ورهائجي ويو. زرخيز زمينون ويون اجاڙ ٿينديون، ملڪي معيشت وئي ڪمزور ٿيندي. مٿان بدقسمتي وري هيءَ ته ڪلهوڙن جي ڪمزور حاڪميت سنڌ جهڙي ماٺيڻي ملڪ کي ايرانين ۽ افغانن جي چٽين ۾ جڪڙي ڇڏيو. جنهن ۾ نادر شاهه جي ڏن جي ويهه لک روپيا چٽي ٺٽي جا صنعتڪار ادا ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com