سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :14

پوءِ وري شاهه سائين لاکي جي سڃاڻپ به ڪري ٿو. اُن کي فوڪس ۾ آڻي ٿو. لاکا لک ٿيا ڦلاڻيءَ ڀير پيو. دلچسپي جي ڳالهه هيءَ آهي، ته ڀٽائي ڪٿي به لاکي کي خراب نه ٿو ڪوٺي. باوجود ان جي ته لاکي جي عمل منجهان ماڻهو ويڌن ۾ آهن. اوڏ به لڏي وڃن ٿا. ڪاڇي ۾ ڪُوڪ پئي آهي. ڪڇ ۾ ڪير رهندو، پر لاکي کي خراب نه ٿو سڏيو وڃي. لاکا آهن به گهڻا، ۽ هڪڙو لاکو ڦلاڻي به آهي. لاکي جي تمثيل، تاريخ جي پارکوئن لاءِ هڪ للڪار آهي، لاکو لاڙون ڇو ٿو ڪري، ۽ پوءِ لاکو لوڙون ڪرڻ کان بس به ڪري ٿو وڃي. هڪڙو لاکو پنهنجون ڪارروايون ختم ڪري ۽ ٻيو لاکو پنهنجي گهوڙي لکيءَ سميت مري به وڃي ٿو.

لاکي لوڙون ڇڏيون سرها ٿيا سگنهار،

چٽاڻي چوڌار، وينڊيون وس چرندوين.

هن بيت ۾ لاکو پنهنجو لوڙن ڪرڻ جو عمل ترڪ ڪري ٿو جنهن ڪري سگنهار سرها ٿين ٿا. هڪ ٻئي بيت ۾ لاکو مري ٿو جو، جنهن ڪري ڪڇ تان ڏولائو لهي ٿو وڃي:

لکي ۽ لاکو، ٻئي مُئا ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،

وانڍِن ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.

اڃا ٻئي هنڌ لاکي سان اسان جي شاعري جي احساساتي رشتي جي خبر پوي ٿي.

لاکا لڳئي ڏينهن، کاري ريءَ ڪيئن گهارئين،

مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.

پوءِ وري اسان جو شاعر لاکي جي رومانس جي ڳڻتي به رکي ٿو:

ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لالوٽين سين

سانو مان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪُرو،

وري لاکي سان ڪجهه حجتون، ڪا پنهنجائپ به آهي جنهن جي حوالي سان سفارش ٿي ڪجي:

لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان،

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اَڏيا.

سوال ٿو پئدا ٿئي ته اهو هڪڙو لاکو آهي، يا سنڌ جي تاريخ جو ڪو لاڳيتو ۽ مستقل ڪردار آهي. ڪهڙو به لاکو آهي، ته به شاهه جي ساڻس پنهنجائپ هجڻ ۾ ڪو شڪ ناهي. فقط ڪي شڪايتون آهن، ته پنهنجن ماڻهن لاءِ آزار نه بڻج. سڌو سنئون سندس ڌر ٿي نعرو هڻڻ واري روش شاهه جي گِهرن فڪري روين جي شان وٽان نه آهي. کيس انتهائي تمثيلي ڪردار ڪري ڳائڻ، شاهه جي لڪا ڀڻن لوڪ ۾ واري حڪمت علمي جو حصو آهي. سياسي طرح لاکي جو پس منظر جيئن ڪڇ سان به ڳنڍيل آهي تنهنڪري اقتداري ڌرين وٽ، لاکو پوءِ ويندي شاهه سائين جي ڏينهن تائين حڪومت مخالف ڪردار جي علامت سمجهيو وڃڻ ممڪن آهي. ڪڇ سان لاکي جي نسبت، سنڌ تي قابض ڌارين يا سندن ڏن ڀرو اطاعت گذار حاڪمن لاءِ ڪنهن به حالت ۾ چڱيءَ نظر سان نه ڏٺي ويندي هئي. ان جو سبب آهي، ته عربن جي سنڌ تي حملي کان پوءِ توڙي غزنوي گهراڻي جي راڄ وارن عرصن ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيڪا به ويڙهه هلي آهي اُن ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان مدد ملندي رهي آهي. خود ارغونن ۽ ترخانن خلاف ٿيندڙ چڪرين ۾ ڪڇ کان مدد ملندي رهي آهي. ارغونن جي ڏينهن ۾ ته سنڌ کان وڏي پئماني تي ڪڇ ڏانهن لڏ پلاڻ ٿي آهي ۽ اُتان علمي توڙي عملي ميدان ۾ ڏيهه تي ڌارئي راڄ جي مزاحمت ٿيندي آئي آهي. لاکو ان مستقل ويڙه جي علامت آهي. جڏهن به ڏيهه تي ڪو ڏکيو ڏينهن آيو آهي، ته لاکي پنهنجي واٽ واري آهي. سندس واٽ ۾ ڪجهه ڪوتاهيون آهن، جيڪي ڏور ڪرڻ کپن.

اهي ته ٿيا سائين جا لاکي يا لاکن ڏانهن مختلف رويا. تاريخ جي دستاويز ۾ لاکي کي ڳوليون ۽ ڏسون ته لاکو ڪٿي بيٺو آهي. ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ کان اڳ هڪ وضاحت ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. سنڌ تي جن به ڌارين حاڪمن ڪاهون ڪيون آهن، سي مذهب ۽ خاص ڪري اسلام جي نالي ۾ آيل آهن. ان ڪري سندن مورخن سنڌين کي ڪافر سڏيو آهي. ڦرمار جو وٽن ٻيو ڪوبه سبب نه هيو. ڌارين جي آندل ڀاڙي جي مورخن ڦرمار تي آيلن کي زبردست ساهرايو آهي. اها ان دؤر جي سندن گهرج هئي، جو تاريخ ئي ان وقت جي حاڪمن لاءِ ريڊيو، ٽي وي، اخبار ۽ اطلاعات کاتي جي هئنڊ آئوٽن وارو ڪم ٿي ڪيو. ائين ڪرڻ جا وٽن سبب هئا. جو سنڌي مذهب جي سلسلي ۾ تنگ نظري ۽ فرقيوارين کان عملي طرح نفرت ڪندڙ رهيا آهن. ۽ اهوئي سندن فطري مزاج آهي. ان ئي سبب جي ڪري ڀوڏيسر ۽ گجرات جي حاڪمن 1426ع ۾ مسجد ٺهرائي ته 1449ع ۾ اُتي ئي جين عبادت گهر به ٺهيو. سنڌي مذهب جي معاملي ۾ جابر ۽ ظالم حاڪم ٽولن وانگر نمائش باز، ۽ رياڪار ۽ جنوني نه رهيا آهي تنهنڪري ڌارين کين ڪافر چئي مٿن حملا ڪرڻ جا پڙگهڙيا ۽ پوءِ حملا به ڪيا. فيروز شاهه تغلق جي هڪ درٻاري عين مطاهر، ڄام ٻانڀيڻي ٻي جي خلاف لکيو ۽ ڄامن کي راءِ ڄام ۽ راءِ تماچي سڏي کين هندو ڄاڻائي مٿن حملي جو جواز ڏنو ۽ پوءِ جڏهن جنگ لڳي ته سنڌين جي شهادت کي ڪافرن جو مرڻ ڄاڻايو ويو. ساڳيو نمونو مير معصوم بکري جو آهي. سمورن منظم لشڪري ڌاڙيلن کي وڏي شان سان پيش ڪيو آهي. جڏهن ته اسانجي سورهن کي هنن باغي، سرڪش، شرپسند ۽ اهڙن لقبن سان ڄاڻايو آهي جيئن اُهي بدنام رهن. سنڌ سان تاريخ ۾ اهڙو گارين جهڙو رويو جتي ڪٿي واضح ڏسڻ ۾ ايندو. ان پروپئگنڊا جو اثر ۽ اها پروپئگنڊا پنهنجي سر پاڻ اڃا تائين هلندڙ آهي، ان ڪري باشعور ۽ محب وطن سنڌي ماڻهن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر پرپپئگنڊا جا اثر گهڻ طرفا ٿين ٿا جن مان ڪيترن جو شڪار به ٿي سگهجي ٿو.

سر ڏهر جو تاريخي پس منظر هڪ ڊگهي عرصي تي ڇانيل آهي. نائين صدي عيسوي کان سورهين عيسوي صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي شروع ٿيڻ تائين ڪڇ ۽ سنڌ تي سومرن ۽ سمن جو راڄ رهيو. اهو سڄو سارو عرصو هڪ اصطلاح، هڪ نالي، هڪ ذات جي سڃاڻپن سان لاکو موجود ملي ٿو، البت لاکي جي نالي سان 3 ڪردار گهڻي اهميت سان سامهون اچن ٿا. گڏوگڏ خبر پئي ٿي ته 810ع کان 985ع تائين ڪڇ تي لاکي گهراڻي  جي سما راجپوتن جو راڄ هيو.

وليمس جي حوالي سان محترم ايم. ايڇ. پنهور ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ 850ع کان پوءِ ڄاڻائي ٿو:  سنڌ جي سما ڀائرن ڪڇ ۾ پگوڌ ۽ گنتري ۾ پنهنجون ننڍڙيون حاڪميتون قائم ڪيون. ان کان پوءِ موڏ جو پٽ سعد گاديءَ تي ويٺو ۽ ڪنٺ ڪوٽ کي پنهنجي گاديءَ جو شهر بڻايائين. سعد جي سَهُري ڌرڻ واگهيلا، سمن کان جان ڇڏائڻ لاءِ سعد کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. اُن وقت سعد جو  پٽ ڦل ڇهن مهينن جو هيو. جنهن کي ٻانهي بولادي سنڌ آندو، جهن لاءِ چيو وڃي ٿو ، ته پنهنجو پٽ سهائي ڦُل کي کڻي آئي، ڦل جي پالنا سنڌ جي سمي شهزادي دولهڙي ڪئي. ڦل وڏو ٿي ڪڇ هليو ويو ۽ وڃي پنهنجي ناني ڌرڻ واگهيلا کي للڪارائين جنهن کيس ٿڌو ڪري، پنهجي هڪ مائٽياڻي سان سندس شادي ڪرائي ۽ کيس سندس پيءُ وارا علائقا واپس ڪيا. پر پهريون موقعو ملڻ تي، ڦل ناني کي ماري ڇڏيو.... ڦل ڏهن صديءَ جي ٻي چوٿائي جي اڌ تائين حڪومت ڪئي ۽ سندس جانشين پٽس لاکو ڦلاڻي ٿيو. ساڳيو مورخ اڳتي ساڳي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته 979ع ۾ ڪڇ جي حاڪم ڦل جو موت ڪاٺياواڙ ۾ چاوڙن سان لڙائي ۾ ٿي. اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڦل هڪ خانه بدوش خوبصورت ۽ ذهين ريٻارڻ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان لاکو ڦلاڻي ڄايو ۽ جوان ٿيڻ تي پنهنجي پيءُ سان اٽڪي سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو ۽ انيل پٽڪ جي چاوڙي حاڪم وٽ اجهو ورتائين ۽ سورمي ۽ ذهين سياستدان جي حيثيت سان ڏاڍو ناماچار ٿيس. هتي جنهن ريٻارڻ خانه بدوش ڇوڪري جو ذڪر آيو آهي. سا اسان جي شاعر جي سُر ڏهر جو متحرڪ ڪردار آهي. وري ڳالهه ملي ٿي ته لاک جن چاوڙن وٽ پناهه ورتي تن جي ڦل سان لڙائي ٿي ۽ ڦل مارجي ويو جنهن کان پوءِ لاکو ڦلاڻي تنهن تخت تي ويٺو، لاکي ڦلاڻي جي سياست ۽ حڪومت جا ڪجهه وڌيڪ تفصيل به ملن ٿا. پر سندس ڪاررواين وارو علائقو گهڻي ڀاڱي ڪڇ ۽ ڏکڻ سنڌ آهي. تاريخ جي قرطاس تي هڪڙو ٻيو لاکو 1175ع ۽ 1615ع جي عرصي ۾ سرگرم نظر اچي ٿو. لاکو جاڙيجو سمو هيو. جنهن 1175ع ۾ اوڀارئين ڪڇ جي ادي ڪنٺ ڪوٽ تي قبضو ڪيو. هن سڄو ڪڇ پنهنجي حاڪميت ۾ آندو ۽ سندس گهراڻي جو راڄ ڪيئي سال هليو. لاکي جي مرڻ تي سندس پٽ راڌڻ ويٺو ۽ ڏکڻ سنڌ جي جاٽن کي به مطيع بڻايائين جيڪي سنڌ کان لڏي ڪڇ هليا ويا. مڪاني روايتن موجب سندس دؤر ۾ ڪڇ جو رڻ خشڪ ٿي ويو 850ع ۾ جڏهن کان ڪڇ تي لاکي گهراڻي حڪومت قام ٿي تڏهن کان سنڌ ۾ عربن ۽ پوءِ غزنوين خلاف لاڳيتو ويڙهيون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن جي نوعيت گوريلا ويڙهه واري هئي. سنڌين وٽ منظم فوج نه هئي، پر گهاتون هڻڻ ۽ راتها ڏيڻ جهڙيون ڪارروايون هيون ۽ سومرن ۽ سمن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ انهن ويڙهن جو مکيه ميدان ڪڇ جو رڻ ۽ ٿر وارو علائقو هيو. راجپوت، ٺاڪر، ميگهواڙ ۽ ڪولهي سڀ جا سڀ انهن لڙاين ۾ شامل هئا ۽ سندن سپلاءِ لائين ڪڇ هيو. اها ويڙهه سنڌ ۾ سومرن جي ڏيهي راڄ قائم ٿيڻ تائين هلي ۽ پوءِ جڏهن سما دؤر جي پڄاڻي ٿي ته وري به ارغونن خلاف ٿيندڙ مزاحمت ۾ ڪڇ جي سپلاءِ لائين جاري ٿي، توڙي جو ان عرصي تائين سنڌو ۽ هاڪڙي ذريعي مواصلاتي رشتا ختم ٿي چڪا هئا. اهو تاريخي عمل صدين تائين سنڌ واسين لاءِ اُتساه جو ڪارڻ بڻيو رهندو ۽ پڪ سان لطيف سائين جي اُتساه  جو سر چشمو به وطن جي واڳ ورائڻ واري ويڙهه ۾ ڪم ايندڙ اهائي سپلاءِ لائين آهي، جيڪا جنگي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي هجڻ سان گڏ تخليقي به آهي، ڇو ته ڪبيرداس ۽ ميران به ان سپلاءِ لائين کان هتي پهتل آهن.

مرزا قليچ بيگ سان قبيلي جي وڏي جادم جي هڪ پٽ جو نالو هسپت ڄاڻايو آهي جو سند چوڻ موجب سنڌ جي سمن جو ڏاڏو هيو. هسپت جو هڪ پٽ لاکو هيو جنهن کي ٻي زال منجهان اُنڙ پئدا ٿيو ۽ اُنڙ جو پٽ جو نالو وري لاکو رکيو ويو. لاکي مان سمو ڄايو جنهن مان ڪاڪ جو حاڪم ڪاڪ پئدا ٿيو. شاهه سائين اوڏن جي لڏڻ واري ماڳ جو نالو به ڪاڪ ڄاڻايو آهي. ڪاڪيان وڃن لڏيو. سمن جي شجري ڏسڻ سان انيڪ لاکا سامهون اچن ٿا.

سر ڏهر جي ڪردارن ۾ هڪڙو کنگهار به آهي. وڃيو سي ڪاهي جي کيلي هيٺ کنگهار جي يا کرا ويڻ کنگهارن کي چنچل اڀي چوءِ. تاريخ طاهري ۾ کنگهار جي هڪڙي سڃاڻپ سامهو اچي ٿي. 1525ع ۾ سنڌ جي ڌارئي حاڪم شاهه بيگ ارغون جي پٽ شاهه حسن سنڌ ۾ زبردست ڏهڪاءُ پکيڙيو. سما، جيڪي سنڌي آبادي جو ستر سيڪڙو هئا، تن مان معلم، سردار ۽ سورما سڀ هيٺين طبقن ۾ تبديل ڪيا ويا. آئيني اُپائن ذريعي کائن تلوارون کسي کين هر ڏنا ويا ۽ گهوڙن جي جاءِ تي ڍڳا. سندن عزت نفس کسڻ جي هر ڪوشش ٿي. جيڪڏهن ڪنهن مزاحمت ٿي ڪئي ته اُن کي ماريو ويو. دهشت ان حدت تائين پهتي جو ارغون سپاهين کي ڏسي حمل وارين عورتن جا ٻار ڪري پوندا هئا. نتيجي ۾ سنڌي دانشور، صوفي ۽ واپاري ۽ ٻيا ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ برهانپور هليا ويا. ٻه سال پوءِ يعني 1527ع ۾ شاهه حسن محسوس ڪيو ته ٺٽي جا سنڌي ۽ ساموئي جن ڪڇ ۾ پناهه ورتي آهي سي سندس حڪمراني لاءِ خطرو آهن. هڪ ڪڇ جي سنڌي سمي، هندو زميندر کنگهار کي خط لکي کانئس ڪڇ جا مشهور گهوڙا گهريا ۽ کيس ماتر ڀومي جو واسطو ڏئي، سنڌ اچي سندس ملازمن ۾ داخل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. کنگهارن جي انڪار ڪرڻ تي شاهه حسن ڪڇ تي ڪاهيو. کنگهار کليل ويڙهه دوران گوريلا جنگ ڪئي ۽ گهاتون هنيون پر شاهه حسن وستين ۽ ٻنين ۾ فصلن کي باهيون ڏئي کنگهار کي هاريو ۽ کانئس ڏنڍ وصول ڪرڻ جو ٺاهه ڪيائين. هن حوال منجهان سنڌين جي لاڳتي مزاحمت جي هڪ ڪڙي سامهون اچي ٿي.

هڪ ٻيو ڪردر جسراج جو به ڏهر ۾ آهي. علامه آءِ آ3 قاضي جسودن ۽ جسراج کي لاڙ جا حاڪم سڏي ٿو، جسراج نالي هڪ ٻيو ڪردار چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي صديءَ جي وچ  ۾ ملي ٿو ان کي لالا جسراج چيو  ٿي ويو ۽ اهوئي هاڻي منگهو پير سڏجي ٿو. هن جا وڌيڪ تفصيل معلوم نه ٿيا آهن.

 هي سڄو جاگرافيائي ۽ تاريخي بحث سر ڏهر جو پس  منظر آهي. صورتحال ڏانهن شاهه سائين جو رويو سندس فلسفي کي ظاهر ڪري ٿو. ڏهر جي ڊائري ۾ جيڪا تاريخ اچي ٿي، اُن وٽ رڳو ڪجهه جهلڪيون قلمبند ٿيل آهن. اصل تفصيل تمام گهڻا آهن، جيڪي سنڌ جي سونهن وانگر هميشه برباديءَ جو شڪار بڻيا. ٻي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ جي سنڌي ذهن پنهجي ان تاريخي تسلسل کان ڇنل آهي، تنهنڪري هو ماضيءَ جي تاريخ جي عمارت جو پوري اڏاوت ذهن ۾ سهيڙي اُن کي وڊيو ڊاڪيو مينٽ وانگر نه ٿو سمجهي. هڪڙو سبب هي به آهي ته اڄ به کيس پنهنجي ماضيءَ سان جُڙڻ نه ٿو ڏنو وڃي. اڄ جي نصاب ۾ سنڌ جي تاريخ کي ڪا اهميت مليل ناهي، ۽ جيڪڏهن ڪا چڱي وٿ لڀي پئي ٿي، ته ان کي سنڌ کان کسي ڪا ٻي سڃاڻپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. شاهه سائين خود ان ئي صورتحال ۾ رهيو، جهنن ڪري کيس تمثيلي واٽ وٺڻي پئي. پر پوءِ به هن لاکي جي حفاظت جنهن ذهانت، سونهن ۽ طاقت سان ڪئي آهي اُن منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي پاڻ کي مستقبل ڏانهن ذميوار سمجهڻ جو بار کنيو ۽ نباهيو. اهو بهرحال اسانجي سائين جو پنهنجو طريقو آهي. هو داستانن ۽ قصن جي نازڪ موڙن کان جهلي اُتان ئي مٿن ڪم ڪري ٿو. تاريخ جا نازڪ موڙ ئي اهن جيڪي تاريخ ج مغز ٿين ٿا ۽ مغز کي مستقبل جي امانت سمجهي اڳتي وڌائڻ جو مانائاتو ڪم ڀٽائي ڪاميابيءَ سان ڪيو آه.ي

 ڏهر، سنڌ جي تاريخ جو المياتي، رومانوي، جنگي ۽ وطن پرستيءَ جو آئينو آهي، جنهن ۾ سجاڳيءَ جي پهرئين ڇرڪ سان ئي سنڌ پاڻ کي ڏسڻ شروع ڪيو آهي.

 

سُر ڏهر ۾ سنڌ جا علائقا،

وهڪرا، ۽ ماڳ مڪان

پريتم پياسي

سر ڏهر ۾ جسوڌڻ مهڙائي، لاکي ڦلاڻي ۽ پنري بڊاماڻي جهڙن تاريخي شخصيتن جو ذڪر اچي ٿو، جنهن مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هِن سُر ۾ جن ماڳن مڪانن وهڪرن جو ذڪر اچي ٿو، اِهي انهيءَ دؤر ۾ آباد ۽ وسندڙ هئا، جن جو خاڪو هيٺين طرح آهي.

علائقا

پائر:

پائر، ٿرپارڪر ضلعي جي ٿر واري ايراضي جو ڏاکڻون حصو آهي، جنهن ۾ مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جا ڏاکڻا حصا اچي وڃن ٿا، جيڪو قديم دؤر ۾ خوشحال ۽ نهايت آباد علائقو هو، جهنگلي جانورن مان خاص ڪري هرڻ هن علائقي ۾ تمام گهڻا هوندا هئا، جن کي ڦاسائڻ لاءِ شڪاري ڀر وارن علائقن ۾ ڪوڙڪيون منڊي اچي وهندا هئا، ته جيئن پائر پٽ جا جانور پاڻي پيئڻ لاءِ اتي پهچن ته ڦاسي پون ۽ اُهي شڪاري ايتري قدر گهڻا هرڻ ڦاسائيندا هئا، جو انهن جو گوشت شهرن ۾ وڃي وڪڻندا هئا. جيڪي جانور پائر جي علائقي کان پري نه ٿيندا هئا، اُهي بچيل رهندا هئا. شاهه صاحب ريجاڻي علائقي ڏانهن ويندڙ جانورن کي هوشيار ٿو ڪري ته خبردار اڳتي نه وڃو متان ماري جي منڊن ۾ ڦاسي پئو! فرمائي ٿو ته:

رويو ريجاڻي چرين، ڇڏيو پائر وٽ،

ڪه ڪيناري چاڙهئيون، هرڻ وڪڻي هٽ،

ٿو سِر مٿان ڏي سٽ، ماري ڏيهاڙي ڪري.

وٽ:

ڪڇ جي رڻ سان لاڳيتو مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن واري ايراضي کي وٽ چئبو آهي. جنهن جي اِها خاصيت آهي ته ان ايراضي ۾ فٽ ڏيڍ جي کڏ کڻبي ته پاڻي سان سمي ڀرجي ويندي ۽ اُهو پاڻي مٺو هوندو. انهي علائقي جا مالدار ڌنار توڙي ٻڪرار ڏينهن جو اُڃ لڳڻ وقت ٿورو کڏو کوٽي ڇڏيندا آهن. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو کڏو پاڻي سان ڀرجي ويندو ۽ ان مٿان سمهي پاڻي پيئدا آهن. وٽ کي شاهه صاحب نه رڳو سر ڏهر ۾ ڳايو آهي، پر ٻين سُرن ۾ به ڳايو اٿس.

وٽ جا ماڻهو مالدار هوندا هئا، جن جو گذر سفر ڌڻ ڌارڻ ۽ مال چارڻ هوندو هو. جڏهن وٽ واري ايراضي ۾ ڪِن سببن ڪري اچي سخت ڏڪار پيو، تنهنڪري مالدار ويچارا مجبور ٿي پنهنجو مال ڪاهي ننگرپارڪر تعلقي جي ڇوٽاڻ واري ايراضي ڏانهن هليا ويا ۽ اصلوڪا يعني وٽ وارا وٿاڻ ۽ جهوڪون خالي ٿي ويون. جڏهن اهو منظر لطيف سائين جي اکين اڳيان اچي ٿو، تڏهن بي اختيار ٿي فرمائي ٿو ته:

جهڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾،

آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

چوٽاڻو:

ننگرپاڪر تعلقي جي ڪارونجهر کان اولهه طرف واري ايراضي ۽ اتر اولهه واري ايراضي کي قديم دؤر ۾ چوٽاڻو چيو ويندو هو ۽ هي علائقو نهايت سهڻو وڻندڙ ۽ آباد هوندو هو. هن کي چوٽاڻ پڻ چوندا هئا. هن سان مٺي تعلقي جي ڪجهه ايراضي پڻ شامل هئي. شاهه سائين سُر ڏهر ۾ مالدارن کي چتاءُ ڏنو آهي ته چوٽاڻ علائقي ۾ مال چاريو ٿا ۽ غافل ٿيو ويٺا آهيو، ائين نه ڪريو، ڇو ته هينئر لاکو ڦلاڻي لوڙائو بڻجي نڪتو آهي ۽ هو ڪنهن به وقت اوهان تي به حملو ڪري سگهي ٿو. کين هوشيار ڪندي فرمائي ٿو ته:

چارئين چوٽاڻو، وڳ وهارين ويسرا،

لاکي لوڙائن ۾، پهريو پهراڻو،

سٻر سٽاڻو، وڳ ورائي واٽ ٿيو.

انهي علائقي سان مشهور ڏاتار سپڙ چوٽاڻي ۽ ڄام انڙ وير جو پڻ واسطو رهيو آهي.

پڊاماڻي بَٺ:

اٽڪل نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي ۾ ٿرپارڪر جي ڏيپلي تعلقي ۽ ڊگهڙي تعلقي جي ڏاکڻي اڌ ۽ بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي تعلقي جي چنا قوم جي بڊاماڻي پاڙي وارن جو راڄ رهندڙ هو. جڏهن اُهو راڄ ڪن سببن جي ڪري اتان ٻئي پاسي هليو ويو ۽ مٿان جلدئي پاڻ جي اڻاٺ سبب اُهو علائقو ويران ٿي ويو ۽ ان کي عام طرح ماڻهو بڊاماڻي بُٺ سڏڻ لڳا يعني بڊاماڻي ويرانو. اِهو علائقو قديم دؤر ۾ پاڻي جو وڏو ذخيرو رکندڙ هو، جنهن جي ڪري انهيءَ علائقي ۾ ڪيئي پرديسي پکي ۽ جانور اچي ويهندا هئا. جن کي بڊاماڻين جي رواج موجب ڪوبه ستائيندو ڪونه هو. پر جڏهن اتان بڊاماڻين جي راڄ جو خامتو ٿي ويو تڏهن پارڪر ۽ ڪڇ جي جابلو علائقن جا شڪاري ۽ ماري بڊاماڻين جي رواج خلاف اتي اچي، پرديسي پکين ۽ جانور کي ڦاسائيندا ۽ شڪار ڪندا هئا. شاهه صاحب انهيءَ حالت ڏانهن اشارو ڪندي پرديسي پکين، خاص طرح ڪونجن کي اشارو ڏنو آهي ته:

چيتا ڪيو چڻيج، پڊاماڻي بُٺ ۾،

نئين ننڊ ۾ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

ٻلهيار:

تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ واري ايراضي ڪڇ جي رڻ تائين ٻلهار جي نالي سان سڏبي هئي، جنهن ۾ هن وقت ٻلهياري نالي شهر جا کنڊر اهو ٻڌائين ٿا ته ڪڏهن هي خطو به گهڻو آباد ۽ خوشحال هو. ڍورا ۽ ٻين وهڪرن جون ڪتريون ئي شاخون هن علائقي ۾ ڊيلٽا جي شڪل ٺاهي بيٺيون هيون، جيڪي سڀئي شاخون هِن وقت لوڻ جا سن بڻجي ويون آهن جن ۾ پاڪستان جو لوڻ جو وڏو سن سارڻ به شامل آهي، هن ايراضي ۾ ڪڇ جي رڻ جي ڪناري سان، رحمڪي بازار وڳهه ڪوٽ ڪانجي ڪوٽ، ڏهر ۽ ٻيا ڪيترائي شهر آباد هئا، جن جا هِن وقت صرف کنڊر ملن ٿا.

ٻلهيار نالي پٽ کي شاهه سائين هِن طرح پنهنجي ڪلام ۾ زنده ڪري ڇڏيو آهي ته:

جڏهن ڍاڳي، ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾،

تڏهن تازئين طور، هئي جسوڌڻ سين.

وهڪرا

پَراڻ:

پراڻ سنڌ جو مشهور وهڪرو هو، جيڪو سنڌو درياءَ مان تعلقي سڪرنڊ واري ايراضي مان نڪرندو هو. جنهن جا اهڃاڻ انهيءَ ايراضي ۾ به آهن ته ٿرپارڪر واري ايراضي ۾ به ملن ٿا، جيڪي ٽنڊي جان محمد ۽ جهڏي شهر جي ويجهو بلڪل واضح آهن. پراڻ جو اهو وهڪرو قديم دؤر ۾ سنڌ جي حد کان نڪري ڪڇ جي رڻ کي ڪٽيندو لکپت تائين پهچندو هو. جيڪو پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي ايراضي ۾ لٽائي ڇڏيو ۽ لکپت جو علائقو ويران ٿي ويو. شاهه صاحب پراڻ سان مخاطب ٿيندي کانئس پڇيو آهي ته:

جهوني تون پراڻ _ جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

توڪي ڏٺا هاڻ لاکي جهڙا پيهڙا.

مٿين بيت ۾ پراڻ سان گڏ لاکي جو به ذڪر اچي ٿو، جنهن مان شاعر پراڻ کان پڇي ٿو ته تنهنجي هيڏي وڏي عمر آهي تو ڪو لاکي جهڙو ڏٺو؟ اِهو ان ڪري جو لاکو ڦلاڻي مهر راڻي سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪڇ مان ڄڃ وٺي، پراڻ جي آمري واري گهيڙ تان لنگهيو هو، جيڪو گهيڙ ٽنڊي جان محمد شهر جو بلڪل قريب آهي.

چون ٿا ته جڏهن لاکو ڦلاڻي آمري جي گهيڙ وٽان لنگهيو هو ته ان جو سمورو ڏاج پسي پيو هو، ۽ هُن جي ماڻهن اُها پراڻ جي وڻن تي سڪائي ڇڏيو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن روانگي جو وقت ٿيو، تڏهن لاکي جا ماڻهو وڻن تان اهي سڪايل ڪپڙا لاهڻ لڳا تڏهن لاکي کين منع ڪئي ته اوڍايل ڪپڙا يعني اوڍاڻيون واپس ڪونه ٿينديون آهن. هي اسان جي پراڻ جي وڻن کي اوڍاڻي آهي. ان بعد ڏيج جونئون ڪپڙو وٺي روانو ٿيا. انهي گهيڙ جي ويجهو تمام وڏو قبرستان آهي، جنهن کي آمري جو قبرستان ڪوٺيندا آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون قبرون مؤجود آهن.

ميان شاهه عنايت رضوي هڪڙي وائي ۾ آمري جي انهي قبرستان کي خوب ڳايو آهي. ان وائي جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.

سمن صالحن، توڙان طالبن.

اصل آهي آمري.

زاهد، اولياءِ، انبياءُ اڳي اُت اچن.

اصل آهي آمري.

هلئو سڪ حبيب، جي ٿا پراڻ پسن،

اصل آهي آمري.

سئين سروري آئيا، ملتاني مرڪن،

اصل آهي آمري.

ڍور:

اسان وٽ سنڌي زبان ۾ هر شيءِ جي لاءِ مختلف نالا هوندا آهن. اسان وٽ ڦٽل دريا کي ڍورو چوندا آهن، پر درياءَ جي ڦٽل ننڍي شاخ کي وري ڍوري ڪوٺين اهڙي طرح درياءَ جي وڏي ڦٽل وهڪري کي ڍورو ڪوٺين. قديم دؤر ۾ ڏيپلي تعلقي جي ايراضي مان ڪڇ ڏانهن وهندڙ هڪ اهڙو وهڪرو هو، جيڪو اصل ۾ ڪو وڏو واهڙ هو، جيڪو سنڌ مان اڳتي وڌي ڪڇ جي ڪافي ايراضي تائين پهچندو هو، جنهن کي ڍوري سڏيندا هئا. شاهه سائين هن سُر ۾ ڍوري کي ڪافي بيتن ۾ آندو آهي. جيڪي سڀئي بيت اِهو ٻڌائين ٿا ته انهي زماني ۾ يعني جسوڌڻ جي دؤر ۾ ڍور جو اُهو مضبوط وهڪرو سڪي ٻيلاٽيون ٿي ويو هو ۽ ان تي رهندڙ ملاح ۽ مهاڻا ٻئي پاسي هليا ويا هئا، جن کي شاهه سائين هِن طرح ياد ڪيو آهي ته:

ڍور نه اڳئين ڍار، مهن ملاحن لکيو،

موڙي چڙهيا مڪڙا، پسي پاڻي پار،

جسڌڻ جهڙا يار ـــ پيا وير وماس ۾.

هاڪڙو اڀرندو:

سڀني جاگرافي دانن ۽ تاريخ نويسن اڀرندي هاڪڙي جو تذڪرو ڪيو آهي، جنهن کي واهنِ يا وهندو درياءُ ۾ ڪوٺيو اٿن، جيڪو هماليه مان شيوا لڪ وٽان نڪري سنڌو نديءَ کان جُدا وهندو. آخر ۾ پارينگر جي شهر وٽ سامونڊي کاري ۾ اچي ڇوڙ ڪندو هو. زلزلن ۽ طوفانن جي ڪري ان جو پيٽ بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿرپارڪر واري ايراضي ۾ گهڻي ڀاڱي گم ٿي ويو آهي. ان هوندي به ڪٿي ڪٿي ان جي پيٽ جا نشان ملن ٿا. ننگرپارڪر جي ويراواءِ شهر جي ويجهو ان جو پيٽ ڪجهه قدر سلامت آهي. جنهن کي هنيئر سانگهه جو تلاءِ ڪوٺيندا آهن، جيڪو جسوڌڻ مهڙاڻي جي وقت به ڍنڍ جي شڪل ۾ هو، ۽ جڏهن اتر کان وهندڙ وهڪرن جو پاڻي  ٽٽي ويو، تڏهن ٻين وهڪرن جي ڪري پنهنجي وقت جي حاڪم جسوڌڻ مهڙاڻي کان اجازت وٺي پورهئي خاطر ٻين علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا، جنهن جي نشاندهي شاهه سائين جي هِن بيت مان به ٿئي ٿي:

ڪنڌيين اڪ ڦلاريا- سانگه سڪو ساه،

مهڙائي وٽان رويو راڄ رضا گهري.

سانگه جي تلاءَ ۽ پارينگر شهر سان ڪيتريون لوڪ ڪهاڻيون وابسته آهن۔ جن ۾ پونم راءِ ۽ ليلا ۽ سڏيونت ۽ سارنگا سڀني کان مشهور آهن. هڪ وهڪري جي ويجهو پارينگر جي ويراني جا نشان آهن.

ڍاڳي:

جنهن دؤر ۾ ڍور جو مشهور وهڪرو ٻلهيار واري ايراضي ۾ اچي ڇوڙ ڪندو هو، تنهن دؤر ۾ ڍاڳي نالي واهڙ پڻ انهيءَ خطي ۾ اچي ختم ٿي ويندو هو. اِهي وهڪرا جڏهن باقائدي وهندڙ هئا، تڏهن جسوڌڻ مهڙاڻي وٽ تازئين گهوڙين جا ڪيئي طنبيلا مؤجود هئا، جن بابت شاهه صاحب کان پڻ اهڙي ثابتي ملي ٿي ته:

جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾،

تڏهن تازئين طور ــ هئي جسوڌڻ سين.

پٽيهل:

پٽيهل درياءُ بدين ضلعي ۾ وهندڙ هو. مٿس ڪيترائي شهر آباد هئا، جن جا کنڊر اڄ به موجود آهن، جن مان اڳڙي، جکرا، اوڍ، ڪنڍر، راهوڪي، مرزانپور، آسيلي، محبوب شاهه، بخاري شريف ۽ احمد راڄو مشهور آهن. اڀرندو هاڪڙو الهندو هاڪڙو ۽ ڍور وغيره بلڪ سُڪ ٻيلاٽيون ٿي ويا تڏهن پٽيهل ۾ به پاڻي هٽي ويو هو. اهو ضرور هو ته پٽيهل ان وقت وهي رهيو هو، پر منجهس پاڻي وارو اصل زور ڪونه هو. انهيءَ حقيقت لاءِ شاهه سائين هيٺين طرح شاهدي ڏني آهي ته:

سُڪي ڍور ڍيون ٿي، ڪنڌي ڏنو ڪائو،

پاڻيءَ پٽيهل ۾، اڳيون نه آئو،

ماڻهن ميڙائو ــ ڪني ڪني ڀيڻين.

شاهه سائين جڏهن لاڙ جو سير ڪندي پٽيهل تي پهتو ۽ پٽيهل ۾ پاڻي گهٽ ڏٺائين، تڏهن پٽيهل کان پڇيائين ته:

پٽيهل تو ۾ پور ــــ اڳيون نه آب جو،

سُڪين ڪهڙي سور ـــ پيئي واري وچ ۾.

۽ وري پٽيهل جي پاران پاڻ ئي جواب ڏنائين ته:

پٽيهل چئي پرين کي، ساري آئون سڪو،

اٿم اولاڪو، جسوڌڻ جو جان ۾.

پٽيهل جو وهڪرو لاڙ جي پاکڻ واري حصي ۾ پٽي بادشاهه جي آباد ڪيل شهر پٽِجي ۾ پهچندو هو، جنهن تان مٿس پٽيهل نالو پئجي ويو ۽ اڃا تائين انهي نالي سان پيو سڏجي.

لوڻي:

شاهه صاحب جو مشهور بيت آهي ته:

لوڻو لوڻيءِ آئيو هر هنڌ پيئي هاڪ،

ٻائر ڪنان پڇڙي ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عراق ـــ گڏيا ته گئون ٿيا.

اهو بيت اختلافي پڙهڻي رکي ٿو. هن جي لفظ لوڻيءَ کي ڪن مرتبن لوڻو ۽ ڪِن لوڻيو لکيو آهي. جيڪڏهن اسين مرزا قليچ بيت جي لکت موجب لوڻي کي وٺنداسون ته اها لوڻي ندي ٿيندي. جيڪا قديم دؤر ۾ مٿان کان وهندي پارڪر جي علائقي ۾ ڪڇ جي رڻ واري علائقي ۾ اچي ڇوڙ ڪندي هئي، ۽ هِن وقت سندس وهڪرو ٿورو اڀرندي هٽي ويو آهي، پر جيڪڏهن اسين هن لفظ کي لوڻيو قبول ڪنداسون ته مٺي تعلقي ۾ انهي نالي سان سمن جو مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ واري رستي تي اچي ٿو، جيڪو نهايت سهڻو علائقو آهي ۽ اُهو پائر جي خطي ۾ شامل آهي، ۽ سندس اوڀر ۾ پارڪر جا ڏونگر اچن ٿا. ۽ شاهه صاحب پڻ انهي بيت ۾ لوڻيي سان گڏ پائر ۽ ڏونگر جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. منهنجي خيال موجب لوڻيءِ ندي جي مقابلي ۾ لوڻيو ڳوٺ صحيح ٿيندو، جنهن سان پائر جو واسطو آهي ته ڏونگر جو پڻ ويجهڙائي آهي.

پنري جا پڊ:

پنرو بڊاماڻي پنهنجي دؤر جو مشهور سورهيه سردار هو، هو نه رڳو پنهنجي علائقي جي رکوالي ڪندو هو، پر آسپاس وارن ماڻهن جي پڻ مدد ڪندو هو. هن دؤر ۾ ڪڇ جي ٻنهي طرفن ڪِن ملڪ دشمن ماڻهن اتي جي رهاڪن کي اچي تنگ ڪيو، تڏهن اُهي پنري کي پڪاري چوڻ لڳا ته پنرا بڊاماڻي، تنهنجي اسان کي اڄ ضرورت پئي آهي. سندس انهن پڪارن کي شاهه سائين هِن طرح ڳايو آهي ته:

اڄ گهرجين يار ـــ بڊاماڻي پنرا،

ڪاڇي ٻئي پار ـــ اچي ويرين ويڙهيا.

 

اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پنرا،

مٿان اچي مون ـــ ويرين واٽون لائيون

 

اڄ گهرجين هِت بڊاماڻي پنرا،

مٿان ڀڳيءَ ڀت ـــ ويرين واٽون لائيو.

جڏهن اهي پنري پڪارون ٻڌيون، تڏهن مدد لاءِ ڪاهي آيو ۽ انهن علائقن ۾ پنهنجن ويرين کي ورائي ڪڍيو. پنرو بڊام جي علائقي جو رهاڪو هو ۽ ٻرڙائي ڪوٽ سندس رهائش گاهه هئي، جنهن جا آثار هِن وقت به جهڏي شهر کان ٽي ميل کن اتر طرف پراڻ دريا جي اڀرندي پاسي موجود آهن. پنري بڊام جي اولاد مان ڪئي سورهيه سردار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس پٽ وڪيو وريام ۽ پڙ پوٽو ڦل وڌيو مشهور آهن جن کي سنڌ جي شاعرن تمام گهڻو ڳايو آهي. جڏهن لاکي ڦلاڻي پنري جي دؤر کان ٿورو پوءِ بڊام واري ايراضي ۽ آسپاس واري پٽن ۾ مالدارن جا اچي ڌڻ ڪاهيا ۽ وڳ هنيا تڏهن ڪنهن شاعر هينئن به چئي ڇڏيو ته:

پنرو ويو پراڻ مان، ويو وڪيو وريام،

ڀيڻي ناهه بڊام ـــ تڏهن لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com