ڪائونٽ ولير ڊي لائيزل آڊم (فرانس)
آس جو عذاب
ڏينهن ختم ٿيڻ تي هو. ان وقت سئگووين قبيلي جو ڇهون سردار ۽
جيلن جو اعليٰ افيسر، معزز ”پيڊرو آڊلوئزڊي-
اسپيلا“ سارا گوسان جي سرڪاري شرابخاني مان ٻاهر
پئي آيو. هن جي اڳيان ٻه جيل جا نگهبان بتيون کڻي
پئي هليا ۽ پويان ملڪ جو وڏو جلاد هلي رهيو هو. هو
زير زمين قيدخاني ڏانهن وڃي رهيا هئا.
ڪاٺ جي هڪ ڳري دروازي جو ڪُلف کليو، ۽ هو سڀ هڪ اوداهي ۽ دم
گُٽيندڙ ڪمري ۾ داخل ٿيا. ڪمري جي جهڪي سوجهري ۾،
رت ۾ ڪارو ٿيل هڪ هنٽر، هڪ ڪُل ۽ پٿر جو جڳ نظر
اچي رهيا هئا. ڀت جي ويجهو پيل پلال تي هڪ شخص
ويٺو هو، جنهن جي عمر جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو هو. هن جي
ڪنڌ ۾ هڪ لوهي ڪڙيل پيل هئي. جنهن جي زنجير سان هو
ڀت ۾ ٻڌو پيو هو. هن جو لباس ڇيهون ڇيهون ٿيل هو،
۽ من هن هيڊو ۽ ڀوائتو ٿي چڪو هوس.
اهو قيدي ڪو ٻيو نه هو. پر آراگان جو هڪ يهودي ’رابي آسرا
بربانيل‘ هو، جيڪو وياج خويرءَ ۾ غريبن تي ظلم ڪرڻ
جي ڏوهه ۾ سال کن کان جيل ۾ هو، ۽ روز ايذاءَ
سهندو هو. سندس هوڏ، سندس کل کان به سخت هئي، ان
ڪري هن پنهنجي ايمان ڇڏڻ کان به انڪار پئي ڪيو.
هن کي پنهنجي برادريءَ تي فخر هو، ۽ ذات تي وڏائي، ۽ هر مشهور ۾
مشهور يهودي به هن جي ان مرتبي تي حاسد هو. هو
’تلمود چوائي هو، اوئينل‘ ۽ ’اپيسيو‘ جي نسل مان
هو. اپيسيو، بني اسرئيل جي آخري جج جي زال هئي،
انهن حالتن هن کي همٿ پئي ٻڌرائي ۽ هو لڳاتار
پيڙائن ۽ ايذائن جو مقابلو ڪري رهيو هو.
اهوئي سبب هو جو اهڙي هستيءَ کي پيڙائن ۾ ڏسي، معزز پيڊرو
آربوئز، ڏڪندڙ رابيءَ جي ويجهو ايندي، اکين ۾
ڳوڙها آڻيندي چيو: ”منهنجا ٻچا! خوش ٿيءُ! تنهنجي
آزمائش هاڻي ٿيڻ تي آهي. آءٌ ڪيتري وقت کان توتي
پنهنجي ٻانهن جي طاقت صرف ڪري رهيو آهيان، پر
منهنجي انهيءَ زور ازمائي4 جو انت به اچي وپيو
آهي. تون انجير جو هڪ سڪل وڻ آهين، جو جڏهن ڦل نه
ڏيندو آهي ته پاڙؤن پٽجي ويندو آحي. سو، هاڻي ته
خدائي توتي رحنمت ڪندو، شايد اها هستي آخري گهڙين
۾ توتي مهربان ٿئي، ان ڪري تون اميد نه لاهج،
تنهنجو معاملو ڪو انوکو نه آهي. اهڙا مثال اڳ به
ٿي چڪا آهن. ان ڪري، اي منهنجا ٻچا، اڄ رات تون
ڀلي آرام سان ند ڪر. سڀاڻي آخري رسم پوري ڪئي
ويندي. يعني توکي آخسري آزمائش مان لنگهڻو پوندو.
اها لافاني باهه جي ڄِڀي ڄاڻ آئي، توکي ان جو ئي
ٻل ٿيڻو پوندو. منهنجا ٻچا، توکي خبر آهي، ته ان
جي تپش پري کان ئي ساڙيندي آهي، ۽ ماڻهوءَ کي
مرندي مرندي ٻه يا ٽي ڪلاڪ به لڳي ويندا آهن. ڇو
جو اسين اهڙي ٻليدان جو مٿو ۽ ڇاتي ٿڌن ۽ آلن ڪپڙن
سان ويڙهيندا آهيون. سڀاڻي اوهين ڪل ٽيتاليهه ڄڻا
قربان ڪيا ويندا. اهو به توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته
سڀ کان آخر ۾ تنهنجو وارو ايندو. ان ڪري تو.ي خدا
جي حضور ۾ نمڻ ۽ مقدس باهه جي روح جي پوڄا ڪرڻ
لاءِ گهڻُ وقت ملي سگهندو. تون ازلي نور ۾ پنهنجو
ويساهه آڻ، ۽ آرام جي ننڊ ڪري وٺ.
پنهنجي گفتگو پوري رڪڻ بعد، معزز آربوئز، جنهن قيديءَ جي بندن
خلافص ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، مظلوم قيديءَ کي پيار ۽
سڪ وچان ڳلي لڳايو. ان بعد جلاد جو وارو آيو، جنهن
يهوديءَ کي التجا ڪئي ته هو کيس سندس هٿان پهتل
ايزائن ۽ پيڙائن جي معافي ڏئي. آخر ۾ جيل جي
نگهبانن جو وارو آيو، جن به سندس پيشانيءَ تي
چميون ڏيئي کانئس موڪلايو.
ان بعد، بدنصيب قيدي، بدنيخاني ۾ خاموش، مغموم ۽ اڪيلو رهجي
ويو، هن جي زبان خشڪ ٿي ويئي هئي، ۽ چهرو ٿڪ ۽
پيڙائن سبب ڪومائجي ويو هوس. سڀني جي وڃڻ بعد هو
بند دروازي ڏانهن تڪيندو رهيو. پهريائين ته هو ڪجه
غير سنجيدو هو، پر پوءِ يڪايڪ هن جي اندر ۾ خيالن
۽ ويچارن جو تيز وهڪرو پيدا ٿي ويو. هو ڪيتري وقت
کان در جي طاق ۽ چوکٽ جي وچ واريءَ وٿيءَ مان
ايندڙ روشنيءَ جي تِرون جو مطالعو ڪري رهيو هو. هن
جي ڪمزور دماغ ۾ هڪ آس پيدا ٿي هئي، جنهن هن جي
سڄي وود کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. هو رڙهي دروازي
ڏانهن ويو، ۽ هوريان هوريان، خبرداريءَ سان
پنهنجون آڱيرون وٿيءَ ۾ وجهي، طاق کي پاڻ ڏانهن
ڇڪڻ لڳو. اتافق سان دروازي بند ڪندڙ نگهبان،
دروازي جي پوريءَ طرح ڀِچڻ کان اڳ ئي، طاق اندر
ٺهيل ڪلف ۾ ڪنجي گهمائي هئي، جنهن ڪري ڪلف جي نوڪ،
چوکٽ واري سوراخ ۾ پئجي نه سگهي هئي، ۽ دروازو
ڪمري ۾ اندرئين طرف کلي پيو.
رابيءَ دل هلي ٻآهر ليئو پاتو.
پهريائين هن جهڪي اوندهه محسوس ڪئي، پوءِ سندس نظر هڪ زمين دوز،
اڌ گول سرنگهه تي پيئي، جنهن کي ڏاڪا به هئا. انهن
ڏاڪن جي پڇاڙيءَ کان شايد هڪ اونداهو دالان هو،
جنهن جا ڪي ويجاه ٿنڀا چِٽا پئي نظر آيا.
ڀت سان ريڙهيون پائيندو، ڏاڪا چڙهي، هو مٿينءَ چانئٺ وٽ پهتو.
اهو برابر هڪ دالان نما ورانڊو هو، پر تمام ڊگهو،
۽ تمام جهڪو سوجهرو جهڙو صفن ۾ هوندو آهي، ان
دالان ۾ هو. ڇت ۾ ٽنگيل بتيون دالان ۾ ڪٿي ڪٿي
هلڪا هيڊا نيرا چٽا ڍاهي رهيون هيون، پڇاڙيءَ ۾ ته
اهي به اوندهه سان ملي اوندهه ٿي پئي ويون. سڄي
ورانڊي ۾ ڪو به لنگهه وغيره ڪونه هو، ڀت جي هڪ طرف
کٻي پاسي، شخن سان بند ٿيل روشندان هئا، جن مان
هلڪي هلڪي روشني اندر پئي آئي.اها روشني شايد
سانجهيءَ جي سج جي هئي، ڇو جو ڪٿي ڪٿي پٿرن واري
فرش تي ڳاڙها ڪرڻا به نظر پئي آيا. دالان ۾ ڪيڏي
نه ڀيانڪ خاموشي هئي!....شايد انهن اونداهن جي
گَهرائين ۾ ئي، ڇوٽڪاري جو ڪو رستو هجي! يهودي آس
نه لاٿي، سندس انهن آخري اميدن جي مرڻ محال هو.
وڌيڪ وقت وڃائڻ واجب نه ڄاني، جوکو سر تي کڻي، هو
پٿر جي ڀت سان لڳي اڳتي وڌڻ لڳو. روشندانن ۽ بتين
جي حقلن کان پاسو ڪندو، هو هوريان هوريان اڳتي وڌي
رهيو هو. کيس پنهنجن تازن زخمن جي ايذاءَ ۽ تڪليف
جي به پرواهه ڪانه پئي ٿي.
اوچتو ئي، پٿرن جي رستي تي، ڪنهن جي قدمن جي آهٽ جو پڙاڏو ٿيو.
هن کي خوف وڪوڙي ويو، ۽ هو بت بڻجي بيهي رهيو.
تنهن جي معنيٰ ته سندس انت به ائين ئي ٿيڻو هو! هن
۾ چرڻ پرڻ جي سگهه به نه رهي، ۽ بنهه بيجان بنجي
ويو. هن جو اڌ سهه ته ڀؤ سڪائي ڇڏيو هو. اهو جيل
جو هڪ نگهبان هو، جو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. هن جي
هٿ ۾ لوهي چَنبو هو، جنهن سان قيدين جو ماس پٽيو
ويندو هو. هو هن وٽان تکو تکو لنگهي، اڳتي وڃي گم
ٿي ويو. ڀؤ ۽ ڏهڪاءَ رابيءَ کي بلڪل بيجان ڪري
ڇڏيو هو. هن لاءِ چُرڻ به محال هو. ڪلاڪ کن جي
ذهني ڇڪتاڻ کان پوءِ، هن ۾ اڳتي وڌڻ جي سگهه ٿي.
ان ڀؤ، ته پڪڙجڻ تي کيس وڌيڪ تڪليفون ۽ ايذاءَ
پهچايا ويندا، کيس هڪ دفعو اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو
ته هو موٽي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي. پر آئيندي جي اميد
وري هن جي ڪن ۾ ڀڻڪي، هن کي اڳتي وڌڻ جي سگهه ٿي.
ان ڀؤ، ته پڪڙجڻ تي کيس وڌيڪ تڪليفون ۽ ايذاءَ
پهچايا ويندا، کيس هڪ دفعو اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو
ته هو موٽي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي. پر آئيندي جي اميد
وري هن جي ڪن ۾ ڀڻڪي، هن کي اڳتي وڌڻ لاءِ اُڀاري
رهي هئي! خدا ڪيئن نه مصيبت جي وقت به سندس مدد
ڪئي هئي. در جو کليو رهجي وڃڻ هڪ معجزو ئي ته هو!
ان جي رحمت مان اميد لاهڻ اجائي ڳالهه هئي. بک ۾
پاهه ٿيل ۽ پيڙائن ۾ پيڙهيل، مظلوم قيدي، آزاديءَ
واري ممڪن رستي ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. خاموش دالان
اڃا به وڌيڪ
ڊگهو پئي ٿيندو ويو، پر هو بنا هَٻڪ جي دالان جي
آخر تاِن نهاريندو پئي ويو، جتان کيس آزادي ملڻ جي
اميد هئي. اُف! وري ڪنهن جي قدمن جو آواز ٿيو. پر
هن ڀيري پير آهستي ۽ کڙڪي سان پئي کنيا. هن کان
ڪجهه پڀرو، ٻه نگهبان بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ظاهر
ٿيا. سندن مٿن تي فولاد جا ڊگها خول پيل هئا. هو
پاڻ ۾، هوريان هوريان ڳالهيون ڪندا پئي آيا، سندن
هٿن جي آسرن مان ائين پئي معلوم ٿيو ته ڪنهن بحث ۾
رڌل هئا. هنن کي ڏسي، رابي آسرا ابربانيل پنهنجون
اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سندس دل جي ڌڪ- ڌڪ تڪڙي ٿيندي
ويئي،۽ اکين اڳيان موت وڌندو نظر آيس. سندس ليڙون
ليڙون ٿيل چوغو پگهر ۾ سل ٿي ويو. چپ چاپ بُت
بڻجي، ڀت جي ڪنڊ ۾، بتيءَ جي روشنيءَ هيٺان بيهي
رهيو، ۽ حضرت دائدو جي خد اکي سارڻ لڳو. هن جي
اڳيان لنگهدني، نگهبان به بتيءَ جي روشنيءَ هيٺان
بيهي رهيا. اهو رڳو هڪ اتفاق هو. انهن مان هڪ، ٻئي
جي ڳالهه ٻڌندي، پنهنجي نظر رابيءَ ڏانهن ڦيرائي.
هن جون اهي نظرون جن جو رابيءَ کي پهريائين احساس
ڪونه ٿيو هو، هن جي ماس ۾ ٿڌي جنبور وانگر
پيهنديون پئي ويون. هن تي وري مصيبت اچڻي هئي، وري
کيس سور سهڻا هئا! هن تي غشيءَ جي حالت طاري ٿيندي
ويئي، ۽ ساهه به مشڪل سان پئي کڻي سگهيو. قدرتي
طور- نگهبان جون اکيون جيتوڻيڪ رابيءَ طرف کنيل
هيون. پر سندس سمورو ڌيان ٻئي نگهبان جي ڳالهين ۾
هو، ۽ هورابيءَ کي ڏسي نه پئي سگهيو.
هڪ- ٻه منٽ اتي بيهي، ٻيئي نگهبان وري ڳالهائيندا ڳالهائيندا
اڳتي وڌي ويا. اُن طرف، جان رابي آيو هو. هنن
رابيءَ کي نه ڏٺو هو. هو گهٻرائجي ويو هو. جهٽ
لاءِ سندس مفلوج ذهن ۾، هڪ خيال آيو شايد آءٌ مري
چڪو آهيان، جو ڪو به مون کي نٿو ڏسي سگهي! ڪنهن
غيبي ۽ مخفي قوت هڪ دفعو وري هن کي ڇرڪائي ڇڏيو.
پنهنجي منهن سامون ڀت تي نظر ڪندي. هن ڏٺو ته ڪي
ٻرندڙ اکيون کيس گهوري رهيون هيون! هن ڀؤ وچان
اکيون ٻوٽي، پنهنجو ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. هو سڄو ڏڪي
رهيو هو! پر نه! هن جو هٿ سامهون ڀت جي پٿرن تي
وڃي لڳو. هن جيڪي ڏٺو هو، سو نگهبان جي اکين جا
ترورا هئا، جي سنسد ماڻڪين تي اڃا تائين موجود
هئا. ڀت تي اولڙو ٿي کيس نظر اچي رهيا هئا. ’اڳتي
وڌا!‘ هن جي اندر آواز ڏنو. هن کي دلان جي ڇيڙي
ڏانهن وڌن گهرجي، جتان هن جي خيال موجب، آزاديءَ
جي راهه شڙوع ٿيڻ واري هئي. ڇوٽڪاري جو رستو ته
انهن تاريڪين مان ئي پئي نڪتو، ۽ انهيءَ رستي کان
هو مشڪل سان ٽيهارو کن وکون پري هو. هو گڏن ۽ پيٽ
ڀَر رڙهندو اڳتي وڌيو ۽ ستتئي دالان جي ڀوائتي ۽
اونداهي حصي ۾ اچي پهتو. اتي پهچي، پٿر جي فرش تي
مظلوم قيديءَ جي ڦهلي هٿ ٿڌاڻ محسوس ڪئي. اها
ٿڌيءَ هوا جي لهر هئي، جيڪا دالان جي ڇيڙي واري
دروازي جي وٿين مان اندر اچي رهي هئي. او خدا، ڪاش
هي دروازو کلي سگهي! مظلوم قيديءَ جو سڄو جود آس
جي گهيري ۾ گهيرجي ويو. هن اوندهه ۾ هٿوراڙيون
ڏيندي، در جي چانئٺ کان چوٽيءَ تائين چڪاس ڪئي. هن
محسوس ڪيو، ته در کي ڪوبه ڪلف ڏنل نه هو، ڪو به
ڪُنڍو ڪونه هو، ۽ رڳو هڪ تاڙي لڳل هئي. هو اٿي
بيٺو. سندس آڱريون تاڙيءَ کي هٽائڻ لڳيون، ۽
دروازو هوريان بنا آواز جي کلي پيو.”هل الجاح!“
رابيءَ ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ تي شڪراني جو ٿڌو ساهه
ڀريو. هن چانئٺ وٽ بيهي،ٻاهر نهاريو، تارن ڀري رات
۾، دروازو ٻاهر باغ طرف کلي پيو، جتي هن کي
آزاديءَ ۽ حياتيءَ جو چشمو ڦٽندو پئي نظر آيو! باغ
جي پٺيان ٻئي ملڪ جون سرحدون هيون، جتي پهاڙي
قطارن جي مٿان، رات جي نيراڻ مائل ڪاراڻ جو پٽو
چٽو پئي ڏسڻ ۾ آيو. ان طرف آزادي هئي....اوڏانهن
ڀڄي وڃ...! هو سڄي رات ميون جي وڻن هيٺان سفر ڪندو
رهيو اهي ميوا، جن جي خوشبوءِ سونگهندي هن کي عرصو
ٿي ويو هو.هڪ دفعو جبلن جي قطر تي پهچي، هو هميشه
لاءِ سلامت ۽ محفوظ ٿي ويندو. هن رحمت ۽ نعمت سان
ڀرپور هوا ۾ ڊگهو ساهه کنيو ۽ تازيءَ هوا رڳ رڳ ۾
نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. پاڻ کي آزاد محسوس ڪري، خدا
جي شڪراني بجا آڻڻ لاءِ، هن ٻيئي هٿ مٿي ڪري دعا
گهري. هن پنهنجن ٻان هن جي پاڇي کي پاڻ ڏانهن
ايندي محسوس ڪيو. هن ڏٺو ته اهي پاڇا کيس وڪوڙي
رهيا هئا...۽ پوءِ، هن پاڻ کي ڪنهن جي نرم ڀاڪر ۾
محسوس ڪيو. هڪ ڊگهو جسم سندس آڏو بيٺو هو. هن پاڻ
۾ ٿورو اعتماد آڻيندي، پنهنجون نگاهون ان اڏول جسم
ڏانهن ڪيون. هو دنگ رهجي ويو، ۽ سندس اوسان خطا ٿي
ويا، اکيون خوف ۾ ڦاٽي ويس، ۽ سڄو ڏڪڻ لڳو، هو قيد
خانن جي وڏي آفيسر جي ڀاڪر ۾ هو!
اڳيان بيٺل معزز پيڊرو آربوئز ڊي- اسپيلا، هن ڏانهن ڳوڙهن ڀريل
اکين سان نهاري رهيو هو. هن جي اکين ۾ خوشيءَ ۽
ڪاميابي4 جي چمڪ هئي. اهڙي، جا ڪنهن ڌنار جي اکين
۾ سندس وڃايل ڌڻ ڳولي لهڻ وقت ايندي آهي. معزز
پيڊرو هن کي ايترو ته زور سان ڀاڪر پاتو هو، جو
سندس ڏاس واري ڪُڙتي جا کهرا بُج، رابيءَ جي ڦاٽل
چوغي ۾ ڇڀي ويا هئا. جنهن ويل رابي آسرابرباني،
پيڊرو جي ڀاڪر ۾ اکيون ڳوڙهن سان ڀري، سوچي رهيو
هو، ته ان ڀوائتيءَ سانجهيءَ جو هر پهلو ۽ هر لحظو
هن لاءِ هڪ عذاب ثابت ٿيو هو، سو به آس جو عذاب،
تنهن ويل، وڏي آفيسر، نااميديءَ جي لهجي ۾، پنهنجي
اندر جا ٻرندڙ جذبا هن جي ڪنن ۾ اوتيا ”منهنجا
ٻچا! اڄ رات، جيڪا شايد تنهنجي ڇوٽڪاري جي رات
آهي، تون اسان کي ڇڏي ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ |