سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :21

ايڊورڊ لينسن

 

 

جادويءَ جو گهوڙو

پراڻي زماني ۾ ايران ولايت تي، هڪ زبردست بادشاهه وڏي جاههَ و جلال ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪندوهو. انهيءَ بادشاهه کي ٽي نياڻيون هيون، جن جي سُونهن تان چنڊ ۽ گلاب جا گل به گهُوري ڇڏجن. بادشاهه پنهنجي ملڪ ۾ هر سال ٻه جشن ڪرائيندو هو، هڪرو نڀو روز جو جشن ۽ ٻيو سرءُ جي مُند جو جشن. اهڙن موقعن تي بادشاهه جو دستور هوندو هو، ته پنهنجون سڀئي محلاتون کليل رکندو هو، انعام ورهائنيدو هو، سلامتيءَ ۽ اَمن جا اعلان ڪندو هو ۽ پنهنجي فوج جي عهديدارن ۽ عملدرن کي اضافا ڏيندو هو. ملڪ جا ماڻهو به اهڙن موقعن تي بادشاهه جي سلامي ڀريندا هئا، جشن جون مبارڪون ڏيندا هئا ۽ هن جي حضور ۾ تحفا ۽ سوکڙيون پيش ڪندا هئا. بادشاهه هڪ عالم ۽ فيلسوف هو ۽ اقليدس کي گهڻو پسند ڪندو هو. هڪ ڀيري اهڙي ئي موقعي تي، بادشاهه تخت تي ويٺو هو، ته ٽي سياڻا درٻار ۾ لنگهي آيا. انهن مان هڪ وٽ سونو مور هو، ٻئي وٽ پتل جي نَفيل (نَفير) هئي ۽ ٽيئن وٽ عاج ۽ آبنوس جو گهوڙو هو. بادشاهه اهي شيون ڏسي، هنن کان پڇيو ته: اِهي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ مور واري سياڻي ٻڌايو ته، ڏينهن ۽ رات جي هرهڪ ڪلاڪ کان پوءِ، مور پنهنجا پَر پکيڙندو ۽ ڪوڪون ڪندو. پتل جي نفيل واري داناءَ چيو، ته جيڪڏهن هيءَ نفيل شهر جي وڏي دروازي تي رکي ڇڏجي، ته اها شهر جو بچاءُ ڪندي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪودشمن شهر تي حملو ڪندو ته هِن نفيل مان آواز نڪرندو ۽ دشمن جي حملي جي خبر پئجي ويني. گهوڙي جي مالڪ وري ٻڌايو ته”اي بادشاهه سلامت! هن گهوڙِ جو ڪم هيءُ آهي ته جڏهن ڪو مٿس سوار ٿيندو ته جنهن ملڪ ۾ چاهيندو، اُتي وڃي هو پهچائيندس.“ انهيءَ تي باادشاهه: آءٌ ايستائين اوهان تي ڪابه مهرباني نه ڪندس، جيستائين آءٌ پاڻ هنن شين جي استعمال جي آزمائش نه وٺندس، پوءِ بادشاهه مور جي آزمائش لڌي ۽ جيئن اُن جي مالڪ ٻڌايو هو، تيئن ئي ٿيو. وري نفيل جو به امتحان ورتو ويو ۽ انهيءَ جي امالڪ جي ڳالهه به سچي ثابت ٿي. انهيءَ تي بادشاهه ٻنهي سياڻن، مور ۽ نفيل جي مالڪن کي چيو، ته هاڻي جيڪي گهرڻو هجيوَ سو گهرو. هنن جواب ڏنو: اي بادشاهه سلامت! اسان جو فقط هيءُ عرض اهي ته اسان بنهي کي اوهان جي ٻن شهزادين سان شاديءَ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهنجون ڌيئرون انهن سان پرنايائين. پوءِ ٽيون سياڻو، گهوڙي جو مالڪ اڳتي وڌيو ۽ بادشاهه جي اڳيان فرش تي چمي ڏئي، عرض ڪيائين، ته ”اي بادشاهه سلامت! اوهان جيئن منهنجن ساٿين تي مهرباني ڪري پنهنجون ڌيئرون هنن سان پرڻايون آهن، تيئن مون تي به ساڳيو ئي احسان ڪريو.“ بادشاهه وراڻيس ته ”ائين فقط تڏهن ٿيندو، جڏهن آءٌ تنهنجي گهوڙي جو امتحان وٺندس.“ انهيءَ تي بادشاهه جو پٽ وليعهد شهزادو اڳتي وڌي چوڻ لڳو: بابا! آءٌ هن گهوڙي تي سوار ٿي، هن جي آزمائش لهي ۽ هن جي استعمال جو ثبوت ڏيندس.

بادشاهه پُٽ کي اجازت ڏني ۽ شهزادو گهوڙي تي سوار ٿي، ان کي هڪلڻ لڳو. پر گهوڙو پنهنجيءَ جاءِ تان چُريو به ڪين، اتي شهزادي چيو،”اي داناءُ شخص! تو تهٻٽاڪون هيون ٿي.“ سياڻو شخص شهزادي جي ڳالهه ٻڌي هُن جي ويجهو آيو ۽ کيس گهوڙي ۾ لڳل هڪ سُئي ڏيکاريائين، جنهن جي ڦيرائڻ ڪري گهوڙو آسمان ڏانهن اُڏامندو هو. شهزادي به انهيءَ سئيءَ کي ڦيرايو ته گهوڙي چُر پُر ڪئي ۽ آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو. گهوڙو جيئن پوءِ تيئن آسمان ڏانهن ويو اُڏامندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي نظرن کان غائب ٿي ويو.

شهزادو اهو حال ڏسي گهٻرائجي ويو ۽ پڇتائڻ لڳو ته اجايو گهوڙي تي چڙهيس. هن سوچيو ته ان ڏاهي، مون کي نقصان پهچائڻ لاءِ ضرور ڪا حرفت هلائي آهي ۽ هاڻي سواءِ خدا جي ٻي ڪابه طاقت مون کي بچائي نه سگهندي. ايتري ۾ هن گهوڙي جي ڳچيءَ تي چوڌاري هٿ گهمايا ته کيس ساڄي توڙي کاٻي طرف ڪڪڙ جي منڊيءَ جيڏيون، ڦرنين جهڙيون ٻه شيون هٿ کي لڳيون. هن انهن مان ساڄي پاسي واريءَ ڦرڻيءَ کي ڦيرايو ته گهوڙو وڌيڪ تيزيءَ سان اڏامڻ لڳو. انهيءَ تي هن جهٽ کاٻي طرف واريءَ ڦرڻيءَ کي ڦيرايو ته گهوڙي جي رفتار گهٽجڻ لڳي ۽ هو زمين ڏانهن لهڻ لڳو.

شهزادو جيئن زمين کي ويجهو ايندو ويو. تيئن هن کي چوڌاري اهڙآ به شهر ۽ ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي هن ڪڏهن به ڪين ڏٺا هئا. انهن مان هڪ شهر ته ڏاڍو شاندر نمني جو اڏيل هو، جنهن جي چوڌاري سهنا باغ، ٻنيون ٻارا ۽ درياءَ هئا. شهزادي خيال ڪيو ته ان شهر جو نالو معلوم ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسجي ته اهو ڪهڙيءَ ولايت جو شهر آهي. هن پوءِ شهر جي مٿان ڪيترائي چڪر هنيا ۽ سڄي کاٻي طرف چڱيءَ طرح ڏٺو. سج به لهڻ تي هو ۽ شهزادي سوچيو ته هن شهر کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي جاءِ هوندي، جتي رات جا چار پهر گذاري سگهجن. اڄوڪي رات ته هت گذاريان ٿو، سڀاڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن هلبو ۽ بادشاهه ۽ ٻين کي سڄي روئداد هلي ٻڌائبي. پوءِ هو اهڙي جاءِ ڳولڻ لڳو. جتي سلامتيءَ سان گهوڙي سوڌو لهي سگهي ۽ کيس ٻيو ڪير به ڏسي نه سگهي. اوچتو سندس نظر شهر جي وچ ۾، ٺهيل هڪ عاليشان محل تي وڃي پيئي، جنهن جي چؤڌاري وڏن وڏن برجن واري واري عالم پناهه ڏنل هئي، هن کي پڪ ٿي ته اهائي موزون جاءِ آهي.

شهزادي ڦرڻيءَ کي گهمايو، ته گهوڙو به هيٺ لهڻ لڳو ۽ آهستي آهستي اچي محلات جي ڇت تي لٿو. شهزادي گهوڙي تان لهي پهرين شڪراني جي نماز پڙهي ۽ پوءِ گهوڙي جي چوڌاري ڦِري، ان کي چڪاسڻ لڳو ۽ دل ۾ چيائين: ’خدا جو سُنهن، جنهن توکي جوڙيو آهي، سو ڪو وڏو ڏاهو شخص آهي. جيڪڏهن حياتيءَ مون سان وفا ڪئي ۽ آءٌ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ ۾ پهچي ماءُ- پيءُ سان مليس، ته انهيءَ ڏاهي تي هر قسم جي مهرباني ڪندس ۽ هن کي تمام گهڻو فائدو پهچائيندس.‘ پوءِ شهزادو محل جي ڇت تي ماٺ ڪري ويهي رهيو ۽ جڏهن خبر پيس ته گهر جا ڀاتي هاڻي سمهي رهيا هوندا، تڏهن هيٺ وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. هن کي بُک به ڏاڍو ستايو هو ۽ کيس پڪ هئي ته ههڙيءَ محلات ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون به ضرور موجود هونديون. تنهن ڪري گهوڙو اُتي ئي ڇڏي، ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو. جتي هن درٻار جهڙو هڪ وڏو ڪمرو ۽ ان جو سنگمرمر جو فرش ڏٺو، هو انهيءَ ڪمري جي خوبصورت اڏاوت کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. اتي ڪو به بني- بشر موجود نه هو، جنهن ڪري شهزادو مُنجهي پيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته ڪيڏانهن وڃان! نيٺ خيال ڪيائين ته واپس مٿي وڃي، رات جا چار پهر اُتي گذاري، صبح جو روانو ٿجي.

شهزادي اڃا اهو ئي پئي سوچيو، ته پريان هڪ روشني ويجهو ايندي معلوم ٿيس. هُن روشنيءَ ڏانهن چِتائي ڏٺو ۽ خبر پيس ته هڪ سداملوڪ قداور عورت، جنهن جي سونهن اڳيان چنڊ به جهڪو ڀاسجي، ڪيترين ئي ٻانهين جي وچ ۾، ڏانهنس وڌندي پئي آئي. اها دوشيزه اتي جي بادشاهه جي ڌيءَ هئي. بادشاهه هن کي تمام گهڻو ڀانئيندو هو ۽ سندس آرام ۽ تفريحي لاءِ ئي اها محلات ٺهرائي هئائين. شهزاديءَ جي دل جڏهن بيزار ٿيندي هئي. تڏهن هوءَ ٻانهين سميت انهيءَ محل ۾ ايندي هئي ۽ ٻه – ٽي ڏينهن اُتي رهي، واپس شاهي محلات ۾ موٽي ويندي هئي. اتفاق ڏسو ته انهيءَ رات شهزادي به وندر خاطر انهيءَ محل ۾ آيل هئي. سانس گڏ هڪ خواجه سرا به هو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ اگهاڙي ترار هئي. ايتري ۾ ٻانهين محلات جو سامان ٺيڪ ٺاڪ ڪيو ۽ عطر عنبر جي ڇٽڪار ڪيائيون. هنن کي ڪم ۾ رُڌل ڏسي، شهزادي جهٽ ڪري وڃي خواجه سرا کي سوگهو جهليو ۽ هن جي هٿ مان ترار ڦري وڃي ٻانهين تي ڪڙڪيو ۽ هنن کي ساڄي کاٻي ڇِڙوڇِڙ ڪري ڇڏيائين. شهزاديءَ جو اهو ڏٺو ته پهرين ته ٿورو ڊڄي ويئي، پر پوءِ هُن جي خوبصورتيءَ کي ڏسي، چيائين: ”شايد تون اهو ساڳيو شخص آهين، جنهن ڪالهه منهنجي پيءُکان منهنجي سڱ جي گهر ڪئي هئي ۽ بابي انهيءَ ڪري انڪار ڪيو، جو تنهنجي صورت هن کي ڪانه وڻي. پر خدا جو سُنهن، منهنجو پيءُ غلط هو، جو انڪار ڪيائين. دراصل تون ته هڪ خوبصورت شخص آهين.“

حقيقت ۾، هندوستان جي ڪنهن بادشاهه جي پٽ، شهزاديءَ جي سڱ لاءِ گهر ڪئي هئي ۽ بادشاهه هن جي بدصورتيءَ سبب انڪار ڪيو هو. شهزاديءَ انهيءَ سببان خيال ڪيو ته هيءُ شايد اهو ئي شهزادو آهي، جنهن سڱ لاءِ گهر ڪئي هئي. اهو خيال ڪري، هوءَ شهزادي جي ويجهو ائي، هن کي ڀاڪر پائي چمي ڏنائين ۽ هن کي ساڻ ڪري تخت تي اچي ويٺي. انهيءَ تي ٻانهين عرض ڪيو ته ”اي سائڻ! هيءُ اهو شخص نه آهي، جنهن اوهان سان شادي ڪرڻ لاءِ بادشاهه سلامت کي درخواست ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو شخص بدصورت هو ۽ هيءُ خوبصورت آهي. اُهو بدصورت شخص ته هن جي جُتيءَ برابر به نه هو. اسان جي سائڻ! سچ پچ ته هيءُ شخص ڪنهن شاهي گهراڻي جو ٻار آهي.“ پوءِ ٻانهيون ڊوڙي پٽ تي پيل خواجه سرا ڏانهن ويون ۽ وڃي اُٿاريائونس. هو خوف وچان ڊڄندو ڊڄندو اٿيو ۽ پنهجي هٿ ۾ ترار نه ڏسي، ان کي ڳولڻ لڳو. اهو حال ڏسي، هڪ ٻانهيءَ ٻڌايس ته جنهن تنهنجي ترار ڦري. توکي ڪيرائي وڌو هو، سو ته شهزاديءَ سان گڏ ويٺو آهي. بادشاهه انهيءَ خواجه سرا کي شهزايءَ جي حفاطت لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو اها ڳالهه ٻڌي ته اُٿي اُن طرف ويو ۽ پردي کي هٽائي جان کڻي ڏسي ته شهزادي هڪ غير شخص سان ويٺي ڳالهيون ڪيون. اهو ڏسي، خواجه سَرا، شهزادي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو: ”اي منهنجا مالڪ! تون اسان جي مالڪ آهين يا ڪو جن؟“ شهزادي جواب ۾ وراڻيس: ”حيف اَٿئي اي بدبخت غلام! تون ائين ڪيئن ٿو چوين ته ڪسريٰ جو فرزند، انهيءَ لعنت مخلوق مان هوندو!“ پوءِ ترار هٿ ۾ جهلي چيائين: ”آءٌ هتي جي بادشاهه جو ناٺي آهيان. هي پنهنجي ڌيءُ جي مون سان شادي ڪئي آهي ۽مون کي حڪم ڏنو اٿس ته آءٌ پاڻ هن سان اچي ملاقات ڪريان. خواجه سرا اهو جواب ٻڌي ٻاهر نڪتو ۽ ڪپڙا ڦاڙي، مٽيءَ ۾ پاڻ ڀَڀوت ڪري، گهوڙا گهوڙا ڪندو بادشاهه وٽ ويو.

بادشاهه جڏهن هن جون دانهون ٻڌيون، تڏهن چياين ته ”توتي ڪهڙي مصبت نازل ٿي آهي. جو منهنجو اچي آرام ڦٽايو اٿئي؟ پنهنجي ماجرا جلد بيان ڪر، پر مختصر لفظن ۾.“ خواجه سرا دانهن ڪري چيو: ”اي بادشاهه سلامت! جلدي شهزاديءَ جي مدد لاءِ پهچو، جو ڪنهن راڪاس، انساني رُپ ڌاري، پاڻ کي ڪنهن بادشاهه جو پٽ سڏائي، اچي شهزادي4 کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي.“ اهو احوال ٻڌي بادشاهه ڪاوڙ ۾ تپي سرخ ٿي ويو ۽ پهرين ته خيال ڪيائين ته هڪ ئي ڌڪ سان هن جي سِسِي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي، پر پوءِ ڪجهه ڌريج ڪري هن کان پڇيائين: ”توکان اهڙي بيپرواهي ڪيئن ٿي جو شهزادي اهڙيءَ مصيبت ۾ وڃي ڦاٿي؟“ خواجه سرا وٽان ڪو به مناسب جواب نه ٻڌي، بادشاهه اٿيو ۽ ان محلات ڏانهن روانو ٿيو، جتي شهزادي رهيل هئي. بادشاهه محلات ۾ پهچي ٻانهين کان پڇيو ته: ”ماجرا ڇا آهي؟“ ٻانهين ادب سان جُهڪي عرض ڪيو ته ”اي بادشاهه سلامت! هت ڪم ۾ رڌل هيوسين ته اوچتو اهو چنڊ جهڙو سهڻو جوان، اُگهاڙي ترار هٿ ۾ کڻي اندر ڌوڪي آيو. اسان هن کان اندر اچڻ جو مقصد پڇيو، جنهن تي چيائين ته ’بادشاهه سلامت شهزاديءَ جي مون سان شادي ڪئي آهي.‘ وڌيڪ اسان کي ڪابه خبر ڪانهي.“

بادشاهه اهو جواب ٻڌي غيرت وچان ڏڪڻ لڳو ۽ مياڻ مان ترار ڪندي، پردو مٿي کڻي، اندر ويو ۽ هن جي مٿان واچوڙي وانگر وڃي ڪَڙڪيو. شهزادي، بادشاهه کي ڏسي، شهزديءَ کان پڇيو: ”هيءُ تنهنجو پيءُ اهي؟“ شهزاديءَ جواب ڏنو: ”هائو هيءُ منهنجو والد آهي.“ اهو ٻڌي شهزادو پيرن ڀر اُڀو ٿي بيٺو ۽ ترار هٿ ۾ کڻي، بادشاهه کي پريائين اهڙي ته هڪل ڪيائين، جو هو دهلجي ويو. پاڻ تي حملو ٿيندو ڏسي، بادشاهه خيال ڪيو ته شهزادو ڏسڻ ۾ گهڻُ سگهارو آهي، تنهن ڪري ترار مياڻ ۾ وجهي اُتي ئي بيهي رهيو. اتي شهزادي به پاڻ سنڀاليو ۽ اڳتي وڌي اچي بادشاهه کي ادب سان مليو. بادشاهه چيس

: ”اي نوجوان! تون انسانزادو آهين يا ڪو جن؟“ شهزادي جواب ڏنو: ”جيڪڏهن من هنجو شهزاديءَ سان واسطو نه هجي ها ته آءٌ تنهنجي ادب ڪرڻ ۽ تنهنجي ڌيءَ جي عزت رکڻ بدران، توکي هڪدم قتل ڪري ڇڏيان ها. تون مون کي ڪيئن ٿو جن جو اولاد سمجهين؟ جڏهن آءٌ ڪسريٰ جي بادشاهه جو فرزند آهيان. هيءُ اهو زبردست بادشاهه آهي، جو جيڪڏهن چاهي ته تنهنجي بادشاهت اونڌي ڪري ڇڏي ۽ تنهنجو سمورو شان ۽ شوڪت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي.“ بادشاهه به جواب ۾ شهزادي کي اهڙا ئي ساڳيا لفظ چيا ۽ هن کي ڌمڪي ڏنائين ۽ چيائين: ”جيڪڏهن تون سچ پچ ڪو شهزادو آهين، ته پوءِ منهنجي اجازت کان سواءِ تون هن محلات ۾ ڪيئن آئين؟ تو ڇو منهنجيءَ عزت تي حملو ڪيو؟ ۽ ڪيئن بهانو ڪري منهنجي ڌيءَ کي چيئي ته مون هن جي توسان شادي ڪئي آهي ۽ هوءَ هاڻي تنهنجي زال آهي؟ مون ته ڪيترن ئي بادشاهن ۽ شهزادن کي رڳو انهيءَ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، جو هنن مون کان شهزاديءَ جو سڱ جي گهر ڪئي هئي.“

شهزادي، بادشاهه جي واتان اهي لفظ ٻڌي چيو: ”سچ پچ ته توتي ۽ تنهنجي عقل جي ڪوتاهيءَ تي عجب ٿو ٿئيم، اوهان پنهنجي ڌيءَ لاءِ مون کان وڌيڪ مان مرتبي واري خاوند جي ڳولا ڪئي ۽ مون کان وڌيڪ بهادر، عالي نسب ۽ راڄ ڀاڳ جو ڪو ٻِو مالڪ ڏٺو؟“ بادشاهه جواب ڏنس: ”نه، پر اي نوجوان! منهنجي مرضي آهي ته تون دستور مطابق شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ، مون کي درخواست ڪر ۽ آءُ توکي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيندس. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آءٌ شهزاديءَ جي شادي لڪ ڇپ ۾ ڪندس ته انهيءَ ۾، منهنجي بيعزتي ٿيندي.“ شهزادي جواب ۾ چيو: ”اوهان جو چوڻ بجا آهي. پر اي بادشاهه! جيڪڏهن تنهنجا غلام ۽ تنهنجو لشڪر مون تي حملو ڪري ۽ مون کي قتل ڪري ڇڏي ته انهيءَ ۾ به تنهنجي بدناموسي ٿيندي ۽ تنهنجي سڄي رعيب، توتي لعنت ملامت ڪندي. منهنجي هيءَ صلاح آيه ته انهيءَ خيال کي کڻي ڦٽو ڪر ۽ جيئن آءٌ چوان ٿو، تيئن ڪر.“ بادشاهه چيو: ”چڱو، مون کي اها ڳاله قبول آهي.“ شهزادي چيس: ”آءٌ اهو چوڻ ٿو گهران ته يا ته تون اڪيلي سر مون سان وڙهه ۽ اسان مان جيڪو ٻئي کي قتل ڪري، اهو بادشاهيءَ جو مالڪ آهي. يا ته مون کي اڄوڪي رات اجازت ڏي ۽ صبح جو مون تي پنهنجو سڄو لشڪر چاڙهي اچ ۽ ان لشڪر جي تعداد جو مون کي اڳواٽ اطلاع ڪر.“ بادشاهه جواب ڏنو: ”مون وٽ چاليهه هزار گهوڙيسوار آهن ۽ ٻيا ايترا نوڪر چاڪر به آهن.“ شهزادي چيو: ”خير، جڏهن ڏينهن ٿيندو، تڏهن انهن سڀني کي مون ڏانهن موڪل. هنن کي چئجانءِ ته هِن شخص مون کان ڌيءُ جو سڱ گهريو آهي ۽ دعوا ڪئي اٿس ته اوهان سان اڪيلي سر جنگ جوٽيندو ۽ چوي ٿو ’ته اوهان سڀني کي ماري مڃائيندو ۽ اوهين ڪڏهن به مٿس فتح حاصل نه ڪري سگهندؤ.‘ پوءِ مون کي ڇڏي ڏجو ته آءٌ اوهان جي سڄ لشڪر سان جنگ ڪندس. جيڪڏهن هنن مون کي قتل ڪيو ته هي ڳالهه راز ۾ رهندي ۽ اوهانجي عزت به رهجي ايندي. پر جيڪڏهن آءٌ هنن تي غالب ٿيس ويس، ته پوءِ مون کي حق حاصل ٿيندو ته آءٌ اوهان جي ناٺي ٿيان.“ بادشاهه شهزادي جي اها صلاح قبول ڪئي. هو انهيءَ تي عجب کائڻ لڳو ۽ شهزادي جي پختي ارادي کي ڏسي، ٿورو گهٻرائجي به ويو.

پوءِ بادشاهه، خواجه سرا کي گهرائي، حڪم ڏنو ته هڪدم وزير کي حاضر ڪيو وڃي ۽ هن کي ٻڌايو وڃي ته سڀني فوجن کي گڏ ڪري، هٿيارن پنوهارن سان تيار ٿي، گهوڙن تي چڙهي اچي، حاضر ٿين. خواجه سرا سڌو وزير وٽ وڃي پهتو ۽ بادشاهه جو حڪم ٻڌايائينس. وزير هڪدم فوجي عملدارن کي گهرايو ۽ لشڪر گڏ ڪري، گهوڙن تي رواني ٿيڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه، نوجوان شهزادي سان گفتگوءَ ۾ مصروف رهيو ۽ هن جي ڳالهين ۽ صحبت مان ڏاڍو خوش ٿيو. سڄي رات رهاڻيون ڪندي گذري. صبح ٿيو ته بادشاهه اٿيو ۽ درٻار ۾ وڃي حڪم ڪيائين ته هڪ شاندار گهوڙو سهڻن سنجن سان سينگاري، وڃي شهزادي کي ڏيو ته هو انهيءَ تي سوار ٿي اچي. حڪم جي تعميل ڪئي ويئي، پر نوجوان شهزادي چيو: ”اي بادشاهه! آءٌ ايستائين گهوڙي تي سوار نه ٿيندس، جيستائين آءٌ اوهان جو سمورو لشڪر نه ڏسندس.“ بادشاهه چيس ته ”توکي اجازت آهي.“ اهڙيءَ طرح بادشاهه پاڻ شهزادي کي وٺي هليو ۽ اچي لشڪر وٽ پهتا. شهزادي لشڪر ڏسي، ان جي تعداد جي خاطري ڪئي. انهيءَ تي بادشاهه لشڪر ڏانهن مُنهن ڪري بلند آواز ۾ چيو: ”منهنجا بهادرو! هيءُ نوجوان ڪنهن ٻيءَ ولايت مان آيو آهي ۽ مون کان ڌيءَ جو سنڱ جي گهر ڪري ٿو. مون هن جهڙو خوبصورت ۽ بهادر جوان اڃا تائين نه ڏٺو آهي. هيءُ دعوا ڪري ٿو ته اوهان سڀني کي اڪيلي سر شڪست ڏئي، پٺتي ڀچائيندو. پر ياد رکجو ته جنهن وقت هيءُ مقابلي لاءِ اوهان جي ويجهو اچي، ته اوهين به ترارن ۽ ڀالن جي نوڪن سان هن جو استقبال ڪجو، ڇاڪاڻ ته هن تمام وڏي هامَ هنئي آهي.“ ان بعد نوجوان کي چيائين: ”اي پٽ! هاڻي جيئن تن هنجي مرضي هجي، تيئن ڪر.“ پر نوجوان جواب ڏنو: ”تو مون سان انصاف نه ڪيو آهي. آءٌ هنن سان ڪهڙي طرح جنگ ڪري سگهندس، جڏهن ته آءٌ پيرين پيادو آهيان ۽ هي گهوڙن تي سوار آهن؟“ بادشاهه وراڻيس ته ”مون ته توکي اڳ ۾ ئي گهوڙي تي سوار ٿيڻ لاءِ چيو هو، پر تو انڪار ڪيو. تون هنن گهوڙن مان ڪو به گهوڙو چنڊ ۽ ان تي سوار ٿيءُ.“ شهزادي جواب ڏنس ته ”مون کي تنهنجن گهوڙن مان ڪوبه گهوڙو پسند ڪونهي. آءٌ ته ان گهوڙي تي سوار ٿيندس، جنهن تي آءٌ چڙهي آيو هئس.“ بادشاهه پڇيس ته ”اهو گهوڙو ڪٿي آهي؟“ شهزادي جواب ڏنو ته ”اهو گهوڙو محلات جي ڇت تي بيٺو آهي.“ بادشاهه عجب وچان پڇيو: ”منهنجيءَ محلات جي ڇت تي؟“ شهزادي چيو: ”هائو، تنهجيءَ محلات جي ڇت تي.“ اهو ٻڌي بادشاهه چيو ته ”تنهنجي بيوقوفيءَ ۽ چريائيءَ و اهو پهريون مثال آهي. مون کي توتي افسوس ٿو ٿئي. ڀلا گهوڙو ڇت تي ڪيئن وڃي سگهندو؟“ پوءِ بادشاهه هڪ ماڻهوءَ کي محلات جي ڇت ڏانهن اُماڻيو، جنهن وڃي ڏٺو ته گهوڙو واقعي اُتي بيٺو هو. هن اهڙو سهڻو گهوڙو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو، تنهن ڪري وجيهو وڃي چڱيءَ طرح ڏٺائين ته اهو عاج ۽ آبنوس جو ٺهيل هو. انهيءَ ماڻهوءَ جي پٺيان ٻيا به ڪيتارئي اَمير اُمراءُ ويا ۽ جڏهن هنن گهوڙي کي ڏٺو، تڏهن سڀئي کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته ”نوجوان هِن گهوڙي جو ذڪر ڪيو آهي؟ اسين سمجهون ٿا ته هو ڪو ديوانو آهي، پر جلد ئي خبر پئجي ويندس. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪو لڪل گُڻ به هجي!“ پوءِ هنن گڏجي گهوڙي کي کنيو ۽ آڻي بادشاهه جي اڳيان رکيائيون. ماڻهو، گهوڙو ڏسي، ان جي چوڌاري ڦري ويا ۽ ان جي سُنجن ۽ بناوت وغيره ڏانهن نهاري، حيرت ۾ پئجي ويا. بادشاهه شهزادي کي چيو، ”اي نوجوان! تنهنجو گهوڙو هيءُ آهي؟“ شهزادي چيو: ”هائو، اهو ئي منهنجو گهوڙو آهي، تون جلد ئي هن جا حيرت ۾ وجهندڙ ڪم ڏسندين.“ بادشاهه چيس ته ”پوءِ پنهنجي گهوڙي تي جلد سوار ٿي.“ پر هُن جواب ڏنس ته ”آءٌ ايستائين سوار نه ٿيندس، جيستائين ماڻهو گهوڙي کان هٽي پري نه ٿيندا.“ پوءِ بادشاهه سڀني بيٺل ماڻهن کي پري هٽي وڃن جو حڪم ڏنو.

نواجوان شهزادي چيو: ”اي بادشاهه! هاڻي آءٌ گهوڙي تي سوار ٿيان ٿو ۽ تنهنجي سموري لشڪر کي اک ڇنڀ ۾ پکِري ٿو ڇيان.“ بادشاهه چيسو ته ”جيئن وڻئي تيئن ڪر. تون هنن تي ڪو به رحم نه ڪجانءِ ۽ هي به توتي ڪا ڪهل نه ڪندا.“ شهزادو گهوڙِ تي ٽپ ڏيئي چڙهيو ۽ ان کي اڏائڻ لاءِ ڦرنيءَ کي ڦيرائين. پوءِ ته ڏسندڙن جون اکيون ڦاٽي ويون! گهوڙي ۾ ڄڻ ته ڪا اوچتي سگهه اچي ويئي هئي ۽ هو تيزيءَ سان حرڪت ڪرڻ لڳو ۽ هڻڪارون ڪري دڙها هڻي، آسمان ڏانهن چڙهڻ لڳو. شهزادي کي آسمان ڏانهن اُڏامندو ڏسي، بادشاهه لشڪر ڏانهن منهن ڪري چيو: ”حيف آهي اوهان تي! وارو ڪري جهلي وٺوس نه ته ڀڄي ويندو.“ اهو حڪم ٻڌي وزير ۽ سپهه سالار چيو ته ”اي بادشاهه! ڪو اُڏامندڙ پکيءَ کي جهلي سگهي ٿو؟ هيءُ ته ڪو وڏو جادوگر ٿو ڏسجي. اوهان کي خدا بچايو آهي، تنهن ڪري پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جو شڪر ڪريو.“

بادشاهه مايوس ٿي محلات ۾ موٽي آيو ۽ ڌيءَ کي اچي سموري روئداد ٻڌايائين. پر شهزادي وِڇوڙي ۽ جدائيءَ جي غم کان بيزار ۽ بيچين، پنهنجي هنڌ تي ليٽي پئي هئي. ڌيءُ جي اها حالت ڏسي، بادشاهه هن کي سيني سان لائي، پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيو ته، ”منهنجي مٺڙي ڌيءُ! خدا جو شڪر ڪر جو پاڻ کي انهيءَ هرفتي جادوگر کان پناهه ملي آهي.“ پوءِ بادشاهه هن کي اهو سمورو احُال ٻڌايو، جيڪو هن پاڻ اکئين ڏٺو هو. پر شهزادي ان ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ ذرو به ڪانه ڪُڇي. هوءَ روئندي پئي رهي ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته ’خدا جو سُنهن، آءٌ نه ڪجهه کائيندس ۽ نه ڪجهه پيئندس، جيستائين آءُ هن سان نه وڃي ملان.‘ بادشاهه ڌيءَ جو اهو حال ڏسي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو ۽ اندر ئي اندر ڪَڙهڻ لڳو.

هوڏانهن شهزادو پنهنجي ملڪ ڏانهن اُڏامندو پئي ويو. ساڳئي وقت هن ئي به شهزاديءَ جو خيال ڏاڍو ستايو هو. کيس ماڻهن کان ته اڳواٽ ئي خبر پئجي ويئي هئي، ته بادشاهه جو نالو ڪهرو آهي ۽ اهو ’سينا‘ جو ملڪ هو. هو تيزيءَ سان پنهنجي ملڪ ڏانهن سفر ڪندو رهيو. نيٺ هو پنهنجي ملڪ جي ويجهو اچي پهتو ۽ گهوڙي کي هيٺ لاهيندو اچي محلات جي ڇت تي لٿو. گهوڙي کي اُتي ڇڏي، هو پيءُ وٽ آيو، جيڪو سندس جدائيءَ ۾ اَداس ۽ ملول ويٺو هو. بادشاهه جو پٽ کي ڏٺو، سو خوشيءَ وچان ڊوڙي اچي ڇاتيءَ سان لاتائينس، شهزادي پهرين پيءُ کان پڇا ڪئي ته ”اُهو داناءٌ شخص ڪٿي آهي، جنهن گهوڙو ٺاهيو هو؟“ بادشاهه جواب ڏنس ته ”خدا نه ڪري جو آءٌ وري ان شخص جو منهن ڏسان، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪري ئي تون اسان کان وڇڙِ وئين. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ، هن کي گرفتار رڪي قيد ۾ وڌو ويو آهي.“ پر پوءِ شهزادي جي زور ڀرڻ تي بادشاهه حڪم ڏنو ته، ”داناءَ شخص کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي.“ جڏهن اهو داناءُ حاضر ٿيو، تڏهن بادشاهه هن کي سروپا ڍڪائي ۽ ڪيترو ئي مال ملڪيت انعام ۾ ڏنائين. البت پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪيائين. انهيءَ تي اهو داناءُ شخص سخت ناراض ٿيو ۽ پنهنجي ڪَئي تي پڇتائڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر پئي ته شهزادو گهوڙي کي هلائڻ واريراز مان واقف ٿي ويو هو. هوڏانهن بادشاهه پُٽ کي نصيحت ڪئي ته ”تون هاڻي انهيءَ گهوڙي جي ويجهو به نه وڃجانءِ، ڇا لاءِ ته توکي ان جي سڀني پرزن جي ڪابه ڄاڻَ ڪانهي.“ شهزادي انهيءَ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ پيءُ کي پنهنجي سموري سفر ۽ شهزاديءَ واري واقعي جو سمورو احوال ٻڌايو. بادشاهه احوال ٻڌي چيس: ”جيڪڏهن بادشاهه چاهي ها ته توکي قتل ڪرائي ڇڏي ها، پر تنهنجي ڪا حياتي وڏي هئي.“

پوءِ هنن سڀني گڏجي ڏاڍيون خوشيون ملهايون. محلات جي ٻانهين مان، هڪ نهايت خوبصورت ٻانهيءَ، سارنگي وچائي ۽ هجر جا دردناڪ گيت ڳيا، جن شهزادي جي دل تي ڏاڍو اٿر ڪيو ۽ هو شهزاديءَ جي وڇوڙي جي درد ۽ ڏک وچان ڦَٿڪڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هو اُتان اٿيو ۽ گهوڙي تي چڙهي، ڦرڻيءَ کي ڦيرايائين ته گهوڙو هوا ۾ اُڏامندو آسمان ڏانهن چڙهندو ويو. صبح جو جڏهن بادشاهه شهزادي جي پڇا ڪئي ته هو غائب هو. چوڌاري ماڻهو پکڙجي ويا، پر شهزادي جو نڪو پار نڪو پتو. هيٺ محلات جي ڇتي تي ڏٺائون ته گهوڙوبه غائب هو. بادشاهه هڪدم ڳالهه سمجهي ويو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته شهزادو جيڪڏهن واپس آيو ته گهوڙِ کي گم ڪرائي ڇڏبو.

هوڏانهن شهزادو هوا سان ڳالهيون ڪندو. جهٽ پٽ اچي ’سينا‘ جي انهيءَ شهر مٿان پهتو. پوءِ گهوڙي کي محلات جي ڇت تي لاهي، پاڻ هيٺ محل ۾ آيو ۽ شهزاديءَ جي ڪمري ڏانهن ويو. پر هن اتي نڪي شهزاديءَ کي ڏٺو، نڪي ٻانهيون ڏٺائين ۽ نه وري اُهو خواجه سرا نظر آيس، جيڪو انهن جو پهريدار هو. اهو حال ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک پهتو. آخر محلات جو هڪڙو هڪڙو ڪمرو جاچيندو جاچيندو، جان کڻي ڏسي ته هڪ ڪمري ۾، شهزادي هنڌ تي ليٽي پئي اهي ۽ چوڌاري ٻانهيون بيٺيون اَٿس. شهزادو ڪمري ۾ هليو ويو ۽ وڃي شهزاديءَ کي جهڪي سلام ڪيائين. شهزاديءَ جو، هن جو آواز ٻڌو، سو ٽپ ڏئي اٿي ويٺي ۽ ڊوڙي اچي شهزادي کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. شهزادي چيس ته ”اي شهزادي! تنهنجي وڇوڙي منهنجي جان جلائي ڇڏي.“ شهزاديءَ وراڻيو: ”منهنجو پڻ اهو حال آهي. جيڪڏهن تون نه اچين ها، ته يقين آهي ته آءٌ لُڇي لُڇي مري وڃان ها.“ شهزادي پوءِ ڳالهه کي بدلائيندي پڇيو: ”تنهنجي پيءُ جي مون سان روش بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ اهو سڀ تنهنجي پيار خاطر سٺم. آءٌ هن کي قتل ڪري ڇڏيان ها، پر تنهنجي ڪري آءٌ هن جي عزت ڪريان ٿو.“

شهزاديءَ چيو ته ”تون مون کان ڇو جدا ٿي وئين؟ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مون کي حياتي وِهه ٿي وئي.“ هن جواب ڏنس: ”ڇا تون منهنجي هڪڙي خواهش پروي ڪندينءَ؟“ شهزاديءَ چيو ته”چؤ جيڪو چوڻو اٿئي. آءٌ ته دل و جان سان تنهنجي هر خواهش پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ شهزادي چيو ته ”تون مون سان گڏجي منهنجي ملڪ ڏانهن هل.“ شهزاديءَ خوش ٿي چيو ته ”آءٌ ضرور هلنديس.“

شهزاديءَ جو جواب ٻُڌي شهزادو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي ڪونه ٿي ماپيو، ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي انجام ورتائين. پوءِ ٻيئي گڏ جي ڇت ويا ۽ گهوڙي تي چڙهي، آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳا. اتي ٻانهين وٺي دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ وڃي بادشاهه ۽ راڻيءَ کي دانهن ڏنائون، جنهن تي اُهي به تڪڙا تڪڙا ڊوڙندا محلات جي ڇت تي چڙهي آيا. بادشاهه آسمان ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين ته آبنوسي گهوڙو، هوا کي چيريندو اڳتي وڌندو پئي ويو. اهي حال ڏسي، بادشاهه ڪاوڙ ۾ سرخ ٿي ويو ۽ دانهن ڪري چيائين: ”اي شهزادا! خدا جي واسطي مون تي ۽ منهنجيءَ راڻيءَ تي رحم ڪر۽ اسان کي پنهنجي ڌيءُ جي وڇوڙي جو داغ نه ڏي.“ شهزادي بادشاهه کي ته ڪوبه جواب نه ڏنو، پر دل ۾ خيال ڪيائين ته شايد ماءُ پيءُ کان جدا ٿيڻ ڪري شهزاديءَ پڇتايو هوندو. تنهن ڪري شهزاديءَ کان پڇيائين: ”اي حسن جي ديوي! تنهجي مرضي آهي ڇا ته آءٌ توکي واپس تنهنجي ماءُ پيءُ تائين پهچايان؟“ جنهن تي هن جواب ڏنو: ”اي منهنجا سرتاج! خدا جو سُنهن، منهنجي اها هرگز مرضي ناهي. آءٌ ته چاهيان ٿي ته جتي تون هجين اتي آءٌ به توسان گڏ هجان. ڇاڪاڻ ته تنهنجي شهزاديءَ جو اهو جواب ٻڌي، هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گهوڙي کي ويتر تيز اڏائيندو، اچي پنهنجي ملڪ پهتو. هن جي دل ۾ اِها خواهش ٽپا ڏيڻ لڳي ته آءٌ شهزاديءَکي پنهنجو راچ ڀاڳ ۽ پيءُ جي حڪومت ڏيکاريان ۽ ٻڌايانس ته تنهنجي پيءُ کان منهنجو پيءُ زبردست بادشاهه آهي. پر هُن، محلات ۾ وٺي وڃڻ کان اڳ، شهر جي ٻاهران هڪ خوبصورت محل ۾ وڃي شهزايءَ کي لاٿو. هن آبنوسي گهوڙُو به اتي ئي بيهاريو ۽ شهزاديءَ کي چيائين: ”تون هن جي سنڀال ڪر ۽ ايستائين هت ويهه، جيستائين منهنجو ڪو ماڻهو توکي وٺڻ اچي. آءٌ پنهنجي پيءُ وٽ وڃان ٿو ۽ توکي شاهي محلات ۾ وٺي هلڻ لاءِ بندوبست ڪرايان ٿو.“

پوءِ شهزادو جلد ئي وڃي شاهي محلات ۾ پهتو ۽ پيءُ سان مليو. بادشاهه، پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اُٿي هن جي آڌر ڀاءُ ڪيائين. شهزادي پيءُ کي ٻڌايو، ”مون جنهن شهزاديءَ جو ذڪر ڪيو هو، تنهن کي آءٌ پاڻ سان وٺي آيو آهيان. مون هن کي في الحالشهر جي باغ ۾ ترسايو آهي ۽ اوهان کي اطلاع ڪرڻ آيو آهيان ته اوهان پنهنجي شاهي شان شوڪت سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.“ بادشاهه چيو ته ”آءُ اکين سان هلندس.“ پوءِ بادشاهه حڪم ڪيو ته سڄي شهر کي سينگاريو وڃي ۽ پو3 نوڪر چاڪر ۽ لشڪر ساڻ ڪري، وڏيءَ ڌام ڌوم سان باغ ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن شهزادي، شهزايءَ جي سواريءَ لاءِ، هڪ ڀلي اُٺ آڻڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي هيرن جواهرن وارو قيمتي گاشو وجهي، ڪيترين ئي سهڻين ٻانهين جا پاڻ سان ٽولا وٺي روانو ٿيو. باغ ۾ پهچي شهزادي اُٺ کي محلات جي در تي بيهاريو ۽ پاڻ اندر ويو. پر جان اندر نهاري ته نڪي شهزادي ئي، نڪي گهوڙو هو. هن اهو حال ڏسي منهن مٿو پِٽڻ شروع ڪيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي، چرين وانگر سچي باغ ۾ ڊوڙڻ لڳو. نيٺ ڪجهه سامت ۾ آيو ۽ سوچڻ لڳو ته شهزاديءَ کي گهوڙي جو راز ڪيئن معلوم ٿيو؟ جڏهن ته مون هن کي ڪجهه به نه ٻڌايو هو! شايد گهوڙي ڍاهيندڙ، ايراني داناءَ، گهوڙو ڏسي ورتو هوندو ۽ اسان کان وير وٺڻ لاءِ، هن کي فريب ڏئي پاڻ سان وٺي ويو آهي. شهزادي، مالهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”تو باغ ۾ ڪنهن کي ايندي ۽ محلات ۾ ويندي ته ڪين ڏٺو؟“ مالهيءَ جواب ڏنو: ”سائين! مون ايراني داناءَ کي سواءِ ٻئي ڪنهن به هن باغ ۾ ويندي نه ڏٺو آهي.“

قسمت جا رنگ ڏسو ته جڏهن شهزادو، شهزاديءَ کي باغ واري محل ۾ ترسائي هليو ويو، تڏهن ايراني داناءُ ڪن خاص جڙين ٻوٽين گڏ ڪرڻ لاءِ باغ ۾ آيو. ان وقت سڄو باغ کستوري ۽ عنبير جي خوشبوءِ سان واسيو پيو هو. اها خوشبوءِ سنگهندي، داناءَ ان طرف ويو، جتان خوشبوءِ پئي آئي. نيٺ اهو اچي محل جي خاص ڪمري تائين پهتو ۽ ڏٺائين ته دروازي تي سندس ٺاهيل گهوڙو بيٺو هو. پنهنجي وڃايل گهوڙي کي اڪيلو ڏسي، هن جي دل خوشيءَ وچان نچڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ان جي هٿان نڪري وڃڻ کان پوءِ، هن جي زندگي ڏاڍي ملول گذرندي هئي. هو گهوڙي جي ويجهو ويو ۽ ان جي هرهڪ حصي کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو. پر اڃا گهوڙي تي سوار ٿيڻ وارو هو، ته خيال آيس ته اندر ڏسجي ته شهزادي پاڻ سان ڪهڙي شيءِ آندي آهي، جيڪا هت گهوڙي سان گڏ ڇڏي ويو آهي؟ اهو خيال ڪري هو محل جي خاص ڪمري ۾ ويو ۽ اتي هڪ چنڊ جهڙي حسين دوشيزه کي ويٺل ڏٺائين. شهزاديءَ کي ڏسي هو سمجهي ويو ته اهو ڪنهن شاهي خاندان جو ٻار آهي، جنهن کي شهزادو پاڻ سان وٺي آيو آهي ۽ هن کي هت ويهاري، پاڻ هن جي استقبال جون تياريون ڪرڻ ويو آهي. داناءُ شخص، اندر شهزاديءَ وٽ ويو ۽ کيس جُهڪي ادب سان سلام ڪيائين، شهزاديءَ اکيون مٿي کڻي هن ڏانهن ڏٺو ۽ هن جي بدصورتي ڏسي ڊڄي وئي ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين؟“ هن جواب ڏنو. ”اي شهزادي! آءٌ شهزادي جو قاصد آهيان. مون کي حڪم مليو آهي ته آءٌ اوهان کي شهر جي هڪ ٻئي باغ ۾ وٺي هلان.“ شهزاديءَ اهو جواب ٻڌي، وراڻيو: ”شهزادو ڪٿي آهي؟“ جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”شهزادو بادشاهه سان گڏ شهر ۾ آهي ۽ جلد ئي هڪ وڏو جلوس وٺي اچي حاضر ٿيندو.“ اُنهيءَ تي شهزاديءَ چيس، توکان سواءِ ٻيو ڪو قاصد ڪونه هو، جنهن کي شهزادو هيڏانهن اماڻي ها؟“ اهو جواب ٻڌي، داناءُ کلي ڏنو ۽ جواب ڏنائين: ”اي شهزادي! منهنجي بدصورتيءَ ڏانهن نه وڃ. شهزادي کي جيڪو مون فيض پهچايو آهي، ان جي جيڪڏهن توکي خبر پوي ته تون هُوند اِهي لفظ ڪين چوين.“

شهزاديءَ کي انهيءَ تي ڪجهه اطمينان ٿيو ۽ اُٿي هُن جي هٿ ۾ هٿ ڏئي هلڻ لڳي. پوءِ داناءَ کي چيائين: ”تو منهنجي  سواريءَ لاءِ ڇا آندو آهي؟“ هن ٻڌايس ته ”شهزادي! تون جنهن گهوڙي تي چڙهي آئي آهين، ان تي ئي توکي سواري ڪرڻي آهي.“ شهزاديءَ چيو، ”آءٌ ته اڪيلي ان گهوڙي تي سواري ڪانه ڪري سگهنديس.“ داناءَ اهو جواب ٻڌي مرڪڻ لڳو ۽ پڪ ٿيس ته سڪار ڄار ۾ ڦاسي ويو. پوءِ چيئين: ”آءٌ پاڻ توسان گڏ انهيءَ گهوڙي تي سوار ٿيندس.“ پوءِ اهو داناءُ، گهوڙي وٽ پهچي، پهرين ان تي پاڻ سوار ٿيو ۽ پوءِ شهزاديءَ کي پٺيان ويهاريائين. ايتري ۾ هن گهوڙي جي ڦرڻي ڦيرائي. گهوڙي جي سڄي بُت ۾ هوا ڦوڪجي ويئي ۽ هو آسمان ڏانهن اُڏامڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي انهيءَ شهر کان تمام گهڻو پري نڪري ويو. اهو حال ڏسي شهزاديءَ رَڙ ڪري چيو: ”تو شهزادي لاءِ جيڪي چيو هو، ان جو ڇا مطلب هو؟ توکي شهزادي موڪليو هو؟“ داناءُ جواب ڏنس: ”خدا ڪندو ته هن کي ڪابه چڱائي نصيب ڪانه ٿيندي. هو ڏاڍو ذليل ۽ ڪميڻو آهي.“ اهو جواب ٻڌي، شهزاديءَ وٺي دانهون ڪيون ۽ چيائين ته ”حيف اٿئي! تو ته پنهنجي مالڪ جي حڪم عدولي ڪئي آهي.“ داناءَ جواب ۾ چيو: ”هو منهنجو مالڪ هرگز ڪونهي. توکي خبر آهي ته آءٌ ڪير آهيان؟“ شهزاديءَ وراڻيس: ”تنهنجي باري ۾ رڳو ايتري ختر اٿم، جيڪا تو مون کي ٻڌائي آهي.“ داناءَ وڌيڪ چيو: ”مون جيڪي توکي ٻڌايو، اها ته حرفت هئي. آءٌ گهڻي وقت کان هن گهوڙي کي حاصل ڪرڻ لاءِ حيران هئس، ڇاڪاڻ ته هيءُ منهنجو ئي ٺاهيل آهي. پر شهزادو هيءُ گهوڙو مون کان ڦري، ان جو مالڪ ٿي ويٺو هو، هاڻي ته مون پنهنجو گهوڙو به هٿ ڪيو ۽ توکي به هاصل ڪيم. جيئن شهزادي منهنجي دل ڏکوئي هئي، تيئن هاڻي هن جي دل ۾ جلندي ۽ کامندي هوندي. هاڻي هو ڪڏهن به هيءُ گهوڙو حاصل ڪري نه سگهندو. باقي رهيو تنهنجوي سوال، سو تون ڪوبه غم نه ڪر، خوش ٿيءُ جو هُن کان وڌيڪ مون مان توکي فائدو پهچندو.“ اهي ڳالهيون ٻڌي، شهزادي پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳي: ”افسوس! آءٌ نڪي پنهنجي محبوب جي ٿيس ۽ نڪي ماءُ پيءُ جي.“ انهيءَ وچ ۾ داناءُ شخص پنهنجي گهوڙي کي تيز اڏائيندو، يونان ملڪ جي مٿان اچي پهتو ۽ هيٺ هڪ چهچ ساول ڏسي، اُتي لٿو. اهو چراگاهه، انهيءَ شهر جي گهڻو ويجهو هو، جتي هڪ زبردست بادشاهه حڪموت ڪندو هو. انهيءَ ڏينهن اتفاق سان بادشاهه به چراگاهه ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ آيو هو، جتي شڪار ڪندي هو اوچتو اتان لنگهيو، جتي داناءُ ۽ شهزادي لٿل هئا. داناءَ کي بادشاهه جي اچڻ جي ڪابه خبر ڪانه هئي. بادشاهه جي غلامن اوچتو حملو ڪري داناءَ کي جهلي ورتو. هنن شهزاديءَ ۽ گهوڙي کي به سوگهو ڪيو ۽ سڀني کي بادشاهه جي روبرو وٺي آيا. بادشاهه داناءُ شخص جي بدصورتي ڏسي، جڏهن شهزاديءَ جي سُونهن سوڀيا کي ڏٺو، تڏهن چيائين: ”اي خاتون! هن شخص جو توسان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“ داناءَ هڪدم جواب ڏنو: ”هيءَ منهنجي زال آهي ۽ منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي“ شهزاديءَ اهي لفظ ٻڌي بادشاهه کي هن جي ڪوڙ کان واقف ڪندي ٻڌايو ته ”بادشاهه سلامت! خدا جو سُنهن، آءٌ ته هن مردود کي سڃاڻان به ڪونه. هيءُ منهنجو خاوند نه آهي. هن ته زبردستيءَ ۽ چالاڪيءَ سان مون کي هت کڻي آندو آهي.“ شهزاديءَ جي اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه، داناءُ شخص کي مارڻ جو حڪم ڏنو ۽ شاهي نوڪرن هن کي ايترو ته ماريو، جو هو مرڻ ڪنڌيءَ تي وڃي پهتو. نيٺ بادشاهه جي حڪم سان هن کي کڻي وڃي قيد ۾ بند ڪيائون. پوءِ بادشاهه شهزاديءَ کي ساڻ ڪري ۽ گهوڙي کي کڻائي، پنهنجي محل ۾ آيو.

هوڏانهن شهزادو ويس بدلائي، سفر جو سامان کڻي، شهزاديءَ جي ڳولا ۾ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ پُڇائيندو، رات ڏينهن هلدو رهيو. هو جتي به ويندو هو، ته اتي جي ماڻهن کان پهرين آبنوسي گهوڙي جي پڇا ڪندو هو ۽ ماڻهو عجب ۽ اَچرج وچان هن جي مُنهن ۾ ڏسندا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح، ڪيتري وقت تائين شهزادو سفر جون تڪليفون سهندو رهيو ۽ گهڻيءَ پڇا ڳاڇا کان پوءِ به پنهنجيءَ منزل مقصود تي پهچي ڪين سگهيو، لاچار ٿي شهزاديءَ جي ملڪ ’سينا‘ ڏانهن ويو، پر اتي به گهڻي ڳولا ڪرڻ کان پوءِ به خبر ڪانه پيس ۽ بادشاهه کي به ڌيءَ جي وِڇوڙي ۾ غمگين ڏٺائين. شهزادو اتان به نااميد ٿي نڪتو ۽ يونان ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ ملڪ ۾ پهچي، هو هڪ سراءِ م ويو، جتي ڏسي ته اُتي ڪيترائي سوداگر ڪچهري ڪيو ويٺا هئا. شهزادي به وڃي هنن جو پاسو ورتو. ڳالهيون ڪندي، هڪڙي سوداگر چيو: ”يارو! مون هڪ عجب جهڙي شيءِ ڏٺي آهي.“ انهيءَ تي سڀني پڇا ڪئي ته ”اها ڪهڙي شيءِ آهي؟“ هُن جواب ڏنو ته ”آءٌ فلاڻي ملڪ جي فلاڻي شهر ۾ هئس. اتي جي رهاڪن کان هڪ عجب جهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي. اها هيءَ، ته هڪڙي ڏينهن بادشاهه پنهنجي لشڪر سميت شڪار تي ويو. شڪار ڪندي هو هڪڙي چراگاهه وٽان اچي لنگهيو. اتي هن جي ماڻهن کي، هڪڙو غير ملڪ جو رهاڪو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي ڀرسان آبنوس جو ٺهيل گهوڙو بيٺو هو ۽ هڪ پريءَ جهڙي حسين عورت هيٺ پَٽ تي ويٺي هئي. اهو شخص ڏاڍو بدصورت هو ۽ سندس منهن ڏسڻ سان خوف ٿي ٿيو. پر جيڪا عورت هن سان گڏ هئي، تنهن جي سُونهن سوڀيا ڏسي، چنڊ به شرمائجي ٿي ويو. هوءَ صورت شڪل ۽ ويس وڳي مان ڪا شهزادي ٿي ڏسڻ ۾ آئي. ٻئي طرف، آبنوسي گهوڙو ته اهڙي عجب جهڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جنهن جهڙي اڳ ڪنهن به نه ڏٺي هوندي.“ اتي ٻين سوداگرن پڇيو: ”پوءِ بادشاهه انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو؟“ سوداگر جواب ڏنو: ”بادشاهه انهيءَ بدصورت شخص کان انهيءَ دوشيزه بابت پڇا ڪئي، جنهن تي هن ٻڌايو ته ’اها منهنجي زال آهي ۽ منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي.‘ پر دوشيزه، بادشاهه کي ٻڌايو ته ’اهو شخص سراسر ڪوڙ ٿو ڳالهائي.‘ انهيءَ تي بادشاهه اُن شخص کي ڏاڍي مارَ ڏياري قيد ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ دوشيزه ۽ گهوڙي کي پاڻ سان وٺي ويو. هاڻي خبر نه آهي ته انهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي!“ سوداگر جي اِها ڳالهه ٻڌي، شهزادو دل ئي دل ۾، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اها رات انهيءَ سراءِ ۾ سمهي، آرام ڪيائين.

ٻئي ڏينهن شهزادو فجر جو، انهيءَ طرف روانو ٿيو. رات ڏينهن سفر ڪندو نيٺ اچي انهيءَ شهر ۾ پهتو، جنهن جو سوداگر ذڪر ڪيو هو. شام اچي ٿي هئي ۽ شهر جي دروازي تي پهريدار بيٺا هئا. شهزادي سوچيو ته پهريدارن کان لِڪي، شهر ۾ وڃجي، پر دروازي مان لنگهڻ وقت پهريدارن جي مٿس نظر پئجي ويئي ۽ هن کي ڌاريو ماڻهو ڏسي، کڻي جهليائونس ۽ وڃي قيد ۾ بند ڪيائونس. قيد خاني جو داروغو ڪو سياڻو شخص هو، تنهن جو ههڙي حسين نوجوان کي قيد ۾ ڏٺو، سو هن کي پنهنجي گهر ۾ وٺي آيو ۽ چڱيءَ طرح کارائي پياري ڍؤ ڪرايائينس. مانيءَ کائڻ کان پوءِ، ٻيئي ڄڻا ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳا. داروغي شهزادي کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين؟“ شهزادي جواب ڏنو: ”آءٌ ايران ملڪ جو رهاڪو آهيان، جتي ڪسريٰ بادشاهه حڪومت ڪندو آهي.“ اهو احوال ٻڌي اُتي ٻيا ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. انهن مان هڪڙي چيو: ”اي خسروي! مون به ماڻهن کان گهڻو ئي ڪجهه ٻڌو آهي، اُنهن جون تاريخون پڙهيون اٿم ۽ اُنهن جون حالتون ڏٺيون اٿم، پر هن قيدخاني ۾، هڪ اهڙو خسروي بند آهي، جنهن جهڙو ڪوڙو مون ڪٿي ڪونه ڏٺو.“ شهزادي انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو ته ”انهيءَ ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايو آهي، جنهن جو ايترو چرچو آهي.“ هن وراڻيو: ”اُهو قيدي چوي ٿو ته آءُ وڏو داناءُ شخص آهيان. بادشاهه شڪار ڪندي، هڪڙي هنڌ مون کي ڏسي ورتو. مون سان گڏ هڪ پري پيڪر ۽ حور جهڙي عورت به هئي ۽ آبنوس جو هڪ عجيب گهوڙو به هو. اها حور جهڙي عورت به هينئر بادشاهه جي محلات ۾ آهي ۽ بادشاهه جو مٿس ڏاڍو پيار آهي. پر هوءَ چري آهي. جيڪڏهن اهو شخص سچ بچ داناءُ آهي، ته پوءِ اُن عورت جو ڇو نه ٿو علاج ڪري؟ بادشاهه ڪيترائي حڪيم طبيب گهرايا آهن، پر ڪو به هن کي انهيءَ مرض مان شفاياب نٿو ڪري سگهي. باقي آبنوسي گهورو، بادشاهه جي خزاني ۾ آهي ۽ اهو بدصورت شخص قيدخاني ۾ گرفتار پيو آهي.“ اهي ڳالهيون ٻڌي، شهزادي جي ذهن ۾ پنهنجي مقصد هاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون سُجهي آيون. پوءِ جڏهن سمهڻ جو وقت آيو، تڏهن شهزادي کي قيدخاني ۾ اماڻيو ويو، جتي هن اُنهيءَ بدصورت داناءَ کي، فارسي ٻوليءَ ۾ آهه و فرياد ڪندي ٻڌو: ’حيف آهي مون تي جو مون پاڻ تي ۽ شهزاديءَ تي ڏسي وائسي ظلم ڪيو.‘

انهيءَ ملڪ ۾ رواج هوندو هو ته جڏهن به شهر ۾ ڪو ڌاريو شخص ايندو هو، ته هن کي سڀ کان پهرين بادشاهه وٽ پيش ڪندا هئا، جيڪو ان شخص کان حال احوال وٺندو هو. شهزادو شهر ۾ شام جو پهتو هو. تنهن ڪري صبح ٿيو ته هن کي بادشاهه وٽ وٺي ويا. بادشاهه شهزادي کان پڇيو: ”اي مسافر! تون ڪهڙي ملڪ جو رهاڪو آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تون ڪهڙو هنر يا ڌنڌو ڄاڻندو آهين ۽ هت ڪهڙي ارادي سان آيو آهين؟“ شهزادي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! منهنجو نالو ’حرجه‘ آهي ۽ آءٌ پارس ملڪ جو رهاڪو آهيان، منهنجو ڌنڌو حڪمت آهي ۽ آءٌ بيمارن ۽ ديوانن جو علاج ڪندو آهيان. تنهن ڪري آءٌ هر ملڪ ۽ هر شهر ۾ خدا جي خلقت جي خدمت ڪرڻ لاءِ ويندو آهيان ۽ اهڙيءَ طرح، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ به اضافو ڪندو آهيان.“ بادشاهه اهو جواب ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس: ”اي داناءَ حڪيم! تون اسان وٽ اهڙي وقت تي پهتو آهين، جڏهن اسان کي تنهنجي سخت ضرور آهي.“ پوءِ بادشاهه هن کي انهيءَ عورت (شهزاديءَ) جي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيائينس ته ”جڏهن تون هن جو علاج ڪندين ۽ هن کي تندرستي ڏياريندين، تڏهن اسين تنهنجي هر خواهش پوري ڪنداسون.“ شهزادي جواب ڏنو: ”خدا اوهان جو تخت ۽ بخت سلامت رکي. اوهان هن جي جيڪا حالت ڏٺي آهي، تنهن کان مون کي وقف ڪريو ۽ اهو به ٻايو ته هن کي چَري ٿيندي گهڻو عرصو ٿيو آهي؟“ انهيءَ تي بادشاهه هن کي داناءُ شخص، آبنوسي گهوڙي ۽ شهزاديءَ جو قصو شروع کان وٺي آخر تائين ٻڌايو. شهزادي اهو قصو ٻڌي، بادشاهه کان پڇيو ته ”بادشاهه سلامت! هنن وٽ جيڪو گهوڙو هو، سو ڪٿي آهي؟“ بادشاهه ٻڌايو ته ”اهو گهوڙو اڃا تائين مون وٽ آهي ۽ منهنجي خزاني ۾ رکيو آهي.“ اتي شهزادي دل ۾ ويچاريو ته ٻيءَ هر ڳالهه کان اڳ بهتر ٿيندو ته انهيءَ گهوڙي کي چڪاسجي، جيڪڏهن اهو سلامت آهي ۽ ان جا سمورا پرزا درست آهن ته پوءِ منهنجي دل جي مُراد ضرور پوري ٿيندي. پر جي گهوڙي جي پرزن جي ڪا خرابي آهي، ته پوءِ مون کي پنهنجيءَ جان بچائڻ لاءِ، ڪا کيڏ کيڏڻي پوندي. اهو سوچي، بادشاهه کي چيائين: ”بادشاهه سلامت! پهرين مون کي اُهو گهوڙو ڏيکاريو، جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو. ان جي ڏسڻ ڪري شايد انهيءَ خاتون جي علاج ۾ ڪا مدد ملي سگهي.“ بادشاهه چيو ته ”بيشڪ، تون پهرين گهوڙو ڏس.“ ائين چئي، هن کي هٿ کان وٺي محلات جي انهيءَ خاص ڪمري ڏانهن ويو، جتي گهوڙو رکيل هو. شهزادي گهوڙي جي چؤڌاري ڦري، ان کي چڱيءَ طرح چڪاسيو ۽ ڏٺائين ته سمورو صحيح سلامت هو. انهيءَ تي شهزادي کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ بادشاهه کي چيائين: ”اي بادشاهه سلامت خدا اوهان جي بادشاهي سلامت رکي! هاڻي مهرباني ڪري مون کي اها دوشيزه ڏيکاريو ته آءٌ هن جي علاج لاءِ، ڪا تجويز ڪريان.“ بادشاهه اهو گهوڙو نوڪرن جي سنڀال هيٺ ڇڏي، شهزادي کي هڪ خاص ڪمري ۾ وٺي آيو. جتي شهزادي ويٺي هئي. ان وقت شهزاديءَ پئي مُنهن مٿو پِٽيو ۽ پاڻ کي هر هر پَٽ تي پئي اڇلايائين. شهزادي اهو حال ڏسي سَهي ڪيو ته هوءَ چري  ڪين آهي، پر هوءَ رڳو ان ڪري اهي حرڪتون ڪري ٿي ته جيئن ٻيو ڪير سندس ويجهو وڃي نه سگهي. انهيءَ تي شهزادي ڏاڍيءَ نرمائيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ايستائين ڳالهائيندو رهيو، جيستائين شهزاديءَ کيس سڇاتو. آخر جڏهن شهزاديءَ هن کي سڃاتو، تڏهن خوشيءَ وچان رَڙ نڪري ويس ۽ هوءَ مٿان ڪِري پئي. بادشاهه سمجهيو ته شايد هوءَ حڪيم جي خوف کان بيهوش ٿي ويئي آهي. ان مهل شهزادو اڳتي وڌي شهزاديءَ جي ڪن ۾ چوڻ لڳو: ”شهزادي! منهنجي ۽ پنهنجي جان بچاءِ، صبر ڪر ۽ ڌيرج کان ڪم وٺ، ڇاڪاڻ ته پاڻ اهڙي هنڌ آهيون، جتي اسان کي صبر ڪرڻ گهرجي. جيئن هن ظالم بادشاهه جي چنبي مان آزاد ٿيڻ لاءِ، ڪا اثرائتي تجويز سوچي سگهجي. مننهجيءَ تجويز مطابق، آءٌ پهرين هُن وٽ ويندس ۽ چوندوسانس ته تون ان ڪري بيمار آهين، جو توتي ڪنهن جن جو سايو آهي ۽ آءٌ انهيءَ جن کي ڀڄائي توکي شفايات ڪندس. انهيءَ لاءِ آءٌ هن تي اهو شرط رکندس ته هو توکي آزاد ڪري. آءٌ کيس اهو به يقين ڏياريندس ته اهو جن وري تنهنجي ويجهو به نه ايندو. تنهن ڪري جيڪڏهن هو تنهنجي ويجهو اچي، ته هن سان نرمائيءَ سان ڳالهائجانءِ. جيئن هن کي معلوم ٿئي ته منهنجي علاج سبب، تون صحتياب ٿي آهين. اهڙيءَ طرح اسان کي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ٿيندي.“ شهزادي جواب ڏنس: ”آءٌ سمجهي ويس ته هاڻي اوهان جي حڪم جي تعميل ڪنديس.“ پوءِ هو بادشاهه وٽ موٽي آيو ۽ خوشيءَ وچان چوڻ لڳو: ”اي خوش قسمت بادشاهه! اوهان جي مهربانيءَ سان مون هن جو علاج ڳولي لڌو آهي. اوهان اُٿو ۽ هن وٽ اندر وڃو. مون ۽ هن کي صحتياب ڪيو آهي. اوهان هن سان نرمائيءَ ۽ پيار سان ڳالهائجو ۽ هن سان ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه جو واعدو ڪريو، جنهن جي ڪري هن کي وڌيڪ خوشي ٿئي. پوءِ جيڪي اوهان گهرندا، اُهو ئي ٿيندو.“ اهو احوال ٻڌي بادشاهه اُٿيو ۽ شهزاديءَ ڏانهن ڪمري ۾ ويو. بادشاهه کي ڏسي، شهزادي اٿي بيٺي ۽ اڳتي وڌي فرش کي چمي ڏئي، هن جو استقبال ڪيائين.

پوءِ شهزاديءَ کي شاهي غلسخاني ۾ وٺي ويا، جتي وهنجاري سهنجاري هن کي شاهي لباس پهرايو ويو ۽ ڳچيءَ ۾ قيمتي هيرن جواهرن جو هار پارايو ويو. شهزادي جڏهن غسلخاني مان ٻاهر آئي ته جهڙو چوڏهينءَ جو چنڊ هو. هوءَ پوءِ بادشاهه وٽ وئي ۽ هن کي سلام ڪري، فرش کي چمي ڏنائين.

بادشاهه شهزاديءَ کي اهڙيءَ طرح تندرست ڏسي بيحد خوش ٿيو ۽ شهزادي کي چيائين: ”اهو سڀ ڪجهه تنهنجي فيض سبب حاصل ٿيو آهي. خدا ڪري ته تنهنجا فيض سدائين جاري رهن.“ شهزادي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! هن جي پوري شفايابيءَ ۽ مڪمل علاج لاءِ، اڃا به ڪجهه ڪرڻو آهي. ان لاءِ اوهان پنهنجي سڀني نوڪرن چاڪرن ۽ لشڪر سميت انهيءَ هنڌ هلو، جتي اوهان پهرين هن کي ڏٺو هو.هن سان گڏ جيڪو آبنوسي گهورو هو. اهو به اوهان پاڻ سان کڻائي هلو. پوءِ اتي آءٌ شهزاديءَ مان جن کي ڪڍندس ۽ جن کي ماريندس ته جيئن بيهر وري ان جو سايو نه پوي. ”بادشاهه انهيءَ ڳالهه جي اجازت ڏني ۽ انهيءَ چراگاهه ڏانهن آبنوسي گهوڙو موڪليو ويو، جتي بادشاهه دوشيزه، ايراني داناءُ ۽ گهوڙي کي پهرين ڏٺو هو. پوءِ بادشاهه، شهزاديءَ ۽ لشڪر کي ساڻ ڪري گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ان طرف روانا ٿيا. چراگاهه وٽ پهچي، شهزادي (جنهن پاڻ کي حڪيم ۽ طبيب پئي سڏايو) حڪم ڏنو ته دوشيزه ۽ گهوڙي کي بادشاهه ۽ سندس لشڪر کان ايترو پري بيهاريو وڃي جو هنن کي رڳو ڏسي سگهجي. پوءِ بادشاهه کي عرض ڪيائين: ”اي بادشاهه سلامت! هاڻي اوهان جي حڪم ۽ اجازت سان لوبان ٻاري ۽ ڪجهه پڙهي جن کي قيد ڪندس، جيئن هو وري ڪڏهن به هن دوشيزه وٽ وڃي نه سگهي. انهيءَ کان پوءِ، آءٌ آبنوسي گهوڙي تي سوار ٿيندس ۽ دوشيزه کي به پنهنجي پٺيان گهوڙي تي ويهاريندس. جڏهن اسين ٻيئي گهوڙي تي سوار ٿينداسون، تڏهن گهوڙو تيزيءَ سان چرپر ڪندو ۽ دڙها هڻندو ۽ اوهان وٽ هلي ايندو. پوءِ سمجهجو ته سڀ معاملو ٺيڪ ٿي ويو ۽ جيئن اوهان چاهيو ٿي، ائين ئي ٿيو.“ ائين چئي شهزادو گهوڙي ڏانهن ويو ۽ ان تي سوار ٿيو ۽ شهزاديءَ کي به پنهنجي پٺيان گهوڙي تي سوار ڪيائين. بادشاهه ۽ سندس لشڪر اهو تماشو ڏسندو رهيو. شهزادي  انهيءَ وچ ۾ شهزاديءَ کي پاڻ سان سوگهو ڪري جهليو ۽ گهوڙي جي ڦرڻي ڦيرائي، جنهن تي گهوڙي جو رخ نهايت تيزيءَ سان مٿي چڙهڻ لڳو.

شهزادي، گهوڙي جو رخ سڌو پنهنجي پيءُ جي ملڪ ڏانهن رکيو ۽ ڏاڍو خوش خرم سفر ڪندو اچي پنهنجي محالت جي مٿانپهتو. پوءِ گوڙي کي هيٺ لاهيندو اچي محل ۾ لٿو ۽ شهزاديءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃي ويهاريو. شهزادو پوءِ هڪدم پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ ويو ۽ کين سلام ڪري شهزاديءَ جي اچڻ جو اطلاع ڏنائين. اها خبر ٻڌي، هو ڏاڍا خوش ٿيا.

هوڏانهن يونان جو بادشآهه ٻي ڪا واهه نه ڏسي، پنهنجي شهر ۾ موٽي آيو ۽ محلات ۾ غمگين ۽ اُداس رهڻ لڳو. بادشاهه جو اهو حال ڏسي سندس وزير وٽس آيا ۽ کيس تسلي ڏيئي چوڻ لڳا ته ”حقيقت ۾ اهو شخص، جيڪو دوشيزه کي وٺي ويو، هڪ جادوگر ۽ دغاباز هو. خدا جا شڪرانا آهن، جنهن انهيءَ حرفتيءَ جادوگر کان اوهان جي جان بچائي.“ هوڏانهن شهزادي ڪاميابيءَ بعد، خوشيءَ ۾ پنهنجي شهر جي رهاڪن جون شاندار دعوتون ڪيون ۽ سڄو مهينو ماڻهو اهڙيءَ طرح خوشيون ملهائيندا رهيا. آخر هڪ ڏينهن، شهزادي ۽ شهزاديءَ جي پاڻ ۾ شادي ٿي ۽ هو اڳي کان به وڌيڪ خوش گذارڻ لڳا. بادشاهه انهيءَ وچ ۾ آبنوسي گهوڙو گهرائي، ان کي ڀڃارائي ڇڏيو ۽ ان جون ڪَلون پُرزا پُرزا ڪرائي ڇڏيائين. پوءِ شهزادي پنهنجي سهري ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ پنهنجي حال بيان ڪرڻ کان پوءِ، اطلاع ڏنائين ته شهزاديءَ جي مون سان شادي ٿي ويئي آهي ۽ هوءَ مون سان بيحد خوش آهي، شهزادو اهو خط هڪ قاصد هٿان اُماڻيو ۽ ان سان گڏ قيمتي تحفا ۽ سوکڙيون به موڪليون. قاصد جڏهن اُن بادشاهه جي ملڪ ’المين‘ جي شهر ’سنا‘ ۾ پهتو، تڏهن خط ۽ تحفا ۽ سوکڙيون قبول ڪري، قاصد کيک وڏي عزت ڏنائين.

شهزادي ۽ شهزاديءَ جي زندگي وڏين خوشين ۽ مزن ۾ گذرندي رهي، تان جو بادشاهه هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ نوجوان شهزادو پيءُ جي حڪومت هلائڻ لڳو. هن پنهنجي رعيت تي وڏي انصاف سان راڄ ڪيو ۽ شان سوڪت سان حڪومت ڪئي. ملڪ جا ماڻهو هن جي هر حڪم جي تعميل ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح، شهزادو وڏي شان شوڪت ۽ اطمينان سان آرام واري زندگي گذارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com