سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :3

جيڪب واشرمن (جرمني)

 

 

پيءُ جو گناهه

 

چيف جج ڊيسٽرويگ، جنهن جو تازو انتقال ٿيو آهي، هڪ تيز فهم ۽ ڏوهن جي ڳولا جو وڏو ماهر هو. هيٺين ڪهاڻي مون انهيءَ جي ڪاغذن مان ورتي آهي، جيڪي هو مرڻ بعد ڇڏي ويو.

************************

آڪٽوبر مهيني جي هڪ ميرانجهڙي سانجهيءَ جو زڪر آهي. هڪ فرئنڪوئي ڪرمي، جن هن جو نالو ’آدم ارباس‘ هو، ٿڪل ٽُٽل، گنزن هاسن جي پوليس چونڪيءَ تي اچي حاضر ٿيو. هن پوليس کي ٻڌايو ته گذريل رات مون پنهنجي اباڻي ڳوٺ ’آها‘ ۾ پنهنجي ارڙهن ورهين جي نوجوان پٽ ”سائمن“ جو خون ڪيو آهي. هو فوتيءَ کي پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ڇڏي آيوهو. هن پاڻ سان اچو چاقو به آندو هو، جنهن سان پٽ جو گلو ڪپيو هئائين. چاقوءَ تي ان وقت به رت جا داغ لڳل هئا.

پوليس آدم اُرباس جو اهو بيان ڪن ضروري تفصيلن سميت قلمبند ڪري ورتو. هن انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٻڌايو، ۽ پوليس ڪمشنر جي هر سوال تي هن خاموشيءَ کان پئي ڪم ورتو. رات جو ئي واردات واري جاءِ تي سرڪاري طرح چڪاس ڪئي ويئي، ۽ ارباس جو ڏنل بيان صحيح ثابت ٿيو. سندس زال به گهر ۾ موجود هئي. اها خوف ۽ ڏک ۾ چري ٿي پيئي هئي، ۽ سڄي ڳوٺ جا مرد ۽ زالون سندس چوڌاري بيڍا، ساڻس همدردي ڪري رهيا هئا.

آدم ارباس کي ائنسباچ جي جيل ۾ نظر بند رکيو ويو. تن ڏينهن ۾ آءٌ قانوني پيشي ۾ اڃا نئون نئون آيو هوس، ۽ ان واقعي ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، منهنجي ان ضلعي ۾ مقرري ٿي هئي. خوش قسمتيءَ سان، مون کي ان مقدمي جو جاچ ڪندڙ ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو.

شروع ۾ ته ڪيس بلڪل صاف ۽ سڌو سنئون پئي نظر آيو. هڪ ڪڙميءَ، پنهنجي نسلي وڏائيءَ ۽ جهالت واري عقلمنديءَ جي حالتن کي زهني طرح متاثر ٿي، پنهنجي جند ان نالائق پٽ کان آجي ڪئي هئي، جنهن هن لاءِ سوا ڏک، شرم ۽ بدناموسيءَ جي ڪجهه به پيدا نه ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ڇوڪري کي سندس ڪيتن جي سيکت ڏيئي، هن ايندڙ پريشانين ۽ تڪليفن جو مُنهن موڙي ڇڏيو هو.

سڀ شاهد يڪراءِ چئي ويا ته سائمن بلڪل بيڪار، آوارهه ۽ لوفر هو. هو سواءِ گُتن تي ڦيرين ڏيڻ جي، ٻيو ڪو به ڪم نه ڪندو هو. هن جي اهڙي نڪمي اَڍنگي زندگيءَ لاءِ پئسي جي گهرج هئي. جڏهن کيس اهڙن ڪمن لاءِ پنهنجيءَ ماءُ وٽان رقم نه ملندي هئي، ته هو رقم هٿ ڪرڻ لاءِ ٻيا رستا ڳولي لهندو هو. مثال طور: آگسٽ ۾ هو ويزنبرگ جي هڪ ٺيڪيدار وٽ ويو، ۽ کانئس اٺ سؤ مڻ ڪڻڪ جا پئسا، پيءُ جي نالي وٺي کائي ويو. اها ڪڻڪ پنس ان ٺيڪيدار وٽ نيڪال لاءِ موڪلي هئي. ناردلنجن ۾ هو هڪ رنڊيءَ جي چنبي ۾ ڦاسي پيو، جنهن کيس پنهنجي ناجائز ٻار جو پيءُ ظاهر ڪيو. هڪ ڏينهن، موقعو وٺي هو  ان رنڊيءَ کي ڪنهن اوجهڙ ڏانهن وٺي ويو ۽ کيد سهٽو ڏيئي مارڻ لڳو. عورت جي رڙين تي، واٽهڙن اچي هن جي جان بچائي. انهيءَ معاملي ۾ اڃا جاچ پئي هلي، ته آدم اُرباس اڳ ئي انصاف ڪري ڇڏيو.

شاهدين ۾ سائمن جي ڪردار ۽ عادتن تي گهني روشني پئجي چڪي هئي. هو بلڪل اگهاڙو ٿي پيو. سندس ٻالپڻوئي بڇڙاين ۽ لُچاين سان ڀريل هو ۽ ان ۾ چڱائيءَ ۽ نيڪيءَ جي ذري برابر به جهلڪ نه هئي. مثال طور هڪ دفعي سندن نوڪرياڻي شهر مان لينن جا ڇهه چولا وٺي آئي، جي هن فخر سان اچي سائمن جي ماءُ کي ڏيکاريا. ڪمڪ ڪندي، هن گرجا جي گهنڊن جو آواز ٻڌو ۽ چولا رڌڻي ۾ ڇڏي، هوءَ گرجا هلي ويئي. جڏهن موٽي آئي ته سندس چولا گاڏين جي سرائين جي ڪارٺ ۾ ٿڦيا خراب ٿيا پيا هئا. سڀني کي پڪ هئي ته اهو ڪم سائمن ڪيو هوندو. پر، اسڪارف واري معاملي وانگر، ان واقعي ۾ به ڪو ثبوت نه هو. هڪڙي ڏينهن اسڪارف اٽي سان ڀريل گاڏي ڪاهي پئي آيو، ۽ ڪنهن ڪم سانگي گُتي جي ڀرسان، عوري دير لاءِ بيهاري هئائين. جڏهن هو گاڏي ڪاهي اڳتي وڌيو، ته رستي تي اٽو وهندو، اڇي ليڪ ٺاهيندو ويو. اٽڪل ڏهه ٻارنهن ڳوڻيون چاقوءَ سان ڦاڙيون ويون هيون. هر ڪنهن ڄاتو پئي ته اهي ڪرتوت سائمن ارباس جا هئا، پر وٽن ڪو به پڪو ثبوت ڪونه هو.

اهڙيءَ ذلالت ۽ چوريءَ چڪاريءَ جي عادتن ۾، سائمن اڳتي هلي بيحيائيءَ جو به واڌارو آندو. سڀ صهيح خيال وارا ماڻهو يڪراءِ هئا، ته تيزيءَ سان اُسرندڙ انهيءَ زهريلي سَلي جي چوٽيءَ تي نڪو ڏاٽو ٿي پهچي سگهيو ۽ نه وري ان جي پاتال ۾ پيل پاڙن کي ڪو رنبو ٿي ڇُهي سگهيو. مونکي ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه ثابتي ڪانه گهربي هئي. هر ڳالهه صاف ۽ واضح ٿي چڪي هئي، ڪابه ڳالهه ڳجهه ۾ نه رهي هئي ۽ ڪابه رنڊڪ نه رهي هئي. ڇوڪري جي ڪردار ۽ عادتن بابت هر ڳالهه سولي، پڌري ۽ غير مبهم هئي، ۽ هڪ ئي رخ ڏانهن اشارو ڪري رهي هئي.

ان ڳوٺاڻي المناڪ حادثي جي آخري سين تان پردو هڪ آچر تي، گنزن هاسن جي ميلي ۾، کڄي چڍڪو هو. ”آها“ جي گتي ۾، ونڊباچ جا ٻه ڪڙمي ويٺا ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيا هئا، ته سائمن ارباس جي گُرفتاري جا وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن. کين اها سُڌ ڪانه هئي، ته سندن ڀر واريءَ ميز تي ڪو آدم اُربا، سائمن جو پيءُ ويٺو آهي. گتي ۾ ويٺل ٻيا ڳوٺاڻا آدم اُرباس ڏانهن غور سان نهاري رهيا هئا ۽ جنهن نموني ۽ انداز ۾ آدم اُرباس ميز تي گلاس رکي اٿيو، ان مان هنن اندازو لڳايو ته کيس ناردلنجن جي رنڊيءَ جي معاملي جي ڪابه خبر ڪانه آهي ۽ اها هئي به حقيقت، سائمن جي ڪُڌن ڪرتوتن کان آدم کي بيخبر رکيو ويندو هو. هن جو ماٺيڻو سڀاءُ، اوچو رتبو ۽ عزت، جنهن جي ڪري هو قبيلي جو اڳواڻ سمجهيو ويندو هو. سندس چوگرد بچاءَ جي ڀت تي بيٺا هئا. ان کان سواءِ، سندس زال سائمن جي ننڍي ۾ ننڍي لچائي به هن کان لڪائيندي هئي. پر جي ڪا خبر هن تائين پهتي به ٿي، ته جوڻس ان جي زور ۽ اثر کي گهٽائي هڪ معمولي ڳالهه بنائي پيش ڪندي هئي. ماڻهن جو اهو غلط خيال هو ته هن کي پٽ جي ڏنگاين ۽ حرڪتن جي خبر ڪانه آهي، يا هو ڄاڻي واڻي انهن کي نظر انداز ڪري ٿو. هن کي سڀ ڪجهه ڄاڻ هئي ته اهڙن معاملن ۾ ماڻهن کي ڪيئن شڪ ۾ رکجي.

سائمن جي باري ۾ گهر کان ٻاهر جيڪي افواهه پکڙيل هئا، انهن بابت هڪ گَهڻ- ڳالهائو نوڪرياڻيءَ اچي ماڻس سان ڳالهه ڪئي هئي. ان وقت آدم به گهر ۾ موجود هو ۽ پنهنجو منهن دريءَ طرف ڪري، هروڀرو ٻاهر نهارڻ لڳو، ته جيئن زال سان اک نه ملائي سگهي. ان وقت سنجها ٿي چڪي هئي. ايتري ۾ هڪ سِربند، فرانزسيفر، ٻاهران آدم جي زال کي سڏ ڪري ٻڌايو ته ”سائمن گنزن هاسن جي گُتي ۾، هڪ مرد ۽ عورت کي زوري شراب پياري رهيو هو، ۽ پاڻيءَ وانگر مٿن پئسا پيو هاري.“ وڃڻ مهل هو ٽوڪ واري نموني ۾ چوندو ويو. ”تنهنجو پکي به ڄاڻ ته پڃري ۾ آيو. پوليس پنڌ ۾ هوندي!“ اڳتي هلي اهو ظاهر ٿيو ته اها ڳالهه ڪوڙي هئي، ۽ سائمن جي گرفتاريءَ بابت رڳو غلط افواهه هئا.

نوڪر چاڪر سڀ ميلي تي ويل هئا. ڪڙميءَ جي زال ڀِت سان رکيل بينچ تي ليٽي پيئي هئي. آدم ارباس پنهنجن ڳرن قدمن سان ڪمري ۾ پسار ڪري ڪجهه ويچاري رهيو هو. جلد ئي هنن وچندڙ قدمن جو آواز ٻڌو، جو رستي طرف کان اندر وڌندو پئي ويو. پوءِ در جي گهنٽي وڳي، در تي مُڪن جو وسڪارو ٿيو  ۽ ان سان گڏ گارين جو ڌوڙيو. عورت ٽڏ ڏيئي اٿي ۽ ٻاهر وڃڻ لڳي. اُرباس آڱر مٿي ڪري کيس چيو: ”ڇڏي ڏينس!“ هوءَ چانئٺ وٽ ئي رڪجي بيهي رهي، جهٽ کان پوءِ سائمن جو چهرو ڀر واريءَ دريءَ مان ظاهر ٿيو، شراب جي اثر کان بي رنگ چهرو ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل اکيون. ماڻس رڙ ڪري کيس واپس وڃن لاءِ چيو، ۽ هو اوجهيل ٿي ويو. ٿوريءَ دير لان سانت ٿي ويئي، ۽ پوءِ وري ڀر واري ڪمري ۾ ڌماچو ڪڙي لڳي ويئي. سائمن پوئين دروازي کان گهر ۾ گهڙي آيو هو. اونداهيءَ ۽ بدمستيءَ جي ڪري، ڪمري ۾ رکيل سامان سان ٽڪرجي، هو ٿاٻا کائي رهيو هو. ڪنهن شيءِ جي زور سان ڪرڻ جو آواز ۽ ماءُ پاڻ نه جهلي، ڍڪي وڃي در کوليو. در کليو ته روشنيءَ ۾ پٽس، ٿڙندو فرش تان اُٿيو. هن پننهجي ماءُ پيءُ ڏانهن ٻانهون اُلاري، وات مان گارين جي پالوٽ ڪئي. آدم اُرباس جي زندگي فيصلا ڪن مرحلي تي پهچي چڪي هئي. سندس زال بيان ۾ ٻڌايو ته ”ان وقت ڪاوڙ ۾ هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪنبي رهيو هو.“

سائمن پنهنجي ڪمري ۾ پهچي، در زور سان ٻيڪڙي ڇڏيو ۽ ٿوري دير لاءِ واري سانت ٿي ويئي. آدم ڪاوڙ ۾ ڏڪندڙ ٻاهر نڪتو ۽ سندس پويان زال به روئندي ٻاهر ائي. هن پنهنجو منهن چولي جي پلاند سان لڪائي ڇڏيو هو. پنج منٽ کن هو ٻيئي ورانڊي ۾ بيٺا رهيا. پوءِ آدم وڌي سائمن جي ڪمري ۾ ويو ۽ اندران در ٻيڪڙي ڇڏيائين. ڪڙميءَ جي زال وڌيڪ ٻڌايو ته ”مون کي ان ڳالهه جي سڌ پئجي ويئي هئي ته اڳتي ڇا ٿيڻُ هو. پر آءٌ بت بڻي بيٺي رهيس. مون ۾ چرُڻ جي سگهه نه رهي هئي.“ اها ڳالهه شاهدين مان ظاهر نه ٿي سگهي ته سائمن ان مهل نشي ۾ بُت ٿيو ستو پيو هو، يا پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه به ٿي هئي. سائمن جي ماءُ پُڇا ۾ هڪ دفعو ٻاڌيو ته ”آدم جي اند وڃڻ کان پوءِ به ڪمري ۾ خاموشي هئي.“ ۽ پوءِ وري يچائين: ”ٻيئي پيءُ پٽ پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا، ڳپل وقت تائين.“ هن ٻڌايو ته، ”ڪمري جا ٻيئي پيءُ پٽ ۾ ڳالهائيندا رهيا، ڳپل وقت تائين.“ هن ٻڌايو ته، ”ڪمري جا ٻيئي در اندران بند ٿيل هئا، ۽ هوءَ پاڻ سگريءَ وٽ بيٺي هئي.“ پر سگريءَ وٽ بيٺل ماڻهوءَ لاءِ، ڪمري ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ ناممڪن هئي. اسان واردات واريءَ جاءِ تي اهڙآ ڪيئي تجربا ڪري ڏٺا هئا. اها ڳالهه به خاص ڪري ڌيان ڇڪائيندڙ هئي ته هوءَ اهو پڪيءَ ريت نه ٻڌائي سگهي ته آدم سائمن جي ڪمري ۾ ڪيترو وقت رهيو. هڪ دفعي هن ٻڌايو  ته آدم سائمن جي ڪمري ۾ ڪيترو وقت رهيو. هڪ دفعي هن ٻڌايو ته اهو وقت پندرهن منٽن کان وڌيڪ نه هو، ۽ ساڳئي ئي بيان ۾ وري هن ٻڌايو ته آدم سائمن جي ڪمري ۾ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ترسيو هو. جنهن چاقوءَ سان قتل ڪيو ويو هو. سو آدم اُرباس جو نه، پر سائمن جو هو. اها ڳالهه به چٽي ٿي نه سگهي، ته چاقو ان ئي ڪمري ۾ پيل هو يا سائمن وٽ هو. انهيءَ باري ۾ آدم ڪجهه نه ٻڌايو، جيتوڻيڪ اها ڳالهه واقعن ۽ حالتن جي ثابتيءَ لاءِ، اهميت واري هئي. تڏهن به ان تي ڪا وڌيڪ روشني پئجي نه سگهي.

آءٌ اهو ٻڌاڻ ضرور ٿو سمجهان ته شروع ۾ اهي واقعا پنهنجي غير معمولي اهيمت ۽ نوعيت هوندي به مون لاءِ، ڪا دلچسپي پيدا نه ڪري سگهيا. اهڙن ڏوهن ۾ اهي واقعا عام هوندا آهن. پيءُ هڪ اڻٽر ۽ ضدي ماڻهو هو، جنهن جي ڳوڍاڻي وقار جي حس  ڀڙڪي اٿي هئي، ۽ پنهنجيءَ پسند موجب انصاف ڪري ڇڏيائين. پٽ حد درجي جو بدمعاش ۽ آوارهه هو، جنهن جو اهڙو حشر ٿيڻ ڪا اهم يا نئين ڳالهه ڪانه هئي ۽ ماءُ ٻنهي جي وچ ۾ لٽڪيل هئي. ظاهر آهي ته اهي سڀ واقعا هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون پئي نظر آيا، ۽ ان حالت ۾ انصاف کي پنهنجي رستي اختيار ڪرڻ ۾، ڪابه ظاهري رندڪ يا مونجهارو ڪونه پئي نظر آيو.

ماضيءَ جي گهري معالعي ۽ آدم اُرباس جي ڪردار جي ورق گردانيءَ ڪندي، ان معاملي ۾ منهنجي دلچسپي آهستي آهستي وڌندي ويئي. سمجهيو ته اوهين ڪنهن پٿر جي ڀت جي اڳيان بيٺا آهيو. اوچتو اوهان جي نظر ۾ ڀت تي هلڪا ۽ جهڪا لفظ ظاهر ٿين ٿا. اوهين انهن کي چتائي ڏسڻ جي ڪوشس ڪندا، ۽ جيئن جي.ئن اهي نشان اوهان جي اڳيان چٽا ٿيندا ويندا، تيئن تئين انهن کي سمجهڻ الءِ اوهان جو اشتياق وڌندو يوندو، اوهين اهي لفظ حرف حرف ڪري پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا، تيستائين، جيستائين اوهان جي اڳيان اها لکت چٽي ۽ واضح نه ٿي پوندي. اهڙي ئي قسم جي ويڌن، مون سان هن ڪيس ۾ ٿي رهي هئي.

شاديءَ جا پهريان تيرنهن سال آدم اُرباس ۽ سندس زال بي اولاد هئا. زال ان کي پنهنجي بخت جي ڪوتاهي سمجهندي هئي. ان جي برخلاف، اُرباس ان باري ۾ قسمت وغيره جو قائل ڪونه هو. هو ٻين ڳوٺاڻن وانگر قدامت پسند نه هو، پر بي وارث مري وڃڻ، هن پاڻ لاءِ هڪ لعنت پئي سمجهيو. اهڙي ڪمائڻ ۽ بچائڻ مان ڇا فائدو؟ آرامدهه ۽ سينگاريل گهر، ٻنيون، ڍور ڍڳا، چراگاهه، اَن سان ڀريل ڀانڊا، ملون ۽ ڌن، اهي سڀ ڪهڙِ ڪم جا؟

آدم ان جي ڪنهن سان به شڪايت ڪانه ڪئي، نه زال سان، ۽ نه ڪنهن ڳوٺاڻي سان، جڏهن ڪٿي ان موضعو تي ڪو بحث هلندو هو ته هن جي منهن تي رتيءَ برابر به تبديلي ڪانه ايندي هئي. هو اهڙن موقعن تي، حد کان وڌيڪ سنجيدو ۽ لاتعلق ٿي ويندو هو.

مهيني ۾ هڪ ڀيرو البت هو پنهنجيءَ زال ڏانهن عجيب نظرن سان نهاريندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته سندس خواهشون پگهر جي سندس اکين مان وهي رهيون هجن، پر انهن نظرن ۾ ظاهري طرح ته ڪو به مقصد ڪونه هوندو هو. ٻنيءَ تي ڪمڪ ڪندي به هن کي ڪيترائي پور پوندا هئا. هو گاهه جا گڏا ٻڌندي ٻڌندي بيهي رهيو هو، ۽ زال کي عجيب نطرن سان گهوريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو جوڻس کي اوچتو جاڳ ٿي پوندي هئي ۽ هوءَ ڏسندي هئي ته مڙسس سندس پاسي ۾ ٺونٺ تي ليٽيو، کيس انهن ئي نظرن سان گهوريندو هو. يا وري گرجا جي اڳيان چُوسول تي ڪنهن ڳوٺاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي هوءَ خاموش ٿي يوندي هئي، ۽ ڏسندي هئي ته کانئس ٻه ٽي وکون پري سندس مڙس هن ڏانهن پيو گهوريندهو هو. هن جي نظرن ۾ ڪڏهن به ڪاوڙ جي جهلڪ نه آئي هئي! ڪڏهن به ڌمڪيءَ جا آثار نه هئا! سندس اهڙين نگاهن ۾ ڪو به ڏوراپو ڪونه هوندو هو! اها هڪ آرزومند مرد جي سادي نگاهه هئي، جيڪا هڪ نه ختم ٿيندڙ خاموشيءَ سان هڪ عروت جي اندر ۾ ڪجهه ڳوليندي رهندي هئي.

اهڙو اتفاق ته مهيني ۾ هڪ دفعو ته ضرور ٿيندو هو. شروع شروع ۾ جوڻس ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ ان کي رڳو مڙس جو خفقان ۽ پُور سمجهند يرهي، جنهن جو مطلب سمجهڻ  هن ڪڏهن به ضروري نه پئي سمجهيو. هوءَ اهڙن موقعن تي ٽهڪ ڏيئي، ڪانه ڪا کل جهڙي ڳالهه ڪري ڇڏيندي هئي. هوريان هوريان اهڙو وقت به آيو، جڏهن هوءَ انهن نظرن کان پاڻ بچائڻ لڳي، ۽ دل مان انهيءَ خيال ڪڍڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳي. نيٺ اهڙيون گهڙيون به آيون، جو هوءَ ان تي لڳاتار سوچيندي رهي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب پنهنجيءَ دل کان پڇندي رهي.

هوءَ اڪثر پَهه پچائيند هئي: ”ڇا، ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائي نه سگهندا آهن؟ هن جي اها زبان هڙي ڪم جي، جنهن سان هوءَ پنهنجن ويچارن جو اظهار به نٿي ڪري سگهي؟ آخر همٿ ڪري، هن ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو. پر جڏهن آزمائش جي مهل آئي ۽ هن ڳالهائڻ لاءِ منهن کوليو، ته سندس ڪٺي ڪيل سموري سگهه ڪافور ٿي ويئي. هن پاڻ کي عيبدار محسوس ڪيو ۽ اندر ۾ اڌما اٿڻ لڳس، پر دل جي ڳالهه کي زبان تائين پهچڻ جي نوبت نه اچي سگهي. هن وري محسوس ڪيو ته پاڻ بي عيب هئي، پر ڪانه ڪا شيءِ عيبدار ضرور هئي، جيڪا سندس ئي اندر ۾ موجود هئي. بدلجندڙ مُندن ۽ انهن جي مختلف مصروفتين، پنهنجي اثر سان ڏينهن ته ڦيرائي عام معمول تي آندا هئا، پر ڇوٽڪاري جا ڏينهن کٽندا ويا. ڪڙميءَ جي نظرن جي خوف، هن جي وچارن کي فالج زدهه ڪري ڇڏيو هو. اهڙا مريض ويچار، سندس جسم ۾ دورا ڪري، کيس پنهنجي عيبدار هجڻ جا احساس ڏياريندا رهيا. نومبر کان وٺي فيبروريءَ واري مهيني تائين، سندس گهر جون ڀتيون به ڄڻ ڪٺُر بنجي وينديون هيون. گهر جي فضا ۾ سندس ساهه پيو ٻُوساٽبو هو. آسمان لهي اچي سندس درين تي بيهندو هو، ۽ شام کيس ائين لڳندي هئي، ڄڻ ته اها سندس جم جي چوگرد ويڙهجي ويئي هجي. منجهسلٽي ڪپڙي اَوڍڻ جي همٿ به ڪانه رهي هئي. هوءَ اندرئين ماحُل کان پريشان ٿي. پنهنجون نظرون دريءَ کان ٻاهر اڇليندي هئي، جتي ڳائو مال قطار ڪريو بيٺو هوندو هو، ۽ رستي جي ٻنهي پاسن تي برف ڄمي پيئي هوندي هئي.

هن کي رڳو ٻن ڳالهين جي سُڌ هئي، هڪ سندس وجود، ۽ ٻِو ان سان لاڳو ڀؤ. اٺاويهه ڏينهن ۽ راتيون اُداس ۽ اُٻاڻڪيون گذري ويون. صبح جو اٿي، آدم اچي سگريءَ وٽ ويهندو هو، ۽ نيرن ڪرڻ کان پوءِ، پائيپ دکائي، ٻاهر ٻنين ڏانهن هليو ويندو هو. شام جو موٽڻ تي به، هو چُپڙي ڪري اچي اتي ئي ويهي رهدنو هو. پوءِ ماني کائي، دعا گهري، ماٺڙي ڪري وڃي سمجهي پوندو هو. اها هئي سندس روزمرهه جي زندگي! ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿيندي هئي ۽ نه وري ڪا حال احوال جي ڏي وٺ ئي ٿيندي هئي. اجنبيت جو احساس سدائين مٿن غالب هو! پر ان ورتاءُ به ڪا راز جي ڳالهه نظر نه ايندي هئي، ڪنهن به قسم جي بدنيتي ڪانه ئي، رڳو خاموشي ۽ سڪوت!

۽ پوءِ اهو وقت به آيو، جڏهن ڪنهن احساس کيس نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڄڻ ته ڌونڌاڙي ڇڏيو. اوچتو دروازو کليو ۽ هن مڙسس کي پنهنجي اڳيان بيٺل ڏٺو. هن جي اکين ۾ اونهائي هئي، سندس نڙي ڄڻ ته سُڪي ويئي هئي، هو ڪو به لف

ظ نه پئي ڀُڻڪيو، رڳو اکيون وجهيو بيٺو هو. اهڙيون اکيون، جيڪي سراسر سوال ٿي پيون هوين. ڇو ڀلا....ڇو، ٻين سڀني کي اولاد آهي، ۽ رڳو تون محروم آهين؟ تنهنجي ٻني ڇو غيرآباد ٿي رهي؟

ٻارنهن سال اهڙي ريت گذري ويا، ۽ عورت انهن ئي ڳڻتين ۾ ڳرندي ويئي. هوءَ موڳي ۽ ملول ٿي پيئي هئي، ۽ راتين جو اڪثر ڇِرڪ ڀري جاڳي پوندي هئي. اهڙن موقعن تي جيتوڻيڪ سندس مڙس ننڊ ۾ هوندو هو، تڏهن به هن جي ٻرندڙ اکين جا اُلا کيس ساڙيندا رهندا هئا. ڏنهن جو هن جي اچڻ جو کڙڪو ٻڌي، هوءَ وڃي ڀانڊي ۾ لڪندي هئي، ۽ تيستائين ٻاهر نه نڪرندي هئي، جيستاسئين هن جي واپس ويندڙ قدمن جو پڙلاءُ سندس ڪنن کان پري نه ٿي ويندو هو. گهر جي ڪمن تان ته هن جو ارواح ئي کڄي ويو هو، نوڪر وڌيڪ سُست ۽ ڪمچور ٿيندا پئي ويا.

مڙس کي پاڻ سونپڻ کان انڪار ڪيو هو. هن جي ڀاڪر ۾ هوءَ ڏڪڻ لڳندي هئي. پنهنجي ناقص منطق سان، هن اهو نتيجو ڪڍيو ته جي هوءَ پاڻ هن اڳيان پيش نه پوندي، ته هو به کانئس ڪجهه نه گهرندو. هن جي ڇُهاءَ سان هوءَ سڄي ٿڌي ٿي ويندي هئي، ۽ سندس بت جو سمورو رت ڄمي ويندو هو. هن جي اندر واري عورت مري رهي هئي. پوءِ، وري آدم کيس ريجهائڻ شروع ڪيو، هڪ نِن ڍنگ سان، جنهن جي کيس ڪا ڄاڻ ئي ڪانه هئي. هو مٺن مٺن لفظن ۽ نرم نرم منٿن جي وسيلي هن کي ويجهو اچڻ لاءِ ريجهائڻ لڳو هو. هن جي اهڙي ريجهائڻ ۾ اڪثر ڪري هڪ قسم جو احتجاج لڪل هوندو هو. ڄڻ ته هوءَ ڪٿي لڪي بيٺي هئي، ۽ کيس ڳولي رهيو هو- هڪ اڻلڀ شيءِ لاءِ اجائي جستجو ۽ ڳولا. هن جي حالت هڪ ڇُڙواڳ ڍور وانگر ٿي پيئي هئي.

اهو معاملو ٻه سال هليو. هوريان هوريان، عورت جو ڊپ مرڻ لڳو. هن محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته مڙسس اڳيان پاڻ هڪ اهڙي جانور جهڙي هئي، جنهن کي سڄي ڏينهن جي محنت کان پوءِ، مار ڏيڻ بدران چڱو کاڌو ڏنو وڃي ۽ چڱي سنڀال ڪئي وڃي. ان خيال عورت جي دل ۾ مرد لاءِ، همدرديءَ ۽ عزت جو جذبو جاڳايو. ۽ هوءَ سمورين تمنائن ۽ خواهشن سميت هن جي اڳيان جهڪي پيئي. هڪ مهينو پوءِ، هوءَ اميد واري هئي.

جڏهن کيس پنهنجي پيٽ سان هجڻ جي پڪ ٿي ويئي، ته هن ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو. هوءَ گهر ۾ فخر سان گهمڻ لڳي. نوڪرن تي ڪڙي نظرداري ڪري، کانئن ڪم وٺڻ لڳي ۽ پاڻ هر ڪم ۾ هٿ وجهڻ لڳي. هوءَ گهڻ ڳالهائو ٿي پيئي، ۽ سندس چهري جي وڃايل سرهائي موٽي آئي. منجهس آيل تبديلي ڏسي هر ڪنهن کي عجب ٿي لڳو. آدم پڻ سندس پريل ورتاءُ تي هيران هو. پر هن کيس پاڻ ۾ آيل تبديليءَ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو، ڇو جو هن چاهيو ته سندس ڀتار کي ان ڳالهه جي سُڌ ڪنهن چڱي ۽ سٺي موقعي تي پوڻ گهرجي. آخر ته هوءَ هن کي هڪ بي بيها سوکڙي ڏيڻ واري هئي!

هڪ ڏينهن هن هڪ عاليشان پوشاڪ پاتي، ۽ مڙس کي مٿينءَ ماڙيءَ جي ان ڪمري ۾ وٺي ويئي، جتي شيشن وارين الماڙين ۾، سندن پشت به پشت ورثي ۾ مليل، سوغاتون رکيل هيون. ڪمري ۾ پهچي، هوءَ هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي، ۽ پنهنجا هٿ گوڏن تي رکي هن مڙس کي مختصر نموني سان سڀ ڪجهه ٻڌايو.

اهو ٻڌي، آدم ۾ خوشيءَ جي هڪ تيز لهر ڊوڙي ويئي. اوڻيهه سال پوءِ، جڏهن هوءَ منهنجي اڳيان اها ڳالهه بيان ڪري رهي هئي، ته ان وقت به سندس چهرو خوشيءَ وچان چمڪي رهيو هو. جهت کان پوءِ، آدم جو ڪڻڪ رنگو منهن بلڪل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هو کل ۾ اچي ڇٽڪيو هو. آخر ۾ سندس اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ وهي پيا هئا. خوشيءَ ۾ اچي، هن زال جي ڪلهي تي اهڙي ته زور سان ڌڪ هنيو هو، جو هن کان بي اختيار رڙ نڪري وئي هئي. ان تي هو هو ڪجهه ملول ٿيو هو ۽ کانئس نگاهن ئي نگاهن ۾ معافي وٺي سندس پُٺي پيار ۽ سڪل سان ٺَپرڻ لڳو هو.

هن زال کي پنهنجي سنڀال ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي، ۽ ڊاڪٽرن سان به صلاح مصلحت ڪري آيو هو. مٿانئس ڪم جي بار گهتائڻ لاءِ، هن هڪ وڌيڪ نوڪرياني به رکي هئي. هن کي ڪَکَ به ٻيڻو نه ڪرڻ ڏيندو هو. جڏهن هوءَ ويٺي ٻار جا ڪپڙا سبندي هئي، ته هو سندس ڀر ۾ اچي ويهي رهندو هو ۽ ڏانهس پيار ۽ عزت ڀريل نگهان سان گهوريندو رهندوهو. وقت پنهنجي قدرتي وهڪ ۾ وهندو ويو ۽ اها گهڙي به اچي پهتي، جڏهن ”سائمن“ ڄائو. نئين چاول ٻار کي هنج ۾ کڻي، هو گهڻ دير ان کي گهوريندو رهيو-خوشيءَ ۾ ڦاٽندڙ انداز سان.

سائمن به ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر وڌن لڳو. هن لاءِ ڪابه غير معمولي سهولت يا حالت پيدا نه ڪئي ويئي هئي. هن کي اهو به نه ٻڌايو ويو، ته ماءُ پيءُ کي هن لاءِ ڪيترو نه ڊگهو ۽ ڏکوئيندڙ انتظار ڪرڻو پيو هو.هن کي ماڻهن اڳيان پاڻ موکڻ لاءِ، سخت محنت ۽ مشقت درڪار هئي. عمر جي واڌ سان، ايندڙ واقعن اڳيان، ٻالپڪڻي جا ڪارناما پاش پاس ٿي ويندا هئا. ٻالپڻي جي ڪوتاهين ۽ خامين مان چڱيءَ طرح ظاهر پئي ٿيو ته هو لائق هو يا نه. انهن واقعن جي لڳاتار مشاهدي، آدم ۾ بي آرامي ۽ اُڻتڻ پيدا ڪئي هئي. هو سدائين ڳوڙهن ۽ اونهن خيالن ۾ گم رهندو هو. انهن خيالن ۽ ڳڻتين هن جي منهن ۾ گهنج وجهي ڇڏيا هئا. سائمن جي حرڪتن بابت سندس مشاهدو ڪجهه بناوٽي لڳندو هو. ڪنهن به صحيح طرح نه پئي ڄاتو ته هو سائمن بابت ڪيتري قدر وياڪل هو. اتفاقاً، مون کي ان حقيقت جي خبر پئجي وئي. سا به اهڙي نموني، جو ڪڏهن به وساري نه سگهندس يا ائين کڻي چئجي ته بيان به نه ڪري سگهندس، حالانڪ بيان ئي منهنجي اظهار جو واحد طريقو آهي.

پيءُ پٽ درميان اوچو نظرياتي ميلاپ، خود آدم جي وجود سان ئي ختم پئي ٿي ويو. هن پاڻ کي هڪ هاري پئي ڄاتو، خود هڪ بادشاهه! زمين هن جي زمين هئي، کيت جا کيت هئا، مندون به هن جون هيون، سندس فصلن ۽ لابارن لاءِ، هو زمين تي حڪم هلائيندو هو، ۽ هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ به گاهه جو سلو نه پئي اُسري سگهيو. هن جون نگاهون سندس ٻنيءَ جي حد بنديءَ وارن پٿرن تي وڃي ختم ٿينديون هيون، جي صدين کان هڪ جاءِ تي بيٺا هئا. ملڪيت سڀ کان وڌيڪ مقدس امانت آهي، ۽ امانت آهي، ۽ مالڪ ان جي بچاءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي پونجيءَ جي آخري ڪوڏيءَ تائين، رت جي آخري ڦڙي تائين. ملڪيت- جا هڪ پٽ پيءُ کان حاصل ڪري ٿو، ۽ وري پيءُ پٽ کي ڏيئي وڃي ٿو. اهو زمانن کان هلندو اچي، اهو قدرتي اصول آهي، جنهن ۾ ڪو به ڦيرو نٿو اچي سگهي.

پر آءُ ڳالهه تان هٽندو ٿو وڃان، ۽ بيان جي سلسلي کي ٽوڙندو ٿو وڃان.

دستور موجب، آدم پڇا ڳاڇا ۾ ڪابه خاص ڳالهه ڪانه ڪئي. هن جي ورندين ۾ رتيءَ جيترو به فرق نه پئي آيو. ورجائي ورجائي پڇڻ تي هن هڪ تعجب ۽ ٿڪاوٽ جو اظهار پئي ڪيو. هن پاڻ کي رڳو ظاهري حقيقت تائين محددو پئي رکيو. هن بچاءَ ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ۽ نه وري وڪيل جي تقرير ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيو. هن منهنجي هر صلاح کي ٺڪرائي ڇڏيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته رضاڪارانه طور تي خون جي مقصد بيان ڪرڻ سان سندس سزا ۾ ڪمي اچي سگهي ٿي، ته هن پروقار لهجي ۾ ورندي ڏني! ”ان جو هن ڳالهه سان ڪو واسطو نه آحي!“ مون اهڙن بيڪار سوالن جي پچر ڇڏي ڏني. شاهدن جي بيانن مان منهنجي ان ڄاڻ جي وڌيڪ تائيد ٿي ته حادثي جي زنجير مان مقصد وغيره جي ڪڙي ٽُٽل هئي.

مقدمي جي ڪارروائيءَ ۾، ٻن ڳالهين تي ڪابه روشني پئجي نه سگهي. هڪ فوتيءَ جي جسم تي ويڙهه جهيڙ يا پاڻ پتوڙڻ جي ڪابه نشاني ڪانه هئي. هن جا سڀئي عضوا بلڪل سڌا ۽ سالم هئا. ڪپڙن تي به ڪا نشاني ڪانه هئي، ۽ نه ئي چهري تي اهڙا آثار هئا. جيڪڏهن آدم ڏوهه نه باسي ها، ته هوند يقين ڪرڻ ئي مشڪل ٿي پوي ها، ته ڪو ڇوڪري کي خون ڪيو ويو هو. ٻي ڳالهه، ته اهو ثابت ٿي چڪو هو ته چاقو خود سائمن جو هو. آدم پڇا ۾ ٻڌايو هو ته چاقو سائمن جي ڪمر پٽي ۾ لڳل هو، مون اتان سٽ ڏيئي ڪڍيو ۽ ڇوڪري کي وهائي ڪڍيو. ايترو ته هن گهني ۽ مسلسل زور ڪرڻ تي ٻڌايو. اها ڳالهه اَڻ ٿيڻي پئي لڳي. بئي ڏينهن ئي هن وري چيو ته چاقو ميز تي رکيو هو ۽ سائمن صبح جو ڊبل روٽِ ڪپي وساري ويو هو. جڏهن مون سندس اهڙي اهم نڪتي کي ناقص چيو، ته هن جون نگاهون زمين ۾ کپي ويون، ۽ سندس چهري تي مونجهاري جا بادل اچي يوا. ان وقت هو پهريون دفعو ايترو منجهيل نظر اچي رهيو هو.

هن جي خاموشي ٽوڙڻ لاءِ، منهنجي دل ۾ هڪ زوردار خواهش پيدا ٿي. آءٌ لڳاتار هن جي باري ۾ سوچيندو رهيس. ڪيس جي ظاهري حالتن ۾ هن جي ارڏائيءَ مون کي گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو. منهنجي اندر مان هر هر اهو آواز پئي آيو ته ’هي ماڻهو هرگز خوني ڪونهي!‘ هو اهڙو ماڻهو نه پئي لڳو، جيڪو ڪنهن انسان جو قاتل ٿئي، ۽ پنهنجي پٽ جو گلو ڪپي پاڻ تي وحشت جي لعنت کڻي، پر هن پاڻ ئي ته اهو سڀ ڪجهه باسيو هو! حقيقت ڇا هئي؟ هو جيترو به وقت پنهنجي پٽ جي ڪمري ۾ رهيو، خاموس بيٺو هو، يا وڌ ۾ وڌ ڪلها لوڏيا هئائين. آخري پڇا ۾، هن اهو به ظاهر ڪيو ته هو اتي ڪلاڪ کن ترسيو هو. ان اڌ ڪلاڪ ۾ ڇا وهيو واپريو؟ اهڙِ سوال تي هن ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏيو ۽ سندس پِنبڙيون آليون ٿي ويون ٿي.

آخر مون پنهنجي مونجهاري هٽائڻ لاءِ راهه ڳولي ڪڍي. مون کي پنهنجي پيشي واري حيثيت ڇڏي، هن جي اڳيان هڪ انسان جي حيثيت ۾ وڃڻو هو. من محسوس ڪيو ته ڪنهن حد تائين آءٌ هن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هوس. مون ساڻس بلڪل اٽٿيڻين ۽ نه مڃڻ جوڳين ڳالهين تي نرميءَ جو ورتاءُ به ڪيو. مون کي اهڙن وقتن تي هن جي عظمت جو احساس وڪوڙي ويندو هو. آءٌ ان ڳالهه تي سوچڻ ۾ ڪجهه اٽڪيو به هوس، ته متان ٻاهرين اثرن جي دخل اندازيءَ سبب، هن جي مخصوص طبيعت ڀڙڪي اٿي، مون خيال ڪيو ته منهنجي ۽ هن جي طبيعت ۾ ڪا هڪ جهڙائي به هئي يا نه پر هن جي ڪردار جو مطالعي، مون مان اهڙا شڪ ڪڍي ڇڏيا. آدم ڪو عام ۽ رواجي هاري نه هو. هو آمريت پسند هاري هو. هن جي ڄاڻ ۽ ذهانت رشڪ جي قابل هئي. ان ڪري ئي آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته منهنجو هن سان ملڻ رائگان نه ويندو. مون ان تي وڌيڪ سوچڻ ڇڏي ڏنو. ڊسمبر جو مهينو هو، ۽ هڪ ڏينهنآءٌ جيل ۾ ويس- آدم سان ملاقات ڪرڻ.

آءٌ هن وٽ بنديخاني ۾، اڳ به هڪ ٻه دفعا وڃي چڪو هوس. هن جي ڪوٺڙي رهڻ جهڙي جڳهه هئي، چڱي سينگاريل، گرم ۽ رهائش جي هر سهولت سان آراسته. هو ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ انجيل کوليو ويٺو هو. مون کيس سلام ڪيو، ڪوٽ لاهي ٽنگڻيءَ تي رکيم ۽ سندس سامهون ٿي ويٺس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com