لئام. او. فليهرٽي
پهرين اُڏامَ
ننڍڙو سامونڊي ڪبوتر، پنهنجي پهاڙي آکيري ۾، اڪيلو ويٺو هو. هن
جا ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي اُڏامي ويا
هئا. هن کي اُنهن سان گڏ اُڏامڻ ۾ ڀؤ پئي ٿيو. هن
جڏهن اُڏامڻ جي ڪوشش ڪندي، پنهنجي آکيري جي ڇيڙي
تائين ڊوڙ پاتي ۽ پَرَ ڦڙڪايا، تڏهن هن تي خوف
طاري ٿي ويو. سندس پهاڙي آکيري جي هيٺان اٿاهه
سمنڊ هو، جيڪو ايتري قدر ته هيٺ هو جو، ميلن جا
ميل هيٺ پئي نظر آيو. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ته
هن جا پَر سندس بار کڻي ڪونه سگهندا. ان ڪري هو
پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، پهاڙ جي ڪناري تان ڀڄي، واپس
وڃي پنهنجي آکيري ۾ ويٺو، جتي هو رات جو سمهندو
هو. جيتوڻيڪ سندس ڀائرن ۽ ڀيڻ جا پَر سندس پَرن
کان گهڻو ننڍا هئا، ان هوندي به جڏهن هو ڊوڙ پائي
پهاڙ جي ڪناري وٽان پنهنجا پَرَ ڦڙڪائي اُڏامي
ويا، ته هن کي ايتري همت ڪانه ٿي، جو هيءُ به پَرَ
ڦڙڪائي، پهاڙ تان ٽپو ڏيئي اُڏامي وڃي. هن کي پهاڙ
تان ٽپو ڏيڻ خطرناڪ پئي لڳو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ به
هن کي ڦري آيا هئا ۽ هن کي رَڙيون ڪري اُڏامڻ لاءِ
چيائون ٿي، ۽ دڙڪو ڏنائونس ته ”جي تون نه
اُڏامندين، ته توکي اتي اڪيلو ڇڏي وينداسين، پوءِ
ڀل ته پيو بک مر.“ پر هو پنهنجيءَ جان جي خوف کان
اُڏاڻو ئي ڪونه.
انهيءَ ڳالهه کي ڇويهه ڪلاڪ گذري چڪا هئا، ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪوبه
سندس ويجهو ڪين آيو. هڪ ڏينهن، هن پنهنجي ماءُ
پيءُ کي پئي جاچيو، جن سندن ڀائرن ۽ ڀيڻ کي سارو
ڏينهن اُڏامڻ جي مشق ٿي ڪرائي ۽ هنن کي اُڏامڻ ۾
ڀَڙ ٿي ڪيو. ماءُ پيءُ پنهنجن ٻچن کي سمنڊ جي
ڇولين مٿان ٽپو ڏيڻ، غوطو هڻڻ ۽ سمنڊ مان مڇيون
پڪڙڻ تي سيکاريو. دراصل هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي
پنهنجي پهرين شڪار ڪري، ٽڪريءَ تي ويهي کائيندي ۽
ماءُ پيءُ کي اُن جي چوڌاري فخر سان چرپر ڪندي.
ڏٺو هو. انهيءَ ڏينهن سندس ساري ڪٽنب، سامهون پهاڙ
جي هيٺان، هڪ مٿانهينءَ زمين تي چڪر پئي ڏنا ۽
سندس بزدليءَ تي ٺَٺوليون پئي ڪيون.
هاڻي ته سج به مٿي چڙهي آيو هو ۽ سندس آکيرو، جنهن جو منهن ڏکڻ
طرف هو، اُس اچڻ ڪري گرم ٿي ويو هو. هن کي گرمي ان
ڪري به وڌيڪ ستائڻ لڳي. جو هن اڳينءَ رات کان ڪجهه
کاڌو به ڪين هو. گذري رات آکيري کان پرڀرو، پهاڙ
جي ڪناري وٽ، هن کي مڇيءَ جي سُڪلَ پڇڙي هٿ آئي،
جيڪا هن بک وگهي کاڌي هئي. پر هينئر ته هن وٽ کائڻ
لاءِ به ڪجهه ڪين هو. هن پنهنجي آکيري جو ذرو ذرو
ڪري جاچيو، اتي پيل سڪل گاهه کي به اٿلائي پٿلائي
ڏٺو، جتي سندس ڀائر ۽ ڀيڻ آنن منجهان ڦٽا هئا، پر
سڀ محنت اجائي! نيٺ هن اتي پيل سڪل آنن جي کلن کي
کُرڙي کاڌو. آنن کي کرڙيندي، هن کي ائين پئي محسوس
ٿيو، ڄڻڪ هن پنهنجي جسم جو حصو پئي کاڌو. هن
پنهنجي پهاڙ جهڙي ميرانجهڙي بدن کي، ڊگهين ڄنگهن
تي کڻي، پهاڙ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ٽپا
پئي ڏنا، ته من اُڏامڻ کان سواءِ، ماءُ پيءُ تائين
پهچڻ جو دڳ ملي وڃي. پر هن جي آکيري جي سڀني پاسن
کان اونهي لاهي هئي ۽ هيٺان اٿاهه سمنڊ! هن جي ۽
سندس ماءُ پيءُ جي وچ ۾ هڪ اونهو اوڙاهه هو. هو
پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ اُڏامڻ کان سواءِ به وڃي ٿي
سگهيو، پر ان لاءِ ضروري هو، ته اُتر طرف پهاڙ جي
چوٽيءَ وٽان ڦري وڃي، پر اوستائين پهچڻ لاءِ پنڌ
ڪري ڪيئن؟ ڇاڪاڻ ته پهاڙ بلڪل اُڀو هو. هو مُک ته
ڪانه هئي، جو اهڙي اُڀي پهاڙ تي چڙهي وڃي، جنهن جي
چوٽي به ايتري مٿي هئي، جيترو آکيري کان سمنڊ هيٺ
هو.
هو آهستي آهستي پهاڙ جي چوٽيءَ ڏانهن وڌي آيو ۽ هڪ ٽنگ تي بيهي،
ٻي ٽنگ پَرن ۾ لڪائي ڇڏيائين. هن پهريائين هڪ اک
بند ڪئي ۽ پوءِ ٻي اک بند ڪري، ائين ٿي بيٺو ڄڻڪ
کيس ننڊ اچي ويئي هئي. اڃا به ماڻس پڻس کي سندس
حال تي رحم نه آيو. هن ڏٺو ته سندس ٻه ڀائر ۽ ڀيڻ
سامهون مٿانهين پَٽ تي پنهنجو منهن ڳچيءَ جي کنڀَن
۾ لڪائي، ستا پيا هئا ۽ سندس پيءُ پنهنجي پٺيءَ جي
اڇن کنڀن ۾، چُهنب سان کنهي رهيو هو، فقط سندس
ماءُ ڏانهنس نهاري رهي هئي. هوءَ هڪ اُڀي پٿر تي
پنهنجي اڇي ڇاتي ڦوڪيو بيٺي هئي. هن جي پيرن وٽ
مڇي پئي هئي. جنهن کي هن چهنب سان رکي رکي پٽي پئي
کاڌو ۽ پوءِ چهنب کي پٿر سان پئي گَسايو. مڇيءَ کي
ڏسي هو وڌيڪ ڇِتو ٿي پيو، هن به چاهيو پئي، ته
جيڪر هو به ائين ئي مڇيءَ کي پٽي کائي، ۽ پوءِ
پنهنجي چهنب پٿر سان گسائي، تکي ڪري. هن ٿڌو ساهه
ڀري، آهستي چرپر ڪئي، جنهن جي جواب ۾ سندس ماءُ به
چرپر ڪري، ڏانهنس نهاريو.
”گا، گا، گا“- هن پنهنجي ماءُ کي کاڌي آڻڻ لاءِ ٻاڏايو. ”گا-
ؤل- آ“، سندس ماءُ مٿس ٺٺولي ڪندي جواب ڏنو. پر هو
پنهنجي ماءُ کي ٻاڏائيندو رهيو. ٻن- ٽن منٽن کان
پوءِ، پنهنجي ماءُ کي چهنب ۾ مڇيءَ جو ٽڪر پاڻ
ڏانهن آڻيندي ڏسي، هن خوشيءَ وچان رڙيون ڪيون. پر
سندس ماءُ پهاڙ جي ڪناري تي اچي، بيهي رهي. هن جا
پير هوا ۾ ٿڙڪڻ لڳا ۽ هوءَ پَر ڦڙڪائڻ بند ڪري،
هوا ۾ خاموش ٿي بيهي رهي. مڇي هن جي چهنب جي بلڪل
ويجهو هئي. هو ڪجهه وقت ته حيرت ۾ پنهنجي ماءُ کي
تڪيندو رهيو، پر پوءِ بک کان ڇتو ٿي، ماءُ کي چهنب
مان مڇيءَ کسڻ لاءِ هن ٽپو ڏنو ۽ دانهن ڪري پهاڙ
کان هيٺ کڏ ۾، ڪِري پيو. سندس ماءُ ڪجهه مٿڀرو
اُڏامي ويئي. جيئن هو ماءُ کي هيٺڀرو ٿيو ته سندس
پَرن جي ڦڙڪڻ جو آواز ٻڌائين. خوف کان هن جو ساهه
ئي سُڪي ويو ۽ سندس دل ڄڻ ته هلندي هلندي بيهي
رهي. ۽ کيس ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. پر سندس اها
حالت ٿورو وقت هلي ۽ جلد ئي هو محسوس ڪرڻ لڳو ته
سندس پَر ٻاهر تي پکڙبا پئي ويا، هوا سندس ڇاتيءَ
۽ پَرَن کي چيريندي ٿي ويئي. هن محسوس ٿي ڪيو ته
سندس پَرَ ڦڙڪندا، هوا کي چيريندا ٿي ويا، ۽ هو
هيٺ ڪرڻ بدران، پهاڙ کان پري اُڏامندو ٿي ويو. هن
کان خوف موڪلائي ويو. فقط ٿوري ڀنواٽي ٿي محسوس
ڪيائين. هن وري پنهنجا پَرَ ڦڙڪايا ۽ هوا ۾ مٿي
چڙهڻ لڳو. هو خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ مستي ۾ اچي
وري پَرَ ڦڙڪائڻ لڳو ۽ آهستي آهستي مٿي چڙهڻ لڳو.
هن پنهنجي ڇاتي مٿڀرو ڪئي ۽ هوا ۾ هڪ هنڌ بيهي
رهيو. ”گا، گا، گا“، ”گا، گا، گا“، ”گا-ؤل-گا“
سندس ماءُ خوشيءَ مان رَڙيون ڪندي، سندس ڀرسان اچي
پهتي. هن به خوشيءَ وچان دانهن ڪري پنهنجي ماءُ کي
جواب ڏنو. جلد ئي هن جو پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻ اڏامي
اچي وٽس پهتا ۽ خوشيءَ ۾ سندس چوڌاري بولاٽيون
کائڻ لڳا.
ان بعد هو هيٺ آيو ۽ سمنڊ مٿان اڏامڻ لڳو. هو هيٺ سائو سائو
سمنڊ ۽ وِيرن کي اُٿندو ڏسي گد گد ٿيڻ لڳو. هن جا
ماءُ پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻ به اُڏامندا سندس ويجهو اچي
پهتا. سائي پاڻيءَ مٿان بيهڻ لاءِ، هن پنهنجا پير
هيٺ ڪيا، پر سندس ٽنگون پاڻيءَ ۾ گهڙي ويون ۽ هن
تي وري خوف طاري ٿي ويو. هن پنهنجا پَر ڦڙڪائي،
پاڻيءَ مان نڪري اُڏامڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو بک،
ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوريءَ وچان اُڏامي ڪونه سگهيو ۽ ساڻو
ٿي پاڻيءَ مٿان ڪري پيو. پهريائين سندس پير پاڻيءَ
۾ ٻڏي ويا ۽ پوءِ پيٽ اچي پاڻيءَ سان لڳيس، پر ٻڏڻ
بدران هو ترڻ لڳس. اهو ڏسي سندس ڪٽنب جا ڀاتي،
خوشيءَ وچان کيس ساراهڻ لڳا، ۽ پنهنجي چهنبن سان
مڇيءَ جا ذرا کڻي، کيس ڏيڻ لڳا.
اها هئي هن جي پهرين اُڏام!
[ضميمو]
افساني نگارن جي حياتين جو مختصر احوال
1- اليڪساندر پشڪن
(1799ع- 1837ع)
روس جو پهريون قومي شاعر آهي. پشڪن جا ٽي نظم: ”رسلان ۽
لڊميلا“، ”يوجين اونيجن“ ۽ بورس گاڊنوو“ اهڙا ته
مشهور ٿيا جو گلنڪا، چيڪووسڪي ۽ موسورجسڪيءَ جهڙن
فنڪارن انهن کي آپيرا جي صورت ۾ پيش ڪيو. پشڪن جو
ڪلاسيڪي خوفائتو داستان ”حڪم جي راڻي“ ڪجهه زمانو
اڳ، ڪومساجيوسڪيءَ ناٽڪ جي صورت ۾ آڻي لنڊن ۾ پيش
ڪيو. هن جون تحريرون رومانوي آهن ۽ انگريزي شاعر
بائرن جي قدردان ۽ ثنا خوان هجڻ ڪري هن جو مٿس
نمايان اثر آهي.
2- گيوواني بوڪيشو
(1313ع- 1375ع)
بوڪيشو اٽليءَ جو جڳ مشهور شاعر، ڊانٽي، جو دوست ۽ صلاحڪار هو.
بوڪيشو، ڊانٽي جي زندگيءَ بابت جيڪو ڪتاب لکيو هو،
اهو انهيءَ شاعر جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي هڪ مستند
۽ اهم ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. پر بوڪيشو جي شهرت سندس
هڪ ٻئي ڪتاب ”ڊي ڪئمران“، جي ڪري ٿي، جنهن ۾ هن هڪ
سؤ ڪهاڻيون سلسليوار مرتب ڪيون آهن. چاسر،
شيڪسپيئر، ڊرائيڊن ۽ انگريزي ادب جي ٻين ڪيترن
ليکڪن انهن ڪهاڻين مان فائدو ورتو. بوڪيشو، نيپلز
جي بادشاهه جي ناجائز ڌيءَ (ڊي اُڪئنس جي ڪائونٽ
جي زال) سان عشق ۾ ڦاسي پيو. هن جي تحريرن تي
انهيءَ عورت جو ڏاڍو اثر هو ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي
ته هُن جي ناول ”فياميتا“ جي هيروئن به اهائي عورت
هئي.
3- جارنسٽرجرن جارن سن
(1832- 1910ع)
هو پنهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين جديد نارويئن ادب ۾ هڪ عظيم اديب
سمجهيو ويو. هو هڪ وڏو حب الوطن پڻ هو. ناروي جو
قومي ترانو سندس تخليق آهي. سندس تحريرون ناروي جي
ترقيءَ جو ڄڻ ته آئينو آهن. هن جي مشهور معروف
تصنيف ٽن حصن ۾ منظوم ڊرامو ”Sigurd
Slom be“ آهي. سن 1903ع ۾ هن کي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو هو. هيءُ
افسانو، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ تي روشني وڌي
ويئي آهي. هڪ ڪلاسيڪي افسانو سمجهيو وڃي ٿو.
4- وسينتي بلاسڪو ابانيز
(1967ع- 1928ع)
وسينتي بلاسڪو ابانيز، آراگون شهر ۾ ڄائو هو. هن پهرين وڪيل ٿيڻ
چاهيو ٿي، پر ادب ۽ سياست ۾ دلچسپي وٺڻ سبب وڪالت
کي ڇڏڻو پيس. سندس نون، نون خيالن ۽ راين جي ڪري
کيس ڏاڍيون تڪليفون سهڻيون پيون ۽ ڪيترائي ڀيرا
قيدخاني جو منهن به ڏسڻو پيس. ابانيز جي شهرت ۽
ناموريءَ جو سبب سندس لکيل ٻه ڪتاب ”Four
Horsemen of the Apocalypse“ ۽ ”Blood
and Sand“
آهن، جن تي رڊولف والينيتنو ٻه فلمون تيار ڪيون،
جنهن ڪري مصنف سان گڏ ڪتابن کي به جاودان زندگي
ملي ويئي.
5- ايڊنافربر
(1887ع)
ايڊنافربر آمريڪا جي هڪ بلند پايه ڊرامه نويس ۽ ناول نگار عورت
آهي. هن کي پنهنجي لکيل ناول ”Show Boat“
جي ڪري عام مقبوليت حاصل ٿي. ان ناول جي ايتري ته
شهرت ٿي، جو بعد ۾ ان تي هڪ اسٽيج- ناٽڪ تيار ڪيو
ويو ۽ ان جي فلم به ٺاهي ويئي. فربر جو ٻيو مشهور
ڪتاب ”So
Big“
آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اثرائتو مطالعو پيش
ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب تي سن 1924ع ۾ هن کي پلٽزر
انعام به مليو هو. انهيءَ کان سواءِ فربر، ’جارج
ڪافمين‘ سان گڏجي ٻه نهايت ڪامياب ڊراما ”Theatre Royal“
۽ ”Dinner
at Eight“
به لکيا، جن مان پوئين ڊرامي تي هڪ فلم به ٺاهي
ويئي هئي.
6- الف ليليٰ
الف ليليٰ جا قصا، جن مان هيءُ قصو ورتل آهي، پهرين پهرين
انگريزيءَ ۾ ’ايڊورڊ- ڊبليو لين‘، سن 1840ع ۾
ترجمو ڪيا هئا. انهن قصن جي اصل ماخذ تي گهڻو
اختلاف آهي. ’مسعودي‘ (سن 1904ع) انهن قصن جو ذڪر
پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي ۽ اُهي ”ڪسريٰ“ بادشاهه جي
ڌيءَ ”شهزادي همائيءَ“ ڏانهن منسوب ٿيل آهن. پر
اِها راءِ درست آهي، ڇاڪاڻ ته خصوصيت جي لحاظ سان
ڏٺو وڃي ته اِهي قصا عربي آهن ۽ نه ايراني، اهي
قصا شهرزاد جي زباني بيان ڪيل آهن، جنهن هڪ اهڙي
بادشاهه سان شادي ڪئي هئي، جيڪو شاديءَ واريءَ رات
جي صبح جو پنهنجين زالن کي مارائي ڇڏيندو هو. پر
’شهرزاد‘، بادشاهه کي هڪ هزار ۽ هڪ راتيون نوان
نوان قصا ٻڌائي، پنهنجي جان بچائي.
7- ايڊٿ وارٽن
(1962ع)
آمريڪي ناول نگان ۽ افسانه نويسن ۾ ايڊٿ وارٽن کي اوچتو مقام
حاصل آهي. پنهنجن ڪردارن جي بنيادي خواهشن کي
نزاڪت سان پڌرو ڪرڻ ۽ انهن جي ماحول کي پڙهندڙن
تائين پهچائڻ ۾ هن کي خاص ملڪو حاصل آهي. انهيءَ
ڪري ئي اهڙي پُرسرار افسانن لکڻ ۾ هن جو ڪو به مَٽ
ڪونهي، جهڙو سندس هيءُ افسانو آهي.
8- ليوجي پيرانديلو
(1867ع- 1936ع)
جديد اطالوي ادب ۾، ليوجي پيرانديلو کي وڏو مقام آهي. هو پنهنجي
ادب ۾ بهترين ڊرامه نگار ليکيو وڃي ٿو.
“Six character on search of an author”, “The man
with the Flower in this Mouth”
۽
“Henry IV”
سندس مشهور ڊراما آهن. جيڪي انگريزي زبان ۾ به
ترجمو ٿي چڪا آهن. هن جو فلسفو اهڙو ته عجيب ۽
غريب آهي، جو پڙهندڙ لاچار ٿي سوال ڪندو: ”آخر
سندس مقصد ڇا آهي؟“ سن 1894ع – 1912ع جي وچ ۾، هن
جيڪي به افسانا لکيا، اُهي خاص طرح اٽليءَ جي
وچولي طبقي بابت آهن. ”پڳ- مٽ يار“ خالص ۽ هلڪيءَ
بيوقوفيءَ جو هڪ عمدو مثال آهي.
9- پوسنگ لِنگ
سترهينءَ صديءَ عيسويءَ واري زماني سان تعلق رکي ٿو. هن جي
زندگيءَ جو مختصر احوال، سندس ڪتابن جي انگريزي
مترجم، مسٽر البرٽ اي.گائيلس جي ڪيل تحقيات ۾ ملي
ٿو. انهيءَ موجب، پُوسنگ لِنگ، شانتنگ صوبي جي
زوشائو شهر جو رهاڪو هو ۽ پنهنجي دوستن ۾ ”غير
فاني انسانن جي آخري نشاني“ جي لقب سان مشهور هو.
هن پنهنجي وقت جي اعليٰ امتحانن جو اوائلي درجو
نهايت ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو، پر 1651ع ڌاري آخري
امتحان ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. تنهن ڪري
وڌيڪ تعليم پرائڻ جو خيال ڦٽو ڪري، هو پنهجي
لازوال ڪهاڻين جي انتخاب لکڻ ۾ لڳي ويو. جن کي
مستر گائيلس ”چيني مصور خاني جون عجيب ۽ غريب
ڪهاڻيون“ جو عنوان ڏنو آهي. انهن ڪهاڻين ۾، انهيءَ
دؤر جي چيني ادب جي نهايت مڪمل ۽ دلچسپ تاريخ
موجود آهي، جنهن مان سترهين صديءَ جي چيني وهمن،
وسوسن ۽ ريتن رسمن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ پئجي سگهي ٿي.
10- ارنيسٽ هيمنگوي
(1898ع- 1964ع)
هيمنگوي آمريڪا جي شهر ايلنائز ۾ ڄائو هو. هن هڪ ڪتاب ”ٽي
ڪهاڻيون ۽ ڏهه نظم“ جي عنوان سان لکي، پنهنجي ادبي
زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پر گهڻو ڪري هن جي جڳ-
مشهوريءَ جو سبب جنگ جي موضوع تي لکيل ناول
“A Farewell to Arms” ۽ علامتي ناول
“The old Man and the Sea”
آهن. انهن کان سواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي ناول
جهڙوڪ، ”Death
in the Afternoon“
“Winter Take Nothing“
۽ ”For
Whom the Bell Tools“
وغيره پڻ گهڻو مشهور ٿيا ۽ هن جي ڪيترن ناولن تي
فلمون به ٺهيون آهن. اعليٰ امنگن ۽ نازل واقعن کي
نهايت مختصر ۽ ننڍڙن جملن ۾ آسان ۽ عام لفظن جي
وسيلي بيان ڪرڻ هُن جي منفرد ۽ بيمثال طرز- تحرير
جي خاص خوبي آهي.
11- مئڪسم گورڪي
(1868ع- 1936ع)
نني نوفگوراو ڳوٺ (جنهن کي سندس نالي پٺيان هاڻي ”گورڪي“ ڳوٺ
سڏيو وڃي ٿو) ۾ ڄائو هو. سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي
عجيب ۽ غريب حادثا ٿيا ۽ سن 1897ع تائين، هُن نيچ
کان نيچ پورهيا ڪري، تڪليفون ۽ مصيبتون سهي، حياتي
گذاري. ان کان پوءِ جلد ئي هن جي افسانن جو پهريون
مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ڪري هڪ افساني نگار جي
حيثيت سان هن جي شهرت عام ٿي. گورڪيءَ جون سموريون
همدرديون هيٺئين ۽ مفلس طبقي سان هيون، جنهن مان
ئي هن پنهنجي افسانن لاءِ مختلف ڪردار چونڊيا آهن.
هُن روس ۾ 1917ع واري بولشيوڪ نظام جو ساٿ ڏنو ۽
صحت جي خرابيءَ هوندي به سورينتو شهر ڇڏي، واپس
اچي روس ۾ رهيو. هو ڪيترن ئي ورهين کان سلهه جي
مرض ۾ مبتلا ۽ آخر ۾ نمونيا ٿي پيس، جنهن کان پوءِ
اوچتو دل ٽُٽڻ ڪري وفات ڪيائين.
12- لوئي ڪَپيرو
(1863ع- 1923ع)
هي هيگ ۾ ڄائو هو، پر سندس اوائلي ڄمار جو ڳچ حصو جاوا ۾ گذريو.
هن نظم جا ٻه ڪتاب لکي، پنهنجي ادبي زندگيءَ جي
شروعات ڪئي. سن 1889ع ۾ هن جو لکيل ناول ”ايلن
ويري“ ڇپيو، جنهن جي ڪري کيس جڳ- مشهوري ملي.
ڪپيرو، ڊچ گهرو زندگيءَ جي نقش چٽڻ ۾ ماهر سمجهيو
ويندو هو. هيءُ شاندار ۽ شوخ افسانو سندس ٻين
لکڻين کان وڌيڪ انوکو ۽ نرالو آهي.
13- او- هينري
(1862ع- 1910ع)
او- هينري، جنهن جو اصلي نالو وليم سڊني پوٽر هو. ڏکڻ آمريڪا جي
ڪارولينا رياست جو رهاڪو هو. هن ان وقت افسانا لکڻ
شروع ڪيا، جڏهن پاڻ ويساهه گهاتيءَ جي الزام ۾ قيد
جي سزا ڪاٽي رهيو هو. جڏهن آزاد ٿيو، تڏهن سندس
افسانن کي ويتر شهرت حاصل ٿي، ۽ زندگيءَ جو پويون
دؤر ڏاڍي اطمينان سان گذاريائين. آمرڪي افساني
نگارن ۾ او- هينري چوٽيءَ جو افساني نگار ليکيو
وڃي ٿو. ذهانت، مزاج، عام ماڻهن جي گهري ڄاڻ ۽
پنهنجن افسانن جي آخر ۾ اوچتو ڦيرو آڻڻ، سندس خاص
خوبيون آهن.
14- نظامي
(1140ع- 1202ع)
هن مشهور فارسي شاعر جو پورو نالو نظام الدين ابو محمد الياس بن
يوسف هو. عام طرحن هن کي اوائلي فارسي رومانوي
شاعر سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ ڪهاڻي ”ليلي- مجنون“
سندس ٻيءَ مشهور مثنويءَ جو نثر ۾ ترجمو آهي. هن
جي پهرين مثنوي ”خسرو- شيرين“ هئي. جنهن تي وقت جي
بادشاهه هن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ ڪرسي ڏني ۽ ٻه ڳوٺ
جاگير طور ڏنا.
15- ايڊگر ايلن پو
(1809ع- 1849ع)
هڪ ائڪٽر جو پٽ، ميساچوسيٽس رياست جي بوسٽن شهر ۾ ڄائو هو. هڪ
امير سوداگر، جان ايلن، هن کي نپايو ۽ انگلنيڊ جي
اسٽوڪ نيونگٽن ۾ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليائين. ان
کان پوءِ ٿورو وقت ورجينا يونيورسٽي ۽ ويسٽ پائنٽ
۾ فوجي تعليم حاصل ڪري، هن اخبار نويس جو ڌنڌو
شروع ڪيو ۽ هڪ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سن 1831ع
تائين، 16 ورهين جي عرصي ۾ پو پنهنجا بهترين
افسانا ۽ نظم لکيا ”ميري روزيءَ جو پراسرار قتل“،
پو جي شاندار ذهن ۽ بهترين منطق جو لاثاني مثال
آهي. هو مرڻ وقت ڏاڍو ڪنگال ۽ مفلس هو.
16- لئام. او فليهرٽي
(1897ع)
لئام. او فليهرٽي ايرن ٻيٽن ۾ ڄائو هو. تعليم پرائڻ کانپوءِ هن
پادري ٿيڻ جو ارادو ڪيو، پر پهرين وڏي لڙائيءَ ۾،
حصو وٺڻ کان پوءِ هن اهو خيال ئي لاهي ڇڏيو. سن
1918ع کان پوءِ هن خانه بدوشن واري زندگي گذارڻ
شروع ڪئي ۽ سڄيءَ دنيا ۾ گهمندو رهيو. ڪڏهن جهاز
جي خلاصيءَ جي حيثيت ۾ ته ڪڏهن وري مزور ۽ قُلي
ٿي. نيٺ آئرلينڊ موٽي آيو ۽ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ حصو
وٺڻ لڳو. هن جي ناول
“The informer”تي
کيس ملڪ جو ادبي انعام ”دي جيمنس ٽيٽ بلئڪ پرائز“
به مليو. هن جي سڀني شاندار افسانن مان انهن
افسانن ۾ وڌيڪ ڪشش ۽ جاذيت آهي، جن ۾ هن افساني
وانگر، فطرت جو مطالعو ڪيو ويو آهي. |