سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :31

مون قاتل جي اڪيلي سر لاش کي گهلي، درياءَ تائين کڻي وڃڻ جو ذڪر ڪندي چيو هو ته هن شايد ڪنهن ٻيڙيءَ کان ڪم ورتو هوندو. هاڻي اسان کي اهوئي سمجهڻ گهرجي ته ميري روزيءَ کي ٻيڙيءَ مان ئي درياءَ ۾ اڇلايو ويو هو. نيٺ لاشو بيٺل پاڻيءَ ۾ ته نه ٿو اڇلائي سگهجي. ڇوڪريءَ جي پٺٽيءَ ۽ ڪلهن تي جيڪي خاص قسم جا نشان مليا آهن، اُهي ٻيڙيءَ جي تَري جي ڪاٺين جا آهن. اها ڳالهه به ته لاش سواءِ ڪنهن وزن جي اُڇلايو ويو، اسان جي شڪ جي تصديق ڪري ٿي. جيڪڏهن لاشو ڪناري تي اُڇلايو وڃي ها ته پوءِ انهيءَ سان ڪو وزن ضرور ٻَڌو وڃي ها. اسان جي ذهن ۾ اهائي ڳالهه چي ٿي ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ وقت قاتل، ڪنهن وزن کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ کي ئي خيال ۾ نه آندو. البت پاڻيءَ ۾ لاش اڇلائڻ وقت هن کي انهيءَ جو خيال ضرور آيو هوندو، پر انهيءَ وقت هو ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ ڪناري ڏانهن واپس وڃڻ ۾ به ويتر خطرو هو. تنهن ڪري لاشو درياءَ ۾ اُڇلائي، قاتل هڪدم شهر ڏانهن روانو ٿيو هوندو ۽ ڪناري تي ڪنهن سُڃي هنڌ ٻيڙيءَ مان لٿو هوندو. هاڻي ٻيڙي هن لاءِ هڪ وڏو مسئلو هجي، پر جلديءَ ۾ هُن انهيءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيڙيءَ کي گهاٽ تي ٻڌڻ جو مطلب اهو ٿئي ها ته هو پنهنجي خلاف پاڻ ثبوت موجود ڪري ها. هن جي دل ۾ قدرتي جذبو ته اهو ئي هوندو ته انهيءَ ڏوهه سان، جنهن به شيءِ جو واسطو رهيو آهي، ان کان هر صورت ۾ پاڻ آجو ڪريان. تنهن ڪري گهاٽ تي پير رکڻ سان ئي نه رڳو هو پاڻ مينهن واچوڙو ٿي ويو هوندو، پر ٻيڙيءَ کي به اتي بيهارڻ جي بدران، درياءَ تي لهرين جي حوالي ڪري ويو هوندو. هاڻي انهيءَ کان پوءِ جن حالتن تي ويچار ڪريو. صبح جو ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ، اهو معلوم ڪري ته ٻيڙي جهلجي پيئي آهي، هن جا ته اوسانَ ئي خطا ٿي ويا هوندا. وري مصيبت هيءُ ته اها ٻيڙيءَ انهيءَ هنڌ بيهاري ويئي آهي، جتان هر روز کيس لنگهڻو پوندو آهي- يعني انهيءَ علائقي ۾، جتي هن کي پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ضرور وڃڻو پوي ٿو، تنهن ڪري رات ٿيندي ئي، وَنجهه کڻڻ کان سواءِ، هو ٻيڙيءَ کي اتان ڪاهي وڃي ٿو. وَنجهن کان سواءِ اُها ٻيڙي هينئر ڪٿي آهي؟ سڀ کان پهرين ته اسان کي انهيءَ جو پتو هٿ ڪرڻ گهرجي. انهيءَ تي نظر پوڻ سان ئي اسان جي ڪاميابين جو سلسلو شروع ٿي ويندو. اها ٻِيڙي اسان کي انهيءَ شخص تائين، جنهن آچر تي آڌيءَ رات جو قتل جو ڏوهه ڪيو هو. اهڙي تيزيءَ سان پهچائيندي، جو اسين پاڻ به دنگ رهجي وينداسيون. هڪ ٻئي پٺيان هرهڪ ڳالهه جي تصديق ٿيندي ويندي ۽ قاتل جو پتو پئجي ويندو.

ڊوپن، انهيءَ پراسرار قتل جو معمو ڪهڙيءَ طرح حل ڪيو؟ انهيءَ جو تفصيل اسان مسودي مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي سبب بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪيترائي پڙهندڙ پاڻ سمجهي ويندا. هت اسين مختصر ايترو چونداسيون ته انهيءَ مان گهربل نتيجا ملي ويا ۽ پوليس جي وڏي عملدار، لاچار ٿي ڊوپن سان رکيل شرطن کي پورو ڪيو. مسٽر ايڊ گرايلن پو جو مضمون هيٺ ڏنل بيان تي ختم ٿئي ٿو. (ايڊيٽر) [1]

پڙهندڙ سمجهي ويا هوندا ته آءٌ رڳو اتفاقن جي ڳالهه ڪريان ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه. هن موضوع تي آءٌ مٿي جيڪي ڪجهه لکي آيو آهيان، اهو اڃا به گهٽ آهي. منهنجي خيال ۾ ڪابه شيءِ مافوق الفطرت نه آهي. انهيءَ حقيقت کان ڪوبه عقلمند انسان انڪار نه ڪندو ته قدرت ۽ ان جو خالق ٻه جدا شيون آهن. انهيءَ کان سواءِ، هن ڳالهه ۾ به ڪو شڪ شبهو نٿو ڪري سگهجي ته خالق پنهنجيءَ حيثيت مطابق قدرت کي ڪو روپ ڏيئي سگهي ٿو يا ان جي قانونن ۾ ڦير گهير ڪري سگهي ٿو. مون مشيت ۽ منشا جو شرط رکيو آهي ۽ بد دماغ منطقين وانگر مقدر جو سوال ڪونه اُٿاريو آهي. ڳالهه هيءُ نه آهي ته خالق پنهنجن مقرر ڪيل قانون ۾ ڪا ڦير ڦار يا ترميم نٿو ڪري سگهي. پر اهو چوڻ يقيناً غلط ٿيندو ته هن کي اهڙيءَ ڦيرڦار يا ترميم جي ضرورت ڇپئجي سگهي ٿي. قدرت جا اهي قاعدا ۽ قانون ازل کان ابد تائين جي ضرورتن مطابق ٺاهيا ويا هئا. اسان لاءِ ته حال ۽ مستقبل بلڪل جدا آهن. پر اسان جي خالق جي ته سڀني زمانن تي نظر آهي. هن جي اڳيان ته سڀيئي زمانا موجود آهن.

آءٌ وري ته چوندس ته آءٌ هنن سڀني نظرين ۽ خيالن کي فقط اتفاق ئي سمجهان ٿو. هاڻ اهوئي ڏس ته بدنصيب ميري سيليا راجرس جو قصو، جيترو اسان کي معلوم آهي. اهو ميري روزيءَ جي احوال سان ايتري قدر ته ملي ٿو اچي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. خير اهي ته سڀيئي ٻاهريون ڳالهيون آهن. پر ائين ڪڏهن به سوچڻ نه گهرجي ته آءٌ هڪجهڙائيءَ کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهران ٿو. نه وري منهنجو اهو مطلب آهي ته پئرس ۾، انهيءَ بدنصيب ڇوڪريءَ جي قاتل کي هٿ ڪرڻ لاءِ، جيڪي طريقا اختيار ڪيا ويا يا ويچاريا ويا، انهن مان هن واقعن ۾ به مدد ملي سگهندي.

آءٌ انهيءَ جو سبب به بيان ڪريان ٿو. اهڙي قسم جي مفروضن ۾ هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن ٻنهي واقعن جي ننڍين ننڍين ڳالهين ۾، ٿورو فرق به اڳتي هلي وڏو فرق پيدا ڪري سگهي ٿو. انهيءَ سبب ڪري حالتن جا وهڪرا بلڪل جدا ٿي ويندا. بلڪل اهڙيءَ طرح، جيئن حساب م ڪا ننڍڙي چوڪ ضرب جو جواب حاصل نه ڪري سگهنداسيون. درحقيقت هي مسئلو انهن ڪيترن ئي مسئلن مان هڪ آهي جيڪي جيتوڻيڪ عام ذهنن لاءِ دلچسپي ۽ وندر پيدا ڪري سگهن ٿا، پر انهن کي فقط ڪنهن رياضيدان جو دماغ ئي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو. مثال طور هڪ عام پڙهندڙ کي هن ڳالهه جو قائل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته چوپڙ جي راند ۾ جيڪڏهن ڪو رانديگر هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڀيرا ڇَڪو اڇلائي ته انهيءَ ڳالهه تي اوهان وڏي ۾ وڏو شرط ٻڌي سگهون ٿا ته هو ٽيون ڀيرو ڪڏهن به ڇڪو نه اڇلائيندو. عام طرح، عقل اهڙيءَ قسم جي ڳالهين مڃڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو. اهو قياس ۾ اچي ئي نٿو سگهي ته پهرين اڇلايو ڍاري جا انگ، جيڪي هاڻ ماضيءَ واسطو رکن ٿا، ايندڙ وقت جي انگن تي به ڪنهن نه ڪنهن طرح اثر ڪري سگهن ٿا. ڇڪي اُڇلائڻ جو امڪان هينئر به اهڙو ئي معلوم ٿئي ٿو، جهڙو ڪنهن ٻئي وقت هو. هيءَ ڳالهه دراصل اهڙي عجيب ٿي لڳي جو انهيءَ کان اختلاف ڪرڻ جي هر ڪوشش تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ بدران، انهيءَ تي ٺَٺولي ڪئي وڃي ٿي، حقيقت ۾ هيءُ واقعو عقل جي ان لاڙي سببان پيدا ٿيل، انهن غلطين جي انهيءَ، طويل سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪي سچائيءَ ۽ حقيقت کي ڪنهن هڪ مجموعي ۾ ڏسڻ بدران ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ڳولين ٿيون.


 


[1]  هيءٌ نوٽ انهيءَ رسالي جي ايڊيٽر جو آهي، جنهن ۾ پهريون پو جو هيءُ مضمون ڇپيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com