سر چارلس جارج ڊگلس رابرٽس (ڪئناڊا)
سامبر ۽ رسٽي جونس
اتي جي ڪراڙن ۽ پراڻين رهواسين به پنهنجيءَ سانڀر ۾ ڪڏهن اهڙو
سخت سيارو نه ڏٺو هو. اوٽائوسنس ۽ ڪاديوڪ نديءَ جي
هن ماٿريءَ ۾، ايڏي برف اڳ ڪڏهن به ڪانه پيئي هئي.
زمين جو ته ڪو پتو ئي ڪونه پئي پيو. برفباري ايتري
لڳاتار ۽ ساندهه ٿي، جو ڪاٺ جي ٺهيل جاين جا به
رڳو ڇپر ٿي نظر آيا. آسپاس جي ڇڙِوِڇڙ گهرن ۾
رهندڙ ڳوٺاڻن تي رستن تان لنگهڻ جي پچر، اڌ سياري
۾ ئي ڇڏي ڏني هئي. سياري جي اوج تي پهچڻ سان هنن
برفاني ٻوٽن جو استعمال شروع ڪيو هو. سندن پيرا
زمين جي تهه کان اٺ-نوَ فوٽ مٿي ٺهندا هئا. ننڍا
ننڍا وڻ ۽ ٻوٽا ته ائين ڍڪجي ويا هئا، ڄڻ هئا ئي
ڪين. ڊگها ڊگها ديال ۽ چيل وغيره جا نوڪدار وڻ به
ڪپهه جا منارا پئي لڳا. هوا جي زور تي جتان برف
ڇڻي پيئي هئي، اتي اهي جايون ائين نظر پئي آيون،
جيئن ڪنهن اڇي پني تي مس جا داغ ٿي پيا هجن.
ٻيلي ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن لاءِ اها مند تمام ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ
هئي، اهي جانور البت ڀاڳ وارا هئا، جي سياري جي
شروعات ۾ ئي پنهنجو کاڄ ڪٺو ڪري وڃي، اونهين چُرن
۽ کامن ۾ لڪا هئا، جتي کين برف جي ٿڌ ڇُهي به نه
پئي سگهي. جيڪي ٻيا جانور مصيبت جون گهڙيون گهاري
رهيا هئا، تن ۾ مکيه سامبر هئا، هي ڳرا جانور،
جيڪي سياري ۾ رڳو ڍڪيل جهڳٽن ۾ رهڻ ۽ انهن مان
پيچرا ٺاهي، پنهنجي کاڌ خوراڪ هٿ ڪرڻ تي هريل هئا،
سي هيل سياري جي مند ۾ ئي پاڻ کي آهيءَ ۾ آيل
محسوس ڪرڻ لڳا هئا، سياري جي اوج تي اچڻ تي، هنن
پنهنجون سڀ راهون بند ڏٺيون. هنن ننڍا ننڍا ٻوٽا
کائي ختم رڪي ڇڏيا هئا ۽ وچولي درجي جا وڻ بهڪي
ٿورا وڃي بچيا هئا. هاڻي ته هو اڌ مئا ٿي چڪا هئا،
۽ پنڌ ڪري کاڌي ڳولڻ کان لاچار هئا. ڊگهن ڊگهن وڻن
هيٺان، کامن ۾ قيد ٿيل هنن جانورن جي ڪن ڪٽنبن وٽ
ته ايترو به ڪونه هو جو حياتيءَ کي جاري رکي سگهن.
انهن مان ڪيترا پوين پساهن ۾ هئا.
اهڙيءَ طرح، جيئن جيئن بهار ويجهو ايندو ويو، تيئن تيئن سيارو
به وڌيڪ سخت، مهڪ ۽ خطرناڪ ٿيدنو ويو.
برائين گهٽيءَ جي ڇيڙي تي، سمٿ جي دڪان جي ٻاهران- اهو دڪان،
جيڪو ڳوٺ جو ٽپال گهر به هوندو هو، هڪ نوجوان،
رَسٽي جونس، پنهنجي برفاني هٿ گاڏيءَ تي پنهنجو
سامان، جونَ جي ڳوڻ، ڳڙ جو ڪولو ۽ گاسليٽ جو ٽين
وغيره. ٻڌي رهيو هو. سندس کُهرن ۽ ڪَڪَن وارن جي
ڪري، هن کي رَسٽي (
Rusty
يعني: ڪَٽ لڳل) ڪوٺيو ويندو هو. پنهنجو سامان ٻڌي،
دلجاءِ ڪري، هن گهر جا اُنيل نيرا دستانا پاتا، ۽
پيرن ۾ پيل سليپرن مٿان سامبر جي کل مان ٺهيل
برفاني بوٽ چاڙهيا. هن هٿ لوڏي دڪان ۾ ويٺلن کان
موڪلاڻي ڪئي، ۽ برف سان ڍڪيل چار ميل ڊگهي رستي
جي مسافريءَ تي اُسهيو. هو پنهنجين ٻنين تان پئي
ويو. هن کي ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي. اندازي ڪيل وقت
کان هو ٻه ڪلاڪ پوئتي پ.جي ويو هو. هو ٽپال وٺڻ
لاءِ ترسي پيو هو، ڪنهن هفتيوار اخبار ۾، هڪ دلچسپ
خبر پڙهڻ لاءِ هو ڏاڍو آتو هو. هاڻي هن کي اهي سڀ
ڪم ياد آيا. جي کيس گهر پهچي، ماني کائي، پڙهڻ تي
ويهڻ کان اڳ ڪرڻا هئا.
اڌ ميل هلڻ کان پوءِ، هن کي هڪ ترڪيب دماغ ۾ آئي. رستي جي ساڄي
پاسي هيٺ لهي، ماٿري ٽپي، هو هڪ ميل جو فاصلو
گهٽائي پئي سگهيو. ٻيءَ مند ۾ ان ماٿريءَ مان جلد
گذرڻ ممڪن ڪونه هو، ڇو ته اتي ڪيترائي گهاٽا ٻيلا
۽ کڏ9ن کاما هئا. پر هن برفاني مند ۾ ائين نه هو،
سڄي ماٿري بردف سان ڍڪجي هڪ سنئون ميدان ٿي ويئي
هئي، ۽ اتان لنگهڻ به ائين هو، جيئن ڪنهن رستي
تان. پنهجي برفاني گاڏيءَ کي آسان هيٺ لاهيندي،
هو رستي کان هيٺ، ماٿريءَ ڏانهن وڌيو. هن سوچيو ته
اهو خيال کيس شروع ۾ ڇو نه آيو؟ جيتوڻيڪ هو ڇوڪراٽ
هو، تڏهن به هن کي يقين هو ته طرفن جي ڄاڻ ۽ اوسي
پاسي جي واقفيت، کيس سولائيءَ سان پنهنجيءَ منزل
تي وڃي ڇڏيندي.
وڏن ۽ ڊگهن وڻن جي وچ مان رستو
ٺاهيندي، ۽ ڪانڊيرن، وڻن۽ کڏن کامن کان پاسو ڪندي،
رسٽي ماٿري ۾ اڳتي وڌيندو ويو. هن جا کيت باقي ميل
پري وڃي بچيا هئا. آسمان تي شفق جو رنگ ٿڌو هئڊو ۽
ميرانجهڙو ٿي ويو، ته هو به هڪ برفاني کامي جي
ڪناري تي اچي پهتو. ان کامي جي اڌ حصي کي شاهه
بلوط جا وٺن ڍڪيو بيٺا هئا. هيٺ نهارندي. هن جي
نظر سامبرن جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان ڪِريا پيا هئا. ان
مند ۾، آسپاس ميلن تائين ڪنهن سامبر جي هجڻ جو ڪو
امڪان ئي ڪونه هو، پر ان هوندي به سامبرن جا ڪي
اهڙا وڳر هئا، جن اهڙي سخت سياري ۾ به ان مٿاريءَ
۾ رهڻ پسند ڪيو هو.
اُداس سانجهيءَ جي انهيءَ گُهٽيل فضا ۾، هن سامبرن جو اهڙو ئي
هڪ ڪتنب ڏٺو هو. هڪ سٻر ميرانجهڙي رنگ جو سامبر،
ڪاراڻ مائل هئا. هڪ پاسي ڀَر ليٽيل ٻچو بلڪل مري
چڪو هو، ۽ سندس جسم به برف وانگر ڄمي ويو هو. باقي
ٻيا سامبر تمام ڏک ۽ نراسائي4 وارين نظرن سان ان
کي ڏسي رهيا هئا. اوچتو ئي اوچتو وڏو سامبر پاڻ ۾
رهيل سهيل سگهه ڪٺي ڪري، ٽنگن تي زور ڏيئي اُتي
بيو ۽ ڏڪندو ڪَنبندو، پنهنجي ٻچن جي بچاءَ لاءِ،
پنهنجي بڇڙِ دشمن- انسان- سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو.
رشٽي جو نس ڏٺو ته هو ايترو لهسڪارجي ويو هو، جو
کيس مٿس رحم پئي آيو. سندس چمڙي پاسن کان لڙڪي رهي
هئي. رسٽِءَ جون ٻاجهه ڀريون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي
آيون. ”چئو چئو!“ هو ڀڻڪيو، ”ويچارا بک ۾ پاهه پيا
ٿين!“
هن پنهنجي گايءَ جو رسو ڦٽو ڪيو ۽ پٺتي موٽي، هڪ چڙهائي تي چڙهڻ
لڳو، جتي هن ايندي وقت ڪي ساوا ٻوٽا ڏٺا ئا. اتي
پهچي هن پنهجي ڪپ سان، جو هو هميسه پاڻ سان رکندو
هو، سائي گاهه جي چوکي ڀَري وڍي ورتي. اهو سامبرن
جو دل گهريو گاهه هو.
جڏهن رسٽيءَ اها ڀري هيٺ ڦٽي ڪئي، ته سامبر خوشيءَ ۾ هڏڪارڻ
لڳو. مادي ۽ ٻچو به اُٿي کڙا ٿيا. هنن جي رڳن ۾
زندگيءَ جون نئون رت ڊوڙي ويو ۽ هو کاڌي جي مٿان
ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. هو اهو حال ڏسي ، هو وري گاهه جي
ڳولا ۾ واپس ويو.
”بس“، هن پنهنجي اڏيءَ جو رسو جهليندي چيو، ”رات لاءِ اهو کاڄ
کوڙ اٿوَ. سڀاڻي صبح جو وري اوهان لاءِ ٻيو داڻو
آڻيندس.“
جڏهن ڇوڪر گهر پهتو ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. هن سموري ڳالهه
پنهنجي ماءُ-پيءُ کي ٻڌائي، جيڪي مٿس ڏاڍو خوش
ٿيا، پر سامبرن سان ڪيل انجام جي ڳالهه تي ڪجهه
ڏمريا پڻ.
”اسان کي پنهنجي مال لاءِ به داڻُ ڪونه آهي.“ ماڻس فيصلو ڪندي
چيو، ”پر پڻهين شايد ڪجهه گاهه مُٺ کڻڻ ڏئي.“
ڊگهو ۽ سنهڙو جان جونس، جيڪو سڄي تر ۾ گهڻو مشهور ماڻهو هو، ان
ڳالهه تي دل کولي کليو.
”ٻڌ، رسٽي! توکي انهن لاءِ بَهڻ جون ٽاريون پاڻ وڍنيون
پونديون!“ هن چيو. ”اهو ئي انهن جو مرغوب کاڌو
آهي. ۽ جي تو سڄو سيارو انهن جي کاڌي جو ارادو
رکيو، ته پوءِ پنهنجن ڪمن ڪارين تان به هٿ کڻڻو
پوندءِ!“
”ٺيڪ آهي.“ هن ڳڙ ۽ ڊبل روٽي کائيندي چيو. ”آءٌ صبح جو وڃڻ وقت
هنن لاءِ داڻو کنيو ويندس، ۽ شام جو موٽي اچي داڻو
ڪٺو ڪندس. اوهين ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. جي اوهين هوند
کين ان حالت ۾ ڏسو ها، جننه ۾ مون ڏٺو آهي، ته
اوهين به ائين ڪرڻ کان ڪين رهو ها.“
ان بعد ڪيتار هفتا، هڪ نه بئي ڏينهن، رسٽي، لڳاتار سامبرن ڏانهن
ويندو رهيو. سندس هٿ ۾ ڪهاڙي هوندي هئي. برفاني
گاڏي ڌڪيندو، هو ان کامي تي پهچندو هو ۽ سامبرن
لاءِ ٻن ڏينهن جي خوراڪ اُڇلي واپس ورندو هو. هن
ڏٺو ته سامبر بهڻ جي ٽارين کي ٻئي گاهه کان وڌيڪ
پسند ڪندا هئا. هن تجربي طور انهن کي ڪيترن ئي
قسمن جو گاهه ڏنو هو. سندس ڀيري ڀيري اچڻ تي سامبر
به ساڻس گهڻو هِهري مِري ويا هئا. هو مٿي اچي
پنهنجين ڊگهين ڊگهين زبانن سان کانئس گاهه کسنيندا
هئا. ڪارڙي مادي، جيڪا ڪجهه شڪي ۽ حاسد هئي، هن جي
ويجهو وڃڻ کان لهرائيندي هئي. پر جڏهن اها سانس
هري ويئي، ته وڌيڪ لالچي ۽ گستاخ ٿي پيئي. هوءَ
ٻين کي پاسي ڌڪي، رسٽيءَ جي هٿن مان سٺا سُٺا ٽآر
ڦُرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. طبعياتي ماهرن ۽ طبعياتي
ڪهاڻين ۾، دلچسپي رکندڙن جيان رسٽيءَ سامبرن جي
زوق ۽ پسند تي تجربا به پئي ڪيا. هن مشاهدو ڪيو ته
هنن کي ماني وڌيڪ پسند هئي- جيتري سڪل ۽ پاروٿي،
اويتري وڌيڪ، پر نرم ۽ تازي ماني سُنگهندا به
ڪينهئا. کنڊ هنن کي اصل ڀانءِ ڪانه پئي پيئي، باقي
لوڻ تي سو ساهه ڏيندا هئا. ان لاءِ ته هو سندس ڪڍ
ڦرندا هئا. هن انهن کي ٿالهي ۾ اَنُ ۽ جوَ ڏيڻ جي
به ڪوشش ڪئي هئي، پر سامبرن پليٽ سُنگهڻ کان پوءِ
نڪ مان اهڙو ته زور سان ڦوڪارو ڏنو، جو اهي ڪڻو
ڪڻو ٿي اُڏامي ويا. جوَ جيئن ته اڻلڀ ۽ مهانگا
هئا، ان ڪري هن وري جوَن جو تجربو نه ڪيو. پر هن
جا ڪِريل جوَ به اجايا نه ٿيا، سهنن، چمڪدنڙ پرن
وارن پکين جو هڪ جوڙو، جن کي رسٽي سامبر پکي
سڏيندو هو، اچي اهي ٽڙيل پکڙيل جَ منٽن ۾ چڳي ويا
۽ هڪ ڪڻو به سندن تيز ۽ سنهڙين اکين کان بچي نه
سگهيو.
اهو سمورو عرصو مئل ٻچڙي جو سخت ۽ ڄميل مڙهه کامي ۾ پيو هوندو
هو. آخر هڪ ڏينهن رسٽيءَ جو ان طرف به ڌيان ويو.
هن محسوس ڪيو ته اها ڳالهه اڻوندڙ ۽ ان حسين ماحول
تي داغ هئي. هن ان کي اتان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هن
مڙهه جي پوين ٽنگن هن ماديءَ جي نظر پنهنجي ٻچي تي
پيئي، ته هن هڏڪار ڪري رسٽيءَ طرف اُلر ڪئي. اچرج
۽ ڪاوڙ ۾، رسٽي هن جي پاسراٽيءَ ۾ زور سان مُڪ هڻي
ڪڍي، ۽ اهڙي بلند آواز ۾ هڪل ڪيائين جو ان جي
پڙاڏي کان بيوقوف مادي وائڙي ٿي پٺتي هٽي ويئي.
ايتري ۾ نر سامبر، جو رسٽيءَ سان پالتو جانور
وانگر هري مري ويو هو. ماديءَکي پنهنجن سڱن سان
اهڙو زوردار ٽڪر هنيو، جو هوءَ اڌ کامي تائين
رَنڀون ڪندي ويئي. هوءَ ماٺ ڪري موڳي ٿي اُڻتڻ ۾
بيهي رهي. پوءِ رسٽي همٿ ڪري، مئل ٻچي کي برف جي
مٿاڇري تي سولاِءَ سان گهلڻ لڳو. هن اهو مڙهه ڇڪي
کامي کان ٻاهر، برف سان ڍڪيل هڪ جهڳٽي جي پويان
آڻي ڇڏيو. پوءِ هو موٽي کامي ۾ آيو ۽ نر سامبر جي
منهن تي پيار سان هٿ ڦيرائيندي، ساڻس ڳالهيون ڪرڻ
لڳو. آخر هن کيس سندس وفاداريءَ جي بدلي ۾ لوڻ جو
ڳپل حصو به ڏنو. اهجو ڏسي، ٻچو به پڇ لوڏ ڪري
پنهنجي حصي وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو. رسٽي ان کي به حصو
ڏنو. مادي به پنهنجي ڪاوڙ ڇڏي، لوڻ لاءِ نوس نوس
ڪندي، رسٽيءَ ڏانهن وڌي. پر رسٽي اڃا ان تي ڪاوڙيل
هو، ۽ کيس رڳو بچيل سچيل ٻه- ٽي داڻا هٿ جي تريءَ
تان چٽڻ لاءِ ڏنائين.
”اها سزا توکي اڳتي اُٻهرائي نه ڪرڻ جو سبق سيکاريندي.“ هن ڪاوڙ
۾ چيو.
ٻه ڏينهن پوءِ جڏهن رسٽي وري اتي آيو، ته آسپاس جهنگلي جانورن
جا ڪيترائي پيرا ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. انهن مان
لومڙ جا پير ته بلڪل چٽا ۽ پڌرا هئا. نورَ جي ڇنبن
جا نشان به هئا، ۽ جهنگلي ٻلي جا پيرا به برف تي
بلڪل ظاهر بيٺا هئا. گهڙي کن رسٽي انهن پيرن جي
نشانن کي غور سان نسندو رهيو ۽ پوءِ اٿي ان جهڳٽي
طرف ويو، جتي ٻه ڏينهن اڳ سامبر جو مئل ٻچو رکي
آيو هو. سڄي جهنگ ۾ ڪانڍ پئجي وئي هئي، ۽ بکايل
ساهه وارن مڙهه جو ڪو حصو به نه ڇڏيو هو. هن فڪر ۾
پئجي پنهنجي ڳارهي لوندڙيءَ کي کنهيو، ۽ هيڏانهن
هوڏانهن واجهائڻ لڳو. ٽيهن-چاليهن وکن تي بيٺل هڪ
ٻوٽي جون ٽاريون لڏي رهيون هيون، ۽ وٿين مان اڇي
برف چٽي پئي نظر آئي. هن چتائي ڏٺو، سندس اکين
اڳيان ٽارين جي اوٽ ۾ لڪل ڀورو لومڙ چٽو ٿيندو
ويو.
گهڙيءَ ساعت بعد، جڏهن لومڙ کي پڪ ٿي ته پاڻ کي لڪائڻ اجايو
آهي، تڏهن هو اُتاڇرين ۽ بي پرواهه نظرن سان
رسٽيءَ ڏانهن نهاريو. گويا کيس چئي رهيو هو ته آءٌ
ڏوهاري ڪونه آهيان. هو هڪ اوٻاسي ڏيئي، ۽ ڪياڙي
کنهي، بيپرواهيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڄڻ ته ڪجهه
ٿيو ئي ڪونه هو. رسٽي، جيڪو لومڙن جي فطرت کان
چڱيءَ پر واقف هو، سمجهي ويو ته لومڙ نظر بچائيندي
ئي غائب ٿي ويندو.
”واهه واهه! سندس کل ته ڪهڙي نه سٺي آهي!“ هو سوچڻ لڳو ته اها
ڪيترن ڊالرن جي هوندي. هن جي دماغ ۾ جهنگلي بلا به
اچي ويا 7 سوچن لڳو ته انهن جون کلون ڪيتريون نه
قيمتي ٿين ٿيون. نيٺ هن رٿيو ته مئل سامبر جي
ڀرسان، انهن کي ڦاسائڻ لاءِ، ڪوڙڪِيون اڏي. پر هن
اها ڪوڙڪين واري رٿ ٿڏي ڇڏي، اها بزدلن واري حرڪت
هن کي پسند هه آهي. وري سندس خيال پنهنجيءَ بندوق
ڏانهن ويو، جنهن سان هو انهن شڪرن ۽ بازن جو شڪار
ڪندو هو، جيڪي سندس چواز کائي ويندا ئا.
’ڪيترو نه متارو آهي! نشان به واهه جو بيهندو!‘ هن ڀڻڪيو. سندس
زهن ۾ وري لومڙ جي کل جو اگهه ڦري آيو. هن کي لومڙ
جي بي ڊپائيءَ تي رشڪ اچڻ لڳو. پنهنجي دشمن آڏو
ڪهڙيءَ نه بي ڊپائيءَ ۽ دليريءَ سان بيٺو هو! ’پر
ٻِلي‘، هن سوچيو، ’مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. اهو
سٺو نٿو لڳي جو آءٌ هن جي بکئي هجڻ جو فائدو وڍي،
کين ڍونڍ تي ورائي شڪار ڪريان. ڀل ته پيا موجون
ڪن، وري جي بندوق ڇوڙيان ته متان منهنجا سامبر به
ٽهي وڃن!‘
ان فيصلي تي پهچي، هو موٽي سامبر جي وٿاڻ تي آيو. ڌڪار جوڳي
مُرڪ منهن تي آڻي، هن سوچيو، ’جي بابا کي اهڙي
شڪار ڇڏي ڏيڻ جي سُڌ پيئي ته ضرور ڪاوڙبو- ۽ ائين
ڪرڻ لاءِ هو حق بجانب به هوندو!‘
آخر اهي ڏينهن به آيا، و سياري جي سختي ڍري ٿي ويئي. جيئن جيئن
سج جي تپش وڌندي ويئي، تيئن تيئن برف هيٺان دٻيل
جهنگلي ٻوٽا، وڻ ۽ کڏون کاما وڌيڪ ظاهر ٿيندا ويا
۽ ماٿريءَ مان مسافري ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي
ويئي. هاڻي سامبر به پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ پاڻ
ڳولا ڪندا هئا، ۽ رسٽي جونس جو وٽن اچڻ به آهستي
آهستي گهٽبو ويو. هنن کي رسٽيءَ جي ڪا ضرورت ڪانه
هئي. پر هو هنن سان ايترو ته رلي ملي چڪو هو، ۽
خاص ڪري نر سامبر سان ته سندس ايتري دل ٿي ويئي
هئي، جو هن ان خيال کان به نفرت پئي ڪئي ته ڪو
سامبر کانئس جدا ٿي وڃن. پر اهو ٿيڻ لازمي هو.۽
آخرڪار ٿيو به ائين
هڪڙي ڏينهن صبح جو، سخت محنت کان پوءِ، ٿڪل ۽ پگهر ۾ ٻڏل رسٽ،
انهن وڻن جي جهڳٽي ۽ کامي وٽ اچي پهتو، جتي سامبر
رهندا هئا. هو ان لاءِ آيو هو ته سامبر اتان هليا
ويا هئا يا نه. پر اتي هن رڳو پوڙهو سامبر ڏٺو،
جيڪو پڻ هن جي انتظار ۾ ويٺو هو. رسٽي ان لاءِ،
پنهنجن کيسن ۾ لوڻ ۽ مانيون کڻي آيو هو، ۽ سامبر
اهي شوق سان کائڻ لڳو. رکي رکي، سامبر پنهنجي
مٿئين چپ سان رسٽيءَ جي بدن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي
کي چٽي، هن لاءِ پنهنجو پيار پئي ظاهر ڪيو. اهو
ڏسي، رسٽيءَ کان رهيو نه ٿيو ۽ پنهنجون ٻيئي
ٻانهون سامبر جي ڳچيءَ ۾ وجهي چيائين، ”خدا حافظ،
منهنجا مسڪين دوست! پنهنجو خيال رکجانءِ. ٻيءَ برف
پوڻ وقت، شڪارين جو دڳ کان پاسو ڪري وڃجانءِ. ڪاش،
توکي به پنهنجي مٿي تي سهڻن ۽ سُندر سڱن جو جوڙو
هجي ها، جهرو ٻين سامبرن کي آهي!“
پوءِ هو تکو تکو گهر واپس ورڻ لڳو. پر اڃا ڪي قدم ئي ڪين هليو
هو ته پنهنجي ڪلهي پٺيان هن ڪنهن جي تڪڙن تڪڙن
ساهن کڻڻ جو آواز ٻڌو. هو اچرج ۾ بيهي رهيو. ڪو
سندس ڪنڌ کي چٽي رهيو هو! ٻليءَ وانگر هوريان
هوريان، بنا آوز ڪرڻ جي، سامبر سندس پيڇو ڪري رهيو
هو. رسٽيءَ کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو. هن ڄاتو
پئي ته اهڙي موقعي تي هن کي ڇا ڪرڻ کپي. هن ترسي
پنهنجي مٿان گهور ٿيندڙ جانور کي ڪجهه وقت پيار
ڪيو ۽ پوءِ وري پنهجي دڳ لڳي پيو. سامبر کليل ۽
ڪشادين پوکن تائين سندس ڪڍ لڳو آيو. ڪڙمي ڪاسبي
کوهه مان پاڻي ڀري رهيا هئا ۽ گرنين جي گونج بهار
جي سانتيڪيءَ فضا ۾ پکڙجي رهي هئي. رسٽيءَ جو
چٽڪمرو ڪتو، ڀونڪندي، هن جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو
پئي آيو. سامبر اتي بيهي رهيو ۽ پنهنجا ڪن هوا ۾
لوڏڻ لڳو.
”چڱو، دوست!“ رسٽيءَ وساميل دل سان چيو، ”پنهنجو خيال رکجانءِ!“
رسٽيءَ جي ننڌڙصي دل ڀرجي آئي. هو پٺيان نهارڻ جي همٿ به نه
ساري سگهيو ۽ پنهنجي ڪتي سانملڻ لاءِ اڳتي وڌن
لڳو، ڳرن قدمن ڏکويل دل سان- ۽ سامبر جو ڪارو ۽
وڏو وجود پويان جهڪو ٿيندو ويو، ائين جيئن ڪو
گهاٽن وڻن ۾ وڃي گم ٿي ويندو آهي. |