سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :24

پُوسنَنگ لِنگ

چيني

 

 

شهزادي سوسن

ڪنهن زماني ۾، چئائوچو شهر ۾، طوسيون نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن گرمي تمام گهني هئي، جنهن ڪري هو ٻنپهرن جو سمهي رهيو. اوچتو هن پنهنجي کٽ جي ڀرسان هڪ ماڻهوءَ کي بيٺل ڏٺو، جنهن کي اميراڻا ڪپڙا پيا هئا. ان شخص کيس چيو: ”مون تو لاءِ هڪ نياپو آندو آهي.“ طُو جي پڇڻ تي انهيءَ ماڻهو ٻڌايو ته ”منهنجي مالڪ اوهان کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني آهي.“

”تنهنجو مالڪ ڪير آهي؟“ طُو پڇيو.

پر نياپي آڻيندڙ ڪو به سڌيءَ طرح جواب ڪونه ڏنو ۽ طُو کي پاڻ سان گڏجي هلڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين ته ”منهنجو مالڪ هتان ڪو گهڻو پري ڪونه ٿو رهي.“

ان بعد ٻيئي گڏجي اوڏانهن روانا ٿيا، ۽ ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، طُو کي هڪ بئي کان بلند ڪيتريون ئي سفيد جايون ڏسڻ ۾ آيون، جن تي ليمي جي گهاٽن وڻن جا پاڇا پيا. اهو ماڻهو طو کي عجيب و غريب ۽ غير معمولي نموني جي بيشمار دروازن مان وٺي ويو. اتي هن ڪيترائي ڪامورا، عملدار ۽ زالون ڏٺيون، جن سڀني انهيءَ ماڻهوءَ کان پئي پڇيو ته ”طوسون آيو آهي؟“ ۽ هُن مرڪي طو ڏانهن اشارو ڪيو ٿي.

آخرڪار اهو ماڻهو، طوءَ کي هڪ اهڙي شخص وٽ وٺي آيو، جنهن کي ڏسي طُو سمجهي ويو ته هو ڪنهن وڏي مرتبي وارو عملدار آهي. رسمي طور مرحبا ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ کان پوءِ، اهو عملدار، طو کي هڪ عجيب محلات ۾ وٺي ويو.

پر هاڻي طو جو من منجهڻ لڳو.

”آءٌ اوهان جي خوش اخلاقيءَ جي دل سان تعريف ڪريان ٿو.“ طو چيو، ”پر اوهان جي واقفيت جو شرف حاصل نه هئڻ ڪري، آءٌ پنهنجي موجودگي اوهان تي بار سمجهان ٿو، جنهن ڪري اطمينان ڪونه اٿم.“

اعليٰ عملدار جواب ڏنو، ”اوهان جي نيڪ خصلت ۽ هڪ فاتح خاندان جي فرد هئڻ جي باري ۾، اسان جي بادشاهه گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي، تنهن ڪري سندن فرمان آهي ته اوهان سان وڌيڪ رسم و راهه پيدا ڪئي وڃي.“

”اوهان جو بادشاهه ڪير آهي؟“ طو کانئس پڇيو.

”اجهو تون هينئر هن کي پنهنجي اکين سان ڏسندين.“ شاهي عملدار جواب ڏنو ۽ پوءِ جيئن ئي هن اهي لفظ چيا، ٻه دوشيزائون پنهنجن هٿن ۾، جهنڊا کڻي آيون ۽ طو کي ساڻ وٺي ڪيترن ئي دروازن ۽ وڏن وڏن ڪمرن مان گذرنديون، شاهي تخت وٽ اچي پهتيون، جنهن تي بادشاهه ويٺو هو.

طو کي ڏسندي ئي بادشاهه تخت تان اٿيو ۽ پنهنجي مهمان کي هٿ کان وٺي وڃي عزت واريءَ جاءِ تي ويهاريائين. پوءِ بادشاهه دعوت ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي هڪدم هنن جي اڳيان طرحين طرحين جا لذيذ کاڌا ۽ شراب آڻي رکيائون.

اتي طُو، جيڪو اڃا به ڏاڍو حيران ۽ پريشان هو، پنهنجي چوڌاري نگاهه ڦيرائي ۽ هڪڙو پنو ڏٺائين، جنهن تي لکيل هو: ”رنگين درٻار“، پر انهن لفظن به هن جي رهنمائي ڪين ڪئي ته سندس مشفق ميزبان، آخر ڪير هو. بادشاهه هن جي اها حيراني تاڙي ورتي ۽ چيائين:

”هڪ پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ اوهان کي هت دعوت ڏئي گهرائڻ جو مقصد صرف هيءُ هو ته پنهنجو تعلق وڌي، تنهن ڪري اچو ته سڀ شڪ شبها ۽ خوف خطرا ڦٽا ڪري، خوشيون ۽ شادمانا ڪريون.“

انهيءَ تي طُو کي اطمينان ٿيو ۽ هن پاڻ کي ان حيرت انگيز ماحول ۾ وڌيڪ حيران ۽ پريشان نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت جي دلچسپين ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن شراب جو دؤر ڪيترائي ڀيرا هليو، تڏهن طُو پري کان موسيقيءَ جو آواز ٻڌو، جنهن ۾ دهل جي دستوري آواز کان سواءِ شرنائين ۽ ڳائڻن جو آواز به هو. اتي بادشاهه چيو ته ”اي معزز شخص! اسين توکي هڪ مصرع ڏيون ٿا، تون اُن تي گرهه ٻڌ. مصرع هيءُ آهي:

”ذَهينُ، رنگين درٻار جي ڳولا ڪري ٿو.“

اڃا معزز درٻارين مناسب ۽ موزون گره تي پئي پنهنجا ذهن ڊوڙايا، ته طُو ٺهه پهه چئي ڏنو: ”پاگيزگيءَ کي سوسن جو گُل وڻي ٿو.“

”سچ پچ ته اهو هڪ عجيب اتفاق آهي، جو تنهنجي منهن مان اهي لفظ نڪتا آهن.“ بادشاهه، تحسين ۽ واه واه جي گوڙ ۾، بلند آواز سان چيو، ”ڇاڪاڻ ته اسان جي ڌيءَ جو نالو به سوسن ئي آهي. هاڻي تون پاڻ هن کي ڏسندين.“ ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، زيورن جي ڇمڪي ۽ دل بهار خوشبوءِ جي هُٻڪار شهزاديءَ جي اچڻ جي خبر ڏني.

شهزاديءَ جي چوڌري ڪنواريون ٻانهيون هيون. هوءَ سترهن سالن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي. هن جي سُونهن ۾ اهڙو ته اثر هو. جو طُو جي منهن مان اکر به ڪونه اُڪليو ۽ هو رڳو حيرت ڀريل نگاهن سان هن کي ڏسندو رهيو. بادشاهه،شهزاديءَ کي حڪم ڪيو ته طُو کي کيڪاري، جنهن تي هن وڌي طُو کي سلام ڪيو ۽ پوءِ واپس هلي ويئي.

بادشاهه هڪدم سهي ڪيو ته ڪيئن نه طُو هڪ ئي نظر ۾ شهزاديءَ تي دل و جان سان فدا ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري، هن پنهنجي ڌيءَ جي لائق ڪنهن چڱي وَر ڳولڻ لاءِ، جيڪي ڪوششون ڪيون هيون، تن جو ساڻس ذڪر ڪرڻ لڳو، پر هي نوجوان خيال ۾ اهڙو ته غرق ٿي ويو، جو بادشاهه جو هڪ لفظ به ٻڌي ڪونه سگهيو ۽ هن کي اِها سُڌ به ڪين رهي ته سندس آسپاس ڇا پئي وَهيو واپريو. آخر هڪ درٻاريءَ کيس ٻانهن کان وٺي هوشيار ڪيو ۽ چيائينس ته ”توهان سان بادشاهه سلامت پئي ڳالهايو.“ انهيءَ تي طُو کان ڇِرڪ نڪري ويو ۽ ٿورو پاڻ سنڀالي، هٻڪندي هَٻڪندي، معافي وراتائين ۽ واپس وڃڻ جي اجازت طلب ڪيائين.

”اوهان جو پنهنجيءَ درٻار ۾ آڌر ڀاءُ ڪندي، مون کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.“ بادشاهه جواب ڏنو، ”پر افسوس رڳو اهو اٿم، ته اوهان هِتي وڌيڪ وقت ترسي نٿا سگهو. جيڪڏهن اوهان کي اسان بابت سڀ ڪجهه ياد آهي، ته پوءِ اميد ته اسين پنهنجيءَ محفل ۾، اوهان کي وري ڏسنداسون.“

پوءِ بادشاهه حڪم ڏنو ته طُو کي پنهنجي گهر پهچايو وڃي. انهيءَ تي هڪڙو درٻاري، طُو کي گهر ڏانهن وٺي ويو ۽ رستي ۾ هن کي چيائين، ته ”جڏهن بادشاهه کُليءَ طرح توکي شهزادي سوسن سان شادي ڪرڻ لاءِ پئي چيو، تڏهن تون ڇا جي ڪري بلڪل خاموش ويٺو هئين؟“ آخر جڏهن گهر پهتا، تڏهن طوءَ کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته مون ڪهڙو نه شاندار موقعو پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ افسوس ڪندي ئي هُن جي اک کُلي ويئي.

سج لهي ويو هو، ۽ طُو اونداهه ۾ پنهنجي وڃايل موقعي تي ڏک ڪندو رهيو ۽ شهزاديءَ بابت سوچيندو رهيو. انهيءَ رات، جڏهن هو وري سمهڻ لاءِ ليٽيو، تڏهن هن ميڻ بتي گل ڪري ڇڏي، ۽ کيس اُميد هئي تهخواب جو باقي رهيل حصو ضرور ڏسندس.

پر طُو جي اها اميد ٻن-ٽن راتين کان پوءِ پوري ٿي، جڏهن هڪ رات هو پنهنجي هڪ دوست جي گهر سُتو پيو هو، تڏهن اوچتو هڪ درٻاري اَمير آيو ۽ کيس بادشاهه جي حضور ۾، حاضر ٿيڻ لاءِ چيائين. طُو وري هڪ ڀيرو پاڻ کي، بيشمار دروازن سان وڏن وڏن ڪمرن واري محل ۾ ڏٺو. هن بادشاهه جي اڳيان اَدب سان ڪنڌ جهڪايو، جنهن وري پنهنجن سمورين مهربانين سان سندس استقبال ڪيو.

طو ڏاڍو خوش هو، ۽ بادشاهه هُن کي ٻڌايو ته ”مون کي خبر آهي ته تون شهزادي سوسن کي ڏسڻ شرط مٿس عاشق ٿي پيو آهين.“ هن وڌيڪ چيو ته ”نوجوان طُو! جيڪڏهن تون راضي هجين ته اوهان ٻنهي جي شاديءَ جي رسم جو هڪدم انتظار ڪيو وڃي.“ ظاهر آهي ته هن نوجوان شخص کي ڪنهن به اعتراض ڪرڻ جي ضرورت ڪين هئي. تنهن ڪري انهيءَ وقت ئي سندس اڳيان دعوت جا دسترخوان وڇائجي ويا.

آخرڪار اُهو به وقت آيو، جڏهن اطلاع ڏنو ويو ته شهزادي سوسن، هار سينگار ڪري واندي ٿي آهي، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، هوءَ پنهنجي ڪنوارين ٻانهين سميت اندر آئي. هن جي مٿي تي شادي جو کُهنبو رَئو پيل هو ۽ جڏهن ٻانهيون کيس گهوٽ ڏانهن وٺي آيون، تڏهن هن جي ننڍڙنننڍڙن پيرن مان پاڻيءَ جي ڇولين جهڙو آواز پئي آيو.

”اي شهزايءَ! طُو، هُن جي اڳيان ادب سان جُهڪي چيو، ”تنهنجي موجودگيءَ ۾ خود موت کي به وساري ڇڏڻ هڪ آسان ڳالهه آهي، پر مون کي سچ ٻڌاءِ ته هي سڀ ڪجهه خواب ته ڪونه آهي؟“

”منهنجا مٺڙا!“ شهزاديءَ سنهڙي آواز ۾ جواب ڏنو، ”هي سڀ ڪجهه ڀلا خواب ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ڏس پاڻ ٻيئي هِت گڏ آهيون.“

ٻئي ڏينهن صبح جو طُو دستور موجب، شهزاديءَ جي مهن جي چِٽسالي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ ڦيٿ کڻي، هن جي ڇاتيءَ، آنڱرين ۽ پيرن جي ڊيگهه ماپڻ لڳو.

”تون چريو ته ڪونه آهين؟“ شهزاديءَ مرڪندي رڙ ڪئي.

”آءٌ ڌوڪي ۾ ڪونه آهيان“ طُو جواب ڏنو، ”جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه خواب آهي ته پوءِ تنهجي ڪانه ڪا شيءِ نشانيءَ طور پاڻ وٽ ضرور رکڻ گهرجي.“

هُنن اڃا اهي ئي ڳالهيون پئي ڪيون ته هڪ دوشيزه رَڙيون ڪندي، ڊوڙندي اندر آئي ته ”گهوڙا ڙي، گهوڙا! محلات ۾ هڪڙو راڪاس ڪاهي پيو آهي. بادشاهه پاسي واري ڪمري ۾ وڃي لڪو آهي. ڀڄو نه ته اها آفت اسان جي مٿان اچي ڪڙڪَندي.“

طُو هڪدم ڊوڙي بادشاهه وٽ ويو، جنهن پنهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي هن کي عرض ڪيو ته ”مهرباني ڪري اسان کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ. اسان جي مائٽي به ان وقت ٿي آهي، جڏهن خدا هيءَ آفت اسان تي نازل ڪئي اهي، ۽ هاڻي منهنجو سڄو راڄ ڀاڳ اونڌو ٿي ويندو. ڀلا آءٌ ڇا ڪريان؟“ بادشاهه دانهن ڪري چيو.

طُو، بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”آخر ماجرا ڇا آهي؟“ انهيءَ تي بادشاهه کيسي مان هڪڙو خط ڪڍي ميز تي رکيو ۽ طُو کي چيائين ته ”هي خط کولي پڙهه ته توکي به حقيت جي سموري خبر پئجي ويندي.“ انهيءَ خط ۾ لکيل هو:

”وزيراعظم، حضور بادشاهه سلامت کي اطلاع ڏيڻ ٿو چاهي ته هڪ عجيب و غريب راڪاس ملڪ ۾ ڪاهي پيو آهي. تنهن ڪري مصلحت انهيءَ ۾ اهي، ته شهنشاهيت جي حفاظت ۽ بقا لاءِ درٻار هڪدم ڪنهن ٻئي پاسي منتقل ڪئي وڃي. تازو هينئر پيلي دروازي جي عملدار وٽان اطلاع پهتو آهي، تهچنڊ جي پنجين ڇهين تاريخ کان وٺي اهو ڏهه هزارفوٽ ڊگهو راڪاس ويڙهيو سيڙهيو شاهي محلات جي دروازي وٽ پيو آهي. اهو هن وقت تائين بادشاهه سلامت جي رعيت جا تيرهن هزار اٺ سؤ، خاص خاص ماڻهو کائي، هضم ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري اوسي پاسي سُڃ ئي سُڃ ٿي ويئي آهي. انهيءَ اطلاع پهچڻ تي، حضور جن جو خادم، اوائلي جاچ تي ويو ۽ ڏٺائين ته اهو جبل جيڏي مٿي ۽ پاڻيءَ جي وڏن وڏن تلائن جهڙين اکين وارو راڪاس هڪ زهريلو سُرندڙ جانور آهي، ۽ جنهن وقت به هن پنهنجو مٿو تي کَنيو ته عمارتن جون عمارتون هن جي پيٽ ۾ هڙپ ٿي ٿي ويون، ۽ جڏهن هن پاڻ پکيڙيو ٿي ته آسپاس جون جايون جڳهيون، ڊهي پَٽ ٿي ٿي ويون. ههڙيءَ آفت جو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي- گهرن ۽ بزرگن جي ٺهرايل يادگارن جي تقدير جو فيصلو ڪلاڪ ٻن جي ڳالهه آهي. تنهن ڪري اسين حضور بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ التماس ڪنداسون، ته حضور جن پنهنجو شاهي خاندان وٺي، هڪدم ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ تي وڃي پناهه وٺن.“

طُو، خط پڙهي اڃا مس پورو ڪيو ته هڪڙو نوڪر، ”راڪاس! راڪاس! ڪندو، اندر ڊوڙندو آيو.

سڄيءَ درٻار ۾ واويلا پئجي ويئي ۽ طُو کي چوڌاري روڄ راڙي کان سواءِ ٻيو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو.

خود بادشاهه به خوف ۽ ڊپ وچان سڄو هيڊو ٿي ويو ۽ طُو کي چيائين، ته ”پنهنجو بچاءُ ڪر ۽ پنهنجي زال کي کڻي ڇڏ، جنهن جي ڪري ئي هيءَ مصيبت نازل ٿي آهي.“ پر شهزادي، جيڪا ڀرسان بيٺي هئي ۽ پنهنجا هٿ پئي مهٽيائين سا طُو جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ ليلائڻ لڳي ته مون کي نه ڇڏي وڃ.

طُو وڏيءَ، نرمائيءَ سان شهزاديءَ کي اُٿاريو ۽ پوءِ بادشاهه جي اڳيان ادب سان جهڪي عرض ڪرڻ لڳو ته ”جيڪڏهن حضور جن اجازت ڏين ته غريب خاني تي هلي محفوظ ٿجي.“

”ههڙيءَ حالت ۾ اسين پنهنجي مرضيءَ وغيره بابت ڪجهه به سوچي نٿا سگهون.“ شهزاديءَ رَڙ ڪري چيو، ”آءٌ توکي التجا ڪريان ٿي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اسان کي اُتي وٺي هل.“

انهيءَ تي طُو، شهزاديءَ کي ساڻ ڪري، تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي پهچي شهزاديءَ، هن جي عذر خواهين ڪرڻ جي باوجود، پاڻ کي ڏاڍو خوش ظاهر ڪيو ۽ چيائين ته، ”هيءَ جاءِ، محلات کان به وڌيڪ رهڻ جي لائق آهي.“

”هاڻي توکي ٻي ڳالهه هيءَ چوڻي آهي“، هن طُو کي چيو، ”بابا اَمان ۽ درٻارين جي رهڻ جو به سمورو انتطام هت ئي ڪيو وڃي، جيئن حڪومت جو ڪاروبار هتان هلائي سگهجي.“

اهو ٻڌي طُو جا طاق لڳي ويا، ۽ هن جي سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو ته بادشاهه ۽ سڀني درٻارين کي هو ڪهڙيءَ طرح اتي رهائي سگهندو! پر شهزاديءَ هن جي منهن جي مخالفت جا نشان ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڳارهي ٿي ويئي ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”جيڪو ههڙي نازڪ وقت ۾ به منهنجي مدد نٿو ڪري، اُهو ڪڏهن به منهنجي خاوند سڏائڻجي لائق ڪونهي.“ ائين چئي، شهزاديءَ روئڻ ۽ رَڙيون ڪرڻ لڳي، ۽ جيئن ئي ويچاري طُو، هن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سندس اک پٽجي ويئي ۽ خبر پيس ته اهو سڀ ڪجهه خواب هو!

انهيءَ هوندي به هن جي ڪنن ۾ اڃا تائين ڀُڻ ڀُڻ جو آواز پئي آيو. پر پوءِ پنهنجي چوڌاري غور سان ڏسڻ تي هن کي ٻه-ٽي مکيون وِهاڻي تي ويٺل نظر آيون. هن اُنهن کي اُتان اڏائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر اهي اُڏامي وري ٿي اچي اتي ويٺيون.

اهو حال ڏسي، طُو پنهنجي دوست کي سڏ ڪيو ۽ ٻنهي گڏجي ڏٺو ته سندس ڪپڙن تي ۽ ڪوٺيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مکيون ويٺيون هيون. طُو کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ سندس دوست صلاح ڏنس ته انهن لاءِ، جلدي مانارو کڻي اچ. هن ائين ڪيو، ۽ پوءِ نه رڳو ڪوٺيءَ مان سڀ مکيون نڪري وڃي مانري تي وٺيون، پر مکين جو هڪ ٻيو وَلر به باغ جيڀت تان اُڏامندو آيو ۽ اک ڇنڀ ۾ سڄو مانارو انهن سان ڍڪجي ويو.

طُو ۽ سندس دوست هاڻي وري انهيءَ کوجنا ۾ لڳي ويا ته اهو ماکيءَ جي مکين جو وَلر آخر آيو ڪٿان؟نيٺ خبر پين ته اهو هڪ پوڙهي شخص جي گهران آيو هو، جيڪو سڏ پنڌ تي رهندو هو. ٻيئي اوڏانهن ويا ۽ اُتي پيل خالي ماناري کي کڻي جو ڀَڃن ته اُن مان هڪ وڏو خوفائتو نانگ- طُو جي خواب جو ”راڪاس“- نڪري آيو.

باقي رهيون مکيون، سي طُو سان ئي گڏ رهيون، جن ۾ هر سال واڌارو ٿيندو رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com