سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :27

لُوئِي ڪَپيرو

انڊونيشيا

 

جاڙن جي جوڙي

آءٌ هُنن چئن ئي کي سڃاڻندو هوس. هنن جا نالا هئا جَين ۽ هئنڊرڪ رئسڊانڪ ۽ لزي ۽ ماجوري ليِلي ڪئمپ. ڇوڪرا ايمسٽرڊم جي رئسڊانڪ خاندان جو اولاد هئا ۽ ڇوڪريون آمريڪا جي ليِلي ڪئمپ گهراڻي مان هيون، جنهن کي نيويارڪ ۾ ’لکي ڪئمپ‘ اُچاريو ويندو هو، پر اصل ۾ اهي ڊچ خاندان جون ئي اولاد هيون. هنن کي ڏسڻ سان خوشِي ٿيندي هئي. جڏهن هُو چارئي گهمڻ ڦرڻ لاءِ، ٻاهر ويندا هئا يا ڪنهن هوٽل يا ناٽڪ- گهر ۾ هوندا هئا، پوءِ کڻي اهي لنڊن ۾ هجن يا پئرس ۾، تڏهن به هر ڪو هنن کي ئي ڏسندو رهندو هو. رئسڊانڪ خاندان جا اهي ٻئي ڊچ ڇوڪرا تندرست ۽ سگهارا هئا، جيتوڻيڪ هنن جي عمر رڳو ڇويهه سال هئي، پر سندن هلت چلت ۽ روش غير معمولي هئي، جنهن ڪري کين خوش قسمت ۽ معزز سمجهيو ويندو هو. سندن انهن خوبين مان ظاهر ٿيندو هو ته هُو بيشڪ هيٺئين ملڪ جي مشهور ۽ معزز ۽ امير خاندان جو اولاد هئا. هنن ڇوڪرن تي، شروع کان ئي سندن پيءُ جو اثر ويٺل هو. وٽن جيڪي ڪجهه به هو، انهيءَ تي ئي قناعت ڪندا هئا ۽ سنجيدي ۽ سادي زندگي گذاريندا هئا. پر ساڳئي وقت سندن ڪپڙن، موٽر گاڏين ۽ گريٽ رکڻ جي پيتين مان اهو به معلوم ٿيندو هو ته اهي ڏاڍا اعتدال پسند ۽ خوش زوق پڻ هئا. سچ پڇو ته جَين ۽ هئڊرڪ سُلڇڻا ڇوڪرا هئا. مون کي ڪڏهن به اها خبر ڪانه پيئي ته انهن ٻنهي ڀائرن مان ڪهڙو ڀاءُ مون کي وڌيڪ پسند هو، ڇاڪاڻ ته اهي ائين ٿي لڳا ڄڻ ته پاڻيءَ جا ٻه ڦڙا هجن. ٻنهي جا وار هڪهڙا ۽ هڪ ئي نموني  تي ڪٽيل هوندا هئا. ٻيئي ڄڻا ڏاڙهي مڇون ڪوڙيندا هئا ۽ ٻنهي جي گلاب جهڙن سرخ چهرن مان مرادنگي ۽ وقار پيو بَکندو هو. ٻيئي ساڳئي هٿ جي، ساڳيءَ اڱر ۾، هڪ جهڙيون منڊيون پائيندا هئا. هنن جا ڪپڙا به هڪڙو ئي درزي سبندو هو. حقيقت هيءَ هئي ته هئنڊرڪ ۽ جَين جي ڏسڻ کان پوءِ، خبر ئي نه پوندي هئي ته ڪير هئنڊرڪ اهي ۽ ڪير جَين! البت جَين، جيڪو پنهنجي ڀاءُ کان عمر ۾ وڌيڪ هو، تنهن جو قد سوت کن وڏو هو، اهو فرق به فقط انهيءَ وقت ظاهر ٿيندو هو، جڏهن ٻيئي ڄڻا ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا هئا. انهيءَ وقت خبر پوندي هئي ته ڪير هئنڊرڪ اهي ۽ ڪير جَين، جَين جي قد، بت ۽ جسامت ۾، هڪ سوت جي وڌائي تڏهن محسوس ٿيندي هئي، انهيءَ وقت به خبر نه پوندي هئي، جڏهن ٻئي، ڄڻا گڏجي هلندا هئا.

هنن جو پيءُ، رئسڊانڪ هڪ سمجهو ۽ عقلمند شخص هو. کيس اها ڳالهه هرگز پسند نه هئي ته جَين ۽ هئڊرڪ هڪ امير شخ جي اولاد جي حيثيت ۾ ايمسٽرڊم جي بئنڪ ۾ آسودي زندگي گذارين، تنهن ڪري هن کين آمريڪا اُماڻيو ته جيئن ٻاهرين ملڪن جي وڻج واپار مان ڪا ڄاڻ پرائي سگهن. جَين نيويارڪ روانو ٿيو ۽ نئڊرڪ بالٽي مور اُسِهيو. جَين نيويارڪ ۾ پهچڻ شرط لزي ليلي ڪئمپ جي دام- محبت ۾ گرفتار ٿي پيو. ٻنهي جي گڏجاڻي نيويارڪ جي هڪ محفل  ۾ ٿي هئي.سنهري وارن واري لزي سچ پچ ته هڪ سهيڻي ۽ من مهيڻي ڇوڪري  هئي. پر ساڳئي وقت هوءَ سلڇڻي ۽ مهذب  پڻ هئي. البت آمريڪي رواج مطابق، ٿوري البيلي ۽ بيپرواهه ضرور هئي، پر ايتري به نه، جو جَين جي پسند ۽ ذوق تي خراب اثر ڪري. انهيءَ کان سواءِ هوءَ پاڻ ۾ هڪ امير ڇوڪري هئي، پڻس ليلي ڪئمپ واپارين جو ڄڻ ته بادشاهه هو،  جيتوڻيڪ مون کي اها پوري پڪ نه آهي ته هو ڪهڙي ڌاتوءَ يا خوراڪ جو سوداگر هو. خير، ٻنهي شادي ڪئي، ڇاڪاڻ ته شادي نه ڪرڻ جو ڪو به ٻيو سبب به ڪونه هو. هنن پوءِ فيصلو ڪيو ته ٻن-ٽن سالن کان پوءِ هالئنڊ هلبو ۽ نيويارڪ واريءَ جاءِ جو نيڪال نه ڪبو. جيڪڏهن مال متاع هجي ته ڪابه ڳالهه مشڪل ڪانهي ۽ لزيءَ جي اها آرزو هوندي هئي ته هر ٽئين مهيني کان پوءِ، باقاعدي آمريڪا کان ”پياري پراڻي يورپ“ ڏانهن سَير لاءِ ويندي رهي. جتي جي ذري ذري پئرس جي رودي لاپي کان وٺي، بيرورت جي واگنر ناٽڪ- گهر تائين، هرهڪ مشهور مقام مان چڱيءَ طرح واقف هئي.

هوڏانهن مالٽي مور ۾، هن سچي ڪهاڻيءَ مطابق، هئنڊرڪ وري لزيءَ جي جاڙي ڀيڻ، سونهري وارن واري، سهڻي ۽ من موهڻي ماجوري، ليلي ڪئمپ جي محبت ۾ مبتلا ٿي پيو. اها ڇوڪري به ڏاڍي وڻندڙ سلڇڻي ۽ ذهين هئي. هنن ۾ لزي ۽ جَين وانگر شادي ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس شادي نه ڪرڻ لاءِ، ظاهريءَ طرح ڪو به اهڙو اعتراض نٿي ڏسڻ ۾ آيو. اهي ٻئي ڀينرون جڏهن ڪُلهو ڪلهي ۾ مِلائي ٿي بيٺيون، تڏهن سچ پچ ته نه رڳو ڏسندڙن لاءِ، پر خود هنن لاءِ به عجيب منجهائيندڙ ڳالهه ٿي پوندي هئي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هئنڊرڪ ۽ جَين ۽ پاڻيءَ جي ٻن ڦڙن مثل هئا ته سونهري وارن واريون لزي ۽ ماجوري وري  ماڪ جي ٻن ڦڙن مثل هيون.

ڪن معمولي سببن ڪري- آءٌ سمجهان ٿو ته شايد لزيءَ کي زڪام ٿي پيو هو ۽ هئنڊرڪ پنهنجي بائسڪل تان ڪِري پيو هو يا ٻيءَ ڪنهن معمولي ڳالهه سببان، هنن مان ڪوبه ڪنهن ٻئي جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو هو. اهو هڪ عجيب حادثو هو، جنهن ساريءَ ڳالهه جو مزو ئي وڃائي ڇڏيو. تنهن ڪري شاديءَ کان پوءِ، هنن چئني گڏجي ”پياري پراڻي يورپ“ جي مزيدار سير جو پروگرام ٺاهيو. ايترو سو ٿيو جو انهيءَ پهرينءَ گڏجاڻيءَ کان پوءِ، جَين ۽ هئنڊرڪ ٿورا هيڊا پئجي ويا هئا ۽ سندن ڳنڀير چهرن تي، اڳي کان وڌيڪ سنجيدگي اچي وئي هئي، پر هو  ٻيئي ڀينرون چرين وانگر کِلنديون ۽ ٽهڪ ڏينديون رهيون ۽ هڪ ٻئي جي منڊين جي واکاڻ ڪنديون رهيون.

”هئنڊرڪ“، جَين پنهنجي پياري جاڙي ڀاءُکي سنجيدگيءَ سان چيو: ”آءٌ تو سان هڪ خاص ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو، جيڪا مون کي پريشان ڪندي رهي ٿي!“

”اُها ڪهڙي ڳالهه حقيقت ۾ هوبهو منهنجيءَ زال جهڙيِ آهي.“

”هوءَ بلڪل پنهنجيءَ ڀيڻ جهڙي آهي، جَين!“هئنڊرڪ جواب ڏنو، ”پر هنن ۾ هڪ تفاوت آهي! ماجوري قد ۾ لزيءَ کان ٿوري ننڍي آهي. تون اهو فرق فقط انهيءَ وقت محسوس ڪري سگهندين، جڏهن هو ٻيئي ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهنديون- بلڪل اسان وانگر!“

”هائو، اهو سچ آهي ميان!“ جَين ويچاريندي چيو: ”ساڳئي وقت سندن اها هڪجهڙائي ئي آهي، جنهن مون کي فڪرمند ڪري ڇڏيو آهي. خير...منهنجا پيارا دوست! هاڻي جيئن ته يورپ اُسهڻ کان اڳ، اسان کي ڳالهائڻ لاءِ خاصو وقت ملي ويو آهي، تنهن ڪري اسين پاڻ ۾ انجام ڪريون ٿا ته.....اسين تمام........تمام ڏاڍا خبردار رهنداسون.“

نيڪ، ايماندار ۽ ڪشادي قلب، جَين تي انهيءَ ڳالهه جو ٿورو اثر ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ هئنڊرڪ ڏانهن هٿ وڌايو، ٿوري بيپرواهه ۽ خوش مزاج هئنڊرڪ زور سان ٽهڪ ڏيندي پنهنجو هٿ (جنهن جون آڱريون جَين جي آڱرين کان سُوت کن ننڍيون پئي معلوم ٿيون)، جَين جي هٿ ۾ کڻي ڏنو.

هئنڊرڪ نه رڳو قد بت ۾ جَين کان ئي پڪ ٿورڙو ننڍو هو، پر هن جي طبيعت به ٿوري بيپرواهه هئي، انهيءَ هنودي به جَين وانگر هو هڪ نهايت ماٺيڻو ۽ سنجيدو ڇوڪرو هوندو هو. ٻنهي ڀائرن جي شروع کان ئي اهڙي طبيعت هئي. هن ڪڏهن اسڪول واري زماني ۾ به اهڙا کلم کلا چرچا نه ڪيا، جيڪي ٻين کي حيرت ۽ تعجب ۾ وجهڻ جو سبب ٿين. جَين جي چاچي يا چاچو، جڏهن غلطيءَ وچان چوندا هئا ته ”ڀلي ڪري آئين، هئنڊرڪ!“ تڏهن هو ٺَهه پَهه مناسب جواب ڏيندو هو: ”چاچِي يا چاچا! اوهان غلطيءَ تي آهيو، آءُ ته جَين آهيان.“

البت اهڙي قسم جي ڳالهه، آءٌ ليلي ڪئمپ گهراڻي جي ڇوڪرين بابت چئي نٿو سگهان. انهن ٻنهي پيارين ڀيڻن لاءِ، کِل ڀوڳ ۽ وندر لاءِ، ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون، هو پنهنجي سڃاڻپ جون ربينون پاڻ ۾ مٽائي، پاڻ کي ٻي ڀيڻ ثابت ڪرڻ جا بهانا ڪنديون هيون. اهي آمريڪي جاڙيون ڀيڻون، ڊچ جاڙن ڀائرن جي ڀيٽ ۾، بهرحال وڌيڪ خوش مزاج ۽ کَلمُک هيون. اهڙيءَ طرح، اهي ٻيئي هڪجهڙن مهانڊن وارا جوڙآ، جسم ۽ روح جي بيپناهه فرق هوندي، اوشينڪ نالي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي، سفر تي روانا ٿيا.

سامونڊي سفر ڏاڍو دلچسپ ۽ مزيدار هو، ڇاڪاڻ ته اڃا پهرين وڏي لڙائيءَ جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو. ٻنهي ڀائرن ايمسٽرڊم ۾، پنهنجن زالن کي مائٽن سان ملائڻ کان پهرين، پئرس ۾ ٿورو ترسڻ ۽ رودي لاپي جو سير ڪرڻ وڌيڪ ضروري سمجهيو. جوان جماڻ آمريڪي ڪنوارين جي خيال ۾، پئرس جا دڪان مثالي هئا: ريڊفر ۽ ورٿ جي دڪانن تي، دلڪش ۽ خوبصورت پوشاڪون موجود هيون، روسي نالي وارو دڪان، عمدي پشمي ڪپڙي سببان مشهور هو ۽ تجليٰ ڏيندڙ ۽ جرڪندڙ جواهرات ته جتي ڪٿي موجود هئا. انهيءَ کان سواءِ، شاندر چمڙي ۽ پشمي کلن جا به ڪيترائي دڪان هئا. مطلب ته جڏهن کيسا پئسن سان ڀريل هوندا آهن، تڏهن ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪين هوندي آهي، ۽جوان جماڻ امريڪي ڪنوارين کي پنهنجيءَ وندر لاءِ، هڪ خاصو رؤنشو ٿي آيو- جيتوڻيڪ اهي ٻيئي ڀينرون طبيعت ۽ مزاج جي خيال کان، پنهنجين آمريڪن سؤٽن کان مختلف هيون، پر جَين ۽ هئنڊرڪ کي پڪ هئي ته اهي بيحد وڻندڙ، ۽ نازڪ ڇوڪريون، آمريڪي نموني جي عيش عشرت ۽ فضول خرچيءَ ۾ ڪين ڦاسنديون. حقيقت ۾ انهن ٻنهي شادين جي ڪاميابيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهه ڪونه هو.

انهيءَ کان پوءِ، هو سڀيئي هوائي جهاز رستي بروسيلز روانا ٿيا. سچ پڇو ته اهو واقعو انهيءَ هيبتناڪ جنگ کان اڳ جو آهي. وري به اُهائي خريداري- اوپيرا جا سير ۽ هوٽلن  جي رهائش. هوٽل ۾ ته ترڇٽَڻ جي به جاءِ نه هئي ۽ سارو ڏينهن مصروفيت سبب اک ڇنڀ ۾ گذري ويو هو. رات جو سمهڻ کان اڳ، کاڌو ڏاڍو شاندار ۽ مزيدار هو. هئنڊرڪ خطن لکڻ لاءِ هوٽل جي لکڻ واري ڪمري ۾ ٿورو ترسي پيو ۽ خطن لکڻ کان پوءِ، انهيءَ ڪمري وٽ پهتو، جنهن ۾ هو پنهنجيءَ زال ماجوريءَ سان گڏ رهيل هو.

هن جي هميشه کان عادت هوندي هئي ته پنهنجيءَ زال جي ڪمري ۾ وڃڻ کان پهرين، چڱيءَ طرح ۽ اطمينان سان دروازو کڙڪائيندو هو. هن انهيءَ دستور مطابق در کڙڪايو، پر اندران ڪو به جواب نه آيو. هن وري در کڙڪايو.

”هن وقت وري ڪهڙو ڪم ڦاٿو آهي؟“ اندران ڪاوڙيل آواز ۾ رَڙ ٿي.

پنهنجيءَ ڪنوار جي رهائش واري ڪمري جي در وٽ، هئنڊرڪ کي هڪ اهڙو ذهني جهٽڪو پهتو، جنهن جهڙو، هن ساريءَ عمر ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو. هن پنهنجي پياري ڀاءُ جَين جي مضبوط ۽ پُر اعتماد آواز کي هڪدم سڃاڻي ورتو. هائو، اهو هُن جو ئي ڪمرو هو- هئنڊرڪ ۽ ماجوريءَ جو- ۽ جَين انهيءَ ڪمري مان اهڙي طرح رَڙ ڪئي، ڄَڻ ته اهو سندس حق هو. ڄڻ ته هن کي پنهنجي انهيءَ حق جو پورو پورو يقين هو. انهيءَ کان سواءِ، هن کي انهيءَ وقت پريشان ڪرڻ جو ڪو به سبب ڪونه هو. جڏهن هوٽل ۾ رهندڙ سڀيئي مهمان، جن کي ڪوبه ضروري خط لکڻو نه هو- وڃي آرامي ٿيا هئا، تڏهن ساڳيءَ طرح هوٽل جا نوڪر به پنهنجا پنهنجا ڪم ڪاريون ختم ڪري هليا ويا هئا. ٽڪندڙ هئڊنرڪ جي چوڌاري رات جي سانت ۽ هوٽل جو بنهه چپ چاپ وارو ماحول ناچ ڪرڻ لڳو. اک ڇنڀ ۾ هن جي ذهن ۾ هزارين خيال آيا ۽ هليا ويا. اُهو آواز، جَين جو آواز، هن جو پيارو ڀاءُ.....ڪمري جو نمبر.... رات جي کاڌي وقت پيتل شئمپين.... لزي ۽ ماجوري.... آمريڪي ڀينرون.... اهو وقت جيڪو هن هوٽل جي لکڻ واري ڪمري ۾، ويهي خطن لکڻ ۾ وڃايو....هوٽل جي خاموش ۽ چپ چاپ واري ماحول ۾ ڏيڍ بجي کان اڍائي بجي تائين هو. اهي سڀيئي خيال غريب هئنڊرڪ جي ذهن ۾ ڦِرندا ۽ پڙاڏو ڪندا رهيا. جيڪڏهن هو همت کان ڪم وٺ ها- هاڻي، هن جي اها سموري همت غائب ٿي ويئي هئي. پنهنجي ٿوري وڌيڪ بيپرواهه طبيعت جي هوندي به، هن ڳڻتي ۽ فڪر جي اوچتي جوش وچان ڏڪندي ڏڪندي، پنهنجي ڪشادي ذهن واري ڀاءُ، جَين بابت سوچيو، جنهن جي آواز هن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن وڏي احترام ۽ يقين سان خبردار رهڻ جو انجام ڪيو هو. کڏ جي تَري ۾ وڃي پون، انهيءَ وڏي هوٽل جا وڏا ورانڊا.... شئمپين ته ڏاڍي عمدي هئي.... ڪوبه هميشه اهو ياد رکي نٿو سگهي ته نمبر رڳو هڪ سؤ ايڪٽيهه آهي يا رڳو ايڪٽيهه... ويچارو جَين!

هئنڊرڪ نه رڳو هڪ ايماندار ۽ سچار ڇوڪر هو، پر هڪ خوش قسمت پڻ. هو ڪڏهن به پنهنجي پياريءَ ڀاءُ کي ڪا، ٿوري به تڪليف پهچائڻ بابت سوچي نٿي سگهيو. هن ڪڏهن به جَين جي ڪا خامي يا غلطي ڪين ڳولي ۽ نه وري هن جي بُري هجڻ جو ويچاري ٿي سگهيو. ويچاري هئنڊرڪ جي ذهن ۾ خيالن جي اها اٿل پُٿل ۽ طوفان فقط انهيءَ ڪري هو جو...هو چپ چاپ اتان کِسڪي ويو...مٿي ماڙيءَ تي- انهيءَ ڪمري ڏانهن، جنهن جي نمبر ۽ سندس ڪمري جي نمبر ۾ هڪ سؤ جو فرق هو.

هُن دروازو کڙڪايو. اندران آواز ايو: ”اندر هلي آءٌ.“ وري آواز آيو، ”تون هيترو وقت ڪٿي هُئين؟ توکي ته جلد ئي واپس اچڻو هو، ۽ آءٌ آهيان جا ڪلاڪ کان هت ويٺي تنهنجي راهه ڏسان.“

”مون کي پڻ خط لکڻا هئا، لزي! جَين به خط لکيا.“ ايماندار هئنڊرڪ وراڻيو.

هن پنهنجو روئڻهارڪو آواز محسوس ڪيو. بردبار ۽ سنجيده ڊچ ڇوڪرن جا ڳنڀير آواز اهڙن نازڪ موقعن تي بلڪل روئڻهارڪا  ٿي ويندا آهن. دراصل هڪ ڏاڍي منجهائيندڙ صورت حال پيدا ٿي پئي هئي، اهڙي جيڪا هڪ چور کي يا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي، جنهن جو چوريءَ ڪرڻ لاءِ ڪوبه ارادو نه هجي، ڪنهن مصلحت سبب چوريءَ ڪرڻ اُڀاري. اهڙِءَ حالت ۾، جڏهن هن کي پنهنجي پياري ڀاءُ جي پاڪ ضمير ۽ هٿ ۾ هٿ ڏيئي، انجام ڪرڻ جو خيال آيو ته ’اسين حالتن کي پوريءَ طرح سمجهنداسون ۽ انهن جي نتيجن کان خبردار رهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.‘

موقعو ۽ حالتون ڏاڍيون مناسب ۽ موزون هيون. هڪ وڏي خبرداري ڪرڻي هئي، اهِڙي، جهڙِي ڏيوالي نڪرڻ کان اڳ، ضروري سمجهي ويندي آهي. يقين ڪريو ته ايماندار ۽ شريف هئنڊرڪ وڏي سمجهداريءَ کان ڪم ورتو. هن کي خبر هئي ته سندس جاڙو ڀاءُ، پنهجيءَ زال جي ننڊ مان جاڳڻ کان اڳ ۾ ئي، ڇهين بجي اٿي کڙو ٿيندو هو. انهيءَ صبح جو هو ڇهين بجي ننڊ مان جاڳيو. هن جي خوش قسمتي چئبي جو جڏهن ڏاڪڻ لهي هيٺ ويو، تڏهن جَين به انهيءَ وقت ايڪٽيهين نمبر ڪمري مان نڪري غسلخاني ڏانهن پئي ويو.

هڪ وڏيءَ هوٽل جي ڏاڪڻ ۽ ورانڊن- منحوس ورانڊن ۾، صبح جي لُڙاٽيل روشنيءَ ۾ ريسڊانڪ ڀائرن جي پاجامن جو ڌنڌلو ڌنڌلو جهلڪو پئي نظر آيو. هڪڙي ڏاڪڻ واريءَ ڀت جي پٺيان پئي ليئا پاتا، ۽ ٻِيو پوري اعتماد ۽ يقين سان لُڙاٽيل شيشن واري دروازي کي بند ڪري، اندران خبرداريءَ سان ڪلف ڏيئي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن جَين پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ ٿي گهريو، تڏهن هن دروازو پوريل ڏٺو. هن دروازي جي اندران ڀاڻس هئنڊرڪ، مصنوعي ڪاوڙ وچان رَڙ ڪندي چيو:

”ڇا ڳالهه آهي؟“

”خير ته آهي!“ جَين وراڻيو. ”ڇا، هي منهنجو ڪمرو ڪونهي؟“

هئنڊرڪ وڏي وقار سان دروازي وٽ اچي بيٺو.

”جَين، تون آهين ڇا؟“ هن وڏي نرمائيءَ ۽ هٿرادو حيرت ظاهر ڪندي پڇيو. ”تون ڪيئن آئين جَين؟ صبح جو ڇهين بجي توکي ڪهڙي شيءِ جي ضرورت پيئي؟“

”پر، هئنڊرڪ“، جَين چيو، ”مون سمجهيو ته-“

”ڇا؟“

”اهوئي ته هيءُ منهنجو ئي ڪمرو آهي. اسان جو ڪمرو، لزي ۽ منهنجو....“

”پيارا ڀاءُ، تون ڀليو آهين،“ هئنڊرڪ آرس ڀڃندي ۽ اوٻاسي ڏيدني نهايت هوشياريءَ سان جواب ڏنو.

”هيءُ اسان جو ڪمرو آهي، هڪ سؤ ايڪٽيهه نمبر ماجوري ۽ منهنجو، تون هن طرف ڀُلجي آيو آهين.“

”پر آءٌ ته ڏاڪڻ لٿو ئي ڪونه هئس!“ جَين مونجهاري ۾ پوندڙ رَڙ ڪئي.

”تون ضرور ڏاڪڻ لٿو آهين. انهيءَ وقت تون ننڊاکرو هوندين. هاڻي ڏاڪڻ چڙهي مٿي وڃ. تنهنجو ايڪٽيهون نمبر ڪمرو آهي، تنهنجو ۽ لزي جو. تون ڏسين ٿو ته هت آءُ ماجوري رهون ٿا.“

”اڙي!“ جَين چيو ۽ مٿي هليو ويو، جتي هن لزيءَ کي ڏاڍي مزيدار ۽ اگهور ننڊ ۾ ستل ڏٺو.

انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ڪين ٿيو. البت، انهيءَ ڏينهن کان وٺي اهو ڏهڪائيندڙ راز، هئنڊرڪ جي سيني ۾ ئي محفوظ آهي. انهيءَ راز جو علم فقط هن کي ئي آهي، ڇاڪاڻ ته نه جَين ۽ نه وري ٻنهي ڀينرن کي، جيڪي پنهنجن هڪجهڙن مڙسن کي ڏسي کلڻ مان ڍاپيون ئي نه هيون، ۽ جيڪي ٻئي خيال کان به مثالي زالون هيون- بروسيلز جي انهيءَ دکدائڪ رات واري واقعي جي ڪا ڄاڻ پئجي سگهي.

هونئن به سوت کن جيترو تفاوت اَڻلکوئي چئبو. باقي هئنڊرڪ، جنهن پنهنجي دانشمنديءَ ۽ عقلمنديءَ سبب انهيءَ راز ڪري وڌيڪ ملول ٿيڻ بدران، انهيءَ کي دل ۾ ئي سانڍي رکيو آهي. اڄڪلهه حالتن کي اهڙيءَ طرح سنڀاليو اچي، جو هاڻي هو نه گڏجي سفر ڪندا آهن ۽ نه وري هڪڙي ئي هوٽل ۾ رهن. پر اتفاق سان ڪنهن ڪيفي، ريسٽوران يا ناٽڪ گهر ۾ جڏهن به آءٌ هنن جاڙن جي جوڙيءَ سان گڏ هوندو آهيان، تڏهن يقين ڪِريو ته هر ڪنهن جون اکيون هن جارن جي جوڙيءَ ۾ ئي کتل هونديون آهن.

مون هِن صحيح ڪهاڻيءَ جي ڄاڻ ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪئي؟ اوهان ضرور پڇندؤ. آءٌ اوهان کي اهو به ٻڌايان ٿو. مون انهيءَ جو رڳو اندازو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هئنڊرڪ سدائين گڏ سفر ڪرڻ ۽ هوٽل ۾ گڏ رهڻ جي مخالفت ڪندو آهي. مون اهو سڀ ڪجهه هئنڊرڪ جي نازڪ نفسياتي تجزين ڪرڻ کان پوءِ معلوم ڪيو آهي، ۽ هاڻي مون کي انهيءَ تي پورو پورو يقين آهي.

مون کي جِيئن ئي انهيءَ واقعي جي پڪ ٿي، مون انهيءَ کي به پنهنجيءَ عادت مطابق هڪ ننڍڙي افساني جي روپ ۾ لکي، ظاهر ڪري ڇڏيو.

 

او- هينري

امريڪي

 

 

مڪتب

پوڙهو جيرومي وارن، اُڀرندي طرف، 35- گهٽيءَ جي هڪڙي لک ڊالرن واريءَ جاءِ ۾ رهندو هو. هو شهر جو دلال هو، ۽ ايترو ته شاهوڪار هو جو پنهنجي صحت سلامت رکڻ خاطر، هر روز صبح جو آفيس ڏانهن پنڌ ويندو هو، پر ويهن- پنجويهن قدمن کڻڻ کان پوءِ، گاڏي ڪرڻي پوندي هيس. کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري پنهنجي هڪڙي پوڙهي دوست، گلبرٽ جي پٽ کي پنهنجو پٽ ڪري نِپايو هئائين، جيڪو اهڙيءَ تيزيءَ سان هڪ ڪامياب مصور ٿي رهيو هو، جهڙيءَ تيزي سان هو رنگين نلين مان رنگ نِپوڙي ڪڍندو هو. گهر جو ٻيو ڀاتي، پوڙهي جيروميءَ جي ماٽيجي ڀاڻيجي، باربرا راس هئي. انسان ڏکن ڏسڻ لاءِ ئي ڄائو آهي، سو جيئن ته جيروميءَ کي ڪو اهل اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري هن ٻين جو بار کڻي،پنهنجن ڪلهن تي رکيو.

ٽيهه ورهيه اڳ، جڏهن پوڙهو جيرومي، اڃان جوان جيرومي هو، ڊڪ نالي سندس هڪڙو ڀاءُ هوندو هو. ڊڪ، الهندي ملڪن ڏانهن پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي قسمت آزمائڻ لاءِ ويو هو، پر پوءِ هن بابت ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن پوڙهي جيروميءَ کي هڪ خط پهتو، جيڪو ڀاڻس لکيو هو. اهو خط هڪڙي ليڪيل ڪاغذ تي ڏاڍن خراب اکرن ۾ لکيل هو، ۽ ڪاغز مان سوئر جي لوڻيل گوشت ۽ ڪافيءَ جي بوءِ پئي آئي. خط جي لکڻيءَ مان ظاهر پئي ٿيو ته لکندڙ ڪو دَم جو مريض هو، ۽ صورتخطي به غلط لکيل هئي!

ائين پئي لڳو ته، ڊڪ قسمت کي زوريءَ جهلڻ ۽ پنهنجي ڪرڻ بدران خود پاڻ کي وڃي ٻَک وڌا هئا، ۽ دشمن کي پنهنجو پاڻ سونَپيو هئائين. يعني، جيئن سندس خط مان ظاهر پئي ٿيو، هو بيترتيبيءَ ۽ ڳڙٻڙ کان تباهيءَ جي ڪناري تي، پهچي ويو هو. هڪ اهڙي بيترتيبي ۽ گڙٻڙ، جنهن کي وسڪي به ختم ڪري نٿي سگهي. انهن ٽيهن سالن جي محنت  ڪشالي جو ڦل، اُڻويهه ورهين جي ڌيءَ هيس، جنهن کي اڳواٽ ڀاڙو ڏيئي، هو اڀرندي ملڪ ڏانهن جيروميءَ وٽ پالڻ، پڙهڻ، سُک ڏسڻ ۽ خوش گذارڻ لاءِ، طبعي حياتيءَ تائين يا جيستائين هوءَ پاڻ شادي ڪري، الڳ نه ٿئي، اُماڻي رهيو هو.

پوڙهو جيرومي هڪ تختي مثل هو. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته دنيا، ائٽلس ديوتا جي ڪلهن تي رکيل  آهي، ۽ ائٽلن ديوتا هڪ ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي، ۽ اهو ڪٽهڙو وري ڪڇونءَ تي رکيل آهي، هاڻ ڪڇونءَ جو ڪنهن تختي تي بيٺل هجڻ لازمي اهي، ۽ اهو تختو اُهو آهي، جيڪو پوڙهي جيروميءَ جهڙن ماڻهن مان ٺهيل هوندو آهي.

آءٌ چئي نٿو سگهان ته ابديت مان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو فائدو پهچندو، پر جيڪڏهن ائين ڪونهي ته پوءِ آءٌ ڄاڻڻ گهران ٿو ته پوڙهي جيروميءَ جهڙن ماڻهن کي پنهنجو حق ڪڏهن پلئه پوندو؟

هو نويدا وارن سان اسٽِيشن تي مليا. هوءَ ننڍڙي ڇوڪري پئي معلوم ٿي. سندس چمڙي سج جي تپش کان لوساٽيل هئي، تنهن هوندي به سراسري طرح هوءَ وڻندڙ پئي لڳي. سندس چال چلت مان ناتجربيڪار ۽ ٻالپڻو ظاهر هو، پر وڏن وڏن گهاگهن به سندس ويجهو وڃڻ کان لهرايو ٿي. سندس سگهارو هجڻ ان مان ظاهر هو ته هن پنهنجي پُٺن تي هڪ وڏي پُٺارڪ کنئي هئي، جنهن جي کڻڻ لاءِ مزورن اجائي ڪوشش پئي ڪئي.

”مون کي پڪ آهي ته پاڻ ٻيئي سٺيون سهيليون ٿي رهنديون سين.“ باربرا پنهنجن لوساٽيل ۽ مضبوط ڳٽن کي مَهٽيندي چيو.

”آءٌ پڻ اهائي اميد رکان ٿي. “ نويدا جواب ڏنو.

”منهنجي مٺڙي ننڍڙي ڀائٽي!“ پوڙهي جيروميءَ چيو، ”تون ڀلي ڪري آئينءَ، منهنجي گهر کي ڌاريو گهر نه ڪري سمجهجانءِ، بلڪ پنهنجي پيءُ  جو.“

”اوهان جي مهرباني.“ نويدا چيو.

”۽ آءٌ توکي ’سؤٽ‘ ڪري سڏيندس.“ گلبرٽ موهيندڙ مرڪ سان چيو.

”هيءَ هَڙَ ته وٺجانءِ.“ نويدا چيو، ”هن ۾ هڪ لک پائونڊن جيترو بار آهي. هن ۾ بابا جي ڇهن کاڻين جون جنسون پيل آهن.“ هن وضاحت ڪندي باربرا کي ٻڌايو: ”مون حساب لڳايو ته ڪوشش کان پوءِ به، هزارن مڻن جي پٺيان هن کي نو آنا کن مس بچندا هئا، پر مون هن سان انجام ڪيو ته آءٌ هيءَ کڻي وينديس.“

اهو هڪ عام دستور آهي ته هميشه رواجي تڪيلفن تي، ڳالهه ٻولهه تڏهن نڪرندي آهي، جڏهن ڪو مرد ۽ ٻه عورتون،يا ٻه عورتن ۽ ڪو مرد، يا ڪا خاتون ڪو مرد ۽ ڪو سکر ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا آهن. اهي گڏجي هڪ ٽِڪنڊو ٺاهيندا آهن، جيڪو ٽڪنڊو هوندي به ٽِپور پاسو ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري نويدا وارن جي اچڻ تي، نويدا ۽ گلبرٽ ۽ باربرا راس هڪ مثالي ٽِڪنڊو ٺاهي بيٺا، جنهن جا ٽيئي پاسا برابر هئا ۽ باربرا ان جو وڏو پاسو هئي.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، نيرن کائڻ کان پوءِ، پوڙهو جيرومي شهر جي هڪ بيڪار اخبار پڙهڻ ۾، پنهنجو ڪيترو ئي وقت اجايو وڃائيندو رهيو. نويدا جي طبيعت ۾ پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي آزاد طبع ۽ بي تڪليفيءَ کي ڏسي، هو هاڻي کيس گهڻو چاهڻ لڳو هو.

نوڪرياڻي، مس نويدا وارن کي چٺي کڻي آئي.

”هيءَ چٺي هڪڙو ڇوڪرو کڻي آيو آهي.“ هن ٻڌايو، ”هو جواب لاءِ دروازي تي بيٺو آهي.“

نويدا، جنهن سيٽي وڄائي، چپن ئي چپن ۾ اسپيني ’والز‘ پئي ڳايو ۽ گهٽيءَ مان گاڏين ۽ موٽرن کي گذرندي پئي ڏٺو، اڳتي وڌي خط ورتو. خط کولڻ کان اڳ، لفافي جي کاٻي پاسي، مٿي ڪنڊ تي ننڍڙي سونهري مهر ڏسي، هوءَ سمجهي ويئي ته اهو گلبرٽ وٽان آيو آهي. هوءَلفافو ڦاڙي، خط ڪڍي، مضمون کي غور سان پڙهڻ لڳي. پوءِ چهري تي ڳنڀيرتا آڻي، هوءَ چاچس وٽ ويئي، ۽ هن جي ڀرسان ٿي بيٺي.

”چاچا جيرومي! گلبرٽ ڏاڍو چڱو ڇوڪرو آهي، آهي نه؟“

”ڇو، نينگر، خير ته آهيَ“ پوڙهي جيروميءَ اخبار کي وَٽيندي چيو، ”بيشڪ، هو چڱو ڇوڪر آهي. مون خود هن کي اهڙي سِکيا ڏني آهي.“

”هو ڪڏهن به ڪا غلط ڳالهه ڪنهن کي ڪانه لکندو- منهنجو مطلب آهي ته هرڪو سمجهي ۽ پڙهي ڪونه سگهندو.“

”آءٌ ته هن کي اها ڪوشش ڪندي ڏسڻ پسند ڪندس.“ چاچي، اخبار جو ڳپل حصو ڦاڙيندي چيو. ”ڇو، ڇا-؟“

”چاچا، هيءُ چٺي پڙهي ڏس، جيڪا هن مون ڏانهن هينئر موڪلي آهي. ڏسو ته هن جيڪي لکيو آهي، سو مناسب آهي نه. اوهان کي خبر هجي ته آءٌ شهرين جي ريتن رسمن کان پوريءَ طرح واقف ڪونه آهيان.“

پوڙهي جيروميءَ اخبار کڻي هيٺ ڦٽي ڪئي، ۽ ان تي ٻيئي پير رکي ويٺو. هن گلبرٽ جو خط ورتو، ۽ اهو ٻه ڀيرا تڪڙو تڪڙو پڙهي، ٽيون دفعو پڙهڻ لڳو.

”ڇو، نينگر،“ هن چيو، ”تون ته مونکي ڪاوڙائي ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کي پڪ هئي ته هو سٺو ڇوڪرو آهي. هو پنهنجي پيءُ جو نقل آهي، جيڪو هڪ وضعدار شخص هو. هو فقط هيءُ چوي ٿو ته جيڪڏهن تون ۽ باربرا اڄ شام جو چئين بجي تيار ٿي سگهو ته موٽر تي چڙهي هلي ٻيٽ جو سير ڪريون. آءٌ ته هن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونه ٿو ڏسان، جيڪا اعتراض جوڳي هجي، سواءِ هن ڪاغذ جي. مون کي نيري رنگ کان نفرت هوندي آهي.“

”نه نه، ڀلي وڃو. پاڻ مون کي اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته تون خبردار ۽ سچار آهين. وڃ، ۽ بيشڪ وڃ.“

”مون کي خبر ڪانه هئي.“ نويدا سنجيدگيءَ سان چيو. ”مون خيال ڪيو ته اوهان کان پڇان. چاچا، تون اسان سان ڪونه هلندين؟“

”آءٌ؟ نه نه، اُون هُون! هڪڙي ڀيري آءٌ موٽر ۾ چڙهيو هوس، جيڪا انهيءَ ڇوڪر هلائي هئي. آءٌ وري ڪڏهن به موٽر ۾ ڪونه چڙهندس! پر تنهنجو ۽ باربرا جو وڃڻ مناسب ٿيندو. هائو، هائو، پر آءٌ ڪونه هلندس. نه نه نه نه....!

نويدا ڊوڙ پائي دروازي تي پهتي، ۽ نوڪرياڻيءَ کي چيائين:

”شرط رک، اسين وينداسين. مس باربرا جي پاران آءٌ جواب ڏيان ٿي. ڇوڪري کي چئو ته وڃي مسٽر وارن کي ائين چوي.“

”نويدا!“ پوڙهي جيروميءَ سڏ ڪيو، ”منهنجي مٺڙي، مون کي معاف ڪر، پر اهو چڱو نه ٿيندو ته جواب ۾ ٻه- ٽي لفظ لکي موڪلين؟ هڪ- ٻه سٽون ڪافي ٿينديون.“

”نه، آءٌ انهيءَ کٽراڳ ۾ ڪانه پونديس.“ نويدا سهڻائيءَ سان جواب ڏنو. ”گلبرٽ سمجهي ويندو- هو هميشه سمجهي ويندو آهي. آءٌ پنهنجي سانڀر ۾ ڪڏهن موٽر ۾ ڪانه چڙهي آهيان، پر مون ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چرهي درياءَ جو سير ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن موٽر جي سواري انهيءَکان به مزيدار آهي ته پوءِ آءُ ضرور ان ۾ چڙهنديس!“

-سمجهو ته ٻه مهينا گذري ويا آهن.

باربرا هڪ لک ڊالرن واري جاءِ جي، ڪتبخاني ۾ ويٺي هئي. هن کي اها جاءِ ڏاڍي پسند هئي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي جايون هونديون آهن، جتي زالون ۽ مرد مختلف پريشانين کان، پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وڃي تدبيرون سوچيندا آهن، جتي زالون ۽ مرد مختلف پريشانين کان، پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وڃي تدبيرون سوچيندا آهن. ڪٿي خانقاهون هونديون آهن، ڪٿي ماتم- گهر هوندا آهن، ڪٿي دريائن ۽ چشمن جا گهاٽ هوندا آهن، ڪٿي خوبصورتيءَ جا مرڪز هوندا آهن، ڪٿي هوائي جهازن جا اڏا هوندا آهن ۽ ڪٿي وري ڪتبخانا ۽ انهن سڀني ۾ ڪتبخانن کي وڏي اهميت آهي.

هميشه ائين ٿيندو آهي جو ٽڪنڊي جي وڏي پاسي کي، اهو ڳولڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ته پاڻ ٽڪنڊي جو واقعي وڏو پاسو آهي. پر اها هڪ ڊگهي ٺيڪ هوندي آهي، جنهن ۾ ڪو به وَر وڪڙ ڪونه هوندو آهي.

باربرا اڪيلي هئي. چاچو جيرومي ۽ نويدا ناٽڪ ڏسڻ ويا هئا. باربرا کي ناٽڪ ڏسڻ جي پرواهه ئي ڪانه هئي. هن جي مرضي گهر ۾ رهي، ڪتبخاني ۾ ويهي پڙهڻ تي هئي.

محترمه، جيڪڏهن اوهين نيويارڪ جي ڪا شاندار ڇوڪري هجو ها، ۽ اوهين هر روز ڏسو ها ته هڪ ڳاڙهي چالاڪ ڏائڻ اوهان جي پسند پيل ڪنهن نوجوان کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندي ٿي وتي، ته هوند اوهين به پنهنجي موسيقيءَ واري طربيي جي چلڪيدار ذوق کي وڃائي ويهو ها.

ڪتبخاني ۾ باربرا آبنوس جي چورس ميز جي ڀرسان ويٺي هئي. سندس ساڄي ٻانهن ميز تي رکي هئي، ۽ سندس ڦُڙتيلين آڱرين، هڪڙو مهر ٿيل لفافي کي پئي اٿلايو پٿلايو، جو ’نويدا وارن‘ جي نالي تي هو. لفافي جي کاٻي پاسي، مٿي ڪنڊ تي، گلبرٽ جي رنگي تختيءَ جي سونهري مهر لڳل هئي. خط نويدا جي وڃڻ کان پوءِ نائين بجي پهتو هو.

انهيءَ خط جي مضمون پڙهڻ لاءِ، باربرا پنهنجو موتين جو هار به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. پر هوءَ خط کي ڪنهن به ممڪن طريقي، مثلاً قلم جي ڇيڙي يا وارن جي ڪانٽي وغيره سان کولي، پڙهي نٿي سگهي، ڇو جو سندس سماجي حيثيت کيس اها اجازت ڪانه ٿي ڏني. هن لفافو تيز روشنيءَ جي اڳيان جهلي، ان ۾ پيل خط جي ٻن- ٽن سٽن کي پڙهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر بيڪار. گلبرٽ کي خطن مان عمدي ڪاغذ استعمال ڪرڻ جو سٺو ذوق هو.

ساڍي يارهين بجي ناٽڪ جا شوقين واپس موٽيا. سياريءَ جي هڪ خوشگوار رات هئي. گاڏيءَ کان وٺي گهر جي دروازي تائين پهچندي ئي، هو اوڀر ڪنڊ کان پوندڙ برف جي ڦوندن ۾ ڍڪجي ويا هئا. پوڙهو جيرومي، گاڏيءَ جي گهيچڪن ۽ بند ٿيل گهٽين جي باري ۾، همدرديءَ سان گفتگو ڪرڻ لڳو، ۽ نويدا- سرخ گلاب جهڙي ۽ نيرن اکين واري نويدا- واري جبلن تي پڻس جي ننڍڙيءَ جاءِ جي آسپاس طوفاني راتين بابت بڪواس ڪرڻ لڳي. سياري جي ههڙي سرد عالم ۾، سرد دل باربرا پَهه پچائيندي رهي- ۽ اهو ئي هڪ موزون ڪم هو، جنهن بابت هوءَ سوچي سگهي ٿي.

پوڙهو جيرومي هڪدم ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو ۽ وڃي گرم پاڻي ۽ ڪوئنين کنيائين. نويدا رڦندي ڦَڙڪندي ڪتبخاني ۾ گهڙي، جتي روشنيءَ رونق لائي ڏني هئي. هوءَ آرام- ڪرسيءَ تي ويٺي، ۽ ٺونٺين تائين چڙهيل دستانن کي لاهيندي، ناٽڪ جي ڪوتاهين تي ڳالهائڻ لڳي.

”هائو، آءٌ سمجهان ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن مسٽر فيلڊ سچ پچ مزيدار ٿي پوندو آهي.“ باربرا چيو. ”مٺڙي، هيءُ وٺ پنهنجو خط. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ خاص قاصد پهچائي ويو هو.“

”ڪٿان آيو آهي؟“ نويدا دستانن جا بٽڻ لاهيندي پڇيو.

”خير،“ باربرا مرڪندي چيو، ”آءٌ ته اندازو لڳائي سگهان ٿي. لفافي جي ڪنڊ تي اها عجيب شيءِ آهي، جنهن کي گلبرٽ ’رنگي تختي‘ سڏيندو آهي. پر مون کي اها ائين لڳندي آهي، ڄڻ ته اسڪول جي ڪنهن ڇوڪريءَ جي، عشقيه خط تي ملمعو ڪيل دل هجي.“

”آءٌ حيران آهيان ته هن مون کي ڇا لاءِ خط لکيو آهي!” نويدا بيپرواهيءَ سان جواب ڏنو.

”اسين سڀيئي هڪجهڙيون آهيون- سڀيئي زالون.“ باربرا چيو. ”اسين پوسٽ جي مهر ڏسي، اها ڪوشش ڪنديون آهيون ته خط ۾ ڇا لکيل هوندو ۽ اسان جي تدبير هيءَ هوندي آهي جو اسين ڪئنچي استعمال ڪنديون آهيون ۽ پوءِ خط کي آخر کان وٺي شروع تائين پڙهي وينديون آهيون. هيءُ وٺ خط.“

هن اهڙيءَ طرح حرڪت ڪئي، ڄڻ ته ميز تان خط اُڇلائي نويدا کي ٿي ڏنائين.

”وڏو جهنجهٽ آهي!“ نويدا رَڙ ڪئي. ”هي بٽڻ ته ڏاڍا تڪليف وارا آهن. مون هن جي استعمال کان ته مرڳو توبهه ڪئي. اڙي باربرا، تون ئي کڻي خط کولي پڙهه ته منجهس ڇا لکيل آهي. مون کي ته هي دستانا لاهيندي آڌي ٿي ويندي.“

”ڇو مٺڙي، تون اهو چاهيندينءَ ته گلبرٽ وٽان تنهنجي نالي آيل خط آءٌ کولي پڙهان؟ خط تنهنجي نالي آهي، ۽ يقيناً تنهنجي اها مرضي ڪانه هوندي ته اهو ٻيو ڪير پڙهي.“

نويدا پنهنجيون مضبوط، سانتيڪيون ۽ نيريون اکيون دستانن تان کنيو.

”ڪوبه مون کي اهڙي ڳالهه ڪونه لکندو، جيڪا ٻيو ڪير نه پڙهي سگهي.“ هُن چيو. ”شروع ڪر، باربرا، ممڪن آهي ته گلبرٽ وري سڀاڻي موٽر ۾ سير ڪرڻ جي دعوت موڪلي هجي.“

سونجهڻائپ، ٻليءَ مارڻ کان وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، ۽ جيڪڏهن عورتن جهڙا تسليم ڪيل جذبات ٻلين جي وجود جا دشمن هجن، ته هوند حسد سڄيءَ دنيا ۾ هڪڙي ٻلي به سلامت ڪانه ڇڏي. باربرا ٿورو پريشان ٿيندي انهيءَ طرح خط کوليو، ڄڻ ته مهرباني ٿي ڪيائين.

”خير، مٺڙي“، هن چيو، ”جيڪڏهن تنهنجي اهائي مرضي آهي ته آءٌ خط پڙهان ٿي.“

هن خط کوليو ۽ تيز ڦرندڙ نظرن سان پڙهڻ لڳي. هن خط وري وري پڙهيو ۽ نويدا ڏانهن شرارت ڀريل نظرن سان چِتائي ڏٺائين، جنهن لاءِ ڪجهه وقت تائين دستانا ڄڻ ته ڪو تماشو هئا، ۽ هڪ ترقي ڪندڙ فنڪار جو خط مريخ تان آيل پيغام مثل هو.

گهڙي کن لاءِ باربرا، نويدا ڏانهن عجيب پختگيءَ سان ڏٺو، ۽ پوءِ اهڙيءَ طرح مُرڪي ڏنائين جو سندس وات هڪ انچ جي سورهين حصي جيترو کُلي پيو، ۽ سندس اکيون ائين سُسي ويون، ڄڻ ته کيس ڪو اوچتو خيال آيو هجي.

شروع کان ئي، ڪابه عورت ٻيءَ عورت لاءِ ڪو اسرار ٿي ڪانه رهي آهي. بجليءَ جهڙيءَ تيز رفتاريءَ سان ٻيئي هڪ ٻئي جي اندر جي حال کي سمجهي ويون. نويدا پنهنجيءَ ڀيڻ جي شرارت ڀريل لفظن کي سندن اصلي روپ ۾ ڏسي ورتو، ۽ سندس بيحد پوشيده خواهشن کي پڙهي ورتو. هن سندس گفتگوءَ مان اجائي حجت کي، اهڙيءَ طرح پٽي ورتو، ڄڻ ته ڪنهن ڦڻيءَ مان وارَ ڪڍي، انهن کي بنيادي شڪن شبهن جي ٿڌيءَ هوا تي اڏائڻ کان اڳ، پنهنجي آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ ۾ پئي مَهٽيو.

گهڻو وقت اڳي بهشت برين ۾، هوا جي فرزند ارجنمند پنهنجي گهر جو دروازو اچي کڙڪايو. هن سان گڏ هڪ عجيب خاتون هئي، جنهن جو هن پنهنجيءَ ماءُ سان تعارف ڪرايو. هو نُنهن کي ڀاڪر پائي پنهنجي ڀرسان بيهاريو، ۽ کيس پُر معنيٰ نگاهن سان ڏسڻ لڳي.

’ننڊ جي حالت-‘ ڪنوار کجور جو پِتو آهستگيءَ سان اُڇلائيندي چيو. ”آءٌ سمجهان ٿي ته تون اتان ٿي آئي آهين؟“

”گهڻو عرصو ٿيندو،“ حوا بدحواس ٿيڻ کان سواءِ، مضبوطيءَ سان چيو. ’اتي جيڪا صوفن جي چٽڻي کارائي وڃي ٿي، تنهن جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ آءٌ ته توتن کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿي. پر، مٺڙيءَ، خالص انجير اتي به ڪونه ملي سگهندا. چڱو، اڇن گلن جي هن وڻ جي پٺيان ٿي بيهه، ته معزز مرد توتي جاڻ جو مقوي پاڻي نائينِ. آءٌ سمجهان ٿي ته تنهنجي گگي جو پٺيون پاسو سوراخن جي ڪري ٿورو کُلي پيو آهي.“

سو، تڏهن ۽ اُتي- جيئن ڪتابن ۾ لکيل آهي- دنيا جي هنن فقط ٻن عورتن جي وچ ۾ اتحاد ٿيو ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آئيندي عورتن کي هڪ ٻئي لاءِ اهڙيءَ طرح صاف ۽ شفاف رهڻ گهرجي، جهڙو شيشو- جيتوڻيڪ شيشي جي اڃا ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، پر مردن لاءِ هن  کي هڪ اسرار ٿي رهڻ کپي.

ائين معلوم ٿيو ته باربرا نَٽايو ٿي.

”سچ پچ، نويدا“. هن ٿوري پريشاني ڏيکاريندي چيو، ”مون کي خط پڙهڻ لاءِ توتي ايترو زور نه رکڻ کپندو هو. مون کي.... مون کي پڪ آهي ته هيءُ خط ٻين جي پڙهڻ لائق ڪونهي.“

ٿوريءَ دير لاءِ، نويدا پنهنجن دستانن کي به وساري ويٺي.

”نه پوءِ اهو وڏي آواز سان پڙهه.“ هن چيو. ”جيئن ته تو خط پڙهيو آهي. تنهن ڪري هاڻي ڇا ٿيندو. جيڪڏهن مسٽر وارن مون کي اهڙي ڳالهه لکي آهي، جيڪا ٻين کي ڄاڻڻ نه گهرجي، ته پوءِ اهو ته پاڻ وڌيڪ سبب آهي ته هر ڪوئي ان کي ڄاڻي.“

”خير.“ باربرا چيو، ”خط ۾ لکيل آهي: مُنهنجي مٺڙي نويدا، اڄ رات ٻارهين بجي منهنجي مصور خاني ۾ اچ. ڏس، وسارجانءِ نه!“ باربرا اُٿي بيٺي ۽ خط نويدا جي جهوليءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي.“ هن چيو، ”جو مون هيءُ خط پڙهيو. گلبرٽ ته اهڙو ڪونهي. ضرور ڪا غلطي ٿي آهي. سمجهه ته مون کي ان جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي- ائين مٺڙي! آءٌ هاڻي اهو نياپو ڪونه سمجهنديس. شايد گلبرٽ اڄڪلهه گهڻو کاڌو کائي ٿو، ۽ هو پاڻ ئي وضاحت ڪندو. چڱو، موڪلاڻي!“

نويدا ڪمري ۾ پيرن جي پَٻن تي هلڻ لڳي. هن ٻڌو ته باربرا مٿي وڃي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو. ڪتبخاني ۾ رکيل ٽامي جي وڏي گهڙيال ٻڌايو ته ٻارهن ۾ باقي پندرهن منٽ آهن. نويدا تيزيءَ سان سامهون دروازي ڏانهن ڀڳي، ۽ ٻاهر برف جي طوفان ۾ ڪاهي پيئي. گلبرٽ وارن جو مصورخانو ڪو گهڻو پري ڪونه هو.

اُڀرندي طرف وهندڙ جوشيلي درياءَ وٽان، طوفان جي سفيد ۽ خاموش طاقت شهر تي حملو ڪري رهي هئي. اڳي ئي رستي تي فٽ کن جيتري برف ڄميل هئي، جنهن تي وهڪري جا نشان فتح ٿيل شهر جي ويران ديوارن تي لڙڪيل رَسن وانگر پئي نظر آيا. سڄو رستو ايترو ته خاموش هو، ڄڻ پومپيائيءَ جي ڪا گهٽي هجي. ڪنهن ڪنهن وقت گهڙي گاڏي اهڙي تيزيءَ سان گذري ٿي ويئي، جيئن ڪو ڪينو پکي، چلڪندڙ سمونڊ جي مٿان، چانڊوڪيءَ ۾ اڏامندو آهي. ۽ ورلي موٽرون- تشبيهه کي قائم رکندي- ڪنهن آبدوز ڪشتيءَ وانگر، گجيءَ سان ڀرپور لهرن مان پنهجو خطرناڪ ۽ مزيدار سفر تيزيءَ سان طي ڪنديون پئي ويون.

نويدا پنهنجيءَ راهه تي، طوفان جي اُڏايل هڪ سامونڊيءَ پکيءَ جيان، تڪڙي تڪڙي پئي ويئي. هن پراڻين ۽ برف سان ڍڪيل چوٽين وارين ڏنگين ڦڏين عمارتن کي ڏٺو، جيڪي گهٽين ۾ ڪَر کنيو بيٺيون هيون، ۽ جيڪي رات جي روشنيءَ ۽ ڌنڌ ۾ ڪيترائي رنگ ظاهر ڪري رهيون هيون. اهي اولهه جي برفاني جبلن سان ايترو ته مشابهه هيون، جو انهن کي ڏسي نويدا کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳي. اهڙي فرحت، جا هڪ لک ڊالرن وارو گهر به کيس ڪونه ٿي ڏيئي سگهيو.

رستي جي وَر وٽ هِڪڙي پوليس واري جون ڪرڙيون اکيون ۽ ڀريل بُت ڏسي هن جي رفتار گهٽجي ويئي.

”محترمه“، هن پڇيو، ”ههڙي بيگاهه وقت ۾ تون ڪيئن ٻاهر نڪتي آهين؟“

”آءٌ....آءٌ دوائن جي دڪان تي وڃان پيئي.“ نويدا پوليس واري جي ڀرسان تڪڙو گذرندي چيو.

اهو عذر ڄڻ ته پاسپورٽ هو. ڇا، انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته عورت ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري، ۽ هوءَ مڪر ۽ فريب ۽ دانائيءَ ۾ ڄمندي ئي ڄام آهي؟

اُڀرندي ڏانهن مُڙندي، سامهون ايندڙ تيز هوا جي رڪاوٽ کان نويدا جي رفتار گهٽجي ويئي. هوءَ برف تي پيرن جا آڏا اُبتا نشان ڇڏيندي، اڳتي وڌندي ويئي. اوچتو مصور خاني واري عمارت، ڪنهن يادگار توب جي چوٽيءَ وانگيان کيس ڏسڻ ۾ آئي. واپار ۽ ان جي دشمن پاڙيسري، فن جو آڏو تاريڪ ۽ خاموش هو. لفٽ ڏهينءَ منزل تي هلي بيٺي.

نويدا خوفناڪ ۽ اونداهيءَ واري ڏاڪڻ جا ڏهه ڏاڪا چڙهي، ”89“ نمبر وارو دروازو کڙڪائڻ لڳي. اڳي به ڪيترائي ڀيرا باربرا ۽ پوڙهي جيروميءَ سان گڏ هوءَ هتي آئي هئي.

گلبرٽ دروازو کوليو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ رنگين پينسل هئي، اکين تي عينڪ، ۽ وات ۾ پائيپ پيل هوس. پائيپ فرش تي ڪِري پيو.

”آءٌ دير سان ته ڪونه پهتي آهيان؟“ نويدا پڇيو. ”مون جلد پهچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. اڄ شام جو آءٌ چاچا، ناٽڪ گهمڻ ويا هئاسين. آءٌ پهچي ويئي آهيان. گلبرٽ!“

گلبرٽ عجيب غريب حرڪت ڪئي. هن هڪ بدحواس بوتي مان ڦري، هڪ نوجوان جو روپ ورتو، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ اهم مسئلو حل ڪرڻو هو. هو نويدا کي ڪمري ۾ وٺي آيو، ۽ برش کڻي، هُن جي ڪپڙن تان برف ڇنڊڻ لڳو. جنهن تصوير تي هن رنگين پينسل سان رنگ پئي ڀريا. ان جي فريم مٿان سائي ڍڪ وارو گولو پئي ٻريو.

”مون کي تو سڏايو آهي.“ نويدا سادگيءَ سان چيو، ”۽ آءٌ آئي آهيان، تو پنهنجي خط ۾ به اهوئي لکيو هو. تو مون کي ڇا لاءِ گهرايو آهي؟“

”مون کي باربرا پڙهي ٻڌايو. مون اهو پوءِ ڏٺو. ان ۾ لکيل هو: ’اڄ رات ٻارهين بجي منهنجي مصور خاني ۾ اچ. ڏس، وسارجانءِ نه.‘ مون سمجهيو، شايد تون بيمار آهين، پر تون ڏسڻ ۾ ته چڱو ڀلو ٿو اچين.“

”ها ها!“ گلبرٽ لاپرواهيءَ سان چيو، ”آءٌ توکي ٻڌائيندس، نويدا، ته مون توکي ڇا لاءِ سڏايو آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو ته تون مون سان شادي ڪرين- اڄ رات ئي! هي برفاني طوفان ڪو گهڻو ڪونهي. تون تيار آهين؟“

”توکي ته اهو اڳ ۾ ئي سمجهڻ گهرجي ها ته آءٌ انهيءَ لاءِ گهڻو اڳ تيار هيس.“ نويدا چيو. ”برفاني طوفان لاءِ منهنجي راءِ به ساڳي آهي. آءٌ به يقيناً ڏينهن جي رنگين شادين کان نفرت ڪريان ٿي. گلبرٽ، مون کي اها سڌ ڪانه هئي ته هن ڳالهه کي ههڙي نموني ۾ پيش ڪرڻ جي تو ۾ ايتري همت آهي. خير. انهن ڳالهين کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيڻ گهرجي.“

”شرط رک!“ گلبرٽ چيو. ”مون اها ڳالهه ڪٿي ٻڌي هئي؟“ هن چپن ۾ چيو. ”هڪڙو منٽ ترس، نويدا، آءٌ ٿورو فون ڪري وٺان.“

هو ڪپڙن بدلائڻ واري ننڍڙي ڪمري ۾ گهڙي ويو، ۽ نمبرن جي غير روماني ڄار ۾ ڦاسي پيو.

”اڙي، تون آهين، جئڪ؟ توکي ته رڳو ننڊ گهرجي! هائو، اُٿي کڙو ٿيءُ. اهو آءٌ آهيان، يا مان انهيءَ نحوي غلطيءَ کي کڻي ڦٽو ڪر! آءٌ هينئر جو هينئر شادي ڪريان ٿو. هائو! پنهنجيءَ ڀيڻ کي سجاڳ ڪر. مون کي جواب نه ڏي. هن کي به پاڻ سان وٺي اچ- ضرور وٺي اچ! اَئگنيس کي اهو وقت ياد ڏيار، جڏهن مون هن کي رونڪونڪاما ڍنڍ ۾ ٻڏڻ کان بچايو هو. آءٌ سمجهان ٿو ته اها منهنجي هلڪڙائي چئبي جو اهڙي ڳالهه چئي اٿم، پر توسان گڏ هن کي ضرور اچڻ گهرجي. هائو! نويدا هتي اوهان جي انتظار ۾ ويٺي آهي. ٿورو اڳ اسان مڱڻو ڪيو آهي، ڪي مائٽ اسان جي شاديءَ جي برخلاف آهن. توکي ته اڳي ئي سڌ آهي. اسين هيءُ معاملو ههڙيءَ طرح نبيري ٿا ڇڏيون. اسين اوهان جو انتظار ڪريون ٿا. ائگنيس کي گهڻو ڳالهائڻ نه ڏجانءِ، کيس وٺي اچ، ايندين نه؟، ڇورا، موٽندي آءٌ اوهان کي گاڏي ڪري ڏيندس. حيران نه ٿيءُ، جئڪ! خوش ته آهين نه؟“

گلبرٽ انهيءَ ڪمري ۾ آيو، جتي نويدا منتظر ويٺي هئي.

”منهنجو پراڻو دوست جئڪ پيٽن ۽ سندس ڀيڻ پوني ٻارهين بجي هت پهچڻ وارا هئا.“ هن ٻڌايو، ”پر جئڪ ته بنهه سست آهي. مون هينئر کين فون ڪيو آهي ته جهٽ پٽ پهچي وڃن. هو ٿوري وقت ۾ ئي هت پهچي ويندا. آءٌ دنيا جو هڪ خوش قسمت انسان آهيان، نويدا! اڄ مون توڏانهن جيڪو خط موڪليو، سو ڪٿي آهي؟“

”اهو ته مون وٽ ئي آهي.“ نويدا پنهنجي فراڪ مان خط ڪڍني چيو.

گلبرٽ لفافي مان خط ي، ان کي خبرداريءَ سان ڏسڻ لڳو. پوءِ هن نويدا ڏانهن غور سان نهاريو.

”مون توکي پنهنجي مصور خاني ۾ رات جو ٻارهين بجي اچڻ لاءِ لکيو هو، توکي اهو پڙهي ڪو تعجب به ڪونه ٿيو؟“ هن پڇيو.

”نه.“ نويدا پنهنجون اکيون گول ڦيرائيندي چيو، ”جڏهن ته توکي منهنجي ضرورت هئي. جيڪڏهن تنهنجو ڪو دوست توکي تڪڙو گهرائي ته پوءِ،- ساڳي ڳالهه هتي به آهي. پهرين ته پاڻ هُتي پهچي، هن خرخسي مان جند ڇڏايون، پوءِ اهي ڳالهيون پيون ٿيندوين. ههڙن موقعن تي وري برف به ضرور پوندي آهي. مون ته ڪو ويچار ئي ڪونه ڪيو.“

گلبرٽ ڊوڙِ ٻئي ڪمري ۾ ويو، ۽ ڪوٽن جو هڪڙو ٿهو کڻي آيو، جيڪي هوا، مينهن يا برف کان بچائي سگهن.

”هيءَ برستاتي پاءِ.“ هن نويدا ڏانهن هڪرو ڪوٽ وڌائيندي چيو. ”اسان کي ٻه فرلانگ پنڌ ڪرڻو آهي. پوڙهو جئڪ ۽ سندس ڀيڻ ڄاڻ ته پهتا.“ هو هڪڙي ٿلهي ۽ ڳري ڪوٽ پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ”اڙي نويدا“، هن چيو، ”يز تي پيل شام واريءَ اخبار جي پهرئين صفحي جي سُرخي ته پڙهي ڏس. اها مغربي ملڪ بابت آهي، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته تنهنجي دلچسپيءَ جي هوندي.“

اوورڪوٽ پائڻ جي بهاني سان هو پوري هڪ منٽ لاءِ ترسيو. ۽ پوءِ پٺ ڏيئي بيٺو. نويدا چُري بهڪانه. هوءَ هن ڏانهن تعجب ۽ پريشانيءَ مان سڌو ڏسڻ لڳي. سندس ڳٽا سُرخ ٿي ويا هئا، پر سندس نگاهن ۾ بختگي هئي.

”آءٌ توکي ٻڌائڻ وارو هُيس“، هن چيو، ”بهرحال، پهرين تون....پهرين اسين.....خير، هر ڳالهه کان پهرين........بابي مون کي هڪ ڏينهن به اسڪول ڪونه اُماڻيو هو. آءٌ ڪڏهن به ڪو لفظ ڦڙهڻ يا لکڻ ڪانه سکيس. هاڻي جيڪڏهن-“

ننڊاکري جئڪ ۽ شڪر گذار ائگنيس جا قدم اونداهيءَ ڏاڪڻ تي ڌم- ڌم ڪندا ٻڌڻ ۾ آيا.

شادي يٿڻ کان پوءِ، جڏهن مسٽر ۽ مسز گلبرٽ وارن، بند گاڏيءَ ۾ لڏندا لمندا، تيزيءَ سان گهر ڏانهن آيا، ته گلبرٽ چيو:

”نويدا، تون ڄاڻڻ چاهيندينءَ ته اڄ رات جيڪو توکي خط مليو، تنهن ۾ مون ڇا لکيو هو؟،

”ٻُڌاءِ!“ ڪُنوار چيو:

”لفظ بلفظ“، گلبرٽ چيو، ”هي هو ته ’منهنجي پياري مس وارن، گُلن جي باري ۾ تنهنجو چوڻ درست هو: اهو نيري رنگ جو گُل هو، ۽ نه اڇي رنگ جو!“

”ٺيڪ“، نويدا جواب ڏنو، ”پر اسان کي اهو وساري ڇڏڻ گهرجي! اهو چرچو بهرحال باربرا تي آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com