سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :15

آرٿر شنلز (آسٽريا)

 

جبرئيل جو موت

هوءَ هڪ مرد جي ڀاڪر ڻ نچندي، هن جي اڳيان لنگهي ويئي. کيس ڏسي هن آهستي آهستي ڪنڌ لوڏيو ۽ ٿورو مرڪي. فرڊيننڊ هميسه کان وڌيڪ هيٺ جهڪي، هن جي کنيڪار جو جواب ڏنو. ’ڇا، هيءَ به اِتي آهي!‘ فرڊيننڊ اچرج وچان دل ۾ سوچيو، ۽ پنهنجي ذهن تان ڪو بار جهڪو ٿيندو محسوس ڪيائين. جيڪڏهن آئريني، جبرئيل جي موت کان رڳو هڪ مهينو پوءِ، ناچ جي پوشاڪ پهري ٿي سگهي. ڪلب ۾ اچي ٿي سگهي، ۽ هڪ غير سان نچي ٿي سگهي، ته پوءِ هو به ڇونه اهڙن کل خوشيءَ جي موقعن ۾ شريڪ ٿئي ۽ پاڻ کي مغموم ۽ تنها زندگيءَ مان ٻاهر ڪڍي. هڪ مهيني جي پريشانين ۽ تنهائين کان پوءِ، هو ان شام جو پهريون دفعو گهر کان ٻاهر نڪتو هو. هن جا مائٽ ان جو سبب سمجهي نه سگهيا هئا، ته هو هڪڙي معمولي واقفڪار جي موت تي ايترو غمگين ۽ سنجيدو ڇو ٿي ويو هو؟ ان شام جو جڏهن هو ڊنر سوٽ پائي هنن سان گڏ ماني کائڻ آيو، ۽ قانون جي شآگردن جي بار روم ۾ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين، ته هو سڀ اچرج ۾ پئجي ويا هئا. پوءَ هو ماني کائي، گهران نڪري  آيو هو ۽ سندس مائٽ پاڻ کي مطمئن ۽ بي فڪر سمجهڻ لڳا.

سوفنسال تائين پهچندي، ڪار ۾ به هن پنهنجيءَ دل تي بار پئي محسوس ڪيو. هن کي اها رات ياد پئي آئي، جڏهن ولهيلمائين جي جاءِ جي دريءَ مان بيهي هيٺ نهارڻ تي، هن کي باغ جي پيچري وٽان هڪ ڪارو پاڇولو اچ وڃ ڪندو نظر آيو هو. کيس ان صبح جو خيال پئي آيو، جڏهن هنڌ تي ليٽندي، هن جبرئيل جي موت جي خبر پڙهي هئي. اهو وقت سندس اکين اڳيان تري ٿي آيو، جڏهن ولهيلمائين کيس جبرئيل جو اهو خط ڏيکاريو هو، جنهن ۾ هن بنا ڪنهن بئي عرض ڪرڻ جي، هن کان آخري موڪلاڻي ڪئي هئي. سوفنسال جون ڏاڪڻيون چڙهندي ۽ پاڻ کي بار روم ۽ آرڪيسٽرا جي وچ ۾ ڏسندي به، هن ڪافي بي آرامي پئي محسوس ڪئي. اها رڳو آئرينيءَ جي نگاهه ۽ مرڪ ئي هئي، جنهن هن جي دل جو بار جهڪو ڪيو هو.

هو آئرينيءَ کي ڪيترنسالن کان سڃاڻندو هو، پر ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نه وٺندو هو. آئرينيءَ ۽ جبرئيل جي معاشقي جي هر ڪنهن کي سُڌ هئي. ناتال کان ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن فرڊيننڊ هن جي مائٽن جي گهر ويو هو ته اتي هن هڪ مڌر ۽ پيارو گيت ڳايو هو، ۽ جبرئيل هن سان پياني تي سنگت ڪئي هئي. ان وقت فرڊيننڊ کي خيال آيو هو ته ڪهڙو جوان، اهڙيءَ وڻندڙ ۽ سندر ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندو، ۽ ان بجاءِ مغرور ولهيلمائين جي پٺيان ڦرندو، جا ستت ئي بيوفائي ڪري ويندي. اهڙي اڳڪٿي پوري ڪرڻ جو بار به قدرت هن تي ئي رکيو هو. ان وقت انهيءَ ڳالهه جو فرڊيننڊ کي ڪو وهم گمان به ڪونه هو. جيتري قدر جبرئيل جي موت لاءِ، هُو جوابدار هو. انستاشين ترينوف، جنهن سڀ ڳالهه توڙ تائين سمجهي ٿئي، کيس ان ڳالهه جو قائل ڪيو هو ته جبرئيل جي موت ۾ سندس انفرادي طور نه، پر اجتماعي ۽ سماجي دخل هو، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ سندس رد عمل، معمولي افسوس کان وڌي ڪنهن گهري فڪر ۽ مستقل پشيمانيءَ تائين نه پهڄن کپي. هن کي اه ادُکدائڪ گهڙي اڃا به ياد هئي، جڏهن هو ولهيلمائين سان گڏ جبرئيل جي قبر تي بيٺو هو، جنهن تي ڪوماڻل گل پکڙيل هئا. ولهيلمائين هن ڏانهن منهن ڪندي، کيس مصنوعي اداڪارانه انداز ۾ چيو هو: ”بيوقوف انسان، اڃا گهڻُ روءُ!“ ان واقعي کان ڪلاڪ پوءِ، هن وري فرڊيننڊ کي ٻڌايو هو ته جبرئيل کان ڪيئي درجا بهتر ۽ سٺا ماڻهو، هن تي جان ڏيڻ لاءِ تيار هئا. گذريل چئن- پنجن ڏينهن ۾ فرڊيننڊ ائين پئي محسوس ڪيو، ڄڻ ولهيلمائين جبرئلي واري المناڪ واقعي کي بلڪل واسري چڪي هئي. ترينوف هن کي وڌيڪ اهو به ٻڌايو هو ته هو ته مرد جي مقابلي ۾، عورت ۾ ڌيرج ۽ برداشت جي قوت وڌيڪ ٿيندي آهي.

آئريني ٻيو دفعو به ناچ ڪندي فرڊيننڊ جي اڳيان لنگهي، ۽ مرڪي. هن دفعي سندس مرڪ اڳي کان مختلف هئي. اها دوستيءَ جو اظهار ڪندڙ به هئي، ۽ دعوت ڏيندڙ به، ۽ سندس اهي نظرون ۽ مُرڪ تيستائين جاري رهيون، جيستائين هوءَ گوڙ ۾ گم ٿي ويئي. جڏهن ناچ بند ٿيو ته هو ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو. هو سوچڻ لڳو ته سندس پنهنجي شخصيت ڪيڏي نه ڏکويل هئي! هن جون ولهلمائين جي هنج ۾ گذاريل گهڙيون به اذيتناڪ يادگيريءَ طور وڃي بچيون هيون..... ۽ پوءِ اها ڪهڙي طاقت هئي. جنهن هن کي ڌُتاري، وري هن ماحُل ۾ ڇڪي آندو هو، جتي جو هُل ۽ هنگامو سندس ذهني سڪون کسي رهيا هئا. هن جي دل ۾ اوچتو هڪ ارادي جنم ورتو ’مون کي هتان هليو وڃڻ گهرجي- تمام جلد، جيترو ٿي سگهي اوترو جلد! مون کي وائنا ڇڏي، ڏکڻ سسلي ۽ مصر جو سفر اختيار ڪرڻ گهرجي.‘ پوءِ، جنهن وقت ائريني سندس اڳيان اچي بيٺي، ته هو سوچڻ لڳو ته ان سفر تي وڃڻ کان اڳ، کيس ولهيلمائين کان موڪلائڻ گهرجي يا نه.

آئرينيءَ پنهنجو ڪنڌ لوڏي، فرڊيننڊ کينڪار جي وراڻي ڏني. فرڊيننڊ پنهنجي ٻانهن هن ڏانهن وڌائي، ۽ کيس ڇڪي بار روم ڏانهن وٺي هليو ۽ اسٽيج جي چوڌاري ٺهيل ٿَهلي ڏانهن وڌڻ لڳو، جو رات جي مانيءَ لاءِ رکيل ميزن سان سٿيو پيو هو. ان وقت موسيقي وري شروع ٿي.

آئرينيءَ هن کي چيو، ”هو ويچارو مري چڪو آهي، ۽ اسين اڃا جيئرا آهيون!“

فرڊيننڊ هڪ قسم جو خطرو محسوس ڪيو، ۽ لاشعوري طور وکون وڌائيندي چيائين ”اڄ آءٌ پهريون دفعو هيڏي ساري ميڙ ۾ آيو آهيان.“

”مان ٽيون دفعو.“ آئرينيءَ جهڪي آواز سان چيو. ”هڪ دفعو ناٽڪ تي آئي هيس، ۽ ٻيو ڀيرو هڪ دعوت تي.“

”دعوت ۾ ڪو لطف هو؟“ فرڊيننڊ پڇيو.

”الائي، ڪنهن شخص پيانو وڄايو، ۽ ٻئي مزاحيه گيت ڳايو، پوءِ وري سڀني ناچ ڪيو هو.“

”هر ڪنهن دعوت ۾ ائين ٿيندو آهي.“ فرڊيننڊ چيو.

هو دروازي وٽ پهچي چڪا هئا.

”مون هڪ شخص سان ناچ جو وجدو ڪيو آهي.“ ائرينيءَ چيو، ”پر مان ناچ نه ڪنديس، هل ته گئلريءَ ڏانهن کسڪي هلون.

فرڊيننڊ هن کي وٺي، سوڙهيءَ ۽ ٿڌيءَ ڏاڪڻ ڏانهن وڌيو. هن آئرينيءَ جي ڪلهن تي ڇٽڪاريل پائوڊر جا داغ ڏٺا. هن جا ڪارا گهاٽا وار، ڇُڳي وانگر، سندس ڪنڌ جي پويان لڙڪيا پيا هئا، ۽ سندس ٻانهن فرڊيننڊ جي ڪلهي تي رکيل هئي. گئلريءَ جو دروازو کليو پيوهو، ۽ ويٽر، جو ڪمري وٽ ويٺو هو، هنن کي ايندو ڏسي اُٿي بيٺو.

”مان شئمپين پيئنديس.“ آئرينيءَ چيو.

”خوب!“ فرڊيننڊ سوچيو. ’هيءَ ته منهنجي تصور کان به وڌيڪ دلچسپ پيئي ٿيندي وڃي!.... يا ائين ته نه آهي جو رڳو مڪر پيئي ڪري؟“

هن ويٽر کي شراب آڻڻ لاءِ چيو، ۽ آئرينيءَ لاءِ پٺئين پاسي ڏانهن ويهڻ لاءِ ڪرسي ڇڪي ڪڍي ته جيئن هيٺان کيس ڪو سڃاڻي نه سگهي.

”تون هن جو دوست هئين؟“ آئرينيءَ چيو، ۽ هن جي اکين ۾ گهورڻ لڳي.

”دوست؟ ائين ته آءٌ نٿو چئي سگهان، البت گذريل چند سالن ۾ اسان جا پاڻ ۾ هلڪا لاڳاپا رهيا هئا.“ هن دل ۾ ويچاريو ”ڪهڙي نه عجيب نموني مون ڏانهن گهوري رهي آهي! متان سمجهي ويئي هجي ته.........! هن وري چيو: پنج- ڇهه سال اڳ آءٌ هن سان گڏ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ٻڌڻ ويو هوس. اسين ٻيئي، پنهنجي پنهنجي ڌنڌي سان گڏ، قانون به پڙهندا هئائسين. ٽي سال اڳ، اسين وري اسنبرگ ۾ بريٽر وٽ پاڻ ۾ ملياسين، ۽ اتان سائيڪلان ڏانهن گمڻ وياسين.ويرونا ۾ اسين وري هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين- هو روم ڏانهن ويو، ۽ آءٌ وائنا موٽي آيس.“

آئرينيءَ رڳو ڪنڌ ڏئي ڌوڻيو، ائين، ڄڻ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ بابت خبرون ٻڌي رهي هجي، جنهن کي هوءَ سڃاڻندي ئي ڪانه هئي.

فرڊيننڊ وري چيو. ”روم ۾ هن پنهنجو پهريون ناٽڪ لکيو، يا ائين چئجي ته اهو هن جو پهريون ناٽڪ هو، جو اسٽيج ڪيو ويو.“

”ها-“ ائرينيءَ چيو.

”پر سندس قسمت چڱي ڪانه هئي!“ فرڊيننڊ رايو ڏنو.

ويٽر ميز تي شئمپين رکي ويو. فرڊيننڊ گلاسن ۾ شراب اوتي، هڪڙو جام هن ڏانهن وڌايو. ٻنهي پنهنجا گلاس ٽڪرايا، ۽ پيئڻ لڳا. هو هڪ ٻئي کي ايترو حقيقت پسندانه نگاهن سان ڏسي رهيا هئا، ڄڻ سندن اهو جام سندن وڇڙيل ساٿي جبرئيل جي صحت جو جام هو. آئرينيءَ پنهنجو گلاس هيٺ رکيو. ۽ آهستگيءَ سانچوڻ لڳي ”هن پاڻ کي هڪ عورت، بسچاف جي ڪري ماريو آهي.“

”ماڻهو به ائين ٿا چون.“ فرڊيننڊ وراڻيو. هو سادگيءَ سان پنهنجيءَ دل کي اها آٿت ڏيڻ لڳو ته سندس منهن جا تاثرات کيس دوکو نه ڏيندا.

ناچ جو دور ايترو ته شروعاتي زوردار هو، جو ميز ۽ ان تي رکيل شراب جا جام لُڏڻ لڳا.

”تون بسچاف کي چڱيءَ طرح سڃاڻين؟“ آئرينيءَ پڇيو.

”هائو.“ فرڊيننڊ کيس وراڻيو. هو دل ۾ سوچڻ لڳو، ’تڏهن چئبو ته هن جو مون ۾ شڪ نه آهي، بلڪل نه، جي ائين هجي ها ته هيءَ مون سان هن مهل ويٺي شئمپين نه پيئي ها. يا ته وري هيءَ شايد.........‘

”مون هن کي ڪالهه ’ميڊيا‘ جي روپ ۾ ڏٺو هو. ”آئرينيءَ چيو. ”آءٌ ناٽڪ تي به رڳو ان ڪري ويئي هيس. جبرئيل جي گذريل سال واري ناٽڪ کان پوءِ، مون وري هن کي اسٽيج تي نه ڏٺو هو. ڇا، هنن جا پاڻ ۾ تعلقات اتان ئي شروع ٿيا هئا؟“

فرڊيننڊ پنهنجا ڪلها لوڏي، انڪار ۽ اچرج جو اظهار ڪيو. ”هوءَ وڏي ڪلاڪار آهي.“ هن رايو ڏنو.

”ائين برابر آهي.“ آئرينيءَ ورڻيو، ”پر مان نٿي سمجهان ته ان ڪري ڪو ان کي اهو حق ٿو پهچي ته هوءَ......“

”ڪهڙو حق؟“ فرڊيننڊ خالي گلاس ڀريندي پڇيو.

”اهوئي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي منهن ۾ ڏجي.“ آئرينيءَ پنهنجو اڌ ۾ ڪَٽيل جملو پورو ڪندي چيو.

”برابر،“ فرڊيننڊ چيو، ”پر جڏهن هڪ طرف حق ٿو پيدا ٿئي ۽ جوابداري ٻئي طرف، ته پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. وري جڏهن ڪنهن کي واقعن جي پس منظر ۽ ان سان لاڳو حالتن جي پوري پَروڙ نه آهي. ته پوءِ هو ڪيئن........بهرحال، فرالين بسچاف جو تعلق- مان اهو ڪيئن چوان. اسان جي قديم اڻ سڌريل زماني سان آهي، نه موجوده دور سان. انهيءَ ڪري اسين هن لاءِ پنهنجي منطق سان، وبه رايو نٿا ڏيئي سگهون.“

آئرينيءَ پنهنجو قديم نموني جو عاج وارو پکو ميز تان کنيو، ۽ اهو پنهنجن ڳلن ۽ پيسانيءَ اڳيان آندو. پوءِ هن هڪ ڳيت سان جام خالي ڪندي چيو، ”هوءَ هن سان وفادار نه هئي. اهو ته مان به سمجهي ٿي سگهان. پوءِ هوءَ هن سان سچي حقيقت ڇو نه ظهر ڪري سگهي؟ هن کيس اهو ڇونه ٻڌايو ته ’کيل ختم، مان ٻئي شخص سان پيار ٿي ڪريان، اڄ کان تنهنجو منهنجو رستو الڳ!‘ سندس اهي ٻه ٻول هن کي وڏي ۽ سخت صدمي کان بچائي سگهن ها، ۽ هو هرگز موت ڏانهن گهلجي نه وڃي ها.“

”ڪيئن چئجي!“ فرڊيننڊ وراڻيو.

”بلڪل نه.“ آئرينيءَ يڪدم چيو. ”اها نفرت ۽ نراسائي ئي هئي، جنهن هن کي ان اوڙاهه ڏانهن نِيو- صرف نفرت ۽ نراسائي.“ هن جي بت ۾ لرزش اچي ويئي. هن جون نگاهون هيٺ هال طرف هليون ويون، ۽ هوءَ خاموش ٿي ويئي.

فرڊيننڊ هن ڏانهن نهاريو، ۽ سوچڻ لڳو ته اهڙو شخص جنهن سان هيءَ ڇوڪري پيار ڪندي هجي، ڪيئن پاڻ کي ولهيلمائين جهڙيءَ عورت تان قربان ڪري سگهي ٿو. اهو سوچي، هن کي جبرئيل جي ذهانت ۽ عقلمنديءَ تي شڪ ٿيڻ لڳو. پوءِ هن کي اهو ناٽڪ ياد آيو، جنهن ۾ ولهيلمائين هيروئن ٿي هئي، ۽ جو ناڪام ويو هو. ان ناڪاميءَ جي عيوضي چڪائڻ لاءِ ئي ولهيلمائين جبرئيل جي سَريت بني هئي.

آئرينيءَ پنهنجو منهن ڦيري وري هن ڏانهن ڪيو، ۽ نرم لهجي ۾ پڇيو، ”ان کان پوءِ توهان وري پاڻ ۾ مليا؟“

”بلڪل گهٽ.“ فرڊينند جواب ڏنو. گذريل سرءُ ۾ اسين وري پاڻ مليا هئاسين. ان ڀيري آءُ هن سان هڪ ناٽڪ تي ويو هوس. ان وقت هو بسچاف ٻيئي گڏ هئا. پوءِ اسان وڪسگادٽن ۾ گڏ ماني کڏي هئي. اسان جي اها شام ڏاڍي سٺي گذري هئي. حالانڪ آڪٽوبر جون پوياڙيو هيون، تڏهن به بنا ڪنهن تڪليف جي کليل هوا ۾ ويٺا  هئاسين، ان کان پوءِ، هڪ ٻه ڀيرو اسين پاڻ ۾، بسچاف جي فليٽ ۾ مليا هئاسين. انهن طويل وقت کان پوءِ وارين گڏجاڻين ۾ به، اسان جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي هئي.“

فرڊيننڊ آئرينيءَ ڏانهن نهاري مرڪيو.

”ٻي ڳالهه ٻڌ-“ آئرينيءَ چيو، ”مون بسچاف سان ملڻ جو ارادو ڪيو آهي!“

”ڇا چيئي؟“ فرڊيننڊ رڙ ڪري چيو، ۽ آئرينيءَ جي پيشانيءَ ڏانهن تڪڻ لڳو، جا ڇوڪرين جي عام پيشانين کان گهڻو وڏي ۽ ٻاهر نڪتل هئي.

ناچ پورو ٿي چڪو هو، ۽ موسيقي بند ٿي چڪي هئي. هيٺان مليل جُليل آواز اچي رهيا هئا، ۽ ڪن جا آواز، جي ڳرا هئا، مٿي به چٽا پئي ٻڌڻ ۾ آيا.

”مون بلڪل پڪو ارادو ڪيو آهي.“ ائرنيءَ پنهنجو عام وارو پکو لوڏيندي چيو، ”حالانڪ اها منهنجي ٻاراڻي آهي، ڇو جو مون کي خبر آهي ته منهنجي همٿ هن جي آڏو ختم ٿي ويندي آهي.“

”تون هن سان ملي ڇا ڪندينءَ؟“ فرڊيننڊ پڇيو.

”ڇو؟ اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي! مان هن کي روبرو ڏسڻ ٿي چاهيان، مان هن جو آواز ٻڌڻ ٿي چاهيان. مان اه به ڏسڻ ٿي چاهيان ته هن جي روزاني رهڻي ڪهڻي ڪيئن آهي، ۽ سڀ کان وڌيڪ مان هن کان عام ڳالهين جي معلومات حاصل ڪرڻ ٿي چاهيان... تون ايترو به نٿو سمجهين سگهين؟“ هن ڪنهن اوچتي پور پوڻ تي پويون سوالي جملو ڳنڍيو، ۽ پوءِ مرڪي، شراب جو ڍُڪ ڀريندي، وري چيائين، ”اهو ڄاڻڻ واقعي دلچسپ آهي ته اهي عورتون اصل ۾ ڪيئن آهن، جي مختلف اندازن سان پرکي ٿيون سگهجن، جن جي ڪري مرد پاڻ کي ختم ٿا ڪري ڇڏين، ۽ جي وري ٽن ڏينهن کان پوءِ اسٽيج تي ائين ٿيون رونما ٿين، ڄڻ دنيا ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آئي اهي، ڪا ڪمي نه ٿي آهي!“

ٻه مانهو، جي ڀرسان لنگهي رهيا هئا، ٿوري لاءِ ترسيا، ۽ آئرينيءَ ڏانهن گهورڻ لڳا. ان ڳالهه فرڊيننڊ کي ڪاوڙايو، ۽ هن دل ۾ فيصلو ڪيو ته جي هو هڪرو منٽ به وڌيڪ اتي ترسيا ته هنن جي خبر وٺندو. پوءِ هن پاڻ کي هنن سان ورهندو محسوس ڪيو... خالي ئي خيال ۾، هو هيٺان دسيو پيو هو، ۽ سندس زخمن مان رت وهي رهيو هو...... پوءِ هن ولهيلمائين کي ڪنهن اداڪار سان پنهنجيءَ قبر تي بيٺل ڏٺو. پر ستت ئي هن جي ذهن جي پردي تان اهي تصويرون گم ٿي ويون. اهي بيٺل ماڻهو اڳتي وڌي ويا هئا. فرڊيننڊ آئرينيءَ جو آواز وري ٻڌو.

”مون ۾ همٿ هئڻ گهرجي.“ هن نراشا جي مُرڪ مُرڪي.

”ڇا لاءِ؟“ فرڊيننڊ پڇيو.

”فرالين بسچاف جي آمهون سامهون ٿيڻ لاءِ!“

”بسچاف کي ڏسڻ ٿي چاهين-؟ هينئر؟“

”ها، بلڪل هينئر! تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“ هن پنهنجا ڪلها موسيقيءَ جي ڌن تي لوڏڻ شروع ڪيا. ”هيٺ هلي ناچ ڪريون؟“

”اهو به ناممڪن ته نه آهي.“ فرڊيننڊ چيو.

”پر ائين مناسب ناهي.“ ائرينيءَ نظرن ۾ خوشيءَ جي چمڪ آڻيندي چيو. اسين هت ويٺا شراب پيئون. ان عرصي ۾ ڪا تبديلي آئي آهي ڇا؟ نه، بلڪل نه. ماڻهوءَ کي اهو احساس خودبخود ٿي ٿو وڃي ته موت سچ پچ ڪو ايترو ڀيانڪ نه اهي، جيترو سمجهيو يوندو آهي. تون ئي ڏس. مان پان کي هن منزل تان، يا ڪنهن اوچائيءَ تان، هيٺ اڇلائڻ لاءِ بلڪل آماده آهيان. مون کي ڪوبه خيال نه ٿيندو. سچ ٿي چوانءِ. اسين پاڻ ۾ ڪيئن واقف ٿياسين!.... پر ان لاءِ توکي جبرئلي جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي.“

”مون اهو ڪڏهن نه سوچيو....“ فرڊيننڊ ڳالهه جي شروعات ڪرڻ چاهي. هن جي چهري تي مُرڪ هئي، ۽ فرڊيننڊ پهچي دل ٻڏندي محسوس ڪئي.

آئرينيءَ جي چهري تان مرڪندر ۽ چمڪندڙ اکيون گم ٿي چڪيون هوين. اُحي اکيون هاڻي ڪاريون ڊگهيون ۽ سنجيده ٿي چڪيون هيون. ”توکي خبر آهي ته مون اندر ۾ ڇا سِٽيو هو؟“ هن فرڊيننڊ کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي چوڻ شروع ڪيو. ”مان پان کي بسچاف اڳيان ڪَلا ۾ ٽڙندو مکڙي ۽ ڪلا پريمي ظاهر ڪريان ها. ’مان ڪيتري وقت کان توهان سان ملڻ لاءِ منتظر هيس.‘ وغيره وغيره. مان ان نموني ۾ هن سان گفتگو جي شروعات ڪريان ها. اهي عورتون نهايت مغرور ٿينديون آهن؟“

”فخر ته انهن جي پيشي جي پيڙهه آهي.“ فرڊيننڊ چيو.

”آءٌ هن جي خوشامد ڪريان ها. هوءَ خوش ئي ها، ۽ مون کي وري اچڻ لاءِ چوي ها، ۽ مان هن وٽ وري وري وڃان ها. پوءِ پاڻ ۾ گهريون ٿي وڃون ها، ساهڙين جيان...... تان جو، هڪ ڏينهن، مان رڙيون ڪري هُن کي ماڻهن جي منهن تي چونا ها ’توکي خبر آهي ته تو ڇا ڪيو آهي؟ توکي خبر آهي ته تون ڪير آهين؟ هڪ خونڻ! ٻڌءِ، فرالين بسچاف، تون هڪ خونڻ اهين!‘“

فرڊيننڊ اچرج وچان هن ڏانهن نهارڻ لڳو. هن هڪ دفعو وري حيرت ۾ سوچيو ته جبرئيل ڪيترو نه ڇسو ۽ بي عقل هو!

ناچ جو اهو دور به ختم ٿيو، ۽ پرين ڪمرن مان ٿانون جي کڙ- کڙ ۽ ماڻهن جي ڀڻ- ڀڻ جا آواز اچڻ لڳا. به جوڙا هنن جي ڀرسان لنگهي سندس ڀر واريءَ ٽيبل تي اچي ويٺا، ۽ ڏاڍيان کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا. ٿوري وقت کان پوءِ وري ٻئي ناچ لاءِ آرڪيسٽرا شروع ٿيو.

”فرض ڪر ته مان ان سان هن وقت ئي ملڻ ٿي چاهيان؟“

”هاڻي؟“

”سمجهين ٿو ته هوءَ مون سان ملندي؟“

”وقت ته بيگاهه آحي.“ فرڊيننڊ مرڪ سان وراڻيو.

”اڃا رات لڙي به ڪانه آحي، ۽ اڄ ته هن کي ناٽڪ ۾ پارٽ به کڻڻو هو.“

”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“

”ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اهو ته اخبار ۾ به هو. هونه؟ هوءَ اڃا گهر پهتي ئي مس هوندي. هن سان ملاقات ڪرڻ ۾ به آساني ٿيندي. نالن موڪلڻ تي گهرائيندي ته کيس ڪا ڳالهه يا حقيقت ٻڌائينداسين.“ مثلاً: آءٌ چوندس ’هونئن ته مان ناچ تان موٽي رهي هيس، پر توهان سان ملڻ جو ارادو مون کي هيڏانهن ڇڪي آيو. مون رڳو توهان جو نياز حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو‘- وغيره. گاڏي اسان لاءِ هيٺ بيٺي ئي هوندي، ۽ اسين اڌ رات کان اڳ ئي موٽي اينداسين. ڪو ڏسندو به ڪونه.“

”جي تون واقعي فرالين سان ملڻ ٿي چاهين.“ فرڊيننڊ چيو، ”ته مون کي ضرور پاڻ سان وچي هلج.“

آئرينيءَ هن ڏانهن گهريو. هن جي مهن تي منجهيل اونهي ۽ فيصلاڪن ڪييت هئي. ”تو تڏهن ڇا سمجهيو هو؟ ته مان توکي نه.....“

”پر تو ۾ اوچائيءَ تان پاڻ هيٺ ڪيرائڻ جي جرائت آهي؟،

آئرينيءَ هن جي اکين ۾ نهاريو ۽ پوءِ اٿي کڙي ٿي.

”اُٿ ته هلون.“ هن چيو. هن جي نراڙ تي ڪارو پاڇولو اچي ويو.

فرڊيننڊ ويٽر کي سڏي بل ادا ڪيو، ۽ آئرينيءَ کي ٻانهن کان وٺي هيٺ لاهي آيو. هيٺ اچي هن آئرينيءَ کي اوورڪوٽ پهرايو، ۽ پاڻ به پاتو. آئرينيءَ ڪوٽ جي پشم واري ڪالر کي مٿي ڪيو ۽ ان جون ڪُهيون ڪنڌ ۾ ٻڌيون. هو بناڪنهن فلظ ڪڇڻ جي، در کان ٻاهر نڪري رستي تي آيا، ۽ هڪ گاڏيءَ تي چڙهي، برفاني رستن کي لتاڙيندا، پنهجيءَ منزل طرف روانا ٿيا.

فرڊيننڊ هر هر آئينيءَ ڏانهن آڏيءَ نظر سان نهاري رهيو هو. هوءَ ڪا ساعت ته خاموش ويٺي هئي ۽ سندس اکيون منهن جي نقاب کي چيري، ٻاهر تاريڪيءَ ۾ ڪجهه ڳولي رهيون هوين. ڪجهه منٽن کان پوءِ،  گاڏي پارڪنگ ۾ هڪ گهر جي اڳيان اچي بيٺي. آئرينيءَ تيستائين گاڏيءَ ۾ ئي ويٺي رهي، جيتسائين فرڊيننڊ هيٺ لهي گهنٽي وچائي ۽ دروازو کليو. در ۾ فرڊيننڊ جي ڄاتل سڃاتل ڇوڪري، بيٺي هن کي 7 سندس ساٿي4 کي ڏسي رهي هئي. فرڊيننڊ هڪ گهڙي لاءِ ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڪنهن کيس زوريءَ خواب مان جاڳايو هجي.

”فرالين کي ٻڌاءِ،“ فرڊينننڊ چيو، ”ته اسين ساڻس ملڻ آيا آهيون.“

ڇوڪري بنا ڪنهن ڪُڇڻ جي مرڪي، ۽ هنن کي ڊرائينگ روم جو رستو ڏيکاري هلي ويئي. فانوسن جي روشنيءَ ۾ فرڊيننڊ پنهنجو ۽ آئرينيءَ جو پاڇو، پياني جي پٺيان ٽنگيل آئيني ۾ ٿڙڪندو محسوس ڪيو. اوچتو ئي هن کي هڪ وهم اچي ورتو، متان آئريني هتي ولهيلمائين کي مارڻ جي ارادي سان ائي هجي! پر اهو خيال سندس ذهن مان ايترو ئي جلد گم ٿ يويو، جيترو جلد آيو هو. آئريني، جا اڃا به هن جي ڀر ۾ بيٺي هئي ۽ مٿي تان رومال ڇوڙي رهي هئي. هن کي بلڪل بدليل نظر آئي- بلڪل ۽ اوپري، سندس آواز به هن کي اوپرو پئي لڳو.

هڪ دروازو کليو، ۽ ولهيلمائين ڊرائنگروم ۾ داخل ٿي. هن کي بخمل جي ٺهيل پوشاڪ پيل هئي.، جا ڳچيءَ وٽان کليل هئي. هن فرڊيننڊ کي هٿ ڏنو ۽ هن ڏانهن ۽ سندس ساٿيءَ ڏانهن بنا ڪنهن اچرج جي، آڌر ڀاءُ وارين نظرن سان نهاريو. فرڊيننڊان ان ڪُمهليءَ ملاقات جي وضاحت خوش مزاجيءَ جي نموني ۾ ڪرڻ چاهي. هن ولهيلمائين کي ٻڌايو ته سندس ساٿيءَ، سواءِ فرالين بسچاف جي ڪَلا ۽ فن جي واکڻ جي ڪجه به نه پئي ڳالهايو، ۽ هن به رضاڪارانه طور کيس سندس ’مرشد‘ جي گهر وٺي هلڻ جي صلاح ڪئي، اهو سوچي به ته ٻنهي کي بنا ڪنهن شرف ملاقات بخشڻ جي، ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويندو!

”اها به ڪا ڳالهه آهي!“ ولهيلمائين وراڻيو، ”مون کي ته پاڻ خوشي ٿي آهي.“ هن وڌي آئرينيءَ کي هٿ ڏنو. ”هلو ته ماني کائي وٺون، مان ناٽڪ تان اڃا هاڻي ئي موٽي آهيان.“

هو ٽيئي پوءِ هڪ ٻئي ڪمري ۾ داخل ٿيا، جتي هلڪي سبز روشنائيءَ ۾ هڪ ميز تي رات جو کاڌو تيار رکيو هو. فرڊيننڊ پنهنجو اوور ڪوٽ لاهي ڪوچ تي ڦٽو ڪيو ۽ ولهيلمائين آئرينيءَ جو ڪوٽ لاهي ڪرسيءَ تي رکيو. پوءِ هن پاسي واري ڪٻٽ مان ٻه گلاس ڪڍي، اُچي شراب سان ڀري، هنن کي آڇيا. هنن کان معافي وٺي، هوءَ ماني کائڻ لڳي. ماني کائيندي، هوءَ هر هر ٻنهي چڻن کي دوستاڻي نموني ۾ نهاريندي ۽ مُرڪندي رهي.

”هيءَ اسان جي گڏ هئڻ کي ساڀيان ۾ سوچي رهي آهي.“ فرڊينڊ نراسائيءَ سان سوچي. ۽ جي مان پاڻ سان چين جي شهزادي وڄان اچان ها، ته به هيءَ متعجب نه ٿئي ها. اها واقعي خراب ڳالهه آهي.‘.....’جيڪي عورتون متعجب نه ٿينديون آهن، سي ڪڏهن به وفا نه ڪنديون آهن.‘- اهو ترينوف جو رايو هو، جو هن کي اوچتو ياد اچي ويو.

”ناچ تي وقت ڪيئن گذريوَ؟“ ولهيلمائين پڇيو. فرڊيننڊ ٻڌايس ته ڪمرو ڀريل هو، ماڻهو بد ذوق هئا. ۽ موسيقي به پوري ساري هئي. ولهيلمائين چپن تي مسڪراهٽ آڻي، ڪنڌ آئرينيءَ ڏانهن ڦيريو، ۽ ان کان پڇيو ته سندس ساٿي ناچ ۾ هو يا نه؟ آئرينيءَ هارڪار ڪري مرڪي. هن جو ”هائو“ بلڪل ٻڌڻ ۾ نه آئي.

”اڄ تو فيوڊورا جو پارٽ ادا ڪيو؟“ فرڊيننڊ ڳالهه جي سلسلي ختم ٿيڻ جي انديشي کان، ولهيلمائين کان پڇيو ” ماڻهو گهڻا هئا؟“

”هائوس فُل هو.“ ولهيلمائين ورندي ڏني.

آئريني4 چيو، ”افسوس اٿم جو توهان کي فيوڊورا جي ڪردار ۾ نه ڏسي سگهي آهيان. پر ميڊيا جي ڪردار ۾ مون اوهان کي گهڻو وقت اڳي ڏٺو هو. اهو ته واقعي شاندار نموني ۾ نِڀاهيو ويو هو.“

”اها اوهان جي مهرباني آهي.“ ولهيلمائين چيو.

ڪجهه وڌيڪ تعريفي جملن کان پوءِ، آئرينيءَ ولهيلمائين کان پڇيو ته کيس ڪهڙي قسم جا ڪردار پسند آهن، ۽ غور سان جواب ٻڌن لڳي. پوءِ انهيءَ فيصلاڪن سوال تي اچي پهتا ته وڏو اداڪار ڪير آهي؟ اهو جو پنهنجي ڪردار م گم ٿي وڃي، يا اهو جو ان تي هاوي ٿي وڃي؟ فرڊيننڊ ٻڌايو ته هن جي هڪ اداڪار دوست پنهنجو بهترين پارٽ، پيءُ جي موت واري ڏينهن ادا ڪيوهو

”تنهنجا دوست ته نرالا ٿا نظر اچن.“ ولهيلمائين نارنگيءَ جي ڦار وات ۾ وجهندي چيو.

’هي ڇا پيو ٿئي؟’ فرڊيننڊ ويچاريو. ”ڇا، آئريني اهو واري ويٺي آهي ته هوءَ ولهيلمائين کي خوڻ ڪوٺڻ ائي آهي؟ ڇا، ولهيلمائين اڃ تائين مون کي پنهنجو عاشق ٿي سمجهي، حالانڪ آءُ اڌ رات جو، هڪ جوان ڇوڪريءَ سان گڏ وٽس آيو آهيان؟.............“

”توکي ناٽڪ ۾ ڏاڍي دلچسپي ٿي ڏسجي؟“ ولهيلمائين آئرينيءَ کي چيو، ”عجب اٿم ته تو هن مهل تائين ان لائين ڏانهن هٿ پير ڇو نه هلايا آهن؟“

”مون ۾ ايتري قابليت ڪٿي!“ آئرينيءَ وراڻيو.

”ان لاءِ توکي شڪر ڪرڻ گهرجي.“ ولهيلمائين چيو، ”نه ته اسٽيج جي زندگي به ڪا زندگي آهي!“

جنهن مهل هو اداڪار جي زندگيءَ جي خرابين ۽ اوڻاين تي ڳالهائي رهي هئي، ان مهل فرڊيننڊ آئرينيءَ جي منهن تي عجيب ڪيفيت محسوس ڪئي. هن تي ڄڻ ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو هو. سامهون واري اڌ کليل طاق جي وٿيءَ مان، اندر هلڪي نيري روشنائي نظر اچي رهي هئي، ۽ آئرينيءَ جون نگاهون ان وٿيءَ مان اندر ڪجهه ڳولي رهيون هيون. جهٽ کان پوءِ هن ڏٺو ته آئرينيءَ جي مهن تي اطمينان جي لهر ڊوڙي ويئي. هن جي مرده منهن تي رونق اچي ويئي، ۽ سندس ساڪت چپن ۾ زندگي جي حرڪت موٽي آئي. هن جا اهي انداز ٻڌائي رهيا هئا ته هن چاهيو پئي، ته جيڪر ڊوڙي ان نيري روشنيءَ واري ڪمري ۾ وڃي، ۽ پنهنجو منهن ان وهاڻي ۾ وجهي روئي، جنهن تي ڪڏهن جبرئيل پنهنجو مٿو رکندو هو. فرڊيننڊ سوچيو ته جي آئرينيءَ جو اهو ارادو وڌيڪ مضبوط ٿيو، ته ٻنهي لاءِ ڏاڍو خراب ٿيندو، هنن کي جلد از جلد اتان اٿي وڃڻ گهرجي. هو ڪرسي سوري، اٿي بيٺو.

”هاڻي هلڻ گهرجي، ڪافي وقت ويٺا آهيون.“ آئرينيءَ ايترو چئي اٿي بيٺي.

”ترسو ها ته سٺو.“ ولهيمائين چيو.

آئريني خاموشيءَ سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي. سندس نظرون هن ۾ ڪجهه ڳولي رهيون رهيون.

”چئو ڀلا، اوهان جي مرضي.“ ولهيلمائين چيو.

”تعجب آهي.“ آئرينيءَ چيو، ”توهان کي ڏسي، مون کي گهر ۾ ٽنگيل هڪ تصوير ياد اچي ويئي آهي. جنهن ۾ هڪ گروٽ يا سلواڪ ڳوٺاڻي، هڪ برافني رستي تي بيٺي، مقدس پاڇي جي عبادت ڪري رهي آهي.“

ولهيلمائين مفڪراڻي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو، ڄڻ ته هن کي چٽيءَ طرح ياد هو ته هڪ ساري ۾ هوءَ گروٽيا جي برفن ۾ ان مقدس پاڇي اڳيان جهڪي هئي. پوءِ هن ڪوٽ کڻي آئرينيءَ کي پهرايو، ۽ هنن سان گڏ هال تائين ائي. ”چڱو، خدا حافظ! شال اوهان جي جوڙيءَ کي خوشيءَ جا ناچ نصيب ٿين!“ هن چيو.

آئرينيءَ جو منهن ڦڪو ٿي ويو، پر تڏهن به ٿورو مرڪي. ”تون هن سان خيال سان هندي ڪر!“ ولهيلمائين آئرينيءَ کي چيو، ۽ هڪ آڏي نظر فرڊيننڊ تي اڇلائي. ان نظر هن کي گذريل رات جون يادگيريون ڏياريون.

فرڊيننڊ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. هن رڳو اهو ڏٺو ته آئريني کيس ۽ ولهيلمائين کي هڪ نظ سان پئي ڏسي.

نوڪرياڻيءَ هنن سان آخري بار هٿ ملائي موڪلايو، ۽ ڇوڪريءَ جي وري ملڻ جي خواهش ڏيکاري. ان کان پوءِ هن فرڊيننڊ ڏانهن نهاريو، ۽ مرڪي. هوءَ هن کان راند کٽي چڪي هئي. راند، جا هنن ٻنهي ڄڻن کيڏڻ قبولي هئي.

هو ٻئيئي هيٺ لٿا، ۽ پويان دروازو بند ٿي ويو. آئرينيءَ گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺي، ۽ فرڊيننڊ به سندس ڀر ۾ وڃي ويٺو. گهوڙا برف تي بنا آواز جي ڊوڙڻ لڳا. رستي تي هڪ بتيءَ جي روشنائي گاڏيءَ ۾ پئي، ۽ فرڊيننڊ ڏٺو ته آئريني هن ڏانهن گهوري رهي هئي، ۽ سندس چپ پَٽيا پيا هئا.

”سو سڀ ڪجهه تون آهين!“ هن آهستي چيو. آئريني جي اواز ۾ ڪمزوري، حيرت ۽ ڌڪار هئي. پوءِ وري اوندهه ٿي ويئي، ۽ فرڊيننڊ ڪجهه ڏسي نه سگهيو.

’جي هن وٽ ڇُرو هجي ها‘ فرڊيننڊ سوچيو، ته يقيناً مون کي هڻي ڪڍي ها!.... پر آءٌ ان جي لائق نه آهيان. آءٌ نه رڳو ان حادثي ۾، سماجي قوت هوس، انفرادي طور....‘ ۽ هن سوڄن شروع ڪيو ته هو ڇو نه کيس سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. نه رڳو پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ، بلڪ کيس معلومات ڏيڻ خاطر به.

اوچتو ئي هن پنهنجي چوڌاري ٻانهن جي پڪڙ محسوس ڪئي، ۽ ٻيءَ گهڙيءَ ۾، آئرينيءَ جا چپ- وحشي، گرم ۽ مٺا!.... ان جهڙي چمي هن اڳ ڪڏهن به نه ماڻي هئي. ڪيتري نه لذيذ ۽ خوشبودار هئي! هن چاهيو پئي ته اها جيڪر ڪڏهن به ختم نه ٿئي. جيستائين گاڏي اچي بيٺي، تيستائين ختم نه ٿي.

فرڊيننڊ هيٺ لٿو، ۽ هٿ ڏيئي آئرينيءَ کي به هيٺ لاٿائين.

”تون منهنجي پڍيان نه پئجانءِ! هن ترشيءِ سان چيو، ۽ هال ۾ گم ٿي ويئي.

فرڊيننڊ ٻاهر بيٺو رهيو. کانئس اهو نه پڳو، جو هن جي حڪم جي انحرافي ڪري. گهڻي دير بيهڻ کان پوءِ، هن محسوس ڪيو ته کيل ختم ٿي چڪو آهي، ۽ ان چمي4 جو وڌيڪ ڪوبه نتيجو نه نڪرڻو هو.

ٽن ڏينهن کان پوءِ، هن اهو واقعو انستاشين ترينوف کي ٻڌايو. ترينوف کان ڪوبه دوست ڪا ڳالههه ڳجهي نه رکندو هو.

”اها واقعي ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“ ترينوف ڪجهه دير ويچار ڪري چيو. ”جو هوءَ تنهنجي محبوبا ٿي نه سگهي. اوهان جو ٻار مون لاءِ واقعي دلچسپيءَ جو سب بنجي ها. اسان وٽ پيار جا پيدا ٿيل ٻار به گهڻا آهن، ۽ اختلاف راءِ رکندڙ جوڙي جا ٻار به، پر هڪ بئي کان نفرت ڪندڙ جوڙي جا ٻار بلڪل ڪين جيترا آهن، ۽ اهو ممڪن نه آهي ته اهڙن ٻارن مان ئي اسان کي ڪو اُن جو حل ملي پوي!“

”تون سمجهين ٿو ته....“ فرڊيننڊ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”ڇڏ پنهنجي خوشامد!“ ترينوف تيزيءَ سان چيس.

فرڊيننڊ ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي ويو.

هن جي کيسي ۾ ٽريسٽ لاءِ برٿ جي ٽڪيٽ پيئي هئي. اتان هو اسڪندريا، قاهره ۽ اسوان ويو. ٽي ڏينهن اڳ، هن پاڻ به محسوس ڪيو هو ته ماڻهو پيار ۾ نراس ٿي مري به سگهن ٿا، پر ٻيا ماڻهو.... صرف ٻيا ماڻهو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com