سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :6

اسٽيفن زويگ (آسٽريليا)

 

 

انڌي جي ميراث

 

ڊريسڊن کان پوءِ، پهرينءَ جنڪشن تي اسان جي گاڏيءَ ۾ هڪ ڪرڙوڍ ۽ معزز ماڻهو چڙهي آيو. هن گاڏي ۾ اچڻ سان پنهنجي چپن تي فراخدلي ظاهر ڪندڙ مرڪ آندي. ۽ مون ڏانهن ڏسي ائين ڪنڌ لوڏيائين، ڄڻ ته مون کي سڃاڻندو هجي، مون هن کي ڪونه سڃاتو هو. مون کي هن مونجهاري ۾ ڏسي، هن پنهنجو نالو ۽ ڄاڻ سڃاڻ ظاهر ڪئي. هو سچ پچ منهنجو واقفڪار هو. هو قديم يادگارن جو سٺو پارکو ۽ انهن جو واپاري هو. جنگ کان اڳ، مون هن کان ڪيترائي ناياب قلمي نسخا ۽ ڪتبا وغيره ورتا هئا. هو منهنجي سامهون واري هڪ خالي جاءِ والاري ويهي رهيو ۽ مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو، شروع ۾ اسين اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين، جن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي. پوءِ موضوع مٽائيندي، هن ان سفر جو ڪارڻ ٻڌايو، جنهن تان موٽي رهيو هو. هن چيو پئي ته سندس زندگيءَ جي گذريل ستٽيهن سالن ۾، جي هن قديم شين جي تجارت ۾ صرف ڪيا هئا، اهو هڪ عجيب ۽ نه وسرندڙ واقعو هو. تعارف لاءِ منهنجي خيال ۾، ايترو ڪجهه ڪافي آهي، باقي ڪهاڻي هو اوهان کي خود پنهنجن لفظن ۾ ٻڌائيندو. مان چوڻين ۽ انهن جي نشانين ۾ پئجي، چڪر ۾ چڪر آڻي، اوهان جي ذهنن کي منجهائڻ نٿو چاهيان.

**********

اها ته اوهان کي خبر آهي، (هن چيو) ته جڏهن کان پئسي جو قدم گهٽيو آهي ۽ ڦهلاءُ وڌيو آهي ته منهنجي ڪاروبار ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن، جنگ مان جن جاوا ڪيا آهن، تن کي قدم شين ۽ يادگارن سان وڌيڪ دلچسپي پئي ٿيندي وڃي. انهن وڌندڙ پئسن سان گڏ وڌندڙ خواهشن کي پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ مون جهڙو ماڻهو، جنهن کي خود اهڙين شين سان پيار آهي، سو ته پنهجي گهر جي وسيلن کي بچائڻ ۾ ئي آتو ٿي پيو آهي.

مان جيڪڏهن گراهڪن کي ڇڏي ڏيان ته جيڪر منهجي قميص جا ڪف بٽڻ ۽ ميز جي بتي به کڻي وڃن. ڏينهون ڏينهن وڪڻڻ واري سامان جي گهٽائي پئي ٿيندي وڃي.

ماڻهن وٽ پئسي جو قدر ايترو ته گهٽجي چڪو آهي، جو انهن جي روزبروز وڌندڙ لالچ کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گذريل رات جڏهن مون دڪان تي سرسري نظر وڌي ته قيمتي شين مان ورلي ڪا شيءِ نظر پئي آهي، ۽ ڏسڻ ۾ پئي آيو ته اها حالت جاري رهي ته ستت ئي مون کي دڪان تي تالا چاڙهڻا پوندا! اهو عزت وارو ۽ بهترين ڌنڌو مون کي پنهجي پيءُ ڏاڏي کان ميراث ۾ مليو آهي. پهرين اسان جي دڪان تي ڇا ڪجهه هوندو هو، سو اوهين بخوبي ڄاڻو ٿا، پر هاڻي اتي اهڙو گند ڪچرو وڃي بچيو آهي، جو 1914ع کان اڳ، هڪ ڪٻاڙي به ان کي وڪڻندي شرم محسوس ڪري ها.

ان فڪر ۽ مونجهاري واريءَ حالت ۾، مون کي پنهنجين پراڻين بندين کي کولڻ جو خيال آيو. شايد اهڙي ڪنهن پراڻي گراهڪ جو پتو پئجي وڃي، جو پنهنجي خوشنوديءَ واري زماني ۾ ورتل سامان وڪڻڻ جي برابر هو، پر تڏهن به مون هڪ دفعو اها ڪوشش ضرور ڪئي. ستت ئي مون کي معلوم ٿيو ته انهن گراهڪن مان، جن جنگ کان اڳ سامان ورتو هو، ڪيترا ته مري چڪا هئا، ۽ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ جيئرا وڃي بچيا هئا، سي به اهڙي ڪسمپرستيءَ جي حالت ۾ گهاري رهيا هئا، جو يقين ٿي ويو ته هنن به اهو قيمتي ورثو وڪڻي، کائي کپائي ڇڏيو هوندو، مون کي هڪ اهڙي گراهڪ جا خط هٿ آيا، جو سڀني ۾ ڪراڙو هجو. بشرطيڪ هو جيئرو هجي ها! هو ڪافي جهونو گراهڪ هو، ۽ مان کيس ڪونه سڃاڻندو هوس. 1914ع واري حادثي کان پوءِ، هن اسان وٽان ڪجهه نه ورتو هو. هن جو پويون خط به اڌ صدي اڳ جو هو، تڏهن مهنجو ڏاڏو اهو ڪاروبار هلائيندو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته گذريل ستٽيهن سالن ۾ هو مون سان ڪڏهن به لَهه وچڙ ۾ نه آيو هو.

وهيون ۽ کاتا ٻڌائي رهيا هئا ته اهو انهن قديم سوداين ۽ خبطين مان هو، جن مان ڪي اڃا به جرمنيءَ جي ڀر وارين بستين ۾ رهيل هئا، هن جي لکڻي به عجيب هئي، آرڊر ڏنل هر سامان جي نالي هيٺان ڳاڙهي پينسل جي ليڪ هوندي هئي، ته جيئن ڪو غلطيءَ جو امڪان نه ٿئي. اهي ڳالهيون ۽ سندس ڪم آندل پنن جا ٽڪرا ۽ لفافا ٻڌائي رهيا هئا، ته هو ڪيترو نه ڪنجوس هو. هو صحيح جي نالي هيٺان، پنهنجو سڄو عهدو به لکندو هو، ”فاريسٽ رينجر ۽ اقصادي صلاحڪار، ليفٽيننٽ، رٽائرڊ ۽ فرسٽ ڪلاس آئرن ڪراس تمغمه يافته.“ جيئن ته هو 70-1871ع واريءَ جنگ جو سورمو هو. ان ڪري هن وقت سندس عمر اسي ورهين جي لڳ ڀڳ ته واهه جا هوندي!

پنهنجي انهن ڪنجوساين ۽ سودائن جي باوجود، هن پاڻ ۾ هڪ وڏي جذبي ۽ شوق کي جنم ڏنو هو. اهو هو اُڪر جي فنپارن ۽ نقشن جي نسخن کي ڪٺو ڪرڻ. هن جي آرڊرن جي بغير مطالعي، جي تن ڏينهن ۾ ننڍڙين رقمن جا هئا، ظاهر ڪيو ته جن ڏينهن ۾ جرمن پئسي پئسي تي ڳيتون ڏيندا هئا، تن ڏينهن ۾ هڪ ملڪ جي بيعقل، پاڻ وٽ نقش ۽ اُڪر جا بي انداز فنپارا ڪٺا ڪري رهيا هئا. اهي شيون هن اسان وٽان ته ٿورن پئسن ۾ ورتو هيون، پر هاڻي اهي هن لاءِ وڏي رقم آڻي پئي سگهيون. مون کي يقين ٿي چڪو هو ته هن اهي شيون نيڪال نه ڪيون هونديون. ڇا، هن جي اها ميراث سچ پچ ڇِڙوڇڙ ٿي چڪي هوندي. هن جي آخري خريداريءَ کان پوءِ ان ڌنڌي ۾ ڇا پئي وهيو واپريو؟ اول کان مان هڪ اهڙي واپاري هئڻ جي حيثيت ۾ بلڪل پوريءَ ريت واقف هوس. ان ڪري اهو مون کي ناممڪن پئي نظر آيو ته اهي شيون ڪنهن ٻئي هٿ تائين پهچن ۽ مون کي خبر به ڪانه پوي. جي اهو مري به چڪو هوندو ته سندس وارثن اها ميراث سوگهي ڪري رکي هوندي.

جيئن ته معامو ڪاروباري ضرورت کان اهم ۽ دلچسپ هو. سو مان ٻئي ڏينهن ئي (ڪالهه شام جو) ”سئڪوني“ جي هڪ اوجهڙ واري شهر ڏانهن سفر تي اُسهيس، جڏهن آءٌ ننڍي ريلوي اسٽيشن ڇڏي،بستيءَ جي سوڙهين گهٽين ۾ داخل ٿيس، ته مون کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته ههڙي شهر ۾ مشڪل سان ڪو اهڙو قيمتي ورثو سنڀالجي سگهيو هوندو، جن ۾ يرمبرانيٽ جهڙي فنڪار جي اُڪر جو ڪم، ڊبورر جو ڪاٺ تي نقش ۽ انٽيگاس جو سڄو مڪمل ڪم به هوندو! مون پنهنجي گرهڪ جي ائڊريس پوسٽ آفيس مان حاصل ڪئي ۽ اهو ڄاڻي خوشي ۽ عجب ٿيم ته اڳئين وقت جو فاريسٽ رينجر ۽ اقصادي صلاحڪار اڃا تائين جيئرو هو. مون کي هن جي گهر ڏانهن ويندي عجيب احساس ٿيڻ لڳا ۽ دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويئي، ان وقت ڪَچڙي منجهند هئي.

جنهن شخص جي مون کي ڳولا هئي، سو کُڏي- نما جاين جي قطار ۾ ٻئي طبقي تي رهيل هو. اهي جايون گذريل صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي جون يادگار هيون. هيٺئين طبقي ۾ هڪ درزي ويٺو هو ۽ ڏاڪڻ جي سڄي هٿ تي پوسٽ جي مئنيجر جي نالي جي تختي لڳل هئي ۽ کاٻي هٿ تي ان شخص جو نالو اُڪريل هو، جنهن جي مون کي ڳولا هئي. مون هن کي ڳولي لڌو! منهنجي گهنٽيءَ جي جواب ۾ هڪ اڇن وارن واريءَ ڪراڙيءَ عورت اچي دروازو کوليو. مون هن کي ملاقاتي ڪارڊ ڏيئي، سندس مالڪ سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. هن مون ڏانهن نهاري، ڪارڊ تي هڪ شڪي نظر وڌي، ۽ وري منهن مٿي ڪري، مون ڏانهن گهوريو. اهڙي خاموشيءَ واري بستيءَ ۾، هڪ وڏي شهر واري جو اچڻ، واقعي هنن جي آرام ۽ سڪون ۾ وڏو خلل هو. هن دوستاڻي ۽ نرم لهجي ۾ مون کي هڪ ٻن منٽن لاءِ هال ۾ ترسڻ لاءِ چيو، ۽ پاڻ اندر هلي ويئي. اول مون ڪجهه ڀڻ ڀڻ ٻڌي، ۽ پوءِ هڪ تيز، ڳرو، اتساهه ڀريو ۽ مرداڻو آواز آيو ”ڇا چيئي! مسٽر رئڪنر، برلن واسي، پراچين سامان جو واپاري؟ مون کي ته ان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“ ان کان پوءِ ڪراڙي عورت وري ظاهر ٿي ۽ مون کي اندر اچڻ لاءِ چيائين. مون پنهنجو اوور ڪوٽ لاهي هٿ ڪيو. ۽ هن جي پويان اندر داخل ٿيس، غريباڻي نموني سجايل هڪ ڪمري جي وچ ۾ هڪ مرد مون سان ملڻ لاءِ آتو بيٺو نظر آيو. هو ڪراڙو، پر سگهارو هو. شهپر گهاٽا هئس ۽ هڪ نيم فوجي خاڪي صدري پاتل هيس. نهايت سٻاجهي نموني، هن پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي مون ڏانهن وڌايون. حالانڪ سندس اکيون به چمڪندڙ هيون، پر اهي سندس بت ۽ ڊول جي مناسبت سان اوتريون تيز ۽ ڦڙت نه هيون. هو مون ڏانهن وڌڻ بجاءِ اتي ئي بيٺو رهيو ۽ مجبوراً مون کي هن ڏانهن وڌي وڃڻو پيو. ان ڳالهه تي مون کي سچ پچ ڪاوڙ به آئي. پوءِ مون وري اهو به محسوس ڪيو ته هن جو هٿ مون ڏانهن ڪونه پئي وڌيو، ۽ وري به مون کي ئي اڳرائي ڪرڻي پيئي. آخر مون کي ان جو مطلب سمجهه ۾ آيو. هو ويچارو انڌو هو.

مان ننڍپڻ کان ئي انڌن جي صحبت ۾ بي آرامي محسوس ڪندو آهيان. اهڙي ماڻهوءَ جي صحبت ۾، جيڪو جيئري هجڻ جي باوجود پنهنجن حواسن کان ڪم نه وٺي سگھندو آهي، مون کي ڪوفت، پريشاني ۽ شرم محسوس ٿيندو آهي. هن جي اڇن ڀروئن هيٺان ٻن بي نور اکين مان، مون هن جا جذبا ۽ احساس پَروڙي ورتا، ۽ وڌيڪ سوچڻ ڇڏي ڏنو. ان انڌي به مون کي گهڻو وقت پريشان ۽ منجهيل نه رهڻ ڏنو، ۽ خوشيءَ سان ڳري آواز ۾ تعجب جو اظهار ڪيو.

”ڪهڙو نه خوش نصيب آهيان! تو جهڙو وڏو ماڻهو برلن مان ڪهي مون سان ملڻ اچي، اهو واقعي هڪ معجزو آهي. پر ان ۾ ڪو خير نه هوندو. ”هن غير سنجيده ٿي چيو. ”تون ته پاڻ سياڻو آهين. اسان وٽ هڪ چوڻي آهي ته ’جڏهن خانه بدوش اوهان جي ارد گرد پهچن ته يڪدم پنهنجا ڪوٽ جا بٽڻ ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو.‘ مان سمجهان ٿو ته اوهان ڪيئن تڪليف ورتي آهي. ڌنڌي ماٺي پوڻ تي واپاري، هميشه پنهنجا پراڻا گراهڪ تاڙيندو آهي. پر افسوس اٿم جو اوهان کي نراس موٽڻو پوندو. اسين ته اڄڪلهه مانيءَ ڳڀي ۾ ئي پورا آهيون. رڳو پينشن تي ماڻهو ڪيترو وقت جالي سگهندو! ڪي ڏينهن هئا جو مان اهڙين شين جو حد کان وڌيڪ ڳولائو ۽ مشتاق هوندو هوس، پر هاڻي اهي ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، ۽ مون ۾ خريداريءَ جي سگهه ڪانه رهي آهي.“

مون ستت ئي هن کي ٻڌايو ته هو غلط سوچي رهيو هو، ته مان ڪو هن وٽ واپاري مقصد سان آيو هوس، بلڪ مون راهه ويندي اهو ضروري سمجهيو ته پنهنجي پراڻي مهربان ۽ قدردان گراهڪ وٽان به سلامي ٿيندو وڃان. منهنجي واتان اهي لفظ نڪتا ئي مس، ته هن جي چهري جي ڀاونائن ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. هو اتي بيٺو ۽ سندس چهرو ٻهڪي رهيو هو. هو سراپا فخر ٿي ويو هو. هن پنهنجو ڪنڌ ان طرف موڙيو، جتي سندس زال بيٺي هئي. هن ائين ڪنڌ لوڏيو، ڄڻ کيس چئي رهيو هو ’ٻڌئي!‘ پوءِ هن وري مون ڏانهن منهن ڪيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن جو لهجو ڪافي نرم ۽ ماٺيڻو هو.

”توهان جي اهي ٿورا ته عمر ڀر نه لاهي سگهندس.... مان پنهنجي اڳينءَ روش تي واقعي نادم آهيان. بهرحال، مون وٽ ڪافي ڪجھه آهي، جو ڏسي اوهين خوش ٿيندا، ان کان وڌيڪ جو ڪجهه اوهان برلن، آلبرٽائين يا لووري ۾ ڏسي سگهو ٿا. جو ڪجهه هڪ پنجاهه سالن واري خطبيءَ وٽ هوندو، سو ڪنهن ٻئي هنڌ هئڻ مشڪل آهي. لزبيٽ، مون کي ڪٻٽ جي ڪجي ته ڏجانءِ.“

هاڻي هڪ عجيب ڳالهه ٿي. هن جي ڪراڙي زال جا اسان جي گفتگو هڪ هلڪيءَ مرڪ سان ٻڌي رهي هئي، ايترو ٻڌي ڇرڪي ۽ وائڙي ٿي ويئي. هن پنهنجا هٿ ٻڌي مون ڏانهن ڪيا ۽ ڪنڌ لوڏيو. مان ان اشاري جو مطلب نه سمجهي سگهيس ۽ منجهي پيس. پوءِ هوءَ وڌي مڙس ڏانهن ويئي ۽ هن جي ڪلهن تي هٿ رکي چيائين:

”فرانز پيارا، تو مهمان کان پڇڻ ته وساري ڇڏيو ته متان هن کي ڪنهن ٻئي هنڌ به ڪم ڪار هجي. ۽ ان کان سواءِ هاڻي ٽپهريءَ جو وقت به آهي.... مون کي افسوس آهي.“ هن مون ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”اسان وٽ ايترو ڪجهه نه آهي، جو اوير سان آيل مهمانن کي کارائي سگهون. اوهان کي ته ٽپهرو سراءِ ۾ ڪرڻو هوندو نه؟ جي اوهين ان کان پوءِ اسان وٽ ڪافي پيئڻ پسند ڪريو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. ان وقت منهنجي ڌيءَ ميريا به هت هوندي، ۽ ان کان انهن قديم شين جي مون کان وڌيڪ واقفيت آهي.“

هن هڪ دفعو وري نماڻين اکين سان مون ڏانهن نهاريو. ان مان صاف صاف بکي رهيو هو ته مون کي ٻاڏائي رهي هئي، ته مان اهي شيون اتي جو اتي ان ئي وقت ڏسڻ کان انڪار ڪريان. مان اشارو سمجهي، اٿي کڙو ٿيس ۽ کين  ٻڌايم ته منهنجي ماني گولڊ اسٽيج تي آهي، جتان ٿي، مان وري وٽن ايندس ۽ جو ڪجهه فرانز ڪرانفيلڊ ڏيکارڻ چاهيندو، خوشيءَ ۽ مسرت سان ڏسندس. مون کين اهو به ٻڌايو ته مون کي ڇهين بجي واري گاڏيءَ ۾ برلن موٽڻو آهي.

ڪراڙو شخص هڪ اهڙي ٻار وانگر اداس ۽ اٻاڻڪو ٿيو بيٺو هو، جنهن جي هٿن مان ڪو دلپسند رانديڪو کسيو ويو هجي.

”ائين به ٺيڪ آهي.“ هن گُهٽيل آواز سان چيو، ”مون کي خبر آهي ته توهان برلن واسين کي وقت جو ڏاڍو قدر هوندو آهي، پر تڏهن به اميد اٿم ته اوهين مون مسڪين لاءِ هڪ ٻه ڪلاڪ وقف ڪري سگهندا. مان توهان کي نادر ۽ ناياب شيون ڏيکاريندس. مون وٽ ڪل ستاويهه پورٽ فوليا آهن، ۽ انهن ۾ هرهڪ کي پنهنجي انفراديت آهي.“

هن جي زال مون کي در تائين ڇڏڻ آهي. داخلا واري هال ۾ پهچي، ٻاهريون دروازو کوليندي، هن مون کي چيو:

”جي اوهان جي موٽڻ کان اڳ ميريا اوهان سان ملڻ اچي، ته دل ۾ ته نه ڪندؤ؟ ڪيترن سببن ڪري اهو بهتر آهي ۽ اهي سبب مان هاڻي واضح ڪري ڪانه ٿي سگهان.“

”بيشڪ، بيشڪ، وڏيءَ خوشيءَ سان. آءٌ مانيءَ تي به اڪيلو هوندس. اَناميريا سڌوئي مون وٽ اچي سگهي ٿي.“

ڪلاڪ کن کان پوءِ، جڏهن مان ماني کائي گئلريءَ ۾ پسار ڪري رهيو هوس، ته اناميريا ڪرانفليڊ به آئي. هوءَ عمر ۾ چڙهيل عورت هئي ۽ سادي پوشاڪ پهريل هيس. چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ ۾ هوءَ عمر کان چڱو گهٽ پئي لڳي. هوءَ ڪافي پريشان ۽ منجيهل هئي. هن جي سڀاءَ مون کي به مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. مون هن کي آرام ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو، ايتري قد جو ڪلاڪ اڳ ئي پڻس وٽ هلڻ جي خواهش به ڏيکاريم. پر ان خواهش تي هوءَ وڌيڪ پريشاني ٿي ويئي. آخرڪار هن چيو ته هلڻ کان اڳ هوءَ مون سان ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهي. منهنجي ’ها‘ ڪرڻ تي، هن تيار ٿي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن ڳالهائڻ چاهيو پئي، پر سندن زبان جواب ڏئي چڪي هئي. هن جا هٿ پير ڏڪي رهيا هئا. آخرڪار، گهڻيءَ دير کان پوءِ کُلي:

”مون کي امان موڪليو آهي ته اوهان کي وٺي هلان. اوهين اتي پهچندؤ ته يڪدم بابا اوهان کي پنهنجي ڪٺي ڪيل حياتيءَ جي موڙي ڏيکاريندو، ۽ اها ميراث-ميراث، اها ته بلڪل....“

هوءَ ٿوري لاءِ ترسي، سڏڪا ڀريائين ۽ بنان ساهيءَ پٽڻ جي اڳتي وڌي ”اوهان سان ڪهڙو ڪوڙ...اوهين ته پاڻ ڄاڻو ٿا ته اڄڪلهه اسان تي ڪهڙا نه ڏکيا ڏينهن اچي پيا آهن، جنگ شروع ٿيڻ سان ئي بابا پنهنجي اکين جو سوجهرو وڃائي ويٺو. سندس نظر جهڪي ٿيڻ ته ڪڏهن کان شروع ٿي هئي. حالانڪ هو ستر کي اچي پهتو هو، تڏهن به ٻيءَ جنگ ۾ وڃڻ جون سڌون ڪندو هو. پر قدرتي طور، هن کي فوج ۾ کٽڻ جو ڪو سبب ئي ڪونه هو. اسان جي فوجين جي رڪجي وڃڻ واريءَ خبر هن جي دماغ کي ڪافي صدمو رسايو ۽ هو، صفا نور وڃائي ويٺو. نه ته هونئن، جيئن اوهان پاڻ ڏٺو، هو هر لحاظ کان مضبوط ۽ سٻر آهي. 1914ع کان اڳ ته هو سير ۽ شڪار ڪري وقت گذاريندو هو، پر پوءِ هن جي رڳو هڪڙي ئي وندر وڃي بچي آهي، روزانو پنهجي ڪٺي ڪيل ميراث ڏسڻ ۽ اها هو هر روز ڏسندو آهي. ’ڏسندو ئي آهي‘، حالانڪ هو ڪجهه به نٿو ڏسي! هر شام جو هو فوليا کولي ميز تي رکندو آهي ۽ هر تختي جي اُڪر تي آڱريون گهمائيندو ويندو آهي. دنيا ۾ ان کان سواءِ، هن لاءِ ٻي ڪابه دلچسپي ڪانه رهي آهي. هو مون کي انهن نيلامن جون ڪاروايون به ٻڌائيندو آهي، جن ۾ هن اهي خريد ڪيون هيون، ۽ جيئن جيئن واڪ وڌندو ويندو آهي، تيئن تيئن هو وڌيڪ اتساهه ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو آهي.

”هاڻي مان توهان کي ڪهاڻيءَ جي خطرناڪ موڙ ڏانهن وٺي ٿي هلان. پئسي جو اگهه ڪيترو ڪري پيو آهي، اسان جي ڇا حالت وڃي ٿي آهي، ۽ هن جي پينشن اسان لاءِ پورو پيٽ قوت به نٿي آڻي سگهي، سا سڌ بابا کي مور ڪانه آهي. ان کانسواءِ، اسان کي ٻيا سر به پالڻا ٿا پون. منهنجيءَ ڀيڻ جو مڙس ٻيءَ مهاڀاري جنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ ان کي چار ٻار به آهن. اسان کي هن پنهنجين مالي مشڪلاتن کان بلڪل بيخبرو رکيو آهي. اسان پيٽ سان پٿر ٻڌي به خرچ گهٽائيندا ٿا رهون. اسان پنهنجي گهر جو سامان نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سڄو گهر اُگهي ڇڏيوسين، سواءِ هن جي ميراث جي. حالت اتي اچي پهتي، جو ڪو سامان به وڪڻڻ لاءِ نه بچيو. بابا سڀ پئسو وڃائي، رڳو ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جون تختيون ئي ڪٺيون ڪيون هيون. ڪيترو نه خطبي هو! خير، آخر اسان اڳيان اهو سوال اٿيو ته اسان کي ان ميراث ڏانهن هٿ وڌائڻ گهرجي، يا بک ۾ پاهه ٿي مرڻ گهرجي. اسان نه هن کي سڌ ڏني ۽ نه ئي کانئس موڪل ورتي. فائدو ئي ڪهڙو ٿئي ها؟ هن کي اها سڌ ئي ڪانه هئي ته حياتي ڪيتري مهانگي ٿي چڪي هئي. هن کي ته اها سُڌ ڪانه آهي ته ڪو جرمنيءَ هارايو آهي. اسين هن کي اهڙيون خبرون پڙهي ڪونه ٻڌائيندا آهيون.

”پهريائين جا شيءِ اسان وڪي، سا قيمتي هئي. ريمبرانيٽ جو ڪاٺ تي هڪ بهترين نقش. دڪاندار اسان کي ان لاءِ رقم به ججهي ڏني- ڪيترائي هزار فرانڪس. اسان سوچيو ته اها رقم ڪي سال هلندي. اوهان کي خبر آهي ته پئسي جو اگهه 32-1933ع ۾ ڇا هو؟ پنهنجين ضرورتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ، باقي رقم اسان بئنڪ ۾ جمع ڪرائي. پر ٻن مهينن ۾ ئي اها ختم ٿي وئي! اسان کي ٻيو نقش وڪڻڻو پيو ۽ ان کان پوءِ وري ٽيون. اهڙيءَ طرح ... اهو سڀ ڪجهه اهڙن وقتن تي ٿيو، جڏهن پئسي جو قدر روز بروز گهٽجي رهيو هو. هر ڀيري دڪاندار اسن سان اينگهه ڪندو هو، ۽ آخرڪار، مجبور ٿي، اسان کانئس باسيل رقم جو ڏهون حصو به وٺڻ تي آماده ٿي وياسين. بک ڪهڙي شيءِ آهي، سو ته اوهين بخوبي ڄاڻو ٿا. اسان نيلام گهرن رستي به انهن جي نيڪال جي ڪوشش ڪئي، پر اتي به اسان سان ٺڳي ٿيندي رهي. واڪ ته لکن تائين ويندا هئا، پر اسان جي هڙ ۾ هزار به مشڪل سان پوندا هئا. اهڙيءَ ريت، اسان جي ابي جي اها ميراث، اسان جي بکئي پيٽ جو بَک ٿي وئي.

”اهو ئي سبب آهي جو اڄ اوهان جي اچڻ تي امان ڇرڪجي ويئي هئي. جي ان وقت پورٽ فوليا کلن ها، ته اسان جي حرڪتن جو پردو لهي پوي ها. هر شيءِ کي هٿن سان ڏسندو آهي. اوهين پاڻ ڏسندؤ ته اسان هي نقش جي جاءِ تي ان ماپ ۽ وزن جي ڪاٺ ۽ پاٺي جي تختي رکي ڇڏي آهي، ته جيئن هن کي محسوس نه ٿئي ته سندس ميراث مان ڪا شيءِ کٽي آهي. هو سڀ هٿن سان ڏسي ۽ ڳڻي، ايتري خوشي حاصل ڪندو آهي، ڄن اکين سان ڏسي رهيو هجي. اکين وڃائڻ کان پوءِ، هن اها ميراث ٻئي ڪنهن کي به ڪانه ڏيکاري آهي. ڪنهن جو هت اچڻ ئي ڪونه ٿو ٿئي، هن کي پنهجيءَ ان ميراث سان ايترو ته چاهه ۽ پيار آهي، جو جيڪڏهن کي اها خبر پوي ته اها وٽس موجود نه آهي، ته جيڪر ان صدمي سهڻ لاءِ به جيئرو رهي نه سگهندو.“

ان ڪري، اوهان کي منهنجي التجا آهي.“ هن جو آواز ويهجي ويو هو. ”ته اوهين هن تخيل ۽ تصور ڀريءَ دنيا کي برباد ڪندا، هن جو ايمان نه وڃائيندا، ائين نه چوندا ته هو هاڻي خالي پٽيون اٿلائي رهيو آهي. هو ان ٻڌڻ کان پوءِ بچي نه سگهندو. شايد اسان هن سان وڏي بي انصافي ۽ دوکيبازي ڪئي آهي. اسين ٻيو ڪري به ڇا پئي سگهياسين؟ جيئن ته هر ڪو چاهيندو آهي. يتيم ٻار انهن قديم نسخن کان وڌيڪ املهه ۽ پيرا آهن. اڄ هن جي نابينائي واري حياتيءَ ۾، عجيب ۽ انوکو تجربو ٿيڻو آهي. هو ڪيترو نه وياڪل رهندو هو، ته ڪنهن ماهر کي اهي شيون ڏيکاري! جي اوهين اسان سان ٺڳيءَ ۾....“

مون کي اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن، جن سان اوهان کي ٻڌائي سگهان ته سندس ان درخواست ۾ ڪيترو نه درد هو. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي سانحا ڏٺا آهن، ماڻهن کي زير و زبر ٿيندو ڏٺو آهي، پر منهنجي دل انهن تي ڪڏهن نه رني آهي، جيترو اناميريا جي ڪهاڻيءَ تي منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مان رڳو اوهان کي ايترو ٻڌائي ٿو سگهان ته مون هنن سان منصوبي ۾ شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

مان هن سان گڏجي سندس گهر ويس، رستي ۾ مون کي اهو ڄاڻي ڏاڍو ڏک ٿيو (اچرج بلڪل نه) ته هن رحمدل ۽ اڻڄاڻ عورت ڪيتريون ئي املهه ۽ اڻلڀ شيون، ڪِين جيتريءَ رقم ۾ وڪڻي ڇڏيون هيون. مون هڪ دفعو پڪو پهه ڪيو ته مون کي هنن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. ڏاڪڻ چڙهندي ئي اسان هڪ خوشيءَ جو آواز ٻڌو ’اچو! اندر اچو!‘ اهي لفظ ان انڌي جا هئا، جنهن اسان جي قدمن جا آواز سڃاڻي ورتا هئا، جن لاءِ هو گهڻي دير کان انتظار ڪري رهيو هو.

”فرانز هميشه ٽپهريءَ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ ٽنگون ڊگهيريندو آهي، پر اڄ شوق هن کي سمهڻ ئي ڪونه ڏنو آهي.“ ڪراڙي عورت اسان کي اندر وٺي هلندي چيو. هن ڌيءَ تي هڪ نظر وجهڻ سان ئي معلوم ڪري ورتو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو. ميز تي فائيلن جا سٿا پيا هئا. انڌي شخص مون کي ٻانهن کان ڇڪي پاسي ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهاريو، جا اڳ ۾ ئي مون لاءِ رکي ويئي هئي.

”اسان کي جلد شروع ڪرڻ گهرجي. ڏسڻو گهڻو ڪجهه اٿئون، ۽ وقت ٿورو آهي. پهرئين فائيل ۾ ڊيورر جا فنپارا آهن. ان جو مون وٽ مڪمل سيٽ آهي. هڪ ٻئي کان سرس، تون پاڻ ئي امين ٿجانءِ.“

هن سلسلئه ڪلام جاري رکندي، هڪ فائيل کوليو. ”اسين ائپوڪيلسپي کان شروع ٿا ڪريون.“

پوءِ نهايت ئي هوريان ۽ نزاڪت سان، جيئن ڪو ڪنهن قيمتي نازڪ شيءِ کي ڇهندو هجي، هن هڪ خالي پاٺي جي تختي کنئي ۽ داد طلب اظهار سان اها پنهنجي منهن ۽ بي نور اکين اڳيان آندي. هن جي نظرن ۾ ايتري ته چمڪ ۽ مسرت هئي، جو اهو مڃڻ ناممڪن پئي نظر آيو ته هو ڪو انڌو هو.

”توهان ڪڏهن هن کان سٺي شيءِ ڏٺي آهي؟ ڪيترو نه سهڻو ۽ باريڪ نقش آهي! هر هڪ شيءِ چٽي ۽ صاف ٿي نظر اچي. هڪ دفعي مون هن کي ڊريسڊن جي اُڪر سان ڀيٽيو هو. اها به سٺي شيءِ هئي، پر هن اڳيان تڇ هئي.“

هن تختيءَ طرف ايترو ته اعتماد ۽ يقين سان اشاروڪيو، جو مان به مجبور ٿي، رضاڪارانه طور اڳتي جهڪي، خالي تختيءَ تي پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.

”هي نيلگر جي مهر جو نقش آهي، جا پوءِ ريمي ۽ ايڊائلي وٽ هئي. هنن کي اهو وهم ۽ گمان به نه هوندو ته سندس مهر مون مسڪين جي گهر به پهچي ويندي!“

هن کي پنهنجو هٿ تختيءَ ڏانهن وڌائيندو ڏسي، مان ڏڪي ويس، ۽ جڏهن هن پنهنجون آڱريون اتي ڦيرائڻ شروع  ڪيون، جتي هن جي لاءِ نقش هو، ته منهنجي بت مان سيسراٽ نڪري ويا. ڊيورر جي روح ڄڻ قبر مان نڪري، اسان جي مٿان اچي بيٺو هو. منهنجي زبان تارونءَ سان وڃي لڳي، ۽ تيستائين وائڙو ويٺو رهيس، جيستائين منهنجون نظرون مظلوم ماءُ ۽ ڌيءَ جي چهرن تي نه پيون. مان پنهنجا حواس ڪٺا ڪري، پنهنجي پارٽ پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس، ۽ زور سان تعجب جو اظهار ڪري چيم:

”واقعي! توهين بجا ٿا فرمايو. هيءَ واقعي ناياب چيز آهي.“

هو فخر ۾ ڀرجي ويو.

”پر اهو ته اڃا ڪجهه نه آهي!“ هن اڳتي چيو. ”هي ٻه شيون ڏسو، ’سوداءَ‘ ۽ ’شوق‘! پوئينءَ جو ته توهان کي مثال ئي نه ملندو. قديم هوندي به، ائين پيو لڳي، ڄڻ ڪالهه چٽجي تيار ٿي آهي. برلن وارا تنهنجا ڌنڌي ڀائي ۽ پبلڪ گئلرين جا محفاظ، هي ڏسي، ساڙ ۾ سڙي، رک ٿي ويندا!“

مان تفصيل ڏيئي توهان جي طبيعت پريشان ڪرڻ نٿو چاهيان. اهو دکدائڪ سلسلو پنهنجين سمورين پيڙائن ۽ ذهني ڪوفت سان ٻه ڪلاڪ جاري رهيو ۽ هڪ پٺيان ٻيو فائيل کڄندو رهيو. مان اهو سمورو وقت اهي خالي تختيون غور سان ڏسي، موقعي مناسبت سان داد ڏئي رهيو هوس. ان لاءِ انڌو مالڪ ايترو ته سنجيدو ۽ حقيقت پسند پئي نظر آيو، جو آخرڪار مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هن جي انهيءَ انڌي اعتماد ۾ مون به انڌو يقين پيدا ڪري ڇڏيو هو.

رڳو هڪ دفعي اڻ سهائيندڙ واقعو ٿيو. هو مون کي ريمبرانيسٽ جو ”ائنٽيوپي“ ڏيکاري رهيو هو، جا واقعي بي بها چيز هئي ۽ بلڪل ڪين جهڙي اگهه تي وڪي ويئي هئي. نقش جي باريڪيءَ تي بحث ڪندي، هن پنهنجون آڱريون ان طرف وڌايون. حساس آڱرين جي ڇهاءَ کان ڪا شيءِ گسي پئي وئي. هن جو منهن لهي ويو، ۽ وات عجب مان کلي ويس.

”يقيناً، يقيناً، هي ’ائنٽيوپي‘ آهي. مون کان سواءِ ٻيو ڪو به هنن کي هٿ نه لائيندو آهي. پوءِ باقي اهو گم ڪيئن ٿي سگهندو؟“ هن چيو.

”واقعي هي ’ائنٽيوپي‘ آهي، ڪرانفيلڊ‘“ مون تڪڙ ۾ هن جي هٿن مان ڪوري تختي کسيندي چيو. پوءِ ان جي تعريف ۾ اهو سڀ ڪجهه چيو، جنهن جي مون کي ڄاڻ هئي.

هن جي پريشاني گم ٿي ويئي. جيترو وڌيڪ مون واکاڻ پئي ڪئي، اوترو وڌيڪ ٿورو پئي مڃيندو ويو. آخرڪار هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين:

”هيءُ ئي ماڻهو آهي. جنهن کي منهنجي ميراث جو قدر آهي! توهين ته منهنجن انهن خرچن تي سدائين ڪُرڪو ڪنديون آهيو. مون کي هن بي بها ميراث لاءِ، پنهنجي من ۽ تن کي تسيا ڏيڻا پيا. مون شراب پيئڻ، ناٽڪ ڏسڻ، تمام واپرائڻ ۽ سير سفر ڪرڻ، سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو. رڳو هن لاءِ اڄ اوهان جي منهن تي مسٽر ريڪنر انهن جي واکاڻ وڏائي ڪري رهيو آهي. منهنجي مرڻ پڄاڻا اوهين ملڪ جا وڏا امير ۽ شاهوڪار ليکجڻ ۾ ايندؤ. پوءِ توهان لاءِ ڪافي سبب پيدا ٿي پوندا ۽ منهنجي ان ’خبط‘ جون ٿورائتيون ٿيندؤ. پر جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين توهين هن کي هٿ نه ٿيون لائي سگهون. منهنجي قبر داخل ٿيڻ پڄاڻا، هي ماهر توهان کي هنن جي نيڪال ۾ مدد ڪندو. في الحال منهنجي پينشن ئي ڪافي آهي....“

هن جي زبان سان گڏ، سندس آڱريون به هلي رهيون هيون. اهو منظر انتهائي دکدائڪ ۽ آزاريندڙ هو. ڪيترن سالن لاڪر، اصل 1914ع کان پوءِ، مون ڪنهن به جرمن جي چهري تي ايتري ٻَهڪ ۽ خوشيءَ جي جهلڪ نه ڏٺي هئي. هن جي زال ۽ ڌيءَ ڳوڙهن ڀريل اکين سان مون ڏانهن نهاري رهيون هيون. آخر فوليا ميز تان کنيا ويا ۽ ڪافي پيئڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون.

منهنجي ميزبان جي منهن تي ٿَڪ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. هو اڳي کان نؤبنو پئي نظر آيو. هن ڳالهين پٺيان ڳالهيون پئي ڪيون. هن اها ميراث ڪٿان ورتي هئي، ڪيئن ورتي هئي ۽ ڪڏهن ورتي هئي؟ هن جي ڳالهين جا موضوع هئا. هڪ دفعو ته هن وري نقشن جي ڏسڻ لاءِ خواهش ڏيکاري، پر سندس زال ايترو چئي هن جي ارمانن کي ختم ڪري ڇڏيو، ته مهمان کي ڇهين وڳي واپس وڃڻو آهي. ان تي هن جي منهن جو رنگ لهي ويو هو.

آخرڪار هو منهنجي موڪلائڻ تي آماده ٿيو ۽ اتي موڪلاڻي ڪيائين.. هن جو آواز ڀريل هو ۽ منهنجي هٿن کي هو زور سان دٻائي رهيو هو.

”اوهان جي ملاقات مون کي انتهائي خوشي بخشي آهي.“ هن ڀريل ۽ جهڪي آواز ۾ چيو. ”مون کي پنهنجي ميراث هڪ قابل ۽ ڄاڻو ماهر کي ڏيکاري، ڪيتري خوشي ٿي آهي، سو اوهين جيڪر سمجهي سگهو! مان اوهان جي احساسن جو وس آهر بدلو چڪائڻ ڄاڻان ٿو. مان پنهنجيءَ وصيت ۾ لکي ويندس ته منهنجي مرڻ پڄاڻا، منهنجي هيءَ ميراث اوهان جي فرم معرفت نيڪال ٿئي. هن پنهنجا هٿ فائيلن طرف ڊگهيريا. ”اوهين انجام ڪريو ته هنن جي بهترين فهرست ٺهندي، ۽ چڱي نموني نيڪال ٿيندا!“

مون ٻنهي عورتن ڏانهن نهاريو، جي انتهائي صبر ۽ ضبط کان ڪم وٺي پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي لڪائي رهيون هيون. هنن کي ڀؤ پئي ٿيو ته متان سندس سڏڪن جو آواز ڪراڙي جا سرلا ڪن جهٽي وٺن. مون ناممڪن ڪم جو انجام ڪيو، ۽ هن کان موڪلاڻي ڪئي.

زال ۽ ڌيءَ مون کي در تائين ڇڏڻ آيون. هنن جي زبان بند ٿي چڪي هئي، رڳو ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي رهيا هئن. جن ۾ شڪراني ۽ غم ٻنهي جي جهلڪ هئي. منهنجي حالت به هنن کان گهٽ ڪانه هئي. مان هڪ پراچينتا جو واپاري هوس ۽ واپار سانگي آيو هوس، پر ان مان پيدا ٿيل حالتن ٻڌايو ته مان هڪ نيڪيءَ جو فرشتو هوس، جو هڪ اهڙي بديءَ ۾ ساٿ ڏيڻ آيو هوس، جنهن سان هڪ روح کي راحت پئي ملي.

ڪيتري نه شرم جي ڳالهه هئي جو مان ڪوڙ ڳالهائي به خوش پئي ٿيس، پر ان ڪوڙ هڻندي ۽ ضمير جي خلاف هلندي به مون اهڙو آنند پئي محسوس ڪيو جو سالن کان نصيب نه ٿيو هوم.

جڏهن مان ڏاڪڻ لهي گهٽيءَ ۾ هلڻ لڳس، ته پويان دريءَ جي کلڻ ۽ پنهنجي نالي جو آواز ٻڌم. هو انڌو هو، پر ڄاتائين پئي ته مان ڪهڙي رستي ويندس. هو دريءَ کان ايترو ته ٻاهر نڪري آيو هو جو سندس ساٿي کيس ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ ڀاڪر وجهيو بيٺا هئا. پنهنجو رومال لوڏيندي، هن زور سان چيو: ”خدا دڳ نه منجهائيندو. مسٽر ريڪنر!“

هن جو آواز پڙاڏي وانگر ڦهلجي ويو. مون کي اهو ٻهڪندڙ ۽ پرمسرت چهرو ڪڏهن به وسرندو، جو گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهن جي چهرن وانگر اداس ۽ مغموم نه هو. سندس تصوراتي ۽ خيالي دنيا، جنهن کي مان وڌيڪ مضبوط ڪري آيو هوس، تنهن سندس زندگي حسين ۽ بيفڪر بنائي ڇڏي هئي. گوئٽي به ائين چيو آهي ته”پراچين شيون ڪٺيون ڪندڙ سڀ کان وڌيڪ آنند ۽ سنتوش ماڻين ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com