گائي ڊي – موپاسان (فرانس)
هار
هوءَ انهن دل لُڀائيندڙ ۽ حسين ڇوڪرين مان هڪ هئي، جيڪي
بدقسمتيءَ سان سماج جي هيٺانهين طبقي ۾ پيدا
ٿينديون آهن. هن کي نه ڪو ورثو ئي مليو هو، ۽ نه
وري ڪي سوکڙيون. هن جي دل ۾ ڪنهن اُچي پد واري
ماڻهوءَ سان ملڻ جي امنگ ئي نه پيدا ٿي هئي، جيڪو
کيس سمجهي سگهي ها، پيار ڪري ها ۽ ساڻس شادي ڪري
ها. ان ڪري ئي هوءَ تعليم کاتي جي هڪ ننڍي ڪلارڪ
سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي هئي.
هوءَ هميشه سادو پهريندي هئي، ان ڪري جو هن پاڻ ۾ اوچي پوشاڪ
پهرڻ جي سمرٿي ئي ڪانه پئي ساري. هوءَ هميشه پاڻ
کي ائين خاموش محسوس ڪندي هئي، ڄڻ ته پاڻ کان به
ننڍي طبقي ۾ شادي ڪئي هئائين. عورتن جي وڏائي، ذات
۽ نسل تي مدار نه رکندي آهي. سونهن، سوڀيا ۽ دلڪشي
سندن جنم ۽ پالنا جي جڳهه پيدا ڪنديون آهن. ان کان
سواءِ، فطري نزاڪت ۽ سڱابندي به سندن وڏ ماڻهائپ
جو سبب ٿينديون آهن، جيڪي هيٺانهين طبقي جي
ڇوڪريءَ کي عروج ڏيئي، وڏين امير گهراڻي جي عورتن
جي درجي تي آڻي بيهارينديون آهن، هن جو پختو
اعتقاد هو. ته هوءَ هر قسم جي عيش ۽ راحت ماڻڻ
لاءِ ڄائي هئي. خانداني حالتون، گهر جون نيچ ڀتيون
ٽٽل ڦٽل فرنيچر ۽ ٻيو غليظ سامان، سندس روح کي سخت
تڪيلف پهچائيندا هئا. اهي ڳالهيون جيڪي ان طبقي
جون عورتون ورلي ڌيان تي آڻينديون هيون، کيس سخت
اذيت پهچائينديون هيون، ۽ سندس دل رنج سان ڀرجي
ويندي هئي. هن جو مڙس، برٽن لوئزل، سخت پورهيت
انسان هو، جنهن کي ڏسڻ شرط منجهس اڪيلائيءَ جا
احساس ۽ اجاين خيالن جا جذبا جاڳندا هئا. ڪڏهن
ڪڏهن ته هوءَ انهن خيالن ۾ کوئجي ويندي هئي. خيالن
ئي خيالن ۾، هوءَ پاڻ کي هڪ سهڻي ۽ ڪشادي ڪمري ۾
ويٺل ڀائيندي هئي. اهو ڪمرو مشرقي طرز تي سينگاريل
هوندو هو، جنهن ۾ شاندار شمعدان روشن هوندا هئا، ۽
چوڪيدار، بخاري جي ڀرسان تؤ وٺندي وٺندي ڪرسين تي
ويٺي ئي پيا اوجهرندا هئا. اهڙيءَ طرح هوءَ
عاليشان ڊرائينگ- رومن جا خواب لهندي هئي، جن ۾
ريشمي پردا ٽنگيل هوندا هئا، ۽ عاليشان ميزون،
بهترين سينگار جي سامان سان سجايل، مناسب جڳهين تي
پيون هونديون هيون. هوءَ خواب لهندي هئي. اهڙن
ڀڙڪيلن ڪپڙن جا، جيڪي شام جي وقت گهرن دوستن ۽ وڏن
ماڻهن سان ملاقات وقت پهربا آهن، ۽ جن جي ڪري انهن
جو ڌيان هڪدم عورتن ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي.
هوءَ رات جي کاڌي لاءِ هڪ گول ميز تي اچي ويهندي هئي. سندس ڪپڙا
ٽن ڏينهن جا ميرا هوندا هئا. جڏهن سامهون ويٺل
سندس مڙس شوروي جي ٿانوَ تان ڍڪ هٽائي، عجب مان
چوندو هو، ”ڪهڙو نه مزيدار ۽ منهنجي پسند وارو
شوروو آهي!“ ته ان وقت هن جي ذهن ۾ هڪ عاليشان ڊنر
جو خيال هوندو هو- چانديءَ جا چمچا ۽ ڪانٽا، هڪ
شاندار ڊائينگ روم، جنهن جي ڀتين تي پکين ۽ باغن
جا لاثاني نقش اُڪريل هوندا هئا. هوءَ لذيذ طعامن
جا خواب لهندي هئي، جي سندس اڳيان خوبصورت پليٽن ۾
پيل هوندا هئا- ۽ ٻئي طرف، سندس مڙس سادي ۽ خسيس
کاڌي کائڻ ۾ رڌل هوندو هو.
هن کي ڪوبه سٺو چولو ڪونه هو، ڪوبه ڳهه ڳٺو ڪونه هو، ڪجهه به
نه، تڏهن به هن کي ڪنهن شيءِ جي پرواهه نه هوندي
هئي. کيس احساس هوندو هو ته هوءَ ڄائي به انهن ئي
شين لاءِ هئي. پاڻ ۾ ڪشش ۽ سونهن پيدا ڪرڻ، ۽
عورتن ۾ پاڻ لاءِ ريس ۽ مردن ۾ چاهنا پيدا ڪرڻ،
کيس ڀلا ڪهڙي خوشي ڏيئي ٿي سگهيا؟ هن کي هڪ
دنيادار دوست به هو، جو ساڻس ساڳئي اسڪول ۾ گڏ
پڙهندو هو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ، انهيءَ دوست سان
ملڻ جلڻ به ڇڏي ڏنو هئائين، ڇاڪاڻ ته ان سان هر
ملاقات کان پوءِ، کيس سخت ڏک پهچندو هو. اهڙن
موقعن تي کيس سڄو ڏينهن ڏک، نااميديءَ ۽ پريشانيءَ
جي ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ گذارڻو پوندو هو.
هڪ ڏينهن سندس مڙس جڏهن گهر آيو، ته سندس هٿ ۾ هڪڙو وڏو لفافو
هو، ۽ هو تمام خوش نظر اچي رهيو هو.
”تنهنجي لاءِ هڪ شيءِ آندي اٿم!“ هن رڙ ڪري چيو.
پوءِ هن جلد جلد اهو لفافو، ۽ ان مان هڪ ڇپيل ڪارڊ ڪڍيو، جنهن
تي لکيل هو ”تعليم کاتي جو وزير، جارج رئمبونيو، ۽
سندس بيگم، 18 جنوريءَ تي، تعليم کاتي جي آفيس ۾
ڏنل ائٽ هوم ۾، جناب لوئزل ۽ بيگم لوئزل جي شرڪت
جا خواهشمند آهن.“
مڙس جي اُميدن جي برخلاف، خوش ٿيڻ بدران غمگين ٿي، هن دعوتنامو
ٽيبل تي کڻي اڇلايو، ۽ اچرج مان چيو:
”ان ۾ مون لاءِ ڪهڙي وڏائي آهي؟“
”ڇو؟ مون ته سمجهيو هو، تون خوش ٿيندينءَ تون ڪڏهن به ٻاهر نه
نڪتي آهين، هي تنهنجي لاءِ شاندار موقعو آهي. مون
اهو دعوتنامو ڏاڍيءَ تڪليف سان حاصل ڪيو آهي. هر
ماڻهو ان دعوت ۾ وڃڻ لاءِ آتو آهي. تعليم کاتي جي
ڪن ٿورن ڪلارڪن کي اهو شرف حاصل ٿيو آهي، نه ته
اتي سڀ وڏا وڏا آفيسر اچڻا آهن.“
هن طنز ڀريل نظرن سان مڙس ڏانهن ڏٺو، ۽ ٽوڪ ڪندي، عجب وچان
پڇيو: ”اهڙي موقعي تي آءٌ ڇا پائي هلنديس؟“
اها ڳالهه هن واقعي سوچي ئي ڪانه هئي. ان هوندي به، تڪڙ ۾ ورندي
ڏنائين ”ڇو، جيڪو لباس تون ناٽڪ ۽ ٻين موقعن تي
پائي هلندي آهين، سوئي پائي هلج. اهو مون کي سچ پچ
ڏاڍو وڻندو آهي.“
هن جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي. ۽ آخر سڏڪن ۾ پئجي ويئي. مڙس خوف ۽
پريشانيءَ ۾ ڏٺو ته سندس زال ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.
ٻه وڏا ڳوڙها سندس اکين مان نڪري، ڳلن ڏانهن وڌي
رهيا هئا.
”توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ هن گهٻرائجي پڇيو.
گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ، هن پنهنجن جذبن تي قابو پاتو، ۽ ڳلن تان
ڳوڙها اگهندي، ڌيرج سان چيو: ”ڪجهه ناهي! مون وٽ
ڪو چڱو فراڪ ڪونهي، ان حالت ۾ آءٌ دعوت ۾ هلي نٿي
سگهان. اهو دعوتنامو آفيس ۾ ڪنهن دوست کي ڏيئي ڇڏ،
جنهن جي زال کي مون کان سٺو وڳو هجي.“
ان ڳالهه هن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو.
”مئٽلڊا! اچ ته اها ڳالهه به نبيري ڇڏيون. هڪ سٺو فراڪ ڪيري ۾
ملي ويندو، ڪو سادو ۽ سٺو، جو ان دعوت کان پوءِ
ٻين اهڙن موقعن تي به ڪم اچي؟“
هوءَ گهڙي پل لاءِ ان تي سوچيندي رهي، حساب ۾ مشغول ۽ ان خيال ۾
گم ته هوءَ ڪيتري رقم چئي، جيڪا نه سندس مڙس جي
ڪلارڪاڻيءَ ذهنيت کي ضرب پهچائي، ۽ نه سندس پهچ
کان ٻاهر هجي جو، هو انڪار ڪري ڇڏي.
”الائجي، مان چئي نٿي سگهان.“ هن آخر هٻڪندي چيو، ”پر منهنجي
خيال ۾، چار سؤ فرانڪن ۾ ڪم ٿي ويندو.“
هن جي منهن جو پَنو ئي لهي ويو. جوڻس بلڪل ايتري رقم چئي هئي،
جيڪو هن پائي پائي ڪري ان لاءِ ڪٺي ڪئي هئي، ته
ايندڙ اونهاري ۾ بندوق وٺي دوستن سان گڏ، نئنٽر جي
ميدانن ڏانهن عقاب پکين جو شڪار ڪرڻ وڃي. نيٺ هن
وراڻيو: ”چڱو، آءٌ توکي چار سؤ فرانڪ ڏيان ٿو. پر
خيال ڪجانءِ، جيئن فراڪ ڪو سٺو وٺي اچين؟“
***
پارٽيءَ جو ڏينهن ويجهو اچي ويو هو. جيتوڻيڪ مادام لوئزل جو
فراڪ تيار ٿي چڪو هو. تڏهن به پريشان ۽ حيران پئي
آئي.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ هڪ شام جو سندس مڙس کانئس پڇيو، ”گذريل ٽن
ڏينهن کان تون ڪجهه ملول ٿي ڏسجين!“
”ڳڻتي اها اٿم ته ڪوبه زيور ڪونه آهي! دعوت ۾ هلي، پاڻ کي بلڪل
مفلس محسوس ڪنديس. چڱو ائين ٿيندو ته آءٌ دعوت ۾
نه هلان.“
”ڪو تازو گلن جو هار کڻي پائي هلجانءِ، اڄڪلهه انهن جو ڏاڍو
رواج آهي. ڏهن فرانڪن ۾ توکي گلاب جا تمام سهڻا گل
ملي ويندا.“
هن ان ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو. ان کان وڌيڪ نرلڄائي ٻي ڪهڙي ٿي
سگهي ٿي، جو هڪ مفلس عورت سرمائيدار عورتن جي وچ ۾
وڃي ويهي!“
”تون به ڪيتري نه بيوقوف آهين!“ هن عجب سان چيو. ”پنهنجي
ساهيڙيءَ، مادام فارسيٽئر کان ڪجهه ڳَهه اڌارا ڇو
نٿي وٺين؟ تنهنجو ته ان سان تمام سٺو رشتو آهي.“
هن جي منهن مان بي ساخته خوشيءَ جي رڙ نڪري ويئي. ها ها!
ايڏانهن ته منهنجو خيال ئي نه پئي آيو!“
ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ مادام فاريسٽئر سان ملڻ ويئي، ۽
کيس سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
مادام فاريسئٽر پنهنجي ڪٻٽ مان زيورن جي هڪ وڏي پيتي ڪڍي، کولي
پنهنجي ساهيڙيءَ اڳيان رکي-”پنهنجي مدد پاڻ ڪر!“
مادام لوئزل ان پيتيءَ ۾ ڪيترائي ڳهه ڏٺا- چوڙيون، هار، وينس جو
ٺهيل ڪراس، جنهن تي سون ۽ جواهر جو ڪم ٿيل هو. هن
آئيني جي سامهون بيهي سڀئي ڳهه پائي ڏٺا، پر انهن
کي کڻڻ ۾ ڪجهه حجاب ۽ هَٻڪ محسوس ڪيائين.
”ٻيو ڪجهه ڪونه اٿئي؟“ هن سوال ڪيو.
”کوڙ! تون پاڻ ڏس، مون کي ڪهڙي خبر ته توکي ڇا وڻندو.“
آخرڪار هن هڪ ڪاري پيتي ڳولي لڌي، جنهن ۾ هڪ قيمتي هيرن جو هار
پيل هو. سندس دل گهڻيءَ خوشيءَ وچان، زور زور سان
ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ڏڪندڙ هٿن سان هار ٻاهر ڪڍي، هن
پنهجنجي اوچي ڪالر واري گائون مٿان پاتو، ۽ خوشيءَ
وچان پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳي.
پوءِ، ڪجهه هٻڪندي ۽ شرمائيندي، ساهڙيءَ کي چيائين: ”هي
ڏيندينءَ؟ مون کي ٻيو ڪي ڪين گهرجي.“
”ها، ڇو نه!“
هن پنهنجون ٻانهون ساهيڙيءَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي، کيس سڪ مان چمي
ڏني ۽ پنهنجو خزانو کڻي رواني ٿي.
دعوت جي رات مادام لوئزل محفل تي ڇانئي رهي. پنهنجيءَ مخصوص
مُرڪ ۽ سڀاءَ سان، شاندار گائون ۾، هوءَ سڄي هال ۾
سڀني عورتن ۾ نهايت خوبصورت پئي نظر آئي. هوءَ بي
انتها مسرت محسوس ڪري رهي هئي. ماڻهو هن ڏانهن هو
گهوري رهيا هئا، سندس نالو پڇي رهيا هئا، ۽ ساڻس
تعارف جي گذارش ڪري رهيا هئا. جونيئر عملو ساڻس
ناچ ڪرڻ لاءِ حيران هو. خود وزير جو ڌيان به هن
ڏانهن ڇڪجي ويو هو.
خوشين جي وهڪري ۾ وهندي ۽ پنهنجيءَ سونهن ۽ ڪاميابيءَ تي مغرور
ٿيندي، هن پاڻ کي ناچ جي محفل ۾ ڌڪي ڇڏيو. هوءَ
پاڻ کي ڪنهن سُندر سپني ۾، محسوس ڪري رهي هئي، جتي
سندس سونهن جي ساراهه ۽ سندس دل جا ارمان اچي ڪٺا
ٿيا هئا. هن کي هر اها مڪمل ڪامراني حاصل ٿي هئي،
جيڪا هڪ عورت جي عزيز ترين تمنا هوندي آهي.
رات جو چئين بجي کان ناچ جو اهو دؤر ختم ٿيو. اهو سمورو وقت
سندس مڙس هڪ ننڍي ڊرائنگ روم ۾، ٽن اهڙن دوستن سان
شراب پي رهيو هو، جن جون زالون به انهيءَ محفل مان
مسرت حاصل ڪري رهيون هيون.
هن پنهنجيءَ زال جو گائون کڻي، سندس ڪلهن تي ڦٽو ڪيو، روزمرهه
جي استعمال وارو، پراڻو گائون، جنهن جي قباحت هن
جي اندرينءَ پوشاڪ جي سوڀيا جي اُبتڙ هئي. انهيءَ
ڳالهه جو احساس ڪندي، هوءَ جلدي وڃڻ لاءِ واجهائڻ
لڳي، ته جيئن پشم جا گائون پاتل ٻيون عورتون، سندس
گائون ڏسي نه وٺن.
لوئزل کيس ترسائڻ جي ڪوشش ڪئي: ”تون هتي ئي ترس، جيستائين آءٌ
سواريءَ جو بندوبست ڪري اچان. ٻاهر سخت ٿڌ پئجي
رهي آهي.“
پر هن ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ تڪڙي تڪڙي ڏاڪڻ تان
هيٺ لٿي. هو گهٽيءَ ۾ پهتا ته کيس ڪابه موٽر يا
گاڏي نظر نه آئي. هر نظر ايندڙ موٽر ڪار جي
ڊرائيور کي سڏ ڪري، هو سواريءَ جي اجائي ڳولا جاري
رکندا رهيا، نراسائيءَ ۽ ٿڌ ۾ ڏڪندي ڏڪندي، هنن
درياءَ طرف رخ رکيو.
آخرڪار پتڻ تي هنن کي هڪ پراڻي نموني جي موٽر ملي ويئي. جهڙيِون
موٽرون پئرس ۾ اڪثر اڌ رات کان پوءِ نظر اينديون
آهن، ۽ ڏينهن ڏٺي جو پنهنجي بي ڊولائيءَ جي مظاهري
ڪرڻ ۾، شرم محسوس ڪنديون آهن.
ڪار هنن کي ’زيوڊي مارٽيئرس‘ محلي ۾، سندن گهر وڃي ڇڏيو. اوجاڳي
۽ ٿڪ سببان، هو آهستي آهستي ڏاڪڻ چڙهي پنهنجي گهر
آيا. سندس مڙس اهوئي سوچي رهيو هو ته ٻئي ڏينهن
صبح جو ڏهين بجي کيس آفيس پهچڻو آهي.
پاڻ کي آخري بار شان ۽ شوڪت سان ڏسڻ لاءِ، هن آئيني جي سامهون
اچي، مٿان اوڍيل گائون لاهي ڦٽو ڪيو. هن کان اوچتو
رڙ نڪري وئي...سندس ڳچيءَ ۾ هيرن جو هار هو ئي
ڪونه!
”ڇا آهي؟“ سندس مڙس ڪپڙا مٽائيندي هن کان پڇيو.
هن خوف ۽ ڀؤ مان وراڻيو: ”ما...ما...مادام فاريسٽئر جو هار
وڃائجي ويو!“
هن عجب ۽ هراس مان چيو، ”ڇا چيئي؟ هار وڃائجي ويو! ائين ڪيئن
هوندو!“
هنن ڪپڙن جا کيسا وغيره سڀ وري ڏٺا، پر سڀ بيڪار.
”توکي پڪ آهي ته جنهن مهل تون ناچ ڪري موٽينءَ، ته هار توکي
پايل هو؟“
”هائو، ايڊيوڪيشن آفيس جي ورانڊي ۾ به مون ڏٺو هو ته هار پايل
هوم.“
”پر جي اتي ڪٿي وڃائجي ها ته ڪرڻ جو کڙڪو ته اسين ضرور ٻڌون ها.
هار پڪ ئي پڪ موٽر ۾ ڪريو هوندو.“
”ها، آءٌ پاڻ ائين ٿي سمجهان، تو ڪار جو نمبر نوٽ ڪيو هو؟“
”نه. تو ڪيو هو؟“
”نه!“
هراس ۽ پريشانيءَ ۾، هو هڪ ٻئي کي گهورڻ لڳا. آخرڪار لوئزل وري
پنهنجا ڪپڙا پاتا.
”آءٌ وڃان ٿو، ۽ آفيس کان وٺي جيستائين اسين پنڌ آياسين، اهو
ٽڪر ڏسان ٿو، متان لڀي پوي.“
هو هار جي ڳولا ۾ نڪري ويو، ۽ جوڻس پاڻ ۾، بستري تي وڃي ليٽڻ جي
سگهه به نه پئي ساري. پاڻ کي وڌيڪ سوچڻ کان لاچار
سمجهي. هن پاڻ کي ڪرسيءَ تي کڻي اڇلايو، ۽ سخت
سيءَ ۾ به، بنا ڪنهن باهه جي تؤ جي خاموش ويٺي
رهي.
اٽڪل ستين بجي کن سندس مڙس موٽي آيو. هو هار ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيو
هو. هن پوليس ۾ فرياد ڪرايو، اخبارن ۾ انعام جي آڇ
ڪئي، آفيس مان سڀني ٽيڪسي- ڪارن جي پڇا ڪئي. مطلب
ته هر اها جاءِ رُليو، جتي کيس هار يا ان جي باري
م ڪنهن به قسم جي اطلاع ملڻ جي اميد هئي. سڄو
ڏينهن سندس زال ساڳيءَ ئي حالت ۾ انتظار ڪندي رهي،
سندس دل ايندڙ مصيبت کان خوفزده ٿي چڪي هئي.
لوئزل شام جو گهر موٽيو. هن جو منهن زرد ۽ لٿل هو. سندس سڀ
ڪوششون رائگان ٿي چڪيون هيون.
”تون پنهنجيءَ ساهيڙي کي لک.“ هن چيو، ”ته توکان هار جو ڪڙو ڀڄي
پيو آهي، تو هار مرمت لاءِ ڏنو آهي. ان وچ ۾ اسان
کي ڪافي وقت سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ ملي ويندو.“
هن اهڙو خط ساهيڙيءَ کي لکي موڪليو.
***
ان ڳالهه کي هڪ هفتو گذري ويو، ۽ هنن هار موٽي ملڻ جي اُميد
بلڪل لاهي ڇڏي. لوئزل، جيڪو پنهنجيءَ صحيح عمر کان
به پنج سال وڏو نظر اچي رهيو هو، چوڻ لڳو، ”اسان
کي هار جي عيوضي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻ
کپي؟“
ٻئي ڏينهن هو هار جي خالي پيتي کڻي ان جوهريءَ ڏانهن ويا، جنهن
جو نالو ان تي اُڪريل هو.
دڪاندار پنهنجن ڪتابن جا ورق اُٿلايا، ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”مادام،
هار مون وٽان نه ورتو ويو آهي، مون وٽان صرف اها
پيتي ورتي وئي آهي.“
پوءِ هو هڪ جوهريءَ کان ٻئي جوهريءَ وٽ ويندا رهيا، ان ڪوشش ۾
ته پنهنجي حافظي کان مدد وٺي، وڃايل هار جهڙو هار
هٿ ڪري سگهن. ٻنهي کي ڏک ۽ نِراسائي وڪوڙي وئي
هئي.
آخرڪار رايل پئليس جي هڪ جوهريءَ دڪان تي هنن کي هڪ اهڙو هيرن
جو هار نظر آيو، جيڪو بلڪل وڃايل هار جهڙو هو. ان
جو ملهه چاليهه هزار فرانڪ هو. جوهري اهو هار
ڇٽيهه هزار فرانڪن ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. هنن
جوهريءَ کي عرض ڪيو ته هو ٽي ڏينهن ترسي ۽
تيستائين اهو هار ڪنهن ٻئي کي نه وڪڻي. هنن جوهري
کان اها ڳالهه به مڃرائي ته جيڪڏهن فيبروريءَ جي
آخر تائين کين وڃايل هار موٽي مليو، ته اهو هار
کيس چوٽيهه هزار فرانڪن ۾ واپس وڪڻندا.
لوئزل کي پنهنجي پيءُ کان ارڙهن هزار فرانڪ ورثي ۾ مليا هئا،
باقي وڌيڪ پئسا هن ڪنهن کان قرض وٺڻ جو ويچار ڪيو.
هن هر طرف کان قرض ورتو. هڪ کان هزار فرانڪ ته ٻئي
کان پنج سؤ فرانڪ. ڪنهن کان پنج لوئس ته ڪنهن کان
ٽي لوئس. هن هر ڪنهن کي واعدي جا دستاويز لکي ڏنا.
هن ڏکين ڏکين شرطن تي وياج خورن سان واسطا قائم
ڪيا، ۽ هر دولتمند ڪنجوس اڳيان هٿ ڊگهيريا. هن
پنهنجي سڄي مستقبل جو سودو ڪيو ۽ بي تحاشا قرض
نامن تي صحيحون ڪندو رهيو، انهيءَ خيال کان سواءِ
ته هو انهن انجامن کي پاڙي به سگهندو يا نه.
مستقبل جي مصيبت، ايندڙ بدبختين، جسماني ۽ اخلاقي
پيڙائن کان مجبور ٿي، آخر هو نئون هار وٺڻ ويو، ۽
ڇٽيهه هزار فرانڪ وڃي جوهريءَ جي ٽجوڙيءَ جي نذر
ڪيائين.
جڏهن مادام لوئزل هار کڻي مادام فاريسٽئر وٽ آئي، ته هن کيس
مهڻو ڏيندي چيو: ”توکي هار جلد موٽائي ڏيڻ گهربو
هو، آءٌ شايد ڪنهن طرف پائي وڃان ها.“
مادام لوئز کي ڪجهه اطمينان ٿيو، جڏهن ڏٺائين ته مادام فاريسٽئر
هار جي پيتي وٺي رکي ڇڏي، ۽ کولي ڪانه. جيڪڏهن
هوءَ انهيءَ هار کي ڏسي وٺي ها ته جيڪر ڇا سمجهي
ها؟ هوءَ ڇا چئي ها؟ شايد هوءَ کيس چور سمجهي ها!
***
مادام لوئزل هاڻي غربت ۽ مفلسيءَ جي پريشانين جي عادي ٿي چڪي
هئي. هن کي اهو وقت گذارڻو هو. نهايت شجاعت ۽ صبر
سان کيس وڏا قرض ادا ڪرڻا هئا، ۽ هوءَ انهن جي
ادائگيءَ لاءِ ٻڌل هئي. هنن نوڪرياڻيءَ کي جواب
ڏنو، فليٽ ڇڏي ڏنو، ۽ لڏي وڃي هڪ ننڍي ڪمري واريءَ
جاءِ ۾ ويٺا. هوءَ رڌ - پچاءُ توڙي گهر جو ٻيو
ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳي. صبح شام برتن ڌوئي
ڌوئي، هن پنهنجين آڱرين جي گلابي نُنهن جي سونهن
وڃائي ڇڏي. هوءَ پنهنجا سڀ ڪپڙا پاڻ ڌوئندي هئي.
مزدور عورتن جهڙا ڪپڙا پائي، ٽوڪري کڻي، هوءَ پاڻ
شهر ويندي هئي.- هر پساريءَ وٽ، ڪاسائيءَ وٽ..
سودو وٺندي، هوءَ پائيءَ پائيءَ لاءِ پڪائي ڪندي
هئي.
هر مهيني، ڪن دستاويزن جي پورائي ڪئي ويندي هئي، ته ڪن جي وقت
گذري وڃڻ سب، معياد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي.
سندس مڙس شام جو هڪ واپاري وٽ ملازمت ڪرڻ لڳو هو، ۽ رات جو وري
ڪتابن کي نقل ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. پنج سائوس في
صفحي جي حساب سان.
اها حالت ڏهه سال جاري رهي. ان عرصي ۾ هنن قرض جي پائي پائي
چڪائي ڏني. وياج خورن جي وياج ۽ اوڌر ڏيندڙن جي
نفعي سميت.
مدام لوئزل بلڪل ڪراڙي نظر اچڻ لڳي هئي. هوءَ مخصوص قسم جي غريب
مرد جي زال ٿي ويئي هئي، سادي ۽ جفاڪش. اڻڀا وار،
لُنڊو فراڪ، ۽ لڳاتار پورهئي جي ڪري، سندس سهڻا هٿ
بيڊولا ۽ کُهرا ٿي پيا هئا. سندس آواز ۾ اهو ميٺاڄ
۽ نرمي ڪانه رهي هئي. هوءَ گهر جو فرش به پاڻ
ڌوئيندي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن سندس مڙس اڃا
آفيس ۾ هوندو هو، ته هوءَ دريءَ وٽ اچي ويهندي
هئي، ۽ سندس خيال الائجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهچندا
هئا؟ هن جي خيال ۾ اها شام ايندي هئي- شام، جيڪا
سندس سونهن ۽ ڪامرانيءَ جي شام هئي.
ڪير ٿي ٻڌائي سگهيو ته جي هوءَ هار نه وڃائي ها، ته سندس ان شام
جو نتيجو ڇا نڪري ها؟ حياتيءَ جا اتفاق ڪهڙا نه
عجيب ۽ ڦرندڙ گهرندڙ آهن! ڪيئن نه هڪ خسيس ۾ خسيس
اتفاق ۾ اَوج جو سبب ٿي سگهي ٿو، ۽ تباهيءَ جو به!
هڪ ڀيري، سڄي هفتي جي سخت محنت کان پوءِ، آچر جي ڏينهن، هوءَ
پئرس جي خوشنما ۽ دلچسپ حصي ۾ تفريح لاءِ ويئي.
اتي هن هڪ عورت ڏٺي، جنهن کي هڪ ٻار به ساڻ هو. هن
ان کي سڃاتو، اها مادام فاريسٽئر ئي هئي، جيڪا
هميشه وانگر جوان، حسين ۽ دلڪش لڳي رهي هئي. مادام
لوئزل جي دل ۾ اُڌما ڀڙڪو کائي اُٿيا. هن کي ان
سان ڳالهائڻ گهربو هو! ڇو نه؟ جڏهن هوءَ سڄو قرض
لاهي چڪي هئي، ته پوءِ ڇو نه هن کي پيرائتي ڳالهه
ڪري ٻڌائي؟ هوءَ اوڏانهن وڌي ويئي-
”گڊ مارننگ، جين!“
سندس ساهيڙيءَ کيس نه سڃاتو ۽ هڪ ڌاريءَ عورت کي ايترو ڄاتل
سڃاتل نموني ۾ مخاطب ڪندو ڏسي، هوءَ عجب ۾ پئجي
ويئي.
”معاف ڪجو، آءٌ توهان کي نٿي سڃاڻان! توهين شايد ڀُليون آهيو!
هن هٻڪندي چيو.
”مان مئٽلڊا لوئزل آهيان!“
سندس ساهيڙيءَ کان وڏي رڙ نڪري ويئي.
”اوهه! منهنجي سٻاجهي، پياري مئٽلڊا، تون ڪيترو نه بدلجي ويئي
آهين!“
”هائو، توسان آخري دفعي ملڻ کان پوءِ، مون تي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن
اچي پيا، ۽ اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ٿيو.“
”ڇا چيئي، منهنجي ڪري؟“
توکي اهو هيرن جو هار ياد آهي نه، جو تو مون کي تعليم کاتي وارن
جي دعوت ۾ پائي وڃڻ لاءِ اُڌارو ڏنو هو؟“
”هائو، بلڪل چڱي طرح.“
”دراصل اهو هار مون وڃائي ڇڏيو هو.“
”مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي- اهو هار ته تو مون کي موٽائي ڏنو
هو!“
”مون جيڪو هار توکي موٽائي ڏنو هو، سو بلڪل ٻيو هو، بلڪل تو
واري هار جهڙو. گذريل ڏهن سالن کان انهيءَ جي ڪري
اسين عذاب سهندا اچون. تون چڱيءَ طرح سمجهي سگهين
ٿي ته اسان جهڙن غريب ماڻهن لاءِ، جن کي پئسو به
گهر ۾ نه هجي، اها ڳالهه ڪا معمولي ڪانه هئي.
بهرحال، هاڻي توڙ نِباهي چڪا آهيون. آءٌ توکي ڪيئن
ٻڌايان ته اسين ڪهڙي عذاب کان مس مس آجا ٿيا
آهيون.“
”تنهنجو مطلب اهو آهي ڇا، ته اوهان منهنجي هار جي بدلي ٻيو هار
وٺي مون کي موٽائي ڏنو هو؟“
”هائو، ۽ توکي ان ڳالهه جي خبر به پئجي نه سگهي! اهي هيرا بلڪل
هوبهو تنهنجي هار جهڙا هئا.“ هن فخر ۽ اطمينان سان
مرڪيو.
ڏک ۽ پريشانيءَ مان، مادام فاريسٽئر هن جا ٻئي هٿ زور سان وٺي
جهليا..
”اوهه! منهنجي سٻاجهي ۽ پياري مئٽلڊا، تو ائين ڇو ڪيو؟ منهنجو
هار ته نقلي هيرن جو هو، ان جو ملهه مشڪل سان پنج
سؤ فرانڪ هو!“ |