سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :23

ليو جي پيرانديلو

اٽالين

 

 

پَڳَ- مَٽِ يار

انهيءَ صبح جو، گگي مِيئر، بنا ٻانهن واري لَبادي ۾ پاڻ کي چڱيءَ طرح ويڙهي سوگهو ڪيو هو (جيڪڏهن ڪنهن شخص جي ڄمار چاليهن سالن کان مٿي ٿئي ٿي، تڏهن اُتر جي هوا ڪا مسخري ڪانهي.) گلوبند نَڪ تائين ويڙهيل هئس ۽ سندس ٻنهي هٿن تي انگريزي دستانا چڙهيل هئا. سندس بُت ٿلهو متارو، چمڙي نرم ۽ منهن سُرخ، جهڙو ٽماٽو. هو لنگوئِيويئرڊي مِيلنِي وٽ ٽرام لاءِ بيٺو هو، جيڪا دستور مطابق کيس کڻي، وايا پاسٽرينگو، ڪورٽي ڊي ڪونٽي جي سامهون وڃي ڇڏيندي هئي، جتي هو نوڪري ڪندو هو.

هو ڄائو ته اميراڻي گهر ۾ هو، پر افوس جو هاڻي نه اُهي اميراڻيون ڳالهيون رهيون هيون ۽ نه وري ڳڻپ لاءِ ڪو ڏوڪڙ پئسو. گگي مِيئر ننڍپڻ جي مست عالم ۾ ئي، رياست جي انهيءَ دفتر ۾، نوڪري ڪرڻ جي پنهنجي اعليٰ درجي کان پيءُ کي واقف ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ معصوم اَوستا ۾ ئي هن کي يقين ٿي ويو هو ته ”ڪورٽي ڊي ڪانٽي“، اميرن جي درٻار آهي، جنهن ۾ داخل ٿيڻ جو هر امير کي حق آهي.

اها ڳالهه به ڪو ڄاڻي ٿو ته جڏهن ڪو ٽِرامن جو انتظار ڪندوآهي، تڏهن اتفاق سان اُهي اچڻ جو نالو ئي ڪونه وٺنديون آهن. يا ته ڪرنٽ ڪٽجي وڃن ڪري اڌ رستي ۾ ئي بيهي رهنديون آهن، يا ڪنهن گاڏيءَ مٿان چڙهي وڃڻ،ي ا ڪنهن بد نصيب راهه ويندڙ کي چِيڀاٽي مارڻ، وڌيڪ پسند ڪنديون آهن. حقيقت ۾ اهي به اچرج جهڙيون آهن. انهيءَ صبح جو سيءُ به ڏاڍو هو ۽ اُتر جي هوا به سُوساٽ پئي ڪيا، ۽ گِگي ميئر پَٻن تي اُڀو ٿي، نئين بند جي اَڻ رنگيل ديوار تان، هيٺ سفيد نهر کي چتائي پئي ڏٺو، جيڪا پڻ ائين پئي لڳي ڄڻ ته ان ويچاريءَ کي به ڏاڍو سيءُ هو.

نيٺ ٽرام به زمين آسمان ڏڪائيندي اچي پهتي،  ۽ جيئن ئي گِگي مِيئر ان جي بيهڻ کان اڳ ۾، ئي ، ٽپ ڏيئي چڙهي پوڻ ون تياريون پئي ڪيون ته پونٽي ڪيور جي نئين پُل تان ڪنهن رڙ ڪري سڏ ڪيس:

”گگي، پريا مُڙس! گِگي!“

۽ هن هڪ چڱي موچاري ماڻهوءَ کي پنهنجي پڍيان ڊوڙندي ۽ هٿن سان اشارا ڪندي ڏٺو. انهيءَ وچ ۾ ٽرام هلي ويئي. ان جي بدران گگي ميئر پاڻ کي ه اجنبيءَ جي ڀاڪر ۾ ڏٺو، جنهن جو منهن ريشمي رومال سان ويڙهيل هو. هن گگيءَ کي ڀاڪر پائي ڏاڍا زور ڏنا، ۽ گگيءَ هن کي چڱيءَ طرح چتائي ڏسڻ کان پوءِ سمجهيو ته هو سندس گهرو يار آهي.

”مون کي سُڃاڻين ٿو، آءٌ توکي ڏسندي ئي سُڃاني ويس، گگي ٻڍڙا! هڪدم! پر آءُ هي ڇا ٿو ڏسان؟ تون ته جلدي پوڙهي ٿيندو ٿو وڃين؟ هن هيترا سارا اَڇا وار، توکي سرم نه ٿو اچي؟ اچ ته ڀاڪر پايون گگيوني، منهنجا پيرا ٻڍڙا دوست. تو هتي بيٺي اهڙيءَ طرح نهاريو، ڄڻ ته منهنجي راهه پئي ڏٺئي. ۽ جڏهن ٽرام تي چڙهڻ لاءِ توکي اڳتي وڌندو ڏٺم، تڏهن دل ۾ چيم ته ”هي فريب آهي، سراسر دغا آهي.“

”هائو“، مِيئر زبردستي مُرڪندي چيو، ”آءٌ آفيس پئي ويس.“

”مهرباني ڪري مون تي رحم ڪر ۽ اهڙيون واهيات ڳالهيون نه ڪر.“

”ڇا؟“

”منهنجو مطلب آهي- دراصل اها منهنجي خواهش آهي.“

”تون ته عجيب احمق آهين، اَٿئي ڪا ڄاڻ؟“

”هائو، مون کي خبر آهي ته آءٌ عجيب احمق آهيان.....پر مون کي اهو ٻڌاءِ ته هينئر مون سان ملاقات ڪرڻ جي توکي ڪا اميد هئي؟ تنهنجو چهرو ٻڌائي ٿو ته توکي اهڙي ڪابه اميد ڪانه هئي!“

”سچ، مون کي ڪابه اهڙي اميد ڪانه هئي.“

”آءٌ هت ڳالهه شام جو پهتو آهيان. ڀانهين توکي گهڻا گهڻا سلام چيا آهن. مزي جي ڳالهه ته هن توڏانهن هڪ تعارفي خط به لکي ڏيڻ ٿي گهريو!...مون پڇيس ’ڇا! گگيوني ڏانهن تعارفي خط؟ توکي خبر آهيته آءٌ هن کي توکان به گهڻُ سُڃاڻان. ننڍپڻ جا دوست، روح جي راحت هوندا آهن. اسين ڪيرائي ڀيرا پاڻ ۾ ٽڪريا به آهيون. يونيورسٽيءَ ۾ ٻيئي گڏ شاگرد هئاسون.‘ گگيوني، توکي ياد آهي اهو مشهور قديم پئڊوئا؟ اهو وڏو گهنڊ، جن هن جا ٺڪاءَ تو ڪڏهن به ڪين ٻُڌا: تون اهڙيءَ طرح سمهندر هئين (پاڻ ڇا چوندا هئاسون؟) جيئن ڪوريئڙو سمهندو آهي، هان؟ جيتوڻيڪ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ چوندو هئس ته جهڙو سوئر. خير....پوءِ جڏهن تو اهي ٺڪاءَ ٻُڌا- ۽ اهو پهروين ۽ آخري ڀيرو هو- تڏهن تو سمجهيو ته اهي ڪنهن باهه وسائڻ واري انجڻ جا ٺڪاءَ آهن....چڱا ڏينهن هئا اُهي به!......خدا جو شڪر آهي ته ڀاڻهين مزن ۾ آهي. اسين ٻيئي هڪڙي خسيس ڪم ۾ اچي اَڙيا آهيون، ۽ انهيءَ ڪري ئي آءٌ هت آيو آهيان. پر آءٌ تنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڏسان ٿو؟ تون ته جهڙو ميت پيو نظر اچين. شادي ڪئي اٿئي؟“

”نه مهربان!“ گگي ميئر ڪاوڙ مان جواب ڏنو.

”هاڻي ڪندين؟“

”چريو ته ڪونه ٿيو آهين؟ چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ؟ يا خدا، آءٌ ته شاديءَ جو خواب بهلهي ڪونه ٿو سگهان.“

”چاليهه سال! حقيقت ۾ اهي پنجاهه ورهيه ٿي سگهن ٿا، گگيوني. پر ڇو نه؟ جيتوڻيڪ مون کي اها ڳالهه چوڻ وسري ٿي ويئي....تنهنجي اها خوبي هوندي آهي، ته تون ڪنهن به شيءِ کي وڄندي يا وڌندي ٻڌڻ يا ڏسڻ پسند ڪين ڪندو آهين....کڻي اهو گهنڊ هجي يا سال. پنجاهه، منهنجا پيارا دوست، پنجاهه سال! آءٌ توکي يقين ڏياريان ٿو. اسين جيڪڏهن انهيءَ تي ارمان ڪريون ته مناسب آهي. ڳالهه وڌيڪ اهميت واري ٿيندي پئي وڃي. ڏس نه، تون ڄايو هئين............1851ع  جي اپريل مهيني ۾، برابر آهي يا نه- ٻارهين اپريل؟“

”معاف ڪر، مئي جي مهيني، ارڙهن سؤ ٻاونجهاهه.“ ميئر هُن جي ڳالهه کي درست ڪرڻ لاءِ هر هڪ حرف تي زور ڏيندي پريشانيءَ مان چيو. ”توکي مون کان به گهڻي خبر آهي ڇا؟ 12- مئي، 1952ع، انهيءَ حساب سان ته اڄ تائين 49 سال ۽ ڪي مهينا ٿين ٿا.“

”۽ تون اڃا تائين ڪونه پرڻيو آهين! واقعي مزيدار ڳالهه آهي! آءٌ ته پرڻيل آهيان، توکي خبر آهي؟ هائو، اهو به هڪ دردناڪ واقعو آهي. آءٌ توکي کِلائي کِلائي، تنهنجون ڪُکيون ڦاڙي ڇڏيندس. في الحال، پاڻ کڻي اها ڳالهه قبول ڪريون ته اوهان مون کي ٻنپهرن جي ماني کائڻ لاءِ دعوت ڏني آهي. تون اڄڪلهه ڪٿي کائيندو آهين؟ اڃا تائين پراڻي باربا ۾؟“

”مارَ!“ گگي مِيئر وڌندڙ اچرج  مان دانهن ڪندي چيو. ”توکي باربا جي به خبر آهي! آءٌ سمجهان ٿو تون اُتان به ٿي آيو آهين.“

”باربا مان؟آءٌ ڀلا اُتي ڪيئن ويو هوندس. جڏهن آءٌ  پيڊوئا ۾ رَهان ٿو؟مون کي ته اهو ئي ٻڌايو ويو هو. مون بڌو آهي، ته تون اتي ويندو آهين ۽ ٻيا ماڻهو به ويندا آهن. انهيءَ پراڻي-آءٌ ان کي سراءِ، ڪوس- گهر يا هوٽل چوان ڇا؟“

”سراءِ چئو، هڪ گندي سراءِ“، ميئر وراڻيو. ”پر جيڪڏهن تون ٻنپهرن جي ماني مون سان گڏ کائڻ چاهين ٿو ته پوءِ هڪ ته نوڪرياڻيءَ کي اطلاع ڪريون.“

”اها جوان اهي؟“

”اڙي نه، پوڙهي، ڇورا پوڙهي! وڌيڪ اهو به ٻڌائي ڇڏيانءِ ته اڄڪلهه مون باربا وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٽن سالن کان وٺي مون ان طرف رو به ڪونه ڪيو آهي. هن عمر ۾....“

”چاليهن ورهين کان پوءِ-“

”چاليهن ورهين کان پوءِ، تو ۾ ايتري همت ته پيدا ٿيڻ گهرجي جو تون ان راهه کان منهن موڙي سگهين، جيڪا توکي نهوڙي نيندي، پر جيڪڏهن تون ان تي هلڻ گهرين ٿو ته پوءِ ڏاڍي اطمينان ۽ آهستگيءَ سان هل، جيئن ڪٿي ٿاٻڙجي بولاٽيون کائيندو، هيٺ نه اچي ڪِرين. خير، مٿي هلي آءُ، اچي پهتا آهيون. آءٌ توکي ڏيکايان ٿو ته مون پنهنجي هن ننڍڙي گهر ۾ ڪهڙو نه سٺو ۽ ننڍڙو ڪاروبار چالو ڪيو آهي.“

”تما-م، تما-م آهستي ۽ ڌيرج سان... سٺو ۽ ننڍڙو ڪاروبار......... تنهنجو ننڍڙو گهر.“ گگي ميئر جي دوست، هن جي پٺيان ڏاڪڻ چڙهندي چوڻ شروع ڪيو. ”تو جهڙو ديوَ قامت جي ڊَول جانور، هَهڙن جيتامڙن سان! ويچارو گگي! آخر توکي هن ڪيو ڇا آهي؟ تنهنجو پُڇ ساڙيو اٿن؟ تنهنجي مرضي آهي ڇا ته آءٌ به ويهي رَنن وانگر رُئان؟“

خير...“ ميئر وڏي ڏاڪي تي پهچي، دروازي کلڻ جو انتظار ڪندي چيو. ”هن ڏاڪي تي پهچڻ کان پوءِ، توتي لازم ٿئي ٿو ته اسان جي هن لعنتي مخلوق سان سٺو ورتاءُ ڪرين، هن کي ٻُچڪايرنس ۽ کيس راضي رکڻ لاءِ سندس خوشامند ڪندو رِهجان، نه ته هوءَ توکي به ڄامڙو ڪري ڇڏيندي. آءٌ ته ڪنهن بهص ورت ۾ پاڻ کي اوڙاهه ۾ ڪونه اُڇلائيندس- نه، هرگز نه.“

”سو انسان جي ٻِه-پيري جانور هئڻ ۾، توکي به پورو يقين آهي.“ ٻئي دوست وچ ۾ ڳالهايو، ”چئو نه، گگوني. آءٌ ئي ڄاڻان ٿو ته رڳو ٻن ٽنگن تي بيهڻ لاءِ مون کي ڪيتري نه جدوجهد ڪرڻي ٿي پوي. دوست يقين رک ته جيڪڏهن اسين فطرت کي هڪ طرف ڦٽو ڪري، پنهنجي راهه وَٺون ته يقيناً= اسين سڀ چؤپايا ٿي پئون. سدائين معقول ۽ سنجيده نموني پوري توازن سان بيهڻ کان وڌيڪ، ٻي ڪابه ڳالهه آرامده ڪينهي. جيڪر اهو وقت اچي، جڏهنوانگر پنهنجي هٿن سان رَيڙهيون پائي سگهان! هيءَ ملعون تهذيب، اسان کي تباهه پيئي ڪري. چوپائي جي صورت ۾، آءُ هڪ شاندار جهنگلي جانور هجان ها، ۽ تنهنجي ڪيل انهن حيواني ڳالهين تي توکي ٻن پُستين ۾ ئي ڪيرائي ڇڏيان ها. مون کي نه زال هجي ها، نه قرض ۽ نه هي پريشانيون، تون مون کي رَڙيون ڪرائڻ گهرين ٿو ڇا؟ آءٌ وڃان ٿو.“

هن آسمان مان ڪري پيل دوست جي ان عجيب چرچائي گفتگوءَ، گگي ميئر جو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏيو. گگيءَ هن کي چتائي ڏٺو ۽ پنهنجو ذهن ڇاڇولڻ لڳو ته هن شيطان جو نالو ڇا آهي ۽ ڪيئن ۽ ڪٿي هي پاڻ ۾ گڏيا هئا. ڇا ننڍي هوندي پئڊوئا ۾ يا شاگرديءَ وار زماني ۾، يونيورسٽيءِ ۾،. هن خيال ئي خيال ۾ ان وقت جي سڀني گهاٽن دوستن تي نظر ڦيرائي، پر بيڪار. انهن دوستن مان ڪنهن جو به مهانڊُو هن سان ملي ڪونه ٿي آيو. انهيءَ هوندي به گگيءَ پاڻ واقف ٿيڻ لاءِ انهيءَ دوست کان پڇا ڪرڻ جي همت ڪين ساري.، ڇاڪاڻ ته جيڪا بي تڪلفي ۽ ياراڻو انهيءَ شخص ڏيکاريو، سو ايترو ۽ اهڙي ته قسم جو هو جو هن کي خوف ٿيو ٿي ته پُڇا ڪري آءٌ متان ڏوهاري ٿيان. پر هن پڪ پَهه ڪيو ته انهيءَ ڳجهه کي حرفت ۽ چالاڪيءَ سان بي نقاب ڪبو.

نوڪرياڻيءَ جواب ڏيڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي، هن کي پنهنجي مالڪ جي ايترو جلدي موٽي اچڻ جي اُميد ئي ڪين هئي. گگي ميئر، ٻيهر گهنڊڻي وڄائي ۽ مس مس هوءَ پيرَ گسائيندي آئي.

”اجهو آءٌ آهيان، ڇوڪري“، ميئر نوڪرياڻيءَ کي چيو، ”پنهنجي سنگتيءَ سان گڏ آيو آهيان. اسان جو انتظار ڪر. پر ڏسجانءِ ته ڪا ڪمي نه رهي. خبرداري ڪجانءِ، جو منهنجو هيءُ دوست، جنهن جو نالو به نرالو آهي، ڪو گهٽ درجي جو ڪونهي.“

”کُرن ۽ سنڱن سوڌو ٻڪري ڳڙڪائيدڙ آدم خور!“ ٻئي چرچي مان چيو، جنهن تي پوڙهي نوڪرياڻي شڪجي پئي، ته ان ڳالهه تي کِلڻ گهرجي يا ان کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. ”.... ۽ ڪڏهن به ڪو منهنجي هن شاندار نالي بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ڪونه چاهيندو، پوڙهي ڇوڪري! اهو نالو ٻڌي بئنڪن جي مالڪن جا منهن ڦري ويندا آهن ۽ پئسا ڏيندڙ ڇڪتاڻ ۾ پئجي ويندا آهن. هڪڙي منهنجي زال آهي، جنهن کي اهو نالو ٻڌي ڏاڍي خوشِ ٿي هئي. فقط اهو نالو، جنهن کي پاڻ وٽ رکڻ جي مون کيس اجازت ڏني هئي، جيتوڻيڪ مون اهو نٿي چاهيو. مون کي سڀني بد ارواحن جو سُنهن، آءٌ ڏاڍو خوبصورت ۽ حسين جوان آهيان! اڳتي هل، گگي! تو ۾ اهائي ته خامي آهي. هل ته تنهنجون غريباڻيون شيون ڏسان. ۽ تون پوڙهي ڇوڪري، هلي چؤپاين کي کَڙ ڪُتر جو بندوبست ڪر.“

ميئر پنهنجي تدبير کي ههڙيءَ طرح ناڪام ٿيندي ڏسي، وائڙو ٿي ويو. پر پنهنجي ننڍڙي گهر جي پنجن سينگاريل ڪمرن ڏيکارڻ لاءِ هن کي وٺي هليو، جن کي ڏسڻ مان معلوم ٿيو ٿي، ته انهن جي مالڪ کي ڪنهن به شيءِ جي خواهش ڪانهي. ڇا لاءِ ته جڏهن پاڻ گهر کي ماڪوڙين جي ٻِر جهڙو رکڻ گهريو ٿي، تڏهن ان ۾ ڪابه ضرورت پوري ٿي نٿي سگهي. ويهڻ لاءِ ننڍڙي ڪوٺي، سمهڻ جو ڪمرو، ننڍڙو غسلخانو، کائڻ جو هڪ ڪمرو ۽ پڙهڻ لا3 هڪ ڪوٺڙي. ويهڻ واري ننڍڙي ڪمري ۾ گهڙندي، هن جي حيرت ۽ تڪليف ويتر وڌي ويئي. بخاري تي رکيل تصويرون ڏسي، سندس دوست، سندس خاندان جي نهايت ڳجهين ۽ خانگي معاملن بابت ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون.

”گگوني، مون کي تو جهرو ڀيڻويو ملي ته ڏاڍي خوشي ٿئيم. توکي جيڪر خبر پوي ته آءٌ ڪهڙو نه شرير آهيان!“

”هو تنهنجيءَ ڀيڻ سان چڱيءَ طرح ڪونه ٿو هلي ڇا؟“

”نه، هو مون سان چڱي نموني پيش ڪونه ٿو اچي.“ هنن مصيبتن ۾ مدد ڪرڻ، هن لاءِ هڪ آسان ڳالههاهي، پر نه، هو ڪڏهن به ڪونه ڪندو.“

”مون کي معاف ڪندا.“ ميئر چيو، ”مون کي تنهنجي ڀيڻيوئي جو نالو وسري ويو آهي.“

”فڪر ڪونهي، تون ان کي ياد رکي به نٿو سگهين- تون هن کي ڪونه سڃاڻين. پئڊوئا ۾ هو فقط ٻه- سال کن رهيو. توکي خبر آهي ته هن مون سان ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ، جيڪو مون تي ايترو مهربان آهي. مدد ڪرڻ جي انجام ڪيو هو، جيڪڏهن هيءُ ڪمبخت منهنجا بِلَ مٽائي ها- پر تون اعتبار ڪندين؟ هو صحي ڪرڻ کان به نابري واري ويٺو. ۽ پوءِ جڏهن سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ دوستاڻي نموني ۾ ٿي گذريو، تنهنجي ڀاءُ هڪ غير هوندي به سمورو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو. اسان جو ڪم ڪافي پختو هو... پر جيڪر آءٌ پنهنجي ڀيڻيوئي جي انڪار جو سبب توکي ٻُڌائي سگهان!.....آءٌ اڃا به هڪ سهڻو ڪتو آهيان، تون انهيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهين، ڏاڍو هجي، آءٌ انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ڪندس. خير، پنهنجي ڀيڻوئي صاحب جي هميشيره صاحبه جي قسمت اچي ڦٽي جو هُن مون سان اک اَڙائي، ويچاري. واقعي چڱو ذوق هئس، پر عقل گهٽ. ٿورو خيال ڪر ته آءٌ... خير هن پاڻ کي زهر ڏنو.“

”مري ويئي؟“ ميئر ٿورو رکي پُڇيو.

”نه، هن ٻٽي اُلٽيون ڪيون، جنهن ڪري علاج ٿي پيس. پر تون سمجهي سگهني ٿو ته انهيءَ دکدائڪ واقعي کان پوءِ، آءٌ پنهنجي ڀيڻيوئي جي گهر ۾ پير به پائي ڪونه ٿي سگهيس. خدايا! ڇا پاڻ کي ڪجهه کائڻ لاءِ ملندو يا نه؟ آءٌ ٿوري بک به سهي ڪونه ٿو سگهان. آءٌ بگهڙ جهڙو بکيو آهيان!“

گگي ميئر تي سندس يار گارين جي ڌرڻي لائي ڏني هئي، پر عجب ته کيس آڱر به ڪين لاتائين. هو پنهنجي دوست جي انهيءَ پرخلوص همت کان بيزارٿي پيو ۽ هُن کي پئڊوئا جي خبرچار ۽ هيڏانهن هوڏانهن  جي دوستن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. فقط انهيءَ اميد تي ته ڪنهن به طرح يا گهٽ ۾ گهٽ، پنهنجي وڌندڙ ڪاوڙ ۽ خيالن جي غلبي کان پريشان ٿي، هو پنهنجو نالو پڻ وٺي.

”هاڻي ڪي خبرون چارون ٻڌاءِ- اٽليءَ جي بئنڪ جي ڊائريڪٽر- انهيءَ ڇوري والورديءَ جي ڪهڙي خبر آهي؟ سندس خوبصورت زال ۽ گوگڙوءَ جهڙي اکين ڇِنڀڻي ڀيڻس جو ڇا حال آهي؟ اهي اڃا تائين پيڊوئا ۾ رهن ٿا؟“

هن جي انهيءَ سوال تي سندس دوست بي اختيار ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.

”ڇا ڳالهه آهي؟“ ميئر وڌندر عجب مان پڇيو. ”ڇا هوءَ اکين ڇنڀڻي ڪينهي؟“

”خدا جي واسطي ٿورو خاموش رهه! ٻئي دوست التجا ڪئي. هو پنهنجا ٽهڪ روڪي ڪونه سگهيو، جنهن ڪري سڄو وَٽبو سَٽبو پئي ويو.

”ڇنڀڻي آهي؟“ هينئر خيال ٿئي ٿو ته واقعي هوءَ ڇنڀڻي آهي! ۽ سندس نڪ ايترو ته ڦٿل آهي جو توکي رڳو سندس مٿو ڏسڻ ۾ ايندو! اهائي عورت آهي.“

”ڪهڙي عورت؟“

”منهنجي زال!“

اهو ٻڌي، گگي ميئر جا هوش اڏامي ويا، ۽ پنهنجو افسوس ظاهر ڪرڻ لاءِ بيوقوفن وانگر  ڀڻڪڻ لڳو. پر سندس دوست پاڻ وڌيڪ ٽهڪن ۾ ٻڏندو ويو.  نيٺ هن ماٺ ڪري ۽ مُنهن ۾ گهنڊ پائي ٿڌو ساهه کنيو.

”منهنجا پيارا دوست!“ هن چيو، ”زندگيءَ ۾ جوانمرديءَ جا ڪيترائي اهڙا ڪارناما ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ڪنهن شاعر جي اڻ گهڙيل تصور ۾ اچي به نٿا سگهن.“

”هائو، واقعي!“ ميئر شوڪارو ڀريندي چيو. ”تنهنجو چوڻ درست آهي.... آءٌ سمجهان ٿو ته تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

”تون ڪڏهن به ڪونه سمجهندين.“ ٻئي اختلاف ڪندي ٺَهه پَهه چيو، ”توکي يقين اچي ٿو ته آءٌ پاڻ سان اشارن ۾ ڳالهيان؟ رستم داستان آءٌ پاڻ پاڻ هئس، پر آءٌ خود به شڪار ٿي ويس. سچ پچ، وڏي بهادري تي لَوشيو والورديءَ جي زال ڪئي هئي. خدا جي واسطي منهنجي ڪن لائي ٻُڌ. انسان ڪهڙو نه انڌو، بيوقوف ۽ بد دماغ آهي!“

”آءٌ؟“

”نه، آءٌ، آءٌ! مون پاڻ کي فريب ڏيڻ خاطر اهو سمجهيو ته لوشيو والورديءَ جي زال مون سان پيار ۾ ايتري قدر به ٻڌجي ويئي آهي جو هوءَ پنهنجي مڙس سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺي. گگيوني، اهو ته تون به قبول ڪندين، ته هو انهن سڀني ڳالهين مان واقف هوندي به واقعي انهيءَ ۾ لائق هو. پر خدايا...سمجهين ٿو ته انهيءَ جي بدران ڇا ٿيو؟ هيءُ هڪ بي غرض روح جي قربانيءَ جو مثال آهي. ٻڌ: والوردي وڃڻ گهري ٿو يا دستور مطابق وڃڻ جو بهانو ڪري ٿو (اهو هوءَ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي). انهيءَ وقت هوءَ مون کي گهر ۾ اچڻ ڏئي ٿي. ۽ جڏهن اسان ٻنهي جي حيران ٿيڻ جي دکدائڪ گهڙِ اچي ٿي، تڏهن هوءَ مون کي پنهنجي نڻان جي ڪمري ۾ ٿي لِڪائي- انهيءَ ساڳئيءَ ڇنڀڻي عورت جي ڪمري ۾، جيڪا پنهنجي ڀاءُ جي سلامتيءَ ۽ عزت رکڻ خاطر پاڪيزگيءَ سان ڏڪندي، ٿڙندي مون کي لڪائي، پاڻ قربان ٿيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي. پر مون کي اڃا هنن لفظن چوڻ جو موقعو مس ملي ٿو ته ”پر، منهنجي مهرباني مائي، هڪ منٽ ترس، لوشيو ڀلا سنجيدگيءَ مان ڇا ڄاڻي... ته غصي ۾ سرخ لوشيو ڏڪندو اچي ٿو، ۽ باقي تون سمجهي سگهين ٿو.“

”ڇا!“ گگي ميئر رڙ ڪندي چيو، ”تون سچ ٿو چوين؟“

”۽ منهنجا ڏنل نوٽ؟“ ٻئي هڪدم چيو، ”انهيءَ رقم جي ڪري ته والورديءَ مون کي پنهنجي- زال جي منظور نظر رهڻ جي ڪوڙي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي.“ هو بروقت پئسن وٺڻ کان انڪار ڪري سگهيو ٿي- سمجهين ٿو؟ ۽ مون کي برباد ڪري سگهيو ٿي. حرفت کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. اسان کي انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڳالهائڻ نه گهرجي، مهربان...وڏي ڳالهه ته اها هڪ حقيقت آهي ته مون وٽ پنهنجي هڪ ڪوڏي به ڪينهي، ۽ نه وري مون وٽ ٿيڻ جي ڪا اُميد آهي، ڇاڪاڻ ته شادي ڪرڻ لاءِ منهنجي بنهه مرضي ڪينهي...“

”ڇا!“ اتي گگي ميئر وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ”تو هُن سان شادي ڪئي هُئي!“

”اڙي نه، آءٌ توکي يقين ڏياريان ٿو. هُن مون سان شادي ڪئي هئي: هوءَ محض شادي شده هئي، مون هُن کي شروع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، بلڪل صاف ۽ دوستاڻي نموني ۾، ’نوجوان عورت، توکي منهنجو نالو گهرجي، چڱو، توکي اجازت آهي، آءٌ اڃا به سمجهي ڪونه ٿو سگهان ته آءٌ ان کي ڇا ڪندس. پر اهو ڪافي آهي، هان؟“

”پوءِ،“ گگي ميئر همت ڪري چيو. ”وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ٿيو. اڳ سندس نالو والوردي هو ۽ هاڻ اهو....“

”بلڪل“، ٻئي مُرڪي، ميز تان اٿندي چيو.

”نه، ٻُڌا!“ گگي ميئر دانهن ڪئي. هو وڌيڪ برداشت نه رڪي سگهيو ۽ پنهنجي همت کي مضبوط ڪرڻ لڳو. ”تنهنجي ڪري صبح جو وقت خوشي ۽ تفريح ۾ گذاريو ويو آهي، ۽ آءٌ به توسان اهڙيءَ طرح پيش آيو آهيان ڄڻ ته تون منهنجو ڀاءُ آهين. هاڻي تون به مون تي هڪ مهرباني ڪر.“

”شايد تون منهنجي زال اُڌاري طور وٺڻ گهرندين.“

”نه، مهرباني. آءٌ تنهنجو نالو ٻُڌڻ چاهيان ٿو.“

”آءٌ؟ منهنجو نالو؟“ هُن جي دوست حيرانيءَ مان پنهنجي ڇاتي گِرانٺن سان ماپيندي چيو، ڄن ته هن کي پنهنجي وجود جو به احساس ڪونه هو. ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ تون ڪونه ڄاڻين، توکي ياد ڪونهي؟“

”نه، “گگي ميئر شرم کان اعتراف ڪندي چيو. مون کي معاف ڪر، ۽ مون کي دنيا جو هڪ عظيم ويسارو ڪري سڏ، پر آءٌ قسم سان چوان ٿو، ته مون اڳ توکي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“

”اوهو! ڏاڍو سٺو، نهايت چڱو!“ ٻئي دوست جواب ڏنو. ”منهنجا پيارا گگيوني پنهنو هٿ هت رک. تنهنجي مانيءَ ۽ تنهنجي ساٿَ جو آءٌ تهدل سان شڪر گذار آهيان ۽ آءُ سواءِ نالي ٻڌائڻ جي روانو ٿيان ٿو. اهو جيڪو آهي، سو ئي آهي!“

”بيوقوف! توکي ٻڌائڻو پوندو. ”گگي ميئر کڙِن تي اُڀو ٿي رڙ ڪندي چيو. ”مون صبح جو سمورو وقت انهيءَ تي مغزمانري ڪندي گذاريو آهي. آءٌ توکي هرگز وڃڻ ڪونه ڏيندس، جيستائين تون ٻڌائيندين ڪونه.“

”مون کي قتل ڪري ڇڏ، هن جي دوست ڏاڍي صبر ۽ حيرت وچان جواب ڏنو. ”مون کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ! پر آءٌ توکي ڪونه ٻڌائيندس.“

”ڏس، چڱو مڙس ٿي ۽ ٻڌاءِ.“ ميئر وري چٽ ٻڌندي چيو، ”مون کي ههڙو تجربو اڳ ڪڏهن به ڪونه ٿيو- ههڙو ويسارو، ۽ آءٌ قسم سان چوان ٿو ته اهو تمام ڏکوئيندڙ احساس آهي، تون منهنجي خيالن ۾ هڪڙو بار آهين. مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، خدا جي واسطي!“

”وڃ ۽ ڳولي لهه.“

”هيڏانهن ڏس. توکي پاڻ سان گڏ ميز تي ويهارڻ وقت منهنجي ذهني ويساري ڪابه دخل اندازي ڪين ڪئي، جيتوڻيڪ آءٌ توکي بنهه ڪونه سڃاڻان، پر يقين ڪر ته تنهجي لاءِ مون وٽ گهڻو پيار آهي، تنهنجي لاءِ مون وٽ ڀائراڻا احساس آهن. آءٌ توکي ساراهيان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو ته تون سدائين مون سان گڏ گذار، تنهن ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“

”اها ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي، سمجهين ٿو.“ ٻئي دوست قطعي طور چيو، ”تون ڪڏهن به مون کي پنهنجي هٿان ڪونه وڃائيندين. ڪجهه سمجهو ٿيءُ. تنهنجي مرضي آهي ڇا ته آءٌ هينئر انهيءَ خوشيءَ کان محروم رهان. جنهن جي ڪري تون فريب ۾ اچي ويو آهين ته تنهنجو مهمان ڪير آهي؟ نه، پري ٿيءُ، تون تمام گهڻو گهرڻ چاهين ٿو، ۽ آءٌ چڱيءَ طرح ڏسان ٿو ته تو وٽ منهنجي ڪابه يادگيري موجود ڪين آهي. جيڪڏهن تون مون کي اها تڪليف ڏيڻ نٿو چاهين ته تو مون کي ههڙيءَ طرح وساري ڇڏيو آهي ته پوءِ مون کي پنهنجي حال تي ڇڏ ۽ مون کي وڃڻ ڏي.“

”نه پوءِ هڪدم هليو وڃ، مون کي اهوئي چوڻ گهرجي.“ ميئر ڪاوڙ مان ڏاڙهي ڏيندي چيو:”آءٌ توکي پنهنجي اکين اڳيان وڌيڪ بيهندي ڏسي نٿو سهان.“

’چڱو، آءٌ وڃان ٿو. پر پهرين، هڪ ننڍڙي چُمي، گگي، آءٌ سڀاڻي وري هليو ويندس.“

”هرگز نه“، ميئر واڪو ڪري چيو، ”جيستائين تون نه ٻڌائيندين.“

”ته پوءِ ٺيڪ آهي- هاڻي ٻيڙا ئي پار“ ٻئي دوست وچ ۾ ڳالهائيندي چيوئ هو مشڪندو هليو ويو ۽ ڏاڪڻ جي وڏي تختي تي پهچي، منهن واري هن ڏانهن نهاري، هوا ۾ چمي ڏنائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com