سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :30

اُڪري هتي اچي گڏ ٿيندا آهن. جنهن آچر جي اها ڳالهه آهي، انهيءَ ڏينهن ٽنپهرن جي وقت، هڪ نوجوان ڇوڪري هوٽل ۾ ائي. هن سان گڏ هڪ ڪڻڪ رنگو نوجوان به هو. ٻيئي ٿورو وقت هوٽل ۾ ويٺا، جنهن کان پوءِ، ٻنهي ڀر واري جهنگل جي رستي ڏانهن رُخ رکيو. مادام ويلڪ کي ڇوڪريءَ جو لباس به چڱيءَ طرح ياد آهي. هن جي وڃڻ کان پوءِ، هوٽل ۾ ڪن بدنام ماڻهن جو هڪ ڪٽڪ اچي پهتو، جنهن ڏاڍو گوڙ گهمسان مچائي ڏنو ۽ شراب ڪباب پي کائي، پئسن ڏيڻ کان سواءِ، انهيءَ رستي ڏانهن روانو ٿي ويو، جنهن ڏانهن اهو نوجوان ۽ ڇوڪري ويا هئا. سج لهڻ جي ويجهو، اهي بدنام ماڻهو هوٽل ۾ واپس آيا ۽ جلدي جلدي درياءَ اُڪري هليا ويا.

ساڳئي ڏينهن شام جو، مُنهن اونداهيءَ کان ٿوري دير پوءِ، مادام ويلڪ ۽ سندس وڏي پُٽ هڪ عورت جون رَڙيون ٻڌيون، جيڪي هوٽل جي ويجهڙائيءَ مان پئي آيون. مادام ويلڪ نه رڳو ڇوڪريءَ جي گلابند، پر هن جي ٻين ڪپڙن جي به سڃاڻپ ڪئي. انهيءَ کان پوءِ، هڪ ڪوچوان، ويلنس، شاهدي ڏني ته ذڪر ڪيل آچر ڏينهن، مون ميري روزيءَ کي هڪ ڪڻڪ رنگي نوجوان سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ درياءَ اُڪري ڏٺو هو. اهو شخص ويلنس ميري روزيءَ کان واقف هو ۽ کيس سڃاڻڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. انهيءَ جاءِ تي جيڪي شيون مليون، ميريءَ جي عزيزن انهن کي به هڪدم سڃاتو.

انهن خبرن ۽ شاهدين مان، جيڪي مون ڊوپن جي چوڻ تي اخبارن مان گڏ ڪيون هيون، رڳو هن ڳالهه جو ذڪر باقي رهجي ويو هو، جيڪا ظاهريءَ طرح تمام ضروري معلوم ٿئي ٿي. اُها هيءَ ته ميريءَ جي  ڪپڙن ملڻ کان هڪدم پوءِ، ميري جو مڱيندو، مئل يا مرڻ جهڙيءَ حالت ۾ انهيءَ جاءِ جي ويجهو هڪ هنڌ پيل مليو. هن وٽان هڪ خالي شيشي ملي، جنهن تي لڳل پني تي ”زهر“ لکيل هو. هن جي وات مان به زهر جي بوءِ پئي آئي ۽ هو سواءِ ڪجهه ٻڌائڻ جي مري ويو. سندس کيسي مان هڪ ڪاغذ مليو، جنهن ۾ هن مختصر لفظن ۾ لکيو هو، ”مون کي ميريءَ سان دلي محبت هئي ۽ هن جي مرڻ کان پوءِ منهنجو جيئرو رهڻ اجايو آهي.“

منهنجين گڏ ڪيل ياداشتن کي پڙهڻ کان پوءِ ڊوپن چيو:

”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هيءُ حادثو موت جي گهٽيءَ واري واقعي کان وڌيڪ پراسرار آهي، پر هڪ لحاظ سان ان کان مختلف به آهي. جيتوڻيڪ هن قتل ۾ ڏاڍي بيرحميءَ ۽ ظلم زبردستيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. تنهن هوندي به هيءُ خون جو هڪ معمولي واقعو آهي، جنهن ۾ ڪوبه خاص يا عجيب طريقو استعمال ڪيل نٿو ڏسجي. جنهن ڪري ان جو حل به ايترو آسان سمجهيو ويو آهي. جيتوڻيڪ مشڪل ڪم اهو ئي آهي، جيڪو ساڳئي وقت مشڪل به نه آهي. انهيءَ ڪري شروع ۾ انعام ڏيڻ جو، اعلان ڪرڻ به غير ضروري سمجهيو ويو. پوليس جي ڇاڙتن وڏيءَ سولائيءَ سان اهو خيال ڪري ڇڏيو ته قتل ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪٿي ٿيو هو. هنن اُهي سڀيئي طريقا ۽ سبب به سوچي ڇڏيا، جن جا ڪي امڪان ٿي سگهيا ٿي. تنهن ڪري هنن کي يقين هو ته انهن مان ڪونه ڪو سبب، يا طريقو ضرور صحيح هوندو. جڏهن اهي سڀيئي انومان ايتريءَ آسانيءَ سان قائم ڪيا ويا، تڏهن ئي مون سمجهي ورتو هو ته انهيءَ قتل جو حل ڳولي لهڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. آءٌ اڳي به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته جاسوسيءَ ۾ اهڙين شين مان وڌيڪ مدد ملي ٿي، جيڪي عام سوچ کان ڪجهه هٽيل هونديون آهن. تنهن ڪري ههڙن معاملن ۾ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته ڇا ٿيو، پر هيءُ ته اها ڪهڙي نئين ڳالهه ظاهر ٿي آهي، جيڪا انهيءَ کان پهرين ڪڏهن نه ڏٺي ويئي ۽ نه ٻڌي ويئي هجي. هڪڙي دفعي مادام لسپا جي گهر تلاشي وٺڻ وقت، انسپيڪٽر گ- جا ماڻهو اهڙيءَ نوعيت جو حادثو ڏسي دنگ رهجي ويا هئا. اهو حادثو عقل وارن لاءِ هڪ اشارو هو. اهڙيءَ طرح، هن عطر وڪڻندڙ ڇوڪريءَ جي خون بابت جيڪي معمولي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون، انهن مان هر سمجهو ۽ عقلمند ماڻهو نا اميد ٿي وڃي ها، پر پوليس وارن انهن عام ڳالهين کي تمام وڏي اهميت ڏني.

عام ماڻهن جي خيال ۾ لتائل جا دليل وزنائتا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ هن جي بيان جي شروعاتي لفظن مان ئي پتو پوي ٿو ته خود هن جي نظر ۾ اهي دليل اهم آهن. هو لکي ٿو: ”اڄ جي ڪيترين ئي اخبارن انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته اسان جو ايڊيٽوريل جيڪو سومر ڏينهن ڇپيو هو، مضبوط ۽ پختن دليلن تي لکيل هو.“

آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ايڊيٽوريل ۾، ايڊيٽر جي طبيعت جي گرمي ۽ جوش ته ضرور موجود آهي، پر اهو آخري ۽ قطعي ڪونهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته عام طرح اسانجين اخبارن جي مقصدن حق ۽ سچ جي ڳولا نه هوندو آهي، پر اشتعال پيدا ڪندڙ خبرون شايع ڪرڻ هوندو آهي. البت جيڪڏهن اهڙي ڪنهن اشتعال پيدا ڪندڙ خبر ۾، ڪا حقيقت به هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي. جيڪا اخبار عام ماڻهن سان ها ۾ ها ملائي ٿي. انهيءَ کي سمجهو ماڻهو سٺي نظر سان نه ڏسندا آهن. انهيءَ جي برخلاف هو اهڙي ايڊيٽرکي علامه ۽ فهامه سمجهندا اهن، جيڪو چرچن ڀوڳن کان ڪم وٺي عام راءِ مان غلطيون ڪڍي. دليل بازي هجي يا ادب، ٻنهي ۾ ماڻهو چرچن ڀوڳن مان ڏاڍو خوش ٿيندا آهن.

منهنجي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته لتائل ميري روزيءَ کي جيئرو سمجهندي، انهيءَ ڳالهه تي پنهنجي قلم جو زور لڳايو آهي ته اهو خيال گهڻي قدر اشتعال پيدا ڪندڙ ۽ دلچسپ ثابت ٿيندو، ۽ ٿيو به ائين ئي. ماڻهن ڏاڍيءَ گرمجوشيءَ سان انهيءَ خبر جو آڌر ڀاءُ ڪيو. پر انهيءَ اخبار جي لفظي پٽاڙ کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن اصلي دليلن کي چڪاسجي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.

ايڊيٽر جو پهريون مقصد هيءُ ٿو معلوم ٿئي ته ميريءَ جي غائب ٿي وڃڻ ۽ لاش ملڻ ۾، تمام مختصر وقت آهي، جنهن ڪري هو ثابت ڪرڻ ٿو گهري ته اهو لاش ميريءَ جو ٿي نٿو سگهي. اهڙيءَ طرح، اخبار نويس لاءِ ضروري آهي ته انهيءَ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪري ڏيکاريو وڃي. انهيءَ ڪوشش ۾ هو شروع کان ئي اجايا ۽ غلط دليل قائم ڪري ٿو ڇڏي. هو لکي ٿو ته:

”ائين سمجهڻ بلڪل بيوقوفي آهي ته قتل (جيڪڏهن سچ پچ هن کي قتل ڪيو ويو آهي) ايترو جلد ٿي ويو جو آڌيءَ رات گذرڻ کان اڳ ئي، قاتلن لاشو پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو.“ هتي اسان جي ذهن ۾ هيءُ سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر انهيءَ ۾ بيوقوفيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ائين سمجهڻ کي آخر بيوقوفي ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته ماءُ کان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ، ٿورن منٽن ۾ ئي ڇوڪريءَ کي قتل ڪيو ويو. ائين سمجهڻ ڪهڙي بيوقوفي آهي ته ڏينهن جو ڪنهن وقت به قتل ٿي سگهي ٿو. ۽ ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن ۾ هڪ نه ٻيو قتل ٿيندو ئي رهي ٿو. انهيءَ لاءِ ڪو خاص وقت ته مقرر نه هوندو آهي. انهيءَ کان سواءِ، جيڪڏهن آچر جي ڏينهن صبح جو نائين وڳي کان وٺي رات جي ٻارهين وڳي تائين، ڪنهن به وقت قتل ڪيو ويو، تڏهن به لاش کي ”آڌيءَ رات کان اڳ پاڻيءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ“ گهڻو ئي وقت ملي سگهيو ٿي. انهيءَ فرضي ڳالهه جو مطلب ٻين لفظن ۾ هيءُ ٿئي ٿو ته آچر جي ڏينهن اهو خون ٿيو ئي نه هو. جيڪڏهن لتائل جي انهيءَ دليل کي اسين قبول ڪريون، ته پوءِ هن جي لاءِ رستو صاف آهي. انهيءَ اخبار جو هيءُ حصو، جيڪو هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو، ”ائين سمجهڻ بلڪل بيوقوفي آهي ته قتل….. الخ“ شايد مصنف جي ذهن ۾ هن صورت ۾ هجي:

”ائين سمجهڻ بلڪل ناداني آهي ته قتل (شرط انهيءَ سان ته حادثو قتل جو ئي هجي) ايترو جلدي ٿي سگهيو ٿي، جو آڌيءَ رات گذرڻ کان اڳ ئي، ايترو وقت ملي وڃي، جو لاش پاڻيءَ ۾ اڇلائي سگهجي. اسان جو چوڻ فقط هيءُ آهي ته اهڙيءَ طرح سمجهڻ ۽ وري انهيءَ سان گڏو گڏ ائين فرض ڪرڻ (جنهن کي اسين ته ائين ئي سمجهون ٿا) ته لاش رات جو ٻارهين وڳي کان اڳ، درياءَ ۾ اُڇلايو ويو هجي، يقيناً بيوقوفي آهي.

”اهو جملو ظاهريءَ طرح ته ڏاڍو منجهيل آهي، پر ايترو نه، جيترو شايع ٿيل جملو.“ ڊوپن پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو. ”جيڪڏهن منهنجو مقصد لتائل جي دليل کي رد ڪرڻ هجي ها، ته وڌيڪ ڪجهه به چوڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي، ۽ ڳالهه اتي ئي ختم ٿي وڃي ها. پر اسان جو مقصد ڪو انهيءَ خبر کي رَد ڪرڻ نه آهي، بلڪ حقيقت معلوم ڪرڻ آهي. انهيءَ صورت ۾، ذڪر ڪيل جملي جي فقط هڪ ئي معنيٰ ٿي سگهي ٿي، جنهن کي آءٌ چٽيءَ طرح بيان ڪري چڪو آهيان. پر اسان کي لفظن جي جهنجهٽ ۾ نه ڦاسڻ کپي، بلڪ اسان کي اهو خيال معلوم ڪرڻ کپي، جيڪو انهن لفظن ۾ ادا ٿيڻو هو، پر صاف ادا ٿي نه سگهيو. انهيءَ اخبار نويس دراصل ائين ٿي چوڻ گهريو ته اها ڳالهه ناممڪن پئي معلوم ٿئي ته قاتل لاش کي درياءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ، اڌ رات جو اتي کڻي ويو هجي، پوءِ قتل جو واقعو کڻي ڪهڙي به وقت ٿيو هجي. در اصل اها ئي من گهڙت ڳالهه آهي، جنهن تي مون کي خاص طرح اعتراض آهي. اها ڳالهه هروڀرو ٺاهي ويئي آهي ته قتل جو واقعو اهڙي هنڌ ۽ اهڙين حالتن ۾ ٿيو، جو لاش کي درياءَ تائين کڻي وڃڻ ضروري ٿي پيو. ممڪن آهي ته خون درياءَ جي ويجهڙائيءَ واري ڪنهن هنڌ تي يا ڪناري تي ئي ڪيو ويو هجي: اهڙيءَ حالت ۾، خون ڏينهن جو يا رات جو، ڪنهن به وقت ڪيو ويو هجي، لاش کي درياءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ ئي، سڀ کان سولو ۽ بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو. ائين نه سمجهندا ته صحيح ڳالهه اها ئي آهي، يا وري ڪا منهنجي پنهنجي راءِ آهي. آءٌ هيستائين واقعن جي اصليت بابت بحث ڪري رهيو هوس، ۽ منهنجو مقصد رڳو ايترو ئي هو ته جيئن دليل بازيءَ جون خاميون، نروار ڪري، توکي خبردار ڪريان ته انهيءَ واقعي بابت جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، سو ڪو حرف بحرف صحيح ڪونه آهي: تو ڏٺو ته انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي دلپسند راءِ کي، سچي ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪهڙي نموني جون من گهڙت ڳالهيون ٺاهي ورتيون، ۽ اهو فرض ڪري ورتائين ته جيڪڏهن اهو لاش سچ پچ ’ميريءَ‘ جو ئي آهي ته اهو پاڻيءَ ۾ گهڻيءَ دير تائين پيو نه رهيو آهي. هو لکي ٿو:

”هميشه جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري يا خون ٿي وڃڻ کان پوءِ، ان جو لاش پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏجي ته ان جي انهيءَ حد تائين سڙڻ ۽ کرڻ ۾، ڇهن کان ست ڏينهن لڳي ويندا آهن، جنهن کان پوءِ اهو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تَري ايندو. ايتر قدر جو تَري ۾ پيل اهڙا لاش به جيڪي توب جي گولي جي ٺڪاءَ سان، پنجن- ڇهن، ڏينهن کان اڳ ئي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تري اچن، وري به پاڻيءَ اندر ٻڏي وڃن، جيڪڏهن انهن سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي.“

”لي موني تيور“ اخبار کان سواءِ، پئرس جي سڀني اخبارن انهيءَ راءِ کي خاموشيءَ سان قبول ڪري ورتو. ”لي موني تيور“ اخبار، انهيءَ خيال تي نڪته چيني ڪئي آهي. ان اهڙا پنج يا ڇهه مثال ڏنا آهن، جو ٻڏل لاش ڇهن ڏينهن کان اڳ ئي، پاڻيءَ تي ترڻ لڳا آهن. پر ”موني تيور“ اخبار، جنهن نموني ۾، مثالن سان ”لتائل“ اخبار جي بنيادي دليلن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا گهڻي ڀاڱي منطقي اصولن جي خلاف آهي. جيڪڏهن پنجن بدران پنجاهه مثال به اهڙا ڏنا وڃڻ، جو لاش ٻن يا ٽن ڏينهن اندر پاڻيءَ جي مٿاڇري تي اچي ويا هجن، تڏهن به اها ڳالهه سدائين لاءِ صحيح ڪانه مڃي سگهبي، جيستائين هميشه جي عام تجربي کي غلط نه ثابت ڪيو وڃي. ”موني تيور“ اصول کي ته مڃي ٿو، پر رڳو ڪي خاص مثال ٿو پيش ڪري، جن سان ”لتائل“ جي دليلن تي ڪوبه اثر نٿو پوي- ڇو ته انهن مثالن مان ته رڳو اهو امڪان ئي پيدا ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته لاش ٽن ڏينهن کان اڳي ئي مٿي اُڀري آيو هجي. البت، جيڪڏهن اهڙي قسم جي مثال ايتري گهڻي تعداد ۾ ڏنا وڃن. جو اصل اصول غلط ثابت ٿي وڃي، ۽ ان جي مقابلي ۾، اُهو اُبتڙ اصول صحيح سمجهيو وڃي، ته پوءِ اها ڳالهه وزندار ڀانئبي.

انهيءَ مان توکي چڱيءَ طرح اندازو ٿي ويو هوندو ته جيڪڏهن سچ پچ لتائل جي راءِ سان اختلاف آهي، ته انهيءَ لاءِ اصل اصول کي غلط ثابت ڪيو وڃي. هاڻي اچ ته ٿورو انهيءَ اصول کي چڪاسيون ته اهو ڪيتري قدر صحيح آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته انساني جسم، عام طرح سان درياءَ جي پاڻيءَ کان نه ته ڪجهه گهڻو وزنائتوآهي ۽ نه هلڪو. ٻين لفظن ۾ انساني جسم جي وڌيڪ ڪثافت، جڏهن اهو پنهنجي قدرتي حالت ۾ هجي، گهڻو ڪري انهيءَ پاڻيءَ جي وزن برابر هوندي آهي. ٿلها متارا ماڻهو، جن جون هڏيون ننڍيون ٿين ٿيون ۽ خاص ڪري عورتون ۽ اهي به اهڙيون جيڪي ٻين مردن ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾، ڪمزور ڏسڻ ۾ اچن، پر جن جو هڏ- ڪاٺ ويڪرو ۽ مضبوط هجي، گهڻيون هلڪيون هونديون آهن، انهيءَ کان سواءِ، پاڻيءَ جي لهڻ چڙهڻ سبب به، درياءَ جي پاڻيءَ جي وڌيل ڪثافت گهٽ وڌ ٿيندي آهي. انهيءَ هوندي به تمام ٿورا انساني جسم اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تازي يا وهندڙ پاڻيءَ ۾، پاڻمرادو وڃيو تَر وٺن. گهڻو ڪري هر ڪو جسم، جيڪو پاڻيءَ ۾ ليٽيل حالت ۾ ڪِرندو، اهو ترندو ئي رهندو. جيڪي ماڻهو اَڻ تارو آهن، انهن لاءِ پاڻيءَ ۾ سڀ کان بهتر حالت هيءَ آهي ته اُهي پاڻيءَ ۾، نوان سنوان پيا رهن، انهن جو مٿو به ڀلي ته پاڻيءَ ۾ ٻڏل هجي، البت وات ۽ نڪ پاڻيءَ مان نڪتل هجن، اهڙيءَ حالت ۾ جسم، سواءِ ڪنهن ڪوشش ۽ تڪليف جي پاڻيءَ مٿان ترندو رهندو ۽ اهو به ضروري آهي ته ٿوريءَ ئي حرڪت يا چُرپر سبب، جسم پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو. مثال طور، جيڪڏهن هڪ هٿ پاڻيءَ کان مٿي رهجي ويو ته انهيءَ جي بار ڪري، سارو جسم هڪدم ٻڏي ويندو. يا جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ترندڙ ننڍڙي ڪاٺ جو ئي سهارو ملي ويو ته پوءِ سولائيءَ سان مٿو کڻي هيڏانهن هوڏانهن به ڏسي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص تارو نه آهي ته پوءِ هن جا هٿ پاڻيءَ کان مٿي ضرور اٿي ايندا ۽ هو پنهنجي مٿي کي پاڻيءَ کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪندو. نتيجو هيءُ نڪرندو جو هن جو وات ۽ نڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندا، ۽ جيئن جيئن هو پاڻيءَ ۾ ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندو، پاڻي هن جي ڦڦڙن ۾ به ڀربو ويندو ۽ معدي ۾ به پهچي ويندو. پهرين ته اهڙي شخص جي جسم ۾ هوا ڀريل هئي ۽ هن جو جسم هلڪو هو، پر هاڻي جئين ته هوا جي جاءِ وڃي پاڻيءَ والاري، تنهن ڪري هن جو جسم ڳرو ٿي ويو. انهيءَ ئي فرق سببان، عام طرح ماڻهو ٻڏي ويندا آهن، پر جيڪڏهن اهو جسم ڪنهن اهڙي شخص جو آهي، جنهن ۾ هڏيون ته بيشمار آهن ۽ گوشت تمام نرم ۽ لِڳڙو آهي، ته اهڙيءَ حالت ۾ اهو ٻڏڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي مٿان ترندو رهندو. جيڪڏهن ڪو جسم درياءَ جي تري ۾ ويهي رهي ته ايستائين مٿي نه ايندو، جيستائين ان جي وڌيڪ ڪثافت ڪنهن خاص سبب ڪري گهٽجي نه وڃي. اها حالت لاش جي ڳرڻ، سڙڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي. جسم جي سڙڻ ڪري بدن ۾، هڪ قسم جي گئس پيدا ٿيندي آهي ۽ سڀيئي عضوا ڦوڪجي پوندا آهن، جنهن ڪري اهو ڏاڍو ڀوائتو نظر ايندو آهي. جڏهن جسم ڦوڪجي گول ٿي پوي ۽ انهيءَ جي پکيڙ به حد کان وڌيڪ ٿي وڃي. پر انهيءَ جي وزن ۾ ڪو به فرق نه ٿئي ته لاش جي وڌيڪ ڪثافت گهٽ ٿي ويندي ۽ اهو هڪدم پاڻيءَ جي مٿان تري ايندو. پر لاش جي سڙڻ جا به ڪيترائي سبب آهن، جن جي ڪري لاش جلد يا دير ۾ سڙي ٿو. مثال طور گرميءَ يا سرديءَ کان، صاف شفاف پاڻي يا ان ۾ ٻين ڌاتن جي هجڻ کان، اونهي يا تراکڙي پاڻيءَ کان يا بيٺل پاڻيءَ کان يا وهندڙ يا ڇوٽ پاڻيءَ کان، جسم جي مزاج کان، بيمار يا تندرست جسم کان گهڻو فرق پوي ٿو. ظاهر آهي ته اسين ڪنهن يقين سان نٿا چئي سگهون ته ڪيترن ڏينهن ۾، لاشو پاڻيءَ جي مٿان ترڻ لڳندو آهي. ڪن حالتن ۾ هڪ ڪلاڪ اندر ئي ائين ٿيڻ ممڪن آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ممڪن آهي ته مرڳو ائين ٿئي ئي نه- اسان کي خبر آهي ته ڪي ڪيميائي دوائون اهڙيون آهن، جن کي سُئيءَ وسيلي جسم ۾ پهچائڻ کان پوءِ، جسم ڪڏهن سڙي نٿو سگهي ۽ هميشه پنهنجي اصلي حالت ۾ قائم رهي ٿو. مرڪيوري جي بائي ڪلورائڊ اهڙي ئي قسم جي دوا آهي، ٻيو ته جسم ۾ ٻين شين جي ڪري به گئس ٺهندو آهي ۽ عام طرح  ٺهندو ئي آهي. مثال طور، معدي ۾ کاڌو وغيره موجود هجي ته اهو خمير ٿيڻ لڳي ٿو. انهيءَ سبب کان به لاش پاڻيءَ تي ترندو ايندو آهي. اهو  پاڻيءَ جي لڏڻ جو هڪ عام مثال آهي. گولي جي ٺڪاءَ سان ڪنهن وقت (جڏهن ته لاش کي مٿاڇري تي آڻڻ لاءِ ٻيا به سبب هجن) لاشو گپ گاري جي ڌُڏڻ سبب به مٿي تري اچي ٿو. ڪڏهن ته اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته انهيءَ جي اثر کان سخت ۽ اَڪڙيل عضوا به نرم ۽ ڍرا ٿي پوندا آهن ۽ گئس جي ڪري جسم جا ڪي حصا سُڄي پوندا آهن. انهن سڀني حقيقتن جي روشنيءَ ۾، اسين لتائل جي دعويٰ جي سچائيءَ کي آسانيءَ سان پرکي سگهون ٿا.

تجربو اهو نٿو ٻڌائي ته لاش جي سڙڻ ۽ مٿي اچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن کان ڏهن ڏينهن جو عرصو گهرجي. سائنس ۽ تجربي. ٻنهي مان ثابت ٿئي ٿو ته لاش جو پاڻيءَ تي تري اچڻ لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ڪونهي. انهيءَ کان سواءِ، جيڪڏهن گولي جي ٺڪاءَ سان ڪو لاش مٿي تري اچي ٿو، ته پوءِ اهو خودبخود ٻيهر نه ٻڏندو، جيستائين لاش ڦوڪجي ڦاٽي نه پوي، ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ ۾ ڀريل گئس خارج نه ٿي وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته اهڙن لاشن ۾، جيڪي پاڻمرادو ٻڏي ويا هجن ۽ اهڙن لاشن ۾ جن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ، درياءَ ۾ اڇلايو ويو هجي وڏو فرق آهي. جيتوڻيڪ ايڊيٽر کي انهيءَ فرق جو علم آهي. پر هو انهن ٻنهي قسم جي لاشن کي هڪ جهڙو سمجهو ٿو. آءٌ توکي ٻڌائي آيو آهيان ته ٻڏندڙ شخص جو جسم خاص ڪري پاڻيءَ کان وڌيڪ ڳرو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن هو هٿ پير هڻي، پنهنجا هٿ پاڻيءَ کان مٿي نه کڻي، يا پاڻيءَ ۾ مُنهنئون ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي هوا بدران، ڦڦڙن ۾ پاڻي نه ڀَري ته هن جو جسم ڪڏهن به ٻڏي نه سگهندو. پر جيڪڏهن مئل شخص جو لاشو، پاڻيءَ ۾ اڇلائجي ته نه اهو هٿ پير هڻندو ۽ نه وري مُنهنئون ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندو. البت هن جي پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويندو. عام طرح، اهڙيءَ حالت ۾ جسم نه ٻڏندو. لتائل انهيءَ حقيقت کان بلڪل بيخبر آهي ته جڏهن جسم پوريءَ طرح ڳري سڙي ويندو، يعني جڏهن گوشت هڏين کان جدا ٿي ويندو، تڏهن لاشو تري ۾، ويهي رهندو، نه ته نه.

انهيءَ کان پوءِ اسان کي هاڻي هن دليل کي ڏسڻو آهي ته جئين ته ٽن ڏينهن کان پوءِ لاشو پاڻيءَ تي تري آيو هو، تنهنڪري اهو ميري روزي جو نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ميري روزي پاڻ ٻڏي ها ته عورت هجڻ ڪري، سندس جسم جو پاڻيءَ ۾ وپيهي رهڻ ضروري نه هو. يا جيڪڏهن اهو تري ۾ ويهي به وڃي ها ته چوويهن ڪلاڪن يا انهيءَ کان گهٽ مدت ۾، پاڻيءَ تي تري اچي ها. پر ڪو به شخص ائين نٿو چوي ته هوءَ ڪا ٻڏي مُئي. جيڪڏهن قتل کان پوءِ، هن جو لاش پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويو آهي ته اهو انهيءَ واقعي کان پوءِ، ڪنهن به وقت پاڻيءَ تي تري اچڻ کپندو هو. هوڏانهن لتائل جو چوڻ وري هيءُ آهي ته جيڪڏهن زخميل ۽ ضربيل لاش اڱاري جي رات تائين، ڪناري تي رکيو ويو هجي ها ته پوءِ اتي قاتلن جو به ڪو نشان هجڻ کپندو هو. پهرينءَ نظر ۾ انهيءَ جملي جو ڪو به مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي. حقيقت ۾ ايڊيٽر، انهيءَ اعتراض کان بچڻ گهري ٿو، جيڪو هن جي راءِ تي ٿي سگهيو ٿي. يعني هيءُ ته لاشو ٻن ڏينهن تائين ڪناري تي رهڻ ڏنو ويو هو، جنهن ڪري اهو تمام جلدي سڙي ويو. پاڻيءَ ۾ غرق ٿيڻ ڪري، اهو ايترو جلدي نه سڙي ها. هو ائين فرض ڪري ٿو ته جيڪڏهن اها صورت هجي ها ته لاشو اربع تي پاڻيءَ تي تري اچي سگهيو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جو فڪر رهي ٿو ته لاش کي ڪناري تي ڪونه ڇڏيو ويو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن لاش ڪناري تي ئي ڇڏي ڏجي ها، ته پوءِ قاتلن جو به ڪو نشان اتي رهڻ کپي ها. آءٌ ڄاڻان ٿو ته توکي انهيءَ بيوقوفيءَ جي دليل تي کِل ايندي هوندي، تون حيران هوندين ته ڪناري تي گهڻو وقت لاش رهڻ ڪري، آخر قاتلن جي نشانين ۾ ڪهڙيءَ طرح واڌارو ٿيندو. اها ئي حالت منهنجي به آهي.

اڳتي هلي اها اخبار لکي ٿي ته ’انهيءَ کان سواءِ، هيءَ ڳالهه به بلڪل غير يقيني آهي ته ڪو بدمعاش اهڙي خوفناڪ ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ، لاش کي بار ٻڌڻ کان سواءِ ئي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو سولائيءَ سان اهڙي قسم جي خبرداري ڪري سگهيو ٿي.‘

”تون پاڻ ئي ڏس ته ايڊيٽر جي بيان ۾ ڪيترو نه مونجهارو آهي. ڪو به ماڻهو ۽ خود لتائل به ائين نٿو چوي ته جيڪو لاش هٿ آيو آهي، تنهن کي قتل نه ڪيو ويو هو. زخمن جا نشان بلڪل چٽا ۽ صاف آهن. ايڊيٽر صرف ايترو ثابت ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي ته جيڪو لاش مليو آهي، سو ميريءَ جو ڪونهي. هو دراصل ثابت ڪرڻ گهري ٿو ته ميريءَ کي قتل نه ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هن جي لفظن مان اهائي آخري ڳالهه ثابت ٿئي ٿي. جيڪو لاش مليو آهي، انهيءَ سان ڪوبه وزن ٻڌل نه هو. جن قاتل اهو لاش پاڻيءَ ۾ اڇلايو، اهي انهيءَ سان ڪونه ڪو بار ضرور ٻَڌي ڇڏين ها. تنهن ڪري انهيءَ مان، اهو نتيجو نڪري ٿو ته قاتلن لاش کي درياءَ ۾ نه اڇلايو. لتائل اخبار، سڃاڻڻ جي ذڪر ڪرڻ کان ته بلڪل نٽائي ڇڏيو، ۽ جيڪا ڳالهه انهيءَ هڪ منٽ پهرين قبول ڪئي هئي، انهيءَ کان انڪار ٿي ڪري. اخبار لکي ٿي:

’اسان کي پورو يقين آهي ته جيڪو لاش مليو آهي، سو انهيءَ مقتوله جو آهي.‘

وري اهو هڪ مثال ڪونهي، جنهن ۾ ايڊيٽر بيخبريءَ ۾، پنهنجي ڪنهن اڳئين دليل کي رد ڪيو آهي. آءٌ توکي شروع ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته ايڊيٽر جي اهائي ڪوشش آهي ته ڪنهن به طرح ميريءَ جي گم ٿي وڃڻ ۽ لاش جي هٿ اچڻ واري وقت کي، گهٽ ۾ گهٽ ڪري ڏيکاريو وڃي. پر انهيءَ هوندي به هو ان ڳالهه تي گهڻو زور ڏئي ٿو ته گهر مان نڪرڻ کان پوءِ، ڇوڪريءَ کي ڪنهن به نه ڏٺو. هو چوي ٿو ته ”اسان کي ڪو به اهڙو ثبوت نه مليو آهي ته ميري روزي 22 جون آچر ڏينهن، نائين وڳي کان پوءِ، جيئرن جي جهان ۾ هئي.“ جيئن ته اهو دليل بلڪل هڪ طرفو آهي، تنهن ڪري انهيءَ ذڪر ڪرڻ کان ئي پاسو ڪيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن شخص ميريءَ کي سومر يا اڱاري ڏينهن ڏٺو هجي ها ته ذڪر ڪيل اها وچين مدت تمام گهڻي گهٽجي وڃي ها، ۽ هن جي پنهنجي دليل مطابق اهو امڪان نه رهي ها ته لاش سچ پچ ميريءَ جو آهي. انهيءَ هوندي به هيءَ ڳالهه عجيب ۽ اجائي آهي ته لتائل انهيءَ تي ئي زور ڏيئي، ائين سمجهي ٿو ته انهيءَ سببان سندس ذاتي خيال زياده وزندار ٿيندو.

ايڊيٽر جا اُهي لفظ پڙهڻ وٽان آهن، جيڪي هن بووي جي لاش سڃاڻڻ بابت لکيا آهن. ٻانهن جي وارن لاءِ لتائل جو بيان ٺٺوليءَ سان ڀريل آهي. بووي ايترو بيوقوف نه هو جو هو رڳو وارن کي ڏسي لاش کي سڃاڻي ها. هر ڪنهن ٻانهن تي وارَ هوندا آهن. حقيقت ۾ لتائل، بووي جي بيان کي مَروڙي سَروڙي پيش ڪيو آهي. وارن بابت بووي ضرور ڪا خاص ڳالهه ٻڌائي هوندي. هن وارن جي رنگ، انهن جي گهاٽن يا ڇِڊن يا انهن جي ڊيگهه وغيره جو ضرور ذڪر ڪيو هوندو.

اڳتي هلي اخبار لکيو آهي ته ”هن جو پير ننڍو هو، پر گهڻن ئي ماڻهن جا پير ننڍا هوندا آهن. جورابن ۽ جتين مان سڃاڻپ ممڪن ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻيئي شيون هزارن لکن جي تعداد ۾ ٺهنديون آهن. ساڳيو دليل لاش جي ٽوپيءَ جي گُلن بابت ڏيئي سگهجي ٿو. بووي انهيءَ ڳالهه تي وڏو زور ڏنو آهي ته جوراب ڇڪي ٻڌل هئا، جيئن بڪيون چڱيءَ طرح ڍڪيل رهن. پر انهيءَ مان ته ڪابه ڳالهه ثابت نٿي ٿئي. عورتون ته جوراب خريد ڪرڻ وقت انهن کي پائي نه ڏسنديون آهن، پر وَيڙهيل سيڙهيل گهر کڻي وينديون آهن ۽ ضرورت مطابق انهن کي گهٽ وڌ ڪنديون آهن، جيئن پيرن ۽ بڪين ۾ پورا اچي وڃن.“

اسان کي ته اهي سڀئي دليل ڀوڳ مثل لڳن ٿا. جيڪڏهن قد و قامت ۽ شڪل شباهت کان سواءِ، موسيو بووي کي لاش جي ٻانهن تي اهڙائي وار نظر اچن ٿا، جهڙا هُن ميريءَ جي ٻانهن تي ڏٺا هئا، ته پوءِ ضرور سندس انهيءَ راءِ کي ڀر- جهلو ملندو. جيڪڏهن لاش جا پير به ننڍا آهن، جيئن ميريءَ جا هئا، ته اهو امڪان ته لاش ميريءَ جو ئي آهي، حساب جي باقاعدي سان نه پر جاميٽريءَ جي قاعدي سان ٿيندو. وري اهو به ڏسو ته لاش جي پيرن ۾ جتيون به اهي ئي مليون جيڪي ميري گهر مان غائب ٿيڻ وقت پائي وئي هئي. هاڻي اهي جتيون کڻي هزارن لکن جي تعداد ۾ ٺهنديون ۽ وڪامنديون هجن، پر انهيءَ شاهديءَ سبب اوهان جي خيال کي البت يقين جو درجو ملڻ گهرجي. ڪا شيءِ پوءِ اها کڻي سڃاڻپ جي علامت نه هجي، پر تصديق جي ڪري انهيءَ کي ثبوت ڪري ورتو ويندو. ٽوپيءَ ۾ لڳل گل به اهڙائي هئا، جهڙا ميريءَ پنهنجي توپيءَ ۾ ٽاڪي ڇڏيا هئا. هاڻي اسان کي ڪنهن ٻئي ثبوت جي ضرورت نه آهي. رڳو هڪڙو ئي گل هجي ها ته به ٺيڪ هو. ٻن- ٽن يا وڌيڪ گلن هجڻ سبب ته ڳالهه وڌيڪ پختي ٿي وڃي ها. هر نئين تصديق ڪيل ڳالهه، ڪنهن ٻئي ثبوت جو درجو نٿي رکي، پر اڳين ثبوتن کي ويتر وڌيڪ مضبوط ڪندي آهي. ساڳين ئي جورابن هجڻ ڪري، ڳالهه ايتري ته ويساهه واري ٿي پوي ٿي، جو ٻيو ڪو ثبوت هٿ ڪرڻ وڏي ناداني چئبو. ٻيو ته جوراب اهڙيءَ طرح پاتل هئا، جيئن گهر مان وڃڻ وقت ميري پائي نڪتي هئي. انهيءَ کان پوءِ ته ڪو ديوانو يا نادان ئي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ڪري سگهندو. جورابن کي سوڙهو ڪرڻ واريءَ حقيقت کي لتائل هڪ معمولي ڳالهه ڪري ورتو آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو غلطيءَ پٺيان غلطي ڪندو وڃي. گيٽرن وارا جوراب ته پاڻ لچڪيدار ٿيندا آهن، تنهن ڪري انهن کي ننڍو ڪرڻ ته بلڪ هڪ عجيب ڳالهه چئبي. جيڪا شيءِ خود ڇڪجي ٺيڪ ٿي بيهي. انهيءَ کي ننڍي يا وڏي ڪرڻ جي ضرورت گهٽ ٿيندي آهي. اهو رڳو اتفاق ئي چئبو جو ميريءَ جورابن کي ننڍي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. اها ڳالهه ئي هن حقيقت جو وڏو ثبوت ٿي سگهي ٿي ته لاش ميريءَ جو هو. اسان جو دليل رڳو اهو نه آهي ته لاش وٽ وڃايل ميريءَ جا جوراب يا هن جون جتيون يا هن جي ٽوپي پيل ملي يا هن جي ٽوپيءَ جا گل اهي ئي هئا يا ٻانهن تي خاص نشان ساڳيو ئي هو يا قد قامت ۽ شڪل شباهت ۾ هڪ جهڙائي هئي. اسان جو دليل هيءُ آهي ته هيترا سارا ثبوت هڪ ئي هنڌ موجود هئا. اسان جي خيال ۾ ته خود لتائيل جي ايڊيٽر کي به انهيءَ لاش جو ميريءَ جي لاش هجڻ ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو هوندو. انهيءَ اخبار جي ايڊيٽر رڳو وڪيلن واري ڪج بحشيءَ کان ڪم ورتو آهي، جيڪي رڳو عدالتي قانون جن ڳالهين کي شاهدي سمجهي رَد ڪري ٿي، انهن مان گهڻيون ڳالهيون عقل ۽ فهم مطابق زوردار ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته عدالت ته رڳو ڪتابي قانونن مطابق شاهديءَ کي پرکيندي آهي، ۽ انهن کان ڪڏهن به انحرافي ڪرڻ پسند نه ڪندي آهي. قاعدن ۽ قانونن جي اها انڌي پابندي، حقيقت کي ڳولي لهڻ جو يقيني وسيلو آهي. تنهن ڪري انهن جي پابندي درست ۽ ضروري آهي. پر ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ضروري آهي ته انهيءَ سبب ڪري ڪن معاملن ۾ وڏيون وڏيون غلطيون به ٿي پونديون آهن. باقي رهيا اُهي شڪ ۽ شبها جيڪي بووي جي خلاف ظاهر ڪيا ويا آهن، انهن کي اسين سولائيءَ سان رَد ڪري سگهون ٿا. تون ته هن شخص جي اصل فطرت کي هينئر سمجهي ويو هوندين. هو ته هڪ خدائي فوجدار مثل آهي، جنهن جي طبيعت ۾ رومان کي وڌيڪ ۽ عقل کي گهٽ دخل آهي. اهڙو شخص جوش ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ هميشه اهڙيون حرڪتون ڪندو آهي، جو سونجهڻو ۽ غلط راءِ رکڻ وارو شخص هڪدم هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو. تنهنجين ياداشتن مان پتو پوي ٿو ته موسيو بووي پاڻ لتائل جي ايڊيٽر سان وڃي مليو آهي ۽  سندس انهيءَ راءِ تي ته ’اوهان جي نظريي ۽ دليلن جي هوندي به اهو لاش ميريءَ جو آهي.‘ ايڊيٽر ڪاوڙجي پيو. انهيءَ سبب ڪري ئي هن اخبار ۾ لکيو ته ”بووي انهيءَ لاش کي ميريءَ جو لاش چوڻ لاءِ ضد ڪري ٿو، پر انهن ڳالهين کان سواءِ، جن تي اسين پنهنجي راءِ ظاهر ڪري آيا آهيون، هو ڪوبه اهڙو ثبوت ڏئي نه سگهيو، جنهن جا ٻيا به قائل ٿي سگهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جيڪي به ثبوت ڏنا آهن، انهن جي ڪابه اهميت ڪانهي. آءٌ اهو ئي چوندس ته اهڙي قسم جي معاملن ۾ گهڻو ڪري ائين ئي ٿيندو آهي ته ڪو به شخص ڪنهن حقيقت کي ڄاڻندي ۽ ان تي يقين ڪندي به اهڙو ڪو سبب پيش ڪري نه سگهندو، جنهن جي ڪري ٻين ماڻهن کي پنهنجو هم خيال ڪري سگهي. ماڻهن جي ڄاڻَ ۽ سمجهه جون علامتون ڏاڍيون منجهيل هونديون آهن. مثال طور، هر ڪو شخص پنهنجي پاڙيسريءَ کي شڪل صورت مان سڃاڻندو آهي، پر اهڙو ڪو شخص ورلي ملندو، جيڪو انهيءَ سڃاڻپ جو سبب يا علامتون ٻڌائي سگهي. جيڪڏهن موسيو بووي پنهنجي راءِ جي حق ۾ ڪو زوردار دليل پيش نه ڪري سگهيو ته انهيءَ تي لتائل جي ايڊيٽر کي اهڙيءَ طرح ناراض ٿيڻ نه کپندو هو.

بووي جي شڪي حالتن تي ايڊيٽر جي انهيءَ راءِ بدران ته هو انهي معاملي ۾ شايد ئي ڏوهاري هجي، منهنجي هيءَ راءِ وڌيڪ ٺهڪي اچي ٿي ته هو روماني طبيعت رکندڙ خدائي فوجدار آهي. جيڪڏهن هڪ دفعو انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو وڃي ته چاٻيءَ جي سوراخ ۾ گلاب جي گل هئڻ، تختيءَ تي ميريءَ جي نالي لکڻ، مرد مائٽن کي لاشي کان پري رکڻ ۽ لاش نه ڏيکارڻ ۽ مادام ب- کي اها هدايت ڪرڻ ته منهنجي واپس اچڻ تائين پوليس وارن سان ڪا ڳالهه نه ڪجانءِ وغيره، سڀئي ڳالهيون صاف ٿي اڳيان اچن ٿيون. ٻيو ته هن شخص جي ڏاڍَ مڙسي انهيءَ مان ظاهر آهي، جڏهن هن کلم کلا چيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص هن معاملي ۾ حصو نه وٺي. مون کي يقين ٿئي ٿو ته بووي به ميريءَ جي اُميدوارن مان هڪ هو ۽ هوءَ به هُن سان ناز ڪندي هئي. بووي ته اهو به ظاهر ڪرڻ جو خواهشمند ڏسجي ٿو ته ڇوڪري ساڻس چڱيءَ طرح ٺهيل هئي ۽ مٿس پورو پورو اعتبار به ڪندي هئي. انهيءَ باري ۾، آءٌ وڌيڪ ڪجهه به چوڻ مناسب نٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته شاهدين مان لتائل اخبار جو اهو بيان چڱيءَ طرح رد ٿي ويو آهي ته ڇوڪريءَ جي ماءُ ۽ ٻين مائٽن بيپرواهيءَ ڪئي، جيتوڻيڪ هنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته لاش ميريءَ جو ئي آهي. يعني آخري طرح اهو فيصلو ٿي چڪو ته لاش ميريءَ جو ئي آهي. هاڻي اسان کي اڳتي هلڻ گهرجي.

”ڀلا انهن راين بابت تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪي ’لي ڪمرشل‘ ظاهر ڪيا آهن؟“ مون پڇيو.

”هن معاملي ۾ جيترا به رايا ۽ نظريا ظاهر ڪيا ويا آهن، انهن سڀني کان وڌيڪ لحاظ قابل اهي ئي آهن. مقدمي مان جيڪي نتيجا ڪڍيا ويا آهن، اهي منطقي ۽ موقعي مطابق آهن، پر انهيءَ ۾ ٻن هنڌن تي ڪمزور شاهدين کي به آندو ويو آهي. لي ڪمرشل اهو چوڻ گهري ٿي ته ميري پنهنجي ماءُ جي گهر کان اڃا ٿورو پري به نه ويئي هئي ته بدمعاشن مٿس حملو ڪري ڏنو. انهيءَ اخبار جو چوڻ آهي ته اهو ناممڪن آهي ته اهڙي ڪنواري ڇوڪري، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ڄاڻندا هجن، رستي تان ايترو پنڌ ڪري ۽ کيس ڪوبه ڏسي نه سگهي. حقيقت ۾ اهو خيال هڪ اهڙي شخص جو آهي جيڪو پئرس ۾ رهي ٿو. هن کي خبر آهي ته پنهنجي آفيس مان نڪرڻ کان پوءِ، ٿورو ئي پنڌ ڪرڻ تي ڪونه ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ملي ويندو آهي. تنهن ڪري پنهنجي انهيءَ واقفيت ۽ شناسائيءَ کي ذهن ۾ رکي، هن انهي عطر فروش ڇوڪريءَ سان پنهنجيءَ شهرت جو مقابلو ڪيو آهي. هو پاڻ ۾ ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ ڪوبه فرق محسوس نٿو ڪري ۽ هڪدم هن نتيجي تي پهچي ٿو ته گهر مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي مون وانگر انهيءَ ڇوڪريءَ کي ماڻهو سڃاڻي وٺندا. اها حالت فقط انهيءَ صورت ۾ درست ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڇوڪري به اهڙي قسم جي خاص ۽ ننڍي علائقي مان هر روز لنگهندي هجي ها. ايڊيٽر سان ته ڪيترائي ماڻهو ملندا هئا، جنهن ڪري هن جي سڀني سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. پر ميريءَ کي نه پري پري وڃڻو پوندو هو. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ جنهن رستي تان روز لنگهندي هئي، انهيءَ جي بدران ڪنهن ٻئي رستي تان لنگهي هجي. لي ڪمرشل جي ايڊيٽر جي ذهن ۾، جيڪو مثال آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ يقين قابل ٿي سگهيو ٿي، جڏهن ٻيئي شخص سڄي شهر ۾ گهمندا ڦرندا هجن. مطلب ته منهنجي راءِ هيءَ آهي ته انهيءَ ڏينهن ميري انهن ڪيترن ئي رستن مان جيڪي هن جي گهر ۽ چاچيس جي گهر جي وچان اچن ٿا، ڪنهن اهڙي رستي تان ۽ اهڙي وقت لنگهي هوندي، جو کيس رستي ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو هوندو، جنهن کي هوءَ سڃاڻندي هجي يا اهو کيس سڃاڻندو هجي. هن معاملي کي صحيح روشنيءَ ۾، ڏسڻ لاءِ هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پئرس جي هيڏي ساري آباديءَ جي ڀيٽ ۾ ڪنهن تمام مشهور ماڻهوءَ جي ذاتي دوستن جو تعداد ڪيترو نه گهٽ هوندو.

لي ڪمرشل جو ڪڍيل نتيجو، هڪ ٻئي سبب ڪري به شڪي ٿو لڳي. انهيءَ اخبار جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جي گهران نڪرڻ وقت، رستن تي ماڻهن جا گوڙ هئا. جيتوڻيڪ اهو سراسر سچ ڪونهي. ميري صبح جو نائين وڳي گهران نڪتي هئي. آچر جي ڏينهن کان سواءِ، باقي ڏينهن تي صبح جو نائين وڳي بازار ۾ ماڻهن جو گوڙ ٿي سگهي ٿو، پر آچر جي ڏينهن انهيءَ وقت ته ماڻهو، پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ ديول وڃڻ لاءِ تياريون ڪندا آهن. اهو ته هر ڪنهن ڏٺو هوندو ته آچر جي ڏينهن صبح جو اٺين وڳي کان ڏهين وڳي تائين گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪو ڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. البت ڏهين ۽ يارهين وڳي جي وچ ۾ سو گوڙ گهمسان چڱو هوندو آهي، پر نائين وڳي ته گهٽيون ۽ رستا خالي هوندا آهن.

انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيءَ جاءِ تي به لي ڪمرشل جو مشاهدو، ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ اخبار لکيو آهي ته بدنصيبت ڇوڪريءَ جي چولي مان ٻه فوٽ ڊگهي ۽ هڪ فوٽ ويڪري پٽي ڦاڙي، کاڏيءَ جي هيٺان ۽ ڳچيءَ جي چؤڌاري ٻڌي ويئي هئي ته جيئن هوءَ رَڙيون نه ڪري سگهي. اهو اهڙن ماڻهن جو ڪم آهي، جن وٽ شايد کيسي وارا رومال نه هئا. اخبار جو اهو خيال ڪيتري قدر درست آهي، اهو ته پوءِ ڏسنداسون، پر اهڙن ماڻهن مان ”جن وٽ کيسي وارا رومال نه هئا“، ايڊيٽر جو مطلب هيٺئين طبقي جي بدمعاشن سان آهي. جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ماڻهن جي تَن تي قميص هجي يا نه هجي، پر وَٽن رومال ضرور هوندو آهي. اوهان هن سال جي حادثن مان اهو ته ضرور ڏٺو هوندو ته بدمعاشن وٽ رومال ضرور رهندا آهن.

هاڻي اچو ٻيءَ ڳالهه تي. اوهان پاڻ ڏٺو ته لاش چڪاسڻ ۾ ڪيتري نه دير ڪئي ويئي هئي. سڃاڻپ ته هڪدم ٿي ويئي هئي يا ٿي وڃڻ کپندي هئي. پر ساڳئي وقت ٻيون ڳالهيون به معلوم ڪرڻ کپنديون هيون. مثال طور مقتوله کي لُٽيو ڦريو به ويو هو يا نه؟ يا گهران نڪرڻ وقت هن کي ڪو زيور وغيره پيل هو؟ جيڪڏهن هائو ته ڇا لاش سان گڏ اهي شيون به مليون؟ اهي اهڙا ته اهم ۽ خاص سوال آهن، جن بابت شاهدن جي بيان ۾ ڪجهه به ڄاڻايل ڪونهي. ٻيون به انهن وانگر ڪيتريون ئي اهم ۽ ضروري ڳالهيون آهن، جن ڏانهن ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.

مون پنهنجي ذهن ۾ جيڪا تجويز سوچي آهي، تنهن ۾ اسين في الحال انهيءَ دُکدائڪ حادثي جي اندروني نُڪتن کي ڇڏي ڏينداسون. اسين پنهنجو سمورو ڌيان ٻاهرين ۽ ظاهري ڳالهين تائين محدود رکنداسون. اهڙي قسم جي جانچ ۽ عام طرح جيڪا غلطي ڪئي وڃي ٿي، اها هيءَ ته جانچ جو سارو دارومدار سنئون سڌو واسطو رکندڙ ڳالهين تي هوندو آهي ۽ پري ۽ غير متعلق ڳالهين کي بنهه نظر انداز ڪيو ويندو آهي. اها بدعت عدالتن جي آهي جو واسطيدار ڳالهين بابت ئي شاهدي ورتي وڃي ٿي ۽ بحث ڪيو وڃي ٿو. پر تجويز ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن انسان غور ۽ ڌيان کان ڪم وٺي ته هن نتيجي تي پهچندو ته سچائيءَ جا اُهڃاڻ انهن ڳالهين ۾ ملندا، جيڪي ظاهريءَ طرح غير متعلق هونديون آهن. نئين سائنس ته اَڻ ڏٺل حقيقتن جي عمل کي به مڃڻ شروع ڪيو آهي. شايد ته تو منهنجو مطلب نه سمجهيو. انساني علم جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اڪثر ۽ اهم کوجنائون، غير متعلق يا اتفاقي يا حادثاتي ڳالهين جي ڪري ئي وجود ۾ آيون ۽ اسان لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته اسين انهن اتفاقي وجود ۾ آيل کوجنائن کي، جيڪي اميد جي دائري کان ٻاهر آهن نه صرف اهميت ڏيون، پر سڀني کان مٿي به رکون. هاڻي ته اهو اصول بلڪل غلط ثابت ٿي ويو آهي ته ماضيءَ تي مستقبل جو قياس ڪيو وڃي. حادثو ته هاڻي هڪ بنيادي عمل ٿي پيو آهي ۽ اتفاق به هاڻي اندازي جي حدن ۾ اچي ويو آهي. اسين اَڻ ڏٺل ۽ اَڻ سوچيل ڳالهين کي رياضيءَ جي فارمولي وانگر حقيقت مڃون ٿا.

آءٌ وري به چوان ٿو ته اها حقيقت آهي ته سچائيءَ جا اُهڃاڻ فقط غير متعلق ڳالهين ۾ ئي ملي سگهندا. انهيءَ اصول مطابق آءٌ پنهنجيءَ جانچ جو دارومدار اصل واقعي جي بدران، جنهن جو ايتريءَ ساري جانچ کان پوءِ به ڪو نتيجو حاصل نه ٿيو آهي، انهن حالتن تي رکندس، جن جي اثر هيٺ اهو حادثو ٿيو. تون ٿورو انهن قسم نامن جي ڪوڙ سچ جي جانچ ڪر ته آءٌ هنن اخبارن کي ڏسي وٺان. في الحال ته اسان رڳو شروعاتي جانچ ڪئي آهي، پر مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن آءٌ ڇپيل مواد جو پنهنجي طريقي جي تفصيل سان جائزو وٺان ته اسان کي ڪي اهڙا نُڪتا ملي ويندا، جيڪي خودبخود اسان جي جانچ لاءِ رستو ٺاهيندا ويندا.“

ڊوپن جي تجويز مطابق، مون قسم نامن جي جانچ شروع ڪئي. انهيءَ مان انهن جي سچائي ۽ سينٽ اسٽاش جي بيگناهي ثابت ٿي ويئي. هوڏانهن منهنجو دوست اخبارن جي فائيلن ۾ غرق ٿي ويو. سچ پڇو ته مون کي هن جي اها ڪوشش بلڪل اجائي پئي لڳي. پر هفتي کن کان پوءِ، هن اخبارن جا هيٺ ڏنل حصا آڻي منهنجي اڳيان رکيا:

”ساڍا ٽي سال اڳ به جڏهن اها ڇوڪري ميري روزي، عطر فروش موسيوليبلانڪ جي دڪان تان گم ٿي ويئي هئي، تڏهن به اهڙي قسم جو ٿَرٿلو مچي ويو هو. پر سڄو هفتو گم رهڻ کان پوءِ، هوءَ وري انهيءَ دڪان تي بيٺل نظر آئي. سواءِ انهيءَ جي ته سندس چهرو ٿورو هئڊو ڏسڻ ۾ پئي آيو، منجهس ٻيو ڪو به فرق نه هو. ڇوڪريءَ جي ماءُ ۽ موسيوليبلانڪ اهو عذر ڏنو هو ته هوءَ ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن مائٽ جي گهر ويئي هئي. اهڙيءَ طرح جلد ئي معاملي کي رفعي دفعي ڪيو ويو هو. اسان جو خيال هيءُ آهي ته موجوده غير حاضري به اهڙي ئي قسم جي هوندي ۽ هفتي يا مهيني کان پوءِ ميري واپس موٽي ايندي.“ (شام جي اخبار، مورخ 23- جون)

”ڪالهه شام جو نڪرندڙ هڪ اخبار ۾، مادموازل روزيءَ جي پهريون ڀيرو گم ٿي وڃڻ جي واقعي جو ذڪر ڇپيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته ليبلانڪ جي عطر جي دڪان تان غير حاضريءَ واري عرصي ۾، هوءَ هڪ نوجوان بحري عملدار وٽ رهي آهي، جيڪو پنهنجي بدمعاشيءَ سبب گهڻو بدنام آهي. پر پوءِ هنن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو، جنهن ڪري هوءَ واپس گهر موٽي آئي. اسان کي انهيءَ شخص جي نالي جي ڄاڻ آهي ۽ هو في الحال پئرس ۾ ئي رهيل آهي. اسان اهو نالو ڇاپي نٿا سگهون، جنهن لاءِ ظاهري طرح ڪيترائي سبب آهن-“ (لي مرڪيور، مورخ 24 جون)

”ٽيون ڏينهن هن شهر جي پسگردائي ۾، هڪ نهايت هيبتناڪ قسم جو حادثو ٿيو هو. ٿيو هيئن ته هڪ صاحب پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءَ سان گڏ، سج لهڻ وقت ’سين درياءَ‘ جي ڪناري تي پهتو، جتي ڇهه نوجوان هڪ ٻيڙيءَ جي ويجهو پئي ڦريا. انهيءَ شخص پهرين ٻيڙيءَ واري سان درياءَ پار پهچائڻ لاءِ ڀاڙو ٻوليو. درياءَ- پار پهچي اهو صاحب پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سميت ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ هليو ويو. اُتي ايترو پري هليا ويا هئا جو اتان ٻيڙي ڏسڻ ۾ نٿي اچي سگهي. اتي پهچي ڇوڪريءَ کي ياد پيو ته سندس ڇٽي ٻيڙيءَ ۾ ئي رهجي ويئي آهي، تنهن ڪري هوءَ اها کڻڻ لاءِ واپس ويئي، جتي انهن نوجوانن هن کي جهلي ورتو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويهاري وچ درياءَ ۾ وٺي ويس. هُنن هن جو وات ٻڌي ڇڏيو ۽ هن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو. پوءِ هنن کيس ڪناري تي انهيءَ هنڌ کان ٿورو پري ڇڏي ڏنو، جتان هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هئي. اهي بدمعاش اڃا تائين گم آهن، پر پوليس هنن جي پٺيان آهي ۽ جلد ئي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور گرفتار ڪندي.“ (صبح جي اخبار، مورخ 25 جون)

”اسان کي ٻه اهڙا خط مليا آهن، جن ۾ تازو ٿيل ڏوهه جو ذميوار منائي کيس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، پر جيئن ته قانوني جانچ ۽ منائي صاحب کي بلڪل ڇڏي ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي ڪيترن ئي خطن جا دليل معاملي کي سمجهڻ بدران جوش ۽ جذبي تي ٻڌل ڏسجن ٿا، تنهن ڪري اسين انهن خطن کي ڇاپڻ مناسب نٿا سمجهون.“ (صبح جي اخبار، مورخ 28- جون)

”اسان کي جدا جدا ماڻهن وٽان هن قسم جي مضمون جا زورائتا خط پهتل آهن، ته بدنصيب ميري پڪ سان بدمعاشن جي ڪنهن ٽولي جي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي ويئي آهي، جيڪو آچر ڏينهن شام جو شهر جي پسگردائيءَ ۾ رلندو وتندو آهي. اسان جي پنهنجي خيال مطابق به حقيقت اها آهي. اسين انهن مان ڪي دليل سڀاڻي جي اخبار ۾ ڇاپينداسون.“ (شام جي اخبار مورخ 31- جون)

”سومر ڏينهن هڪ ميربحر، جيڪو ڍل- کاتي ۾ ملازم آهي، ’سين درياءَ‘ ۾ خالي ٻيڙي ويندي ڏٺي، جنهن جا سِڙهه لٿل هئا، ميربحر انهيءَ ٻيڙيءَ کي ڇِڪي بندرگاهه تي وٺي آيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪو ماڻهو انهيءَ کي اُتان کولي وٺي ويو ۽ ڪنهن کي به خبر نه پيئي. البت انهيءَ ٻيڙيءَ جا وَنجهه، کاتي جي آفيس ۾ ئي پيا آهن.“ (لي ڊليجنس، 26- جون)

مون اخبارن جي مٿين حصن کي پڙهيو. اهي مون کي نه رڳو غير متعلق پئي لڳا، پر مون کي اهو به سمجهه ۾ نه آيو ته زير غور حادثي ۾، اهي ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪيئن مدد ڪري سگهن ٿا. مون وضاحت ڪندي ڊوپن کي چيو:

”منهنجو ارادو في الحال پهرئين ۽ ٻئي حصي تي ڌيان ڏيڻ جو ڪونهي. مون انهن کي نقل ڪري ڇڏيو آهي جيئن توکي خبر پوي ته اسان جي پوليس ڪيتري نه غافل ۽ ڪوتاهه نظر آهي جو، ذڪر ڪيل بحري عملدار بابت ڪنهن به قسم جي جانچ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ويئي آهي. ائين چوڻ بلڪل بيوقوفي آهي ته ميريءَ جي پهرئين ۽ ٻئي ڀيري گم ٿي وڃڻ جي واقعن ۾، ڪوبه تعلق فرض ڪري نٿو سگهجي. اسان کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته پهرئين واقعي کان پوءِ، عاشقن ۽ سندن محبوبه جي وچ ۾ نفاق ٿي پيو هو ۽ محبوبه به يعني اُها ڇوڪري واپس اچي ويئي هئي. هاڻي هينئر ٻئي ڀيري گم ٿيڻ جي واقعي (شرط هيءُ ته اسان کي معلوم ٿئي ته هن ڀيري به گم ٿي وڃڻ جو ئي واقعو آهي) کي ڪنهن ٻئي شخص جي ڪارروائي سمجهڻ، بدران، ائين سمجهڻ گهرجي ته پهرئين عاشق پنهنجي تعلقات کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو پهرينءَ محبت جو نئون رُخ آهي. انهيءَ کي عشق جو نئون واقعو نه سمجهڻ گهرجي. انهيءَ ڳالهه جو امڪان ته انهيءَ ساڳئي شخص، جيڪو ميريءَ کي پهرين به ڀڄائي ويو هو، هينئر به ميريءَ کي ڀڄي هلڻ لاءِ اَڀاريو هجي، انهيءَ امڪان کان ڏهوڻو وڌيڪ آهي ته هن کي ڪو ٻيو ماڻهو ڀڄائي ويو آهي. هتي آءٌ توکي اها ڳالهه به ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته پهرئين معلوم ٿيل واقعي ۽ ٻئي فرض ڪيل واقعي جي وچ ۾ جيڪو عرصو آهي، اُهو اسان جي فوجين جي سامونڊي سفر جي عام عرصي کان رڳو ٻه- ٽي مهينا وڌيڪ آهي. شايد عاشق جو منصوبو انهيءَ ڪري وچ ۾ ئي رهجي ويو هو، جو کيس سامونڊي سفر تي روانو ٿيڻو هو ۽ هن پنهنجي انهيءَ سفلي ارادن کي پورو ڪرڻ لاءِ، واپس اچڻ تي پهرئين موقعي مان فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن ڳالهين جي اسان کي ڪابه خبر ڪانهي.

تون چئي سگهين ٿو ته ٻئي ڀيري عاشق جو محبوبه کي ڀڄائي وڃڻ وارو فرضي واقعو غلط آهي. اهو قبول به ڪجي، پر ڇا اسين چئي سگهون ٿا ته انهيءَ ۾ عشق جي ناڪاميءَ کي ڪوبه دخل ڪونهي؟ سينٽ اسٽاش (۽ شايد بووي) کان سواءِ ٻيو ڪو به ظاهر ظهور عزت وارو ماڻهو ميريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ اُميدوار نظر نٿو اچي. اسان ته هڪ به ٻئي شخص لاءِ انهيءَ باري ۾ هڪ لفظ به نه ٻڌو آهي. پوءِ اهو لڪل عاشق ڪير آهي، جنهن بابت ڇوڪريءَ جا مائٽ سڀني نه ته به ڪيترائي ڪجهه به نٿا ڄاڻن. پر جنهن سان ڇوڪري آچر ڏينهن صبح جو ملندي آهي ۽ جنهن تي ڇوڪريءَ کي ايترو ڀروسو آهي، جو هوءَ بيرير دورون جي ڪنڊ ۾، شام تائين چپ چاپ هن سان گڏ رهڻ ۾ ڪوبه هرج نٿي سمجهي؟ اهو لڪل عاشق ڪير آهي؟ اها ڳالهه ڪيترن ئي مائٽن کي به معلوم ڪانهي، وري جنهن وقت ميري وئي پئي، ته مادام روزيءَ جي واتان نڪتل هي لفظ ته ”شايد هاڻي ميريءَ جو منهن ڏسڻ مون کي نصيب نه ٿئي“- ڪهڙو مطلب رکن ٿا؟

پر جيڪڏهن اسين اهو فرض نٿا ڪري سگهون ته ڇوڪريءَ جي ڀڄي وڃڻ جي ارادي جي مادام روزيءَ کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته ڇا اسين اهو به فرض نٿا ڪري سگهون ته ڇوڪريءَ جو اهوئي ارادو هو؟ گهر مان وڃڻ وقت هن ٻڌايو هو ته آءٌ درومي گهٽيءَ ۾، پنهنجي چاچيءَ وٽ وڃان ٿي ۽ هن سينٽ اسٽاش کي درخواست ڪئي هئي ته شام جو مون کي وٺڻ اچجانءِ. پهرين ته اها ڳالهه منهنجي فرض ڪيل خيال کي رد ڪندي معلوم ٿيندي. پر ٿورو ٿڌيءَ دل سان سوچڻ گهرجي. اسين هيءَ ڳالهه ڄاڻون ٿا ته هوءَ، ڪنهن ماڻهوءَ سان ملي ۽ ساڻس گڏ درياءَ پار وئي ۽ بيريروي رول جي جاءِ تي ٽنپهرن جو ٽين وڳي پهتي. پر انهيءَ ذڪر ڪيل شخص سان گڏجي وڃڻ جي حامي ڀرڻ وقت (کڻي اها ڪهڙي مقصد لاءِ به هجي ۽ اهو مقصد هُن جي ماءُ کي معلوم هو يا نه) هن ضرور سوچيو هوندو ته آءٌ گهران نڪرڻ وقت ڇا ٻڌائي آئي آهيان ۽ شام جو جڏهن مقرر وقت تي منهنجو مڱيندو، سينٽ اسٽاش، مون کي وٺڻ ايندو ته هن کي خبر پوندي ته آءٌ هت آئي به ڪين هيس ۽ جڏهن اها پريشان ڪندڙ خبر کڻي هو گهر موٽندو، تڏهن پتو پوندس ته آءٌ گهر مان به اڃان تائين گم آهيان. انهيءَ تي هن جي حيرانيءَ جي ڇا حالت ٿيندي ۽ سندس دل ۾ ڪهڙا شڪ شبها پيدا ٿيندا؟ ميريءَ اهي ڳالهيون ضرور سوچيون هونديون، هن پڪ سان سينٽ اسٽاش جي حيرانيءَ ۽ ڪاوڙ ۽ ٻين ماڻهن جي دلين ۾، شڪ پيدا ٿيڻ جي امڪانن کي پنهنجي اڳيان رکيو هوندو. پر جيڪڏهن اسين هيءُ فرض ڪريون ته هوءَ واپس نه اچڻ جي ئي ارادي سان ويئي هئي ته پوءِ ماڻهن جي شڪن شبهن ۽ ڳالهين جي پرواهه ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هاڻي ٿورو ويچار ڪريو ته هن ڪهڙي بنياد تي سوچڻ شروع ڪيو هوندو- ’مون کي ڀڄي وڃڻ لاءِ يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ جنهن جي فقط مون کي ئي ڄاڻ آهي. هڪ خاص شخص سان ملڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڀَتَ ۾ ڪَٻر نه پوي، يعني اسان کي ايترو وقت ملڻ گهرجي جو پُٺ وٺن ته اسان کي ڳولي نه سگهن. انهيءَ لاءِ ته آءٌ اهو بهانو ڪريان ته آءٌ درومي گهٽيءَ ۾، پنهنجي چاچيءَ وٽ وڃان ٿي ۽ سڄو ڏينهن اُتي رهنديس. آءٌ سينٽ اسٽاش کي چونديس ته شام کان پهرين مون کي وٺڻ نه اچي. ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي پيدا ڪرڻ کان سواءِ، گهر مان گهڻي ۾ گهڻو وقت غير حاضر رهڻ لاءِ، اهو ئي بهانو ٿي سگهي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ مون کي ڪڏهن به ايتري مهلت ۽ فرصت ملي نه سگهندي. جيڪڏهن آءٌ سينٽ اسٽاش کي اهو چوان ته مون کي سج لٿي کان پوءِ، اچي وٺي وڃجانءِ ته هو انهيءَ کان پهرين نه ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ هن کي ڪجهه به نه چوان ته پوءِ سڀئي سوچيندا ته آءٌ جلد گهر واپس موٽي ايندس، ۽ منهنجي غير حاضر رهڻ ڪري، هنن کي ڳڻتي ۽ فڪر وڪوڙي ويندو ۽ اهڙيءَ صورت ۾ منهنجي ڀڄي نڪرڻ جو موقعو هٿان نڪري ويندو. ٻي ڳالهه هيءَ ته جيڪڏهن منهنجي واپس موٽي اچڻ جو ارادو هجي ۽ مون کي ذڪر ڪيل شخص سان رڳو گهمڻو ڦرڻو هجي ته آءٌ سينٽ اسٽاش کي ڪڏهن به نه چونديس ته مون کي وٺي وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مون کي وٺڻ لاءِ ايندو ته سموري ڳالهه کُلي پوندي. انهيءَ کي روڪڻ جو فقط هڪڙو طريقو هيءُ آهي ته آءٌ اطلاع ڪرڻ کان سواءِ ئي، گهر مان وڃان ۽ شام جو گهر اچي بهانو ڪريان ته آءٌ چاچيءَ سان ملڻ لاءِ درومي گهٽيءَ تائين ويئي هيس. پر جيئن ته منهنجو ارادو هيءُ آهي ته آءٌ وري اينديس، جيسائين لِڪائڻ جون سڀ شيون لڪائي نه ڇڏيان- تنهن ڪري في الحال مون کي هيءُ سوچڻ گهرجي ته گهڻي ۾ گهڻي مهلت ڪهڙي طرح ملي سگهي ٿي.“

”تو پنهنجي ياداشتن ۾ لکيو آهي ته هن معاملي ۾ ماڻهن جي عام راءِ هيءَ آهي ۽ شروع کان ئي هي رهي آهي ته ڇوڪري بدمعاشن جي ڪنهن ٽولي جي هٿ چڙهي ويئي. ڪن حالتن ۾ عوام جي راءِ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، پر شرط هيءُ آهي ته اهڙي راءِ پاڻمرادو پيدا ٿئي، انهيءَ وقت خلق جي بيان کي غيبي آواز سمجهيو ويندو. آءٌ انهيءَ راءِ جي فيصلي جي پابندي ڪندس. پر شرط هيءُ آهي ته راءِ ماڻهن جي پنهنجي هجي، جنهن کي پرکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ائين ٿو لڳي ته هن معاملي ۾ بدمعاشن جي ٽولي جي ڏوهه ڪرڻ جو خيال اهڙي قسم جي ٻئي واقعي مان پيدا ٿيو آهي، جيڪو اخبار جي ٽئين حصي جو موضوع آهي. ميريءَ جي لاش ملڻ سبب جيڪا جوان آهي، خوبصورت آهي ۽ بدنام آهي، ساري پئرس شهر ۾ هڪڙو ٿرٿلو مچي  ويو آهي. اهو لاشو درياءَ ۾ ترندو مليو آهي ۽ انهيءَ تي اهڙا نشان موجود آهن، جن مان چئي سگهجي ٿو ته هن سان ڏاڍائي ۽ زبردستي ڪئي ويئي آهي. هاڻي ڳالهه کلي ٿي ته عين انهيءَ وقت يا انهيءَ کان ٿورو اڳ، جڏهن ميريءَ کي قتل ڪيو ويو، اهڙي ئي قسم جي پر ٿوري گهٽ دست درازي نوجوان بدمعاشن جي هڪ ٽولي هڪ ٻيءَ نوجوان ڇوڪريءَ سان به ڪئي. جيڪڏهن اهڙي قسم جو هڪ معلوم حادثو اهڙي ئي قسم جي ٻئي نامعوم حادثي جي سلسلي ۾ ماڻهن جي راءِ تي اثر وجهي ته انهيءَ ۾ عجب کائڻ نه گهرجي. عام راءِ کي رهنمائيءَ جي ضرورت هئي ۽ ٻئي واقعي انهيءَ لاءِ اڳ ۾ ئي ميدان ٺاهي ڇڏيو. جنهن درياءَ ۾ ميريءَ جو لاش ترندو نظر آيو، انهيءَ ۾ ئي ٻيءَ ڇوڪريءَ سان به اهڙي ئي قسم جو حادثو ٿيو هو. انهن ٻنهي واقعن ۾، اهڙي ته هڪ جهڙائي آهي، جو جيڪڏهن ماڻهو هڪ جو ٻئي تي قياس نه ڪن ها ته تعجب ٿئي ها، پر حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن انهن حالتن هيٺ هڪ حادثي جو ٿي پوڻ ثابت ٿيو آهي، ته انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته انهيءَ وقت جي ويجهو جيڪو ٻيو حادثو ٿيو آهي، اُهو ڪنهن ٻئي طريقي تي ٿيو هوندو، اهڙو اتفاق ته معجزو ئي ٿي سگهي ٿو ته هڪ علائقي ۾ بدمعاشن جو هڪ ٽولو هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنائي ٿو ته ٻيو اهڙي ئي قسم جو ٽولو، انهيءَ شهر جي اهڙي ئي علائقي ۾، اهڙين ئي حالتن هيٺ، ساڳين وسيلن ۽ هٿيارن سان عين انهيءَ وقت اهڙي قسم جي سنگين ڏوهه جي حرڪت ڪري ٿو. ڇا عام راءِ تي انهن  اتفاقي هڪجهڙائين جو اثر نه ٿيو هوندو؟ جي هائو ته پوءِ انهيءَ جي پيروي ڪهڙيءَ طرح ڪئي وڃي؟

هاڻي سوال رهي ٿو ته انهيءَ جاءِ جو جتي قتل جو واقعو ٿيو، يعني بيرير دورول ۾، وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾. اتي جيتوڻيڪ وڻ تمام گهاٽا آهن، پر اها جاءِ عام رستي جي بلڪل ويجهي آهي. اتي ٽي- چار اهڙي قسم جا وڏا پٿر پيل هئا، جن تي ماڻهو ٽيڪ ڏيئي، ٽنگون ڊگهيري آرام سان ويهي سگهي ٿو. انهن مان سڀ کان مٿئين پٿر تي هڪ پيٽي ڪوٽ جو اڇو ڪپڙي جو ٽڪر مليو، ٻئي پٿر تي هڪ ريشمي گلا- بند هٿ آيو. اتي ئي هڪ ڇٽي، دستانا ۽ هڪ رومال به مليو، جنهن تي ميري روزيءَ جو نالو ڀرت ۾ ڀريل هو، اوسي پاسي جي وڻن ۾ ڪپڙن جا ٽڪرا به مليا. زمين پيرن سان چڱيءَ طرح لتاڙيل هئي، وڻن جون ٽاريون ٽُٽل هيون ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترائي نشان هئا، جن مان خبر پيئي ٿي ته اتي چڱي خاص ڇِڪتاڻ ٿي آهي.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انهيءَ جاءِ تي، خبر پوڻ تي اخبارن زور شور سان لکيو ۽ سڀني قبول ڪيو ته اهائي ڏوهه جي اصل جاءِ آهي. انهيءَ هوندي به هيءَ حقيقت آهي ته انهيءَ ڳالهه تي شڪ ڪرڻ لاءِ، ڪي جائز سبب موجود آهن. ڇا قتل جي جاءِ اهائي آهي؟ آءٌ انهيءَ تي يقين ڪريان يا نه پر شڪ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جائز سبب آهن- جيئن لي ڪمرشل اخبار لکيو آهي. جيڪڏهن حادثو سچ پچ پيوي سينٽ اَندري گهٽيءَ جي اوسي پاسي ٿيو آهي ته قاتلن کي (اهو فرض ڪندي ته اهي پئرس ۾ ئي آهن) خوف وڪوڙيو هوندو ته متان عام راءِ، جيڪا درست آهي، اسان کي ڳولي نه هٿ ڪري. ڪن ماڻهن جي ذهن ۾ هيءُ خيال هڪدم آيو هوندو ته ماڻهن جو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف ڇڪايو وڃي. تنهن ڪري هنن ويچاريو ته مقتوله جا ڪپڙا بيرير دورول جي انهيءَ جُهڳٽي ۾ رکيا وڃن، جنهن تي ماڻهن پهرين کان ئي قتل جي جاءِ هجڻ جو شڪ ڪن ٿا. لي سوليي اخبار جي راءِ آهي ته اهي ڪپڙا انهن جهڳٽن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيا هئا، پر انهيءَ راءِ لاءِ ڪو به واجب سبب موجود ڪونهي. آثار اهو ٿا ٻڌائين ته انهن ڪپڙن جو ويهن ڏينهن تائين (قتل جي حادثي کان ويهه ڏينهن پوءِ ڪن ڇوڪرن کي اهي ڪپڙا جهڳٽن ۾ پيل مليا هئا) انهيءَ هنڌ موجود رهڻ ۽ ماڻهن جي ڌيان ۾ نه اچڻ، ممڪن ڪونهي. لي سوليي لکي ٿو ته مينهن پوڻ ڪري، انهن تي ڪائي ڄمي ويئي هئي ۽ ڪپڙا سُڪي هڪ ٻئي سان چنبڙي ويا هئا. انهن جي چؤڌاري ۽ انهن مان ڪن تي گاهه به ڦُٽي آيو هو. ڇٽيءَ جو ريشمي ڪپڙو مضبوط هو، پر انهيءَ جا اندريان ڌاڳا پاڻ ۾ ملي ويا هئا. مٿئين حصي تي به جيڪو ويڙهيو ويندو آهي، ڪائي ڄمي وئي هئي ۽ ڪپڙو ڳري ويو هو ۽ کولڻ تي انهن جاين تان ڦاٽي ٿي پيو.

انهيءَ مان ثابت ٿيو ته انهن ڪپڙن جي ٽن چئن هفتن کان انهيءَ جهڳٽي ۾ موجود هجڻ جي ثبوت ۾، جيڪا ڳالهه ايتري زور شور سان پيش ڪئي وئي، اُها بلڪل بي معنيٰ آهي. انهيءَ جي ابتڙ هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي ته اهي شيون ذڪر ڪيل جاءِ تي، هڪ هفتي کان وڌيڪ يعني هڪ آچر کان ٻئي آچر تائين لِڪل رهي سگهن ٿيون. جيڪي ماڻهو پئرس جي پسگردائيءَ مان واقف آهن، اُهي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اتي اڪيلائيءَ ۽ آرام لاءِ ڪنهن جاءِ جو ملڻ ڪيترو نه محال آهي. انهيءَ لاءِ شهر کان ٻاهر تمام پري وڃڻو پوندو آهي. اهو ته سوچي به نٿو سگهجي ته پسگردائيءَ جي وڻن ۽ جهڳٽن جي وچ ۾، اڪيلائيءَ جي ڪا اهڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي، جيڪا اڃا تائين ڪنهن ڏٺي به نه هجي يا جتي ماڻهو گهڻو ڪري نه پهچندا هجن. جيڪو شخص هن ظالم شهر پئرس جي گرميءَ ۽ ڌوڙ مان بيزار ٿي فطرت جي هنج ۾، آرام حاصل ڪرڻ جو طالب آهي، اهو آچر کان سواءِ به ٻئي ڪنهن ڏينهن، اها ڳالهه آزمائي سگهي ٿو. پئرس جي پسگردائيءَ ۾ قدرت جي رنگين نظارن جي ته ڪابه کوٽ ڪانهي، پر ڪا نويڪلي ڪنڊ ملڻ بنهه ناممڪن آهي. هر ٻئي قدم تي هن جي خوشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ، ڪو نه ڪو غنڊو يا بدمعاشن جو ڪو ٽولو گوڙ گهمسان ڪندو ملندو. ٻيو ته ڇڏيو پر گهاٽن جهڳٽن جي وچ ۾ به هن کي آرام جي جاءِ ملڻ لاءِ ناڪامي ٿيندي. اهي ئي جايون ته گناهن جا اڏا آهن. لاچار  ٿي فطرت جو شيدائي وري به پئرس جي نجس ۽ ناپاڪ ماحول ۾ موٽي ايندو، ڇاڪاڻ ته اتي جي فضا پسگردائيءَ جي بيحد نجس ۽ ناپاڪ فضا جي ڀيٽ ۾، هن کي بهتر معلوم ٿيندي. جڏهن هفتي جي عام ڏينهن تي ئي اهڙي حالت آهي ته پوءِ اوهان پاڻ خيال ڪريو ته انهيءَ ڏينهن ته خاص ڪري شهر جا رولاڪ ۽ بدمعاش، جن کي ڏوهن ڪرڻ جا وَجهه گهٽ ملن ٿا، انهيءَ پسگردائيءَ جو رخ ڪندا آهن، ڳوٺاڻن نظارن جي سونهن پسڻ خاطر نه، ڇاڪاڻ ته انهن سان هنن جو ڪهڙو واسطو، پر انهيءَ لاءِ ته اتي هنن کي افراتفري پيدا ڪرڻ جو سُٺو وجهه ملندو آهي. هنن کي تازيءَ هوا يا چؤڌاري پکڙيل ساوڪ سان ڪابه دل نه هوندي آهي. هو ته انهيءَ ڇڙواڳيءَ جي ڳولا ۾ ويندا آهن، جيڪا پوليس جي نظرن کان پري، شهر کان ٻاهر ئي هنن کي ملي سگهي ٿي. ڪنهن سراءِ يا وڻن جي جهڳٽن جي وچ ۾، اها چنڊال چؤڪڙي اچي ديرو ڄمائيندي ۽ شراب جو دؤر شروع  ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ بدمستيءَ جي عالم ۾، جيڪي به ڪن، اهو ٿورو آهي. آءٌ وري به چوان ٿو ته اها بنهه اَڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته مقتوله جا ڪپڙا ۽ ٻيون شيون پئرس جي ٻاهران ڪنهن ڪنڊ ۾، هڪ آچر کان ٻئي آچر جي عرصي کان به وڌيڪ ڏينهن تائين پيون هجن ۽ انهن تي ڪنهن به بني بشر جي نظر نه پوي.

البت ڪي سبب موجود آهن، جن جي ڪري شڪ پيدا ٿئي ٿو ته اهي شيون ڏسي وائسي ۽ ڄاڻي ٻُجهي، انهن وڻن جي جهڳٽن ۾ انهيءَ لاءِ لڪايون ويون، جيئن ماڻهن جو ڌيان قتل جي اصلي جاءِ تان هٽي وڃي. سڀ کان پهرين، هيءَ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته اهي ڪپڙا ڪهڙيءَ تاريخ هٿ آيا آهن؟ انهيءَ کي اخبار جي پنجين حصي جي تاريخ سان ملائي ڏسبو ته خبر پوندي ته هوڏانهن شام جي اخبار ۾ زوردار خط ڇپيا ۽ هيڏانهن اهي شيون وڻن جي جهڳٽن ۾، پيل نظر آيون. جيتوڻيڪ اهي خط ظاهري طرح جدا جدا آهن ۽ جدا جدا هنڌن تان جدا جدا ماڻهن موڪلي آهن. پر سڀني ۾ ٻن ڳالهين لاءِ تاڪيد ڪيو ويو آهي، هڪ هيءُ ته اها  بدمعاشن جي ڪنهن ٽولي جي حرڪت آهي، ٻيو هيءُ ته قتل جو واقعو بيرير دورول جي اوسي پاسي ڪنهن هنڌ ٿيو آهي. شڪ انهيءَ ڪري پيدا نٿو ٿئي ته انهن خطن ڇپجڻ جي ڪري يا ماڻهن جو ڌيان انهيءَ پاسي وڃڻ ڪري ڇوڪرن کي اهي شيون نظر آيون، پر انهيءَ ڪري ته اهي شيون پهرين ڇو نه مليون؟ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ کان پهرين اهي شيون اتي موجود ئي ڪين هيون. خطن جي موڪلڻ وارن ڏوهارين يا ته خطن موڪلڻ واري ڏينهن يا انهيءَ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ، اهي شيون انهن جهڳٽن ۾ آڻي لڪايون.

اها جاءِ ڪيترن ئي سببن ڪري، هڪ اهم حيثيت وري جاءِ آهي. هڪ ته هتي عام وڻن جي ڀيٽ ۾، وڻ ۽ ٻوٽا ڏاڍا گهاٽا ۽ ڳتيل آهن ۽ ٻيو ته انهن قدرتي ديوارن جي وچ ۾، ٽي اهڙي عجيب غريب قسم جا پٿر پيا آهن، جيڪي ڪرسي، ڪرسيءَ جي پُٺي ۽ پيرن رکڻ جي جاءِ جو ڪم ڏين ٿا. اهڙو خوبصورت هنڌ، مادام ويلڪ جي گهر کان رڳو ٻه- ٽي قدم پري آهي، جتي هن جا ڇوڪرا ساس فرانس جي ڇوڏيءَ جي ڳولا ۾، سڀئي وَڻ ٻوٽا اچي ڇاڻيندا ۽ ٻهاريندا آهن. آءٌ ته وڏي ۾ وڏي شرط رکي چئي سگهان ٿو ته ڪو به اهڙو ڏينهن نه لنگهندو هوندو، جڏهن انهن مان ڪو نه ڪو ٻار انهيءَ ڇانوَ وارءَ ڪُنڊ ۾ وڃي، انهيءَ قدرتي تخت تي نه ويهندو هجي. جن ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه تي شڪ آهي، اهي يا ته پاڻ ڪڏهن ٻار نه رهيا آهن يا اته وري ٻارن جي فطرت ۽ عادت کي وساري ويٺا آهن. آءٌ وري به چوان ٿو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر آهي ته وڻن ۾ پيل، اهي شيون ٻن- ٽن ڏينهن کان وڌيڪ، ماڻهن جي نظر کان لڪل رهي سگهيون آهن. لي سوليي اخبار ته عقل جو ڏيوالو ڪڍڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺي آهي. انهيءَ شڪ ڪرڻ جا واجبي سبب آهن ته وڻن ۾، جيڪي شيون پيل مليون، اُهي گهڻو پوءِ اُتي رکيون ويون هيون.

انهيءَ فرض ڪيل ڳالهه جي حق ۾، مون وٽ مٿي ذڪر ڪيل دليلن کان به وڌيڪ دليل موجود آهن. هاڻي ٿورو انهن شين جي هٿرادي ترتيب تي به غور ڪريو. مٿي پٿر تي هڪ اڇو ڪپڙو پيل آهي. ٻئي پٿر تي هڪ ريشمي گلابند ۽ هيڏانهن هوڏانهن هڪ ڇٽي، دستانا ۽ هڪ رومال جنهن تي ”ميري روزي“ جو نالو ڀرت سان ڀريل آهي، پکڙيا پيا آهن. هڪ معمولي ذهن ۽ سمجهه وارو ماڻهو به انهن شين کي اهڙيءَ ترتيب سان رکڻ جي ڪوشش ڪندو. پر حقيقت ۾ اها هٿرادو ترتيب ئي آهي، منهنجي خيال ۾ ته شيون زمين تي ڪريل هجڻ کپن ها ۽ پيرن ۾ لتاڙيل. ڪيترن ئي ماڻهن جي ڇڪتاڻ جي وچ ۾، انهيءَ ننڍڙيءَ جاءِ تي ڪپڙي ۽ گلابند جو رهجي وڃڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ اخبار ۾ لکيل آهي ته انهيءَ هنڌ جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ جا نشان مليا آهن، زمين پيرن ۾ لتاڙيل هئي ۽ ٽاريون ٽُٽل هيون. پر ڪپڙو ۽ گلابند اهڙيءَ طرح، مليا آهن، ڄڻ ته ڪنهن انهن کي آرام سان کڻي الماڙيءَ ۾ رکيو هجي. وڻن ۾ جيڪي فراڪ جا ڦاٽل ٽڪرا هٿ آيا آهن، اهي ڇهه انچ ڊگها ۽ ٽي انچ ويڪرا هئا، انهن مان هڪ فراڪ جو ڏورو هو. جيڪو رفو پڻ ڪيل هو. لي سوليي اڻڄاڻائيءَ وچان هڪ اهڙو جملو لکي ڇڏيو، جيڪو ڏاڍو شڪي آهي. اُهو هيءُ ته ”اهي پٽيون ڪنهن ڪپڙي مان ڦاڙيل ڏسجن ٿيون.“ سچ پچ ته اهي پٽيون ڄاڻي ٻجهي ۽ هٿ سان ڦاڙيل لڳن ٿيون. اهو اتفاق ته بلڪل اڻ ٿيڻو آهي ته اهڙي قسم جو ڪپڙو اهڙيءَ طرح هڪ ڪَنڊي سان ڦاٽي. اهو ڪپڙو اهڙي قسم جو آهي جو جيڪڏهن ڪو ڪنڊو يا ڪِلي انهيءَ ۾ ڦاسي پوي ته اهو چوڪور ڦاٽندو ۽ نه سڌو. مون ته ڪڏهن به ائين نه ڏٺو آهي. انهيءَ ڪپڙي مان اهڙي قسم جي پٽي جُدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهيءَ کي ٻه جدا طاقتون آمهون سامهون ڇڪين. هڪ طاقت انهيءَ ڪپڙي مان پٽي فقط انهيءَ حالت ۾ ڦاڙي سگهندي، جڏهن ڪپڙي جا ٻه ڪنارا هجن. پر اسن جي اڳيان جنهن ڪپڙي جو مثال آهي، انهيءَ جو هڪڙو ئي ڪنارو آهي ۽ انهيءَ مان هڪ ڪنڊو اندرئين حصي مان پٽي ڦاڙي جدا ڪري، ممڪن ڪونهي. انهيءَ لاءِ ڪيترن ئي ڪنڊن سان گڏ ڪنهن ٻيءَ وقت جي به ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنارو هجي، تڏهن به پٽي جدا ڪرڻ لاءِ ٻه ڪنڊا گهرجن. ٻيو ته ڪپڙو جهالر وارو يا ڏوري وارو به نه هجي. جيڪڏهن وري جهالر يا ڏوري آهي ته پوءِ ته ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ثابت ٿيو ته اسين انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ، بلڪل تيار ڪونه آهيون ته اهڙي قسم جون پٽيون ڪنهن ڪنڊي سان ڦاٽي سگهن ٿيون. ٻيو ته هت هڪ ٻه نه پر ڪيتريون ئي پٽيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. هاڻي انهيءَ کي اسين ڪهڙيءَ طرح قبول ڪريون؟ وري مزي جي ڳالهه هيءُ ته هڪ حصو فرانڪ جي جهالر جو به آهي. وري هڪ لِيڙ اندرئين پهراڻ جي به آهي نه فراڪ جي. جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته ڪنڊن ۾ لباس جو اندريون حصو اهڙيءَ طرح اٽڪي پيو. جو ڦاٽي جدا به ٿي ويو. هاڻي جيڪڏهن انهن ڳالهين جي بنياد تي، آءٌ شاهدن جي بيانن تي شڪ نه ڪريان ته ٻيو ڇا ڪريان؟ وري اهي سڀئي ڳالهيون هن هڪ ڳالهه جي اڳيان ڪابه اهميت نٿيون رکن ته قاتلن لاش کي ته انهيءَ هنڌان گم ڪرڻ ۾ ڏاڍي خبرداري ڪئي، پر انهن شين کي اتي ئي ڇڏي ڏنو. جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته آءٌ انهيءَ جاءِ کي قتل جي جاءِ نٿو سمجهان ته پوءِ تون منهنجي ڳالهه پوريءَ طرح سمجهي نه سگهندين. ٿي سگهي ٿو ته قتل انهيءَ هنڌ تي ئي ٿيو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته مادام ويلڪ جي گهر ۾ قتل ٿيو هجي. پر اهو نُڪتو ايترو اهم ڪونهي، اسان کي انهيءَ هنڌ جي ڳولا ڪانهي. قاتلن جي ڳولا آهي. منهنجو هڪ مقصد هيءُ آهي ته لي سوليي جا ڪڍيل نتيجا غلط آهن، ٻيو ته آءٌ توکي دليلن ۽ آثارن وسيلي انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ غور ڪرڻ جي دعوت ڏيان ته اهو ڪم ڪنهن ٽولي جو آهي يا اڪيلي شخص جو.

انهيءَ سوال تي غور ڪندي پهرين ته آءٌ انهيءَ سرجن جي شاهديءَ جي تفيصل ڏانهن اشارو ڪندس، جنهن هن اوچتي قتل جي، تحقيقات ڪئي هئي. هن بدمعاشن جي تعداد بابت جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اهي پئرس جي مشهور معروف عضن جي تشريح ڪندڙ ماهرن بڪل غلط ۽ بي بنياد ثابت ڪيا آهن. اهو ٿي سگهي ٿو ته واقعو اهڙيءَ طرح ٿيو هجي، جيئن هن جو اندازو آهي. پر آثارن ۽ شاهدين مان اهو نتيجو نٿو نڪري.

هاڻي اسان کي مارڪُٽ ۽ ڇڪتاڻ تي نشانن جو به جائزو وٺڻ گهرجي. انهن نشانن مان ڪهڙا نتيجا ڪڍيا ويا آهن؟ اهي ئي ته اهو ڏوهه ڪنهن دعويٰ جي تصدي ڪرڻ بدران انهيءَ کي رد ڪن ٿا. ڇا انهيءَ مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته اهو ڪنهن ٽولي جو ڪم ناهي؟ اهڙي زبردست ڇڪتاڻ جنهن جا نشان هر طرف موجود آهن، هڪ ڪمزور ڇوڪريءَ ۽ جانٺن بدمعاشن جي ڪنهن ٽولي جي وچ ۾، ڪهڙيءَ طرح ٿي سگهي ٿي؟ ايترا ماڻهو ته هن کي ماٺ ميٺ ۾ سوگهو ڪري گهن ٿا. انهيءَ لاچار ڇوڪريءَ جو هنن جي اڳيان ڪهڙو وَس هلي سگهي ٿو؟ هتي هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ جي لائق آهي ته. مون انهي جاءِ کي قتل جو هنڌ ثابت نه ڪرڻ لاءِ، جيڪي دليل ڏنا آهن، اُهي انهيءَ صورت ۾ لاڳو ٿي سگهن ٿا، جڏهن هيءُ دعويٰ ڪئي ويئي هجي ته قتل ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو هٿ آهي. اهڙي ڇڪتاڻ فقط انهيءَ صورت ۾ قياس جوڳي آهي، جڏهن قاتل هڪ هجي.

وري جيئن آءٌ پهرين چئي آيو آهيان ته انهن شين جو انهيءَ هنڌ تي پيل شڪي آهي. اها ڳالهه ويساهه جوڳي ڪانهي، ته اتفاق سان ڏوهه جو ثبوت رهجي ويو آهي. جيڪو قاتل ايتري خبرداري  ڪري سگهي ٿو جو لاش لڪائي ڇڏي ٿو، اهو قتل جي جاءِ تي، لاش کان وڏيون نشانيون ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي؟ منهنجو اشارو رومال طرف آهي، جنهن تي مقتوله جو نالو به ڀريل آهي، اها ته لاش کان به يقيناً وڏي نشاني آهي، ڇاڪاڻ ته لاش ته جلد ئي سڙي ڳري ۽ سڃاڻڻ کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو ڀُل چوڪ کان ٿيو آهي ته پوءِ، اها غلطي ڪنهن ٽولي جي نه چئبي. البت اهڙي ڀُل ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کان  ضرور ٿي سگهي ٿي. هاڻي اوهان هن طرح سوچيو ته ڪنهن هڪ شخص قتل ڪري وڌو آهي. هن جي اڳيان لاش پيو آهي، جنهن کي ڏسي هُن تي وحشت طاري ٿئي ٿي. هن جي ڪاوڙ ۽ قهر جي گرمي گهٽجي وئي آهي. هاڻي هن جي دل ۾ انهيءَ قبيح ڏوهه جي سزا جو خوف ۽ هيبت ويهي رهي آهي، هن ۾ اهو اعتماد ڪونهي جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگيءَ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي. هاڻي فقط هو پاڻ آهي يا لاش. هو ڏڪي ٿو ۽ هن جا اوسا خطا ٿي وڃن ٿا. پر لاش کي به ڪنهن هنڌ لڪائڻ ضروري آهي. هو لاش کڻي درياءَ ۾ وڃي ٿو لوڙهي، پر پٺيان ڏوهه جا ڪيترائي ثبوت ڇڏي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت جيڪڏهن سڀيئي شيون کڻي وڃڻ ممڪن نه آهن ته مشڪل ضرور آهن. هو سوچي ٿو ته واپس اچي اهي به لِڪائي ڇڏيندس، پر درياءَ تائين پهچندي پهچندي هن جو ڊپ وڌي وڃي ٿو. هو رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جا آواز ٻڌي ٿو. ڏهه ڀيرا کن ته هن کي شڪ پوي ٿو ته ڪنهن ڏسي ورتو يا ڪو پٺيان پيو اچي. ٻيو ته ڇڏيو، پر شهر جون روشنيون به هن جي دل پيون ڏڪائين. انهيءَ سخت عذاب ۾ هوندي به هو جيئن تيئن ڪري درياءَ جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو ۽ لاش درياءَ ۾ لوڙهي ٿو، شايد ڪنهن ٻيڙيءَ مان. هاڻي انهيءَ قاتل کي انهيءَ خوفناڪ رستي تان انهيءَ جاءِ تي دل ڏاريندڙ ماحول ۾ واپس وڃڻ تي نه ڪنهن وڏي ۾ وڏي خزاني جي لالچ مجبور ڪري سگهي ٿي ۽ نه ڪنهن سزا جو خوف. تنهن ڪري هو فيصلو ڪري ٿو ته هاڻي انهيءَ هنڌ واپس نه ويندس کڻي انهيءَ جو ڪهڙو به نتيجو ڇو نه نڪري. هن جي اڳيان هاڻي ڀڄي جان بچاڻ جو سوال آهي. تنهن ڪري هو انهيءَ هنڌ جو رخ به نٿو ڪري.

پر جيڪڏهن ماڻهو جهجها آهن، ڪو باقاعدي ٽولو آهي ته انهن جي گهڻائيءَ جي سبب ڪري اعتماد پيدا ٿئي ٿو. ڪنهن بدمعاش ۾، جيڪو اهڙي قسم جي ٽولي ۾ رُڪن آهي، اهڙي اعتماد جي پهرين وري ڪهڙي گهٽتائي هوندي آهي. ڪنهن اڪيلي شخص تي قتل جي فعل کان پوءِ، جيڪا هيبت سوار ٿي سگهي  ٿي، انهيءَ تي گهڻن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ قبضو ڪري سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هڪ ماڻهو غلطي ڪري، ٻيو به ڪري، ٽيون به ڪري، پر چوٿون ماڻهو انهن سڀني غطلين کي درست ڪري ڇڏيندو. هڪ ئي ٽولي جا ماڻهو هٿو هٿ سڀ ڪجهه کڻي وڃي سگهن ٿا. اُهي پنهنجي پٺيان ڪابه شيءِ رهڻ نه ڏيندا ۽ کين اچڻ جي ڪابه ضرورت نه ٿيندي.

”هاڻي اوهان هڪ ڳالهه کي وٺو ته لاش جي مٿئين پهراڻ مان هڪ فوٽ ويڪري پٽي ڪمر تائين ڦاڙي ويئي هئي، ۽ چيلهه وٽ انهيءَ جا ٽي ور ڏئي پٺيان ڳنڍ ڏني ويئي هئي. ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ، ڪيو ويو هو ته هٿن ڦاسائڻ لاءِ ڪا جاءِ ٺاهي وڃي، جيئن لاشو کڻي سگهجي. پر جيڪڏهن ماڻهو گهڻا هجن ها ته لاشي کي ٽنگوٽالي ڪري کڻي وڃي سگهن ٿا ۽ انهيءَ ۾ هنن کي سولائي به ٿئي ها. اها هٿن ڦاسائڻ لاءِ جاءِ ٺاهڻ جي ضرورت فقط هڪ ماڻهوءَ کي ٿي هوندي، ۽ اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته انهيءَ جاءِ ۽ درياءَ جي وچ ۾، بند جون جيڪي ڪاٺيون لڳل هيون، اهي ڇاجي لاءِ نڪتل هيون؟ انهيءَ لاءِ ته ڪنهن ڳريءَ شيءِ کي جهلي کڻي وڃي سگهجي، ڇا گهڻن ماڻهن جي هوندي انهن ڪاٺين جي ڪڍڻ جي ضرورت ٿي سگهي ٿي؟ اهي ته اک ڇنڀ ۾، لاشو هٿن تي کڻي اتان ٽپي اچن ها. جيڪڏهن اهو ڏوهه هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو هجي ها ته اهي لاشو اهڙيءَ طرح نه گهلين ها جو سڄيءَ وات تي انهيءَ جا نشان رهجي وڃن.

هاڻي لي ڪمرشل جي بيان جي هڪ حصي تي به ٿورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. انهيءَ بابت آءٌ پهرين به ڪجهه چئي آيو آهيان. انهيءَ اخبار لکيو اهي ته ڇوڪريءَ جي پيٽي ڪوٽ مان هڪ پٽي ڦاڙي، هن جي کاڏيءَ هيٺان ڳچيءَ جي چؤڌاري ويڙهي ويئي هئي، جيئن هوءَ رڙيون نه ڪري سگهي. اهو اهڙن ماڻهن جو ڪم آهي، جن وٽ رومال نه هوندا آهن.

آءٌ اهو چئي آيو آهيان ته اڄڪلهه جي بدمعاشن وٽ رومال ضرور هوندا آهن. پر هن وقت منهنجو مقصد انهيءَ نُڪتي تي زور ڏيڻ نه آهي. لي ڪمرشل راءِ ڏني آهي ته رومال نه هجڻ ڪري اها پٽي رَڙين بند ڪرڻ لاءِ ٻڌي ويئي هئي. انهيءَ جو رد هن ڳالهه مان ٿي وڃي ٿو ته رومال ته قتل واريءَ جاءِ تان مليو آهي. رڙين بند ڪرڻ لاءِ ته پٽيءَ بدران رومال، وڌيڪ ڪارائتو ٿي سگهيو ٿي. شاهدن جي بيان مطابق اها پٽي ڳچيءَ جي چوڌاري ڍِري هئي ۽ پٺيان ڇڪي ڳنڍ ڏنل هئي. انهن لفظن مان ڪو به سڌو مطلب نٿو نڪري، پر جيڪو به مطلب آهي، اهو لي ڪمرشل جي ڪڍيل مطلب کان بلڪل جدا آهي. ڪپڙي جي اها پٽي اَرڙهن انچ ويڪري هئي، تنهن ڪري ڪپڙو کڻي  ململ جو هجي، پر انهيءَ ڊگهي پٽيءَ کي تَهه ڪرڻ يا وَٽڻ سان تمام مضبوط رسي وٽجي سگهي ٿي. اهو ڪپڙو انهيءَ صورت ۾ وٽيل مليو به آهي. انهيءُ مان آءُ هيءُ نتيجو ڪڍان ٿو ته قاتل جيڪو اڪليو ئي هو، تنهن لاشي کي انهيءَ پٽي جي مدد سان جيڪا چيلهه ۾ ٻڌي هئي (انهيءَ جاءِ کان يا ٻيءَ ڪنهن جاءِ کان جتي قتل ٿيو آهي) کڻي ٿورو اڳتي ته وويو پر بار گهڻو هو، جنهن کي گهڻيءَ دير تائين کڻي وڃڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. تنهن ڪري هن لاش کي گهلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته لاش گهليو ويو هو. انهيءَ مقصد ڪاڻ جسم جي هڪ حصي کي رسيءَ جهڙي ڪنهن شيءِ سان ٻڌڻ ضروري هو. اهو بهترين حصو ڳچيءَ جو ئي ٿي سگهيو ٿي. انهيءَ لاءِ ته رسيءَ جو وٽُ، انهيءَ ۾ چڱي طرح ڦاسي سگهيو ٿي. پهرين ته هُن (قاتل) کي ڪمر- پٽي لاهڻ جو خيال آيو هوندو، پر هڪ ته اهو لاش جي چيلهه ۾ وٽجي سٽجي ويو هو، ٻيو ته انهيءَ جي ڳنڍ کولڻ بلڪل مشڪل هئي. ايتري ۾ هن کي ياد آيو هوندو ته پيٽي- ڪوٽ مان هڪ پٽي ڦاڙڻ وڌيڪ سولي آهي. تنهن ڪري هن پٽي ڦاڙي، لاش جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، انهيءَ کي گهليندو درياءَ تائين ويو. انهيءَ پٽيءَ جي ڦاڙڻ، وٽڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ٿوري دير به ٿي هوندي ۽ انهيءَ سبب مقصد به چڱيءَ طرح پورو نه ٿيو هوندو. انهن ڳالهين جي موجودگيءَ ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪيو ويو هوندو. انهيءَ وقت هن کي رومال نه ملي سگهيو هوندو. اسان جي خيال مطابق، قاتل انهيءَ هنڌان (شرط اهو ته قتل انهيءَ هنڌ تي ٿيو آهي) پري نڪري ويو هوندو.

پر هاڻي تون چوندين ته مادام ويلڪ جي شاهديءَ مان هيءُ ظاهر ٿئي ٿو ته قتل جي وقت يا انهيءَ وقت، انهيءَ هنڌ جي اوسي پاسي، بدمعاشن جا ٽولا موجود هوندا. پر مادام ويلڪ جي سست بنياد ۽ شڪي شاهديءَ مطابق، جنهن خاص ٽولي تي الزام مڙهيو ويو آهي، سو اهو ئي ٽولو آهي، جنهن بابت هن پاڻ دانهن ڏني هئي ته انهيءَ ٽوليءَ جا ماڻهو سندس ڪيڪ کائي ويا هئا ۽ شراب جو بوتلون خالي ڪري ويا هئا ۽ هڪ ٽڪو به ڪونه ڏنائون.

هاڻي مادام ويلڪ جي شاهديءَ جا لفظ ٻُڌ:

”بدمعاشن جو هڪ ٽولو ظاهر ٿيو، جيڪو گوڙ گهمسان ڪري کائي پي، پئسن ڏيڻ کان سواءِ ئي، انهيءَ رستي تي روانو ٿي ويو، جنهن تي اُهو نوجوان ۽ ڇوڪري ويا هئا. اهو ٽولو سج لهڻ وقت وري، سراءِ ۾ واپس آيو ۽ جلدي جلدي درياءَ پارڪري هليو ويو.“

جئين ته مادام ويلڪ کي پنهنجن ڪيڪن ۽ شراب جي نقصان جي ڳڻتي ڳاري رهي هئي. تنهن ڪري هن انهن ماڻهن جي واپس اچڻ وقت جلديءَ کي ڪا خاص ڳالهه سمجهيو آهي. شايد کيس اڃا تائين پنهنجي نقصان جي عيوضي ملڻ جي اميد هئي، نه ته سج لهڻ وقت ڪنهن جو واپس وڃڻ لاءِ، جلدي ڪرڻ ڪا خاص ڳالهه نه آهي. درياءَ جو پيٽ وڏو آهي ۽ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ اهو پار ڪرڻو آهي. طوفان جو ڊپ جُدا آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ رات ٿيند ويندي. اهڙيءَ حالت ۾ بدمعاش هجن يا ٻيا ماڻهو، درياءَ پار ڪرڻ لاءِ هرهڪ جلدي ڪندو.

’رات ٿيڻ واري آهي، جو مطلب اهو نه سمجهڻ گهرجي ته رات ٿي ويئي هئي. انهن بدمعاشن جو سج لهڻ وقت جلدي ڪرڻ، مادام ويلڪ جي خيال ۾ شڪي هو. پر اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ شام جو مادام ويلڪ ۽ سندس وڏي ڇوڪريءَ سراءِ جي ويجهڙائيءَ مان ڪنهن عورت جون رَڙيون ٻڌيون. اهي رَڙيون ڪهڙي وقت ٻُڌيون ويون، مادام ويلڪ جي لفظن ۾ ”سانجهي ٿيڻ کان ٿورو وقت پو.“ سانجهيءَ ٿيڻ کان ٿورو وقت پوءِ جو مطلب هيءُ ئي آهي ته اوندهه ٿي ويئي هئي. پر سج لهڻ وقت جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته اڃا ڏينهن جي روشني هئي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته مادام ويلڪ جي ڪنن تائين. رڙين جي آواز پهچڻ کان پهرين، اهو ٽولو بيرير دورول مان روانو ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ شاهديءَ جي بيانن ۾ سڀني هنڌ اهي ئي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي. پر انهن ۾ جيڪو تفاوت آهي، انهيءَ ڏانهن ڪن هن به اخبار اڃا تائين اشارو نه ڪيو آهي ۽ نه وري انهيءَ تي ڪنهن پوليس واري جي نظر پيئي آهي.

ڪنهن ٽولي کي قتل جو ڏوهاري ٺهرائڻ جي خلاف هن وقت تائين مون جيڪي دليل ڏنا آهن، انهن کان سواءِ، آءٌ هڪ ٻيو دليل به پيش ڪندس. اهو دليل ايترو ته وزني آهي جو انهيءَ کي ڪو به رد ڪري نٿو سگهي. اصلي قاتلن کي هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو انعام رکيو ويو آهي ۽ سرڪاري شاهد کي به معافي ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. انهن حالتن ۾، بدمعاشن جي ڪنهن ٽولي جي ڪنهن فرد يا ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي ساٿين سان غداري نه ڪرڻ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن بابت سوچي به نٿو سگهجي. اهڙي قسم جي ٽولي جو ڪو به ماڻهو انعام جي لالچ ۾ يا ڏوهه يا سزا کان بچڻ خاطر، اهو قدم نه کڻندو، پر رڳو انهيءَ خوف کان ته ڪو ٻيو ساٿي کيس گرفتار نه ڪرائي. تنهن ڪري اهڙو شخص پنهنجن ساٿين سان غداري ڪرڻ ۾ هڪدم اڳرائي ڪندو آهي، جيئن ٻيو ڪير انهيءَ موقعي مان فائدو نه وٺي سگهي. اها حقيقت ته اڃا تائين انهيءَ ٽولي جي ڪنهن بدمعاش، پوليس وٽ اهڙي خبر نه پهچائي آهي، هن ڳالهه جو هڪ کُليو ثبوت آهي ته انهيءَ خوفناڪ قتل جو راز فقط هڪ يا ٻن ماڻهن ئي وٽ آهي يا ته وري خدا کي معلوم آهي.

هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته اسان جي انهيءَ طويل تجزيي مان ڪهڙيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون. اسين هن نتيجي تي پهچيون ٿا ته قتل يا ته مادام ويلڪ جي گهر ٿيو آهي يا بيرير دورول جي انهيءَ هنڌ تي. ۽ قاتل يا ته قتل ٿيل ڇوڪريءَ جو عاشق آهي يا ڪو اهڙو، لڪل دوست، جنهن سان هن جي گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي. اهو شخص ڪڻڪ- رنگو آهي. ڪمر پٽي ۽ ٽوپيءَ جي ڦيٿ ۾ ڏنل جهازين واري ڳنڍ، هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته اهو ڪنهن جهاز جي عملي مان آهي. مقتوله جيڪا چلولي ۽ بيپرواهه هجڻ کان پوءِ به، ڪِريل هرگز نه هئي، انهيءَ سان هن جي ڄاڻ سڃاڻ ٻڌائي ٿي ته اهو عام ملاحن کان گهڻو مٿي آهي. انهيءَ جي تصديق انهن خطن جي تحرير جي عمدگيءَ مان به ٿئي ٿي، جيڪي اخبار ۾ ڇپايا ويا هئا. لي مرڪيور، اخبار، ڇوڪريءَ جو پهريون ڀيرو ڀڄي وڃڻ جو حال لکيو آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي جهازي ”اُهوئي بحري عملدار“ هوندو، جيڪو پهرين به انهيءَ ڇوڪري کي ڀڄائي ويو هو.

هاڻي سوال هيءُ ٿو اُٿي ته اُهو ڪڻڪ رنگو ماڻهو هن وقت تائين ڪٿي لڪل آهي؟ آءٌ وري ٻڌائي ڇڏيان ته انهيءَ شخص جو رنگ ڪڻڪ جهڙو آهي، ڇاڪاڻ ته ويلنس ۽ مادام ويلڪ کي، هن جي فقط اها نشاني ياد رهجي ويئي آهي، پر اهو ماڻهو ڇو غائب آهي. ڇا بدمعاشن جي ٽولي، هن کي قتل ڪري ڇڏيو؟ جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته رڳو ڇوڪريءَ جا نشان ڇو مليا ۽ هن جا ڇو نه مليا؟ انهن ٻنهي جو قتل به هڪ هنڌ ئي ٿيڻ گهربو هو. وري جيڪڏهن هو قتل ڪيو ويو آهي ته هن جو لاش ڪٿي آهي؟ قاتلن پڪ سان ٻنهي لاشن کي هڪ ئي طريقي سان غائب ڪيو هوندو. هاڻي چئي سگهجي ٿو ته اهو شخص اڃا تائين زنده آهي ته انهيءَ ڪري ظاهر نٿو ٿئي ته متان مٿس خون جي ڏوهه جو الزام نه هنيو وڃي. انهيءَ موقعي تي هن جو اهو شڪ صحيح ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاهدن ٻڌايو هو ته هو ميري سان گڏ ڏٺو ويو هو. پر قتل جي واقعي کان هدڪم پوءِ، اهڙي قسم جو ڪوبه خوف هن جي راهه ۾ اچي نٿي سگهيو. ڪو بيگناهه ماڻهو پهرين ڳالهه اها ئي ڪري ها ته انهيءَ خوفناڪ حادثي بابت، هاءِ گهوڙا ڪري ها ۽ قاتلن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ڪري ها. هن کي پنهنجي خيريت انهيءَ ۾ ئي نظر اچي ها، ڇاڪاڻ ته کيس ڇوڪريءَ سان گڏ ڏٺو ويو هو ۽ هن هڪ کليل ٻيڙيءَ ۾ درياءَ پار ڪيو هو. اسين اهو فرض نٿا ڪري سگهون ته قتل واريءَ رات هو بيگناهه هوندو ۽ انهيءَ حادثي کان بيخبر به. خير جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ته صرف مٿي ذڪر ڪيل حالتن سبب ئي، هو قاتلن جي پارپتي ٻڌائڻ لاءِ مجبور رهي سگهي ٿو.

اسان وٽ حقيقت ڄاڻڻ جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ذريعا ۽ وسيلا آهن؟ اهي ته آهستي آهستي ظاهر ۽ واضح ٿيندا ويندا. پهرين ته اسين ڇوڪريءَ جي پهرينءَ ڀاڄ جي واقعن جي پوريءَ طرح ڇنڊڇاڻ ڪريون. اهو ”عملدار“ ڪير آهي. اڄڪلهه ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ قتل جي حادثي وقت ڪٿي هو؟ وري اسان کي گهرجي ته انهن خطن جي پاڻ ۾ خبرداريءَ سان ڀَيٽ ڪريون، جيڪي شام وارين اخبارن ۾ ڇپايا ويا هئا ۽ جن جو مقصد ڪنهن ٽولي کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ هو. انهيءَ کان پوءِ انهن خطن جي تحريري انداز ۽ صحيح جي ڀيٽ، انهن خطن سان ڪرڻ گهرجي، جيڪي صبح جي اخبر ۾ ڇپبا هئا، جن ۾ ڏاڍي زور شور سان منائي کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. پوءِ وري انهن سڀني خطن کي ذڪر ڪيل عملدار جي تحريرن سان ڀيٽ ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته مادام ويلڪ، سندس پُٽَ ۽ ويلنس ڊرائيور تي چڱيءَ طرح جرح ڪري، انهيءَ ڪڻڪ رنگي شخص جي شڪل شباهت ۽ چال ڍال بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اها پڇا ڳاڇا جيڪڏهن هوشياريءَ سان ڪئي وڃي ته انهن مان ڪنهن نه ڪنهن کان انهيءَ حادثي وغيره بابت وڏي ڪم جون ڳالهيون معلوم ڪري سگهجن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ، اسان کي اُن ٻيڙيءَ جو حال به معلوم ڪري سگهجن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ، اسان کي اُن ٻيڙيءَ جو حال به معلوم ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڍَل کاتي جي ميربحر کي سومر، مورخ 23 جون جي صبح جو ملي هئي ۽ جيڪا بندرگاهه جي وڏي عملدار جي ڄاڻ ۽ اجازت کان سواءِ، ۽ سواءِ ونجهن جي اُتان ڪير ڪاهي ويو هو؟ اهو سڀ ڪجهه لاش جي ملڻ کان پهرين ٿيو هو. جيڪڏهن اسين ٿوريءَ محنت ۽ ڪوشش کان ڪم وٺون ته انهيءَ ٻيڙيءَ کي پڪ سان هٿ ڪري سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته اهو ميربحر جنهن اها ڏٺي هئي، انهيءَ کي هڪدم سڃاڻي سگهندو. ٻيو ته اسان وٽ انهيءَ جا وَنجهه به موجود آهن. هڪ ماڻهو جنهن جو ضمير صاف آهي، اهو سواءِ پڇا ڳاڇا جي ڪنهن ٻيڙيءَ جا وَنجهه اهڙيءَ طرح ڇڏي نه ويندو. هاڻي ٿورو هڪ ٻئي معاملي تي به غور ڪجي. ٻيڙيءَ جي ملڻ جو ڪوبه اشتهار نه ڇاپيو ويو. ٻيڙي ماٺ ميٺ ۾ بندرگاهه تي پهچائي ويئي هئي ۽ اهڙيءَ طرح ماٺ ميٺ ۾ ڪو انهيءَ کي اتان ڪاهي به ويو. ٻيڙيءَ جي مالڪ کي اشتهار کان سواءِ، اڱاري ڏينهن جي ڪيئن خبر پيئي ته ٻيڙي ڪٿي اهي. اها ٻيڙي سومر جي ڏينهن ته جهلي ويئي هئي، اسان کي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ته فرض ڪريون ته اهو شخص يعني ٻيڙيءَ جو مالڪ، سامونڊي عملدار سان صلاح ۾ آهي. تڏهن ته هو هن جي هڪ هڪ خبر مان واقف رهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com