وسينتي بلاسڪو ابانيز
سربيا جي هڪ رات
رات جا يارهن ٿيا هئا. انهيءَ وقت پيرس جي ٿيئٽرن جا دروازا بند
ٿي ويندا آهن. اڌ ڪلاڪ کن اڳ، شهر جي سمورن هوٽلن
پنهنجن مهربانن ۽ گراهڪن کي الوداع چئي، پنهنجن
گهرن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو هو.
اسان جو ٽولو، هڪ ڪشادي رستي جي ڪناري تي مُنجهيو بيٺو هو.
تفريح گاهن مان ماڻهن جا اَنبوهه نڪري، اسان جي
ڀرسان لنگهندا، پاڇولن ۾ گم ٿيندا پئي واي. گهٽيءَ
۾ هِتي هُتي ڍڪيل بلبن مان ڀوائتي روشني نڪرندي،
جلدي جلدي اونداهي ۾، گم ٿيندي پئي ويئي. ڪاري
آسمان ۾، ٽمڪندڙ تارن جي روشنيءَ کي ڏسڻ سان خوف
پئي ٿيو. ڪنهن زماني ۾، آسمان تي رڳو تارا هوندا
هئا، پر هاني سرچ لائيٽ جي اوچتي وڌندڙ زرد
روشنيءَ تي، زيپيلن[1]
جي هئڊي سگار هجڻ جو گمان ٿي سگهيو ٿي.
اسان جي اهائي خواهش هئي، ته ساري رات جاڳندا رهون. اسين ڪل چار
ڄڻا هئاسون، هڪ فرينچ اديب، ٻه سربيا جا ڪپتان ۽
آءٌ. اسين هِن اداس پيرس جي شهر ۾ ڪيڏانهن وڃون؟
هتي ته سڀ دروازا بند ٿي چڪا آهن. اسان جي هڪ
سربيائي دوست، هڪ فئشني هوٽل جو ذڪر ڪيو. اها هوٽل
ساري رات پنهنجي مهمانن لاءِ کليل هوندي هئي. جيڪي
آفيسر پيرس ۾ رهڻ گهرندا هئا، اُهي انهيءَ هوٽل کي
پنهنجو گهر ڪري سمجهندا هئا. مختلف قومن جا فوجي
ڀائر، جڏهن پئرس ۾ ڪي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هئا،
تڏهن هڪ ٻئي کي انهيءَ راز مان ضرور واقف ڪندا
هئا. اسين به انهيءَ شاندار ۽ روشن هوٽل ۾
خبرداريءَ سان داخل ٿياسون. اونداهين گهٽِن مان
اچڻ کان پوءِ، اوچتو ۽ گهڻي روشنيءَ ۾ پهچڻ سبب،
اسان جي اکين اڳيان ترورا ڦري ويا. هوٽل جو اهو
ڪمرو ”لائيٽ هائوس“ جي انهيءَ ڪشادي ڪمري وانگر
پئي لڳو، جتي چوڌاري لڳل بيشمار آئينن مان بلبلن
جي تيز روشني نڪري، پکڙجي ويندي آهي. اسان کي ائين
پئي لڳو ڄڻ تهاسين ٻه سال اڳ واري پيرس ۾ پهچي ويا
هئاسون. فئشني ۽هار سينگار ڪندڙ عورتون شئمپين،
وائلن تي حبشي ناچ جون ڏکائتيون ڌُنون ۽ جذباتي دل
ڏارندڙ گيت- اهو سارو نظآرو جنگ کان اڳ وارن ڏينهن
جو پئي معلوم ٿيو. پر اتي جيڪي مرد ويٺل هئا. تن
مان ڪنهن هڪ کي به شام جو لباس پهريل نه هو! فرينچ
ماڻهو، بيلجم جا رهاڪو، انگريز، روسي ۽ سربين،
مطلب ته سڀيئي فوجي وردين ۾ هئا. جيڪي ڦاتل، ٽٽل ۽
پراڻيون هيون. ڪن انگريز سپاهين وائلن پئي وڄائي ۽
ٻڌندڙن جي داد جو جواب سنگ مرمر جهڙيءَ ٿڌيءَ مرڪ
سان پئي ڏنو. انهن انگريزن ڳاڙهي صدري پهريندڙ
خانه بدوشن جي جاءِ اچي والاري هئي. ويٺل عورتن،
انهن انگريزن مان هڪ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ جهيڻي آواز
۾ هن جي پيءُ جو نالو ورتو، ۽ لارڊ- جيڪو پنهنجي
حسب نسب ۽ مال دولت کان مشهور هو. ”خوشيون ملهايو
دوستو، سڀاڻي اسان کي مرڻو آهي.“
اهي سڀئي ماڻهو، جن پننهجي زندگي جنگ جي ظالم ديويءَ جي قربان
گاهه تي اچي ڀيٽا رکي هئي، هو هڪ ٻئي جي زندگيءَ
جا جامن مٿان جام پيئندا ٿي ويا، هو کلندا ٿي
رهيا، ڳائيندا ٿي رهيا ۽ پيار ڪندا ٿي رهيا. هڪ
اهڙي ملاح جي، انڌي جوش سان جنهن کي سڄي رات سمنڊ
جي ڪناري تي رهي، صبح جو سوير وري طوفانن جو
مقابلو ڪرڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن وڃڻو هجي.
اسان جا ٻه سربين دوست بلڪل جوان هئا. اهي ٻيئي بلڪل خوش پئي
نظر آيا ته سندن ملڪ جون نعمتون کين پيرسن ۾ وٺي
آيون هيون، اهو خوابن جو شهر، جنهن جي خيال سندن
فوجي شهر جي هڪ جهڙيءَ خوفناڪ زندگيءَ ۾ رونق آندي
هئي.
اُهي ٻيئي ڄاڻندا هئا ته ڪهاڻي ڪيئن ٻڌائجي ۽ انهيءَ سرزمين جي
اها معمولي ڏات هئي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري سڀئي ماڻهو
شاعراڻي طبيعت جا هوندا هئا. مني صدي اڳ هتي، جڏهن
لامرتن سربيا جي ترڪي صوبي مان لنگهيو، تڏهن ڌنارن
۽ بهادرن جي انهيءَ ملڪ ۾ شاعريءَ جي اهميت جو ٻڌي
دنگ رهجي ويو هو. انهيءَ ملڪ ۾ جتي فقط ٻه ٽي
ماڻهو پڙهي لکي ٿي سگهيا، اتي خيال ۽ يادگيريون
رڳو بيتن جي وسيلي پهچايون وينديونهيون، شاعرن کي
قومي تاريخ نويسن جو درجو حاصل هو ۽ اهي سڀئي
بروقت نوان نوان گيت لکي سربين اليڊ جي عمر ۾
اضافو ڪندا هئا.
شئمپين پيئڻ وقت، هنن کي اُهي مصيبتون ياد آيون، جيڪي ڪيتارئي
مهينا اڳ جنگ ۾ ڀاڄ کائڻ سبب مٿن نازل ٿيون هيون
بک ۽ سيءَ سان ڇڪتاڻ، برفباريءَ ۾ جنگ، ڏهن سپاهين
جي مقابلي ۾ هڪ سپاهي، بيشمار انسانن ۽ اڪيچار
جانورن جي ڀاڄ وقت، ڀوانئتي ڪشمڪش، پريان قطارن ۾
بيٺل دشمن جي مشين گنن ۽ رائفلن مان گولني جي
مينهن جو وسڪارو، باهه جي اُلن ۾ ٻرندڙ ۽ سڙندڙ
ڳوٺ، ۽ گهاءَ مٿان گهاءَ کاڌلن زخمين جا واڪا ۽
دانهون، وڍيل ڪپيل عضون سان لاشا ۽ انهن مٿان
لامارا ڏيندڙ ڪانوَ، سنڌن جي سور جي مريض پوڙهي
پيٽر بادشاهه جي ڀاڄ، جنهن جو سواءِ هڪ ورن وڪڙن
واري لڪڻ جي، ٻيو ڪوبه سهارو نه هو ۽ هن جو پنهنجي
نگهبان رسالي سان، برف وارين پهاڙين تان چپ چاپ
ڪنڌ جهڪائي شيڪسپيئر جي ڪنهن فرضي بادشاهه وانگر
راضي برضا ڀڄندو وڃڻ.
منهنجي انهيءَ ٻنهي سربين دوستن، جڏهن ڳالهايو پئي ته مون کين
چتائي پئي ڏٺو. هو ٻيئي جانٺا، مضبوط پر سنها هئا
۽سندن نڪ، طوطي جي چهنب وانگر وَريل هئا. سندن
مُڇون سخت ۽ نوڪدار هيون ۽ سندن مٿي ۾ پيل سلامي
واري ٽوپين مان، ڪنن وٽان وارن جا ڇڳا پئي ظاهر
ٿيا. هو اهڙن فنڪارن جهڙا پئي لڳا، جن لاءِ چاليهه
سال اڳ، جذباتي نوجوان عورتون واجهائينديون هيون.
پر هنن کي خاڪي ورديون پيون هيون ۽ چرهن تي مرداني
سُونهن ٻڌايو پئي ته هو ڪيترائي ڀيرا موت سان
مقابلو ڪري چڪا اهن.
هو ڳالهائيندا رهيا. هنن انهن ڳالهين بابت به ذڪر ڪيو، جيڪي ٻه-
ٽي مهينا اڳ ٿيون هيون. ائين ٿي معلوم ٿيو ته هنن
سربيا جي هڪ مشهور سردار، مارڪو ڪريلووچ جي
ڪارنامن جو ذڪر پئي ڪيو، جيڪو ڀالي جي بدران نانگ
کنيو پيو هلندو هو، ۽ جنهن جهنگ جي خوفناڪ ازدها
سان جنگ جوٽي هئي. اهي ماڻهو جن پيرس جي هن هوٽل
۾، هينئر پنهنجي تجربن جون ڳالهيون پئي ڪيون،
زندگيءَ جون شديد بيرحم گهڙيون گذاري آيا هئا.
اسنا جو فرينچ دوست موڪلائي هليو ويو. ٻن سربيائي دوستن ڳالهيون
پئي ڪيون، پر انهن مان هڪ ڪپتان پنهنجي ڳالهه وچ ۾
روڪي، هر هر ويجهيءَ ميز ڏانهن نهاريو. ٻه ڍڪيل
ڪاريون اکيون، جن جي مٿان ڪنارن سان ۽ ريشمي پَر
لڳل ٿلهو ٽوپلو پيل هو، هُن ۾ کُتيون پيون هيون.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هوته انهن اکين هن جي ڌيان
کي پاڻ ڏانهن سوگهو ڪري ڇڏيو هو. آخرڪار هو ڪنهن
اندروني خواهش کان لاچار ٿي، اسان جي ميز تان اٿيو
۽ انهيءَ ميز وٽ وڃي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ،
هو غائب ٿي ويو ۽ هن سان گڏ اهي اکيون به گم ٿي
ويون.
هينئر فقط آءُ هوس ۽ انهن ڪپتانن مان ننڍيءَ عمر وارو ڪپتان،
جنهن پنهنجي ساٿيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڳالهايو هو. هن
شراب جو ڍُڪ پيتو ۽ ڪاؤنٽر جي مٿان ڀت تي ٽنگيل
گهڙيال ڏانهن ڏٺو. هن شراب جو ٻيو ڍُڪ پيتو ۽ مون
ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسڻ لڳو، جن ۾ ڳنڀير اعمتاد
سمايل هو. مون کي يقين ٿيو ته هو مون تائين اهڙي
ڏکئي قسم جي ڳالهه پچائڻ گهري ٿو، جيڪا هن جي ذهن
م ڏنگ پيئي هڻي. هن وري گهڙيال ڏانهن نهاريو، اُن
وقت رات جو هڪ ٿيو هو.
”بس اهوئي وقت هو“- هن اوچتو ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي خود
ڪلاميءَ کي لفظن جو لباس پهرائڻ لڳو- ”اڄ کان چار
مهينا اڳ.“
هن جيئن ڳالهائڻ شرلع ڪيو، ته منهنجن نظرن اڳيان اونداهي رات،
برف ڀَريل ماٿري ۽ سفيد جبل ڦري ويا، جتي صنوبر ۽
شاهه بلوط جي بيشمار وڻن جي ٽارين تان، هوا جي
جهوٽن سببان ڪپهه جي پوُڻين وانگر برف اُڏامندي ٿي
ويئي. مون هڪ ڳوٺ جا سڙيل ٻريل کنڊر ڏٺا ۽ انهن
کنڊرن ۾ ائڊرياٽڪ ڏانهن ڀاڄ کائيندڙ سربيائي فوج
جي هڪ ڊويزن جو باقي بچيل حصو به ڏٺو.
منهنجي دوست انهيءَ لشڪر جي آخري جَٿي جي اڳواڻي پئي ڪئي، جيڪو
ڪنهن وقت فوج جو هڪ دستو هو. پر هينئر اتي ڇڙواڳ
ماڻهن جي اَنبوهه کان سواءِ، ڪجهه به نظر نٿي آيو.
اتي هارين کي ڀرتي ڪري، فوجي جي انهيءَ حصي کي
وڌايو ويو هو، پر اهي هاري ڊپ ۽ خوف وچان پنهنجا
هوش و حواس بنهه وڃائي ويٺا هئا. ۽ بيجان مورتين
وانگر پئي چُريا پُريا ۽ کين اڳتي وڌائڻ لاءِ،
ساڻن جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ٿي ويو. ننڍن ننڍن ٽولن
۾، زالون روئينديون رڙنديون ۽ پاڻ گهلينديون پئي
ويون. ٻيون عورتون جيڪي ڪاريون، ڊگهيون ۽ سُڪل
هيون، سي ڏاڍيءَ ڏکائتيءَ خاموشيءَ سان هلنديون
رهيون ۽ رستي ۾ جيڪڏهن ڪو مئل سپاهي ٿي نظر آين ته
هيٺ جُهڪي، انهيءَ جي بندوق ۽ ڪارتوس جو پَٽو
ڇوڙي، پاڻ سان کڻي ٿي ويون.
گولن ڦاٽبن ڪري کنڊرن مان ڳاڙهيءَ روشنيءَ جا اُلا نڪري،
اونداهيءَ کي رنڱي ريها هئا. رات جي اونهائين مان
جوابي حملي جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ڪاريءَ هوا ۾
گوليون رات جو نظر نه ايندڙ جيتن وانگر سُوساٽ
ڪنديون ٿي رهيون.
صبح ٿيندي ئي هڪ زبردست ۽ ڀيانڪ حملو ٿيندو، هنن کي ڪا به خبر
نه هئي ته سندن خلاف ڪهڙو دشمن رات جي اونداهيءَ ۾
لڪو ويٺو هو. اهي دشمن جرمن هئا، آسٽرين هئا،
بلگيرين هئا يا ترڪ؟.... هنن کي ڪيترن ئي دشمنن
سان مُنهن ڏيڻو هو.
”اسان کي پٺتي هٽڻو پيو.“ سربيائي ڪپتان ڳالهه جاري رکندي
چيو،”اسان انهن ماڻهن کي اتي ئي ڇڏي ڏنو، جن اسان
کي دير ٿي ڪرائي. اسان کي صبح ٿيڻ کان اڳ ئي جبل
اُڪري وڃڻا هئا.“
رات وچ ۾ ئي عورتن جون ڊگهيون ۽ وڏيون قطارون، ٻارَ، ڪُراڙا مرد
۽ عورتون. ۽ جانورن جا ڌڻن جا ڌڻ، مري، کپي ۽ فنا
ٿي ويا. ماٿريءَ ۾ رڳو اهي ماڻهو بچيا هئا، جيڪي
کنڊرن جي پناهه گاهن مان گوليون هلائي رهيا هئا.
انهن مان به هڪ حصي، پٺتي هٽڻ شروع ڪيو.
ڪپتان جي ذهن ۾ اوچتو ڪنهن ڦٿڪائيندڙ ياد پاسو ورايو.
”زخمي ۽ ڦٽيل! اسين هنن کي ڇا ڪنداسون؟“
هڪ مَنهه، جنهن جي ڇت بم گولن لڳڻ ڪري پروڻَ ٿي وئي هئي، ان ۾
سُڪل گاهه تي زخمن ۽ ڦٽن ۾ رتوڇاڻ ٿيل، پنجاهي کن
انساني جانيون لُڇي ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيون هيون. هيءُ
اُهي ئي ماڻهو هئا، جيڪي هڪ ڏينهن اڳ جنگ ۾ زخم
کائي، ڪنهن نه ڪنهن نموني سان پاڻ گهليندا، هن
جاءِ تائين پهتا هئا، هنن ۾ اهي ماڻهو به هئا،
جيڪي تازو رات جو زخمي ٿيا ئا، ۽ جن رت کي روڪڻ
لاءِ پنهنجي ڦٽن تي پراڻيون سُراڻيون اڳڙيون ٻڌي
ڇڏيون هيون، هنن ۾ اُهي عروتون به هيون، جيڪي
ڦاٽندڙ بم گولن جي تيز ٽڪرن جي لڳڻ ڪري، وڍجي ۽
زخمي ٿي پيون هيون.
ڪپتان انهيءَ پناهه گاهه ۾ اندر ويو، جتي چوڌاري سڙيل گوشت،
سُڪل رت، ۽ غليظ ڪپڙن جي دماغ ڏاريندڙ بدبوءِ
پکڙيل هئي. ڪپتان جي لفظن ٻڌڻ شرط اهي سڀئي ماڻهو،
جن ۾ اڃا ٿوري گهڻي سگهه هئي. هڪ لاليٽن جي لڙاٽيل
روشنيءَ ۾ بيقراريءَ ۽ بيچينيءَ سان هن ڏانهن چُرن
لڳا. دانهون ۽ ڪوڪون بند ٿي ويون ۽ چوڌاري حيرت ۽
خوف ڀريل خاموشي پکڙجي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته
اهي مرندڙ ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ شيءَ کان ڊنا هجن،
جيڪا موت کان به وڌيڪ ڏهڪائيندڙ هئي.
هن کي جڏهن اِها خبر پيئي ته کين دشمن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو پيو
وڃي، تڏهن سڀني اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن مان
ڪيترائي اُٿڻ کان اڳ ڪِري پيا.
ڪپتان ۽ سندس سپاهين جو آواز، نااميديءَ جهڙين ميڙن مِنٿن ۽
مايوس التجائن جي آواز ۾ دٻگھجي ويو. ”ادا! اسان
کي ڇڏي نه وڃو. ادا! مسيح جي صدقي.“ پوءِ هنن کي
آهستي آهستي اها ڳالهه سمجهه ۾ ويٺي ته کين اُتي
ڇڏي وڃڻ ڇو ضروري هو؟ هنن پاڻ کي مقدر جي حوالي
ڪري ڇڏيو. پر دشمن جي هٿ چڙهڻ، صديون پراڻن دشمنن
بلگيرين ۽ ترڪن جي رهم تي ڇڏڻ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه
هئي! هو جيڪا ڳالهه پنهنجي زبان سان نٿي چئي
سگهيا، اُها سندن اکين مان عيان هئي. جيڪڏهن ڪنهن
سربيائيءَ کي گرفتار ڪيو وڃي، ته انهيءَ کان وڌيڪ
هن جي ڪهڙي بدقمستي ٿي سگهي ٿي. ڪيترائي ماڻهو، جن
جو آخري وقت اچي ويجهو ٿيو هو، اُهي پنهنجي
آزاديءَ تي ڌاڙو لڳندي ڏسي، ڏڪي ويا.
بلڪان جي رهاڪن جو وير، موت کان به وڌيڪ خوفناڪ هوندو آهي.
”او اَدا، او ڀاءُ-“
انهن دانهن ۽ واڪن ۽ لڪل خواهشن کي محسوس ڪندي، ڪپتان پنهنجو
ڪنڌ کڻي ورايو.
”اوهان گهرو ٿا ته آءٌ به؟“ هن ڪيترائي ڀيرا پڇيو.
سڀني پنهنجا ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيا. جيئن ته هنن سڀني کي اتي ڇڏي
وڃن کان سواءِ، ٻيو ڪوبه چارو نههو، تنهن ڪري هن
اتان وڃڻ کان اڳ اهو نٿي گهريو ته اتي ڪو سربيائي
جيئرو رهجي وڃي. جيڪڏهن هو پاڻ هنن جي جاءِ تي هجي
ها، ته هو پاڻ به اِها ڳالهه نه چئي ها؟
پٺتي هٽڻ سبب گولي بارود جي جيڪا گهٽتائي ٿي هئي، ان جي ڪري
سپاهي پنهنجا ڪارتوس ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان سنڀالڻ
لڳا. ڪپتان پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪئي.
ڪن سپاهين ته پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هنن سنگيون
استعمال ڪيون، پر هو سچڻ سمجهڻ کان سواءِ ڏاڍيءَ
بي ڍنگائيءَ سان وار ڪري رهيا هئا. جنهن ڪري
چوڌاري نه ختم ٿيندڙ جسماني عذاب ۽ رت جا ريلا
ظاهر هئا. سڀئي ڦٽيل ۽ زخمي ماڻهو پاڻ گهليندا،
ڪپتان ڏانهن وڌندا ٿي ويا. ڪپتان جي عهدي جي ڪشش ۽
هن جي هٿان موت جي مزي چکڻ جي عزت ۽ هن جي تيز،
وار هنن لاءِ موت جي منزل آسان ڪري ڇڏي هئي.
”ادا! پهرين مون کي، ڀاءُ! پهرين مون کي.....“
ڪپتان جي تيز ۽ نوڪدار تلوار هڪ ئي وار ۾ هنن جا ڪنڌ ڪپيدني شهه
رڳون وڍيندي ۽ کين ختم ڪندي ٿي ويئي.
”ٺڪ، ٺڪ،“ ڪپتان چيو ۽ منهنجي اکين اڳيان عذاب ۽ هبيت وارو
نظارو ڦرڻ لڳو.
هو سڀئي هٿن پيرن تي رِڙهندا رِڙهندا ڪپتان ڏانهن وڌند آيا، ۽
هن جي ٽنگن جي چوڌاري ماڪوڙن وانگر، ميڙ ڪري بيٺا،
پهرين ته ڪپتان پنهنجي منهن ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي،
جيئن هو اهو نه ڏسي سگهي، جيڪي هو ڪري رهيو هو. هن
جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. پر انهيءَ جو نتيجو
هيءُ نڪتو جو هن جي وار ۾ اها تيزي ۽ سختي نه رهي،
جنهن ڪري هن ٻيهر وار ڪرڻ سب مرندڙن جي عذاب ۾
اضافو ٿي ويو هو. ”صبر ڪر، دل ڏاڍي ڪري زور سان
وار ڪر!“ ٺڪ، ٺڪ....
”ادا! پهرين مون کي، ڀاءُ! پهرين مون کي.....“
هو پهرئين وار ملڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، انهيءَ لاءِ ته سندن
انهيءَ برادرانه قرباني ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي دشمن
نه اچي ڪَڙڪي. هن کي پوريءَ طرح احساس ٿي ويو هو
ته بهتر صورتحال ڪهڙي آهي. هنن مان هرهڪ پنهنجو
پنهنجو ڪنڌ هڪ طرف ڪري جهليو، جيئن ڳچي سخت ٿئي ۽
تلوار جي وار لاءِ نڙگهٽ ظاهر ٿي بيهي.
”ادا! پهرين مون کي!“ ۽ جيئن ئي رت جو ريلو ڦوهارو ڏيئي ٿي نڪتو
تيئن هڪ وڌيڪ جسم ٻين جسمن جي مٿان ڪري ٿي پيو،
جيڪي ڳاڙهي شراب جي شاندار وانگر آهستي آهستي خالي
ٿي رهيا هئا.
هوٽل خالي ٿيڻ لڳي. عورتون پنهنجي پٺيان عطر ۽ پائوڊر جي
خوشبوءِ جا انبار ڇڏينديون، وردي پهريل ٻانهن تي
ٽيڪ ڏيدنيون، ٻاهر وڃڻ لڳيون. انگريزي وائلن هلڪڙن
ٽهڪڙن جي وچ ۾ پنهنجا آخري پساهه کنيا.
منهنجو سربيائي دوست، جنهن جي هٿ ۾ زرد رنگ جو هڪ ننڍو ساغر هو،
تنهن هڪ اهڙي شخص وانگر، جيڪو ڪڏهن به وساري نٿو
سگهي ۽ جيڪو ڪڏهن به وساري نه سگهندو، هڪ مشين
وانگر ميز تي ڌڪ هڻندو ويو..... ٺڪ!.... .ٺڪ!
|