سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :10

علامه حافظ ابن قيم

مترجم: رئيس احمد جعفري

سنڌيڪار: سومار علي سومهه

پَاڻَ سَڳورَنَ جِي حَيَات مُبارَڪ جَا چَند پَهلوُ

وحي لاءِ نبي ﷺ جا ڪاتب:

انهن جا نالا هيٺئين طرح  آهن: ابوبڪر  رضه،  عمر رضه، عثمان رضه،علي رضه، زبير رضه، عامر  بن فهير رضه، عمر و  بن  عاص رضه، ابي بن ڪعب رضه، عبدالله بن ارقم رضه، ثابت بن قيس رضه، حنظلہ بن ربيع اسدي رضه مغيره  بن شعبه  رضه، عبدلله  بن   رواحه  رضه، خالد  بن وليد رضه، خالد بن  سعيد  ابن العاص رضه.

 روايت آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جو پهريون ڪاتب معاويه بن ابو سفيان رضه ۽ زيد بن ثابت  رضه هئا ۽ گهڻو ڪري اهي ئي ٻيئي حضرات اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مخصوص  هئا.

 پاڻ سڳورن  جا خط:

 هڪ خط  صدقات  جي باري  ۾ هو، جيڪو  حضرت ابوبڪر صديق  رضه وٽ  هيو، ۽  اهو حضرت ابوبڪر  رضه  ئي حضرت  انس بن مالڪ  رضه  جي لاءِ  لکيو  هو، جڏهن  هن کي بحرين موڪليو ويو  هو، انهي  تي مسلمانن جي وڏي اڪثريت عمل پڻ ڪندڙ آهي، هڪ خط پاڻ سڳورن ﷺ   يمن وارن کي موڪلڻ فرمايو. هي اهو ئي  خط   هو جنهن  جي متعلق  ابوبڪر  بن عمرو  بن  حزم  پنهنجي  پيءُ  کان ، ۽ انهي  ڏاڏي کان  روايت  ڪئي آهي،  جنهن جو امام  حاڪم رحه  پنهنجي صحيح  سند ۾ ، ۽ امام نسائي رحه  وغيره  پڻ  ذڪر ڪيو آهي. ابو دائود  رحه  وغيره  مرسل  روايت  بيان ڪئي آهي. اهو   هڪ  ڊگهو خط آهي، جنهن ۾    فقہ جي مختلف  مسئلن،  زڪواة، دية ۽ ٻين  حڪمن جي باري ۾  بيان ٿيل آهي. انهن کانسواءِ ڪبار، طلاق، عتق، هڪ  ڪپڙي  جي ٽڪري  ۾ نماز  جا حڪم، ۽  ان کي ويڙهڻ، ۽ قرآن پاڪ کي  هٿ  لائڻ  وغيره  بابت  ڳالهيون  تفصيل سان  بيان  ڪيون ويون هيون.

امام  احمد  رحمة الله عليہ  فرمائين ٿا ته حقيقت  ته اها آهي ته نبي ﷺ  جن  جيڪو  خط تحرير فرمايو،  تنهن مان بعد  وارن  فقيهن ديات جا مقدار  مقرر ڪيا آهن. تنهن کان سواءِ  پاڻ ڪريمﷺ جن  بني  زهير  ڏانهن هڪ خط موڪليو.ان کان  سواءِ، هڪ خط  حضرت  عمر بن  خطاب رضه  وٽ هو، جنهن ۾  زڪوات وغيره  جا مسئلا  درج هئا.

 سلطانن  ۽  بادشاهن ڏانهن  پاڻ سڳورن ﷺ  جا خط:

 جڏهن نبي ﷺ حديبيه کان  فارغ ٿي  واپس مديني تشريف فرما  ٿيا، تڏهن  پاڻ سڳورن  ﷺ مختلف  بادشاهن  ڏانهن  خط لکيا ۽ انهن ڏانهن  پنهنجا  قاصد  موڪليا. اهڙي طرح  پاڻ سڳورن ﷺ روم جي بادشاهه  کي  هڪ خط روانو ڪرڻ فرمايو. پاڻ سڳورن  کي  عرض ڪيو ويو ته  جيستائين  خط تي  مهر  لڳل  نه ٿي ٿئي، تيستائين اهي ماڻهو خط نه پڙهندا آهن، تنهن تي  حضور ﷺ جن هڪ منڊي ٺهرائي  ۽ ان  تي ٽي سٽون اُڪرايون. هڪ ِسٽ ۾  محمد، ٻي سِٽ ۾ رسول ۽ ٽين ِسٽ ۾ الله هو. خطن جي پڇاڙي ۾ اها ئي مهر لڳائيندا هئا.

 نبي ﷺ جن سن 7 هه ۾  هڪ ئي  ڏينهن  تي  ماڻهن ڏانهن خط موڪليا.

 سڀني کان پهرين، عمرو  بن  اميه  مغيري کي  شاهه نجاشيءَ  ڏانهن  روانو  ڪيائون. هن جو اصل نالو ِاسمٿ  بن  ابحر  ٻڌايو ويو آهي. عربي ٻوليءَ  ۾  ِاسمٿ  جي معنيٰ " عطيه" ٿئي ٿي.

شاهه نجاشيءَ  نبي ﷺ جن جي خط شريف جي خوب عزت ڪئي، اسلام قبول ڪيو ۽ ڪلمہ حق جي شهادت ڏني، ۽ هو(شاهه نجاشي) انجيل جو سڀني کان وڏو عالم هو. جنهن ڏينهن شاهه نجاشي فوت ٿيو، تنهن ڏينهن نبي ﷺ جن مديني ۾ هن جي جنازي جي غائبانه نماز پڙهائي- محدثين  جي هڪ جماعت ، جنهن ۾ واقدي پڻ شامل آهي، اها ئي روايت ڪئي آهي.

پر واقعات  انهيءَ طرح ڪين هئا، ڇو ته شاهه نجاشي، جنهن جي جنازي جي غائبانه نماز پاڻ سڳورن ﷺ پڙهي هئي، اُهو ساڳيو نجاشي ڪو نه هو، جنهن ڏانهن نبي سڳورن ﷺ جن خط موڪلڻ فرمايو هو. جنهن ڏانهن خط موڪليو ويو هو، سو دراصل ٻيو ماڻهو هو، جنهن جي اسلام آڻڻ متعلق ڪو پتو ڪونهي. اهو دراصل پهريون شاهه نجاشي هو، جيڪو اسلام جي حالت ۾ فوت ٿيو هو.

مسلم ۾ حضرت انس رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن ڪسريٰ، قيصر ۽ نجاشيءَ ڏانهن خط لکيا ۽ هي اُهو نجاشي نه هيو، جنهن جو نبي ﷺ جن جنازو پڙهيو هو. ابو محمد بن خرم فرمائين ٿا ته جنهن نجاشيءَ کي نبي ﷺ جن خط موڪلڻ فرمايو هو، تنهن جي نالي اُهو خط کڻي عمرو بن اميه مغيري ئي ويو هو. اهو نجاشي مسلمان ڪو نه ٿيو. پهريون قول ابن سعد وغيره جو آهي، ۽ ٻيو قول ابن خرم جو آهي.

ان کان سواءِ، پاڻ سڳورن ﷺ دحيه بن خليفه ڪلبيءَ کي روم جي بادشاهه قيصر ڏانهن موڪليو. هن جو اصل نالو هرقل هو. هن اسلام آڻڻ جو ارادو ڪيو پر پوءِ هن جو ارادو ڊانوان ڊول ٿي ويو. هڪ قول مطابق، هن اسلام قبول به ڪيو، پر اهو قول غلط آهي. ابو حاتم ۽ ابن حيان حضرت انس رضه بن مالڪ کان روايت ڪئي آهي ته نبي ﷺ جن فرمايو:

"جيڪو منهنجو هي خط قيصر کي پهچائيندو، اهو جنت جو حقدار ٿيندو"

هڪ شخص عرض ڪيو،"چاهي اهو(اسلام) قبول نه به ڪري؟"

پاڻ سڳورن فرمايو،"ها، توڻي اُهو اسلام قبول نه به ڪري".

اهو ماڻهو قيصر سان مليو. جڏهن هو بيت المقدس ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن انهيءَ شخص خط زمين تي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ هڪ پاسي لڪي پيو، قيصر اهو ڏسي وڏي آواز سان چيو ته "جيڪو به هي خط کڻي آيو آهي، تنهن کي جان جي امان آهي". تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو ته " مان کڻي آيو آهيان". قيصر چيو ته مان جڏهن واپس اچان ته مون سام ملجانءِ. ان طرح جڏهن قيصر واپس آيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جو قاصد هن سان مليو. قيصر محل جا دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آخر دروازا بند ڪيا ويا. پوءِ هن منادي واري کي چيو ته ماڻهن کي ٻڌاءِ ته قيصر محمدﷺ جو دين قبول ڪيو ۽ عيسائيت ڇڏي. انهيءَ آواز تي قيصر جون هٿياربند فوجون محل ۾ گهڙي آيون ته قيصر نبي ﷺ جي قاصد کي چيو،"تو ڏسي ورتو ته مون کي پنهنجي حڪومت کسجي وڃڻ جو انديشو آهي".

پوءِ هن منادي واري کي چيو ته تون اعلان ڪر ته قيصر توهان ماڻهن جي دين تي راضي آهي ۽ پوءِ هن نبيﷺ کي خط لکيو ته مون اسلام قبول ڪيو ۽ اوهان جي خدمت ۾ دينارن جي ٿيلهي موڪلي. نبيﷺ جن جواب ڏنو ته"الله جي دشمن ڪوڙ ڳالهايو. هو مسلمان ڪونهي. بلڪ عيسائي آهي". پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ دينار ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا.

ان کان سواءِ پاڻ ڪريم صه جن عبدالله بن حذافة کي ڪسريٰ ڏانهن موڪليو. انهيءَ جو نالو پرويز بن هرمز بن نوشيروان هو. هن نبي ﷺ جو خط ڦاڙي ڇڏيو. نبيﷺ دعا ڪئي،"اي الله! هن جي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪر"، پوءِ الله تعاليٰ هن جي ملڪ ۽ قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

پاڻ سڳورن ﷺ حاطب بن ابي بلتعه کي مقوقش ڏانهن روانو ڪيو. هن جو نالو جريح بن مينا شاهه اسڪندريه هو. هن جواب ڏنو،"ڏاڍو چڱو. هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي". هن اسلام قبول نه ڪيو. البت نبيﷺ جن جي خدمت ۾ هڪ ٻانهي ماريه رضه، ۽ ان جون ٻه ڀينرون سيرين ۽ قيسريٰ موڪلي ڏنيون. پاڻ ڪريم ﷺ سيرين حضرت حسان بن ثابت رضه کي عطا فرمائي، انهن کان سواءِ هن هڪ ٻي ٻانهي، هڪ هزار مثقال سون، ويهه قبطي جوڙا، هڪ اڇو خچر، جيڪو دلدل جي نالي مشهور آهي، هڪ اڇو گڏهه، جنهن کي عفير چيو ويندو هو، هڪ خصي ٻانهو، جنهن جو نالو مابو هو، ۽ جيڪو هڪ قول جي مطابق ماريه رضه جو سوٽ هو، هڪ گهوڙو، جيڪو لزاز جي نالي سان مشهور هو، هڪ شيشي جو پيالو  ٻيون ڪيتريون ئي شيون خدمت اقدس ۾ روانيون ڪيون. نبي ﷺ جن فرمايو،"هن بدبخت پنهنجي حڪومت تي بخل ڪيو، حالانڪ هن جي سلطنت(دنيا) کي بقاءُ ڪونهي". انهن کان سواءِ شجاع بن وهب اسدي کي بلقاء جي حڪمران حارث بن ابي شمر غساني ڏانهن روانو ڪرڻ فرمايو.

اسحاق واقدي فرمائي ٿو ته انهيءَ باري ۾ ڪيئي اقوال آهن. هڪ اهو ته هن کي جبله بن ابهم ڏانهن موڪليائون. هڪ ٻي روايت جي مطابق، ٻنهي ڏانهن موڪليائون، ۽ اڃا به هڪ ٻي روايت مطابق، هن کي دحيه بن خليفه سان گڏ هرقل ڏانهن موڪليائون.

پاڻ سڳورن ﷺ سليط بن عمرو کي هوذه بن علي حنفي ڏانهن يمامه موڪليو. هن قاصد جي خوب تعظيم ڪئي. هڪ قول مطابق، پاڻ سڳورن ﷺ هوذه ۽ ثمامه بن آثال حنفي ڏانهن قاصد موڪليا. هوذه ته اسلام قبول نه ڪيو، البت ثمامه اسلام آندو.

مطلب ته اهي ڇهه حڪمران هئا، جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ انهن ڏانهن خط موڪليا هئا.

سنه 8 هجري جي ذيقعد مهيني ۾ عمرو بن عاص کي شاهه عمان جي ٻنهي پٽن جيفر ۽ عبدالله ڏانهن موڪليو ويو. اهي ٻئي مسلمان ٿيا، هنن حضور ﷺ جن جي رسالت جي تصديق ڪئي ۽ عمرو بن عاص صدقي جي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ اتي ئي ترسي پيو. اهو صحابي اتي ئي هو، جو هن کي نبيﷺ جي وفات جي خبر ملي.

ان کان سواءِ، پاڻ ڪريم ﷺ جن جعرانه کان واپسي کان اڳيئي علاء بن حزمي کي شاهه بحرين، منذر بن ساوي عبدي ڏانهن موڪليو. هڪ روايت مطابق، مڪي جي فتح کان اڳيئي هن کي خط لکيو ويو هو، ۽ پوءِ هو مسلمان ٿيو ۽ تصديق ڪئي.

 پاڻ سڳورن ﷺ مهاجر بن ابي اميه مخزومي کي يمن ۾ حرث ابن عبد ڪلال حميريءَ ڏانهن موڪليو. هن جواب ڏنو ته مان غور  ڪندس. ان کان سواءِ غزوه تبوڪ کان واپسيءَ تي پاڻ سڳورن ﷺ ابوموسيٰ اشعري رضه ۽ معاذ بن جبل کي پڻ يمن جي طرف موڪليو. هڪ روايت مطابق، سنه 10 هجري ۾ انهن حضرات کي اسلام جي تبليغ لاءِ موڪليو ته اتان جا اڪثر ماڻهو لڙائي جهڳڙي کان سواءِ ئي مسلمان ٿي ويا.

ان کان پوءِ علي ابن ابي طالب رضه کي اوڏانهن موڪليائون ۽ حجة الوداع جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ فرمائي. ان کانسواءِ پاڻ سڳورن ﷺ جرير بن عبدالله بجلي کي ذي ڪلاع حميري ۽ ذي عمر جي طرف روانو ڪرڻ فرمايو. انهن کي اسلام جي دعوت ڏني ويئي ۽ اهي ٻيئي مسلمان ٿيا. جرير رضه اڃان اتي ئي هو، ته نبي ﷺ جي وفات ٿي ويئي.

پاڻ سڳورن ﷺ عمر بن اميه مصري کي  مسيلمه ڪذاب ڏانهن هڪ خط ڏيئي روانو فرمايو. ان کان سواءِ زبير رضه جي ڀاءُ سائب بن عوام جي هٿان پڻ هن کي هڪ خط موڪلڻ فرمايائون، پر هن اسلام قبول نه ڪيو. خروه بن عمرو جذامي ڏانهن به اسلام لاءِ دعوت نامو موڪليائون. هڪ قول اهو به آهي ته هن ڏانهن دعوت نامو ڪونه موڪليائون. فروه معان ۾ قيصر جي طرفان گورنر هو. هو مسلمان ٿي ويو ۽ نبي ﷺ کي پنهنجو اسلام آڻڻ جو عريضو موڪليو ۽ مسعود بن سعد جي هٿان هڪ اڇي خچر جو هديه پيش ڪيو، جيڪو فضه جي نالي سان مشهور آهي. تنهن کانسواءِ حزب نالي وارو هڪ گهوڙو، ۽ هڪ گڏهه جنهن جو نالو يعفور هو، خدمت اقدس ۾ پيش ڪيو. محدثين جي هڪ جماعت جي اهائي تحقيق آهي. عفير ۽ يعفور ٻنهي جو مطلب ساڳيو ئي آهي، فرق صرف ايترو آهي ته جو عفير، يعفور جي ننڍي صورت آهي. ان کانسواءِ هن ڪجهه اڻ سبيل ڪپڙا، ۽ سونهري تار سان ڀريل هڪ قميص پڻ نبي سڳوري ﷺ جي خدمت ۾ موڪلي. حضورﷺ جن اهي هديا قبول فرمايا، ۽ حضرت مسعود بن سعد کي ٻارنهن اوقيه عطا ڪيا.

انهن کانسواءِ، پاڻ سڳورن ﷺ حياش بن ابي ربيعه مخزومي کي هڪ خط ڏيئي قبيله حمير جي سردارن، حارث، مسروح ۽ نعيم بن عبد ڪلال ڏانهن روانو ڪيو.

آنحضرت صلي الله عليہ آلہ وسلم جا مؤذن:

حضور نبي ڪريمﷺ جن جا چار مؤذن هئا، جن مان ٻه مدينه منوره ۾ هئا. انهن مان هڪ بلال بن رباح رضه هو، جنهن نبيﷺ جن جي حڪم تي سڀني کان پهرين اذان ڏني هئي، ۽ ٻيو نابين صحابي حضرت عمرو بن ام مڪتوم قريشي عامري هو. ٽيون مسجد قباء ۾ حضرت سعد قرط رضه، جيڪو حضرت عمار رضه بن ياسر جو غلام هو. چوٿون مڪي ۾ ابو محذوره رضه موذن مقرر هو، جنهن جو اصل نالو اوس بن مغيره حجمي هو. ابو محذوره  اذان ۾ رجعت فرمائيندو هو ۽ اقامت کي ٻه ٻه دفعا چوندو هو. حضرت بلال رضه اذان ۾ رجعت نه فرمائيندو هو، ۽ اقامت جا لفظ هڪ هڪ ڀيرو چوندو هو. چنانچه مڪي وارن ۾ امام شافعي رحه ابو محذوره رضه جي اذان ۽ حضرت بلال رضه جي اقامت اختيار ڪئي ۽ حضرت ابو حنيفه رحه ۽ عراق وارن حضرت بلال رضه جي اذان ۽ ابو محذوره رضه جي اقامت اختيار ڪئي. امام احمد رحه ۽ ٻين اهل ظاهر محدثين رضه ۽ مديني وارن حضرت بلال رضه جي اذان، ۽ اقامت، ٻيئي اختيار ڪيون. امام مالڪ رحه ٻن هنڌن تي تڪبير جو اعاده ڪيو، ۽ اقامت جي لفظن کي ٻه ٻه ڀيرا پڙهڻ جي مخالفت ڪئي. هو انهن لفظن کي دهرائيندو نه هو.

نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا مقرر ڪيل حاڪم:

هڪ شخص نالي باذان بن ساسان کي ، جيڪو بهرام جو پٽ هو، نبيﷺ جن ڪسريٰ جي موت بعد اهل يمن جو حاڪم مقرر ڪرڻ فرمايو. اهو يمن جو پهريون حاڪم هو، جنهن کي اسلام جي زماني ۾ مقرر ڪيو ويو هو. هن عجم جي بادشاهن مان سڀني کان اڳي اسلام آندو. باذان جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ هن جي پٽ شهر بن باذان کي صفاء جو حاڪم مقرر فرمايو. شهر بن باذان کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو ته نبيﷺ جن خالد بن سعيد بن العاص کي صفاء موڪليو ۽ مهاجر بن ابي اميه مخزومي کي ڪنده ۽ صدف جو حاڪم بڻايو. ان کانپوءِ نبيﷺ جي وفات شريف ٿي ويئي ۽ ڪائي نئين فوج رواني نه ڪئي ويئي.

ان کانپوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ مرتد قبيلن جي خلاف فوج رواني ڪئي ۽ زياد بن اميه رضه انصاري کي حضرموت جو، حضرت ابو موسيٰ اشعري رضه کي زبيد، عدن، زمع ۽ ساحل جو، حضرت معاذ بن جبل رضه کي جند جو، حضرت ابو سفيان رضه کي نجران جو، ۽ سندس پٽ يزيد کي تيمار جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان سواءِ حتاب بن اسير کي مڪي جو ۽ حج جي موسم ۾ اهل اسلام جو ناظم مقرر فرمايو. حضرت علي بن ابي طالب کي يمن ۾ خمس گڏ ڪرڻ تي مقرر ڪيو ۽ قضا جي عهدي تي متعين فرمايو. حضرت عمر و بن عاص کي عمان ۽ ان جي پس گردائي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ صدقات وصول ڪرڻ لاءِ صحابه جي هڪ جماعت کي مقرر ڪرڻ فرمايو، ڇاڪاڻ ۾ ته هر قبيلي ۽ هر خاندان مان ئي صدقات جي رقم وصول ۽ جمع ڪرڻ لاءِ مقرر ٿي پئي سگهيو. انهيءَ سبب ڪري صدقات جمع ڪرڻ لاءِ گهڻي تعداد ۾ ماڻهو رکيا ويا. حضرت ابوبڪر کي سنه 9 هه ۾ حج جي اقامت تي رکيو ويو.

پوءِ وري حضرت علي رضه کي روانو ڪيو ويو ته ماڻهن کي سوره توبه پڙهي ٻڌائي(حج جا حڪم ٻڌائي). ان جو سبب هي هو جو انهيءَ سورة جون شروعاتي آيتون حضرت ابوبڪر رضه جي مديني جي غير حاضريءَ ۾ نازل ٿيون هيون. ٻيو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب جا ماڻهو گهر جي ڀاتيءَ کان سواءِ غيرن جي ڳالهه تي مڪمل اعتماد نه ڪندا هئا، انهيءَ ڪري علي رضه کي موڪليو ويو. هڪ قول اهو به آهي ته هن کي حضرت ابوبڪر رضه جو مددگار ۽ معاون بنائي روانو ڪيو ويو هو. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت علي رضه کان پڇيو ته"ڇا، توهان امير(مقرر ڪندڙ) آهيو يا ماء مور(مقرر ڪيل)؟" ته حضرت علي رضه جواب ڏنو ته" مان ماء مور(مقرر ڪيل) آهيان". رافضي چون ٿا ته حضرت ابوبڪر رضه کي معزول ڪري حضرت علي رضه کي امير بنايو ويو هو. اها محض انهيءَ فرقي جي بهتان تراشي ۽ دل جو ٺاهه آهي. هن ۾ اختلاف آهي ته اهو واقعو ذي الحج يا ذي قعده جي مهيني ۾ ٿيو. ٻنهي ڳالهين ۾ اختلاف محض غلطيءَ جي سبب کان ٿيو.

نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا محافظ صحابي:

غزوه بدر ۾ جڏهن نبيﷺ عريش نالي هڪ جاءِ تي آرام فرمايو، ته سعد بن معاذ، پاڻ سڳورن جو پهريدار مقرر ٿيو.

غزوه احد ۾ محمد بن مسلمه نبيﷺ جو نگران هو. غزوه خندق ۾ حضرت زبير بن عوام کي اها سعادت نصيب ٿي. ان کانسواءِ حضرت عباد بن بشر پڻ پاڻ سڳورن ﷺ جو محافظ هو. انهن کان سواءِ ڪيئي ٻيا اصحاب سڳورا پڻ نبيﷺ جي محافظ بنجڻ جو فرض ادا ڪندا رهيا، پر جڏهن هيءَ آيت سڳوري نازل ٿي:

"و الله يعصمک من الناس"

يعني:"الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن کان محفوظ رکندو،"تڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ماڻهن کي اهو حڪم ٻڌايو ۽ پوءِ سمورو پهرو، هٽائي ڇڏيو.

ڪجهه صحابين جون ٻيون ذميداريون

جيڪي حضرات ڏوهارين ۽ دشمنن کي قصاص جون سزائون ڏيندا هئا، تن جا نالا هي آهن:

علي بن ابو طالب، زبير بن عوام، مقداد بن عمرو، محمد به مسلمه، عاصم بن ثابت ابن ابي فلح، ضحاڪ بن سفيان ڪلابي، حضرت قيس بن سعد بن عبادة انصاري رضه الله عنهم پڻ حضور ﷺ جن جي سپاهين ۾ شامل هوندا هئا. حديبيه واري موقعي تي مغيره بن شعبه پاڻ سڳورن جي پٺيءَ پويان تلوار جهلي بيٺو هو.

پاڻ سڳورن ﷺ جي ذاتي معاملن جو انتظام رکندڙ

حضرت بلال کي گهريلو خرچن جو انتظام سپرد ڪيو ويو هو. معيقيب وٽ مهر هوندي هئي. نبيﷺ جو مسواڪ ۽ نعلين مبارڪ حضرت ابن مسعود وٽ رهندا هئا. انهن کانسواءِ، رباح اسود، پاڻ سڳورن جي ٻانهي انيسه، انس بن مالڪ ۽ حضرت ابو موسيٰ اشعري جي ذمه پڻ ڪجهه انتظامات هئا.

نبي ﷺ جا خطيب ۽ شاعر

حضرت ڪعب بن مالڪ، عبدالله بن رواحه ۽ حضرت حسان بن ثابت آنحضرتﷺ جا شاعر هئا، جيڪي اسلام جي طرفان دفاع ڪندا هئا. حضرت حسان بن ثابت ۽ ڪعب بن مالڪ ڪفار جي مقابلي ۾ ڏاڍا سخت هئا. هي انهن کي ڪفر ۽ شرڪ تي عار ڏياريندا هئا. پاڻ ڪريم جن جو خطيب، ثابت بن قيس بن شماس هو.

سفر جي حالت ۾ آنحضرت ﷺ جا حدي خوان(1)

انهن جا نالا هي آهن:

عبدالله بن رواحه، انجشته، عامر بن اڪوع ۽ سندس چاچو سلمه بن اڪوع.

صحيح مسلم ۾ روايت آهي ته نبيﷺ وٽ ڏاڍي مٺي آواز وارو انجشته هو. نبي ﷺ جن(هن جي وڻندڙ آواز تي)فرمايو:

"اي انجشته، ذرا آهستي، پاڻيءَ جا آبگينا نه ٽوڙي ڇڏين!"

(يعني ڪمزور عورتن جو خيال رک.)

آنحضرت ﷺ جون غزوات، وفد ۽ سرايا

پاڻ سڳورن ﷺ جون سموريون لڙايون(غزوات)، وفد ۽ فوجي مهمون هجرت کان پوءِ مديني منوره ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ صرف ڏهن سالن جي مدت ۾ ئي ٿيون.

حضرت نبي ڪريم ﷺ جي لڙاين جو ڪل تعداد ستاويهه(27) آهي. پنجويهن(25) ۽ اڻٽيهن(29) جون روايتون به ملن ٿيون. انهن کان گهٽ ۽ وڌ تعداد به ٻڌايو وڃي ٿو.

هنن نون(9) لڙاين ۾ حضور نبي ڪريمﷺ جن پاڻ به شرڪت فرمائي: غزوه بدر، غزوه اُحد، غزوه خندق، غزوه بنو قريظہ، غزوه بنو مصطلق، غزوه خيبر، فتح مڪہ، غزوه حنين ۽ غزوه طائف. هڪ روايت مطابق پاڻ سڳورن ﷺ غزوه بني نضير، غزوه نمايه ۽ خيبر جي ويجهو واديءَ قريٰ جي جهاد ۾ شرڪت ڪئي. باقي رهيا سندن وفد ۽ ننڍا ننڍا حملا، ته اهي سٺ جي لڳ ڀڳ آهن. پر وڏيون وڏيون لڙايون ست ئي ٿيون: غزوه بدر، غزوه اُحد، خندق، خيبر حنين،تبوڪ ۽ فتح مڪہ. انهن ئي غزواة جي متعلق قرآن مجيد ۾ آيتون نازل ٿيون.

سورة انفال جون آيتون غزوه بدر جي متعلق، سوره آل عمران جون آخري آيتون غزوه احد جي متعلق نازل ٿيون. الله تعاليٰ فرمايو:

"و ِاذا غدوت من اهلڪ تبوئي المومنين مقاعد للقتال الخ".

غزوه خندق ۽ بنو قريظہ ۽ خيبر جي متعلق سورة احزاب جون شروعاتي آيتون نازل فرمايون ويون. ان کانسواءِ سورة حشر ۾ غزوه بني نضير جي متعلق فرمايو ويو. حديبيه جي صلح ۽ مڪي جي فتح جي باري ۾ سورة فتح ۾ آيتون لٿيون ۽ انهن آيتن ۾ فتح(مڪي) جي خوشخبري ڏني ويئي. سورة نصر ۾ ته صاف طور فتح جو ذڪر فرمايو ويو. ان کانسواءِ غزوه احد ۾ نبيﷺ جن زخمي ٿي پيا. غزوه بدر ۽ غزوه حنين ۾ ملائڪن پڻ جنگ ۾ شرڪت ڪئي. غزوه خندق ۾ فرشتن جو نزول ٿيو، جن کي ڏسي ڪافرن جا پير ڍلا ٿي ويا ۽ اهي بري طرح شڪست کائي وٺي ڀڳا. انهيءَ غزوه ۾ فرشتن ڪافرن جي منهن  تي پٿر هنيا، جنهن ڪري انهن کي نيٺ ذليل ٿي ڀڄڻو پيو.

بدر ۽ حنين جي جنگين ۾ ڏاڍي شاندار فتح حاصل ٿي. طائف واري غزوه ۾ پاڻ سڳورن ﷺ منجنيق پڻ استعمال ڪئي ۽ احزاب جي غزوه ۾ حضرت سلمان فارسي جي مشوره تي خندق کوٽي بچاءُ ڪرڻ فرمايو.

پاڻ سڳورن ﷺ جا هٿيار ۽ جنگ جو سامان

آنحضرتﷺ جن وٽ نو(9) تلوارون هيون. انهن مان هڪ ترار جو نالو ماثور هو جيڪا کين سندن والدين جي طرفان ورثي طور ملي هئي. ٻي ترار عضب ۽ ٽين ذوالفقار هئي، جنهن کي نبي ڪريمﷺ هر وقت پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ڪنهن مهل به پاڻ کان جدا نه ڪندا هئا. انهيءَ ترار جو دستو ۽ ٻيا سمورا لوازمات چانديءَ جا هئا.

انهن کان سواءِ، نبي (ﷺ) وٽ قلعي، پتار، خنف، دسوب، مخذم ۽ قضيب نالي  واريون ترارون به هيون. آخري نالي واري ترار جو نعل صرف چانديءَ جو هيو. انکان سواءِ، ان جو حلقو پڻ چانديءَ جو هو. ذوالفقار آنحضور ﷺ جن کي غزوه بدر ۾ ملي، جنهن کي پاڻ سڳورن خواب ۾ ملاحظه فرمايو هو. جنهن ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي ۾ داخل  ٿيا، ته انهيءَ ڏينهن سندن انهيءَ ترار تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل هو.

آنحضرت ﷺ جا جنگي هٿيار ۽ ٻيا اثاثه

نبي ﷺ جي ذات پاڪ جي املاڪ جا ضروري تفصيل

نبي سڳوري ﷺ جون ست زرهون هيون. هڪ زره جو نالو ذات الفصول هو، جيڪا پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي ڪٽنب قبيلي لاءِ ويهه مڻ جَون جو وٺي ابوتحم نالي هڪ يهوديءَ وٽ گروي رکي هئي. اهو قرض هڪ سال جي مدت لاءِ ورتو ويو هو. اها زره لوه جي هئي. انهيءَ زره کان علاوه، پاڻ سڳورن ﷺ وٽ ذات الوشاح، ذات الاحواشي، سعديه، فضه، بترا ۽ خرنق نالي زرهون پڻ هيون.

انهن کان سواءِ، پاڻ سڳورن وٽ ڇهه(6) ڪمانون پڻ هيون، انهن جا نالا روراءِ، روحاء، صفرا، بيضاء ۽ ڪثوم هئا. آخري نالي واري ڪمان غزوه احد ۾ ٽٽي پيئي، جنهنڪري قتاده بن نعمان ۽ شداد کي مرحمت ڪئي ويئي.

پاڻ سڳورن وٽ تيرن جي هڪ ٿيلهي هئي، جنهن جو نالو ڪافور هو. نبي ﷺ وٽ هڪ همياڻي به هئي، جنهن تي ٽي گول دائرا سون ۽ چانديءَ جي تارن جا هئا. ان جي اردگرد پڻ چاندي جڙيل هئي. اها ڪن حضرات جي تحقيق آهي، پر شيخ الاسلام ابن تيميه فرمائين ٿا ته اسان وٽ اهڙي ڪا روايت نه پهتي آهي ته نبي ﷺ  جن چيلهه ۾ همياڻي ٻڌي.

ان کانسواءِ پاڻ سڳورن ﷺ وٽ زلوق نالي هڪ ڍال هئي. هڪ ٻي ڍال نالي فتق پڻ هئي. هڪ ڍال پاڻ سڳورن کي هديه طور پيش ڪئي ويئي هئي، جنهن تي تصوير اڪريل هئي. پاڻ سڳورن ان جي مٿان پنهنجو هٿ مبارڪ رکيو ته الله تعاليٰ اها تصوير ميساري ڇڏي.

حضور ﷺ جن وٽ پنج نيزا هئا. هڪ جو نالو مثويٰ ۽ ٻئي جو نالو منثني هو. انهن نيزن کان سواءِ پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هڪ حربه پڻ هو جنهن جو نالو نبعه هو، انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو تمام وڏو حربه پڻ وٽن هو، جنهن جو نالو بيضاء هو. اڃا به هڪ ٻيو ننڍو حربه وٽن هو، جيڪو عڪاز جي شڪل جو هو ۽ ان جو نالو عمره هو. عيد جي ڏينهن تي نبي صلي الله عليہ وسلم جي اڳيان اهو ئي کڻي هلندا هئا ۽ نماز ۾ ان کي سندن اڳيان زمين ۾ کوڙي ڇڏيندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح ان کان نماز جي لاءِ ستره(آڏ) بڻايو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن نبي صلي الله عليہ وسلم جن ان کي کڻي ٻاهر تشريف کڻي ويندا هئا. پاڻ سڳورن وٽ هڪ لوهي ٽوپي، يعني خود هوندو هو، جنهن کي موشح چيو ويندو هو ۽ ان جي مٿان ٽامو لڳل هوندو هو. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو خود پڻ پاڻ سڳورن وٽ هوندو هو، جنهن کي مسبوغ يا ذوالمسبوغ نالي سان سڏيو ويندو هو.

نبيﷺ جن وٽ ٽي(3) جبا هوندا هئا، جن کي پاڻ سڳورا جهاد جي موقعن تي پائيندا هئا. انهن مان هڪ سائي رنگ جي ريشم جو هو. روايت آهي ته حضرت عروه بن زبير وٽ هڪ ريشمي جبو هيو، جنهن جي اندر سائو ريشم لڳل هو ۽ اهو جهاد ۾ پائيندو هو. امام احمد جي نزديڪ، جهاد ۾ ريشم پائڻ جائز آهي.

پاڻ سڳورن ﷺ وٽ عقاب نالي هڪ ڪارو جهنڊو هوندو هو. سنن ابو دائود ۾ هڪ صحابي کان روايت ڪيل آهي ته هن فرمايو ته مون نبي ﷺ  جو جهنڊو ڏٺو، جنهن جو رنگ پيلو هو. هونئن اڪثر وقتن تي جهنڊي جو رنگ ڪارو هوندو هو.

پاڻ سڳورن وٽ "ڪن" نالي وار هڪ خيمو هوندو هو. ان کان سواءِ نبي ﷺ جن وٽ هڪ گز يا ان کان ڪجهه وڌيڪ ڊگهي عصا هوندي هئي. اها هٿ ۾ کڻي پاڻ سڳورا هلندا هئا، انهيءَ جي سهاري سواريءَ تي چڙهندا هئا، ۽ پوءِ اها پنهنجي اٺ تي لٽڪائي ڇڏيندا هئا.

پاڻ سڳورن ﷺ وٽ حرجون نالي وارو هڪ مخصره(مٿو ٽيڪڻ لاءِ ڏنڊي جهڙي شيءِ) هوندو هو، جنهن کان سواءِ معشوق نالي هڪ ٻي عصا به هئي، اها ئي عصا آهي، جيڪا بعد ۾ خلفاءِ راشدين وٽ رهي.

پاڻ ڪريم ﷺ جن وٽ هڪ پيالو هو، جنهن جو نالو ريان هو. ڪن هنڌن تي ان جو نالو معسيا پڻ لکيو ويو آهي. انهيءَ کان سواءِ حضور ﷺ جن وٽ هڪ ٻيو پيالو هوندو هو، جنهن سان سوني زنجيري لٽڪيل هئي. وٽن هڪ شيشي جو پيالو به هوندو هو. انهن کان سواءِ، سندن کٽ جي هيٺان رات جي وقت پيشاب ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جو پيالو رکيو هوندو هو.

پاڻ سڳورن وٽ سادر نالي واري هڪ مشڪ هوندي هئي. جنهن کان علاوه، وٽن پٿر جو هڪ برتن هوندو هو،جنهن سان پاڻ سڳورا ﷺ وضو ڪندا هئا. ان کان سواءِ پاڻ سڳورن ﷺ وٽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم لاءِ سقه نالي وارو هڪ وڏو پيالو پڻ هيو. ان کان علاوه پاڻ ڪريم جن وٽ هٿن ڌوئڻ جو هڪ برتن، تيل جي شيشي، ٿيلهي جهڙي هڪڙي شيءَ جنهن ۾ آئينو ۽ ڦڻي رکيل هوندي هئي. چيو وڃي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ جي ڦڻي ساڳ جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي. هڪ سرمي داني به وٽن هوندي هئي، جنهن مان رات جو سمهڻ وقت هر هڪ اک ۾ ٽي ٽي سرايون سرمي جون وجهندا هئا.

انهن سڀني شين کان علاوه، پاڻ سڳورن ﷺ جي ٿيلهي ۾ ٻه قينچيون ۽ مسواڪ رهندو هو- نبيﷺ جن وٽ هڪ تمام وڏو پيالو هوندو هو، جنهن جا چار ڪڙا هوندا هئا، ۽ ان کي چار ماڻهو کڻندا هئا. وٽن شين کي ماپڻ جا پيمانا پڻ هوندا هئا، جن مان هڪ کي صاع، ۽ ٻئي کي مد چئبو آهي. هڪ چادر به هئي. چيو وڃي ٿو ته سندن کٽ جا پاوا ساڳ جي ڪاٺ جا هوندا هئا، جيڪي سعد بن زراه حضور ﷺ جن کي هديه طور پيش ڪيا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ جو بسترو چمري جو هوندو هو، جنهن اندر کجيءَ جو کاٻر ڀريل هوندو. رسالت ماب جن جو سڄو سارو سامان اجهو اهو هو، جنهن جو مختلف حديثن ۾ بيان ملي ٿو. امام طبراني پنهنجي معجم طبراني ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي برتنن متعلق هڪ جامع حديث نقل ڪئي آهي. حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته نبيﷺ جن وٽ هڪ اهڙي ترار هوندي هئي، جنهن جو دستو چانديءَ جو هو، ۽ ان جي ارد گرد چاندي مڙهيل هئي. اها ترار ذوالفقار جي نالي سان مشهور هئي.

حضور ﷺ جن وٽ سداد نالي واري هڪ ڪمان پڻ هئي. وٽن تيرن رکڻ جو هڪ ترڪش هو، جنهن کي جمع سڏيندا هئا. هڪ زره هين، جنهن تي ٽامي جا نقش ونگار بڻيل هئا. ان کي ذات الفصول چوندا هئا. انهن کان سواءِ وٽن نبعاء نالي جو هڪ حربو، دقن نالي جي هڪ لٺ، هڪ اڇي ڍال، سڪب نالي وارو هڪ خاڪي گهوڙو، داج نالي هڪ هنو، دلدل نالي وارو هڪ اڇو خچر، قصويٰ نالي واري هڪ ڏاچي، يعقور نالي وارو هڪ گڏهه، ڪرد نالي واري هڪ تڏي، قمر نالي واري هڪ ٻڪري، صادر نالي وارو هڪ پيالو، ۽ جامع نالي واري هڪ قينچي هئي.

پاڻ سڳورن ﷺ وٽ، انهن شين کان سواءِ، هڪ آئينو ۽ هڪ ڏنڊو هو، جنهن جو نالو موت هو.

نبي ﷺ جا جانور:

حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وٽ سڪب نالي وارو گهوڙو هوندو هو. اهو پهريون گهوڙو هو، جيڪو پاڻ سڳورن ﷺ وٽ آيو. جنهن اعرابيءَ وٽ اهو گهوڙو هو، تنهن کان پاڻ سڳورن ﷺ اهو ڏهن اوقيه نالي وارن سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اهو گهوڙو اڇي پيشانيءَ ۽ ڀريل بدن وارو هو، جنهن جون اکيون ڪاريون هيون، ان جي بدن جو رنگ به ڪاراڻ مائل هو. ٻيو گهوڙو مرتجز نالي وارو هو، جيڪو رنگ جو اڇو هو، ۽ ان جي باري ۾ خزيمه بن ثابت شاهدي ڏني هئي. ان کان سواءِ لحيف، لزاز، ظرب، سجه ۽ ورد نالن وارا گهوڙا به هئا،جن جو ڪل تعداد ست هو. انهيءَ تي سڀني راوين جو اتفاق آهي. امام ابو عبدالله محمد بن اسحاق، جيڪو شافعي مسلڪ وارو آهي، انهن سڀني گهوڙن جا نالا هڪ ئي شعر ۾ جمع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو هن طرح آهي:-

نحيل سڪب لحيف سجہ ظرب

لزاز مرتجز ورد ها اسرار

اهو شعر هن جي صاحبزادي جي امام عزالدين عبدالعزيز ابو حمرو ماڻهن کي ٻڌايو هو.

هڪ روايت مطابق، پاڻ سڳورن وٽ انهن کان سواءِ پندرهن گهوڙا رهيا، پر انهيءَ روايت کان ٻين کي اختلاف آهي- پاڻ سڳورن ﷺ جي هني جي چو طرف کجيءَ جي وڻ جو کاٻر ڀريل هوندو هو. انهن کان سواءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي هڪ خچر جو نالو دلدل هو، جيڪو شاه مقوقسيءَ هديه طور پيش ڪيو هو. هڪ ٻيو خچر به وٽن هوندو هو، جنهن جو نالو فضه هو، جنهن کي فروه جذامي پيش خدمت ڪيو هو. انهن کان علاوه، هڪ ٻيو اڇو خچر به هو، جنهن کي ابله جي حاڪم موڪليو هو، هڪ ٻيو خچر دومة الجندل جي حاڪم جي طرفان هديه طور موڪليو ويو هو.

هڪ قوم مطابق، شاه نجاشيءَ پڻ هڪ خچر حضور ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ موڪليو هو، جنهن تي پاڻ سڳورا ﷺ سواري فرمائيندا هئا- ان کان سواءِ، حضور ﷺ جن وٽ حفير نالي وارو هڪ اڇو گڏهه پڻ هيو، جنهن کي قبطي حڪمران مقوقس موڪليو هو. هڪڙو گڏهه فروه جذامي پڻ موڪليو هو. روايت آهي ته حضرت سعد بن عباده نبيﷺ جي خدمت اقدس ۾ هڪ گڏهه پيش ڪيو، جنهن تي پاڻ سڳورن ﷺ سواري ڪرڻ فرمائي. حضور ﷺ جن وٽ هڪ ڏاڍي عمدي ڏاچي هوندي هئي، جنهن جو نالو قصويٰ هو. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ئي ڏاچي تي پاڻ سڳورن ﷺ هجرت فرمائي. انهيءَ ڏاچي کان علاوه حضور ﷺ جن وٽ عضباء ۽ جدعاءِ نالن واريون ڏاچيون پڻ هيون. انهن جا ڪن ۽ نڪ درست هئا ۽ انهن ۾ ڪوئي عيب ڪو نه هو، پر اُهي بس ائين ئي انهن نالن سان مشهور ٿي ويون.

هڪ قول جي مطابق، انهيءَ ڏاچي جو ڪن وڍيل هو، جنهن ڪري ماڻهو ان کي عضباء چوندا هئا. هن باري ۾ اختلاف آهي ته جدعاء ۽ عضباء ٻه مختلف وجود هئا يا هڪ ئي وجود جا ٻه مختلف نالا هئا. عضباء ايتري ته تيز رفتار هئي، جو ڪنهن ٻي ڏاچيءَ کي اڳتي وڃڻ نه ڏيندي هئي. هڪ ڀيري هڪ اعرابي آيو، ته هن جي ڏاچي مقابلي ۾ اڳتي نڪري ويئي. مسلمانن کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو ڏک ٿيو. نبي ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ جو قانون اهو آهي ته دنيا جي هر فاني شيءَ انهيءَ وقت تائين هن دنيا مان نه اٿندي آهي، جيسين اها زوال طرف لاڙو نه رکندي آهي.

غزوه بدر ۾ نبيﷺ جن کي مال غنيمت منجهان ابوجهل جو اٺ مليو، ان جي نڪ ۾ چانديءَ جو لغام پيل هو. نبيﷺ کي اهو حديبيه جي موقعي تي پيش ڪيو ويو ته جيئن مشرڪ ان کي ڏسي سڙندا پچندا رهن. پاڻ سڳورن ﷺ وٽ پنجيتاليهه سگهاريون ڏاچيون هيون. وٽن هڪ ٻي ڏاچي به هئي جنهن کي سعد بن عباده بني عقيل جي قبيلي وارن کان وٺي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ موڪليو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن وٽ هڪ سؤ ٻڪريون هونديون پاڻ سڳورا ﷺ اهو نه چاهيندا هئا ته انهن جي تعداد ۾ اضافو ٿئي. انهيءَ ڪري جڏهن به ڪنهن ٻڪريءَ جو ڦر پيدا ٿيندو هو ته پاڻ سڳورا ﷺ هڪ ٻڪريءَ کي ذبح ڪرائيندا هئا. انهن سان گڏوگڏ پاڻ سڳورن ﷺ وٽ ست پهاڙي قسم جون ٻڪريون هيون، جن کي حضرت ام ايمن چاريندي هئي.

نبي ﷺ الله عليہ وآلہ وسلم جي پوشاڪ

پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هڪ عمامه هو، جنهن جو نالو سحاب هو. حضرت علي پڻ اهو ٻڌو. پاڻ ڪريم ﷺ جن عمامي جي هيٺان ٽوپي به رکندا هئا. ان کان سواءِ حضور ﷺ جن جي عادت مبارڪ عمامه کان سواءِ ٽوپي پائڻ جي پڻ هئي. جڏهن پاڻ سڳورا عمامه ٻڌندا هئا، ته ان جا َپلَوَ  ٻنهي ڪلهن تي کڻي رکندا هئا، جيئن صحيح مسلم ۾ حضرت عمرو بن حريث کان روايت آهي.

پاڻ فرمايو ته مون رسول اللهﷺ جن کي منبر تي تشريف فرما ڏٺو. سندن مٿي مبارڪ تي ڪارو عمامه هو ۽ ان جا ٻيئي ڇيڙا ٻنهي ڪلهن تي لٽڪايا ويندا هئا. ان کانسواءِ، مسلم ۾ حضرت جابر بن عبدالله کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جڏهن مڪي ۾ داخل ٿيا هئا، تڏهن سندن مٿي مبارڪ تي ڪارو عمامه هيو. پر انهيءَ روايت ۾ پلون کي لٽڪائڻ جو ذڪر ڪونهي. انهيءَ مان هيءَ ڳالهه معلوم ٿي رهي آهي ته پاڻ سڳورا عمامه جي پلون کي هميشہ نه لٽڪائيندا هئا. هڪ هيءَ به روايت آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن مڪي ۾ داخل ٿيا، تڏهن سندن بدن مبارڪ تي جنگي لباس پهريل هو ۽ سندن مٿو مبارڪ لوهي ٽوپي(خود) سان ڍڪيل هو. گويا پاڻ سڳورن ﷺ هر موقعي تي، موقعي جي مناسبت سان لباس زيب تن فرمايو.

اسان جو شيخ ابن تيميه(شال الله تعاليٰ کين وڌيڪ روحاني تقدس عطا فرمائي!) عمامه جي پلو لٽڪائڻ جي باري ۾ هڪ عجيب نڪته بيان فرمائيندو هو.

نبي ڪريمﷺ جن مديني منوره ۾ خواب ڏٺو ته پاڻ سڳورن رب العزت جي زيارت ڪئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو،"اي محمد! عرش اعليٰ جا فرشتا ڪهڙيءَ ڳالهه جي متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا آهن؟ " پاڻ سڳورن جواب ڏنو ته "مون کي معلوم ناهي. الله تعاليٰ پنهنجو هٿ منهنجن ٻنهي  ڪلهن جي وچ تي رکيو ته زمين  ۽ آسمان جي درميان جيڪي به شيون هيون، تن سڀني جو علم مون کي حاصل ٿي ويو. "

اها روايت ترمذيءَ ۾ به آهي. امام بخاري کان پڇيو ويو ته هن فرمايو ته اها روايت صحيح آهي. پڇيو ويو ته ِاهي الفاظ، ته نبي ڪريمﷺ عمامه جا پلو ٻنهي ڪلهن تي لٽڪائي ڇڏيندا هئا،(ڇا، اهي به درست آهن؟) هن فرمايو ته صرف جاهل ماڻهن جون دليون ۽ زبانون ئي انهيءَ ڳالهه جو انڪار ڪري سگهن ٿيون ۽ مان ته پاڻ سڳورن ﷺ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به متعلق پلون لٽڪائڻ جي ڳالهه ثابت ڪرڻ به فضول سمجهان ٿو." 

ان کان سواءِ، پاڻ سڳورن ﷺ قميص پڻ پاتي. دراصل، قميص حضور ﷺ جن کي ڏاڍي پسند هئي، انهيءَ قميص جون ٻانهون هٿن جي ڪراين تائين هيون، تنهن کانسواءِ، پاڻ ڪريم ﷺ جن جبه ۽ قروه پڻ زيب تن ڪيو، جيڪو قباء وانگر هوندو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ قباء  پڻ پاتو. سفر جي حالت ۾ حضور ﷺ جن جي جبي جون ٻانهون سوڙهيون ۽ تنگ هونديون هيون. پاڻ سڳورن ﷺ پوتڙو ۽ چادر پڻ استعمال فرمائي. واقدي بيان ڪري ٿو ته پاڻ ڪريمﷺ  جن جي چادر جي ڊيگهه ڇهه ذراع ۽ ويڪر(بر) ٽي ذراع ۽ هڪ گرانٺ هوندي هئي. حضور ﷺ جن جو پوتڙو عماني سٽ جو هوندو هو، جنهن جي ڊيگهه چار ذراع هڪ گرانٺ ۽ ويڪر ٻه ذراع ۽ هڪ گرانٺ هوندي هئي. پاڻ سڳورن ﷺ ڳاڙهو (حله) لباس پڻ تن فرمايو.

حله(لباس) ٻن ڪپڙن تي مشمتل هوندو آهي، جيڪو ائين سمجهي ٿو ته حله(لباس) بلڪل ئي سرخ هيو، تنهن کي يقيني طور غلط فهمي ٿص، بلڪ سرخ جوڙي مان مراد ٻه يمني چادرون هيون، جن تي عام يمني چادرن وانگر، ڳاڙها ۽ ڪارا ليڪا هئا. جيئن ته انهن ۾ ڳاڙهيون ليڪون هونديون آهن. انهيءَ ڪري اهي ڳاڙهين چادرن جي نالي سان سڏيون وينديون آهن. ڇو ته بلڪل ڳاڙهو لباس ته اسلام ۾ ڏاڍي سختيءَ سان ممنوع آهي. جهڙي طرح بخاريءَ ۾ روايت اچي ٿي ته نبيﷺ جن گڏهن جي ڳاڙهن هنن کان منع فرمايو. سنن ابي دائود ۾ حضرت عبدالله بن عمرو کان روايت آهي ته نبيﷺ سندس بدن تي زعفراني رنگ سان رڱيل هڪ چادر ڏٺي ته پاڻ سڳورن ﷺ پڇيو ته هيءَ ڪهڙي چادر آهي، جيڪا تو پاتي آهي؟ مون سندن ناراضگي محسوس ڪري ورتي، مان گهر واپس آيم ته تنور گرم ٿي رهيو هو- مون چادر لاهي تنور ۾ وڌي. ٻئي ڏينهن خدمت ۾ حاضر ٿيم.

پاڻ سڳورن ﷺ دريافت فرمايو ته عبدالله! تو انهيءَ چادر جو ڇا ڪيو؟ مون سڄو واقعو سندن خدمت ۾ عرض رکيو، ته پاڻ فرمايائون ته تو انهيءَ چادر کي گهر ۾ ڪنهن عورت کي ڇو نه پهرايو؟ ڇو ته عورتن لاءِ انهيءَ رنگ جو استعمال ۾ ڪو مضائقه ڪونهي.

صحيح مسلم ۾ انهيءَ ئي صحابيءَ کان روايت آهي ته نبيﷺ جن مون وٽ ٻه گيڙو رنگ ۾ رنڱيل چادرون ڏٺيون ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته اهي نه پايو. اهو ڪافرن جو لباس آهي.

صحيح مسلم ۾ هڪ روايت حضرت علي کان آهي ته نبيﷺ جن لباس کي گيڙو رنگ ڏيڻ کان منع فرمائي ۽ اها ڳالهه سڀني کي معلوم آهي ته انهيءَ گل(ڪسم) سان رڱڻ ڪري ڪپڙي جو رنگ ڳاڙهاڻ تي مائل  ٿي ويندو آهي. حديث جي ڪتاب ۾ هڪ واقعو لکيل آهي ته صحابه ڪرام ڪنهن سفر ۾ نبي ﷺ جن جي همراه هئا ته پاڻ سڳورن ﷺ انهن جي سامان ۾ ڪجهه چادرون ڏٺيون، جن تي ڳاڙها ليڪا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته "مان توهان جي سوارين تي هيءَ لالاڻ نه ڏسان." چنانچه اسان سڀ هڪدم ايتري تيزيءَ سان اٿياسين، جو اسان جا ڪي اُٺ ٽاهه کائي ويا ۽ اسان انهن تان سمورا ڳاڙها ڪپڙا لاهي ڇڏيا. انهيءَ کي ابو دائود روايت ڪيو آهي.

ڳاڙهو لباس ۽ ڪارو صوف(اُن)، اُنهن رنگن جو لباس پائڻ، بحث طلب مسئلا آهن. انهن جي ڪراهت ته تمام شديد آهي. انڪري ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته پاڻ سڳورن ﷺ ڳوڙهو سرخ لباس پاتو هجي! يقينا= الله تعاليٰ کين انهيءَ کان محفوظ رکيو. البت سرخ جوڙي جي لفظ تي شبهو ٿي سگهي ٿو.

پاڻ سڳورن ﷺ نشان لڳل ڪارو ڪپڙو به پاتو ۽ سادو ڪپڙو پڻ زيب تن فرمايو. ڪارو لباس ۽ سائي رنگ جي ريشمي ٻانهن وارو لباده به پاتو. امام احمد ۽ ابو دائود پنهنجين جدا جدا سندن سان حضرت اُنس بن مالڪ جي روايت نقل ڪن ٿا ته روم جي بادشاهه نبيﷺ جن جي خدمت ۾"سندس" (ريشم) جو هڪ قيمتي جبو موڪليو، پاڻ سڳورن ﷺ اهو پاتو، گويا مون کي هاڻي به سندن ٻيئي هٿ مبارڪ ٻاهر نڪتل نظر اچي رهيا آهن. اصمعي فرمائين ٿا ته اُهو جبو هڪ طرح جو وڏو لباده هو، جنهن جون ٻانهون ڊگهيون هيون. خطابي فرمائين ٿا" ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ جبه تي ڪجهه ريشم(سندس) لڳل هجي، نه ته عام طور تي جبه ريشم جو نه ٺهندو آهي."

نبي ﷺ هڪ پاجامو پڻ خريد ڪيو:

ظاهر آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ اهو پائڻ لاءِ ئي ورتو هوندو. هڪ روايت ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي پاجامي پائڻ جو به ذڪر ڪيل آهي. صحابه ڪرام ته پاڻ سڳورن ﷺ جي اجازت سان پاجامه پائيندا ئي هئا. ان کان سواءِ پاڻ سڳورن ﷺ جورابا پاتا. نبي ﷺ جيڪي پاپوش(جتيون) مبارڪ پائيندا هئا، تن جو نالو"ناسومه" هو. پاڻ سڳورن منڊي پڻ پاتي پر هن باري ۾ روايتون مختلف آهن ته پاڻ سڳورن منڊي ساڄي هٿ ۾ پاتي يا ڏائي هٿ ۾. اهي سڀ روايتون سند جي اعتبار کان صحيح آهن.

پاڻ سڳورن ﷺ خود(لوهي ٽوپ) پڻ پاتو، جنهن جو نالو"خروه" هو. ان کان سواءِ حضور ﷺ جن "زرديه" نالي واري زرهه پڻ پائڻ فرمائي. اهو به سڀ ڪنهن کي معلوم ئي آهي ته اُحد جي جنگ ۾ نبيﷺ جن ٻه زرهون پاتيون هيون.

صحيح مسلم ۾ حضرت اسماءِ بنت ابي بڪر کان روايت آهي هن فرمايو ته هي نبيﷺ جن جو جبو مبارڪ آهي. ائين چئي هن هڪ بهترين قسم جو شاهاڻو جبو ڪڍي ڏيکاريو جنهن تي ريشم جو ڪم ٿيل هو ۽ ڪنارن تي پڻ ريشم لڳل هو. هن ٻڌايو ته اهو جبو حضرت عائشه وٽ هو، جڏهن هن اِنتقال فرمايو ته مون اهو پنهنجي حفاظت ۾ کڻي رکيو. نبيﷺ جن اهو پائيندا هئا. اسان ان کي ڌوئي ان جو پاڻي مريضن کي ڏيندا آهيون ته انهن  کي شفا ٿي ويندي آهي. نبيﷺ جون ٻه سايون چادرون هيون هڪ ڪارو ڪمبل هو. پاڻ سڳورن ﷺ جي قميص سوٽي هئي ۽ ان جي ڊيگهه به گهٽ هئي. ان جون ٻانهون به ننڍيون هيون، البت ڊگهين ۽ ويڪرين ٻانهن  واري قميص نه پاڻ سڳورن ڪڏهن پاتي، ۽ نه اصحابن سڳورن ئي ڪڏهن پاتي. اهي سنت جي خلاف آهن ۽ انهن جو استعمال جائز ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو متڪبرين جو لباس آهي. نبيﷺ جن قميص ۽ جرة(هڪ قسم جي چادر) کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا. جرة هڪ قسم جي چادر آهي، جنهن ۾ ڳاڙهيون ڌاريون هونديون آهن. پاڻ سڳورن ﷺ کي اڇو لباس سڀ کان وڌيڪ پسند هو. پاڻ فرمائيندا هئا:

"هي سڀني کان بهتر ڪپڙو آهي. اهو ئي پائيندا

ڪريو ۽ انهيءَ جو ئي مردن کي ڪفن ڏيندا ڪريو."

حضرت عائشه صديقه رضه کان هڪ صحيح روايت مروي آهي ته هن هڪ پراڻو ڪمبل ۽ ٿلهي سٽ جي هڪ چادر ڪڍي ۽ فرمايو ته نبي ڪريم ﷺ انهن ٻنهي ڪپڙن ۾ فوت ٿيا. پاڻ سڳورن سوني منڊي پاتي، وري ان کي ڦٽي ڪيائون ۽ سوني منڊي پائڻ کان منع فرمايائون. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ چانديءَ جي منڊي ٺهرائي ۽ ان جي پائڻ کان منع نه ڪيائون.

رهي ابو دائود جي روايت ته نبي ڪريمﷺ جن ڪجهه ڳالهين کان منع ڪرڻ فرمائي ته انهيءَ باري ۾ هيئن به چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ وقت جي حاڪم کانسواءِ باقي سڀني ماڻهن کي سوني منڊي پائڻ کان منع فرمائي.

مان انهيءَ روايت جي صحت ۽ عدم صحت جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهان. ان کانسواءِ، پاڻ سڳورن ﷺ جي منڊيءَ جو ٻڙو هميشہ اندرين طرف رهندو هو. امام ترمذي هڪ حديث نقل ڪري ٿو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ بيت الخلاء تشريف وٺي ويندا هئا، تڏهن منڊي لاهي ڇڏيندا هئا. امام ترمذي ان کي صحيح ٺهرايو، پر ابو دائود ان کي منڪر قرار ڏنو. باقي طيلسان(سائي چادر، جيڪا عجمين جو لباس آهي) جي متعلق ڪجهه چيل ڪونهي ته پاڻ سڳورن ﷺ اها پاتي يا نه، نه ئي وري صحابين جي طرفان ڪجهه منقول آهي. بلڪ صحيح مسلم ۾ حضرت نواس بن نعمان کان روايت سان ثابت آهي ته نبي ڪريم ﷺ دجال جو ذڪر ڪيو ۽ فرمايو ته هو اصفهان جي ستر هزار يهودين سان خروج ڪندو، جن کي اهي سايون چادرون پيل هونديون. حضرت انس هڪ جماعت وٺي، جن جي بدن تي سايون چادرون(طيلسان) هيون ته هن فرمايو ته هي ماڻهو خيبر جي يهودين سان ڪيتري قدر نه مشابهت رکن ٿا. انڪري سلف جي هڪ جماعت انهن جي استعمال کي مڪروه سمجهندي هئي، ڇاڪاڻ ته ابو دائود ۽ حاڪم مستدرڪ ۾ حضرت ابن عمر کان روايت ڪئي آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو:

”جنهن به، جنهن قوم جي چال چلن اختيار ڪئي، سو انهيءَ ۾ شمار ٿيندو“.

۽ ترمذي ۾ روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:

”جيڪو اسان کانسواءِ ڪنهن ٻي قوم جو چلن اختيار ڪندو سو اسان منجهان ناهي.“

باقي هجرت واري حديث ۾ جيڪو هي ذڪر آهي ته نبي ڪريم ﷺ ابوبڪر وٽ مٿو ۽ منهن ڍڪي تشريف وٺي آيا، ته اهو ڪم پاڻ سڳورن حالات ۽ مصلحت جي تحت ڪيو، ته جيئن ڪفار جي نظر کان پوشيده رهي سگهن. اها سندن عادت نه هئي، بلڪ هڪ وقتي ضرورت جي آڌار تي ائين ڪيو ويو. ان کانسواءِ حضرت انس کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا اڪثر ڪري مٿو ۽ منهن ڍڪيندا هئا، ته انهيءَ باري ۾ اصل ڳالهه جو علم ته الله تعاليٰ کي ئي آهي ، پر ائين ٿي سگهي ٿو ته گرمي يا ڪنهن ٻي ضرورت جي سبب کڻي ائين ڪيو هجي، پر اهو اقدام ظاهر ڏيکاءُ يا تصنع يعني تطليس(عادت طور مٿو ۽ منهن ڍڪڻ) جي ماتحت ڪو نه هو.


(1) حدي خوان: دوران سفر، اُٺن جي قافلي جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ شعر جهونگاريندڙ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com