سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :18

مولانا عبيدالله انور

ترجمو:شيخ محمد اسماعيل

سِيرَتِ رَسُول جَو پَيغامُ

 

هڪ مشهور ايراني مصنف حڪيم برزويه پنهنجي ڪتاب ”ڪليله و دمنہ“ ۾ حضور نبي اڪرم رحمت دو عالمﷺ و اصحابہ وسلم جن بعثت وقت ايراني معاشري جو جيڪو نقشو چٽيو آهي، تنهن جي هڪ تصوير ملاحظه فرمايو:

”ائين معلوم ٿو ٿئي ته ماڻهن صداقت کي هٿان ڇڏي ڏنو آهي. جا شيءِ مفيد آهي سا موجود ناهي ۽ جيڪي موجود آهي سو مضر آهي. جيڪا چيز سٺي آهي سا ڪوماڻل آهي ۽ جيڪا خراب آهي سا سرسبز آهي. دروغ کي فروغ آهي ۽ نيڪي بي رونق آهي. علم پستي جي درجي ۾ ۽ بي عقلي جو درجو بلند آهي. بدڪاري جي حاڪميت آهي ۽ شرافت نفسي پامال آهي. محبت متروڪ آهي ۽ نفرت مقبول آهي. فيض ۽ ڪرم جو دروازو نيڪن تي بند آهي پر شريرن تي کليل آهي. حاڪمن جو فرض فقط عياشي ڪرڻ ۽ قانون ٽوڙڻ آهي. مظلوم پنهنجي ذلت تي قانع آهي ۽ ظالم کي پنهنجي ظلم تي فخر آهي. حرص جو وات پٽيل آهي ۽ ويجهي توڙي پرانهين هر شيءَ کي ڳڙڪائي رهيو آهي. تسلط لائقن کان نالائقن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته دنيا خوشي جي نشي ۾ اهو چئي رهي آهي ته مون نيڪي کي مقفل ۽ بدي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.“

(بحواله مولانا سنڌي ”حالات زندگي، تعليمات ۽ سياسي افڪار“ ص 191 - 192)

هڪڙي ايراني مصنف ”شهد شاهد من اهلها“ جي مصداق پنهنجي گهر جي حالت جو جيڪو نقشو چٽيو آهي ۽ انهي دور جي معاشري جا حالات بنان گهٽ وڌائي جي بيان ڪيا آهن، سي واضح لفظن ۾ ڪنهن انقلاب کي دعوت ڏيئي رهيا هئا، ڇو ته آسماني صحيفن جي متفقہ گواهي اها ئي آهي ته جڏهن انهي قسم جا حالات پيدا ٿي وڃن تڏهن نظام ۾ تبديلي اڻ ٽر ٿي ويندي آهي.

يارهين صدي هجري جي مجدد ۽ برصغير پاڪ و هند جي نامور شخصيت حضرت حڪيم الاسلام شاه ولي الله قدس سره انهي سلسلي ۾ پنهنجي معرڪة الآرا تصنيف حجة الله البالغہ ۾ لکيو آهي:

”جڏهن اها مصيبت گهڻي وڌي وئي (يعني ماديت ۽ دنيا پرستي) ۽ مرض شدت اختيار ڪئي، تڏهن الله تعاليٰ ۽ سندس مقرب فرشتا رنج ٿيا. ان وقت الله تعاليٰ جي مشيت ٿي ته انهي مرض کي پاڙئون وڍي ڪڍي ڇڏجي ڇاڪاڻ جو مرض لاعلاج حد تائين پکڙجي چڪو هو. تنهنڪري الله تعاليٰ

 حضرت محمد مصطفيٰ رسول الله ﷺ و اصحابہ وسلم کي مبعوث فرمايو، جو محض امي هو (جيئن قرآن شريف ۾ ارشاد آهي. ڏسو سورة جمعه، آيت نمبر 2: ناقل) ۽ جن ڪڏهن ايراني ۽ رومي معاشري (روس ۽ آمريڪا وانگر ان دور جون ٻه عظيم ۽ سپر طاقتون) سان ميل ميلاپ نه رکيو هو، ۽ نڪي انهن جي رسمن رواجن ۽ طرز معاشرت کي اختيار ڪيو هو. خدا تعاليٰ آنحضرت ﷺ و اصحابہ وسلم کي رسومات صالح ۽ غير صالح جي درميان تميز ڪرڻ جو معيار قرار ڏنو ۽ سندن زبان فيض ترجمان سان عجمين جي رسمن جي مذمت ڪرائي ۽ دنياوي زندگي ۾ انهماڪ ۽ ان تي اطمينان ڪري ويهي رهڻ جي خرابي ظاهر ڪئي. الله تعاليٰ سندن دل ۾ وڌو ته جن فاسد اخلاقن ۽ بيڪار رسمن جا عجمي عادي آهن جن تي اهي فخر ۽ ناز ڪن ٿا اهي حرام آهن. مثلاً ريشمي لباس، ارغواني ڪپڙا، سونا ۽ روپا ٿانءَ، سونا زيور، اهڙا ڪپڙا جن تي تصويرون ٺهيل هجن، ۽ گهرن ۾ نقش و نگار. الله تعاليٰ فيصلو ڪيو ته هن نبي جي حڪومت جي وسيلي قيصر و ڪسريٰ (رومي ۽ ايراني معاشرن جا سربراه) جي حڪومت کي برباد ڪجي ۽ ان (نبي) جي اڳواڻي سان انهن جي ليڊرشپ کي ختم ڪري ڇڏجي. اهڙي طرح ان (نبي) جي وجود سان ڪسريٰ ختم ٿي ويو ۽ وري ڪو به ڪسريٰ نه ٿيندو ۽ قيصر جي قيصريت ختم ٿي وئي ۽ وري ڪو به ان جو جاءِ نشين نه ٿي سگهندو.“ (جلد - 1، ص 106).

حڪيم امت رحمة الله تعاليٰ جي انهيءَ اقتباس جو مقصد واضح آهي ته الله تعاليٰ جو نبي دنيا مان هر قسم جي بي انصافي ۽ عدم توازن دور ڪرڻ آيو هو ۽ معاشري جا اهي فرد ۽ طبقا جيڪي حد کان وڌيڪ عياشي واري زندگيءَ ۾ مست ٿي خدا کان ناآشنا ٿي چڪا هئا ۽ سندن اعمال ۽ افعال ملت جي ٻين طبقن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿي رهيا هئا، انهن کي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجي ۽ الله جي زمين تي عدل ۽ انصاف جي حاڪميت قائم ڪجي.

سرڪار دوعالم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن خود هڪ موقعي تي ارشاد فرمايو هو ته”هلک قيصر فلاقيصر بعده وهلک ڪسريٰ فلاڪسريٰ بعده“ اها هڪ پيشنگوئي هئي، جا زبان نبوت مان نڪتي ۽ ان جي صداقت کي جلد ئي دنيا ڏٺو.

انهي موقعي تي قدرتي طور اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته عيش و نشاط ۾ غرق معاشري جي زوال جي رسول الله جن ڇو پيشنگوئي ڪئي ۽ سڄي دنيا جي اهل صلاح و تقويٰ ۽ حڪيم ۽ داناءَ ماڻهو انهي قسم جي معاشري کي انسان ذات ۽ انسانيت لاءِ ڇو زهر قاتل سمجهن ٿا؟ ان جو جواب سورة بني اسرائيل جي آيت نمبر 16 مان بخوبي معلوم ٿي سگهندو الله تعاليٰ فرمايو آهي ته :

و اذا اردنا ان نهلک قرية امرنا مترفيها ففسقوا فيها فحق عليها القول فدمر ناها تدميرا 0

(۽ جڏهن اسين ڪنهن بستي کي هلاڪ ڪرڻ گهرون ٿا تڏهن اتي جي دولتمندن کي حڪم ڏيون ٿا پوءِ اتي اهي نافرماني ڪن ٿا تڏهن انهن تي حجت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اسين انهن کي برباد ڪري ٿا ڇڏيون-

حضرت لاهوري رحه)

پنجاب ۾ حڪمت ولي الهي جي مخلص بي لوث شارح حضرت مولانا احمد علي رحمة الله عليہ پنهنجي مختصر حواشي ۾ انهي آيت جي ضمن ۾ فرمائين ٿا ته

”اهو به ياد رهي ته بستيون هميشہ آسوده حال ماڻهن جي شامت اعمال سبب تباهه ٿينديون آهن“(ص 451)

قرآني قصن ۽ واقعن تي نظر وجهڻ سان سڀ کان اول نبي مرسل حضرت نوح عليہ السلام کان وٺي حضرت محمد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ و اصحابہ وسلم تائين آسماني تعليمات ۽ نبوي دعوت جي مخالفت ۾ اهو ئي طبقو اوهان کي پيش پيش نظر ايندو، جيڪو قرآن جي زبان ۾”مترف“ (دولتمند طبقو) چيو ويو آهي. انهي طبقي پنهنجي دولت ۽ ثروت تي ناز ۽ غرور ڪندي سدائين انبياء عليهم السلام ۽ انهن جي رفيقن ۽ اهل ايمان جو ذڪر تحقير آميز انداز ۾ ڪيو آهي. حضرت نوح عليہ السلام جي دور جي اهل ثروت ۽ ارباب تمول سندن دعوت جي جواب ۾ چيو:

”اسان کي ته تون اسان جهڙو هڪڙو ماڻهو نظر اچين  ٿو ۽ اسان کي تنهنجا پوئلڳ اهي ئي نظر اچن ٿا، جيڪي اسان مان رذيل آهن“(هود: 27)

حضرت صالح عليہ السلام جي حالات جي ضمن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

”هن  قوم جي متڪبر سردارن، غريبن کي چيو جيڪي ايمان آڻي چڪا هئا ته: ڇا اوهان کي يقين آهي ته صالح کي ان جي رب موڪليو آهي؟

هنن چيو ته:هو جيڪي کڻي آيو آهي. اسان ان تي ايمان آندو آهي. 

متڪبرن چيو: جنهن تي توهان کي يقين آهي ان کي اسين نٿا مڃون“

(الاعراف: 75-76 )

فرعون جي لاءِ قرآن چوي ٿو ته هن پنهنجي قوم کي چيو.

”ڇا، آءٌ هن کان بهتر نه آهيان جيڪو ذليل آهي ۽ صاف ڳالهائي به نٿو سگهي“(زخرف، 52)

سرڪار دو عالم صلي الله تعاليٰ عليہ وآلہ واصحابہ وسلم جي زماني ۾ ڪافرن ۽ فاسقن ساڻن انهي انداز جي گفتگو ڪئي ۽ کانئن اهو مطالبو ڪندا هئا ته هي غريب ۽ انهن جهڙا ٻيا ماڻهو جيڪي اوهان جي ارد گرد رهن ٿا، تن کي هٽائي ڇڏيو ته اسين گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي ڳالهه ٻڌنداسين(مڃڻ يا نه مڃڻ پوءِ جي ڳالهه آهي) انهي تي الله تعاليٰ کين فرمايو:

۽ ”جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي رب کي سڏين ٿا انهن کي پاڻ کان دور نه ڪر، جو الله جي رضا چاهين ٿا- تنهنجي ذمي انهن جو ڪو به حساب نه آهي ۽ نه وري تنهنجو ڪو حساب انهن جي ذمي. اگر تو انهن کي پري ڪيو، بس تون بي انصافن مان ٿيندين“(الانعام: 52)

انهي تفصيل مان الله جي نبين جي دنيا ۾ اچڻ جي سببن تي واضح روشني پوي ٿي ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هڪ خاص طبقو هميشہ کان انبياء عليهم السلام جي دعوت جي مخالفت ۽ تڪذيب ۾ پيش پيش رهيو آهي. اڳتي وڌون ته انبياء عليهم السلام جي تعليمات تي حقيقي ۽ صحيح معنيٰ ۾ عمل پيرا اهي ئي ماڻهو ٿيا آهن، جن کي عام طور ”غرباء“ چيو وڃي ٿو. اسلام جي اوائلي تاريخ انهي معاملي ۾ نهايت واضح آهي ۽ اڄ تائين اهو ئي ڪجهه ڏٺو وڃي ٿو. انهي ڪري حضور عليہ السلام جن ”غرباء“ کي مستحق تبريڪ قرار ڏنو ۽ فرمايو ”فطوبيٰ للغرباء“ ۽ پاڻ سڳورا مسڪيني جي عالم ۾ رهيا ۽ مسڪيني جي عالم ۾ ئي دنيا کان رخصت ٿيا ۽ مساڪين جي طبقي ۾ ئي شمار ٿيڻ جي دعا فرمائي:”اللهم احيني مسکينا و امتني مسکينا و احشرني في زمرة المساکين.“

ان سان گڏ هڪ ٻي ڳالهه پڻ نهايت ضروري آهي جنهن کي حڪيم الامت امام ولي الله دهلوي ذڪر فرمايو آهي:

”ايرانين ۽ رومين کي مختلف قومن تي حڪومت ڪندي صديون گذري ويون ۽ انهن دنيوي زندگي کي ئي پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو ۽ آخرت کي وساري ويهي رهيا. شيطانيت انهن تي غالب پئجي وئي ته سندن زندگي جو حاصل اهو بنجي ويو ته عيش عشرت ۾ زندگي بسر ٿئي، تنهن ڪري منجهانئن هر شخص داد عيش ڏيڻ ۾ لڳي ويو ۽ انهي تي فخر ڪرڻ لڳو. سندن اها طرز زندگي ڏسي دنيا جي هر گوشي مان علماء ۽ سائنسدان سندن چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا جيڪي سندن لاءِ عيش جو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ عجيب عجيب حيلا ۽ نڪتا بيان ڪرڻ لڳا، بلڪ عيش جي سامان جي ايجادات ۽ اختراعات ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا ۽ پنهنجي ايجادات کي فخر جو باعث سمجهڻ لڳا............ (ان بعد شاهه صاحب انهن سرمايه پرست امراءَ جي زرين لباسن، عاليشان محلاتن، نمائشي جانورن وغيره جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ اهو به ٻڌايو  

آهي ته انهن جي حالات جو اندازون لڳائڻ لاءِ توهين پنهنجي دور جي حڪمرانن ۽ اميرن کي ڏسو........ ان بعد رقمطراز آهي ته) انهن بادشاهن ۽ اميرن جي زندگي جا طور طريقا رفته رفته عوام جي معاشرتي نظام جا اصول بنجي ويا ۽ نوبت انهي حد تائين پهتي جو سوسائٽي ۾ انهن خرابين جو استيصال ناممڪن بڻجي ويو ان جي باقي هڪڙي صورت رهجي ويئي ته جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته اهي بدعادتون انهن ماڻهن جي دلين مان روڙي ڪڍي وٺجن. بادشاهن ۽ اميرن جي انهي عياشي واري زندگي مان ڪيترائي خطرناڪ معاشي ۽ سماجي مرض پيدا ٿي پيا جيڪي زندگي جي سڀني شعبن ۾ داخل ٿي ويا ۽ حالت اهڙي همہ گيري بنجي وئي جو اها وچڙندڙ وبا وانگر سڄي مملڪت ۾ پيهي وئي. ان کان نه شهري بچيو نه ديهاتي، نه امير محفوظ رهيو نه غريب، ايستائين جو هر شخص ان جون خرابيون ڏسندو رهيو مگر علاج کان مايوس هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو عوام توڙي خواص سڀئي شديد مالي مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويا“

(حجة الله البالغہ، جلد اول، ص 105-106)

اوهان ڏٺو ته شاه صاحب ڪهڙي طرح نه تفصيل سان معاشري جي مرضن جي تشخيص ڪئي آهي: جڏهن امراء عيش پرستي جو شڪار ٿين ٿا ته غرباء ”الناس عليٰ  دين ملوکهم“ مطابق انهن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جيئن ته منجهن ان تي هلڻ جي طاقت نٿي ٿئي ۽ سندن معاشي حالات اهڙي اجازت نٿا ڏين، تنهنڪري معاشري ۾ ڌوٻي جي ڪتي واري حيثيت بنجڻ کان پوءِ امراء ۽ سرمائيدار طبقو کين گڏه گابي جي درجي تي پهچايو ڇڏي ۽ معاشرو واضح طور تي طبقاتي ڪشمڪش جو شڪار بنجيو وڃي . انهي طبقاتي ڪشمڪش ۽ بادشاهن ۽ اميرن جي زندگي جو پنهنجو انداز ٿئي ٿو. کين هر حالت ۾ پنهنجي عيش جي معيار کي برقرار رکڻو پوي ٿو، تنهنڪري اهي ماڻهن تي طرح طرح جا ٽيڪس لڳائين ٿا ۽ رائج ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافو آڻين ٿا. نتيجي طور هيٺيون طبقو ٽيڪسن جي ادائگي لاءِ پنهنجي عزت آبرو تائين وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو، ڇو ته ٽيڪسن جي ادائگي کان سواءِ سندن جيئڻ محال ٿيو پوي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪي ماڻهو ٽيڪسن جي ڳرائي کان تڙپي مقابلي لاءِ نڪري اچن ۽ اهو سوچين ته جڏهن با عزت زندگي نصيب ناهي تڏهن بهادرن وانگر موت ئي بهتر آهي ته پوءِ ان جو نتيجو جنگ جدال ۽ بغاوت جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو ۽ معاشري جو سمورو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو.

معاشري جو هڪ ٻيو دکدائڪ پهلو هي به ٿئي ٿو جو ڪي ماڻهو حڪمرانن جا حاشيہ نشين بنجي وظائف ۽ جاگيرون حاصل ڪن ٿا ۽ هر حالت ۾ بادشاهه ۽ ارباب اقتدار جي خوشنودي چاهين ٿا. انهن ۾ نام نهاد مذهبي پيشوا(جن ۾ مولوي ۽ پير ٻئي شامل آهن) ۽ شعراء وغيره شامل هوندا آهن. حڪيم دهلوي انهن ٻنهي مرضن جو سهڻائي سان تجزيو ڪندي فرمايو آهي:

”هن زماني ۾ اڪثر ملڪن جي بربادي جو سبب ٻه چيزون آهن. هڪڙو ته سرڪاري خزاني مان هٿرادو حقوق جو نالو وٺي ماڻهو روپيا وصول ڪن ٿا. جنهن نالي سان اهي رقم وٺن ٿا ان جي حق کي اهي ڪنهن به طرح پورو نٿا ڪن. ٻيو ته ڪمائيء وارين جماعتن يعني هارين، واپارين ۽ هنرمندن تي گهڻي کان گهڻا ٽيڪس لڳايا وڃن ٿا. انهن مان نرم مزاج(ٻين لفظن ۾ غيرت ۽ حميت کان عاري ماڻهو) ته ٽيڪس ادا ڪري ٿا ڇڏين، ليڪن جن ۾ مقابلي جي همٿ هوندي آهي، سي بغاوت اختيار ڪن ٿا ۽ سڄي سوسائٽي درهم برهم ٿي وڃي ٿي“ (مولانا سنڌي، ص 190) اسرائيلي معاشري ۾ فرعوني طبقي جو تسلط ۽ استيلاء ۽ بني اسرائيل جي بيوسي قرآن عزيز ڪيترين ئي جاين تي بيان فرمائي آهي - حتاڪه حضرت موسيٰ عليہ السلام جن به بارگاه ايزدي ۾ درخواست ڪئي ته:

”اي رب اسان جا، تو فرعون ۽ ان جي سردارن کي دنيا جي زندگي ۾ آرائش ۽ هر طرح جو مال ڏنو آهي. اي رب اسان جا، ايستائين جو انهن تنهنجي راه تان گمراه ڪري ڇڏيو. اي رب اسان جا، هنن جي مال کي برباد ڪر ۽ انهن جي دلين کي سخت ڪر. پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا ايستائين جو دردناڪ عذاب ڏسن.“(يونس: 88- حضرت لاهوري قدس سره)

حضور پاڪ عليہ السلام جي دور جي قبائلي ۽ سرداري نظام به انهي نوعيت جو آهي، جنهن ۾ لاتعداد انسان رڍن ۽ ٻڪرين واري زندگي گذاري رهيا هئا ۽ اهي غلام ۽ ٻانهان شمار ٿيندا هئا. سندن نام نهاد آقا جيئن وڻندو هون- تيئن انهن جي تذليل ڪندا هئا. اها ته حجاز جي حالت هئي، پر حجاز کان ٻاهر ان دور جي سپر طاقتن روم ۽ ايران جو حال مٿي بيان ٿي چڪو آهي. انهي ماحول ۽ معاشري ۾ الله جو آخري نبي تشريف فرما ٿيو. الله تعاليٰ ارشاد فرمايو:

”هو الذي ارسل رسولہ بالهديٰ و دين الحق ليظهره علي الدين کلہ ولو کره المشرکون“(الصف: 9)

(اهو ئي تون آهين جنهن پنهنجو رسول هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو، تان ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، اگرچه مشرڪ ناپسند ڪن- حضرت لاهوري)

مولانا سنڌي قدس سره ارشاد فرمايو آهي ته:

”شاهه صاحب (شاهه ولي الله رحه) جي خيال ۾ رسول اڪرم عليہ الصلواة والسلام جي بعثت جو مقصد اهو ئي هو ته سندن وسيلي خدا جي دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪيو وڃي ۽ اسلام انسانن کي هڪ اهڙو نظام حيات ڏئي جو سڀني نظامن کان بهتر ۽ اعليٰ هجي. آنحضرت جي بعثت جو به مقصد انهي صورت ۾ پورو ٿيو جو قيصر ۽ ڪسريٰ جو نظام، جيڪو ڪنهن حد تائين سڄي دنيا تي ڇانيل هو، پاش پاش ٿي ويو ۽ انسانيت کي قيصريت ۽ ڪسرويت ٻنهي کان نجات ملي.“(مولانا سنڌي، ص 190-191)

گويا غلامانه ذهنيت کان مرعوب بعض ماڻهن جي قول موجب الله جي سچي نبي جي وساطت سان آيل دين محض عبادات جي مجموعي جو نالو ڪونهي، بلڪ اهو سڄي دنيا جي اديان تي ڇانئجڻ لاءِ آيو آهي ۽ هن پنهنجي ابتدائي زندگي ۾ پنهنجي عظمت ۽ برتري جو جيڪو ثبوت پيش ڪيو آهي، تنهن کي ڪو بدترين دشمن به ڪوڙو نٿو ڪري سگهي ۽ اهو اسلام خير هڪ هزار سالن تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ دنيا ۾ قائم ۽ موجود رهيو ۽ نه صرف پنهنجا بلڪ بيگانا به هن جي برڪتن مان مستفيد ٿيندا رهيا. ليڪن جيئن ئي مسلمانن جي اخلاقي حالت زوال پذير ٿي ۽ اهي مجاهدانه ۽ انقلابي زندگي کي خيرآباد چئي عيش و نشاط ۾ پيا، ته سندن وقار ۽ عزت مٽيءَ ۾ ملي ويا، اقتدار کان محروم ٿي ويا،وياج خوري واري نظام جي ٻنڌڻن کين پنهنجي گرفت ۾ وڪوڙي ورتو. تهذيب ۽ تمدن غيرن جو، سوچ ۽ فڪر غيرن جو-نتيجو اهو آهي جو اُهي اڄ وري اوائلي جاهليت جو شڪار آهن. حڪيم دهلوي سندن جن خرابين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ دهلي جي بادشاهن ۽ ان جي دور جي امرائن جا جيڪي حالات بيان ڪيا آهن، سي اڄ مڪمل شڪل ۾ هن نام نهاد مسلم سوسائٽي ۾ڏسي سگهجن ٿا، ليڪن الله جا جيڪي بندا اونداهين ۾ چراغ جلائي ملت جي ُحدي خواني جي لاءِ وقتاً فوقتاً دنيا ۾ ايندا رهن ٿا، سي ڪنهن به گهڙي مايوس نٿا ٿين.

مولانا عبيدالله سنڌي جي متعلق سندس سوانح نگار لکن ٿا ته پنجويهه سال جلاوطني کان پوءِ مولانا وطن واپس اچڻ لڳو ته هڪڙي هندستاني بزرگ عالم جيڪو مستقل طور حجاز ۾ مقيم هو ۽ مولانا جو دوست ۽ شاگرد هو، تنهن چاهيو ٿي ته مولانا پنهنجي عمر جو باقي حصو هتي ئي حرم پاڪ ۾ گذاري، جنهن جي عطر بيض فضائن ۾ هن ٻارهن ورهه گذاريا آهن. مولانا جي خيالات ۾ تلاطم هو. حرم جي محبت ۽ عظمت سان سندس دل سرشار هئي، ليڪن اُها ڳالهه جنهن کيس بيقرار ڪيو هو ۽ هن واپس اچڻ چاهيو ٿي، تنهن لاءِ مولانا فرمايو ته:

”منهنجو اهو غير متزلزل يقين ۽ عقيدو آهي ته اسلام جو مستقبل نهايت روشن ۽ شاندار آهي. بيشڪ اسلام پوري قوت ۽ توانائي سان هڪ ڀيرو اٿندو، ليڪن خارج ۾ ان جو اهو خاڪو نه هوندو جو هن وقت آهي. مون کي جهڙي طرح هن ڳالهه تي يقين آهي ته اسلام هڪ ڀيرو اُڀرندو اهڙي طرح منهنجو هي به ايمان آهي ته اسان جو موجود نقشو چند ڏينهن جو مهمان آهي . اسلام کي هڪ نئين اڏاوت اڏڻي آهي ۽ مسلمان ان کي جيترو جلد بنائين بهتر ٿيندو“.

ائين چئي ارشاد فرمائين ته:

”اهي ٻه عقيدا آهن جيڪي مون کي هندستان ڏانهن ڇڪي پيا وڃن(اهو تقسيم کان پهرين جو قصو آهي)، آءٌ هاڻي چراغ سحري آهيان. خدا کي خبر ته زندگي جا ڪيترا ڏينهن باقي هوندا، چاهيان ٿو ته مرڻ کان اڳ پنهنجي قوم جي ڪنن تائين اها حقيقت پهچايان“(مولانا سنڌي ص،198-199)

گويا اسلام جدا چيز آهي ۽ موجود دور جي مسلمانن جي طرز حيات بالڪل ٻي چيز آهي. اسلام ته اهو آهي جنهن جي علمي شڪل قرآن آهي ته عملي شڪل سرڪار دو عالم صلي الله تعاليٰ عليہ وآلہ واصحابہ وسلم جي ذات گرامي. جو بعض روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان به اهو ئي خيال اظهار فرمائيندا هئا ته هڪ قرآن الله جي طرفان جبرئيل امين عليہ السلام جي وساطت سان محمد عليہ السلام جي قلب تي نازل ٿيو ۽ ٻيو قرآن اهو آهي جيڪو مديني جي گهٽين ۾ گهمندو ڦرندو هو. گويا ٻن قرآنن جو عقيدو انهي تعبير سان اسلاف کان منقول آهي ۽ انهي حقيقت جي ترجماني  ام المؤمنين سيده ڪائنات صديقہ طاهره سلام الله تعاليٰ عليها و رضوانها جن ٻن جملن ۾ فرمائي آهي.

”کان خلقہ القرآن“

(رسول الله صلي الله تعاليٰ عليہ وآلہ واصحابہ وسلم جي سيرت ۽ حيات طيبہ ته قرآن ئي هو)

قرآن ۽ سنت رسول مان اسلام جو جيڪو نقشو سامهون اچي ٿو، سو بلڪل الڳ چيز آهي، جنهن ۾ عبادات، معاملات اخلاق، تهذيب ۽ معاشرت ۽ اقتصاد جي لاءِ مڪمل رهنمائي موجود آهي، ۽ اها محض دعويٰ ناهي بلڪ مسلمانن جي هزار سالن جي زندگي انهي ڳالهه جو ثبوت آهي. برعڪس ان جي هن وقت جيڪو ڍانچو مسلمانن بنائي ڇڏيو آهي، سو هي آهي ته هڪ محدود تعداد ۾ عبادات جو رسمي اهتمام ڪري اهو خيال رکن ٿا ته اسان اسلام جي تقاضا پوري ڪري ڇڏي، جڏهن ته سندن طرز زندگي، سندن نظام معاشرت ۽ اقتصاد، سندن نظام سياست ۽ عدالت ۽ سندن نظام تجارت ۽ زراعت وغيره خالص جاهليت وارن بنيادن تي استوار آهن. حضور رحمت دو عالم صلي الله تعاليٰ عليہ وآلہ واصحابہ جن جنهن نظام حيات جو سلسلو ملت مسلمہ لاءِ تجويز فرمايو هو، تنهن جي عملي ڀڃ ڊاه خود اسان جي ئي هٿان ٿي ۽ جنهن جي سزا اسان کي انهي شڪل ۾ ملي رهي آهي جو اسين قومي وقار کان محروم ٿي ويا آهيون. اڄ جو جديد ذهن هڪ صالح سياسي نظام لاءِ فرانس جي انقلاب هڪ صالح معاشي نظام لاءِ ڪارل مارڪس جي سرمايه لينن ۽ اسٽالن جي عمل کي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهي ٿو ۽ ان جي باوجود کيس پنهنجي مسلمان هجڻ جي دعويٰ آهي. حالانڪ هڪڙي مفڪر جي قول موجب سيرت نبوي ۽ دور حاضر جي تحريڪن يعني سوشلزم، ڪميونزم، ڪيپيٽلزم وغيره ۾ وڏو واضح تضاد موجود آهي. دور حاضر جي انهن تحريڪن جي صرف اها خامي ناهي ته اهي خدا فراموش آهن، بلڪ اهي خود فراموش به آهن. اهي انسان ۽ انسانيت کي نه ٿيون سمجهي سگهن. محمد رسول الله ﷺ جن پيغمبر انسانيت هئا. آنحضرت جن انساني محنت کي اصل سرمايو ۽ متاع قرار ڏنو ۽ محنت جي بنياد تي ماڻهن کي ذليل سمجهڻ وارن کي سخت تنبيہ ڪئي. پورهيت طبقن جي قدر و منزلت کي واضح ڪيائون ۽ خود عملي طور تي پورهئي وارن ڪمن ۾ شريڪ ٿي دنيا کي درس ڏنائون.

پندرهين صدي هجري جي آجيان ۾ دنيا اسلام(؟) ۾ تقريبن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. انهي آجيان ۾ سيمينار، مجلسون، مذاڪرا، اخبارن ۽ رسالن جاخصوصي ايڊيشن ۽ هجري صدين جي عمارت جي منزلن جي شڪل ۾ تعمير وغيره شامل آهن، ليڪن اسان جي خيال ۾ اهو سڀ ڪجهه اهڙي حالت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن  مسلمان قوم قومي وقار ۽ اجتماعي خودداري کان محروم آهي. انهي پس منظر ۾ انهي نوع جون تقريبات مٿئين طبقي ۽ ان سان متعلق ماڻهن جي ذهني عياشي جو ذريعو ته بنجي سگهن ٿيون پر ملت ۽ قوم کي ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. اڄ حالت اها آهي جو ڪيترائي مسلم ملڪ اهڙا آهن جن وٽ دولت جو ڪو شمار ڪونهي . قدرت انهن کي انسانيت جي دستگيري ۽ اجتماعي زندگي جي بهتر مستقبل لاءِ سون ۽ تيل سان نوازيو آهي، ليڪن اها دولت يا ته انهن جي محدود آبادي جي عيش عشرت جي نذر ٿي رهي آهي، يا وري انهن قومن ۽ ملڪن جي معاشي استحڪام لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جيڪي خدا کان بيزاري ۽ اسلام دشمني  ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪي مسلم ممالڪ اهڙا به آهن جن تي غربت ۽ افلاس جي تاريڪي مسلط آهي ۽ اتي جا عوام ”کاد الفقر ان يکون ڪفرا “ وانگر مختلف النوع باطل تحريڪن جي علمبردارن جو سڻڀو گرانهه بنيل آهن. حقيقتن جي ثبوت ۾ بالخصوص آفريڪي ملڪن ۾ عيسائيت ۽ قاديانيت جون سرگرميون پيش ڪري سگهجن ٿيون. چئي سگهجي ٿو ته ڪن امير ترين مسلم ملڪن بعض اهڙا ادارا به قائم ڪري ڇڏيا آهن جيڪي اسلام ۽ مسلمانن جي خاطر سرگرم عمل آهن، ليڪن بدقسمتي اها آهي جو انهن جي ڪارڪردگي نه هئڻ جهڙي ۽ بي نتيجي رهي آهي ۽ اها مضبوط رٿابندي، جيڪا مرد مومن جي نظر جي غماز هوندي آهي، سا بالڪل نظر نٿي اچي. ان جي برعڪس ڪي مثال اهڙا به پيش ڪري سگهجن ٿا جن جولب لباب هي اهي ته اٽلندو مفسد ۽ فتني انگيز قسم جا ماڻهو انهن ادارن جي دسترخوانن تي پلجي ملت جي رهيل کهيل اجتماعي وقار کي خاڪ ۾ ملائڻ جو باعث بنيل آهن.

پنڌرهين صدي هجري، چئي سگهجي ٿو ته مسلمانن جي حيات ثانيه جي صدي آهي. اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، بلڪ دعاگو آهيون ته خدا ڪري ته ائين ئي ٿئي. ليڪن مولانا سنڌي جي لفظن ۾”اسان کي پنهنجو ڍانچو بدلائڻ جي ضرورت آهي ورنه فطرت جو تعزيري عمل، بدڪردار ۽ بي عمل قومن کي زياده عرصو دنيا ۾ زنده رهڻ جو موقعو نٿو ڏئي“ سرڪار دو عالم جن قيصر ۽ ڪسريٰ جي تباهي جي انهي ڪري پيشنگوئي فرمائي هئي جو اهي انسانيت جي نالي تي ٺٺول ۽ فريب هئا، ۽ جيڪو نظام انسانيت جي نالي تي فريب ۽ ٺٺول بنجي وڃي، اهو پنهنجو ڍانچو جلدي ڀڃي وجهي ٿو.

اڄ جي مسلمانن، خصوصاً منجهانئن مٿانهن طبقن(جن ۾ حڪمران، امراء، شعراء، اَدباء ۽ صوفياء شامل آهن الا ماشاء الله) ”تلک الايام نداولها بين الناس“ جي مصداق ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان قيصريت ۽ ڪسرويت کي هٿان نه ڇڏيو آهي. اهي خود انهي فاسد نظام مان جند آزاد ڪرائين ته فهوالمراد، ورنه اسلام کي ته بهرحال اڀرڻو آهي. ڪو زبردست هٿ خود ان جو انتظام ڪري وٺندو.

پنڌرهين صدي هجري جي موقعي تي سيرت رسول جي روشني ۾ اهو ئي اسان جو پيغام آهي.

*

۽ خدا جي راه ۾ جو ڪجهه خرچ ڪندا اهو اوهانکي پورو پورو ادا ڪيو ويندو(القرآن)

بيشڪ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ اهي ماڻهو جيڪي خدا کي خوش دلي سان قرض ڏين ٿا (قيامت جي ڏينهن)انهن کي (سندن) قرض جو ٻيڻو ادا ڪيو ويندو ۽ کين اجر عظيم (علحده) ملندو (القرآن)

 

 

علامه شبلي ۽ سيد سليمان ندوي

مترجم: سيد صالح محمد شاهه

مجَاِلس نَبَوي ﷺ

 

ٻنهي جهانن جي سردار، امام الانبياءَ و شافع محشر ﷺ جن جون مجلسون دنيوي اميرن جي دربارين وانگر نقلي ٺاٺ باٺ ۽ ڏيک جو نمونو نه هيون. سندن دروازي تي ڪو به دربان نه هوندو هو، مگر ان هوندي به نبوت جي جلال سبب هي حال هوندو هو جو سندن مجلس ۾ ويٺل هر شخص پيڪر تصوير نظر ايندو هو. حديثن ۾ اچي ٿو ته سندن مبارڪ مجلس ۾ ماڻهو اهڙي ئي طرح پرسڪون ويٺل نظر ايندا هئا ۽ سراپا تصوير نظر ايندا هئا جو معلوم ٿيندو هو ته ڄڻ هنن جي مٿن تي پکي ويٺل آهن. يعني ڪو به شخص ذري ماتر به جنبش نه ڪندو هو. گفتگو جي اجازت ۾ ترتيب جو لحاظ رهندوهو، ليڪن اهو لحاظ ۽ امتياز نسب ۽ نالي يا دولت ۽ مال جي بنياد تي نه هوندو هو، بلڪه فضيلت ۽ استحقاق سبب هوندو هو. سڀ کان پهريائين پاڻ ڪريم صه جن حاجتمندن ڏانهن توجه فرمائيندا هئا ۽ انهن جون گذارشون ٻڌي سندن حاجت روائي فرمائيندا هئا.

مجلس ۾ سڀيئي ماڻهو ادب سان سر جهڪائي ويٺا هوندا هئا، خود سرڪار دو عالم پڻ با ادب ويٺل هوندا هئا. پان جڏهن ڪو ارشاد فرمائيندا هئا ته سڄيءَ مجلس تي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. جڏهن حاضرين مجلس مان ڪوبه شخص ڳالهائيندو هو، تڏهن مجلس ۾ ويٺل ماڻهن مان تيستائين ڪو به نه ڳالهائيند هو جيستائين پهريون شخص پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪري، ڪن حالتن ۾ حاجتمند عرض مدعا ۾ حد کان وڌي ويندا هئا، پر پاڻ ڪريم ﷺ جن نهايت حلم ۽ برد باريءَ سان اهو برداشت فرمائيندا هئا.

پاڻ سڳورا ﷺ ڪنهن جي به ڳالهه وچ ۾ ڪاٽي گفتگو نه ڪندا هئا، کين جيڪا ڳالهه پسند نه ايندي هئي ته ٽاري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪوشخص سندن شڪريو ادا ڪندو هو ته پوءِ جي واقعي پاڻ ڪا ان شخص تي مهرباني ڪئي هوندائون ته اهڙو شڪريو قبول فرمائيندا هئا. مجلس ۾ جنهن قسم جون ڳالهيون ڇڙنديون هيون ته پاڻ ﷺ به ان ۾ شامل ٿي ويندا هئا،خوش طبعي مهذب ظرافت ۾ به شرڪت فرمائيندا هئا ۽ خود به خوش طبعيءَ جهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪڏهن ڪنهن قبيلي جو ڪو معزز شخص ايندو هو ته ان جي مرتبي موجب، سندس تعظيم فرمائيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ”اڪرموا ڪريم ڪل قوم“ مزاج پرسي وقت  هر شخص کان پڇندا هئا ته ڪا ضرورت يا ڪو ڪم ته ڪونه آهي. هيئن به فرمائيندا هئا ته جيڪي ماڻهو پنهنجي گهرج جي سلسلي ۾ مون تائين معلومات پهچائي نٿا سگهن، انهن جي حالتن کان مون کي ضرور واقف ڪريو.

ايران ۾ هي عام رواج هو ته مجلس ۾ڪو معزز شخص ايندو هو ته ڪچهريءَ ۾ ويٺل سڀ ماڻهو ان جي تعظيم خاطر اٿي بيهندا هئا ۽ هي قاعدو به هوندو هو جڏهن به رئيس يا امير دربار لڳائيندا هئا تڏهين سڀ ماڻهو سيني تي هٿ ٻڌي سمورو وقت بيٺا رهندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ انهن ڳالهين کان منع ڪئي ۽ ارشاد فرمايائون ته: ”جن ماڻهن کي اها ڳالهه وڻي ٿي ته ماڻهون سندن آڏو تعظيم لاءِ بيٺا رهن انهن کي پنهن جي جاءِ دوزخ ۾ ڳولڻ گهرجي“. البته محبت جي جوش کان پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪڏهن ڪڏهن اٿي پوندا هئا. چنانچه حضرت فاطمة الزهرا رضه جڏهين ڪنهن وقت ايندي هئي تڏهين اڪثر ڪري پاڻ اٿي محبت وچان سندس پيشاني چمندا هئا. حضرت حليمه سعيديه جي لاءِ به پاڻ اٿي چادر وڇائي هئائون. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي سندن رضاعي ڀاءُ سندن مجلس ۾ آيو هو ته ان جي لاءِ به محبت وچان اٿي بيٺا هئا ۽ هن کي پنهنجي سامهون ويهاريائون.

مجلس ۾ ايندڙ هر شخص کي، سندس مرتبي جي مناسبت سان جاءِ ملندي هئي. ڪنهن کي به اهو خيال نه ايندو هو ته ٻيو ماڻهو کانئس وڌيڪ عزت ياب ٿيو آهي. مجلس ۾ جڏهن ڪو ماڻهو چڱي ڳالهه ڪندو هو، تڏهن پاڻ ان کي تحسين جي نظرن سان ڏسندا ۽ ٻڌندا هئا. پر جيڪڏهن  ڪو شخص نامناسب ڳالهيون ڪندو هو ته ان کي ٻڌائيندا هئا ته تنهنجي گفتگو مناسب نه آهي.

هڪ دفعي مجلس اقدس ۾ ٻه شخص حاضر هئا. انهن ۾ هڪڙو معزز ۽ ٻيو ڪم رتبي وارو هو. معزز صاحب کي ڇڪ آئي ليڪن انهيءَ اسلامي تعليم موجب ”الحمد لله “ نه چيو. ٻئي شخص کي به ڇڪ آئي، انهيءَ ”الحمد لله“ چيو. نبي ﷺ جن معمول مطابق ”يرحمڪ الله“ چيو. ان تي معزز شخص شڪايت ڪئي ته منهنجي ڇڪ ڏيڻ وقت ”يرحمڪ الله“ نه چيو ويو پر ٻئي شخص جي ڇڪ جي جواب ۾  يرحمڪ الله چيو ويو. پاڻ سڳورن ﷺ ان تي فرمايو ته ”هن خدا کي ياد ڪيو ته مون به ياد ڪيو، تو خدا کي وساري ڇڏيو ته مون به جواب نه ڏنو.“

صحابه ڪرام رضي الله عنهم کي نهايت سخت تاڪيد ڪيل هو ته ڪنهن جي به شڪايت ياڪو عيب کين نه پهچائين. ان لاءِ پاڻ فرمائيندا هئا ته ”آءٌ چاهيان ٿو ته جڏهين دنيا مان وڃان تڏهين ڪنهن لاءِ به مون کي ڪو برو اثر نه هجي، بلڪ هتان سڀني لاءِ پنهنجي صاف دل کڻي وڃان“.

ارشاد جون مجلسون:

پاڻ ڪريم ﷺ جن جي تعليم ۽ تلقين جو فيض جيتوڻيڪ سفر خواه حضر، خلوت خواه جلوت، نشست و برخواست مطلب ته هر وقت جاري رهندو هو، ان هوندي به ان مان صرف اهي ماڻهو مستفيض ٿي سگهندا هئا جيڪي انهن موقعن تي مجلس ۾ موجود هوندا هئا. ان ڪري پاڻ تعليم ۽ ارشاد جي لاءِ ڪي وقت خاص طور مقرر ڪري ڇڏيا هئائون، ته جيئن ماڻهن کي معلوم هجي ته ڪهڙن وقتن تي تعليم ڏني وڃي ٿي. پاڻ اهو انهيءَ ڪري ڪيو هئائون ته جن ماڻهن کي استفاده منظور هجي اهي اهڙن وقتن تي اچي سگهن.

اهي صحبتون عموماً مسجد نبوي ۾ منعقد ٿينديون هيون. مسجد نبوي ۾ هڪ ننڍو اڱڻ هوندو هو، پاڻ اتيئي ويهي ارشاد فرمائيندا هئا. ابتدائي زماني ۾ سندن ﷺ لاءِ ويهڻ جي ڪا به نمايان جاءِ مقرر ڪا نه هئي. جڏهين ٻاهران اڻواقف ماڻهو ايندا هئا ته اهي معلوم ڪري نه سگهندا هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ مجلس ۾ ڪٿي ويٺل آهن. اها ڳالهه محسوس ڪندي صحابه ڪرام رضه مٽيءَ جي هڪ ننڍي ٿلهي ٺاهي هئي پاڻ ان تي ويهندا هئا ۽ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم انهيءَ ٿلهيءَ جي چوگرد حلقو ٺاهي ويهندا هئا.

مجلس جا آداب:

سردار دوجهان ﷺ جي مجلس ۾ اچڻ واري کي ڪنهن به قسم جي روڪ رنڊڪ نه هئي. اڪثر ڪري بدوي ماڻهو پنهنجي جهنگلي ۽ وحشي طريقي موجب ايندا هئا ۽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي سوال جواب ڪندا هئا. نبوي خلق جو منظر انهن مجلسن ۾ وڌيڪ حيرت انگيز ٿي ويندو هو، پاڻ ﷺ آخري نبيءَ جي حيثيت سان رونق افروز آهن. صحابه ڪرام عقيدت مند خادمن وانگر خدمت اقدس ۾ حاضر آهن، هڪ شخص اچي ٿو، ان کي پاڻ سڳورن ﷺ ۽ ٻين ويٺلن ۾ ڪو به ظاهري امتياز نظر نه ٿو اچي. حاضرين مجلس کان پڇي ٿو ته ”محمد ﷺ ڪهڙو آهي“ صحابه ڪرام رضه ٻڌائين ٿا ته ”اهو ڳوري رنگ وارو شخص جيڪو ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي.“ هو شخص چوي ٿو ته ”اي ابن عبدالمطلب! آءٌ توهان کان نهايت سختيءَ سان سوال ڪندس، خفا نه ٿجو.“ پاڻ ڪريم ﷺ جن بخوشي سوال جي اجازت ڏين ٿا ۽ هو سوال جو جواب ڪري ٿو.

ايتري سادگي ۽ تواضع هوندي به هي مجلسون رعب ۽ وقار خواه ادبِ نبوت جي اثر سان هر وقت لبريز هونديون هيون. سندن ﷺ تعليمات ۽ تلقينات جو دائرو، اخلاق، مذهب ۽ تزڪيهء نفوس تائين محدود هو. ان کان سواءِ ٻيون ڳالهيون نبوت جي منصب کان خارج هيون ليڪن ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو نهايت معمولي ۽ خفيف ڳالهيون به پڇندا هئا. مثلاً: چوندا هئا ته يا رسول الله ﷺ منهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ منهن جو اُٺ وڃائجي ويو آهي اهو ڪٿي آهي؟ وغيره پاڻ ﷺ انهيءَ قسم جي سوالن کي نهايت ناپسند ڪندا هئا.

هڪ دفعي اهڙي قسم جي بيڪار سوال پڇڻ سبب پاڻ رنجيده خاطر ٿي فرمايائون ”جيڪي پڇڻو هجيو سو پڇو، آءٌ سڀني سوالن جو جواب ڏيندس“ حضرت عمر رضه سندن چهري مبارڪ جو رنگ ڏٺو ۽ نهايت الحاح سان چيائين رضيت الخ.

مجلس ۾ ڪو به شخص بيهي سوال نه ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ ماڻهوءَ بيٺي سوال ڪيو ته پاڻ سڳورن ان ڏانهن تعجب وچان نهاريو. اهڙيءَ طرح هي به معمول هو ته جڏهن هڪ مسئلو طي ٿي ويندو هو تڏهن ٻيو مسئلو پيش ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن گفتگو ۾ مشغول هوندا هئا ۽ ڪو صحرا نشين بندو جيڪو سندن مجلس جي آداب کان واقف نه هوندو هو ۽ اوچتو اچي ويندو هو ۽ تقرير هلندي ڪا ڳالهه پڇندو هو ته پاڻ پنهنجي تقرير جو سلسلو قائم رکندا هئا، تقرير ختم ڪري بعد ۾ انهيءَ شخص ڏانهن توجه فرمائيندا هئا ۽ پڇيل سوال جو جواب ڏيندا هئا. هڪ دفعي پاڻ ڪريم ﷺ جن تقرير ڪري رهيا هئا ته هڪڙو بدو آيو ۽ اچڻ سان پڇيائين ته ”قيامت ڪڏهن ايندي؟“ پاڻ تقريرڪندا رهيا. حاضرين مجلس سمجهيو ته شايد پاڻ ﷺ بدوي جو سوال نه ٻڌو اٿن. مجلس ۾ ويٺلن مان ڪنهن شخص چيو ته حضور ﷺ اوهان سوال ٻڌو؟ اها ڳالهه کين ناپسند لڳي. جڏهن تقرير کان فارغ ٿيا تڏهين پڇيائون ته سوال ڪرڻ وارو ڪٿي آهي؟ بدوءَ جواب ڏنو ته آءٌ آهيان. پاڻ پوءِ ان کي جواب ڏنائون ته ”جڏهن امانتون ضايع ٿيڻ لڳنديون.“ بدوءَ چيو ته امانتون ڪيئن ضايع ٿينديون؟ پاڻ ﷺ فرمايائون ته ”جڏهن نا اهلن جي هٿ ۾ ڪم ايندا.“

مجلس جا وقت:

اهڙي قسم جي مجلسن لاءِ خاص طور صبح جو وقت مقرر ٿيل هندو هو. پاڻ ﷺ فجر نماز بعد ويهندا هئا ۽ روحاني فيوض جو چشمو جاري ٿي ويندو هو. نماز کان پوءِ جيڪا مجلس ٿيندي هئي ان ۾ وعظ و نصيحت ۽ انهيءَ قسم جي ننڍين وڏين ڳالهين تي گفتگو ٿيندي هئي. انهيءَ وقت کانسواءِ پاڻ حقائق ”معارف جي اظهار لاءِ ٻين وقتن تي مجلسون منعقد فرمائيندا هئا. جيئن ته اهڙين مجلسن مان عوام کي تمام گهڻو فائدو پهچندو هو، ان ڪري پاڻ چاهيندا هئا ته ڪو به شخص انهيءَ فيض کان محروم رهجي نه وڃي. جيڪي ماڻهو اهڙين مجلسن ۾ اچي ٿورو گهڻو ٻڌي وچان هليان ويندا هئا انهن تي پاڻ ﷺ ناراضگي فرمائيندا هئا. هڪ دفعي پاڻ صحابه ڪرام رضه سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئا ته ٽي شخص آيا. انهن مان هڪڙي وچ ۾ ڪٿي خالي جاءِ ڏٺي اتي ويهي رهيو، ٻئي کي وچ ۾ جاءِ نه ملي ۽ هو سڀني کان پويان ويهي رهيو، ليڪن ٽيون شخص واپس هليو ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن جڏهن مجلس کان فارغ ٿيا تڏهن فرمايائون ته انهن ٽنهي شخصن مان هڪڙي الله تبارڪ و تعاليٰ جي پناه طلبي، الله ان کي پناه ڏني. ٻئي حياءُ ڪيو، الله تبارڪ و تعاليٰ به ان کان حياءُ ڪيو، ٽئي الله تعاليٰ کان منهن ڦيرايو ته الله تبارڪ و تعاليٰ به کانئس منهن ڦيرايو.

نصيحتن ۽ هدايتن جون مجلسون ڪيتريون به متاثر ڪندڙ هجن ته به هميشه ٻڌي ٻڌي ماڻهن مان انهن لاءِ دلچسپي نڪريو وڃي، ان ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن وعظ ۽ نصيحت جي مجلسن ۾ ناغو ڪندا هئا. ابن مسعود رضه کان روايت آهي ته ”آنحضرت ﷺ ماڻهن کي ناغو ڏيئي نصيحت فرمائيندا هئا. انهيءَ لاءِ ته اسين انهيءَ ۾ دلچسپي برقرار رکي سگهون.“

عورتن لاءِ خاص مجلسون:

عام طور تي منعقد ڪيل مجلسن جو فيض صرف مردن تائين محدود هوندو هو ۽ عورتن کي نهايت گهٽ موقعو ملندو هو، ان ڪري هنن عرض ڪيو ته اسان جي لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. نبي ﷺ جن اها درخواست قبول ڪري، عورتن جي وعظ ۽ ارشاد لاءِ هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ شرعي مسئلن متعلق هر قسم جي سوالن جي اجازت هئي ۽ عورتون پنهن جا هر نموني جا مسئلا دريافت ڪنديون هيون جيڪي خاص طور پرده نشينن سان واسطو رکندا هئا، ان هوندي به جڏهن ڪو پرده جو واقعو عام مجلسن ۾ سوال جي غرض سان پيش ڪيو ويندو هو ته فرطِ حيا سبب کين ناگوار لڳندو هو.

انهيءَ قسم جا سوال مرد به عام مجلسن ۾ پڇندا هئا. انهن سوالن سبب پاڻ نهايت رنجيده خاطر ٿيندا هئا. هڪ دفعي عاصم نالي انصاري قبيلي جي هڪ شخص عام مجلس ۾ پڇيو ته جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي زال کي غير سان ڏسي ته ان لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟ اهو سوال نبي سائين جن کي نهايت ناگوار لڳو ۽ پاڻ انهيءَ شخص کي تنيہ ڪيائون ۽ ملامت پڻ.

ارشاد جو طريقو:

پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪڏهن ڪڏهن آزمائش خاطر حاضرين مجلس کان سوال پڻ ڪندا هئا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي فهم جي صلاحيتن، فڪر جي جودت ۽ اصابت راءِ جو اندازو ٿئي. حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ مجلس ۾ پڇيائون ته اهو ڪهڙو وڻ آهي جنهن جا پن ڪو نه ٿا ڇڻن ۽ هو مسلمانن سان مشابهت ٿو رکي. ماڻهن جو خيال جهنگلي وڻن ڏانهن ويو، منهن جي ذهن ۾ آيو ته اهو وڻ کجيءَ جو هوندو. ليڪن جيئن ته آءٌ ان وقت عمر ۾ ننڍو هوس انڪري اهڙي همت نه ٿي جو وڏن هوندي جواب ڏيان. آخر ماڻهن عرض ڪيو ته سائين ﷺ اوهين ٻڌايو، ان تي پاڻ ڪريم جن چيو ته کجيءَ جو وڻ. عبدالله بن عمر پوءِ چيو ته مون کي سڄي عمر حسرت رهجي وئي ته ڪاش! جي آءٌ جرات ڪري پنهن جو خيال ظاهر ڪريان ها.

هڪ دفعي نبي ﷺ جن مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا. صحابي رضه سڳورا ٻه حلقا ٺاهيو ويٺا هئا. هڪ گروه پئي قرآن مجيد پڙهيو ۽ ذڪر ۽ دعائن ۾ مشغول هو ۽ ٻي جماعت علمي ڳالهيون پئي ڪيو. پاڻ سڳورن فرمايو ته ٻئي چڱو عمل ڪري رهيا آهن. ليڪن الله تعاليٰ مون کي صرف معلم ڪري مبعوث ڪيو آهي، ائين چئي علمي گفتگو واري جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا.انهن مجلسن ۾ اهڙن بحث مباحثن وقت جڏهين عوام ڳالهين جي تهه تائين نه پهچندو هو ۽ رڳو ٺلهو بحث پيا ڪندا هئا ته پاڻ اهڙي بحث کي ناپسند فرمائيندا هئا. هڪ دفعي صحابه ڪرام رضه جي مجلس ۾ تقدير جي مسئلي تي گفتگو ٿي رهي هئي، پاڻ جڏهن ٻڌائون ته حجري مبارڪ مان نڪري آيا. ان وقت سندن چهرو مبارڪ ايتري قدر سرخ ٿي ويو هو جو ڄڻ ته سندن مبارڪ منهن تي ڪنهن ڏاڙهونءَ جا داڻا نپوڙي رنگ لاتو آهي. پاڻ صحابه ڪرام کي مخاطب ٿي فرمايائون ته توهان کي انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ته قرآن کي پاڻ ۾ ٽڪرايو؟ اڳيون امتون اهڙين ڳالهين جي ڪري برباد ٿيون هيون.

اهڙين مجلسن جو مقصد هي به هو ته صحابي سڳورا جن مسئلن ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪن، ان جو فيصلو پاڻ ﷺ ڪن. مثلاً هيءَ ڳالهه ته شهرت طلبي ۽ جاه پرستي خلوص عمل جي منافي سمجهي وڃي ٿي ۽ خود صحابه رضه جي زماني ۾ به سمجهي ويندي هئي. هڪ دفعي پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ڪچهريءَ ۾ ٻن شخصن انهيءَ مسئلي تي گفتگو ڪئي. هڪڙي چيو ته جيڪڏهن اسان دشمن سان مقابلو ڪيو ۽ هڪ شخص فخريه انداز ۾ هيئن چئي نيزو هيو ته منهنجو وار اٿيي آءٌ غفاري جوان آهيان  ته ان ۾ تنهنجي راءِ ڇا آهي، ٻئي شخص جواب ڏنو ته منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ عمل جو ڪجهه به ثواب نه ملندو. ٽئي شخص جيڪو انهيءَ مجلس ۾ ويٺل هو تنهن اها ڳالهه ٻڌي چيو ته منهن جي راءِ موجب انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به حرج ڪو نه آهي، ان تي ٻنهي شخصن ۾ اختلاف ٿي پيو. آنحضرت ﷺ جن اها گفتگو ٻڌي ته فرمايائون: ثواب ۽ شهرت ٻنهي ۾ ڪا به مخالفت جهڙي ڳالهه ڪا نه آهي.

عام طور تي هي خيال هو ته عملي قوتون بيڪار ڪري ڇڏڻ جو ٻيو نالو تقدير آهي ڇو ته تقدير ۾ جو ڪجهه لکيل هوندو ان کي ڪا به عملي طاقت مٽائي نٿي سگهي، ليڪن نبي ﷺ جن هڪ خاص مجلس ۾ جيڪا اتفاقاً منعقد ٿي هئي، ان ۾ انهيءَ خيال جي ترديد فرمائي ۽ ارشاد ٿيو ته عمل ته خود تقدير آهن،  انسان کي الله تعاليٰ جن عملن جي قوت ڏئي ٿو اها ئي سندس (انسان  جو) لکيو آهي. ان ڪري تقدير يا توڪل عملن جي قوت کي بيڪار ڪرڻ جو نالو نه آهي. هڪ ڀيري صحابه ڪرام ڪنهن جنازي ۾ شريڪ هئا، ڪريم ﷺ جن به اتي تشريف فرما ٿيا. سندن هٿ ۾ هڪ ڪاٺي هئي ان سان زمين کوٽڻ لڳا ۽ فرمايائون ته اوهان مان ڪو به شخص اهڙو نه آهي جنهن جي جاءِ جنت يا دوزخ  ۾ لکجي نه چڪي هجي. اها ڳالهه ٻڌي هڪ شخص عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ ته پوءِ اسين تقدير تي توڪل ڪري ڇو نه عمل ڇڏي ڏيون، جيڪو ماڻهو سعادتمند هوندو اهو پاڻهي سعادتمندن ۾ داخل ٿي ويندو ۽ جيڪو بدبخت هوندو اهو از خود وڃي بدبختن سان ملندو. پاڻ اهو ٻڌي فرمايائون ته سعادتمند اهي آهن جن کي سعادتمندن جي عمل جي توفيق ڏني وڃي ٿي ۽ بدبخت اهي آهن جن جي لاءِ شقاوت جي ڪمن جا اسباب جمع ٿي وڃن ٿا.

مجلسن ۾ شگفته مزاجي

جيتوڻيڪ انهن مجلسن ۾ صرف هدايت، ارشاد، اخلاق ۽ تزڪيه نفوس جون ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ صحابي سڳورا نبي عليہ الصلوات والسلام جن جي خدمت ۾ نهايت ادب سان خاموش ٿي ويهندا هئا، ان هوندي به سندن مجلسون شگفته مزاجيءَ کان خالي نه هونديون هيون. هڪڙي ڏينهن پاڻ هڪ مجلس ۾ بيان فرمايائون ته جنت ۾ خدا تعاليٰ کان هڪ شخص ٻنيءَ ڪرڻ جي خواهش ڪئي. الله تبارڪ و تعاليٰ ان شخص کي چيو ته ڇا تنهن جي خواهش پوري نه ٿي آهي. هن شخص جواب ڏنو ته هائو، مگر منهن جو خيال آهي ته جلد پوکيان ۽ ان ئي مهل تيار ٿي وڃي. پوءِ ان شخص ٻج پوکيو، انهيءَ مهل ئي ڦٽو ۽ لڻڻ جي قابل ٿي ويو. انهيءَ مجلس ۾ هڪ بدو ويٺو هو، انهيءَ چيو ته پوءِ اها سعادت ته رڳو قريشين يا انصارن کي نصيب ٿيندي جو هو زراعت پيشا آهن، ليڪن اسين ته پوک مان ڪجهه به ڪو نه ڄاڻون، اسان کي ته اها سعادت نه ملندي. ان تي پاڻ سڳورن مشڪي ڏنو.

هڪ دفعي هڪ شخص خدمت ۾ حاضر ٿيو. عرض ڪيائين ته آءٌ تباه ٿي ويس. ارشاد ٿيو ته ڪيئن؟ هن جواب ڏنو ته مون روزي ۾ پنهنجي گهر واريءَ سان همبستري ڪئي. پاڻ فرمايائون ته هڪ غلام آزاد ڪر. هن شخص جواب ڏنو ته آءٌ ڪنگال آهيان، غلام ڪٿان آڻيان؟ پاڻ فرمايائون ته ٻن مهينن جا روزا رک. هن چيو ته آءٌ ائين به ڪري نٿو سگهان. حڪم مليس ته ڀلا سٺ مسڪينن کي کاڌو کاراءِ، وراڻيائين ته ايتري به طاقت نه اٿم. اتفاق سان ڪٿان ڳچ کجور اچي اتي ملي، پاڻ اها کجور انهيءَ شخص کي ڏيئي فرمايائون ته هيءَ وٺ ۽ وڃي مسڪينن ۾ تقسيم ڪري اچ. ان تي انهيءَ شخص عرض ڪيو ته انهيءَ خدا جو قسم، جنهن اوهان کي پيغمبر ڪري موڪليو آهي، سڄي مديني ۾ مون کان وڌيڪ ڪو به غريب ڪو نه آهي، پاڻ بي ساخته کلي ڏنائون ۽ فرمايائون ته چڱو تون ئي کائي ڇڏ.

صحبت جو فيض

هڪ دفعي حضرت ابو هريره رضه عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ اسان جڏهين اوهان جي خدمت ۾ حاضر هوندا آهيون ته دنيا جا اسباب هيچ معلوم ٿيندا آهن، ليڪن جڏهن گهر ۾ ٻارن ٻچن سان ويهون ٿا تڏهين حالت بدلجيو وڃي. پاڻ ان تي فرمايائون ته جيڪڏهن اوهان جو حال هر وقت ساڳيو رهي جهڙو منهنجي مجلس وقت هوندو آهي ته پوءِ هوند اوهان جي زيارت لاءِ فرشتا اچن.

هڪ دفعي حضرت حنظله رضه خدمت اقدس ۾ آيو ۽ چيائين ته يا رسول الله آءٌ منافق ٿي ويس. آءٌ جڏهن اوهان جي خدمت ۾ حاضر هوندو آهيان ۽ اوهين جنت ۽ دوزخ جو ذڪر فرمائيندا آهيو ته اهي شيون اکين آڏو پئيون ڦرنديون آهن، ليڪن ٻارن ٻچن ۾ اچي سڀ وسريو ٿيون وڃن. ارشاد ٿيو ته جيڪڏهن ٻاهر نڪري به ساڳي حالت رهي ته پوءِ هوند اوهان سان فرشتا اچي هٿ ملائين ۽ مصافحو ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com