سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :28

حضور ﷺ جن واپس مديني آيا. هن جنگ ۾ مسلمان عورتن به وڏي بهادري ڏيکاري. خصوصاً بيبي صفيه بنت عبدالمطلب جو نالو سرفهرست آهي،. واقعو هن ريت آهي ته جنهن قلعي ۾ بيبي صاحبه رضه محصور هئي، اتي قلع جي ٻاهران بنو قريظ جو هڪ يهودي جاسوسيءَ خاطر قلع جي چوڌاري چڪر هڻي رهيو هو. مون حسان بن ثابت کي چيو ته ”تون ڏسي رهيون آهين ته قلع جي چوڌاري يهودي ڦري رهيو آهي، خدا جو قسم مونکي اطمينان نه آهي، تون هيٺ لهه ۽ يهوديءَ کي قتل ڪري اچ.“ حضرت حسان بن ثابت وراڻيو ته ”اي عبدالمطلب جي نياڻي، خدا جو قسم، تون ڄاڻين ٿي ته آئون ان ڪم جي لائق نه آهيان.“ بيبي صفيه رضه فرمائي ٿي ته جڏهن حسان بن ثابت کان اها ورندي ملي ته آئون ڪمرڪشي، لٺ هٿ ۾ کڻي قلعي کان هيٺ لٿس ۽ ڪافر قتل ڪري آيس ۽ حسان بن ثابت کي چيم ته وڃي ان جا هٿيار لاهي اچ. حسان بن ثابت چيو ته مونکي انجي هٿيارن جي ڪا به ضرورت نه آهي. بيبي صاحبه پنهنجي بهادريءَ جو مظاهرو ڪندي ڪافرن جا هٿيار به لاهي آئي.(1)

جنگ خندق ۾ ڪافرن مان نوفل بن عبدالله بن المغيره خندق ۾ گهوڙي ٽپائيندي ڪري مري ويو، جنهن جي لاش جي واپسيءَ لاءِ ابوسفيان 100 اٺ ڏيڻا ڪيا، ليڪن حضور پاڪ ﷺ نوفل جي ديت وٺڻ کان انڪار ڪيو(2) اهڙي طرح حضرت سلمان فارسيءَ کي هي خطاب مليو ته ”سلمان اسان اهل بيت مان آهي“.

(7) غزو تبوڪ و غزوه جيش العسرت:-

غزوه تبوڪ آقائي نامدار جو آخري غزوه  آهي. هن غزوه کي تبوڪ جي نالي سان سڏيو ويو آهي، هن جي نالي لاءِ ارباب سير مختلف توجيهون پيش ڪيون آهن. تبوڪ هڪ جڳهه جو نالو آهي جيڪا مديني ۽ شام جي وچ تي آهي ۽ مديني کان 14 منزلن جي مفاصلي تي آهي. بعض چون ٿا ته قلعي جو نالو آهي.”صاحب قاموس“ هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”مديني ۽ شام جي وچ تي هڪ اراضيءَ جو نالو تبوڪ آهي.“ ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ چشمي جو نالو آهي. ” صحيح مسلم“ جي هڪ روايت آهي ته حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي اصحاب سڳورن کي ارشاد فرمايو ته :”آخري حد لشڪر جي اها آهي ته اوهان تبوڪ جي چشمي تي پهچو.“ان سببن جي ڪري تبوڪ کي غزوه تبوڪ سڏيو وڃي ٿو.

غزوه تبوڪ جو هي سبب بيان ڪيو ويو آهي ته شام کان مديني هڪ قافلو آيو جنهن خبر ڪئي ته شام روم ۽ عرب جا اهي قبائل جيڪي نصراني ٿيا آهن، مثلاً لحمه، جزام، عامله ۽ غسان وغيره تن گڏجي مديني تي چڙهائي لاءِ وڏو لشڪر جمع ڪيو آهي. روم جي بادشاهه هرقل سان عرب قبائل پاڻ وڻائڻ خاطر ڪوڙ هنيو ته ”اها مقدس هستي جنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي اها هن دنيا مان ڪوچ ڪري وئي آهي ۽ انجي اصحاب سڳورن ۾ سخت قحط ۽ انهن جو مال و متاع ضايع ٿي ويو آهي، انهن جي مملڪت تي باآساني قبضو ڪري سگهجي ٿو.“ هرقل دوم کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ ”قباد“ کي چاليهه هزار لشڪر جو اڳواڻ ڪري مديني ڏانهن روانو ڪيو.

جڏهن آقائي نامدار کي ڪافرن جي ايڏي وڏي لشڪر جي خبر پئي ته پاڻ سڳورن به مسلمان عرب قبائل ڏانهن اصحابن کي موڪليو. اصحاب سڳورن کي دشمن جي تياري لاءِ فقرا ء ۽ مساڪين لشڪر تي خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي. حضرت ابابڪر صديق رضه سمورو مال و متاع گهر جو کڻي آيو ۽ حضرت عمر رضه پنهنجي ملڪيت جو اڌ کڻي آيو ۽ حضرت عثمان ذي النورين ٻه سئو اٺ تيار ڪري ۽ ٻه سئو اوقيه چاندي خدمت اقدس ۾ پيش ڪئي. هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ٽي سئو اٺ مڪمل ساز و سامان سيمت ۽ هڪ اوقيه سون جو خدمت ۾ پيش ڪيو. ارباب سير بيان ڪيو آهي ته اسلامي لشڪر ٽيهه هزار هو. ان ٻه ڀاڱي ٽي حصو لشڪر  جو سامان حضرت عثمان رضه ڏنو. مواهب لدنيه مطابق حضرت امير عثمان رضه هڪ هزار اٺ ۽ ست سئو گهوڙا سواري ڏنا ۽ ان ۾ ڏهه هزار دينار جو به ذڪر آهي.

هن غزوه کي فاضح ۽ جيش العسرت ۽ عسرت سڏيو ويو آهي. هن لاءِ ته هن غزوه ۾ ڪافرن ۽ منافقن جي فضيلت ۽ رسوائي بيان ڪئي وئي آهي. هن غزوه ۾ اسلامي لشڪر کي مشقت، بک ۽ اڃ جي تمام گهڻي تڪليف هئي. مسافري تمام وڏي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ هوا به گرم هئي. سواريءَ جو هي عالم هو ته 18 اصحابي سڳورا هڪ سواري تي چڙهن پيا. خوراڪ لاءِ معمولي سامان هو، پاڻيءَ جي تمام گهڻي تنگي هئي. حضور ﷺ جن کان ڪيترن بهانا ڪري اجازت ورتي ۽ عبدالله بن ابي سلول منافق به هڪ منزل ڪري پوءِ لشڪر سميت موٽي ويو.

قيصر روم ۽ نصارن کي جڏهن اها خبر پئي ته پاڻ نفس نفيس لشڪر سان گڏ آهن، تڏهن انهن جي دل ۾ خوف طاري ٿي ويو ۽ ميدان جنگ ۾ نه آيا ۽ مسلمانن جا لشڪر تبوڪ کان اڳتي نه وڌيا ۽ هڪ روايت موجب تبوڪ ۾ 12 ڏينهن رهيا ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته ويهه ڏينهن يا ٻه مهينا رهيا. ان عرصي ۾ ”ايلا“، جو حاڪم بحير بن رويه سيد عالم ﷺ جن جي خدمت عاليه ۾ آيو، مصالحت ڪري ۽ جزيه ڏيڻ قبول ڪيائين. ان کان سواءِ اهل حبر ۽ روح وارا به آيا ۽ جزيه ڏيڻ قبول ڪيو. اسلامي فوج باسلامت مديني موٽي آئي.

سرور ڪائنات، عالم آفتاب، سيدالڪونين ، خاتم النبيين جو هي غزوه تبوڪ آخري، غزوه هو، هن کان بعد ٻيو ڪو به غزوه نه آهي، جنهن ۾ پاڻ شريڪ ٿيا هجن.

 

 

نعتيه ڪلام

 

  

مُنهنجَي عِشقَ جوَ يَامَ مَحبُوبِ خدَا، آغَازبه تُون اَنجَام به تُون

منهنجَو طِاعَتِ ملت، مَذهَب تون، مُنهنجَو دِين به تُون اِسلام به تُون

 


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

منهنجي عشق جو يا محبوب خَدا، آغاز بهَ قِون انجام به تون

منهنجو طاعت، ملت، مذهب تون، منهنجو دين به تون، اسلام به تون

آهين آس به تون، اميد به تون، ٻيو ڪين ڏٺو سوا تنهنجي مون

منهنجي قرب جو ڪعبو، قبلو  تون، منهنجو حج به تون، احرام به تون

هر شيءَ ۾ تنهنجو حسن ڏٺم، سڌت کان سوا ٻي ڪا نه پيم

منهنجو اڳ به تون پوءِ به تون، منهنجو صبح به تون ۽ شام به تون

آهي دل ۾ هڪڙي تات مٺا، ۽ وات ۾ تنهنجي بات مٺا

منهنجو مقصد تون، منهنجو مطلب تون، منهنجو ساقي تون ۽ جام به تون

آهين رونق باغ جهان جي تون، هر روز سندءِ حسن آهه فزون

صياد به تون، دام به تون ۽ گل ڀي تون، گلفام به تون

آهين حسن ازل جو راز به تون، قدرت جو ناز، غماز به تون

محبوب به تون، مطلوب به تون، قاصد ڀي تون پيغام به تون

ڇا عظمت شوڪت ۽ سطوتم بي مثل وري تنهنجي رحمت

منهنجو درد به تون منهنجو سوز به تون، راحت ڀي تون آرام به تون

دربان سندءِ ٿيو روح امين، ايوان سندءِ فردوس برين

مون عاشق بيدل جو شاها، بس ننگ به قِون ۽ نام به تون

ٻيو منهنجي نظر ۾ ناهي ڪو، منجهه هر دوجهان آهين ”طالب“ جو

 سردار به تون، سرڪار به تون، ارشاد به تون، احڪام به تون

*

سجهي ڪو نه سَر(1) ۾ سڄڻ تنهنجو ثاني

ڪئي تنهنجي افضل خدا خانداني

مروت، مودت سندءِ آهه شيوو
تون آئين پڇاڙي ۽ اڳواڻ اڳين جو
خدا کي چئي حل ڪر مشڪلاتون
ٿيو عرش اعظم تي ديدار توکي
ڪلامِ خدا تو وٽان ئي ٿيو ظاهر

مسلمان ٿيا ڪئين ٻڌي خوش لساني
تون قانون قدرت جو باني مباني
ٿين دفع شل شورشون سڀ ۽ شاني(2)
جواب آيو موسيٰ جي لئه لن تراني
تون ئي نڪته دان تون ئي صاحب معاني

هي مولا جو طالب سندءِ به آهه طالب

تون منهنجو به جاني، جهانن جا جاني

*

فيض بخشاپوري

آئينهء حق حامل قرآن محمد

يزدان جو قسم مظهر يزدان محمد

الله سر عرش ثنا خوان محمد
هر چيز ۾ آ نور نهان روح جي صورت
هي ارض وسما شوخيء گفتار کان پيدا
آ فخر نبوت جي نبين جو نبي آ
ڪعبي جي طرح عرش برين ناصيه فرسا
خورشيد جهان پرتو عڪس رخ انور
فرخندگيء مطلع انوار الاهي
قرآن ڀي تنهنجو آ، خدائي ڀي، خدا ڀي
امي لقبي تو ڏنو آ درس حقيقت
بوسه ٿو ڪف پا کان وٺي عرش معليٰ
آ سرور ڪونين مسيحا جو مسيحا
فرمان خدا آ جو رسولان خدا جو
سجدو آ روا، مفتيان عشق جي فتويٰ
هرچند خدا ناهي جدا ناهي خدا کان
ميخانئه توحيد جو هي رند قلندر
 

ڇا صل عليٰ مرتبه و شان محمد
هي ڪون و مڪان جسم آهي جان محمد
هي ڪن فيڪون ڪنهن جو آ فرمان محمد
انسانيت کي ناز جو انسان محمد
هر نقش قدم منزل عرفان محمد
آ نقش قدم روضئه رضوان محمد
تابندگيء چهره تابان محمد
جبريل امين تنهنجو آ دربان محمد
انسانيت تي تنهنجو آ احسان محمد
ڇا حيثيت تخت سليمان محمد
درد دل عيسيٰ جو ڀي درمان محمد
آ بدرقه و سرور سلطان محمد
مانع آ مگر شريعت و قرآن محمد
دريا ۾ نهان موجئه طوفان محمد
ٿو ”فيض پئي باده عرفان محمد

 

ٿيا سايه فگن ابر ڪرم، مهر قيامت

آ فيض تو سايئه دامان محمد

اظهر گيلاني

جڳ جو رهبر، جڳ جو سرور ﷺ

ساقيء ڪوثر، شافع  محشر ﷺ 

ابر رحمت، بحر سخاوت، ڪان مروت، شافع امت

منزل طہ، سائر اسريٰ، معدن يوحيٰ، حق جي منشا

وارث جنت، قاسم ڪوثر صلي الله عليہ وسلم

شاه والا، سڀ جو افسر صلي الله عليہ وسلم

انجو ثاني، ڪٿي ٻيوشاني، حق جو جاني، حق جي نشاني
دين جو باني دين سردار صلي الله عليہ وسلم

حق جو مظهر، پاڪ و اطهر، روح داور، نورجو پيڪر

 سڀ کان بهتر، سڀ کان برتر صلي الله عليہ وسلم

ڪلمي وارو، سڀ کان ڀلارو، جڳ جو پيارو، جڳ جو سهارو

نور نيارو، حق جو دلبر صلي الله عليہ وسلم 

حق جي منزل، رونق محفل، حل مشڪل، اڪمل ڪامل

ميٽيو باطل، حق جي رهبر صلي الله عليہ وسلم

رشڪ عيسيٰ، رشڪ موسيٰ، مالڪ دنيا، وارث عقبيٰ

آهي يڪتا، شافع محشر  صلي الله عليہ وسلم

تنهنجو ذاڪر، باطن ظاهر، صابروشاڪر، اديب و شاعر
نظم تي قادر، آهي ”اظهر“ صلي الله عليہ وسلم

سردار علي شاهه

تنهنجي سونهن بنا سرڪار
سج چنڊ ڪتيون ٽيڙو تارا
جيڪي چمڪن ٿا چوڌار
حسن تنهنجي خيرات ورهائي
توکان آئي بوءِ بهار
چوڏس چمڪا نور نظارا
هي گل ڦل هي گلزار
رحمت تنهنجي رنگ رچايو
لڌي سارنگ جڳ جي سار
جلوا جڳمڳ نور نشاني
هڪ صورت ٻيو سينگار
ٻول تنهنجا اڻ مول وڻن ٿا
تنهنجي گنجينو گفتار
سائل تو در آهه سوالي
هيءُ لاغر ۽ لاچار

 

جڳ ۾ اونده انڌوڪار
تنهنجي سونهن سنواريا سارا
آندو توکان روپ اُڌار
ساري جڳ جي سونهن وڌائي
جنهن کان هنڌ هنڌ  ٿي هٻڪار
من موهيندڙ پيارا پيارا
تنهنجي روپ جا رنگ هزار
ساوڻ جو سڀني تي سايو
ٿي ويا برپٽ باغ بهار
ساٺ سڄڻ تنهنجا سلطاني
جنهن تان ٻئي جڳ ٻلهار
مک مان ڄڻ پکراج ڇڻن ٿا
جنهن ۾ هيرا لعل هزار
راحم ڪج ان جي رکوالي
تنهنجي سام پيو سردار

 

*


 

عطا محمد حامي

حرمين جو سفر

(1)

مڪي جي شهر کي جو پري کان ڏٺو اکين

الفت جو احترام جو سجدو ڪيو اکين

هن پاڪ سرزمين تي پنهنجو قدم رکيم
داخل ٿيس حرم ۾ ته اکڙيون ٺري پيون
هر هڪ معاملي کي وساري ڇڏيم هتي
اولاد يار دوست دلارا ڀلي ويس
خود کي ڏٺم ذليل خدا جي حضور ۾
هر هڪ ذرو هتي جو صفا طور ٿو ڏسان
سارو حرم خدا جي عبادت جي جاءِ آ
ڪعبو ڏٺم ته ڪوڙ جا پردا ٽٽي پيا
هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي گناهن جو بار آ
فضل ۽ ڪرم جو خير وٺن ٿاڪريم کان
پهتس هتي ته لوڪ جا ناتا ٽٽي پيا
هي يادگار آهي ذبيح ۽ خليل جو
الله جي رسول جي سجدي ڪرڻ جي جاءِ
اصحاب فيل ڪاڻ ابابيل ٿيا ڪٺا
هن جاءِ تي نبي کي ستايو قريش هو
طرفن جي ڪا تميز هتي ڪين ٿي رهي
چار ئي طرف هتي ٿا اچي پاڻ ۾ ملن
حاجي طواف ۾ ٿا رهن مست ۽ مگن
هر هڪ مقام تي ٿا خدا جي اڳيان جهڪن
مروه صفا جي وچ ۾ ڊڪي ۽ دعا گهريم
پٿريون کڻي ٺلهن کي چٽي مون رمي ڪئي
احڪام جي منيٰ جا ۽ عرفات جا هيا
هڪ درد خاص دل کي عطا ٿي ويو هتي
هن درد جي مزي جو بيان ٿي نٿو سگهي
هي قال ناهي حال جون ڳالهيون ڪيون اٿم

پنهنجي دلي مراد جو دامن ڀري ڇڏيم
جيڪي سڌون هيون سي گهڙيءَ ۾ مري ويون
حرص ۽ هوا جي ڳالهه کي ڳاري ڇڏيم هتي
جن سان اٿم پريت سي پيارا ڀلي ويس
بندو گناهگار سراپا قصور ۾
ساري حرم کي نور عليٰ نور ٿو ڏسان
سچ پچ ته آدمي جي سعادت جي جاءِ آ
هن نفس نامراد جا کنڌا کڄي ويا
روئي ٿو هر ڪو پار ڪڍي بيقرار آ
دل سان دعا گهرن ٿا غفور ۽ رحيم کان
دل ۾ خدا جي ياد جا غنچا ڦٽي پيا
هي شاهڪار آهي خدائي جليل جو
حق جي امام پاڪ علي جي ڄمڻ جي جاءِ
هاٿين سندا هجوم هتي جن ڪيا فنا
ڪنهن جي مٿان حضور کي آيو نه طيش هو
هر سمت کان سڀن کي ٿو ڪعبو نظر اچي
ڪثرت مٽائي پنهنجي ٿا وحدت ۾ هڪ ٿين
ڪاري پٿر کي چاهه منجهان ٿا چميون ڏين
دل سان مٿو جهڪائي ٿا اقبال جرم ڪن
سمجهي عظيم فرض هي سنت ادا ڪيم
ٻڪرو وٺي خدا جي حوالي ڪيم ڪهي
پورا خدا جي فضل و ڪرم سان سڀئي ٿيا
دنيا جو رنج روح کان وسري ويو هتي
هي ذائقو قلم سان ته لکجي نٿو سگهي
محسوس جي ٿيون اهي دل سان چيون اٿم

 

(2)

مڪي جو شهر شان شرف ۾ اُم القريٰ
واهڻ به آهي شهر به آهي ِسٽي به آ
آدم جو بت بڻيو هو هتان جي مٽي منجهان
بنجر زمين آهي جتان ڪجهه نٿو ملي
هي سر زمين آهي پهاڙي علائقو
ڪن وادين ۾ شوخ وڏا شيخ ٿا رهن
باغن جي تات سنڌ جا ماڻهو اچي ٿا ڪن
حاصل ٿئي ٿي تيل جي پيدائش ايتري
هر ڪنهن کي روزگار تجارت ۾ ٿو ملي
تعليم ۽ علاج هتي مفت ٿا ملن
دنيا سڄي جو مال اچي ٿو سگهي هتي
مفلس عرب جي مٽ نه اسانجو رئيس آ
پنجاب هند سنڌ منجهان ۽ يمن منجهان
عربن جي نوڪري يا مزوري ٿا ڪن هتي
پورهئي ۾ عيب ناهي مگر شان سان ڪجي
دل جي حضور ساڻ هتي حج ڪرڻ کپي
پنهنجي وطن ۾ پنهنجا سڀئي حق ادا ڪجن

 

ڄامن جو ڄام ڄائو جتي مير مصطفيٰ
فطرت ۾ ڪيڏي سخت هتان جي مٽي به آ
سجدو ملائڪن به ڪيو هو خوشي منجهان
هر چيز ٻاهران ٿي گهرائي وڃي ِهتي
آثار فصل جو ڪو نظر ۾ اچي نٿو
ٽڪري زمين جي ۾ ڀلا باغ ٿا رکن
شيخن جي نوڪري ۾ هتي ٿا اچي رهن
پئي ٿي نه گهرج ڪائي حڪومت کي ٽئڪس جي
محصول ڪنهن طرح جو حڪومت نٿي وٺي
ٻيون سڀ سهولتون ٿا هتان جا عرب وٺن
محصول جي بغير هلي ٿو سگهي هتي
آڏو انهيءَ جي پنهنجو وڏيرو خسيس آ
ماڻهو اچي لڳن ٿا هتي روزگار سان
ذلت جي زندگي ۾ اچي ٿا رهن هتي
ٻئي ملڪ ۾ وڃي نه وطن کي لڄائجي
چائٺ چمي رسول جي موٽي وڃڻ کپي
الله ۽ رسول جا ٿورا مڃڻ کپن

(3)

قربان گاهه ۾ جو ويس ميل هو متل
ڏاندن اُٺن ڳئن جي ۽ ڏاچين جي حد نه هئي
ڦٿڪيا ٿي ڪي ته ڪن کي چپن تي اڃا هو ساه
موجود جانور ها وڪامڻ جي واسطي
ساٿين تي ڪات وهندي ڏٺائون اکين اڳيان
ڪن جا پٽيل ها وات ۽ ٻاهر اکيون هين
ڪنهن کي هيو نه ڌڙ ته سسي ڪنهن کي ڪين هئي
هر ڪنهن ڪپيو ٿي گوشت ٽڪر پنهنجي شوق سان
هڪ ٻئي مٿان سٿيل ها لکين جانور ڪٺل
بلڊوزرن ڇڪي ٿي ڪٺل جانور ڪڍيا
هي گوشت ڪنهن به ڪم اچي ڪين ٿو سگهي

اسڪيم ڪا هجي سڪائي ها گوشت کي

 

بي انت بي شمار هيا جانور ڪٺل
ٻڪرن گهٽين رڍن جي ۽ ٻڪرين جي حد نه هئي
ٿي ويا هئا گهڻ جا ته پورا اڳئي پساهه
الله جي حضور اگهامڻ جي واسطي
مردا لڳا ٿي پاڻ به خوف ۽ هراس کان
ڦوڪيل هو پيٽ ڪن جو ۽ ڪن جو پٽيل هوتن
جيرو هيو نه ڪنهنکي بڪي ڪنهنکي ڪين هئي
کاڌائين ٿي انهيءَ کي وڃي دل جي ذوق سان
هئي ايتري ته بانس جو آئي ٿي منهن اٿل
گهلي سڀئي ٿي آڳ حوالي ڪري ڇڏيا
بي سود ناس ٿئي ٿي بچي ڪين ٿو سگهي
ڪنهن خير جي عمل ۾ لڳائي ها گوشت کي

 

(4)

ٽي ٺلهه ڏٺم منيٰ ۾ جي بيٺا ها چپ ڪري
جمرو انهن تي نام نڀاڳو رکيو سڀن
ننڍي وڏي انهن تي ٿي حملا وڏا ڪيا
جمرن کي ڪنهن طرح به بچائي نٿي سگهيس
اُبتڙ ڪڏهن به عقل جي مذهب اسانجو ناهه
هوندو ڪو راز ان ۾ نٿو سمجهه ۾ اچي

 

حاجين پٿر هنيا ٿي انهن کي ذري ذري
شيطان ڀي انهن کي ٿي هر هر سڏيو سڀن
پٿر لتر ڀتر ٿي انهن صبر سان سٺا
حجاج کان انهن کي ڇڏائي نٿي سگهيس
اڻڄاڻ ٿي مڃڻ جو ته مشرب اسانجو ناهه
سڀ ڳجهه خدا جا ڪوئي به ڄاڻي نٿو سگهي

 

(5)

ڪعبو ڇڏي مديني جي بس تي چڙهي هليس
گهٽبو ويو ٿي فاصلو ڪٽبي وئي ٿي راهه
جئن جئن ٿياسون شهر مديني کي ويجهڙا
احساس ٿيو ته عيد اُڃايل اکيون ڪنديون
موليٰ جي فضل ساڻ مديني رسي ويس
نيلن تي پئي نگاهه نشو نينهن جو چڙهيو
مسجد رسول جي ۾ رسائي نصيب ٿي
داخل ٿيس حرم ۾ ته حاصل ٿيو قرار
هڪ درد خاص جنهن جو نرالو هو ذائقو
دنيا جا درد دور ڪري ٿو هي درد خاص
هن درد خاص روح کي راحت عطا ڪئي
الفت رسول جي ۾ اطاعت خدا جي آ
اڳتي وڌيس ته سائي قبي ۾ لنگهي ويس
ظاهر ظهور نور عليٰ نور کي ڏسي
رڳ رڳ ۾ روح، خون ۾ گرمي ملي وئي
بي انت بي شمار ڪرم ٿيا ڪريم جا
چائٺ چميم حضور جي طاري ٿي بيخودي
جلوو رسول پاڪ جي جالي جو مون ڏٺو
سجدن ڏنو سرور تلاوت ڏنو مزو
هن جاءِ تي جهڪن ٿا فرشتا ادب ڪري
آهي ادب جي جاءِ سنڀالي هلڻ کپي
قلب و نظر کي روح کي هت روشني ملي
فضل و ڪرم جو، رحم جو، درياه ٿو وهي
آرمگاهه آهي خدا جي حبيب جو
بدڪار بدنصيب گنهگار جو اجهو
اميد آهي مان به هتي بخشجي وڃان
منهنجون خطائون انجي عطائن اڳيان خسيس
اميد آهي ته ٿيندي عنايت رسول جي
 

دل سان درود پاڪ نبيءَ تي پڙهي هليس
وڌندو ويو ٿي پاڪ حرم جي چمڻ جو چاهه
جذبات منهنجي دل جا نچڻ ۽ ٽپڻ لڳا
سجدو سخي جي در تي سڪايل اکيون ڪنديون
محسوس ٿيو ته عرش عليٰ تي رسي ويس
قلب ۽ نظر حضور تي صل عليٰ پڙهيو
محسوس ٿيو ته ساري خدائي نصيب ٿي
اهڙو قرار جنهن ۾ هئي درد جي لغار
دنيا جي ڪنهن به چيز ۾ ناهي اهو مزو
ظلمات کي به نور ڪري ٿو هي درد خاص
الله جي رسول جي الفت عطا ڪئي
نالو وٺڻ نبي جو عبادت خدا جي آ
جنت رياض جنهن کي چون ٿا اتي پهچي ويس
ڄاڻي ٿو لا شريڪ ته ٻئي نيڻ پيا ٺري
مقصود جي مراد جي مکڙي کلي وئي
ڳايان ٿو ڳڻ هميشه غفور ۽ رحيم جا
ڪا چيز ڪائنات جي مونکي نه ياد پئي
منهنجو دماغ عرش عليٰ کان مٿي ويو
وسري نٿون هتان جي عبادت جو ذائقو
الله ڀي پڙهي ٿو صلواتون رسول تي
حجت ڇڏي حضور جي در تي جهڪڻ کپي
احساس کي خيال کي پاڪيزگي ملي
ڌوئي ڇڏي ٿو عيب، خطا ۽ گناه کي
اميد گاه آهي اسان جي نصيب جو
عاصي جو عيبدار جو عاجز جو آسرو
الله جي رسول جي صدقي بچي وڃان
منهنجي نصيب ساڻ نه ٿيندي نه ڪنهن جي ريس

محشر ۾ هوندي مون تي شفاعت رسول جي
 

(6)

ان تي درود جيڪو پيارو سڀن جو آ
ان تي درود جيڪو يتيمن جو خاص يار
ان تي درود جنهن تي خدا ٿو پڙهي درود
ان تي درود ان تي سلام ان تي رحمتون

ان تي سلام جيڪو سهارو سڀ جو آ
ان تي سلام جيڪو غريبن جو غمگسار
ان تي سلام جنهن جو ٿيو ڪارڻي وجود
ان جي ڪري زمين تي پهچڻ ٿيون برڪتون

هر درد جو علاج درود ۽ سلام آ

هر چيز کان لذيذ محمد جو نام آ

*


(1) سيرت ابن هشام

(2) تاريخ واقدي:- محمد بن عمر واقدي، جلد 4.

تاريخ طبري:- جلد اول، حصه 3،عهد رسالت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com