سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :29

سيد ڪمتر نقوي

زبان خوشتر ڪٿان آڻيان، بيان بهتر ڪٿان آڻيان
هجن جي کير ۾ ڌوتل، اُهي گوهر ڪٿان آڻيان

قلم ڪهڙي هجي وڻ جو، لکڻ لئه مس هجي ڪهڙي
اهو طوبيٰ ڪٿان آڻيان، اهو ڪوثر ڪٿان آڻيان

زمين و فلڪ جا چوڏهن طبق، مدحت لئه ناڪافي
آهيان مجبور جو ايڏو وڏو دفتر ڪٿان آڻيان

بلندي مرتبت جي عرش اعظم کان گهڻو بالا
ڏسڻ کان ماورا جيڪو، اهو منظر ڪٿان آڻيان

جتي ِهن ۾ ۽ ُهن ۾ فرق هئي هڪ ميم جو باقي
انهي نڪتي هنڊائڻ لئه، دلِ مضطر ڪٿان آڻيان

خرد ادراڪ کان عظمت گهڻو ارفع گهڻو اعليٰ
رسي تن رفعتن کي فهم سو برتر ڪٿان آڻيان

مئي حب محمد جا پيا دريا وهن مون وٽ
مگر مستن ۽ متوالن جي لئه ساغر ڪٿان آڻيان

چريو ”ڪمتر“ کي جيڪي ٿا چون سي سڀ سچا آهن
هتي سڀ هوش ويا گم ٿي عقل آخر ڪٿان آڻيان

 

*

حافظ خير محمد اوحدي

مٺو مرسل محمد مصطفيٰ منٺار بسم الله
اڙين آڌر، ولهين واهر، وسيلو بي وسيلن جو
خدا جو نور، جڳ جو ڪارڻي، آدم کان آڳاٽو

خدا جو دادلو، دلدار، دلبر يار بسم الله
ڇپر ڇورن جو، غمگينن سندو غمخوار بسم الله
جڙيو آ جنهن جي ڪارڻ هي سڄو جنسار بسم الله

ستارن کان، قمر کان، سج کان ، دنيا جي هر شئي کان

شرف واري پرينءَ جي پير ۾ پيزار بسم الله

سونهي لولاڪ جوسر تي سدائين تاج  سهڻل کي
سڄڻ منهنجو اڱڻ منهجي اچي جي پرت مان پيهي
سخي داتا جي درتي دان لئه جهولي جهلي حاتم
مونکي اعزاز بخشيو ويو محمد جي غلاميءَ جو
غلام آهيان ستن پيڙهين کان ۽ ٻانهي جو ٻار آهيان
عطا ٿئي شل غلامن کي اجازت باريابي جي

ڪري ِجهر ِمر ڳچيءَ ۾ هل آتيٰ جو هار بسم الله
ڪيان سرساه صدقي ۽ چوان سئو وار بسم الله

سڪندر ٿيو سندس در جو ٻهاريدار بسم الله
ڏنو هي ڏان مونکي ڏيهه جي ڏاتار بسم الله

غلاميٰ جو ازل کان ئي اٿم اقرار بسم الله
مديني کان اچي من ”اوحدي“

 ڏانهن تار بسم الله

*

اياز قادري

جڳ جو مطلوب مصطفيٰ تون آ
توسان انسانيت کي شان مليو
تنهنجي آئي، وئي ڪفر جي اونده
جنهن سان بيدار ٿيو جهان سارو
رهنما جي پٺيان مان ڇو ڊوڙان
دان در تان وٺن ٿا سڀ تنهنجي
جي خدا جو حبيب تون آهين
ڪين ميڙيو مون ڪچ سوا ڪجهه آ
آ گناهن جي بحر ۾ ڦاٿل
توسان الفت جو ڇا بيان ڪريان
درد مونکي ڪو لا دوا آهي
جهولي خالي ”اياز“ جي آهي
 

تون ئي رهبر ۽ رهنما تون آ
ساري عالم جو پيشوا تون آن
جنهن سان روشن آ جڳ، ضيا تون آن
سو پڙاڏو، صدا، ندا تون آن
رهنمائن جو رهنما تون آن
مالڪِ شاهه ۽ گدا تون آن
منهنجي دل جي به مدعا تون آن
مون خطاڪار جي شفا تون آن
منهنجي ٻيڙي جو ناخدا تون آن
ابتدا تون ۽ انتها تون آن
لا دوا درد جي دوا تون آن
صاحب جود ۽ سخا تون آن
 

 

سيد شاهه محمد شاهه شاد

منجي النساءِ

پيدائشِ رسولِ محمد جي دؤر ۾

هي خاص طور دهر جو دستور عام هو

انعام طور عورتن کي وڪيو ويندو هو
مشهور هو ولادتِ دختر آ بدشگون
دخترجو ڄمڻ جرم هو بيبيءَ جي واسطي
محروم هئي وراثتِ  مال ومنال کان
فطرت جي برخلاف هجن ڇو نه خواهشون
عصمت دري اناث جي بالجبر و بارضا
عورت رڳو آ مرد جي آرام واسطي
”آزاديء اناث “ هر هڪ خاص عام لاءِ
هو حلقئه اناث ۾ فرياد جو نه تاب
آخر زمانو آيو جو منظورِ خدا هو
پيدا ٿيو مجسمئه نورِ ڪائنات
همدردي بشر سان هئي لبريز جنهن جي دل
هو جنهن جي مهرِ عدل جي عدلِ عمر شعاع
عورت جي ارتقا لئه سندس دل ۾ هئي تڙپ

عزت هئي نه ڪائي نه ڪو احترام هو
هن وهم جو شڪار ڀي هر خاص و عام هو
حاصل ميان کي جنهن جو حق انتقام هو
عورت تي ظلم روز و شب صبح و شام هو
شوهر جي رضا جوئي بس زوجه جو نام هو
هي ڪارنامو باعثِ فخرِ عوام هو
هي نعره ڀي زبان زدِ خاص و عام هو
هزيان هو، جنون هو، سوداءِ خام هو
پر ظلم جي شراب سان لبريز جام هو
ناپيد ٿي ويو جو ڪهن انتظام هو
نالو جنهين جو احمدِ خيرالانام هو

 جنهن جي زبان صدق تي حق جو پيام هو
۽ نظر ۾ جو طائرِ بالاءِ بام هو
۽ خونِ  دل برنگِ مئه لاله فام هو

هن مردِ حق جي دهر ۾ تدبير ٿي معلوم
۽ فرقئه اناث جي تقدير ٿي معدوم
 

پيغام بس ڏنو پوءِ خدا جي رسول هيءُ
سمجهو توهان ولادتِ  دختر کي نيڪ فال
لائق آ التفات جي عورت سندي حيات
ورثي ۾ عورتن کي ڏيو مال ۽ منال
بيبي ميان جو رشتو، محبت جو راز آهه
جائز نه آه فعل ڪو فطرت جي برخلاف
رنج و الم ۾ باعثِ  تڪسين بيبي آهه
الله وٽ تميزِ زن و مرد ٿئي ته ڇو؟
فرمان ”اعمَلوا“ آ زن و مرد واسطي
جي فرق آهه ڪو ته رڳو ضعف جو آ فرق
الغرض هي هو پيام خدا جي رسول جو
قانونِ حق و شرع کي ٿي دهر ۾ پو سوڀ
القصہ آ رسولِ خدا منجيء النساءِ

انعام طور ملڪ ۾ وڪڻو نه بيگمات
خالق جي برگزيده خلائق آ محصنات
عزت سان عورتن جي معزز آ مرد ذات
عورت به مرد وانگر آهي جامع الصفات
لائق آ احترام جي زوجه سندي حيات
حقاڪ برخلافيء قدرت آ بري بات
سيني ۾ رقص تن جون ته ڪن ٿيون تجليات
ٿيو عورتن تي فرض تڏهن صوم ۽ صلوات
وا ٿيو ٻنهي تي آهي درِ عرصئه حيات
عورت کي ورنه آهه وڏو صبر ۽ ثبات
ڪئي جنهن تي مهر ثبت خداوندِ ڪائنات
غلبو مليو اسلام کي باطل کي ملي مات
آ زندگيءَ جو درس جنهن جي سڄي حيات

دائم پڙهان ٿو تنهن تي درود ۽ سوين سلام

آ ”شاد“ کي رڳو شة ڪون و مڪان جي تات

(ترجمو)

 

سيد منظور نقوي

 ياسيدي مڪي المدني، يا هاشمي قرشي مطلبي

اعليٰ حسبي، والا نسبي- يا نبي، يا نبي، يا نبي

اي فخر سليمان و عيسيٰ
سڀ توتي پڙهن ٿا صل عليٰ
اي باعثِ تخليق دوجهان
اي مقصد ربِ زمين و زمان
تنهن جي طاعت ۾ دن رين ٻئي
تنهن جي خدمت ۾ ثقلين ٻئي
هت حسرت وياس ۾ گهاريان ٿو
بس آقا توڏي نهاريان ٿو
منظور ٿيان تو در آقا
يثرب جي ٿيان گلين جو گدا

 

منهن جا ملجا، منهنجا ماويٰ
هندي سنڌي عجمي عربي
اي غايت خلقتِ ڪون و مڪان
اي فقية جهان اُمي لقبي
تنهن جي قدرت ۾ ڪونين ٻئي
ٻڌ منهنجي به آه نيم شبي
عسرت جا ڏينهن گذاريان ٿو
ٿئي منهن جي مديني ۾ طلبي
بس آهي اهائي منهن جي دعا
مڃ منهنجي دعائَي زير لبي

 

 

سليم ڳاڙهوي

انوار لک

تنهنجا ديوانا ڏٺم، مجبور لک، مختار لک

سئن هڻندا ٿا رهن سلطان لک، پينار لک

منهن مبارڪ تي نمايان رنگ لک، انوار لک
آدمي، جن ۽ َملڪ، حورون، پريون حبدار لک
نور نرمل، مير مرسل، راهبر سرور سخي
عرش تي ڇا فرش تي تنهنجا هلن ٿا تذڪرا
تنهنجا ڪم، تنهنجا ڪرم، تنهنجا قدم اعليٰ اُتم
آس ۾ عيسيٰ رهيو، اميد ۾ موسيٰ رهيو
مير ملڪان ملڪ تنهنجي سونهن جي ساراهه ٿي
نينهن تنهنجي جا نهوڙيل، گهور جا گهايل گهڻا
ڪيترا زخمي جگر، زخمي دليون در تي رکي
مرڪ تنهنجيءَ ساڻ مرڪن ٿيون پيون مکڙيون هزار
تنهنجي پيرن جي پڻي ماڻڪ اُپائي ٿي مڻين
معرفت جو ملڪ تنهنجي ديد سان آباد آهه
عاشقن تي اي سڄڻ، تنهنجا ڪروڙين قرب ٿيا
پار تنهنجي ڏانهن پانڌي بي عدد ۽ بيشمار
پاڪ پيرن کي چمڻ جي لاءِ مانديون منزلون
شاهه شاهن جام، غريبن، بيڪسن جا ڀرجهلا
دلبريءَ تنهنجيءَ جا دلبر، دلبرن ۾ داستان
بحر ۾، بر ۾، چمن ۾، انجمن ۾، اي حضور
روح ۾ رغبت ڪروڙن کي ۽ اربن کي اُڪير
تنهنجا عاشق، تنهنجا صادق، تنهنجا طالب ٿيا تمام
تنهنجي قدمن جي نشانن تان ڦٽا تارا لکين
ديد تنهنجي ٿي بنائي، ديده ور نابين کي
پار سو پهتو وڃي، جنهن تنهنجي دامن کي جهليو
برهه تنهنجي ۾ بشر، ڪيئي، ڪروڙين، سو هزار
شاهه تي مشرق ڇڪن ۽ موهه سان مغرب مگن
مصطفيٰ جي مان ۾ ۽ مجتبيٰ جي شان ۾
چنڊ چهري جو گدا، تارا پسيني تي نثار
عرش اعظم کي اجاريو آهه جانب جي جتيءَ
هر طرف هلچل ڏٺم، ۽ هر جڳهه ٻوليون ٻڌم
بايزيد آهن ادب ۾، احترام اندر جنيد
چاهه سان چنڊول ۽ چيها پڙهن دم دم درود
لعل ۾ ، گل ۾، ستارن ۾، قمر ۾، شمس ۾
مٽ نه ٿيندو مور جانب جي جتيءَ سان ڪو جوان
جنهن جڳهه تي ٿا جڙن، ٽڪڙا ٿيل قلب ۽ جگر
شان ٿيو قرآن سان ۽ تاج ٿيو معراج سان
سرت سان ۽ سوچ سان سڀ سير سبحاني ڪري
رحمت للعالمين، خيرالبشر، خيرالورا
عرش تي موقوف ناهي، هر جڳهه تي، هر گهڙي
ان طرح اصحاب، عربي ڄام سان همدم هئا
مصطفيٰ جي اهل ۽ اولاد جا اعليٰ مقام
بيشبهه، بيشڪ امام الانبيا، ختم الرسل
مهربان، همدم محمد، حال جو محرم، حليم
ڇا ڪندي ذرڙي زبان احمد جي عظمت جو بيان
اي خدا، تو موڪليو آهي اسان ڏي مصطفيٰ
ڄام ڄايو جنهن گهڙيءَ، هلچا مبارڪ جا هليا
ڳالهه ۾ ، احوال ۾، تعريف ۾، توصيف ۾
مير جي مدحت ۾ شاعر ۽ سگهڙ، عالم اديب
ڪين ٿا پورا پون ڪاغذ قلم، دفتر ۽ هٿ

 

چشم انور کان ٿيا مخمور لک، سرشار لک
تاجور تعريف تنهنجيءَ ۾ ٿيا اذڪار لک
پرت تنهنجيءَ ۾ پرين ڪن ٿا پيا پرچار لک
نام تنهنجو ٿا اُچارن نامور نروار لک
تنهنجي آڏو ٿا جهڪن مهندار منصبدار لک
پار تنهنجا ٿا پڇن يحييٰ ۽ يوسف يار لک
قرب تنهنجي جا ڪروڙين داستان، ڪردار لک
شان تنهنجي تي ڇڪن ٿيا، سونهن جا سردار لک
چاهه سان چائٺ چمن ٿا برهه جا بيمار لک
ذڪر تنهنجي سان کلن ٿا گل گهڻا گلزار لک
تنهنجي ڪوچي ۾ لڀن ٿا لعل لک، دينار لک
عشق جا اظهار ٿيا وهنوار لک، ويچار لک
طالبن جا طور لک، اعجاز لک، اسرار لک
نينهن تنهنجي ۾ لکن نيڻن وهايا نار لک
تنهنجي واٽن تي وڇائن ٿا اکيون سالار لک
ڳڻ ڳڻي ڪهڙا ڳڻيان لائق لکين، ايثار لک
پِرت سان نيڻن ۾ پائن ٿا پيا پيزار لک
جا بجا جرڪن پيا تنهنجا اثر، آثار لک
چاهه تنهنجي ۾ هزارين عشق جا اظهار لک
قيس لک، فرهاد لک ۽ هوت لک، ميهار لک
تنهنجي ٻولن سان گلن جا ٿا کلن انبار لک
ٿي ويا تنهنجي اشاري سان ستل بيدار لک
جن رکيو تونسان حسد، مرندا رهيا مردار لک
چاهه تنهنجي ۾ چريا، نيل ۽ پدم نروار لک
هر طرف آهن حبيبن تي فدا حبدار لک
لفظ لک، جملا لکين ناظم لکين، نثار لک
پاڪ پيشانيءَ مان اڀرن ٿا پيا انوار لک
پاڪ گردن ۾ درودن جا پون ٿا هار لک
حسن جا جلوا هزارين، عشق جا اطوار لک
ٿا پڙهن ”صلوعليٰ“ رومي گهڻا عطار لک
ٿا سڏن سردار کي، کولي مٺو منٺار لک
جا بجا پکڙيا پيا آهن پرينءَ جا پار لک
ڀل مقابل ٿي ڏسن سالار لک، سردار لک
نذر دل کي ٿا رکن، دلگير لک، دلدار لک
مرتبو ان جو مڃن ٿا يار لک، اغيار لک
پاڪ پرور جا ڪيا سرور سچي ديدار لک
مرد سان مولا ڪيا انعام جا اقرار لک
جا بجا جانب ڏٺا، الله جا انوار لک
جنهن طرح جرڪن ستارا، چنڊ سان چوڌار لک
سوبسو آهن سلامن جا هليا هٻڪار لک
مقتدي بيت المقدس ۾ نبي ابرار لک
دادگر، دلبر سخي، ڪامل سندا ڪردار لک
لفظ گهٽ ٻوليءَ ۾ ڳاڻاٽي ۾ بس بيڪار لک
لطف لک، احسان لک، اڪرام لک، اقرار لک
آسمان اُجري ويو، ڌرتيءَ ڪيا سينگار لک
قول لک، اقوال لک، افراد لک، افڪار لک
نظم لک، مضمون لک، ابيات لک، اشعار لک
سربسر ساراهه ۾ واصف لکين، وينجهار لک
 

پاڻ ئي ڄاڻي ٿو پرور، شان سرور جو سليم

چؤطرف چمڪن پيا جانب سندا جنسار لک

*

شيخ عبدالرزاق راز

(1)

(3)

زماني تي جهالت جو انوکو دور آيو هو
شريفن جو نه ڪو آقا غريبن جو نه ڪو مولا
يتيمن جو غلامن جو نه ڪو وارث نه ڪو والي
نه ڪوئي حال جو محرم نه ڪوئي سور جو ساٿي
زمانو هو ضلالت جو زمانو هو جهالت جو
اچانڪ ٿيو زماني جي مٿان شاهه امم پيدا
بصورت نور سبحاني، به معنيٰ ظل روحاني
 

مبارڪ ساري دنيا تي محمد مصطفيٰ آيو
محمد نانءُ جنهنجو سو بڻيو آ هادي اڪرم
اسيرن جي دعا بڻجي مريضن جي شفا بڻجي
 وسائي نور جي بارش سو محبوب خدا بڻجي
محمد جنهنکي دنيا ٿي امين و راهبر ڪوٺيو
سلام اي رحمت للعالمين اي هادي اڪبر
اوهانجي ذات تي اي شافع محشر سلام آيو
 

(2)

(4)

ڪٿي پوڄا ستارن جي ڪٿي ماده پرستي هئي
ڪٿي غارت گري عشوه گري باده پرستي هئي
نمود و نام جي خاطر قباحت هئي ذلالت هئي
نه ڪنهنجو دين پختو هو نه ڪنهن تي ڪو يقين ڪنهنجو
رسوم بد جو غلبو هو نمود و نام جو جلوو
سموري ڪائنات دهر تي قبضو هو شيطان جو
درندن جي حڪومت هئي نه انسان جو نشان ڪوئي
امانت جو محبت جو نه خدمت جو گمان ڪوئي
اچانڪ ٿيو زماني جي مٿان شاهه امم پيدا

بصورت نور سبحاني بمعنيٰ ظل روحاني

 

مرحبا اڄ يتيمن جو غلامن جو دلدار آيو
فلاح دوجهان جو هو علمبردار ٿي آيو
سراج نور حق بڻجي زمين تي رهبر اعظم
امام الانبيا پيدا ٿيو خيرالبشر پيدا
زماني جي اڳيان سو رحمة للعالمين آيو
شريعت جو کڻي پيغام آيو دين جو داور
سلام اي شاهد و مولا سلام اي سرور رهبر
خدا جي خود فرشتن جو رسولن جو سلام آيو
اچانڪ ٿيو زماني جي مٿان شاهه امم پيدا
بصورت نور سبحاني به معنيٰ ظل روحاني
 

*

اسد بيگ قليچ بيگ مرزا اسد

 ٿيو ورد تنهنجي نام جو ڏينهن رات يا رسول!

واجب ٿي هر نماز ۾ صلوات يا رسول!

شامل ٿي ذات حق ۽ ملڪ، جن ۽ بشر
سرتاج اَنبيا ٿئين، اُمت جو آسرو
محبوب ڪبريا ٿئين ۽ سيد البشر
تو آئي جڳ مان ڏور ٿيا اي خاتم الرسل !
توکي مخالفن به مڃيو صادق ۽ امين
معبود جي توعبد ٿي ڪئي عبديت ڪمال
بيوائون ۽ يتيم، مساڪين ۽ غلام
ٿيو آسر تنهنجو وحي خداوند ذوالجلال
تون شاه انبيا ۽ شهنشاهه ڪائنات
آدم کان عيسيٰ تائين، رسوان ڏنا سندءِ
دشمن به تنهنجو ڪڏهن ڏکويو نه تو هٿان
ٿيا سرنگون مدرس و مصلح سندءِ اڳيان
صورت تي تنهنجي فخر ڇو قرآن کي نه ٿئي!؟
محڪم ازل کان تابه اَبد تنهنجي اَمر ۾
توئي ته روشناس ڪيو حق کي خلق سان
توئي مٽايو فرق امير و غريب جو
مظلوم پيڙبا هئا جي گهاڻي ۾ظلم جي
محبوب حق جو تون اُهو، جنهنکي خدا سڏيو
ڪون و مڪان جي علت نمائي هئي تنهنجي ذات
سايو نه تنهنجو ڪنهن ڏٺو، پر آءٌ چوان ٿو هو
جڏهن تنهنجي روضي تي منهنجي پئي نظر
 اشعار جامي جا ٿئي دعائن ۾ مون پڙهيا
آلين اکين مان ڳوڙها ڳلن تي پيا ڳڙي
 مانع ادب کان تنهنجي هو اظهار عرض جو
شرڪ ۽ خودي جون محفلون تو آئي ختم ٿيون
بي مايہ، بي ثمر سهي، ليڪن قبول ٿئي
 

حامل ٿيا دوجهان جا برڪات يارسول !
اخلاق و عدل تنهنجا ٿيا عادات يارسول !
سرڪار احديت مان مليئي ڏات يارسول !
الحاد و ڪفر و جهل جا ظلمات يارسول !
ثابت سند ٿي سيد و سادات  يا رسول!
معراج جا به ماڻيا تو درجات يارسول !
تنهنجا وساري سگهندا نه حسنات يارسول !
تنهنجو عمل ٿيو معنيٰ آيات يارسول !
دارين جو تون فخر و مباهات يارسول !
تشريف آوريءَ جا اشارات يارسول !
ڪيو عدل تنهنجي تيغ بغزوات يارسول !
تو اُمي جا ڏسي هي ڪمالات يارسول !
مصحف کان اڳ جو آئي سندءِ ذات يارسول !
ڇا ِانس، ڇا ملڪ ۽ جنات يارسول !
نه ته جڳ هومبتلاءِ خرافات يارسول !
جڳ کي ڏنو تو درس مساوات يارسول !
يڪسر بدلجي تن جا ويا اوقات يارسول !
عرش علا تي بهر ملاقات يارسول !
عشق عبوديت جا هي اثرات يارسول !
سائي ۾ تنهنجي آرض و سماوات يارسول!
دل جا عيان اکين مان ٿيا جذبات يارسول !
چپ تي نظامي جي هئي مناجات يارسول !
ڄڻ رحمت خدا جي هئي برسات يارسول!
پر اک هئي ترجمان خيالات يارسول!
هوڏي هبل ته هيڏي ڪريو لات يارسول!
شايد اسد! صلوات جي سوغات يا رسول!
 

*

حافظ محمد احسن چنا

 مالڪ ڪون و مڪين اي رحمت للعالمين
فخرِ آدم زيبِ عالم پيشوائي-مرسلين

سرورِ باغِ رسالت، مظهرِ نورِ خدا
سِر گروة انبيا تون تاجدارِ اوليا
رهبرِ راة هديٰ تون هاديِ جن وبشر
گلشنِ جاه و جلالت رونقِ ارض وسماء
سرور ِعالي مڪان تون صاحبِ فخر ِ زمان
معدنِ جودوسخا تون منبعِ علم وحيا
ڇا چوان مان تنهنجو شان آهي خدا توکي ڪيو
تنهنجي آمد جي خبر سڀني نبين اڳه ۾ ڏني
تنهنجي سيرت ڇا چوان مان آيته(خلق عظيم)
نور پنهنجي مان خدا توکي ڪيو پيدا پرين
خود خدا صلوات توتي ٿو پڙهي يا مصطفيٰ
عرش کان اعليٰ ٿيو رتبو تنهنجي دربار جو

خوف احسن کي نه آهي ڪو قيامت ڏينهن جو

 

واقفِ اسرار اعظم، زينتِ عرش برين
شهسوار- عرصئهِ وحدت امام المتقين
شافعِ روزِ جزا تون هادي دين- متين
مالڪ ِ ملڪ ِ جهان وواليِ ڪون ومڪين
قاسمِ تاجِ نگين تون صاحبِ اهل ِ يقين
مجمعِ بحرِ معظم، وارثِ، دنيا و دين
”فخر دنيا، فخر دين، فخر فلڪ، فخر زمين“
تنهنجي آئي سيدا مسرور ٿيون دليون حزين
شان ۾ فرمائي تنهنجي آهه رب العالمين
مثل تنهنجي ٻيو جهان ساري ۾ ناهي ڪو حسين
ٿا پڙهن صلواعليٰ اهل فلڪ اهل زمين
تنهنجي دروازه سندو دربان هو روح الامين
جو لقب آقا سندءِ آهي شفيع المذنبين

 

*

حبيب ميروخاني 

محمد محمد عليہ السلام
محمد نبين جو منهندار آ

عليہ الصلواة و عليہ السلام
محمد رسولن جو سردار آ

محمد ٿيو انبياء جو امام

محمد جو شايان هي شان ٿيو

وڃي خاص مولا جو مهمان ٿيو

۽ ساڻس ٿيو عرش تي هم ڪلام

نه طاقت نه همت هجي ڪير ڪو

جاٿي آهي صل عليٰ سير ڪيو

جاٿي مصطفيٰ ويو سو اعليٰ مقام

در مصطفيٰ جا آهن سڀ غلام

توڙي شاهه شاهان ته ڀي ڪن سلام

حبيب آ سندن درجو ادنيٰ غلام

*

محمد عظيم شيدا

بادل جان منهنجون اکڙيون خون بار ٿيون وسن

پنهنجو پيار مصطفيٰ شل هي پرين پسن

ابر بهار جان جن روئي ٿي پٽ ڀريا
لولاڪ جنهنجي شان ۾ آ خود خدا چيو
جنهن نور جي تجلا روشن ڪيو جهان 
شيدا کي شوق آه مديني ۾ شل مران
 

پنهنجو اکين جو ٺار ڏسي شل اکيون ٺرن
تنهن دلربا حبيب کي شل هي اکيون ڏسن
سو نور منهنجيون اکڙيون شل پسي سگهن

جو صحن جنهنجو آه جنت سندو چمن
 

*

شير محمد بلوچ

عالم جو آ وجود وجود حضور سان،

تخليق ڪائنات آ مرسل جي نور سان!

جن و بشر ملائڪ و عرش و زمين فلڪ،
لولاڪ جو لقاءُ آ قادر جو ڪرشمو،
مولاڪ قول موليٰ اناانت محب ٿئين،
اعليٰ جمال آهي ۽ اوليٰ ڪمال آ!
ادراڪ و علم و عقل هنر معرفت سندو،
معراج ۾ منقش امامت حضور جي،
جنهن مهل حق جي دين جو اعلان ٿي ويو،
ناموس مصطفيٰ جو ٿيو غلغلو بپا،
جنهن ۾ ڪيائون پاڻ نوازش ڀري نظر،
قرآن ۾ بيان ٿيو شان مصطفيٰ
ڪوثر عطا ٿيو مونکي مديني جي مير کان
الفت رسول جي ۾ مدهوش ٿي ويا
ڪلمو پڙهي رسول تي ايمان سان مرون،

پرنور شش جهت آ محمد جي گهور سان!
آراسته فلڪ آهي مطلق ظهور سان!
قربت ڏسو رسول جي رب غفور سان !
شمس و قمر ڪوماڻا بغايت وفور سان!
احسان ٿيو رسول جو جڳ تي شعور سان!
مهمل معانقت ٿي ته موسيٰ جي طور سان!
ڪافر ڏڪي ڪنبي ويا فسق وفجو رسان!
پٿر جا بت ڀڄي پيا پنهن جي قصور سان!

تابع ٿيا تمام خوشي ۽ سرور سان!
توريت ٿيو گواه انجيل ۽ زبور سان!
ناتو نه مو آ ڪوئي شراب طهور سان!
رغبت نٿا رکن سي سرافيل وصور سان!
شرڪ فطور نا ڪنهن ڪبر و غرور سان!

شاهد غلام تنهنجو غلامي قبول ڪر:

ناتو نه آهي منهنجو ڪو جنت ۽ حور سان!

 

محمد اسماعيل عرساڻي فدا

 الله الله شان محمد صلي الله عليہ وسلم

عرش عظيم ايوان محمد صلي الله عليہ وسلم

پيش نظر جي شان محمد ذهن اندر احسان محمد
دل شيدائي آنِ محمد روح فدائي شان محمد
بي تعداد احسان محمد بي پايان فيضان محمد
آدم کان عيسيٰ تائين سڀ عالي رتبه آهن پر
سڀ کان بهتر سڀ کان اعليٰ سڀ اعجاز رسل کان بالا
اي پرسان شان محمد جودءِ فيضان محمد
عين عنايت چشمئه رحمت بحر حقيقت حسن رسالت
آدم و نوح و ابراهيم و دائود موسيٰ و عيسيٰ 
لرزان هئاشاهان زمانه حيرت ۾ هئا سڀ فرزانه
سڀئي بدافعال ڇڏايا ڪل عمدا اخلاق ڪرايا
مشرق وحدت مهر رسالت آيہ قدرت سايئه رحمت
پنهنجن تي ۽ پراين تي مسلم تي نا مسلم تي
سيدنا صديق مڪرم سيدنا فاروق اعظم
سيدنا عثمان معظم رضي الله تعاليٰ عنہ
حضرت اسد الله الغالب سيدنا بن بو طالب
جامع درويشي شاهي ۽ نافع مخلوقات الاهي
حامي مهر و صدق وصفا هئا ماحي ظلم وجورو جفاهئا
ڪان صفا هئا باغ وفا هئاابر سخا هئا بحر عطا هئا
 خوش اطوارو نيڪ طبيعت پاڪ دل و پاڪيزه فطرت سيدنا حسنين جي حالت نت ٿي ڪري محو حيرت
مومنو نقش دوئي کي مٽايو نعره اِلاالله لڳايو
همت وارا نيڪ جوانو شمع رسالت جا پروانو
بيداري جو وقت هي آهي هوشياري جو وقت هي آهي
پاڻ به جاڳو ٻيا به جاڳايو عالم ۾ هڪ ڌوم مچايو
دشت و جبل ۾ بحر روان ۾ ساري عرض وطول جهان ۾
مشرق کي مغرب سان ملايو ڪنڊ ڪنڊ ۾ پيغام رسايو
عالم کي سرمست بنايو سڀ کي حد امڪان چکايو

ڇو نه ٿيون قربان محمد صلي الله عليہ وسلم
وجد ۾ سڀ مستان محمد صلي الله عليہ وسلم
رحمت حق قربان محمد صلي الله عليہ وسلم
آهي عجائب شان محمد صلي الله عليہ وسلم
معجزه قرآن محمد صلي الله عليہ وسلم
ڏس تون پٽي قرآن محمد صلي الله عليہ وسلم
خلق عاليشان محمد صلي الله عليہ وسلم
سڀئي ثنا گويان محمد صلي الله عليہ وسلم
ڇا نه هو شوڪت شان محمد صلي الله عليہ وسلم
جان جهان قربان محمد صلي الله عليہ وسلم
ذات عاليشان محمد صلي الله عليہ وسلم
سڀ جي مٿان احسان محمد صلي الله عليہ وسلم
سرخيل ياران محمد صلي الله عليہ وسلم
خواهان رضوان محمد صلي الله عليہ وسلم
سرتاج اخوان محمد صلي الله عليہ وسلم
ڪير؟ اِهي يارانِ محمد صلي الله عليہ وسلم
اصحاب ذي شان محمد صلي الله عليہ وسلم
انصار و اعوان محمد صلي الله عليہ وسلم
جملئه مقبولان محمد صلي الله عليہ وسلم
هي هئا فرزندان محمد صلي الله عليہ وسلم
آ ذيل مستان محمد صلي الله عليہ وسلم
ڏس ته سهي فرمان محمد صلي الله عليہ وسلم
هوشيار رهو شيران محمد صلي الله عليہ وسلم
اي غيرت مندان محمد صلي الله عليہ وسلم
پهچايو فرمان محمد صلي الله عليہ وسلم
تذڪره احسان محمد صلي الله عليہ وسلم
صهبائي عرفان محمد صلي الله عليہ وسلم

ممڪن ناهي ممڪن ناهي مون کان ”فدا“ ٿي ممڪن ناهي

شڪر ادا احسان محمد صلي الله عليہ وسلم

*

عبدالله خواب حيدرآبادي

حمد خدا ۽ نعت نبيءَ جي گلڙن جي سرهاڻ ڪجي

صل- عليٰ جو نور پکيڙي اونده ۾ چانڊاڻ ڪجي

ڏاتر جنهن کي ڏات ڏني تنهن ذات جو ذڪر و صفات ڪجي
جنهن رات کي ڏينهن ۾ بدلايو، تنهن جوت جمال جي بات ڪجي

 

الله الله سندن قيادت دنيا دين لئي رحمت ٿي
ڪافر توڙي مشرڪ سان، مخلوق- خدا سان نسبت ٿي
 

جنهن جي حسن و جمال جي خوشبو واسيو ساري عالم کي
شرف مليو مخلوق کي، تنهنجي صدقي ابن- آدم کي
 

جهل جي هر ڪنهن مڪتب کي، خود آگاهي جو ڄاڻ ڏنو
اکر اکر جو وکر وهائي، اکرن ۾اهڃاڻ ڏنو
 

صبر و تحمل شيوو جن جو، صبر و رضا تي تڪيو تن جو
شاهي هوندي فقر قبوليو، آن انهن جو شان ڇا هوندو
 

ظاهر خاڪي، باطن نوري، جسم جمال جو مظهر ٿيو
ڪاشف راز حقيقت ڪلي اُمي علم جو مصدر ٿيو
 

جن جي هستي مئلن ۾ ڀي روح وجهي ٿي جئرو ڪيو
تن جي هڪ آڱر جي اشاري چنڊ ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو
 

مخلوقن ۾ اشرف ٿي، ۽ عرش و فلڪ تي افضل ٿي
حجت دين حنيفي واري ارض و سما ۾ اڪمل ٿي
 

تيره سال مڪي جا مشرڪ، مدني مير جا دشمن ها
سر تي سختيون، صدما سهسين سيني اندر مدفن ها
 

عشق حسن لئه ٿي ويو آتو، خاڪ جو نور سان ٿي ويو ناتو
جوت جمال جي جلون وارو، پوش پرينءَ کي پرور پاتو
 

مرڪز هڪڙو، محور هڪڙو، ظاهر پردو، باطن هڪڙو
ذات صفات ۾ جذب ٿي ويڙي فيصلو تنهن دم ٿي ويو تڪڙو
 

سوچيندڙ سڀ خواب لهن، طلبيندڙ تعبير لهن
 طلب جو آتڻ ڪتيو جن، تن مطلوبن کي محب ملن

 

شيخ عبدالحليم ”جوش“

رنگ ۽ نسل جي ليڪن کي مٽائڻ آيو
امن، انصاف، مساوات، محبت، تقويٰ
اهڙي عالم ۾ جڏهن ڪو به نه هو ڪنهن جو سڄڻ
پيش ان ساڻ به آيو ٿي هو همدرديءَ سان

هو صداقت ۽ امانت جي علامت ٿيو اڳ
حسن - اخلاق، مروت ۽ رواداري سان
علم جو شهر هو، ايمان جو سرچشمو هو
 

باهه نفرت ۽ عداوت جي وسائڻ آيو
اهڙو پيغام زماني کي رسائڻ آيو
دشمنن کي به اتي دوست بنائڻ آيو
جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن کيس ستائڻ آيو
پوءِ هو پنهنجي نبوت کي مڃائڻ آيو
سنگريزن مان به انسان اپائڻ آيو
مرڪزِ دين هو، قرآن جو سرچشمو هو.
 

*

 الحاج رحيم بخش ”قمر“

محمد نبي آ، محمد امام
محمد مٺي تي صلواتون سلام.

محمد جي پيرن جي پارس پڻي
محمد جي جنت، محمد جو جام
محمد نبين جو به آهي نبي
محمد جو هر قول رب جو ڪلام
محمد جو جڳ آ، محمد جو تاج
محمد مٿي ٿي رسالت تمام
محمد جي ساوڪ، محمد جو سڀ
محمد کي محمود مليو مقام
محمد جي نالي تان صدقي وڃان
محمد جي گولن جو آهيان غلام.
 

محمد مٺو پاڪ ڪوثر ڌڻي
محمد مٺي تي صلواتون سلام
محمد جي طاعت ٿي طاعت ربي
محمد مٺي تي صلواتون سلام
محمد آ سورج، محمد سراج
محمد مٺي تي صلواتون سلام
محمد جو گلشن، محمد جو اڀ
محمد مٺي تي صلواتون سلام
محمد کي رشڪ ”قمر“ ٿو مڃان
محمد مٺي تي صلواتون سلام.
 

*

استاد بخاري

         (1)

عجب کائي ٿو ان امي تي عالم
جلايا جهل جا جنهن ڪارخانا
خدا جي دوستن جا دوست آهن
زمين تي گهر، اڀن تي آستانا
 

                      (2)

جنت به اها آ، جت ٽِلندو هوندين
سي جنتي جن ساڻ تون ملندو هوندين
دوزخ جو ٺري هانءُ ته پوندو هوندو
هن ڏانهن نهاري جي تون کِلندو هوندين
 

احمد خان آصف مصراڻي

 مصطفيٰ آيو ته دنيا تي اثر ٿيندا ويا
جي خدا کان بي خبر ها باخبر ٿيندا ويا

آمنه جي گود ۾ جيئن جلوه گر ٿيندا ويا
مصطفيٰ جي نور جا هي مختلف نالا ٿيا
کين سايو ڪو نه هو دنيا تي ٿيا سايه فگن
خاص محبوب خدا ها پر خدا جي خلق لئه
مصطفيٰ جي شان ۾ ڪيڏا به ِلک دفتر طويل
در محمد مصطفيٰ آصف پڙهون دم دم درود

ظلمتون گهٽبيون ويون روشن سحر ٿيندا ويا
شمس، ڪي ثاقب، ڪي انجم ڪي قمر ٿيندا ويا
پاڻ سامايا ته ڇورن جا ڇپر ٿيندا ويا
خير سان خيرالورا خيرالبشر ٿيندا ويا
در حقيقت مختصر کان مختصر ٿيندا ويا
آخرت جي واسطي سهڻا ثمر ٿيندا ويا

*

نشتر ناٿن شاهي

 درِ حبيب جي مدت کان جستجو آهي
اها تمنا ِاها آرزو آهي

نظر ۾ پيار، تڙپ ۾ خلوص هجي
ڏنو آ شان جهانن کي مصطفيٰ جي جنم
شباب و حسن مليو ڪائنات کي آهه
نظر جي ڏوهه، دلين جو قصور هي چئبو
چمڻ ڏي يار جي قدمن کي پاڪباز ذرا
نظر جو جام عطا ٿيو، خمار خوب مليا
نگاة شوق کي وسعت اگر هجي نشتر
 

ائين پو ڄاڻ!  سڄڻ روبرو آهي
حرم جو مان مديني جي آبرو آهي
جهان حسن ۾ بهتر هي خوبرو آهي
پري اسان هون، مگر ويجهو هو آهي
ازل کان منهنجي دهن جو ٿيل وضو آهي
زهي نصيب حقيقي مليو سبو آهي
جتي به ڏس اُتي يار روبرو آهي
 

*

 احمد خان مدهوش

  خدا جي ذات کان پوءِ جنهن جي ذات محترم آهي

انهيءَ هستي جي هستي سان جهان جي دم جو دم آهي

انهيءَ جي نام جي باعث بڻيو لوح و قلم آهي
خدا جي نور ۾ هيءُ نور اهڙي ريت ضم آهي
رڳو فخرِ عرب ناهي، رڳو نازِ عجم ناهي
ثريا، ڪهڪشان، شمس و قمر سجدا ڪري گذرن
خداءِ بي مثل جي، بي مثل محبوب جي ساراهه
زمين تي، آسمان تي، عرش ۽ تارن ستارن تي
مڪين عرش اعظم جي زيارت جي نه راحت پڇ
سرِ محشر حمايت ڪاڻ ايندو هوت حامي ٿي
گداگر آهيان مدهوش اهڙي شاهه جي در جو

خدا جو نام جنهن جي نام سان باهم رقم آهي
جو هن جي جسم نوراني جو پاڇو ئي عدم آهي
محمد ڪل جهانن جي مٿان ابرِ ڪرم آهي
ستارن جو به صبح و شام سرِ تسليم خم آهي
تعارف کان چڙهيل آهي، مثالن کان اُتم آهي
شهر يثرب سندو ساري خدائي تي قدم آهي
نه مٽ جنت جو در آهي، نه مٽ ديرو حرم آهي
گنهگارن، حقيرن کي نه ڳڻتي آ نه غم آهي
فرشتن جي تمنا جي جبين جنهن در تي خم آهي

نثار بزمي

شبستان- تمنا ۾

امام الانبيا آيو

انيس - بي ڪسان آيو

رسول - هاشمي

بڻجي بهار - جاودان آيو

شفيع - عاصيان آيو

*  *  *

منور ٿي وئي دنيا

جمال - روئي تابان کان

مديني جي فضا

رشڪ - جتان ٿي وئي

حضور آيو ته

عالم تي بهار آئي

نکار آيو

*  *  *

جڏهن پهرين اذان اُڀري

مديني مان

مچي ڪفر و ضلالت ۾ ويو

ڪهرام ۽ ماتم

درخشان ٿي وئي دنيا

جڏهن خيرالبشر آيو

*  *  *

اڳي نه ته رات ڪاري هئي

تراشي پٿرن کي

”ديوتا “ سڏبو انهن کي هو

”اهرمن“

ڏند ٽيڙي

حيثيت پنهنجي مڃائيندا هئا

يارو!

صنم خانا ۽

بت خانا

هئا هر جاءِ تي قائم

نوان معبود

۽ معبد

بڻايا ٿي ويا ڪيئي

ڪفر جو دور دورو هو

قيام - زندگي

بحر - الم ۾ غير ممڪن هو

بشير آيو

فصيح آيو

امين آيو

سراج مالڪين آيو

ته لاٽون

نور جون چمڪي ويون

سنسار ساري ۾

ملي ايمان جي دولت

ملي عرفان جي نعمت

ملي قرآن جي قربت

خدا جا شڪر ڳايون ٿا

دليون ڌوپي ٿيون

اُجريون

اکين ۾ روشني آئي

نبوت جي درخشان

تاج

اهڙو ڪنهن نه ٻئي

پاتو

جزاڪ الله ........

جزاڪ الله ........

خدا جو هي ڏنل

انعام زنده باد!

سر- عرش - برين

جنهن جي

خدا سان هم ڪلامي

ٿي

جهڪي َملڪن ڪيا سجدا

مان اُن جي شان ۾ ڪهڙي

ڪريان ڪا خامه فرمائي

جڏهن بلغ العليٰ آهي

جڏهن ڪشف الدجيٰ آهي

 

*

 بلاول پرديسي

 يا نبي ڪير توسان ڪري همسري

توکي ڪون و مڪان ۾ ملي برتري

سرورِ دوجهان، سرورِ ڪائنات
تنهنجي آمد سان روشن ٿيا چوڏهن طبق
جسم انسان ۾ ٿيو نور حق جلوه گر
وقت جي گود ۾ ظلمتن دم ڏنو
سينه دهر تان نقش باطل مٽيو
بي سهارن کي جڳ ۾ سهارو مليو
هر طرف امن و الفت جا روشن چراغ
جت حياتي ٿي سڏڪا ڀريا روز شب
هو سدا آدمي، آدميءَ جو غلام
جن جي مشڪل ۾ مشڪلڪشائي تو ڪئي
سي آگها پڻ ڌڻيءَ در اگهامي ويا
اڄ جو انسان وري آهه گمراهه ٿيو

تو سوا هئي هتي، تشنه پيغمبري
بزمِ دنيا ۾ شمعِ صداقت ٻري
هر طرف آهي جلون جي جلوه گري
صبح روشن جي ساعت سدوري سري
ڪفر جي ڪاڪ محلات پيئي ڏري
دل دکيل درد مندن سان ٿي دلبري
هر طرف روشني هر طرف رهبري
اُت اميدن جي رقصان ٿي حور و پري
سرڪشي نيٺ بي موت ويئي مري
هر مصيبت جي دريا منجهان ويا تري
جن تي هيڪر ڪرم جي نظر تو ڌري
تنهنجي دنيا کي گهرجي وري رهبري

پاڪ نالي تان سؤ بار صدقو ٿئي

مون ”بلاول“ سڪايل جي دلڙي چري

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com