سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :22

سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي

حضور ﷺ جن جو شان  ڀٽائي جي نظر ۾

 

(سنڌي ادبي بورڊ طرفان حڪم پهتو ته رسالي مهراڻ جي”سيرت نمبر“، جيڪو چوڏهين صديءَ جي اختتام ۽ پندرهينءَ صدي هجريءَ جي استقبال جي باري ۾ شايع ٿيڻ وارو آهي، اُن لاءِ حضور جن جي باري م ڪو مضمون يا نعتيہ شعر موڪليان- قاسمي صاحب جهڙي برگزيده عالم ۽ سنڌي زبان جي منفرد اديب جو چيو موٽائڻ جي مون کي جرئت ڪا نه ٿي سگهي، تنهن ڪري مضمون لکڻ جو ارادو ڪيم. ارادو ته ڪري ويهي رهيس پر سنبت ڪندي ئي دماغ ۾ ايترا ته خيال سمائجي ويا جو منهنجو دماغ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيوته لکان ته ڇا لکان! ۽ جي نه لکان ته ڇا نه لکان؟ ڇو جو اسان صوفي فقيرن جا حضور سرور ڪائنات جي باري ۾ جيڪي خيال آهن اُنهن جو برملا اظهار ڪرڻ سان شرع شريف جي تعزير جو سزاوار ٿي پوان ها- ڇاڪاڻ جو شرع شريف سراسر عقل آهي تصوف جو مسلڪ عشق. جتي عقل جو دنگ ٿو اچي، اُتان عشق جي منزل شروع ٿئي ٿي، عقل جي اوڇون ٿيڻ کان پوءِ ئي عشق رهبري ڪري ٿو. هاڻي جي عشق جي ڳالهين کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته ڪو ڦاسيءَ تي لٽڪيل نظر ايندو، ڪنهن جي جيئري ئي کل لٿل نظر ايندي ته ڪو گهاڻي ۾ پيڙبو ڏسڻ ۾ ايندو. تنهن ڪري تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيم ته بجاءِ انهيءَ جي جو آءٌ پنهنجن خيالن جو ِاظهار ڪريان، حضرت شاهه عبداللطيف جي زباني حضور ﷺ جن جي تعريف ڪريان ته بهتر ٿيندو. ائين ڪرڻ سان هي فقير به تعزير کان بچي ويندو ۽ دنيا کي به خبر پئجي ويندي حضور ﷺ جن جي  باري م شاهه صاحب جي ڪهڙي راءِ هئي. انهيءَ تمهيد کان پوءِ جيڪي به لکيو ويندو سو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خيالن جي عڪاسي سمجهڻ گهرجي)

اِهو ظاهر آهي ته صوفي فقيرن حضور ﷺ جن کي جنهن زاويئه نگاه کان ڏٺو، اٰن نظر سان دنيا حضور ﷺ جن کي نه ڏسي سگهي. جيڪڏهن ڪو به فرد حضور ﷺ جن کي اُنهي مخصوص نگاهه سان ڏسي وٺي ها ته اُهو به اسان جهڙو ئي بنجي پوي ها.

جيڏيون ڏٺان جي صورت ساهڙ ڄام جي،

ته سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڪاندن پاسي ڪي

منهانئي اڳي، گهڙيون سڀ گهڙا کڻي.

يا

جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏئين،

گهر ورنين سان، هوند گهڻن گهوري ڇڏئا.

يا

ڏٺان جي ٻروچ، مون جيئن هوت اکين سين.

مون کي چيان لوچ، پاڻا پيٺيون ڇپرين.

يا

ٻاروچو ٻيءَ ُڀت ، جيڪس ڏٺو جيڏيين،

مون جيئن موڙهن مت، پسنديئين پنهوءَ کي.

هتي هڪ اشتباه رفع ڪرڻ ضروري آهي- گهڻن ماڻهن جي اها راءِ آهي ته شاه صاحب حضور ﷺ جن کي ساهڙ سان، پنهوءَ سان، ٻيجل سان، مڱڻي سان يا ڪن ٻين ڪردارن سان تشبيهه ڏني آهي. اهو خيال سراسر غلط آهي- شاه صاحب کي حضور ﷺ جن جي باري ۾ پنهنجي خيال جي اظهار کي کولي بيان ڪرڻ کان ٻه ڳالهيون مانع هيون. هڪ ته حضور ﷺ جن جو نالو وٺي ڪجهه چوڻ ادب جي خلاف آهي. اهل تصوف حضرات، قرآن شريف جي ڪنهن آيت، ڪلمي يا صلوات ۾ آيل حضور ﷺ جن جي اسم مبارڪ کان سواءِ پنهنجي ڪنهن به خانگي گفتگو ۾ حضور ﷺ جن جي رُکي نالي وٺڻ کي بي ادبي سمجهندا آهن. جيئن هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته:

هزار بار بشويم دهن زمشک و گلاب

هنوز نامِ تو گفتن کمال بي ادبي ست

۽ ٻيو ته شاه صاحب جي وقت ۾ سنڌ ۾ ڪٽر مذهبي حڪومت جو دؤر هو- تنهن ڪري جي شاه صاحب حضور ﷺ جن جو ذڪر واضح طور تي ڪري ها ته ڪنهن نه ڪنهن اکر جي آڙ ۾ تعزير جو سزاور ٿي پنهنجي زندگي وڃائي ويهي  ها ۽ عوام سندس ڪلام ۽ پيغام کان محروم رهجي وڃي ها- تنهن ڪري شاه صاحب پنهنجو انداز بيان اهڙو اختيار ڪيو جنهن کي ادبي زبان ۾”مرموز اظهار خيال“ يا ڳجهارت جي طور تي ڪيل ڳالهه چيو ٿو وڃي- شاه صاحب جي شعر ۾ ڪي جايون اهڙيون به اچن ٿيون جن کي ڏور يا تلميح به چئي سگهجي ٿو، تنهنڪري اهو تصور اصل نه ڪيو وڃي ته شاه صاحب حضور ﷺ جن کي ڪهاڻيءَ جي ڪردار سان تشبيهه ڏني آهي بلڪ ائين سمجهيو وڃي ته شاه صاحب حضور ﷺ جن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪنهن ڪردار ۾ لڪائي يا ائين چئجي ته رومال ۾ ويڙهي بيان ڪيو آهي.

صوفي بزرگن جو اصل کان وٺي اهو خيال آهي ته حضور ﷺ جن جي نور جو ظهور ازل کان به اڳي ٿيل هو- ان باري ۾ هو حضور ﷺ جن جي حديث”اول ما خلق الله نوري“ ۽ ”لولاڪ لما خلقت الافلاڪ“ واري حديث قدسيءَ جو سهارو ٿا وٺن- ان باري م شاه صاحب فرمائي ٿو ته-

نڪا ڪُن فيَڪون هئي، نڪو لڱ لحم

بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين.

يا

نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا مورت ماه

نڪا سڌ ثواب جي، نڪو غرض گناه،

هيڪيائي هيڪ هئي، وحدانيت  واه،

لَکيائين لطيف چئي، ڳجهاندر ڳاه،

اکين ۽ ارواح، اها ساڃاءِ سپرين.

پروردگار عالم حضور ﷺ جن جي نورکي ته خلق ڪيو پر سواءِ اُن ذات پاڪ جي سندن نور کي لِکڻ يا پرجهڻ، پروڙڻ، ڏسڻ، پسڻ يا سمجهڻ وارو ٻيو ڪو به ڪو نه هو-

سهڻيءَ جا سينگار، اَڻ لکئا اڳي هئا،

نڪا ڪُن فيَڪون هئي، نڪا ٻي پچار،

ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،

محبت ساڻ ميهار، لايائين لطيف چئي.

يا

سهڻي کي سينگار، اَڻ لکئا اڳي هئا،

ڪُن فيَڪون ڪانه هئي، نڪا ٻي پچار،

مرڪي ساڻ ميهار، لايائين لنءُ لطيف چئي.

تنهن ڪري انهي نور جي خالق ارادو ڪيو ته انهيءَ نور کي لکڻ يا پرکڻ وارا ڪي پيدا ڪجن- بس پوءِ صرف”ڪُن“ جو آواز آيو ۽ ملائڪ، جنِ، دنيا، آسمان، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون وغيره هڪ لمحي کان به گهٽ وقت ۾ پيدا ٿي پيا-

جڏهن ڪُن فيَڪون چئي، خلقيا روح خداءِ ،

گڏ جت گذران هو، جڙ لڳي تنهن جاءِ،

مون توهين سين آهه،اُها ساڃاءِ سپرين.

يا

فيَڪون فدا ڪري، ڪهيائين سين ڪُن،

تعظيما تمام ڪري، پوءِ پٿريائين ڀون،

مارو تهائين مون، ڀينر ڀاڱي آئيو.

جڏهن روح خلقجي چڪا ته کانئن سڀ کان پهرين اِهو سوال ڪيو ويو ته”اَلَست بربڪم“ ڇا آءٌ اوهان جو رب آهيان؟ ته جواب آيو”قالو بليٰ“ چيائون ته ها(بيشڪ تون اسان جو رب آهين)- انهي”قالو بليٰ“ جو مفهوم صوفي سڳورا ِاهو ٿا وٺن ته انهيءَ وعدي ۾ الله پاڪ جي وحدانيت سان گڏو گڏ حضور ﷺ جن تي ايمان آڻڻ ۽ سندن پيروي سچي دل سان ڪرڻ به هڪ لازمي شرط آهي-

گهيڙ لنگهيو گهاري، ميثاقا ميهار سان،

اَلستُ بربڪم، قالو بليٰ، پر ِاها پاري،

ڏِسئو ڏيکاري، پرت پريان جو پيچرو.

يا

اَلست اَرواحن کي، جڏهن چيائون جيئن،

قالو بليٰ قلب ۾، ٿيو تناول تيئن،

محبتي ميهار جي، آءٌ نهوڙي نينهن،

سرتيون ساهڙ سينءَ، هلڻ مون حق ٿيو.

يا

اَلست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

اصل مقصد حضور ﷺ جن جي ذات ۽ سندن نور کي دنيا سان متعارف ڪرائڻو هو، تنهن ڪري اهانا بهانا ڪري حضرت آدم ۽ ڏاڏي حوا کي زمين تي لاٿو ويو- سندن ئي اولاد مان لکن جي تعداد ۾ نبي خلقي حضور ﷺ جن جي استقبال ۽ تعارف لاءِ دنيا جي تختي تي آندا ويا- آخر هڪڙو سڀاڳو ڏينهن اهڙو به اچي ويو جو حضور ﷺ جن هن دنيا کي پنهنجي مقدس قدمن سان نوازيو- انهي وقت جو تصور شاعرن جي دماغ ۾ هڪ عجيب قسم جو سرور ۽ مسرت پيدا ٿو ڪري- شاهه صاحب جن فرمائين ٿا:-

جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،

خاوند خاص خلقي، محمد ﷺ مڪائين،

ڪلمون تہ ڪريم تي چٽو چيائين،

اَنا مولاڪَ و اَنتَ محبوبي ائين اُتائين،

ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي.

جڏهن حضور ﷺ جن جو ظهور ٿيو ته پوءِ ٻئي پاسي نهارڻ جي ڪا به ضرورت باقي ڪا نه رهي:-

وحده ”لاشريڪ لہ“، جان ٿو چئين ِايئن،

ته مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،

سو تون وڃئو ڪيئن، نائين سر ٻين کي.

جن صحيح معنيٰ ۾ درست طريقي سان حضور ﷺ جن تي ايمان آندو تن جي باري ۾ شاه  صاحب چيو آهي ته:-

وحده، لاشريڪ لہ، جن اتم سين ايمان،

تن مڃئو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،

او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اولئا.

حضور ﷺ جن تي سچائيءَ سان ايمان آڻڻ وارن جي گمراه ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي-

اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم،

هيڪائي هيڪ ٿئا، احمد سين عالم،

بي بها بالم، آگي ڪيا اڳهين.

وري شاهه صاحب چوي ٿو ته:-

آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نور،

لاخوف عليهم ولا هم يحزنون، سچن ڪونهي سور،

موليٰ ڪئو مامور، انگ ازل ۾ ان جو.

جڏهن حضور ﷺ جن هن دنيا ۾ نزول فرمايو ته شاعر جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي ۽ بيساخته چئي ڏنائين ته:”سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾“

آگم ريءَ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،

سيڻن ريءَ سيد چي، روح نه رچن رنگ،

سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾

يا

جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار،

وهلو وڃائين ويو، ڪري غم گذار،

نظارو نروار، پي پيالو پنهنجو.

اڳ ۾ سندس نظارو ڳجهو هو پر هاڻي سندن آئي اهو نظارو نروار ٿي پيو سندن اچڻ جي خبر دنيا ۾ اهڙي پکڙجي وئي جو:-

بر مڙوئي بوءِ، ڇپر ڇائون مڪيون،

ٻہ ٻہ ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيئي هوءِ،

راِڻن وري روءِ، گندر لٿا گولين.

يا

جڏهن پيئي ڇٽ، ڇپر هوت پنهوءَ جي،

پر هي ويٺيون پٽ، گندر لٿا گوليين.

يا

جڏهن پيئي باس، ڇپر هوت پنهوءَ جي،

اديون آريچن جا، وڻن مڪا واس،

آيل پُني آس، پنهو آيو ڪيچ ۾.

شاهه صاحب حضور ﷺ جن جي استقبال جو حڪم هن طرح ٿو ڏئي:-

پکا پکاريو، ڄام تماچي آئيو،

گوندر لاهيو گندريون، آتڻ اُجاريو،

ڪينجهر قرارئو، سهي سام بخشئي.

سندن مبارڪ آمد جي خوشيءَ ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

پکن پوءِ پچار، اڄ تماچي آئيو،

مرڪن ملاحن جا، مٿي پانڌيءَ پار،

وڏي ڄام ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.

پاڻ ڪينجهر کي قراريائون، مياڻيون موکيائون يا سادن اکرن ۾ ائين چوان ته پاڻ هن دنيا ۾ تشريف فرمايائون ته سندن اچڻ جي ڪري هن دنيا کي جيڪي انيڪ فائدا حاصل ٿيا تن مان ڪن جو ذڪر ڪندي شاعر چوي ٿو ته:-

برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو،

لاٿو سڀ لوڪ تان ها ڙهي ڌڻيءَ هور

ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،

آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون.

هن بيت جي آخري سٽ غور طلب آهي- سسئيءَ وارو پنهون جڏهن ڀنڀور ۾ آيو هو ته ڀنڀور ۾ باهه ٻري وئي  سکي سهنجي سسئيءَ کي ڏکن جا ڏاڻ ۽ سورن جا سامان نصيب ٿيا- پنهوءَ جي ڪري سسئيءَ کي جبل جهاڳڻا پئجي ويا، جهنگن ۾ جهوتون ڏيڻون پيون ۽ کيس برن ۾ ڀٽڪڻو پئجي ويو- برعڪس اُن جي هي پنهون يعني حضور ﷺ جن آيا ته گناه گارن گناهن کان توبه ڪئي، حضور ﷺ جن جي نقش قدم تي هلي ماڻهو صراط المستقيم جا سونهان ٿيا، مطلب ته ڀنڀور يا هي جهان جيڪو سڀني خرابين جو حامل هو سو سڌري پيو ۽ انهي آرياڻي اچي ڀنڀور تان ڏک ڏولاوا ڏور ڪيا. ماڻهن کي سنئين راه سونهائي ۽ بجاءِ ڏک ويٺلن(سکين سهنجين) کي ڏکيو ڪرڻ جي پاڻ ڏکين کي اچي ڏِک ويهاريائون يعني کين سورن مان ڪڍي سکيو ڪيائون.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن حضور ﷺ جن جي نعت چوڻ شروع ٿو ڪري ته واهڙ وهايو ڇڏي. سندس رسالي مان حضور ﷺ جن جي باري ۾ چيل نعت جو مختصر انتخاب ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بهرحال آءٌ مضمون جي گنجائش کي مد نظر رکندي ڪجهه مثال پيش ٿو ڪريان- شاهه صاحب چوي ٿو ته:-

جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيہ ۾،

مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

فڪان قاب قوسين، اي ميسر ٿيس مڪان،

آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

فڪان قاب قوسين جي اپٽار اڳتي هلي ڪبي. هتي صرف اهو ڏسڻ مقصود آهي ته شاهه صاحب حضور ﷺ جن جي تعريف ۽ نعت ڪهڙي سهڻي نموني سان ڪئي آهي. هڪ بيت ۾ شاهه صاحب چوي ٿو:-

راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آديسي آيو،

چوڏهينءَ ماه چنڊ جيئن، ڪيو ساميءَ سهائو،

لٿو اونداهو، جوڳيءَ سندي جوت سان.

يا

راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي،

کٿوريءَ خوشبوءِ سين، ولات سڀ واسي،

سوڌو سناسي اُتاهين ٿي آئيو.

حضور ﷺ جن کان اڳ ۾ سندن استقبال لاءِ سندن پيغام جو ڪو ٿورڙو حصو کڻي جيڪي نبي يا پيغمبر يا تن سان حضور ﷺ جن جي ڀيٽ ڪندي شاهه صاحب فرمايو ته:-

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ملهه،

سسي جي سهاڳ جي، ڪنهن نه پوي ڪل،

مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.

يا

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ،

جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا،

مٽي تہ ماڳا، اصل هئي ايتري.

ڪنهن به ٻئي نبيءَ کي معراج جو رتبو نصيب ڪو نه ٿيو- جيڪڏهن حضرت عيسيٰ کي زمين تان مٿي کنيو ويو ته به کيس چوٿين آسمان تي ترسايو ويو، پر حضور ﷺ جن کي معراج ۾ اهڙي جاءِ تي گهرايو ويو جنهن جاءِ جي ويجهو جيڪڏهن حضرت جبرئيل جهڙو مقرب ملائڪ به وڃي ها ته سندس پر سڙي وڃن ها. صوفي فقير جڏهن حضور ﷺ جن جي معراج ماڻڻ جو تصور ڪن ٿا ته سندن تخيل به انتهائي بلندين تي پهچيو وڃي- معراج تي گهرائجڻ کان اڳي حضور ﷺ جن جي پرخلوص ۽ حد کان وڌيڪ نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ واري عبادت يعني پنهنجي عبديت جي اظهار واري انمول ادا جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو ته:-

نرتي تند نياز سين، ٻيجل ٻرائي،

راجا رتولن ۾، ورنائي وائي،

ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارٽ ٻاجهائي،

راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.

يا

نرتي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل،

راجا رتولن ۾، اُتائي امل،

راز ڪيائين راءِ سين، ڪهه موچاريءَ مهل،

انا احمد بلا ميم سئن هنئين سائل،

ڪہ ڪہ پيئي ڪل، ته هر دوئي هيڪ ٿيا.

يا

ڪنين ڪنين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي،

رسئا جي رمز کي، تن پارسي پائي،

اَلاِنسان سري و اَنا سره، ورتي ِايءَ وائي،

راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.

جيڪڏهن خيالن جي بلندي اهڙي منزل تي پهچي وڃي ته پوءِ انسان جي لاءِ ِاهو لازم ٿيو پوي ته هو”حقيقت ِ محمديءَ “ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙي مقام تي پهچڻ جي لاءِ ”فڪان قاب قوسين“ جو سهارو وٺڻو ٿو پوي.

مونا طور سينا، سدا سناسين

سجده ۾ سيد چي، گوڏا گودڙين،

”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ ٿا نانگا اينءَ نمن.......الخ-

هي بيت ڊگهو هئڻ جي ڪري سڄو نٿو ڏيان. هتي صرف ”فڪان قان قوسين او ادنيٰ“جي معنيٰ تي غور ڪرڻ آهي- ِان آيت جي لفظي معنيٰ اها آهي ته (الله پاڪ ۽ حضور ﷺ جن جي وچ ۾ معراج واري وقت) صرف ٻن ڪمانن جيترو يا ان کان به گهٽ مفاصلو هو). هاڻي سوال ِاهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو ٻن ڪمانن وارو مفاصلو ڪيئن ماپجي- اهل تصوف حضرات جي خيال موجب جيڪڏهن ٻن ڪمانن کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اُڀو ڪري بيهاربو(هن شڪل () وانگر) ته ٻنهي ڪمانن جا هيٺيان ۽ مٿيان ڇڙا پاڻ ۾ مليل نظر ايندا، صرف وچ واري حصي ۾ ڪجهه وڇوٽي نظر ايندي- جيڪڏهن هيٺيان ڇيڙا پاڻ ۾ مليل آهن ته”ونحن اَقرب اِلة مِن حبل الوريد“ ۽ جيڪڏهن مٿيان ڇيڙا پاڻ ۾ ملن ٿا ته”اَنا احمد بلا ميم“- مطلب ته راجا راڳائي هر دوئي هيڪ پيا سمجهڻ ۾ اچن. پر جيڪڏهن انهن ٻنهي ڪمانين جي وچ وارن حصن ۾ اهو مفاصلو رهجي نه وڃي ها ته”بلاميم“ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿئي ها- انهي پارسيءَ کي پائڻ کان پوءِ شاه لطيف جيڪي سمجهيو آهي، تنهن کي هن طرح لفظن جي پهراڻ ٿو پارائي:-

ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪو نه وسيلو وچ،

سائي تان تندن جي، سائي چارڻ ِچت،

جي هتي جي هُت، ته ڳالهه مڙيائي هيڪڙي

يا

پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين.

هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا.

يا

احد احمد پاڻ ۾ وچان ميم فرق،

آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.

جيئن ته اهي ڳالهيون عام سمجهه کان بالاتر آهن ۽ انهن رازن ۽ رمزن کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ عام انسان جي وس کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري شاهه صاحب ماڻهن کي خاڪي ۽ نوريءَ“ جي اُلجهيل مسئلي کي سلجهائڻ جي خيال سان عام فهم زبان ۾ سمجهائي ٿو ته:-

هٿين پيرين ارکڻين، منهن نه مهاڻي،

جيئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،

اصل هئي ان ۾، اهل ڄاماڻي،

سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.

يا

نه وڍي نه وڪڻي، نه کڻي نه کاءِ،

پاڪ رکيائين پڃرو، تن تماچيءَ لاءِ.

تنهن کي گندري چوڻ گناه، جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهلي پيو.

اهڙيون سونهپ جون ُسڌيون ڏيندي شاه صاحب جڏهن حضور ﷺ جن جي تعريف ڪئي آهي يا سندن نعت چئي آهي ته اُتي زمين آسمان جا قلابا ملائي ڇڏيا اٿس- چوي ٿو ته:

روءِ راڻي جي ناه ڪو سوڍو سوائي،

بدو ٿئا لطيف چي، لالي تنهن لاءِ،

ڪانهي بي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو

 

روءِ راڻي جي ناه ڪو، سوڍو سڀن سونهن،

لاٿائين لطيف چي، مٿان دلين دونهن،

ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

 

ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو ِاجهو آرياڻي،

چونڊي رکيم چت ۾، ساڄن سڃاڻي،

جا وندر وڪاڻي، تنهن جو موٽڻ ڪو مس ٿئي.

 

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جنين جي پاند سين لڳو ٿئي لڄ،

سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري ان سين.

 

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي جوءِ،

هڪ نه آڇي اُوءِ، جي ڏسي ڏوه اکين سين.

سياڻن سچ چيو آهي ته صحيح معنيٰ ۾ سچو سڄڻ اهو آهي جيڪو ڍڪ ڍڪي ۽ عيبن جي اُپٽار نه ڪري- انهي نڪتي کي بنياد بڻائي شاه صاحب حضور ﷺ جن جي باري ۾ فرمائي ٿو ته:-

ڪانڌين ڪيترا، مون ور وڏي ڪاند،

پاڻا ڍڪن پاند، ڏسي ڏوه اکين سين.

يا

ڪانڌين ڪيترا مون ور وڏي ذات،

لوڪ نه آڻي وات، جي ڏسي ڏوه اکين سين.

يا

ڪانڌين ڪيترا، مون ور وڏي وَٿَ،

مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.

حضور ﷺ جن جي مرتبي کي صوفي فقير ڪيترو مٿي ٿا سمجهن، ان جو اندازو اوهين هيٺين بيتن مان لڳائي سگهو ٿا:-

مونهان ُسڌيون ڏين، هن ديواني درياه جون،

ڪوڙ اوڏائي ڪين ڪن، رڳو سچ سودين،

عجز جو اڌ رات کي، وکر وهائين،

ساٿ نباهيو نين، ثابت انهي سير مان.

يا

ڏٿ نه کُٽو ڏوٿئين، جيڪي ڏٿ ڪرين

اهڃانيون عالم جون، اوريائين آڻين

تهان پوءِ ڏسين، پريان سندي ڳالهڙي.

يا

ڏٿ گهڻائي ڪن، ان اوراهين ڏيهه جو

سندا کاهوڙين، پري سجهن پيچرا.

اهڙي هادي رهنما جو هن دونهائيل دنيا ۾ اچڻ غنيمت آهي.

ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن

نور تجلو نور سين، نمئو نين پسن

خيمي ۾ کنگهار جي، چانڊوڻا چمڪن

لڌائين لطيف جي سندا ڏاڻ ڏسين

تيلاه ملڪ ڌڻين، مڃئو مڱڻهار کي.

حضور ﷺ جن جي سخاوت ۽ فيض رسانيءَ جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو

پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار

آهي مثل مينهن جي، سخي تنهن جي سار

حاتم هڙده هزار، جهڙ تنهن جي جهپئا.

يا

جهڙ تنهن جي جهپئا، هزارين حاتم

ڪوجهن سندا ڪم، ڪامل ريءَ ڪير ڪري.

يا

سما تو سر ڇٽ، نه ته پاڳارا پرس ٻئا

ڳهڻ تنهن جي ڳڃڙي، اچي جال جگٽ

جن جيهائي پٽ، تن تيهائي بکئا.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي سخيءَ جي در تي صدا ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان هڻجي؟ ان جو جواب لطيف سائين هيئن ٿو ڏئي:-

ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، هيءُ در اٻوجهن جو

اِن در سيئي اگهيا، جن نه ڀايو پاڻ

ريجهاڻو راڄاڻ آهي اجهو جنهن جو.

يا

ميراسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪئا

سٻوجهن سئا، اٻوجهن آسرو

يا

ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي، ٻجهان ٻاجهه ٿئي

سپڙ سا سئي جيڪا چارڻ چت ۾

هن کان پوءِ شاه صاحب پاڻ سوال ڪري يا صدا هڻي ٿو سمجهائي ته جي گهرڻو اٿوَ ته هن نموني سان گهرو:-

تون سمو آءٌ گندري،مون ۾ عيبن لک

هن منهنجي حال جي توکي سڀ پرک

ڪارڻ رب الک، متان مانڱر مٽئين.

يا

تون سم آءٌ گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ

پسي ککيءَ کوڙ، متان مانڱر مٽئين.

يا

تون سپڙ آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتر آءٌ ڏڏ

سڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.

يا

تون سپڙ آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار آءٌ ڏوه

تون پارس آءٌ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.

يا

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا

مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون

جي گهر اچي مون، ته ميريائي مان لهان.

آخر ۾ لطيف فيصلو ٿو ڪري ته:-

جي تون آسائتو آهين ، ته وَنءُ جکري لائي

متان وڙ وڃائيين، ڪنهن ٻئي در ليلائي

سمي سامائي، چنتا لٿي چارڻين.

ليڪن ان ۾ هڪڙو ۽ صرف هڪڙو شرط آهي، جنهن جي پوئواري ضرور ڪرائڻي آهي- جي اهو شرط پورو نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪا به اُميد رکڻ بيڪار ثابت ٿيندي.

اهو شرط هي آهي ته:-

سڱ ڪري سين سينهن، ڪنڌ ۾ ڦيرج ڪيڏهين

رهج راڻي پٽ ۾، نرتئون منجهان نينهن

اينءَ  م وسج عام تي، جيئن مومل وسن مينهن

سندي حشر ڏينهن سوڍوساريندينءَ گهڻو.

اسان صوفين کي اهو ٻڌائيندي ڪا به هٻڪ ڪا نه ٿي ٿئي ته حضور ﷺ جن جي باري ۾ جيڪي به ڪجهه چيو ويو آهي ته سو حضور ﷺ جن جي اصلي مرتبت کان گهڻو گهڻو گهٽ آهي يا حضور ﷺ جن جي شان اَقدس ۾ جيڪي به ڪجهه لکيو ويو آهي اُن کان حضور ﷺ جن جو رتبو گهڻو گهڻو مٿي آهي، ڇو جو ِانساني فهم يا تدبر اُنهن بلندين تائين پهچڻ کان قاصر آهي، تنهن ڪري مجبوراً ائين ٿو چوڻو پوي ته:-

هر چند و صفت مي کنم، ليکن ازان بالاتري.

*

 

۽ احسان ڪريو. الله احسان ڪرڻ وارن کي پيارو گهري ٿو.           (القرآن)

*

بيشڪ الله توبہ ڪرڻ وارن کي پنهنجو دوست بنائي ٿو ۽ صفائي رکڻ واري کي به.

القرآن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com