سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :20

عزيز الله عزيز بروهي

حَياتِ مُقدَس سَروَرِ ڪَائِنَات

 

حضور ﷺ جن جي ولادت با سعادت ماه ربيع الاول جي 12 تاريخ سومر ڏينهن ٿي(زرقاني علي المواهب). صبح جو وقت هو، مڪه معظمه محله شعب بنو هاشم ۾ ان هنڌ ظهور فرمايائون جيڪو اڄ ڪلهه”مولدالنبي“ جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ وقت اصحاب فيل جي واقعي کي 50-55 ڏينهن گذري چڪا هئا. غالبا عيسوي سال موجب 20 اپريل 571ع جي تاريخ هئي. ابتدا ۾ هفتي تائين خود سيده آمنه نبي ڪريم ﷺ کي کير پيئاريو، ان بعد ثوبيه جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ حضور ﷺ جن جي تولد جي خوشيءَ ۾ ابو لهب آزاد ڪيو هو، کير پيئاريو. انهن ڏينهن ۾ طائف جي آسپاس قبيلي سعد بن بڪر بن هوازن جا ماڻهو رهندا هئا. ان قبيلي جي ڪجهه عورتن جو معمول هو ته هڪ خاص مند ۾ اچي قرشين جي کير پيئاڪ ٻارن کي نيئي ٻن سالن تائين ٿڃ پيئاري پوءِ واپس آڻي سندن والدين کان حسب توفيق انعام اڪرام حاصل ڪنديون هيون. عرب به پنهنجا ٻار انهن جي حوالي ڪندا هئا، جيئن هو ٻهراڙيءَ جي خوشگوار فضا ۾ پلجي تندرست ۽ توانا ٿين.

جنهن سال حضرت سيدالانام جن عالم ظلمات ۾ جلوه گر ٿيا تنهن سال انهيءَ قبيلي جون ڏهه عورتون مڪه معظمه آيون جن ۾ بي بي حليمه بنت ابوذويب عبدالله بن حارث به شامل هئي.

بي بي صاحبه جو بيان آهي ته جڏهن مان مڪي آيس ان وقت سخت ناداري ۽ تنگدستيءَ سبب منهنجي ڇاتين مان کير صفا خشڪ ٿي ويو هو ان ڪري منهنجو کير پياڪ ٻچو بک کان دانهون ڪندو هو. اسانجي ڏاچيءَ ۾ به ڏڪر سبب ايڏو کير نه هو جو ٻار کي پيئاريان.

ان سفر ۾ مون سان مڙس به ساڻ هو، ٻين عورتن مون کا اڳ ۾ خوشحال گهراڻن جا ٻار هٿ ڪري ورتا، فقط حضور ﷺ جن ئي باقي رهيا هئا. کين يتيميءَ سبب ٻين عورتن نه کنيو هو. پنهنجي مڙس کي چيم ته ٻيو ڪو ٻار نه آهي، خالي هٿين واپس ٿيڻ نٿي گهران، هن يتيم کي نيندس، متان ان جي برڪت سان خداوند ڪريم اسان کي خوشحالي نصيب ڪري، منهنجي مڙس سندم خيالن جي تائيد ڪئي(سيرت ابن هشام)

بي بي آمنه وٽ وڃي عرض ڪيم ته تنهنجي فرزند کي وٺي ويندس، پاڻ خوشيءَ سان هائو ڪئي. ان وقت سيد البشر جن ستل هئا. ازراءِ شفقت کين نه جاڳايم. منهن مبارڪ ڏسڻ سان فريفته ٿيس ۽ کڻڻ جي خيال سان سندن سيني مبارڪ تي هٿ مس رکيم تي اکيون کولي مشڪيا. کين پيشاني مبارڪ تي چمي ڏنم.

الغرض رحمة للعالمين کي کڻي پنهنجي مڙس وٽ پهتس. محبوبِ خدا کي ڏسڻ سان هو به پروان ٿي پيو. جڏهن آٰقاءِ نامدار کي کير پيارڻ جي خيال سان جهوليءَ ۾ رکيم ته منهنجي ڇاتي کير سان ڀرجي آئي. پاڻ ۽ سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ ٻنهي ڍءُ ڪيو. اسان جي ڏاچيءَ به سرڪار دو عالم جي برڪت سان ايترو کير آندو جو زال مڙس ٻنهي پي خوب ڍءُ ڪيو. صبح ٿيڻ تي واپسيءَ جي خيال سان ڏاچي تي چڙهي هلياسين ته اها ايتري قدر تيز ٿي هلي جو قافلي وارا ٻيا پهچي به نه پئي سگهيا.

بي بي حليمه فرمائن ٿيون ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فقط هڪڙي طرف جو کير پيئندا هئا، ٻئي پاسي آڻڻ سان منهن ڦيرائيندا هئا. مطلب هو ته ٻيو پاسو منهنجي ٿڃ شريڪ ڀاءُ جو آهي. ثابت ٿيو ته عدل انصاف سندن فطرت ۾ ڄائي ڄم کان ئي هيو. (الروض الانف)

پاڻ ٻين ٻارن سان ڪڏهن به اجائي راند روند نه ڪيائون. سندن رضاعي(ٿڃ شريڪ) ڀاءُ جو نالو عبدالله بن حارث هو. رضاعي ڀينرون انيسة بنت حارث ۽ جدامہ بنت حارث معروف شيما، جيڪي غزوه حنين ۾ پاڻ وٽ گرفتار ٿي آيون هيون، کين باعزت آزاد ڪري وطن واپس ڪيائون.

سرڪار دو عالم کي پورا ٻه سال کير پياري بي بي حليمہ واپس مڪہ معظمہ آندو، ليڪن آرزو هيس ته هي بابرڪت شهزادو اڃا به ڪجهه وقت وٽس رهي. بي بي آمنه کي اهڙين التجائن کانپوءِ راضي ڪري وري حضور انور ﷺ کي واپس پنهنجي گهر آندائين. ڪجهه وڏو ٿيڻ بعد پاڻ سڳورن ﷺ جن هڪ ڏينهن بي بي حليمه کي فرمايائون ته منهنجي خواهش آهي ته پنهنجي رضائي ڀاءُ سان گڏ ٻڪريون چارڻ وڃان. جنهن سندن خواهش جو خيال رکندي موڪل ڏني ۽ سرمو توڙي لٽا پارائي ٻڪرين سان موڪليو.

(مدارج النبوت)

هڪ ڏينهن جيئن ئي ٻڪرين سان هئا، منجهند جي وقت حضرت جبرئيل سندن سينو مبارڪ چيري سوني ٿالهيءَ ۾ رکي آب زمزم سان ڌوئي سڄو اندر اُجاري پوءِ ان کي وري ساڳي هنڌ رکي ٻيهر سينو مبارڪ درست ڪري ڇڏيو. اها حالت ڏسي ڌنار ڀڄي اچي بيبي حليمه کي احوال ڏنو. ان تي ماڻهن ڊوڙندي اچي ڏٺو ته پاڻ سڳورا پريشان حال بيٺا آهن. بيبي حليمه جي مڙس اچڻ سان کين ڀاڪر پائي سيني لڳايو ۽ مٿي تي هٿ رکي پڇا ڪئي، پٽ ڇا حال آهي؟ فرمايائون ته سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس ٻه ماڻهو مون وٽ آيا ۽ سمهاري سينو چاڪ ڪري دل ۽ اندر ڌوئي وري انکي ساڳئي هنڌ رکي سينو درست ڪري غائب ٿي ويا، خبر نه آهي ته ڇو آيا هئا، ڇاجي تلاش هين(مواهب لدنيه).

مٿين واقعي بعد سندن رضاعي والدين کي خوف جاڳيو، صلاح ڪيائون ته کين واپس پهچايون متان ڪو نقصان نه پهچين. انڪري ٻار سميت زال مڙس مڪہ معظمہ پهتا. بي بي حليمه چيو ته، مان ته هن بابرڪت ٻار کي پاڻ کان جدا ڪرڻ نٿي گهران ليڪن ممڪنہ حادثن سبب کيس وٺي آيا آهيون، جيئن اوهانجي امانت صحيح سلامت اوهانجي حوالي ڪريون. آخر جڏهن باصرار واپس آڻڻ جو سبب پڇيو ويو ته بي بي حليم مجبوراً سمورو قصو بيان ڪيو. سيده بي بي آمنه فرمايو ته توهان کي خوف آهي ته متان شيطان هن ٻار کي نقصان پهچائي! شيطان هن تي ڪنهن به صورت ۾ قابض ٿي نه سگهندو، خدا جو قسم هي ٻار وڏي شان وارو آهي. ان بعد بي بي آمنہ سندن اهي معجزا بيان ڪيا جيڪي ولادت وقت يا ان کانپوءِ ظاهر ٿيا(البدايه و النهايه). واقدي حضرت ابوبڪر صديق رضه جو بيان روايت ڪندي لکي ٿو ته جنهن وقت پاڻ ڪريم ﷺ جن بي بي حليمہ کان واپس آيا ته ان ڏينهن سندن پيدائش جا پنج سال ٻه  ڏينهن گذري چڪا هئا (عيون الاثر). جڏهن سندن عمر ڇهه سال ٿي ته سيده بي بي آمنه کين مديني منوره حضرت عبدالمطلب جي ناناڻن ڏانهن وٺي ويئي جيئن ڄاڻ سڃاڻ ٿي وڃي. سندن ٻانهي برڪه بنت ثعلبه جيڪا اُم ايمن جي لقب سان مشهور آهي، ساڻ هين. ام ايمن جو بيان آهي ته مديني منوره ۾ قيام دؤران مون يهودين جي هڪ جماعت جي ماڻهن کي ڏٺو ته اچي حضور ﷺ جن کي چتائي ڏسي ويندا هئا. ڪنهن ڏينهن هڪڙي يهودي کي چوندي ٻڌم ته هي شهزادو امت جو نبي ۽ هي شهر سندس دار هجرت آهي. هن جو اهو قول بلڪل ياد ڪري ڇڏيم(ابن سعد). بي بي آمنه اتي هڪ مهيني جي قيام بعد جڏهن واپس ٿي ته ”ابواء“ واري هنڌ، جيڪو مڪہ معظمہ ۽ مديني منوره جي وچ تي آهي، بيمار ٿي گذاري ويئي. کيس سپرد گور ڪرائي ام ايمن، سيد عالم کي ساڻ وٺي واپس مڪي پهتي(ابن سعد). مادر مهربان جي سايه شفقت کڄي وڃڻ بعد پاڻ ڪريمﷺ  جن کي سندن ڏاڏي پنهنجي تربيت ۾ ورتو. حضرت عبدالمطلب پنهنجي اولاد ۾ سڀ کان صغر سنيءَ جي باوجود کين زياده معزز ۽ مڪرم رکندو هو. حضور جن جي بغير ڪڏهن به اڪيلي ماني نه کاڌائون.

هڪ روايت آهي ته نبوت ملڻ بعد هڪ دفعي حضور ﷺ جن کان پڇيو ويو ته اوهان کي عبدالمطلب جي وفات ياد آهي؟ فرمايائون هائو. مان انوقت اٺن سالن جو هوس. عبدالمطلب جي عمر 82 سال هئي. ڪن جو چوڻ آهي ته 110 سال هئي (طبقات ابن سعد). حضرت عبدالمطلب وفات وقت پاڻ ڪريم جن جي سار سنڀال جي وصيعت سندن چاچي ابو طالب کي ڪئي. حضرت ابوطالب کي حضور ﷺ جن سان بيحد محبت هئي. ڪثير عيال هئڻ باوجود کين پنهجي اولاد تي ترجيح ڏيندي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. حضرت ابوطالب جي گهر واري(پاڻ ڪريم ﷺ جي چاچي) فاطمه بنت اسد به وسئون نه گهٽايو ۽ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ مڙس جي برابر حصه دار هئي. هجرت بعد جڏهن مديني ۾ وفات ڪيائين ته آقاءِ نامدار جن هن لاءِ پنهنجو جبو بطور ڪفن ڏنو(اسدالغابه). هڪ دفعي حضرت ابوطالب تجارت لاءِ سفر شام اختيار ڪيو ته حضور ﷺ جن کي به ساڻ وٺي هليو. پاڻ ڪريم جو هي پهريون بيروني سفر هو. ابن سعد جي بيان موجب انوقت سندن عمر مبارڪ 12 سال هئي. جڏهن قافلو شام جي سرحدي شهر بصريٰ وٽ پهتو ته ان جي ٻاهران هڪ هنڌ منزل ڪئي. اتي بحيرا نالي هڪ راهب به پنهنجي عبادتگاهه ۾ رهندو هو جيڪو مسيحي دين جو وڏو عالم پرهيزگار ۽ صاحب ڪشف و ڪرامت هو. انجيل، توريت ۽ ٻين آسماني ڪتابن ۾ نبي آخر زمان جون نشانيون پڙهيون هئائين. حضور ﷺ جن کي انهن علامتن ڪري بخوبي سڃاڻي پئي سگهيو. هي عاشق رسول ڊگهي عرصي کان ديدار جي انتظار ۾ هتي گذاري رهيو هو. خبر هيس ته آقاءِ دوجهان، ختم المرسلين قريش قبيلي مان پيدا ٿيندو تنهنڪري جڏهن به قريشن جو ڪوئي تجارتي قافلو اتي ترسندو هو ته ڏنل نشانين جي روشنيءَ ۾ سندس متجسس نظرون سرور ڪونين جي تلاش ڪنديون هيون. اهڙو ماڻهو نظر نه اچڻ جي صورت ۾ حسرت کي دل ۾ سانڍي واپس ايندو هو. گهڻي وقت کان هر سال اهو معمول هيس. خوش قسمتيءَ سان هن دفعي ڇا ٿو ڏسي ته هڪ جهڙ جو ٽڪرو هڪڙي شهزادي کي ڇانو ڪندو اچي ٿو. قافلو قريب آيو ته ڏٺائين ته هر شجر و حجر هن کي السلام عيلڪم يا رسول الله چئي رهيو آهي. معمول مطابق قافلو بحيرا جي خانقاه وٽ ترسيو، ماڻهو سامان لاهي رهيا هئا ته بحيرا اچي حضور ﷺ جن جي هٿ مبارڪ کان وٺي چوڻ لڳو مونکي قطعي يقين آهي ته هي نونهال سيدالعالمين خاتم النبيين آهي. رب السماوات والارض هن کي رحمت للعالمين ڪري موڪليو آهي. اهل قافلي جنهن کي سلطان دوجهان جي عظمت جو احساس ۽ ڪو ظاهر مشاهدو نه هيو، اهو ٻڌي حيرت زده ٿي پڇيو توکي ڪيئن اها خبر پيئي؟ بحيرا پنهنجي مشاهدي ۽ ڏسيل نشانين جو زڪر ڪيو ته هن کي شجر و حجر سلام چئي رهيا هئا(الروض الانف).

بحيرا، جنهن کي سالن جي جستجو بعد هي گوهر هٿ آيو، سڀني قافلي وارن کي دعوت ڪري خانقاه وڃي کاڌو تيار ڪرڻ لڳو قافلي وارا کاڌو کائڻ خانقاه ويا ته بحيرا سرور ڪونين کي برابر غور سان تڪيندو رهيو. جڏهن ماڻهو ماني کائي واپس ٿيڻ لڳا ته پاڻ حضور ﷺ جن کي اتي ٿورو ترسڻ لاءِ چيو. سيدالبشر ۽ سندن چاچو اتي رهيا. بحيرا سندن رونما ٿيل علامتون آسماني ڪتابن موافق ڏسي اطمينان ڪري مهر نبوت کي چميو. پاڻ ڪريم ﷺ جي نبوت جي تصديق ڪري ايمان آندائين. بحيرا اهو نفس قدسيه آهي جنهن قبل نبوت ايمان آندو(ابن جرير طبري). بحيرا حضرت ابو طالب کي مشورو ڏنو ته اتان ئي واپس ٿيو ڇو ته شام ۾ يهودي گهڻا ۽ نبي آخر زمان جا دشمن آهن متان ڪو فتنو نه اٿاريو وڃي(ابن سعد). حضرت ابوطالب پنهنجو تجارتي مال بصري ۾ وڪڻي اتان ئي واپس مڪہ معظمہ آيو(مدارج النبوة). ٻارهن سالن جي عمر ۾ حضور ﷺ جن کي سندن چاچي ٻڪرين چارڻ ۾ لڳايو. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته اهڙو ڪو به نبي نه گذريو آهي جنهن ٻڪريون نه چاريون هجن. مان مڪي جي علائقي قراريطه موضع جياد وٽ ٻڪريون چاريون آهن (بخاري ۽ ابن ماجه). سندن عمر مبارڪ 20 سال ٿي ته پاڻ واپار ڪرڻ لڳا. ان وقت دستور هو ته مالدار ماڻهو ڪنهن تجربيڪار ۽ ديانتدار شخص کي واپار لاءِ پنهنجو سرمايو ڏيئي نفعي ۾ حصو مقرر ڪندا هئا. بي بي خديجة الڪبريٰ، جنهن جو حسب نسب پنجين پيڙهي ۾ حضور اڪرم ﷺ سان ملي ٿو، معزز خاتون نهايت شريف النفس، پاڪيزه ۽ مالدار هئي. جاهليت جي زماني ۾ ماڻهو کيس طاهره ۽ سيدة النساءِ قريش چوندا هئا(زرقاني). اڪثر ماڻهو سندس دولت مان تجارت ڪندا هئا. ماڻهن وٽان حضور ﷺ جن جي ديانت ۽ شرافت جون خبرون وٽس پهچي چڪيون هيون، تنهن ڪري کين گهرائي چيائين منهنجو تجارتي مال شام کڻي وڃو، نفعي ۾ ٻين کي جيترو حصو ڏيندي آهيان توهان کي ان کان ٻيڻو ڏيندس. پاڻ ﷺ خوشيءَ سان قبول فرمائي تيار ٿي هليا(سيرت ابن هشام). بي بي صاحبه پنهنجو غلام ميسره به ساڻن موڪليو. بصريٰ وٽ هڪ وڻ هيٺان منزل ڪرڻ خاطر لٿا. اتي نسطور نالي هڪ راهب رهندو هو جتي عبادتگاهه به هيس. ٻاهر نڪري ميسره کان پڇيائين، وڻ هيٺان هي شخص ڪير آهي؟ ميسره چيو حرم جو قريش آهي. راهب چيو هن وڻ هيٺان سواءِ نبيءَ جي ڪوئي نه لٿو آهي. پوءِ پڇيائين ته ڇا سندس اکين ۾ ڳاڙهاڻ آهي؟ ميسره چيو هائو. راهب چيو ته اهو خاتم الانبياءِ آهي(سيرت ابن هشام). راهب حضور ﷺ جن جي ويجهو اچي سندن قدم مبارڪ چمي ايمان آڻي چيائين ته مان شاهدي ٿو ڏيان ته اوهان اهي ئي آهيو جنهن جو ذڪر توريت ۾ آهي. مهر نبوت ڏسي چيائين بيشڪ اهي ئي آهيو جنهن جي بشارت حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڏني هئي ته مونکان پوءِ هن وڻ هيٺان سواءِ نبي الامي الهاشمي العربي المڪي صاحب ڪوثر و شفاعت جي ٻيو ڪو ئي نه لهندو(زرقاني).

اتان فارغ ٿي آقاءِ نامدار ﷺ جن بصريٰ جي بازار م مال وڪڻي تمام گهڻو نفعو ڪمايو ۽ وري ٻيو مال خريد ڪري موٽيا. ميسره ايندي ويندي ڏٺو ته هڪ ڪڪر يا ملائڪ کين ڇانو پئي ڪئي. وري راهب جي شاهدي ٻڌي هو گهڻو متاثر ٿيو تنهنڪري حضور ﷺ لاءِ زياده محبت پيدا ٿيس ۽ سندن غلام بنجي ويو(طبقات ابن سعد). جڏهن مڪہ معظمہ واپس پهچڻ وارا هئا ته منجهند جو وقت هو. حسن اتفاق سان بي بي خديجه ان وقت پنهنجي جاءِ جي مٿين خاني تي ڪن عورتن سان ويٺي هئي، سرور ڪونين کي اٺ تي سوار ملائڪن جي ڇانو ۾ ڏٺائين. هي نظارو ٻين عورتن کي به ڏيکاريائين. سڀيئي تعجب ۾ پئجي ويون. پاڻ ڪريم جن ٻاهران آندل مال مڪي ۾ وڪڻي وري به خوب نفعو ڪمايو. ان تي  بي بي صاحبه خوش ٿي چيو ته اڳي مان ٻيڻي نفعي جو انجام ڪيو هو ليڪن هاڻي چؤڻو نفعو ڏيان ٿي(سيرت ابن هشام). بي بي خديجه جنهن حسن و نزاڪت جي جهلڪ ۽ ملڪي ڇانو ڏٺي، مفصل احوال ميسره کان پڇي پنهنجي سؤٽ ورقه بن نوفل جيڪو وڏو عيسائي عالم هو تنهن کي ٻڌايو.انهي چيو ته اهو محمد هن امت جو نبي ٿيندو. مونکي آسماني ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي ته ان نبي جو ظهور هن ئي زماني ۾ ٿيڻو آهي. بي بي صاحبه جهڙي عظيم، شريف، پاڪيزه، عقلمند ۽ دولتمند عورت جنهن جي رشتي لاءِ وڏا وڏا خاندان رجوع ٿي تمام وڏين آڇن بعد به مايوس ٿي موٽي ويا هئا، پاڻ ڪريم ﷺ جن جي حسن اخلاق ميسره ۽ نوفل جي ڳالهين کان سخت متاثر ٿي ساڻن شاديءَ جو ارادو ڪيو. روز ازل کان سعادتمندي ۽ سرفرازي، سيدة النساء العالمين، حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ جي والده ۽ ام المؤمنين ٿيڻ جو شرف، هي سڀ سندس مقدر ۾ لکيل هئا چنانچه نفيسه بنت منبه کي پنهنجي دلي ڪيفيتن کان آگاهه ڪري حضور ﷺ جي خدمت اقدس ۾ موڪليو. نفيسه فرمائي ٿي ته مان سيدالعالمين جي حضور ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو، حضور! نڪاح ڇو نه ٿا ڪريو؟ فرمايائون ايترو پئسو ڪونهي. عرض ڪيم جيڪڏهن سازو سامان ٿي وڃي ته پوءِ؟ پاڻ فرمايو ڇو نه، مگر اهو ڪير آهي! نفيسه چيو اها بي بي خديجه آهي. فرمايائون اهو ڪيئن ٿي سگهندو! نفيسه چيو اهو منهنجي ذمي آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن خوشيءَ سان منظور ڪيو. اها خوشخبري ملڻ تي بي بي خديجه سرور مان حضور ﷺ جن ڏانهن چوائي موڪليو ته فلاڻي تاريخ فلاڻي وقت نڪاح لاءِ اچو. بي بي خديجة الڪبريٰ جو والد خويلد گذاري ويو هو، تنهنڪري پنهنجي چاچي عمرو بن اسد ڏانهن نياپو موڪليو ته اچي منهنجو نڪاح ڪرايو(طبقات ابن سعد). رسول اڪرم ﷺ جن پنهنجي چاچي حضرت ابو طالب وٽ اچي کيس اها ڳالهه ٻڌائي، جيڪو پڻ تمام خوش ٿيو. مقرره تاريخ ۽ وقت تي پنهنجن چاچن ۽ رئيسن سان گڏجي حضرت خديجہ وٽ تشريف فرمايائون. حضرت ابو طالب خطبئه نڪاح پڙهيو ۽ مهر(ڪابينو) پنج سو درهم ادا ڪيائون(ابن جرير طبري). شاديءَ وقت سندن عمر 25 سال ۽ بي بي صاحبه جي عمر 40 سال هئي.

حضور ﷺ جن سان نڪاح کان اڳ بي بي صاحبه ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين ابو هاله بن زاره تميمي سان جنهن مان ٻه پٽ(1) هندا(2) هاله، پيدا ٿيا هئا. ابو هاله جي وفات بعد ٻي شادي عتيق بن عابد مخزومي سان ڪئي جنهن مان هڪڙي نياڻي هندا پيدا ٿي(زرقاني). سندن ٽين شادي حضور جن سان ٿي. ان وقت تائين حضور جن پنهنجي چاچي ابوطالب وٽ رهندا هئا ليڪن هاڻي بي بي صاحبه جي دولت ڪده کي شوق قدم بخشيو. اها جاءِ اڄ تائين دار خديجه نالي سان مشهور آهي ۽ انهي کي نهايت افضل مقام سمجهيو وڃي ٿو. شاديءَ بعد بي بي صاحبه پنهنجو سمورو مال آقاءِ نامدار جي حوالي ڪيو. حضور ﷺ جن کان بي بي صاحبه کي چار نياڻيون(1) بي بي زينب(2)بي بي رقيه(3) بي بي ام ڪلثوم(4)بي بي فاطمه تولد ٿيون. پٽن جي باري ۾ اختلاف آهي تاهم ٻن لاءِ سڀيئي متفق آهن. اڪثر مؤرخ لکن ٿا ته قاسم عبدالله طيب بي بي خديجه جي بطن مبارڪن مان پيدا ٿيو. هو ان تي به متفق آهن ته حضرت ابراهيم کانسواءِ باقي اولاد بي بي خديجه جي بطن مبارڪ مان پيدا ٿيل هين. انهن نياڻين کانسواءِ باقي پيدا ٿيل اولاد ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وين. انهن مان به پهريون ٽي حضور ﷺ جي ئي زماني ۾ گذاري ويون. باقي بي بي فاطمه خاتون جنت، پاڻ ڪريم جي رحلت کان ڇهه مهينا پوءِ جهان فانيءَ ۾ رهي پوءِ برقعو مٽايو.

بي بي خديجه جي نڪاح کان تقريباً 10 سال بعد ڪعبة الله شريف جي ٻيهر تعمير جي صلاح ڪئي ويئي ۽ ڪم شروع ٿيو. جڏهن حجر اسود جي رکڻ جو موقعو آيو ته قريشن ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيو. هر هڪ قبيلو گهري پيو ته ان جي رکڻ جو شرف اسان کي نصيب ٿئي. آخر ان معاملي رسا ڪشيءَ جي صورت اختيار ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيائون. ابو اميه بن مغيره جيڪو ان وقت قريشن ۾ سڀ کان وڌيڪ سن رسيده هو، چيو ته فيصلو انهي شخص تي رکيو وڃي جيڪو صبح سان سڀ کان اول خانہ ڪعبه ۾ داخل ٿئي قدرتاً سڀ کان پهريائين رسول اللهﷺ جن تشريف فرما ٿيا. کين ڏسي قريشن چيو بيشڪ هي امين آهي. اسان کي سندس هر فيصلو قبول هوندو. سمورو قصو ٻڌڻ بعد پاڻ حجر اسود کڻي چادر تي رکي هر قبيلي واري کي چادر جي ڪنڊ کان وٺڻ لاءِ چيو. اهڙي نموني حجر اسود کڻي مقرر هنڌ تي آڻي پوءِ پنهنجي هٿن مبارڪ سان کڻي ڪعبة الله شريف ۾ لڳايائون ۽ مسئلو خير خوبيءَ سان طئي ٿي ويو.

پاڻ ڪريم ﷺ جي عمر اڃا 40 سالن کي پهتي ئي نه هئي ته الله پاڪ سندن طبيعت ۾ گوشه نشيني رکي. گهربل کاڌو کڻي غار حرا ۾ وڃي الله تعاليٰ جي عبادت ذڪر فڪر ۽ مراقبو فرمائيندا هئا،اهو معمول هين. رسول ڪريم ﷺجن جي عمر تقريباً چاليهه سال ۽ چاليهه ڏينهن يا ڏهه ڏينهن ٿي ته هڪ ڏينهن جبريل امين وٽن بشري صورت ۾ اچي چيو”اِقراء“ يعني پڙهه. فرمايائون ”ماانا بقارءِ“ يعني مان پڙهڻ وارو نه آهيان. حضرت جبريل ڀاڪر ڀري ٽي ڀيرائين چوندو رهين ليڪن پاڻ ساڳيو ئي جواب پئي ڏنو. آخر حضرت جبريل”اقراء باسم ربڪ“ کان ”مالم يعلم“ تائين پڙهيو.

هن دفعي حضور ﷺ جن به ساڳئي طرح پڙهي ويا. سبحان الله! جيستائين جبريل اقراءاقراء چوندو رهيو، پاڻ ﷺ نه پڙهيا، ليڪن جڏهن ”اقراء باسم ربڪ“ چيو ته رسول ڪريم ﷺ جن هڪدم قرات ڪري ويا. الله تبارڪ و تعاليٰ کي هي ڏيکارڻو هو ته اي جبريل! فقط اقراء چوڻ سان ڪيترو به زور ڀريندين، منهنجو حبيب نه پڙهندو جيستائين منهنجي نالي سان شروع نه ڪندين تانڪ معلوم ٿئي ته حبيب ڪبريا اڳيئي علم عرفان کان متصف آهن. حضور فرمائن ٿا حضرت جبريل مون وٽان هليو ويو مگر آيتون منهنجي دل تي لکجي ويون. غار حرا کان ٻاهر نڪتو ته ٻڌم”يا محمد انڪ رسول الله وانا جبريل“ يعني اي محمد ﷺ پاڻ الله جا رسول آهيو ۽ مان جبريل آهيان. مان ڏسڻ لاءِ مٿي تڪيو ته آسمان جي ڪناري تي جبريل امين بشري صورت ۾ موجود فرمائي ٿو”يا محمد انڪ رسول الله وانا جبريل“(سيرت ابن هشام) جيتوڻيڪ تاريخ ۾ اختلاف آهي، تاهم 17 رمضان المبارڪ سومر جو ڏينهن چيو وڃي ٿو. جبريل پنهنجو پير مبارڪ زمين تي هنيو ته اتان چشمو نڪتو، ان مان وضو ڪري ٻه ٻه رڪعتون نماز پڙهي. حضور ﷺ جن به ساڳئي نموني وضو ڪري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪئي.

بعد ۾ اهو سمورو قصو اچي گهر ۾ ٻڌايو، جنهن تي چئن ماڻهن سردست بنا سوال جواب جي نبوت جو اقرار ڪندي ايمان آندو. عورتن ۾ بي بي خديجة الڪبريٰ، ٻارن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهہ، مردن ۾ حضرت ابوبڪر صديق ۽ آزاد ڪيل غلام زيد بن حارث(تاريخ طبري)

حضرت ابوبڪر صديق پنهنجي قوم ۾ مقبول، محبوب، ذي نسب ۽ نرم مزاج هو. اسلام آڻڻ بعد جن تي کيس ڀروسو هو تن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائين. عثمان بن عفان، زبير بن العوام، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص ۽ طلحه بن عبدالله سندس هٿ تي اسلام قبولي پوءِ حضور ﷺ جن وٽ اچي باقاعده اصحابي ٿيا.

دين اسلام جي اعلانيه تبليغ سان قريشن جي وڌندڙ مخالفت ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندي ويئي. جن ايمان آندو هو، حضور ﷺ جن مجبور ٿي انهن کي حبش ڏانهن هجرت جو حڪم ڏنو، ڇاڪاڻ ته حبش جو بادشاهه نجاشي عادل هو. نبوت کان پنج سال بعد حبش ڏانهن ويندڙ مهاجرن جو پهريون ٽولو جنهن ۾ پندرهن ماڻهو يعني يارنهن مرد ۽ 4 عورتون شامل هيون متفرقه طور خفيه نموني شيعبه بندر تي آيا جتان کين تجارتي جهازن اڌ اڌ دينار ڪرايه تي کنيو. قريشن پيڇيو ڪيو ليڪن جهاز اڳ ۾ نڪري ويا.

انهن مهاجرن ۾ حضرت عثمان بن عفان ۽ سندن اهليه بي بي رقيه (سيد العالمين جي نياڻي) شامل هئا (تاريخ طبري) ان دوران امير حمزه ۽ حضرت عمر فاروق به اسلام قبول ڪيو. هاڻي ڪافر ظاهر طور مقابلي جهڙا نه رهيا. حضرت ابو طالب ۽ بي بي خديجة الڪبريٰ هجرت کان ٽي سال اڳ داعي اجل کي لبيڪ چئي موڪلائي ويا.

سندن انتقال بعد حضور ﷺ جن کي ايترو ته سخت صدمو پهتو جو ان سال کي ”عام الحزن“ يعني غم جو سال سڏڻ لڳا. اڳ ڪافر حضرت ابو طالب جو خيال رکندا هئا، هاڻي ته اڳ کان وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا. حضور ﷺ جن مجبور ٿي مڪه معظمه جي اصحابن کي مديني منوره ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ چيو. ان بعد هو آهستي آهستي موقعو ملڻ تي مديني شريف ويندا رهيا.

پاڻ ڪريم ﷺ جن هجرت لاءِ ايزدي ارشاد جي انتظار ۾ پوئتي رهيا. حضرت علي ڪرم الله وجهہ ۽ حضرت ابوبڪر صديق کانسواءِ ٻيا جيڪي اصحاب مديني وڃڻ کان رهجي ويا هئا تن کي ڪافرن قيد ۾ رکيو يا سخت تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو صديق اڪبر بار بار هجرت جي اجازت پئي گهري ليڪن سيد ڪونين فرمايو پئي ته ترسو، متان مان به توهان جو ساٿي ٿيان. ابوجهل قريشن کي چيو ته هر هڪ قبيلي مان هڪ دلير جوان مرد چونڊيو انهن  کي ترارون ڏيئي موڪليون.

حضور ﷺ جن کي هلاڪ ڪري ايندا ته قصو ختم ٿيندو ۽ ڇٽي پونداسين. قصاص سڀني تي ورهائجي پوندو ۽ بنو مناف ۾ اها طاقت نه آهي جو سڀني قبيلن سان مقابلو ڪن تنهنڪري مجبورا ديت قبول ڪندا معاوضو ڀري ڏينداسين، اها ڳالهه سڀني کي وڻي ويئي نيٺ پروگرام ٺهي ويو. ان حالت ۾ حضرت جبريل، حضور ﷺ جن کي اچي ٻڌايو ته اڄ رات پنهنجي بستري تي نه سمهجو. حسب قرار داد، قريش رات جي وقت سندن دروازي تي گڏ ٿيڻ لڳا. جڏهن ڏٺائون ته ڪافر اچي سهڙيا آهن. تڏهن حضرت علي کي فرمايائون ته منهنجي سائي چادر ويڙهي سندم بستري تي آرامي ٿيو اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو. ان کان اڳ ماڻهن جو امانتون به حيدر ڪرار جي حوالي ڪيون هئائون، جيئن ٻئي ڏينهن اهي مالڪن کي ڏيئي پوءِ مديني اچن. اهڙي نموني نبوت بعد 13 سال مڪي ۾ گذاري مديني منوره هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا.

ڪافر ابوجهل سميت سندن گهر کي گهيرو ڪري بيٺا ئي هيا ته پاڻ مٽيءَ جو ٻڪ سندن منهن ۾ هڻي ٻاهر نڪري ويا، ڪنهن به نه ڏٺن. هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جيڪو گهيري ۾ شامل نه هيو، انهن کي ٻڌايو ته حضور ﷺ جن اوهان کي منهن ۾ مٽي هڻي نڪري ويا آهن. منهن مٿي کي هٿ لائي ڏٺائون ته واقعي مٽي لڳل هئي. اندر وڃڻ سان فقط حضرت علي ڪرم الله وجهہ نظر آين. سخت شرمنده ٿيا. رسول ڪريم ﷺ جن اتان سڌو حضرت ابوبڪر صديق جي گهر آيا جتان غار ثور جو رخ ڪيائون.

حضرت صديق اڳ ۾ ئي تياري لاءِ ٻه ڏاچيون پالي مزدوريءَ تي بني عبد بن عدي جي بني سهم جي خاندان عاص بن وائل جي هڪ شخص جي حوالي ڪيون هيون. ايمان نه آندو هئائين، ليڪن قريشن جو مخالف ڀروسي جهڙو ماڻهو رستي جو سونهون هو. کيس چيائون ته فلاڻي رات اسان وٽ فلاڻي وقت اچجانءِ. انکان علاوه فهيره جيڪو صديق اڪبر جو ٻانهو سندس ٻڪريون چاريندو هو.

ان کي چيائون ته شام جو ٻڪريون غارثور وٽ آڻيندو ڪر، جيئن انهن جو کير يا گوشت وغيره کائون. ان کانسواءِ عبدالله بن ابوبڪر کي چيائون، ته تون سڄو ڏينهن ڪافرن جون ڳالهيون ٻڌي اچي شام جو احوال ڏيندو ڪر. غارثور ۾ اسماءِ بنت ابوبڪر، جنهن ايمان ته اندو هو ليڪن ڪافرن ۾ ڏنل هئي، حضور ﷺ جن وٽ اهڙي وقت ماني پهچائي ويندي هئي، جو کيس ڪوئي نه ڏسي سگهي. ياد رهي ته پهرين موقعي تي قريش هنن ٻنهي ساٿين جو پيڇو ڪيو ۽ غارثور وٽ به آيا ليڪن ان جو منهن انتهائي سوڙهو هيو ٻيو ته منهن وٽ ڪوريڙي جو ڄار ۽ ان ۾ ڪبوتر جا لٿل آنا ڏسي سوچيائون ته هن ۾ گهڻي وقت کان ڪوئي اندر نه ويو آهي، تنهنڪري خالي موٽي ويا. پروگرام مطابق آخري رات اٺن وارو نوڪر ٻيئي اٺ ڪاهي آيو.

عامر بن فهيره جنهن اسلام قبول ڪيو هو تنهن کي به خدمت جي خيال کان گڏ کنيائون ۽ چار ئي مديني روانا ٿيا. اصحابن کان روايت آهي ته جڏهن اسان حضور جن جي مڪي کان نڪرڻ جو ٻڌو، مديني ٻاهران سندن اچڻ جو روز انتظار ڪندا هئاسين.

نيٺ 12 ربيع الاول سومر ڏينهن سج لڙئي بعد ”قبا“ ۾ عمرو بن عوف وٽ پهتا. حضرت علي ڪرم الله وجہ به ٽي ڏينهن مڪه مڪرمه ۾ رهي ماڻهن جون امانتون واپس ڪري روانو ٿيو ۽ ”قبا“ ۾ اچي حضور ﷺ جن سان گڏيو. رسول ڪريم ﷺ جن اتي مسجد قبا جو بنياد رکيو ۽ اڄ تائين هي مسجد اول جي نالي سان مشهور آهي. جمع ڏينهن قبا مان روانو ٿي بني سالم بن عوف وٽ پهرين جمع نماز پڙهي اتي به مسجد قائم ڪئي. جمع جو خطبو پڻ پڙهيائون جيڪو اسلام ۾ جمع نماز جو پهريون خطبو هو.

 

*

الله وياج کي گهٽائي ۽ خيرات کي وڌائي ٿو ۽ جيڪي بي شڪر (سندس) چوڻ نه ٿا مڃن خدا انهن کان راضي ناهي (القرآن)

۽ انصاف سان سڌي توريو ۽ گهٽ نه توريو. (القرآن)

سچو ۽ امانت دار سوداگر قيامت جي ڏينهن صديقن ۽ شهيدن سان گڏ هوندو. (ترمذي)


 

خادم حسين ڀنڀرو

انسانيت جو محسن اعظم ﷺ

 

سرور ڪائنات، پيشوائي انبياءِ، هادي برحق، رحمت للعالمين، فخر موجودات، محبوب خدا، حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ ﷺ جن پوري انسانيت جا محسن اعظم هئا، سندن پيغام ۽ تعليمات هڪ جهڙا عالمگير آهن، ڪنهن خاص فرقه، ملڪ يا زماني لاءِ مخصوص ڪونه آهن.ٻين مذهبن ۽ پيغمبرن جي زندگيءَ ۽ ڪمن تي نظر وڌي وڃي ته هيءَ ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن به انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ۽ ان جي علم و افتخار جي لاءِ ايترو پائيدار ۽ زبردست ڪم نه ڪيو آهي، جهڙي طرح رسول ڪريم ﷺ جن ڪيو. سندن احسان عظيم جي ڪري انسانيت ڪنڌ مٿي نٿي کڻي سگهي.

صرف نبي آخر زمان صلي الله عليہ وسلم جي ذات وصفات اهڙي آهي جنهن جي متعلق دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته تمام دنيا بنا امتياز رنگ ۽ نسل، وطن ۽ تمدن سندن تعليمات جي ممنون آهي، نه ته ٻئي ڪنهن هاديءَ يا معلم جي تعليمات، خاص زماني ۽ علائقي کان وڌيڪ نه هيون ۽ اهي هڪ مخصوص طبقه لاءِ هيون، پوري دنيا لاءِ نه. رسول ڪريم ﷺ جن جو احسان عظيم هيءُ به هو ته پاڻﷺ جيڪو پيغام ڏنائون اهو پوري ڪائنات ۽ ٻنهي جهانن لاءِ ڏنو. سندن رحمت ۽ احسان جي بارش سڀني تي هڪجهڙي پيئي.

قرآن پاڪ ۾ آنحضرتﷺ جن کي ”رحمت للعالمين“ سان مخاطب فرمايو ويو آهي. پاڻ ﷺ دنيا جي لاءِ هڪ رحمت ۽ اڪرام بنائي موڪليا ويا هئا. انسانيت جيتري قدر به ان تي ناز ڪري گهٽ آهي.

حضور ڪريم ﷺ جن جي سيرت پاڪ جون خصوصيتون صرف هي ڪونه آهن ته پاڻ ﷺ سڳورن انسانيت جو درجو بلند ڪرڻ لاءِ بي غرض خدمتون ڪيون، حيرت انگيز ذاتي، جسماني ۽ مالي ايثار کان ڪم ورتو، انسانن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيائون ۽ پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي ڀلي لاءِ صرف ڪيائون. بلڪ پاڻ  ﷺهڪ اهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي جنهن جو نظير دنيا پيش ڪرڻ کان قاصر آهي.

رسول خداﷺ جن جي تعليمات انهن جي زندگيءَ ۾ اهڙا حيرت انگيز نتيجا برآمد ڪيا جو ڪنهن به مذهب جي رهبر ۽ هاديءَ جي زندگي ههڙي ڪاميابي ڏيکارڻ کان قاصر آهي. سڀ کان پهريائين حضور ﷺ جن عرب جي اصلاح ڪئي.

مثال موجب نيڪي گهر کان شروع ڪئي ويئي، ۽ دنيا اڄ حيرت سان ڏسي رهي آهي ته رسول الله ﷺ جن عربن جي حالت بدلائي ڇڏي ڪيئن نه انهن جي بدعادتن، بڇڙين رسمن ۽ بربريت کي فلاح ۽ نيڪيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ خدائي اطاعت جي صف ۾ آڻي بيهاريو. جيڪي هڪ ٻئي جي جان جا دشمن هئا اهي پاڻ ۾ سيهي جي ديوار وانگر صف بسته ٿي ويا، ۽ دنيا ڏٺو ته اهي ئي عرب دنيا تي ڪهڙي طرح ڇانئجي ويا ۽ اسلام جي حقانيت جو ڌاڪو دنيا جي جاهل ۽ سرڪش قومن کي مڃائي ڇڏيو. جاهليت ۽ ظلمت ۾ ٻڏل عربن علم و عمل ۽ ذهني بلندي ۽ فوقيت ۾ دنيا کان جيڪو خراج تحسين وصول ڪيو. اهو حضور ﷺ جن جي تعليمات جو سڌو سنئون مظاهرو آهي. ڇا انسانيت انهن احسانن کان انڪاري ٿي سگهي ٿي، جيڪي اسلام مٿن ڪيا آهن؟ عربن جي تمدن ۽ سندن ڪاميابي مان اڄ تمام انسانيت فائدو حاصل ڪري رهي آهي. پر هي صاف ظاهر آهي ته هي سڀ ڪجهه انسانيت ۽ تمدن عالم جي بچائڻ واري رهبر اعظم حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي تعليمات ۽ پيغامات جو نتيجو آهي.

حضور ڪريم ﷺ جن جي تعليمات ۽ ڪارنامن جو دائرو وسيع ٿي ويو ۽ جيڪو ڪم قوم عرب جي اصلاح لاءِ شروع ڪيو ويو هو، جو نهايت ڪامياب رهيو ۽ سڄي دنيا جي لاءِ عام ٿي ويو، جنهن ۾ عرب ۽ غير عرب، ڪاري، گوري، عالم، جاهل، امير، غريب، ڪمزور، طاقتور، مطلب ته ڪنهن به شيءِ جو امتياز نه رهيو. ڇا دنيا جي ڪنهن رهبر مذهب جي خدمات جو اهڙو شاندار امتيازي باب ڏيکاري سگهجي ٿو؟

رسول الله ﷺ جن جي مبارڪ زندگي هونئن ته هڪ جهڙي رحمت ۽ برڪت آهي، مگر دنيا ۽ انسانيت تي جيڪي سڀ کان وڏا احسانات پاڻ سڳورن ﷺ ڪيا آهن، انهن ۾ به ايتري قدر ممتاز ۽ قابل فخر آهن، انهن جو نظير نٿو ملي. اهي ٻئي امتيازي ڪارناما هي آهن:

(1) حضور جن دنيا جي تمدن کي برباديءَ کان بچائي ورتو نه ته تمدن جي نظام جو قطعي برباد ٿيڻ يقيني هو. رومن تهذيب جي زوال کان پوءِ يورپ ۽ اقوام عالم جنهن جهالت ۽ بربريت جي دور مان گذري رهيا هئا، ان جا حالات پڙهڻ سان ڏڪڻي اچيو ٿي وڃي. رسول الله ﷺ جن جو هيءُ احسان عظيم دنيا ڪڏهن به ڪو نه وساريندي جو پاڻ ﷺ اونداهيءَ ۽ ظلمت ۾ هدايت جي روشني ڏيکاريائون ۽ تمدن جي هڪ زبردست انهدام کي بچائي ورتائون.

(2) ٻيو احسان عظيم هي آهي جو حضور ﷺ جن انسانيت کي هڪ رشته ۾ ڳنڍي ڇڏيائون. اخوت، مساوات ۽ امن آشتي کي واحد اداره ۾ شامل ڪري دنيا کي ترقيءَ ۽ امن جي رستي تي آندائون. انهيءَ لحاظ کان به رسول خدا ﷺ جن انسانيت جا نجات ڏياريندڙ آهن ۽ امن عالم جا زبردست موسس قرار ڏنل آهن.

هيءَ واقعو آهي جو رسول الله جن جي جلوه افروز ٿيڻ کان اڳ دنيا تي جهالت ۽ بربريت جي ڪاري چادر چڙهي پئي هئي. هندومت، زردشتي، رهب، عيسائيت يا يهوديت، مطلب ته ڪو به مذهب اهڙو نه هو جنهن جي تعليمات ۽ پيغامات کي ماڻهن پس پشت ڪري ان جي برعڪس راه اختيار نه ڪئي هجي. ڪنهن به قوم تي مذهب جو حقيقي اثر برقرار ڪونه رهيو هو، ۽ دنيا انهي اونداهي دور ۾ ڀٽڪي رهي هئي.

سڀني مذهبي پيشوائن ۽ ديني رهبرن جي تعليمات کي ماڻهن وساري ڇڏيو هو. عيسائيت، جيڪو سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ”گهٽ عمر“ مذهب هو، برباد ۽ تلف ٿي چڪو هو. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پاڪ تعليمات کي قطعي وساريو ويو هو. سرور ڪائنات ﷺ جن عرب ۾ هدايت جي شمع روشن ڪئي ۽ عربن ان جي روشني دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏي. رشد و هدايت سان تمام دنيا کي جلوه گر بڻائي ڇڏيائون. جيڪي اهل بصيرت هئا سي صداقت جي رستي تي اچي ويا ۽ جيڪي بي بصر هئا سي اڄ تائين گراهيءَ ۾ ڀٽڪي رهيا آهن.

دنيا کي نجات ڏياريندڙ ۽ تمدن کي بچائڻ وارو جيڪڏهن ڪو انسان عظيم هو ته اهو عرب جو امي رهبر هو، جنهن عالمگير اخوت ۽ امن عالم جو مضبوط ۽ مستحڪم بنياد وڌو، ڇو ته سندن بغير ڪو به تمدن استوار نٿي چورائي سگهيو. هيءُ هڪ واقعو آهي ڇو ته بنان ڪنهن اتحاد، عمل ۽ اعتقادات جي ڪو به تمدن نٿو بڻجي سگهي. جنهن قدر هيءُ دائره اتحاد و اخوت وسيع ٿيندو، اهڙي طرح تمدن به وسيع، همہ گير مستحڪم ٿيندو رهندو ۽ ان جو اثر پائيدار ۽ همه صفت ٿيندو.

اها حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ذات گرامي هئي جو سندن ذهن ۾ اتحاد عالم جو زبردست خيال پيدا ٿيو، نه ته هن کان اڳ ڪنهن به مبلغ پنهنجي وطن قبيلي قوم يا زمانه جي حدن کان ٻاهر قدم ڪونه رکيو هو، ۽ نه انهن جي تعليمات تي ماڻهن ڪو ڌيان ئي ڏنو. حبيب ڪبريا حضرت محمد ﷺ جن سڀ کان پهرين عالمگير انسانيت جو هڪ زبردست اداره قائم ڪيو، جنهن جو بنياد مساوات ۽ اخوت تي رکيائون ۽ انهيءَ خيال ۽ پروگرام کي انتهائي ڪاميابيءَ سان عملي جامه پهرائي ڏيکاريو. بني نوع انسان جي هن رهبر جو هيءُ ڪارنامو سڀ کان زياده اهم ۽ درخشان آهي. خود الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ پنهنجي لاءِ ”رب العالمين“ جا لفظ استعمال ڪيا آهن، ”رب بني اسرائيل“ يا ”رب الناصرين“ ڪونه لکيو آهي. هن مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خدائي پيغام سڀني انسانن لاءِ عام آهي، ڪنهن خاص فرقي يا زماني تائين محدود ڪونه ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سچ ۽ حق جي پيغام کي دنيا ۾ پهچائڻ وارو هادي ۽ رهبر محبوب خدا ﷺ جن به پوري ڪائنات جي لاءِ رحمت بڻجي آيا ۽ سندن پيغام حريت و اخوت به تمام انسانيت جي لاءِ آهي. حضور ڪريم ﷺ جن جي تعليمات سڀني انسانن کي هڪ رشته ۾ منسلڪ ڪري هڪ عالمگير برادري قائم ڪري ڇڏي، جنهن تي اسان کي ناز آهي پر ان سان گڏ سندن ڏيکاريل رستي تي پوري طرح عمل ڪرڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي.

*

۽ سڀيئي (گڏجي) الله (جي دين) جي رسي کي پڪڙي رکو ۽ هڪ ٻئي کان الڳ نه ٿجو ۽ الله جو اهو احسان ياد ڪريو جڏهن اوهان (هڪ ٻئي جا) دشمن هئا ۽ پوءِ الله اوهان جي دلين ۾ محبت پيدا ڪئي ۽ اوهان ان جي فضل سان ڀائر بڻجي ويا.

(القرآن).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com